سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 03/ 2021ع

باب:

صفحو:9 

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

عمرڪوٽ

 

 

 

صوفي صديق محمّد ’صادق‘ فقير

جي ڪلام جو فني مطالعو

صوفي صاحب جي ڪلام جو مطالعو ڪيترين ئي تصنيفن کي وجود ڏيندو. مگر هتي آئون محض چند عنوان پيش ڪندس، جن تحت سندن ڪلام جو فني مطالعو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جي مطالعي جا مڙيئي عام عنوان ’صوفي‘ صاحب جي ڪلام ۾ ڀرپور نموني موجود آهن. مگر ڪجهه خاص عنوان به آهن جن جي نمائندگي ۽ تخليق صرف صوفي صاحب جي حصي ۾ آئي آهي. سندن ڪلام جي مطالعي مان اسين جن نُڪتن تي اچون ٿا اهي هيٺين ريت آهن:

(1) سلف جون روايتون ۽ انهن جي پاسداري

(2) ڪلام جي فني بيهڪ.

(3) نظريي جي پختگي ۽ انهيءَ جو طاقتور لفظن ۾ اظهار.

(4) عقيدت ۽ عشق.

(5) ڪردار جي جهلڪ.

(6) شاعري ۾ موسيقيت.

(7) ڪلاسيڪي شاعري ۽ نمونا.

(8) ماحول نگاري.

(9) واقع نگاري.

(10) نوان ۽ دل لڀائيندڙ تجربا.

(11) علمي نُڪتا.

(12) ٻوليءَ جو معمار هجڻ (صرف ۽ نحو جون پابنديون، نيون ترڪيبون ۽ گهاڙيٽا، اصطلاح، پهاڪا، چوڻيون، فصاحت ۽ بلاغت، استعارا، ڪنايا، محاڪاة، منظرنگاري ۽ تشبيهن جو استعمال، شاعر کي ٻوليءَ جي معمارن جي صف ۾ آڻي بيهاري ٿو.

(13) پراڻن موضوعن ۾ جدت ۽ ندرت پيدا ڪرڻ ۽ نوان بڻائي پيش ڪرڻ.

هاڻي اسين هنن موضوعن جو مثالن سان جائزو وٺون ٿا.

سلف جو روايتون:

حضرت ڀٽ ڌڻي ’سرتاج الشعراءَ‘ آهي ۽ سندس ڪلام جو بنياد کانئس اڳ جي بزرگن جي وڌل روايتن تي آهي، يعني بيت ۽ وائي جيڪي ٻئي شاهه صاحب کان اڳ جون صنفون آهن ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪردارن کي موضوعن بڻائي انهن ۾ رنگينيون پيدا ڪيون ويون آهن.

صوفي صاحب به ساڳي طرح بيت ۽ وايون لکيا ۽ ساڳيءَ طرح تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪردارن کي کڻي ويهي پنهنجي شعر ۾ هيرا موتي پوئيا. يعني اسين ائين چئي سگهون ٿا ته صوفي صاحب ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مڙني روايتن جي پاسداري ڪئي آهي ۽ ان ۾ پنهنجي طرفان ڪافي سرمايو پڻ جمع ڪرايو آهي.

ڪلام جي فني بيهڪ:

بيت ۽ وائي ٻنهي ۾ فني بيهڪ جو معيار ڪٿي به ڪمزور ڪونه ٿو ٿئي، بلڪه گهڻو معياري آهي. صوفي صاحب جي دؤر تائين هنن ٻنهي صنفن ۾ تمام گهڻو ڪلام چئجي ۽ لکجي چڪو هو ۽ ان جي فن ۾ تجربا ٿي چڪا هئا مگر سندن فن جي پختگي ۽ معيار برقرار آهي.

سندن ڪلام ۾، خاص طرح بيت ۾ ماترائن جو ڳاڻيٽو ۽ سٽا ’ڇند وديا‘ جي مڙني قسمن جي نمائندگي ڪئي آهي. خاص طرح ’دوها- ڇند‘ ۽ ’سورٺا- ڇند‘ جون مڙيئي اندريون بيهڪون ۽ نمونا فقير صاحب جي ڪلام ۾ موجود آهن، مثال طور:

سُڀان ناهه ’صديق‘ چئي، اٿي اورج هير،

ڊگها ڪري پير، پئي رهندين پٽ ۾.

نظريي جي پختگي ۽ ڪردار جي جهلڪ:

صوفي صاحب جي سوانح تي هيستائين جيڪو به ڪم ’راڄ محمد پلي صاحب‘ ڪيو يا معمور يوسفاڻي ۽ حڪيم عبدالمجيد ’ماجد‘ اهروي پنهنجون ابتدائي ڪوششون ڪيون ۽ هاڻي به جيڪي محقق صوفي صاحب جي سوانح تي تحقيقي ڪم ڪندا اهي هن موضوع کي وڌيڪ اُجاگر ڪندا. آئون صرف ايتري گذارش ڪندس ته سندس تصنيف ’درد نامو‘ سڄو جو سڄو عين ’شريعت‘ آهي ۽ شريعت جي اپٽار آهي، پاڻ ’وحدة الوجود‘ جي طريقي جا صوفي هئا. ٻين سڀني لحاظن کي پاسيرو رکي هميشه ڪمزور ۽ مظلوم انسانن جو ساٿ ڏنائون ۽ انهيءَ لاءِ باقاعده جهاد ڪيائون، سندن ڪردار جي جهلڪ راڳنامي جي هيٺين بيت ۾ ڏسو ته:

جي ڪيسر ڪاوڙيو ته، هاٿيءَ ڀڃي هڏ،

اُڀو ڪري سڏ ته، ڪو اچي آرڻ ابهي.

عقيدت ۽ عشق:

حضرت صوفي صديق فقير جي ڪلام ۾ عشق ۽ عقيدت جا ڪيئي درياه موجزن آهن. پاڻ پنهنجي مرشد جي عشق ۾ محو آهن ۽ اُتان معرفت وٺي وڃي ’فنا في الرسول‘ جي منزل ماڻين ٿا، هي دقيق نُڪتا آهن جن تي بحث لاءِ تفصيل گهرجن. هتي اسين صرف هڪ بيت ڏيون ٿا:

پانڌيئڙا ”پيرن“ جي، پيو پاڙي گهار،

توکي نيندا پار، لنگهائي لطف سين.

شعر ۾ موسيقيت:

شاعريءَ لاءِ اهو هڪ تسليم ٿيل معيار آهي ته شعر اهو  آهي جنهن کي ڳائي سگهجي. جيڪو ڳائجي نه صرف ڳالهائي سگهجي، ان کي ’نثر‘ چئبو. ڳائي اهو شعر سگهبو جنهن ۾ موسيقيت پنهان هجي. اسان جي سنڌي نظم ۾ ’بيت‘ ۽ ’ڪافي‘
يا ’وائي‘ ته آهن ئي جهونگارڻ جون صنفون، صوفي صاحب جي ڪلام جو ته اهو عالم آهي جو جيسين جهونگارجي نٿو ته صحيح سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي ۽ جهونگارڻ سان ماڻهو انهيءَ جي موسيقيت ۾ محو ٿيو وڃي مثال طور: هيءُ وائيءَ جو ٿلهه:

جو تو ڪُٺو ڪالهه،

آئون اهوئي آهيان.

يا سسئي جي هيءَ صدا ڏسو:

ٿلهه:   رب ”صاحب“ ”سائين“ آهي،

متان ڪــــــا سينـــــو ساهـــــــي.

(1) ”لاحول ولاقوة“، ڏس ڏنو اي ڏاهي.

(2) صادق سسي سڀڪنهن، لا سين، وڌئين لاهي.

ماحول نگاري:

انهيءَ شعر کي دوام آهي جيڪو پنهنجي اردگرد جي ماحول جي احوال ۽ ذڪر اذڪار سان ٽمٽار هجي، فقير صاحب جي ڪلام ۾ ديس جي ماڻهن ۽ انهن جي ڌنڌن ۽ هنرن جو ذڪر، مندون ۽ ماحول، ڪاريگر ۽ ڪاريگريون، وڻ ٻوٽا، ريتيون ۽ رسمون، جانور ۽ پکي، جاگرافي ۽ تاريخ، جوڳي ۽ سنياسي، وڻج ۽ وڻجارا، جبل ڍورا ۽ ڍنڍون، شڪار ۽ شڪاري، ڌنار ۽ دونهيون، طبيب ۽ ويڄ، لوهار ۽ سانڌاڻون. مطلب ته پنهنجي ڏيهه جي پل پل ۽ چپي چپي جي آگاهي آهي. هيءُ اهو گُڻ آهي جيڪو شاعر کي مٿاهون مقام ڏي ٿو ۽ سندس ڪلام کي دائمي حيات بخشي ٿو. هتي اسين مثال طور ڪجهه سٽون لکون ٿا:

(1) ڪونج:

ڪوڪ تنهنجي ”ڪونجڙي“، مر منجهيئي هوءِ

(2) دونهي:

نانگا وڃن نڱيو، ”دونهيون“ ٿيون دکن.

(3) ڀنڻ:

”ڀنڻ“ ۾ ڀيڙيون ٿي، ڪڍو پنهل جا پار.

(4) اڱڻ راڳي ۽چٽ ڪڍڻ:

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، سحر سونهاري سِٽَ،

اڳ مَ وڃ ولها، محب منهنجا مِٽَ،

اڱڻ راڳي چِٽَ، آءُ ڪانڌ ڪنديس ڪن سان.

(5) پهت وٺڻ:

روئي ريجهائيج،  ڳجهيون ڳرهي ڳالهيون،

پهت سان پهائيج، ليلان پنهنجي ڪانڌ کي.

(6) وناهه:

ڪانڌ ڪڪورهين ڪپرين، ور ”وناهيو“ روءِ،

ڀرين ڪنا پوءِ، متان ڏک نه چڙهين گهوٽيا.

(7) ارٽ  ۽ صراف:

”ارٽ“ اولائي ٻانهيون، منجهان وجهج مال،

ڦيرج گهڻو فڪر سان، ”صادق“ منجهه سنڀال،

ڪتي ڪج ڪمال، ته سڄي ”صرافن“ ۾

(8) ڏيج:

توکان ئي توکي مڱان، ٻيو صادق ”ڏيج“ مَ ڏي.

(9) اوسر:

سڄڻ جنهن وڇوڙيا، تنهن اوسر پنا ڏينهڙا.

(10) دنبوري جي تارن جو ذڪر:

ٽيپ ٽوڙڻ، ”گهور“ گهورڻ، ڇني جاڙين جي جهات.

(11) رائر:

ڏنگي ٻڌ مَ پڳڙي، بڊامن پاڙي،

’رائڙ‘ روئاڙي، ايئن پانڌ اڇيليا.

انهيءَ کان علاوه ”گهانڊار“ جي شڪار جو ذڪر ڀٽائي بعد صرف صوفي صاحب وٽ ئي مون پڙهيو آهي، هن شڪار جو تفصيل مرحوم شيخ محمد سومار پنهنجي ڪتاب ’لطيف جا لاڙ تان ڀيرا‘ ۾ ڏنو آهي.

واقع نگاري:

فقير صاحب جي ڪلام ۾ مستند واقع نگاري جو به ڪمال آهي. ”ڪيڏارو“ ته صوفي صاحب جو سڄو آهي واقع نگاري جو اعليٰ دليل مگر ٻين سرن ۾ به پاڻ واقعات جي تصوير واهه جي چٽي اٿن.

مومل راڻي جي داستان ۾ همير سومري ۽ سندس ساٿين جو ”ڳموريءَ“ جي ڍنڍ تي شڪار ڪندي هڪ جوڳي ويس شهزادي سان ملڻ ۽ مومل جي تعريف ٻڌي اتان کان ئي ’ڪاڪ‘ روانو ٿيڻ آکاڻيءَ جو اهم واقعو آهي، ڏسو ته فقير صاحب انهيءَ واقعي جو منظر ڪيئن نکاريو آهي ته:

ڪو جو گڏين ڪاپڙي، گيڙو سان گلزار،

تنهن موچاري مومل جا، پيهي ڏنا پار،

گهوڙا گهوٽ سوار، ڪاهي آيا ڪاڪ تي.

تاريخ ۽ جاگرافي:

حضرت صديق محمّد صادق پنهنجي ڪلام ۾ تاريخ جو به وڏو سرمايو سمائي ويو آهي. ڀٽ ڌڻي جا ڳايل ست سورهيه ۽ ڏهه ڏاتار سندن ٽن سرن بلاول، ڏهر ۽ ڌناسري جو موضوع آهن. انهيءَ کان علاوه پنهنجي دؤر جي اهم شخصيت، اوليا الله ۽ صوفي صاحب جي مرشد حضرت فضل الله شاه قلندر جو ذڪر ته سندن شاعريءَ جو محور آهي. انهيءَ سان گڏ ”راول فقير“ جيڪو ڀٽائي جو يار هو ان جو ذڪر ڀٽائي کان علاوه فقير صاحب جي ڪلام ۾ پڻ آهي. مثال طور:

جوڳي هِن جُوءِ ۾، ”راول“ رهي نه راڄ.

صوفي صاحب ”ميران پور“ کان علاوه سنڌ جي ڪيترن ئي ٻين تاريخي ماڳن ۽ شخصيتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيئن:

(1) بڊام ۽ لاکو:

ڪاڇي ۾ ڪوڪ ٿي، ڀريو بڊاما،

ادا آن وٽان، لاکو ٿو لوڙهيون ڪري.

(2) ڍورو (اڀرندو هاڪڙو):

”ڍوري“ اندر ڍور، سڃا چرن ’صديق‘ چئي.

(3) ڄام راهو ۽ جکرو هوٿياڻي:

گنگا جر جي گام ۾، جي ڀري پهتا پير،

تن سدا گونرن گير، ٿي ”راهوءَ“ رات بخشيا.

---

لکين وهن واهڙا، جيئن اُڌميو اوڙاهه،

سڀني سرو چڪائيو، ٿو پيئي شاهه گدا،

”راهوءَ“ جي رهاڻ ۾، نڪو ڊپ نه ڊاءُ،

”هوٿياڻيءَ“ هٿان، ورهه به اچن وائيا.

(4) سپڙ چوٽياڻي:

ڪلهي پائي ڪينرو، ڏور مَ ڏيهه ٻيو،

ڪين لهندين مڱڻا، سپڙ ڄام جهو،

خالي ڪونه ٿيو، جي رونجهاڻيءَ رسيا.

---

سامهون سَپڙ ڄام جي، اوڏو ويهي اور.

(5) جهونجهار:

”جهونجارڪي“ ذات جو، جان پير پروڙيو مون.

(6) شادي خان کوسو:

”شادي“ مئو سک ٿيو، سرها ٿيا سنگهار.

(7) انگريزن جي آمد:

”ڀورا اچي ڀيل، ساري سنڌ ’صديق‘ چئي.

(8) لغاري سردار:

لڏ مَ ’لغاري‘ خوش مَ ٿي تون خام.

(9) حضرت فضل الله شاه قلندر:

نم نوراني پير جا، نمن وسي نور،

’فضل الله شاه‘ فضل سان، ڀريو ڏي ڀرپور.

ٻوليءَ جو معمار:

سٺن شاعرن لاءِ اهو به معيار آهي ته هو ٻوليءَ جا معمار هوندا آهن. هن سلسلي ۾، گرامر، ترڪيبون، اصطلاح ۽ پهاڪا، چوڻيون ۽ مقولا، استعارا ۽ ڪنايا، تشبيهون، تجنيسون ۽ صنعتون استعمال ڪرڻ کان علاوه لفظن مان نوان گهاڙيٽا گهڙڻ ضميري پڇاڙيون، فعلن جا صيغا، ۽ فعل مان اسم ٺاهڻ جا اعليٰ پايي جا مثال صوفي صاحب جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. ڪجهه نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

استعارو:

استعارو چئبو آهي، لفظن جي اڌارين معنائن کي ”ڪُوار“ لفظ جي معنيٰ آهي عيب، فقير صاحب استعاري ۾ ان کي ”ريس“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي، مثال:

تنهن جي ڪندو ڪير ’ڪوار‘

جيڪو ڪلمي سي ڪاٽيو.

(يا)

جهڪ (هوا لڳڻ) کي پير ڊاهڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ.

هڪ جبل جاڏا آئيا، ٻي جهنگل پيئي جهَڪَ.

محاڪاة:

محاڪاة تخيل جي اظهار جو اهو ذريعو جنهن جي منظرنگاريءَ ۾ شاعر، مصور کان اڳتي نڪري وڃي ٿو، ۽ مصور اهو خيال ڪاغذ تي رڱي نٿو سگهي. مثال:

روئي ڀريندس رت سان،

’چواڪن‘ سان چولي

تشبيهه:

تشبيهه جا چند مثال ڏسو:

سونهي چوڏهين چنڊ جيئن، پِڙ ۾ پاڳڙياس.

---

سڄڻ اڳيئي سهڻا، ٻيا ڪجل ڀنڻ نيڻ،

اچي رهيا، روح ۾، جيئن ماکي اندر ميڻ،

اهڙا سوڌا سيڻ، مر اوڏاهون اکين کي.

---

درد دائم ٿيڙو، تاڙي جيئن تنوار.

---

واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري.

نوان لفظي گهاڙيٽا:

واسينگ-      مان-   واسينگيو

دل-            مان-   دليئون

گهَڙڻ  --------------- گهاڙُو

ڪتڻ  --------------- ڪاپو

پاڳ   --------------- پاڳڙياس

ڪهڻ  --------------- ڪهڻهار

يار     --------------- اڻيار

اڀيان   --------------- اڀيڻ

’دليئون‘ دستگير کي، جيڪو ڪري سڏ.

---

ارٽ چاڙهي اڱڙا، ’گهاڙوءَ‘ ڪنهن گهڙيا.

---

هيء منهنجو هاڻ، ڪنهن پر ’ڪاپو‘اگهجي.

---

سڀ تي ’صادق‘ هيڪڙو، تو ڪٺو ”ڪهڻهار“.

---

پرين تنهنجي پور، ”واسينگيو“ وک کڻان.

---

”اڀيان“ ”اڀيڻ“ نه ٿئي، وهان چون مَ ويهه.

صنعتون ۽ تجنيسون:

صنعت گيري ۽ تجنيس جو تعلق لفظن جي ورجاءَ ۽ گهاڙيٽن سان آهي، شاعر جڏهن هيءُ ڪم ڪسب سان ڪندو ته تخيل جو اظهار مات کائيندو جڏهن فطري طور طبع جي رواني سان ٿيندو ويندو ته اظهار جي طاقت سهڻي به ٿيندي ۽ وڌندي به ويندي. اچو ته صوفي صاحب جي ڪلام جا چند مثال ڏسون:

مراعاة التظير:

هن صنعت ۾ شاعر هڪ ئي شيءِ لاءِ گهڻا لفظ ڪم آڻي ٿو، مثال:

بدو، بيمان، بڇڙي، کَر کي مارياسين کلا.

تجنيس حرفي:

ڌڱ ڌرتي، سنڀري، ڪئين جوڌا ۽ جوان،

هئا هزارين ڪيترا، هت صوبا ۽ سلطان،

تنين جا مڪان، ’صادق‘ سنڀري ڪونه ڪو.

صنعت لف و نشر:

هن صنعت ۾ شاعر پهريائين ڳالهه کي ويڙهيندو آهي ۽ پوءِ کوليندو (نشر ڪندو) آهي.

نالي ۾ نالو ٿيا، پرين سي نه پسن،

آهي احديت تن، جي واحدئون واحد ٿيا

صنعت تڪرار و تسليم:

ڪنهن ڳالهه کي بار بار چئي تسليم ڪرائڻ.

’ساعت‘ ’ساعت‘ سور، مون کي پل- پل پور.

صنعت  طباق ايجابي:

حرف نفي کانسواءِ متضاد لفظ اچن.

هڻن حلالن کي، مارين نه ’مردار‘،

’ڏٻرا‘ ۽ ’ڏؤار‘، ڪاساين به نه قبوليا.

اصطلاح ۽ پهاڪا:

اپت ڏيڻ، ڪڇ ۾ ڏيڻ، ڀلي جا ڀال ڪرڻ، پار کڻڻ، مرليون وڄائڻ، لائون لهڻ، اڦٽ مرڻ، آگم لاهڻ، اوهيرا اچڻ، دلاسو ڏيڻ، واٽون لائڻ، ڇپرين ڇلائڻ، تاڙي جو تنوارڻ، هاڃي هڻڻ، مٿي ۾ مٽي وجهڻ، روئي ريجهائڻ، ڳجهه ڳرهڻ، مال ميڙڻ ۽ مَٺو گهرڻ.

ڏهس:

هيءَ لوڪ ادب جي صنف آهي جنهن ۾ ڪنهن هڪ شيءِ جا ڏهه نالا اچن ٿا، صوفي صاحب ’بهادر‘ لاءِ ڏهه نالا استعمال ڪيا آهن، جيڪي آهن جهونجهار، ڪونئر، وونڪا، سائو، مانجهي، سلطان، راول، رونجهاڻي، حلالي، سنگهار

ڀٽائيءَ جي مضمون جي تائيد:

حضرت ڀٽ ڌڻي فرمايو ته:

ٻڏندي ٻوڙن ۾، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،

پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،

توڻي ڪنڌيءَ ڪن، يا ساڻ وڃن سير ۾.

حضرت صديق فقير فرمايو ته:

مٿي هئم سپرين، جن وڌم هت آڻي،

پاڙون پن جدا ٿيا، جيئن جيئن تک تاڻي،

انهيءَ لئه هاڻي، ٿو تران ڪين ڪپن تي.

حرف آخر:

فقير صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي مضمون سمايا آهن، انهن جو ذڪر گهڻي تحقيق ۽ کوجنا گهري ٿو. ”ڪيڏاري“ کان وٺي سوڌڙي ۽ وهاڳڙي تائين جيڪي نواڻون، ندرتون ۽ وجداني ڪيفيتون سمايل آهن انهن جي وضاحت گهڻا صفحا گهري ٿي. هن مضمون ۾ مون صرف هڪ تعارفي خاڪو پيش ڪيو آهي، جيڪو درياه مان ڍُڪ ڀرڻ جي برابر آهي.

فقير صاحب ’صوفي‘ بزرگ هو، سندس صوفيانه زندگي ’شريعت‘ جو مظهر آهي، خلافِ شرع ڪنهن به شيءِ کي برداشت نه ڪندا هئا. ’صوفيانه‘ سفر ۾ سندن منزل تمام مٿاهين آهي پر پاڻ ڪنهن به طرح ’تارڪ الدنيا‘ ڪونه ٿيا. ماڻهن سان گڏ رهي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ، داد رسي ڪرڻ ۽ خدا جي خلق کي راهه ڏسڻ سندن خاص طريقو هو. پاڻ وڏا مجتهد هئا. حق ڳالهه چوڻ لاءِ وقت جي حاڪم کي به حڪم ڪندا هئا. تِر جيترو به ’حق‘ تان نه هٽندا هئا ۽ مضبوط جبل وانگيان بيهي رهندا هئا انهن حق ڳالهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ تلوار مياڻ مان ڪڍڻ ۾ به دير نه ڪندا هئا.

سندن اهڙي باعمل زندگي ۽ سندن بيمثال ڪلام جنهن ۾ رشد و هدايت، ڪلاسيڪيت ۽ موسيقيت، ٻولي ۽ ادب، سماج، ڌرتي، تاريخ خواه جاگرافي جا ڪيئي بي بها گوهر سمايل، انهن تي تحقيق ڪرڻ گهرجي. سندن رسالي جو مڪمل نسخو تيار ڪرڻ، انهن جي لغت لکڻ ۽ رسالي کان علاوه سندن ٻين تصنيفن جي روشنيءَ ۾ شرح لکڻ جهڙا اهم قدم کڻڻ گهرجن. گهٽ ۾ گهٽ هر سال سندن ’ميلي‘ جي موقعي تي هن سلسلي جو هڪ ڪتاب اچڻ ضروري آهي. صرف ’مافوق الفطرت‘ واقعات جي ذڪر تي اڪتفا ڪري ويهي رهڻ نه گهرجي.

صوفي صاحب پنهنجي تصوف جي اُتاهين اُڏام جي پنهنجي طالبن کي سمجهه ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ماحول، معاشري ۽ پنهنجي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو جيڪو تاڃي ۽ پيٽو اُڻيو آهي اِهوئي معتبر گس آهي. هاڻي طالبن ۽ پانڌيئڙن تي مدار آهي ته اُهي هِن گس تي ڪيترو پنڌ ٿا ڪن. آيا هڪ سڄو طالب دنياوي معاملن تائين هلي ٿو يا لفظن جي سهڻائپ ۽ جادوگريءَ کان اڳتي طلب جون تندون تنواري ٿو.

صوفي صاحب عام فهم زبان ۾ عام گس کان شروعات ڪري ٿو، اڳتي هلندي هُو انهن ساڳين عام فهم لفظن کي تصوف جي اصطلاحات ۾ شامل ڪري ٿو.

پنهنجي شاعريءَ جي شاعرانه روح جي تڪميل وري هُو موسيقي جي مدد سان ڪري ٿو، صوفي صاحب جي راڳنامي جو ته اڃان مطالعو ئي ڪونه ٿيو آهي، نج سنڌي راڳن تي مشتمل هن راڳنامي جا مَٽَ اڃان اپٽيا ئي ناهن، جڏهن هنن موضوعن ڏانهن وڌبو ته هن معتبر صوفيءَ جي صوفيانه قدبت جو احساس وڌيڪ محسوس ٿيندو.

هن سائنسي دؤر ۾، سائنسي طرز سان ئي شين جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، اها وضاحت جنهن جي هر ڪنهن دعويٰ پٺيان دليل آهي، اها وضاحت ئي هن دور ۾ بلڪ هر دؤر ۾ قابلِ قبول آهي. انهي ڪري هن اهلِ الله صوفي بزرگ تي جيڪا نه ٿيل ڪم جي تشنگي آهي انهيءَ کي پوري ڪرڻ جو وقت اڄ آهي ۽ بقول صوفي صاحب جي ’اڄ‘ کي ’سڀان‘ نه ڪرڻ گهرجي.

جيڪي آهي اڄ، سُڀان ناهه’صديق‘ چئي،

واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري.

وڌيڪ مطالعي ۽ حوالن لاءِ هيٺيان ڪتاب ڏسڻ گهرجن:

1.      راڳنامو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.

2.     جيڪي آهي اڄ، مرتب: اسد ’جمال‘ پلي، ٻارڙا پبلڪيشن، عمرڪوٽ

3.     جانب آيو جوءِ ۾، مرتب: محمد ايوب ’شاد‘ ۽ محمد انور، سرپرست: عبدالمجيد ماجد اهروي.

4.     وڙهيا، واڳيا، واپريا، مصنف: راڄ محمد پلي، مرتب: اسد جمال پلي.

5.     رسالو صوفي صادق رحه، قلمي، مرتب: اسد جمال پلي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org