سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :2

ان طرح سنڌي ادبي بورڊ پريس جي مئنيجر  مسٽر الله بچايو يوسف زئي، ۽ پريس جي سمورن ڪارڪنن ۽ مسٽر ”انور“ هالائي، اسٽنٽ ايڊيٽر جو شڪريو ادا ڪجي ٿو، جن خلوص ۽ محنت سان تعاون ڪيو. – غ. م گ

”سمنڊ جي ڪناري تي بيهي، لڏندڙ لمندڙ جهازن کي ڏسڻ سان هڪ طرح جي خوشي پيدا ٿئي ٿي: ڪنهن وڏيءَ ماڙيءَ جي دريءَ وٽ بيهي، هيٺ لڙائي هلندي ۽ ماڻهن کي مرندي ڏسي به هڪ طرح جي خوشي پيدا ٿئي ٿي: پر جا خوشي سچ جي اُتانهينءَ ٽڪريءَ  تي بيهي، هيٺ ماٿر ۾ ڀلن  چڪن، بخارن ۽ طوفانن کي ڏسڻ سان ٿئي ٿي، تنهن جهڙي ٻي ڪائي خوشي ڪانهي --- پر شرط اهو آهي ته ڏسندڙ  ۾ نهٺائي ۽ رحم هجي.“

--لوڪريشس، هڪ رومي شاعر.

شعر

 

خيال جي اظهار جي آزادي هڪ بيمثل ۽ نعمت آهي . يورپ جي اديبن، مفڪرن ۽دانشورن سوَن سالن جي قلم

ي جهاد سان ۽ قيد جي انڌارين ڪوٺين ۾ سڄين ڄمارن ڪاٽڻ ۽ عيسائي علمائن ۽ مشائخن جي ٻارايل باهين جي مچن ۾ چپ چاپ جلي رک ٿي وڃڻ سان، مس مس اها آزادي هڪ حد تائين حاصل ڪئي . يورپ ۽ ٻيءَ مغربي دنيا جي سڄي ترقي، جيڪا پوءِ انهن ڪئي، ۽ جيڪا اڄوڪي انسان جي سموري ساک، سلامتيءَ ۽ ثقافتي عظمت جو بنياد ۽ ضمانت آهي، سا هوخيال جي اظهار جي ان آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪري سگهيا . اڄ ايشيا جا اڪثر ملڪ ۽ اولهه ايشيا جا سڀ ملڪ (جن کي يورپ جي زبان ۾ ”وچ اوڀر“ چيو وڃي ٿو.) جو ايتري قدر پست ۽ويچارا آهن، سي انهيءَ ڪري جو بي سرتيو، اونداهو ۽ انڌو فڪر مٿن قابض آهي ۽ اُنهن جي اڳيان اهو ايئن پيش ڪيو پيو وڃي. ڄڻ عين عقل ۽ اصل سوجهرو ۽ نور اهو ئي آهي! هيءَ ”تنقيد۽ تحقيق“ . انڌي ويساهه ۽ اکين رکندڙ عقل جو مسئلو آهي ۽ ئي مسئلو آهي، يعني خيال جي اظهار جي آزاديءَ جو مسئلو، جيڪو سنڌ جي، بلڪ پاڪستان، سڄي ايشيا، اولهه ايشيا ۽ دنيا جي ٻين سڀني پوئتي پيل ملڪن جي لکندڙ ۽ پڙهندڙ جو مسئلو آهي ،

محمد ابراهيم جويو   

مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“

قطعا

(1)

هزارين رنگ بدلائي ڏٺاسون،

پروان جا به ڳڻ ڳائي ڏٺاسون.

فقط پنهنجي دران ٿيو حل ”مشڪل“

ٻيا در ڪيئي کڙڪائي ڏٺاسون.

(2)

گهڻا حرمين مان وحدت وٺن ٿا،

گهڻا دگران جان دائم ٿين ٿا.

گهڻا مومن محبت ۾ مچن ٿا،

گهڻا حاجي به رهزن ٿي اچن ٿا.

(3)

ڪٿي برسر وڏائي تاج  آهن،

ڪٿي محبوب جا معراج آهن.

ڪٿي مسڪين مولائي چڱا مڙس،

ڪٿي عاشق مزاج الحاج آهن.

(4)

 خيال ئي ٿو ٿئي بيمار اول

خيال ئي ٿو ٿئي بيڪار اول.

خيال ئي ٿي تي سڀئي دارومدار آهه،

خيال ئي ٿوٿئي بيدار اول.

ٺلهي بڪ بڪ ڪرڻ سان دل مري ٿي،

گهڻي چپ چپ هئڻ سان دل چئي ٿي.

فقط گونگو به ٿيڻو ڪو نه آهي،

رڳو ”هپ“ (1) ئي نهڙا  آخر نئي ٿي .  

(6)

زماني ۾ هلڻ سان ئي هلڻ آهه،

هلي ڪنهن ڏي وڃڻ سان ئي وڃڻ آهه.

ڪري همدردي، همدردي ئي وٺبي،

ڪهين وٽ پڻ اچڻ سان ئي اچڻ آهه .

(7)

هزارن هوندي هڪڙو پاڻ آهي،

اهوئي، عقل جو اُهڃاڻ آهي.

ڪبي خدمت هميشہ پنهنجي پاڻهي

هتي سر جي بلا سر ساڻ آهي.

(8)

محبت ڏينهن هڪڙي لئه نٿي ٿئي،

محبت زندگيءَ لاءِ آهه ٿيندي.

محبت زندگيءَ جي لاءِ ضامن،

محبت هر ڪهين سان ناهه ٿيندي.

(9)

جي زخمن تي زبان مرهم نه لاتو،

ته پوءِ چئبو مقّرر ڪجهه نه ڄاتو.

اتي ڪا بدزباني ڪانه گهرجي،

اهو گُرُ ڪنهن نه اڪثر آهه ڄاتو.

(1) مُنهن سُڄائي ماٺ ۾ ويهڻ .

 •G. Allana.

The Awakenning

       In a language without words

        Or Voice Your Beauty spoke:

        Tongue-TIED I listened, entranced,

       As if you were a silent river

        That quietens with her calm

        The roar and thunder of a water-fall

        In the hidden depths of her bowl.

       My soul, enchanted, set sail

        On the hopeful sea of dreams,

       Where your love bestowed

        The gift of Song.

·                     جي – الانا

ترجمو: ڊاڪٽر اسدالله شاه ”بيخود“ حسيني

بنا لفظن ۽ آوازن جي، تنهنجي حسن ڪيو ڪو خطاب سڄڻ.

جيڪا ٻولي ٻڌم تنهن جادو ڪيو، ٿي گنگ زبان چَپ ڪونه چُريو،

آءٌ ڏئي نه سگهيس ڪو جواب سڄڻ.

ڄڻ اهڙو آهين تون دريا،  جنهن ۾ آهه رڳو چپ چاپ سدا،

جنهن جي انت جو ناهي حساب سڄڻ.

هن خاموشيءَ ۾ گم ٿيو وڃن،  جيڪي گوڙ ۽ شور سان پاڻي وهن،

ڪئن ڪير جهلي ڪو تاب سڄڻ.

منهنجي روح جي ڪشتي حيرت مان، هن بحر عميق ۾ ٿي ويئي روان،

ڏ‎‎ٺئين حسنِ اميد جو خواب سڄڻ.

تنهنجي حسن ڪيو پوءِ مون کي عطا، سڪ، سوز ۽ راڳ ۽ رنگ مٺا

مون کي جيڪي سريو سو ثواب سڄڻ.

بيت

·                     رحيم بخش ”قمر

واحد وڻ پيدا ڪيو، سُرهي بوءِ سندياس،

پختي پاڙ تري ۾، رازق رَبّ رکياس،

آهن عرش عظيم سنئين، ٽاريون صاف سند رياس،

بيحد ڀؤنر ڀنڀوريون، پوپٽ پيش پياس،

راتيان، ڏينهان پيون وٺن، وحدت وارو واس،

”قمر“! ڏاڍي قرب سين، تنهن جي رکج شناس،

رازق “ سو وڻ راس، ڪيو پنهنجي ڪرم سين!

___

ڪيا پنهنجي ڪرم سين، واحد! پيدا وَڻ،

هڪ ساوا ٻيو سرها، ٽيون ميوا ڏين مَڻ،

راحت ڏين روح کي، گهاٽن جي ٿي گهَڻ،

سڱر، ٽاريون، پلڙا، دائم چرن ڌَڻ،

خوش ٿي ٻڪريون کير ڏين، ٿلها جن جا ٿَڻ،

پنو هاريون پريت مان، ججهي پين جهَڻ،

منهنجي ملڪ ملير ۾،ماکيون جام مکڻ،

کٻڙ کٿوريا ٿا ڏين، پيرُن سندا پَڻ،

ڳهلا ڪريو ڳڻ، شجر پوکيو شوق سين!

----

پوکيو شجر پاڪ، پارس ڌرتيءَ پاڪ تي،

ٿئي جنهن سين ديس جي، هنڌين ماڳين هاڪ،

چِڙيون چورين چاڪ، لامن مٿان لاکو چئي،

شجر پوکيو شوق سين، جن جي ڇانوَ ٿڌي،

ويتر ڏين وڌي، ميوا، ٽاريون ميٺ سين.

----

شجر پوکيو شوق سين، گهڻا گهاٽا،

ميون جا ماٽا، ”قمر“! ڏين قرب سين.

____

شجر پوکيو شوق سين، گسن پاسي گهوٽ،

سپر ٿين سيلاپ لئي، ڪنڌيءَ قطارون ڪوٽ،

چئني پاسي چوٽ، ڏين منهن مٽيءَ سين.

___

لاکا پوکج لَکّ، واٽن پاسي وڻ،

ڪاغذ، ڪشتي، ڪک، جُڙيا جنهن جو جوت سين.

مير محمد مصطفيٰ چيو گهوٽ گلاب،

وڻ پوکڻ وڏو آٿَو، سدائين ثواب،

لکن ٿا ”لاکو“ چئي، ڪاتب خوب ڪتاب،

”رحيم بخش“ رباب، وڄائج وحدت جو.

پکين جي پريت سان، لامن مٿان لوڏ،

ڪوڏاڻا ۽ ڪوڏ، ٽليو ڏين ٽارين تي.

___

چتونئڙا چنگ، وڄائين وڻن تي،

ڳيرا پنهنجي ڳوٺ ۾، جهرڪيون پاسي جهنگّ،

”رحيم بخش“ رنگ، پالڻهار پسائيا.

 

·       غلام نبي ”عاقل“

سرڪاموڏ

ڪنڌي ڪينجهر وٺيو، ڄلي هوريان ڄام

مٿي نوريءَ نظر پئي، وڃي جيئن وريام،

اُنهيءَ مهل انعام مڃر مهاڻن مليو.

___

گِهه ۾ گندرن آڱريون، پنجئي اڄ پييون،

مڃر مهاڻن کي وڃي، ڏان سمو ڏييون،

ورهن جون وييون، مونجهون مهاڻن سنديون.

____

ڄرڪا وڏا ڄنگهه کان، اڏيون ڪهاڙيون ڪپ،

اچيو وِهن اُتهين، جتي ککيءَ کپ،

ڌڙ ۾ جنين ڌپ، تن کي تماچيءَ گڏيو.

___

پوپرا ۽ پوئڪيون، گوجون ۽ گانگٽ،

ڏين ڏنڀرا توريون، وجهي کوٽا وٽ،

ڄام اهڙا ڄٽ، سڏي اڄ سيڻ ڪيا.

___

ڏينهن سڄو جي ڏاهيون، شاڪر مارن شام،

بوءِ جن جي بت مان، ڪڏهن ويندي ڪام،

سي ڄارن وارا ڄام، ڪولِ ڪيا هِن پانهنجي.

____

مڇيءَ سندي مارڻ جي، وات جنين وائي،

اڱڻ تن آئي، ڄڃ تماچيءَ ڄام جي.

___

اُٿي ڪن جي عصر جو، رَڙا کائي رَڄُ،

اڱڻ تنين اڄ، تماچيءَ ڄام جي.

___

کنيون ڌپ کِکيءَ جي، وڃي ويٺيئي،

اڄ پڻ اتيئي، ڄڃ تماچيءَ ڄام جي.

مَنَهِن جن جي موريون، کِکِيُن سندا کوڙ،

ٻَڌي تن وٽ موڙ، اڄ پڻ تماچي آئيو.

___

هيلايا جي هيٺئون، ڪينجهر ۾ ڪارا،

هميشهه جن جي هٿ ۾، ککيءَ جا کارا،

اُتي اوتارا، اچي تماچيءَ اڏيا.

____

مور نه اڄ مڃر ۾، مڇي ڪو ماري،

نڪو وڪڻڻ ڪو ويو، کڻي منجهه کاري،

ٻَڌيون سڀن ٻيڙيون، ڪينجهر ڪناري،

اڄ پڻ اوتاري ، ايندو تماچي تن جي.

___

ڪوڙين اڄ ڪينجهر ۾، جهلڪا جهنَڊين جا،

مَڪُڙي مينديءَ هار کان، ڪانهي واندي ڪا،

لٽا لِيَ لڳا، مور نه ڪنهن ملاح کي.

___

مياڻين منجهه ميريون، ڪنڌيءَ تي ڪاريون،

سمي کي ساٺ ڪري، نچن اهي ناريون،

مڇيءَ جون ماريون، تُرن پاوَ گلن ۾.

___

ٻڌل ڪلئي ٻيڙيون، ساڪا سِڙهن کي،

سمي سڳداسن چاڙهيون، ديگيون دَنگُين تي،

ڏٽي سڀن ڏئي، ڦِڪَن سنديون ڦيلهيون.

___

آنگئين عضوين عاد تين، چالئين پڻ چڱي،

مهاڻي مڱي، تڏهن تماچيءَ ڄام سان.

___

انگين عضوين عادتين، عقل منجهه عجيب،

هئا ٻيا هنجا، ڪوجها ڪل قريب،

نوريءَ لڳ نصيب، مهاڻن مٿاهان ٿيا.

___

انگين عضوين عادتين، سيرت منجهه سٺي،

اُنهي ڪَرَ اُٺي، مهر مهاڻيءَ ڌيءُ تي.

___

انگين عضوين عاد تين، مور نه مهاڻي،

ڪئي نالي پانهنجي، سمي سڃاڻي،

نوري نماڻي، سڏجي راڄ جي.

___

سمو سونهن نه موهيو، نڪو مورُ مجاز،

مٿي نوريءَ نياز، هِنيون تماچيءَ هر کيو.

___

سرجي ڪانه سمين ۾، نه ڄامن ۾ ڄائي،

سندس ڪو سومرئين، ڀيڻ نه هو ڀائي،

نوريءَ منجهه نياز هو، سونهان سوائي،

اُنهي ڪَر آئي، تڪيي تماچيءَ ڄام جي.

___

مهاڻيءَ محلات ۾، پاتا جئين پير،

ويس ٻيڙيون وسري، سندا مڃر سير،

سندا سمُين ڀير، ماڱر مڙيئي سکيا.

___

اُڀي جيڪا اُس ۾، مڇي اڳ ماري،

ويهي چؤواٽن تي، ڏنڀرا جا ڏاري،

سمي سينگاري، سا راڻي ڪئي راڄ جي.

___

ڊونڊي ڇڏيائين ڍنڍ ۾، ڪنڌيءَ ڪل ڄارا،

مار ڏٺا مِٽن کي، ککيءَ جا کارا،

ڪاتيون ڪهاڙا، مڙئي مهاڻيءَ ڇڏيا.

___

ڊونڊي هنيائين ڍنڍ ۾، ٻيڙي هنيائين ٻن،

کِرا ڄاريون کوڙُ ڪري، تِمِلي ڏٺائين تن،

سکي سرس سمن، راڻين واريون.

____

ويڻي توڙي ونجهه کي، هٿ نه لائي هڏ،

گندري نڪو گڏجي، ڪلمي چاڙهي ڪڏ،

سمي سندي سڏ، آئي جاڪون ”عاقل“ چئي.

___

مٿئون بوندون مينهن جون، کنوڻ کنوين پيئي،

سمو گندري سير ۾، ٻيڙيءَ تي ٻيئي،

سيرڪن سيئي، ڊونڊيءَ چڙهي ڍنڍ جا.

___

مٿئون بوندون مينهن جون، ڪينجهر وچ ڪَٽار،

ماڱر ڪاهي مڪڙي، ڄام اڇولي ڄار،

تماچيءَ تنوار، پاڻيءَ ۾ پڙلاوَ ڪري.

___

ڪري نه ڪينجهر پانهنجي، نه سڏجي سمي جِي،

تحفو تماچيءَ ڄام کان، هنن مليو هي،

مٿي ملاحن ٿِي، نوازش نوريءَ جي ڪري.

__

گذر مڇيءَ مارڻ تي، مڪڙيون جن مڪان،

بدشڪل ۽ بيوڙا، ذلت منجهه زبان،

تن کي سمي سلطان، مڃر ڏٺو مفت ۾.

___

مٺوجر مڃر جو، اونهو گهڻو آب،

مڇي هن ۾ هيتري، حد نه جنهن حساب،

تماچيءَ تالاب، انهن ائين ئي ڏنو.

___

ڍل نه ڏين ڍنڍ جي، نه مڇيءَ جو محصول،

پارت سڻي پاس ڪيو، راجا اهڙو رول،

سمي هيءُ سهول، ڪينجهر وارن ماڻيو.

___

نوريءَ ڪيو نياز مان، سمي هيءُ سوال،

زورڪ زر انهن جي، مڇيون اٿن مال،

هاڃو هلڻ هنن جو، وهڻ پاڻ وبال،

اٻوجهڙو عيال، مون سما توکي سونپيو.

__

ڄڃ تماچي ڄام جي، اڱڻ جنين آئي،

مور نه تنين مٽيو، پير هڪ پائي،

ڪُڙهيون رڇ ڪلهن تي، سڻي مٿي سائي،

ملاح ميرائي، ته به نه تماچيءَ ڇڏيا.

___

وجهن رڇڙا وچ ۾، ڀرن سان جي ڀَن،

”عاقل“ ٿيا انهن تي، قرض تائين ڪن،

سمي سيئي ڏنَ ، ملاحن کي معاف ڪيا.

نثار بزمي

قاضي! پوندين ڪيترو، ڪتابن جي ڪڍ،

وجهين ٿو وجود ۾ ڇو تون اهڙا وڍ،

اهڙي تنهنجي اڍ، ڪنهن کي وڻي ڪيتري؟

___

قاضي! تنهنجي قول تي، ڪهڙو ڏجي ڪن،

دعويٰ ڪرين دين جي، مارين نٿو من،

ڦندي وارو فن، هلي هلندو ڪيترو.

___

قاضي! تنهنجيءَ ڪار ۾، شامل آهي شر،

ميٽي ناهي من تان، مورک! تو ڪا مَرُ،

ڪوٺائين ڪونڌر، ڪوڏي لهين ڪانه ڪا.

___

قاضي! تنهنجي ڪوٽ ۾، ڏکين جا ڏوڪڙ،

اچين ٿو اتامرو، ڪلهي آڻي ڪڙ،

اها ٿي اوجهڙ، سوچي ڏس تون ساهه ۾.

__

قاضي! تنهنجي ڪاڪ ۾، ڦڏا آهن ڦڏ،

اٿڻ ويهڻ اهنج جو، هيڻا هيڻا هڏ،

کاري اهڙي کڏ، نيندي ٻين کي.

___

قاضي! توکي قرب جي، ڪهڙي آهي ڪل،

سڪ جا نڪتا ساهه ۾، توکي ناهن سل،

ڍولڻ کي هيئن ڍلَ، ڪڏهن ڏيندين ڪينڪي.

___

قاضي! توکي ڪات جو، ڀولو ۽ ٻيو ڀؤ،

سهي سگهندين ڪين تون، توائي ۽ تَؤ،

پاسي وڃي پؤ، ڳڻي پنهنجي ڳالهه کي.

___

قاضي! تنهنجي ڪنڌ تي، ڪتابن جي هڙ،

ڳجها ناهن ڳوٺ کان، واندا! تنهنجا وڙ،

عقل جي هيءَ آڙ، رولي وجهندءِ راهه ۾.

____

قاضي! تنهنجي ڪڇ ۾، ماني هجي مر،

کايو ويٺو کاءُ تون، ڪونڌر ساهي ڪر،

گهورڻ پنهنجو گهر، توکان ٿيندو ڪينڪي.

___

قاضي! پنهنجي قلب جا، باغ ڪيا تو بٺ،

موڳا تنهنجي مغز ۾، ويٺل آهي اُٺ،

ٺلهو آهين ٺٺ، ٺاهين ويٺو ٺاهه کي.

___

قاضي! توکي جان جو، ڏاڍو آهي ڏر،

وساري وجود کي، دلبر جو ڏس در،

مرڻا اڳ ۾ مر، ته ڳڻيون تنهنجي ڳالهه کي.

___

قاضي! تو ڪو ڪوس جو، ڪونهي ڏٺو ڪم،

جوڳي پنهنجي جوش ۾، چيري لاهن چم،

دلبر خاطر دم، ڏين ويٺا ڏيهه ۾.

___

قاضي! ايڏو ڪنڊ ۾ مارين ڇو ٿو مپ،

گهڙي پئو ڪنهن گهير ۾، ڊاڙي لاهي ڊپ،

تنورن اندر تپ، ته رچي تون ريٽو ٿئين .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com