ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
ڪراچي
فتحنامھ يا
چچنامھ جي اصليت
سنڌ جي تاريخ بابت اوائلي ڪتاب ’فتحنامه‘
تي تحقيق ڪندي تازو
(2016ع) آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر
منان آصف اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته اهو عربيءَ تان
ترجمو ٿيل ناهي، بلڪ اهو طبعزاد
يعني اصل فارسيءَ ۾
مصنف علي ڪوفيءَ جو تيرهين صديءَ ۾ لکيل آهي. اهو
انڪشاف گذريل هڪ هزار سالن جي دوران سڀني مؤرخن جي
متفق راءِ جي خلاف آهي، ان لحاظ کان اهو هڪ وڏي
دعويٰ ڪرڻ جي برابر آهي جنهن لاءِ گهڻن علمي ۽
واقعاتي دليلن جي ضرورت آهي.
فتحنامي جي اصل متن جي عربيءَ ۾ هجڻ جو هڪ وڏي ۾
وڏو ثبوت اهو آهي ته متن ۾ سنڌ جي اصلي ماڻهن ۽
ماڳن
جا جيڪي نالا ملن ٿا، اهي عربيءَ تان ورتل آهن،
انڪري جڏهن علي ڪوفيءَ اهڙن عربيءَ ۾ لکيل نالن کي
فارسيءَ ۾ منتقل ڪيو ته اهوعربيءَ وارو تلفظ ۽
اصليت گهڻي حد تائين برقرار رهيا، ڇو ته انهن کي
بدلائڻ ذري گهٽ ناممڪن هو. هتي ان جا چند مثال پيش
ڪجن ٿا.
سڀ کان پهريائين ڏاهر جي هڪڙي پٽ جو نالو گوپي هو،
جيڪو عربيءَ ۾ ’قوفي‘ ڪري لکيو ويو ڇو ته عربيءَ ۾
گ ۽ پ ڪونهن. علي ڪوفيءَ جڏهن اصلي ڪتاب فارسيءَ ۾
ترجمو ڪيو ته اهو ساڳيو نالو ’قوفي‘ ڇهه دفعا
دهرايائين. هاڻي جيڪڏهن اصلي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکجي
ها ته سڌو سنئون گوپي لکي سگهجي پيو ڇو ته فارسيءَ
۾ گ ۽ پ آهن.
اهڙيءَ طرح راجا ڏاهر جي ٻئي پٽ جي ڄمڻ بابت هيءَ
روايت ملي ٿي ته هڪ دفعي راجا ڏاهر جڏهن شڪار تي
ويل هو ته هن جو شينهن سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾
هن شينهن کي ماري وڌو. هوڏانهن شينهن سان مقابلي
واري ڪچي پڪي خبر جڏهن ڏاهر جي گهر واريءَ کي پئي
جيڪا پيٽ سان هئي ته بيهوش ٿي ڪِري پئي ۽ مري وئي،
تنهنڪري سندس پيٽ چيري ٻار کي ڪڍيو ويو ۽ ان ڄاول
ٻار جو نالو جيسيه يا جيسينه رکيو ويو. اها ڳالهه
ڪري ڪتاب جو عربي مصنف ٻار کي ’المظفر بالاسد‘ جي
لقب سان ياد ڪري ٿو، علي ڪوفي جڏهن عربي متن کي
ترجمو ڪرڻ ويٺو ته هن کي فارسيءَ ۾ ’شيرفيروز‘
ڪوٺيو، هاڻي هتي به اهائي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن
اصلي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل نه هو ته پوءِ فارسيءَ ۾
ان جي عربي لقب ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
فتحنامي ۾ سنڌ جي ڪيترن ماڳن جا نالا مقامي زبان
مان بدلجي عربي تلفظ جنهن کي معرب چئبو آهي واري
صورت وٺن ٿا. خاص طور تي شهر جيڪي زياده قابل
شناخت آهن ’قندابيل‘ ۽ ’کنزبور‘
آهن. قندابيل نالو ڪيترن عربي تاريخن ۾ ملي ٿو ۽
اهو موجوده بلوچستان جو ’گنداوا‘ آهي، جيئن اڪثر
مؤرخ تسليم ڪن ٿا، فارسي مترجم علي ڪوفي قندابيل
لکي ان جي سامهون قندهار لکي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو
فارسي جي عالم هجڻ سبب قندهار کان واقف هو ۽
قندابيل جي اصليت بابت کيس ڪا خبر نه هئي. اهڙيءَ
طرح ’کنزبور‘ يا ’فنزبور‘ اصل ۾ موجود بلوچستان جو
موجوده شهر پنجگور آهي، اهڙيءَ طرح ان وقت
سنڌونديءَ جي هڪ شاخ ’گاجا‘ نالي سان هئي ۽ ان
نالي سان اڄ به هڪ واهه موجود ٽنڊي محمد خان جي
حدن ۾ موجود آهي. اصل عربي متن ۾ ان جو نالو
’قاجيجاق‘ ڪري لکيو ويو، اهو ساڳيو نالو عربيءَ
واري علي ڪوفيءَ انهيءَ معرب صورت ۾ لکي ڇڏيو.
ظاهر اهي ته اصل سنڌي نالي ’گاجا‘ تائين پڄڻ هن
لاءِ ناممڪن هو، ورنه آسانيءَ سان فارسيءَ ۾
’گاجا‘ لکي ڇڏي ها. ان جو مطلب اهو ٿيو ته علي
ڪوفي اصل عربي متن کي ترجمي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه نه ڪيو آهي.
عام طور ائين سمجهيو وڃي ٿو ته فتحنامه
613هجري يعني 1216عيسوي ۾ علي ڪوفيءَ عربيءَ تان
فارسيءَ ۾ ترجمو
ڪيو هو.
هو
پنهنجو وطن ڇڏي
سنڌ جي تڏهوڪي تختگاهه اُچ ۾ آيو هو جتي 58 سالن
جي عمر ۾ هن تاريخ بابت ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو. هن
سلسلي ۾ هو سنڌ جي تاريخي شهر بکر ۾ پهتو اتي هڪ
علمي خاندان جي فرد قاضي اسماعيل سان سندس ملاقات
ٿي جنهن پنهنجي وڏن جو سنڀاليل هٿ اکري ڪتاب هن کي
ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي هو گهڻو متاثر ٿيو، پر جيئن
ته اهو ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل هو تنهنڪري هن ان کي
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ اهڙو ذڪر ٽي
دفعا هن ڪتاب لکندي ڪيو، ڪتاب جي آخر ۾ پڄاڻيءَ تي
وضاحت ڪندي چيائين:
”هن ڪتاب جو اگرچه عربي زبان ۽ حجازي لئي
۾ وڏو درجو هو ۽ عرب جي بادشاهن کي ان جي پڙهڻ
ڏانهن گهڻو توجهه ۽ ان تي حد کان وڌيڪ فخر هو،
ليڪن جنهن صورت ۾ حجازي پردي ۾ لڪل هو ۽ پهلوي
(فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ هار سينگار کان خالي هو،
تنهنڪري عجم ۾ رائج ٿي نه سگهيو. ايران جي ڪنهن به
سينگاريندڙ نه هن ’فتحنامه‘ جي ڪنوار کي سينگاريو،
۽ نڪي زبان جي زينت ۽ دانائي جي نُڪتن سان نروار
ڪيو، ۽ نه عقل جي خزاني مان کيس ڪو زيور پهرايو ۽
نه وري فصاحت ۽ بلاغت سان ان کي پيش ڪيو.‘
مٿين بيان مان ظاهر آهي ته فارسي مصنف جي
آڏو اصلي مواد عربيءَ ۾ موجود هو، جنهن کان هو
متاثر ٿيو ۽ ان جي ترجمي جو ارادو ڪيائين. ليڪن
ساڳئي وقت هو ٻن اوڻاين يا مشڪلاتن جو ذڪر ڪري ٿو،
هڪ ته اهو فارسي زبان ۾ نه هو تنهنڪري ايترو توجهه
حاصل ڪري
نه سگهيو ۽ ٻيو اهو زيب زينت سان سينگاريل نه هو، تنهنڪري
مقبول ٿي نه سگهيو. ٻين لفظن ۾ هن انهن ٻنهي
ڪوتاهين جي پورائي جو عزم ڪيو. هڪ ته ان جو عربيءَ
مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ٻيو ان جي سونهن ۽
حُسن ۾ اضافو ڪيائين. اهو اضافو ڪيئن ۽ ڪهڙو
ڪيائين، اهو مصنف جي طرفان نهايت اهم اعتراف آهي
جيڪو ڪتاب جي اصليت کي پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تمام
ضروري آهي جيڪو هتي اسان جو موضوع آهي.
اڳتي وڌڻ کان اڳ مختصر طور اهو ٻڌائڻ
ضروري آهي ته فتحنامه ۾ ڪهڙو مواد آهي.
ڪتاب جو شروعاتي حصو اسلام کان اڳ يعني محمد بن
قاسم جي اچڻ تائين سنڌ جي ٻن حڪمران خاندانن راءِ
گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي تقريباً ٻن صدين جو
احوال آهي. راءِ گهراڻي جي آخري راجا سيهرس
جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو. جڏهن راجا لاولد مري ويو
ته سندس چالاڪ وزير چچ هن جي راڻيءَ سان شادي ڪئي
۽ ائين برهمڻ خاندان جو چچ سنڌ جو حڪمران ٿيو،
کانئس پوءِ
سندس ڀاءُ
چندر ۽ هن کان پوءِ
چچ جو پٽ
راجا ڏاهر سنڌ جو حڪمران ٿيو.
سنڌ ڏانهن محمد بن قاسم جي پيش قدميءَ جو
جيڪو وڏو سبب بيان ڪيو ويو آهي، اهو سرانديپ کان
ٻيڙن رستي ايندڙ عربن کي لٽڻ ۽ انهن جي عورتن ۽ ٻارن کي ديبل ۾ قيد ڪرڻ
هو ۽ اها دانهن عراق جي گورنر حجاج بن يوسف
ثقفيءَ تائين پهتي. انهن قيد ٿيل عورتن ۽ ٻارن جي
آزاديءَ خاطر پهريائين عبيدالله بن نبهان ۽ پوءِ
بُديل کي ديبل موڪليو ويو پر
بديل مقابلو ڪندي مارجي
ويو هو. انهيءَ ناڪاميءَ کان پوءِ حجاج پوريءَ ريت سنڌ مٿان حملي جي
تياري ڪئي ۽ وقت جي اموي خليفي وليد کان اجازت
وٺي، پنهنجي سوٽ جي نوجوان پٽ محمد بن قاسم کي
شيراز
منجهان
سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. محمد بن قاسم مڪران جي رستي
جيڪو مسلمان 640هجريءَ ۾ فتح ڪري چڪا هئا، ٿيندو
93هجري جي محرم مهيني ۾ ديبل پهتو.
جلدئي
سامونڊي رستي منجنيق ۽ ٻي ڪمڪ به پهچي وئي. ستن ڏينهن جي گهيري ۽ لڙائيءَ کان پوءِ ديبل فتح ٿيو. ان کان
پوءِ نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ
۽
93هجريءَ جي رمصان مهيني ۾ راوڙ فتح ٿيو جتي راجا
ڏاهر مقابلي ۾ مارجي ويو. برهمڻ آباد ۽ اروڙ کان پوءِ محمد بن قاسم ملتان پڻ فتح ڪيو جتي
وڏي ۾ وڏو بتخانو هو. محمد بن قاسم حجاج جي
پاليسيءَ تي عمل ڪندي ان
بُت
جي ڪا بيعزتي نه ڪئي. محمد بن قاسم
اُڌاپور (ديبالپور) ۾ هو جو سليمان نئون
اموي
خليفو ٿيو جيڪو حجاج جو سخت مخالف هو. جيتوڻيڪ حجاج هڪ سال اڳ 95هجري ۾ مري ويو
هو پر نئين خليفي محمد قاسم کي معزول ڪري گرفتار
ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. اهو سال 96هجري هو.
چچنامي جي لکڻ موجب محمد بن قاسم کي جيئري کل ۾
سِبي درالخلافه
بغداد
موڪليو ويو.
محمد بن قاسم سنڌ ۾ ڪُل ٽي سال ۽ ڪجهه مهينا رهيو.
چچنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم
ڪوبه ننڍو توڙي وڏو قدم حجاج جي اجازت کانسواءِ نه
کڻندو هو. هو هر مشڪل مسئلي بابت خط لکي اجازت
وٺندو هو ۽ ستن ڏينهن اندر
کيس جواب ملي ويندو هو.
اهوئي سبب آهي جو چچنامي ۾ مجموعي طور چاليهارو
خطن جو مواد موجود آهي، جن مان ڪي نهايت مختصر ته
ڪي تفصيلي قسم جا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حجاج
تاريخ ۾ هڪ ظالم شخص ٿي گذريو آهي، پر اها به
حقيقت آهي ته سنڌ ۾ محمد بن قاسم ڏانهن لکيل خطن ۾
هو هر وقت کيس مقامي ماڻهن سان
ممڪن حد تائين
صلح صفائي ۽ امن سان رهڻ جي هدايت ڪري ٿو. جڏهن
محمد بن قاسم کانئس اهو سوال پڇيو ته فتح حاصل ڪرڻ
کان پوءِ سنڌ جي هندن ۽
ٻوڌين
سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي ته
کيس
لکيائين سنڌ جا اهي ماڻهو اهلِ ڪتاب يعني يهودي،
عيسائي ۽ مجوسين جي برابر آهن، يعني اهي ذمي آهن
جنهن جو مطلب آهي ته اهي اسان جي حفاظت ۾ آهن جنهن
لاءِ هنن کان جزيه کان سواءِ ٻيو ڪوبه ٽئڪس يا
محصول نه ورتو
ويندو.
ساڳئي وقت اهو به لکيائين ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي
پنهنجي مذهب تي هلڻ کان روڪڻ نه گهرجي. بلڪ جڏهن برهمڻ آباد جي شمنيءَ
پنهنجي عبادتگاهه
جي
مرمت واسطي اجازت گهري ته حجاج
محمد بن قاسم کي
جواب ۾ لکي موڪليو ته جڏهن هنن اسان جي اطاعت قبول ڪئي آهي ۽ ذميءَ جي حيثيت
۾ خراج ڏيڻ قبول ڪيو آهي ته پوءِ اسان کي هنن جي
مٿان ٻي ڪا پابندي مڙهڻ نه گهرجي. هن سلسلي ۾ اها
ڳالهه خاص طور قابل ذڪر آهي ته حجاج طرفان اهڙين
هدايتن تحت ئي برهمڻن کي ڏن وصول ڪرڻ جي اجازت ملي
هئي ۽ سندن آمدني تي جزيه لاڳو نه هو، جنهن جو اقرار جادوناٿ سرڪار جهڙي هندو
مؤرخ پڻ ڪيو آهي. چچنامي مان اهو به واضح ٿئي ٿو
ته حڪومت جي انتظام هلائڻ خاطر مقامي ماڻهن تي
پورو اعتماد ڪيو ويو. اهوئي سبب هو جو راجا ڏاهر
جي وزير کي ماليات جي عهدي تي برقرار رکيو ويو،
بلڪ برهمڻ آباد ۾ ڍلن جي وصوليءَ جو اختيار چئن برهمڻن جي حوالي ڪيو ويو.
فتحنامي ۾ حجاج جي خطن مان اهو به اندازو
ٿئي ٿو ته هو راجا ڏاهر جي بهادري ۽ سندس لشڪر کان
باخبر هو جنهنڪري هن پوريءَ ريت تياري ڪئي هئي. ڇو
ته هن کان اڳ سنڌ- هند جي ساحل ڏانهن جيڪا پيش
قدمي ٿي هئي ان جا ڪي سٺا نتيجا نه نڪتا هئا. خاص
طور عبيدالله ۽ بُديل جي ناڪام
مهمن بعد حجاج کي گهڻو فڪر لاحق هو، انڪري
هاڻي حجاج اها سموري مهم پنهنجي نگرانيءَ ۾ مڪمل
ڪرڻ گهري ٿي. هن پنهنجي خاندان جي نوجوان فرد محمد
بن قاسم جو انتخاب به انڪري ڪيو جنهن تي هو مڪمل
اعتماد ڪري سگهيو ٿي ۽ کيس سنڌ ۾ موڪلڻ کان اڳ
شيراز ۾ آزمائي چڪو هو. اهوئي سبب هو جو وقت بوقت
محمد بن قاسم کي خطن ذريعي هدايتون ڏيندو رهيو ته
اڳيون قدم ڪهڙو کڻڻ گهرجي. انڪري لشڪر جي تياريءَ
۾ سُئي سڳي کان وٺي حجاج پاڻ ان جي ضرورتن جو خيال
رکيو. هن کي راجا ڏاهر سان سخت مقابلي جو چڱيءَ
ريت احساس هو، انڪري هو هر مرحلي تي محمد بن قاسم
جي رهنمائي ڪندو رهيو ۽ محمد بن قاسم پڻ هڪڙو قدم
به سندس منظوريءَ کان سواءِ نٿي کنيو. وڏي ڳالهه
ته حجاج ٽپال جو اهڙو انتظام قائم
رکيو
جو ستن ڏينهن جي اندر خط جو جواب پهچي
ويندو هو، خطن ۾ هو اهو به ٻڌائيندو هو ته
سنڌو
دريا کي ڪٿي ۽ ڪيئن پار ڪرڻو آهي جنهن لاءِ اڳواٽ ٻيڙين جي
پل تيار ڪرڻ جهڙا حڪم به شامل
هوندا هئا.
اهڙيءَ طرح لشڪر جي ترتيب
۽ خندقون کوٽڻ وغيره جا فيصلا به هو
پاڻ
ڪندو هو.
خطن مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته حجاج محمد
بن قاسم کي گهڻو گهرندو هو ۽ هر لحاظ سان سندس
ڪاميابيءَ جو خواهان هو، بلڪ هن جي ڪاميابيءَ کي
پنهنجي ڪاميابي ٿي سمجهيائين ڇو ته هن ايڏي خطرناڪ
مهم جي ذميواري پنهنجي سِر تي کنئي هئي. هڪ مرحلي
تي جڏهن محمد بن قاسم ٿوري سستيءَ کان ڪم ورتو ۽
ڪيترا ڏينهن دشمن تي حملو نه ڪيو ته حجاج تنبيہ ۽
فهمائش وارو خط لکيس ته جيڪڏهن تون ائين ويٺو رهندين ته لڙائي
جو خرچ وڌي ويندو. ازانسواءِ تون سڀني کي امان ڏيڻ
شروع ڪئي آهي، اها ڪمزوريءَ جي نشاني آهي جنهن سان دشمن
توکي ڪمزور سمجهندو. توکي حڪومت ۽ سياست جو طريقو
هٿان نه ڇڏڻ گهرجي، تلوار کي عقل سان گڏ کڻي هل!
محمد بن قاسم ڏانهن
حمران ڪاتب هٿان لکرايل
هڪ
خط ۾
کيس
پنج وقت نماز، تقويٰ ۽ عاجزيءَ جي تلقين ڪيائين،
ڏاهر سان مقابلي تي اُسهڻ کان اڳ پنهنجي آزمايل
وظيفي يا دعا جا الفاظ به لکي موڪليائينس ته انهن جو ورد ڪندو رهه. اها دعا قرآن جا الفاظ منتخب ڪري خدا سان خطاب ۽ ڪاميابي جي
گهر تي مشتمل آهن. انهيءَ خط جو ڪاتب به حمران ۽
سال 93هجري ڄاڻايل آهي.
خطن تي تفصيلي روشنيءَ مان اهو ڏيکارڻ
مقصد
آهي
ته حجاج محمد بن قاسم جو انتخاب ان لاءِ ڪيو ته
سندس خاندان جو اهو نوجوان ئي سندس هر قسم جي
هدايتن تي عمل ڪرڻ وارو هو. بلڪ انڪري هن ڄاڻي
واڻي ڪنهن وڏي عمر واري تجربيڪار سالار کي ان مهم
جي اڳواڻي نه ڏني هئي ڇو ته هو ايتري
فرمانبرداريءَ جو مظاهرو نه ڪري ها. مطلب ته انهن
خطن مان اهو چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿو ته سموري
پاليسي ۽ سڀ اقدامات حجاج جا هئا ۽ محمد بن قاسم
هڪ فرمانبردار ڪمانڊر وانگر انهن تي پوريءَ ريت
عمل ڪندو رهيو.
هتي اهو واضح ڪرڻ تمام ضروري آهي ته حجاج
۽ محمد بن قاسم درميان اها خط و ڪتابت ٻئي ڪنهن
تاريخي ڪتاب ۾ نٿي ملي. بلاذري ۽ طبريءَ جهڙا مؤرخ
صرف ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته ٻنهي درميان خط و
ڪتابت هئي ۽ ان جو هڪ اڌ حوالو ڏين ٿا.
ان جو مطلب ٿيو ته خطن جو واحد ذريعو اهو ثقفي
خاندان هو جنهن
جي مورث اعليٰ کي محمد بن قاسم الور جو قاضي
مقرر ڪيو ۽ انهن جو پونير قاضي اسماعيل هو جنهن
کان اهو اصل مواد عربيءَ ۾ علي ڪوفيءَ کي مليو
جنهن کي هن فتحنامي ۾ گهڻي ڀاڱي جيئن جو تيئن
ترجمو ڪري پيش ڪيو.
انڪري قليچ بيگ جي ان راءِ جي تائيد ڪري سگهجي ٿي
ته عربي ڪتاب جو مصنف ثقفي خاندان جو مٿين پيڙهيءَ
۾ ڪو فرد هو.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي راءِ پڻ وزني آهي
جڏهن هو لکي ٿو ته چچنامه 215-255 هجري ڌاري تصنيف
ٿيو. اهڙو گمان
’تاريخ
معصوميءَ‘
جي هن عبارت مان پڻ ٿئي ٿو.
’در تاريخ فتح سند قاضي اسماعيل بن علي بن محمد
موسيٰ بن طائي چنين آورده‘ يعني سنڌ جي فتح جي
تاريخ ۾ قاضي اسماعيل پٽ علي محمد پٽ موسيٰ پٽ
طائي لکي ٿو.
هاڻي اچو ته انهيءَ پس منظر ۾ منان آصف جي
ان مفروضي يا دعويٰ جو تنقيدي جائزو وٺون، جڏهن هو
چوي ٿو ته فتحنامو علي ڪوفيءَ جي پنهنجي تصنيف آهي
جيڪو تيرهين صديءَ ۾ لکيو ويو ۽ اهو ڪنهن عربي
ڪتاب جو ترجمو ناهي.
ٻيو هو چوي ٿو ته فتحنامو تاريخ کان وڌيڪ سياسي
نظريي ۽ رياستي حڪمت عمليءَ جو بيانيه آهي.
ٿوري دير لاءِ جيڪڏهن اهو مفروضو تسليم
ڪجي ته اهو ڪتاب علي ڪوفيءَ پاڻ اُچ ۾ ويهي لکيو
ته پوءِ هنن مشڪل سوالن جا جواب ڏيڻ لازمي ٿي
پوندا. پهريون هو اُچ کان بکر ڇا لاءِ آيو؟ بکر ۾
ثقفي خاندان جي قاضين سان ملڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
حالانڪ هو پاڻ تسليم ڪري ٿو هن اصلي ڪتاب ان
خاندان جي ان وقت جي سربراهه اسماعيل قاضيءَ وٽ
ڏٺو جنهن کيس اهو پڻ ٻڌايو ته اهو ڪتاب ورثي طور
خاندان ۾ هلندو اچي. دراصل انهيءَ خاندان جو وڏو
موسيٰ نالي شخص محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو
جنهن کي پوءِ الور جو قاضي مقرر ڪيو ويو ۽ اسماعيل
قاضي ڏهن پيڙهين تائين پنهنجو خانداني شجرو علي
ڪوفي کي ٻڌايو جيڪو
هن
چچنامي ۾
هن
پاڻ ڏٺو
آهي.
ٻيو فتحنامي جو شروعاتي حصو راءِ گهراڻي ۽
برهمڻ گهراڻي جي ٻن سؤ سالن کان وڌيڪ گڏيل تاريخي
واقعن کي بيان ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت حجاج ۽ محمد بن
قاسم درميان اها سموري خط و ڪتابت ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾
نٿي ملي. ان صورت ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته علي
ڪوفيءَ کي اهو مواد ڪٿان مليو يعني سندس ماخذ ڪهڙو
هو! اهو سوال تڏهن وڏي اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو
جڏهن ڏسجي ٿو ته علي ڪوفي ان ڪتاب ۾ پنج صديون اڳ
واري مواد تي اڪتفا ڪري ٿو. ياد رهي ته فتحنامو
محمد بن قاسم جي موت تي 96هجري 715عيسوي ختم ٿئي
ٿو ۽
صرف
هڪ هنڌ ان ۾
اهڙي
واقعي ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ عمر باهلي ڏاهر جي
پٽ جئسينه جي
قبضي هيٺ
علائقي کي 99هه ۾ فتح ڪري ٿو. بهرحال اهو سنڌ جي فتح
تائين محدود آهي.
آخر ڪهڙي ڳالهه علي ڪوفيءَ کي مجبور ڪيو ته جڏهن
هو 612/1216 يعني پنج صديون پوءِ پاڻ نئون ڪتاب
لکي رهيو هو ته ان ۾ پهرين صدي هجريءَ کان يعني
گذريل پنجن صدين دوران ٿيل ڪنهن به واقعي جو ذڪر
نه ڪري!
منان آصف جي اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر
آهي ته اهو ڪتاب تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ هن خطي
جي سياسي ماحول جي پس منظر ۾ لکيو ويو، جنهن جو
ڪتاب ۾ ڪوبه سڌو يا اڻ سڌو حوالو ڪونهي. البت جنهن
حقيقت جو علي ڪوفيءَ اعتراف ڪيو آهي سو اهو ته
هن
اهو ڪتاب لکي اُچ جي علم پرور حڪمران قباچه جي
وزير حسين بن ابي بڪر ڏانهن منسوب ڪرڻ پئي گهريو
ته جيئن زماني جي دستور موجب وقت جي عالمن ۾ سندس
عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿئي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي
ته ناصرالدين قباچه وڏو علم پرور حڪمران هو. سندس
درٻار سان وابسته
عوفي
محمد ’لباب الالباب‘
نالي سان سال 617/1220
۾
فارسي زبان جي شاعرن جو پهريون تذڪرو لکيو. اهڙيءَ طرح منهاج
سراج مشهور تاريخ ’طبقات ناصري‘ 658/1260 ۾ مڪمل
ڪئي.
آخري وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن علي ڪوفي پاڻ
اهو ڪتاب تصنيف ڪيو ۽ منان آصف جي بقول ترجمو نه
ڪيائين ته هن پاڻ فتحنامي جي اندر ٽي دفعا ترجمي
جو لفظ ڇو ڪم آندو. مطلب مصنف پنهنجي گهٽتائي ڪرڻ
ڇو چاهيندو، ڪهڙو مصنف هوندو جيڪو پنهنجي اصل لکيل
ڪتاب کي ترجمو ڪوٺڻ پسند ڪندو! سو به پاڻ کي عالم
فاضل ظاهر ڪرڻ خاطر ۽ جڏهن
هن
اهو ڪتاب وقت جي وزير وٽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ
پيش ڪرڻ پئي گهريو.
اصل ڳالهه اها آهي ته انهن مٿين سوالن جا
جواب يا حل اسان کي تڏهن آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا
جڏهن اسان اها حقيقت تسليم ڪريون ته علي ڪوفي،
سندس لکڻ موجب واقعي بکر ۾ آيو، جتي سندس ملاقات
اتان جي ثقفي خاندان جي فرد قاضي اسماعيل سان ٿي، جنهن پنهنجي وڏن کان ورثي طور سانڍيل سنڌ
جي فتح بابت عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب سندس حوالي ڪيو.
ڪتاب جو مواد علي ڪوفيءَ جي لکڻ موجب عربي ٻوليءَ
۽ حجازي رنگ ۾ هو، يعني سندس خيال موجب اصل ڪتاب
جي عبارت سينگار ۽ زيب زينت کان خالي هئي جنهنڪري
هن پاڻ ان کي ڪنوار وانگر ڳهه ڳٺا پارائي پيش ڪيو.
ان جو مطلب صاف ظاهر آهي ته هن ان ۾ عشقيه ۽
رومانس وارو رنگ ڀريو. ان سلسلي ۾ هيٺيان واقعا خاص طور عورتن
بابت سندس داستان سرائي جو هٿرادو ڪارنامو معلوم
ٿين ٿا ۽ ان باري ۾ تقريباً سڀني وڏن مؤرخن جو
اتفاق آهي جن ۾ ايليٽ ۽ ڊائوسن، جان جهانگيربيڊ،
ايڇ.ٽي لئمبرڪ، علامه دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ۽ هندن مان ڏيارام گدومل شامل آهن.
(1)
راجا ڏاهر جي ڀيڻ سان
شادي جيڪا هو نجومين ۽ پنهنجي وزير ٻڌيمن جي چوڻ
تي ڪري ٿو ته جيئن هو سنڌ جي تخت کان محروم نه ٿئي.
ايڇ.ٽي لئمبرڪ ڏاهر جي ڀيڻ ٻائي سان شادي جي سلسلي ۾ ڪيترائي اهم
سوال اُٿاريا آهن، مثلاً پهرين ته ڏاهر جو
وڏو ڀاءُ
ڏهر
سينهه برهمڻ آباد جو حاڪم هو، جنهن وٽ ٻائي
رهندي هئي جيڪا عمر ۾ گهڻي ننڍي هئي، هن ان جو سڱ
ڀاٽيه جي راجا سان طي ڪري ڇڏيو هو.
چچنامي جي هڪ عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏاهر جي
پيءَ چچ اگهم لوهاڻي جت جي زال سان شادي ڪئي هئي
جنهن کي اڳيئي هڪ ڌيءَ مايين نالي هئي ۽ ڏاهر ان
سان شادي ڪئي هئي، ڇو ته ڏاهر جي وڏي ڀاءُ ڏهرسينه
جنهن مايين جو رشتو ڀاٽيه جي راجا سان طي ڪري ڇڏيو
هو، ڏاهرجي ان عمل تي سخت ناراض ٿيو ته ڏاهر کيس
چورائي موڪليو ته مايين اسان جي خاندان مان نه
آهي، هوءَ ڌاري ۽ جتن جو اولاد آهي.
(2)
محمد بن قاسم جي راجا
ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ان جي گهر واري لاڏيءَ
سان شادي جنهن جي چچنامي مان اندروني طور ترديد
ٿئي ٿي ڇو ته
ٻئي هنڌ اهو ذڪر ملي ٿو ته
هن پاڻ کي ستي ڪيو هو. مترجم افسانوي انداز وڌائڻ خاطر اهو به لکي ڇڏيو ته هن
لڙائي هلندي پاڻ کي اُٺ تان ڪيرايو ته جيئن عرب
لشڪر کيس پڪڙي
کڻي
وڃي.
(3)
راجا ڏاهر جي پٽ جئسنهه
جو ڪيرج جي راجا دروهر
وٽ پهچڻ جتي هن جي ڀيڻ جانڪيءَ
جو
ساڻس رومانس جنهن ۾ هوءَ
فارسي جا شعر پڙهي ٿي جيڪي ظاهر آهي ته علي ڪوفيءَ
جا ٺاهيل آهن.
(4)
سنڌ جي مهم تي اُسهڻ کان
اڳ حجاج جو محمد بن قاسم کي پاڻ وٽ گهرائي
پڇڻ ته گهر جيڪي گهرڻو اٿئي.
محمد بن قاسم جو سندس ڌيءَ جو سڱ گهرڻ.
حجاج جو انڪار ڪرڻ کان سواءِ کيس سنڌ جي مهم جو
اڳواڻ مقرر ڪرڻ هوڏانهن حجاج
کي ڌيءَ هئي ڪونه!
(5)
محمد بن قاسم جي موت کي
ڊرامائي انداز ڏيڻ جڏهن کيس جيئري کَل ۾ سبي
پيتيءَ ۾ بند ڪري خليفي جي آڏو بغداد موڪليو وڃي
ٿو، جڏهن بغداد جو وجود ئي ڪونه هو. خليفي جي آڏو بند پيتيءَ جو کلڻ، ڏاهر جي ڌيئرن جو پنهنجي
ڪوڙ تان پردو کڻڻ ۽ محمد بن قاسم جي اعليٰ اخلاق
بابت شاهدي ڏيڻ ۽ تنهن کان پوءِ هنن کي مارائڻ.
(6)
ڏاهر جي ڀاڻيجي ’حسنه‘ جو خليفي وٽ پهچڻ. هٿ سان
ڏنل عربي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اها فرضي ڪهاڻي
آهي. هتي سوال آهي ته هُوءَ ڏاهر جي ڪهڙي ڀيڻ جي
ڌيءَ هئي، ڇا ڏاهر کي هڪ ڀيڻ هئي يا هڪ کان وڌيڪ.
هڪڙيءَ سان جيڪڏهن هن پاڻ شادي ڪئي ته ان جي ڌيءَ
کي سندس ڌيءَ چئبو ۽ نه ڀاڻيجي! جيڪڏهن ٻي ڀيڻ هئي
ته ان جي شادي ڪنهن سان ٿي جنهن جي ڌيءَ ’حسنه‘
هئي. مطلب ته سڄو قصو فرضي ۽ دم پختو پيو معلوم
ٿئي!
حقائق جي ڇنڊڇاڻ ۽ معتبر تاريخي ڪتابن
جهڙوڪ بلاذري ۽ تاريخ يعقوبيءَ مان انهن
واقعن جو ڪو ذڪر يا ثبوت ڪونه ٿو ملي.
مثلاً حقيقت اها آهي ته محمد بن قاسم کي وقت جي
خليفي سليمان جي حڪم موجب
سنڌ مان
گرفتار ڪري واسط جي قيد ۾ بند ڪيو ويو جتي
کيس اذيتون ڏيئي ماريو ويو
هو.
هن مهل تائين ٿيل بحث مان اهو چڱيءَ ريت
واضح ٿئي ٿو ته افسانوي قصن کي ڇڏي جيستائين
تاريخي حقائق جو تعلق آهي، فتحنامو سنڌ جي اوائلي
تاريخ بابت اڪيلو معتبر ماخذ آهي ۽ ان جي قدامت
تسليم ٿيل آهي جيڪا ڪنهن به شڪ شبهي کان بالاتر
آهي. ان کي ستين يا تيرهين صديءَ جو سياسي بيانيه
انڪري نٿو چئي سگهجي، ڇو ته اهو پهرين صدي هجريءَ
دوران اسلامي فتوحات جي روايتن جي عين مطابق آهي.
حوالا:
(1)
H.M.Eliot & Dowson, The
History of Sindh as told by its own Historians.
Allied Book Company Karachi, 1985
(2)
John Jehangir Bede, The Arabs
in Sindh Endowment Fund Trust, Karachi, 2017
(3)
Dr. N.A.Baloch, Fatehnamah-i-
Sindh. Persian/ English. Institute of Islamic
History & Culture. Ialamabad, 1403/1983
(4)
Manan Ahmed Asif, A Book of
Conquest, Cambridge, Massachusettes, 2016
(5)
Mirza Kalich Beg, The
Chachnamah, Allied Book Company, Karachi, 1900
(6)
H.T.Lambrick, Sindh Before the
Muslim Conquest, Sindhi Adabi Board, Hyderabad,
1973
(7)
احمد بن يحييٰ البلاذري، فتوح البلدان، اردو ترجمه
سيد ابوالخير مودودي. نفيس اڪيڊمي ڪراچي 1986
(8)
احمد بن ابي يعقوب ابن واضح يعقوبي، تاريخ يعقوبي،
ترجمه: ثاقب اڪبر، البصيره پبليڪيشنز، اسلام آباد
2010
(9)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، فتح نامئه سنڌ عرف چچ
نامو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1976ع
(10)
مرزا قليچ بيگ، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو ٽيون ڇاپو
(11)
عمر بن محمد دائودپوته، تاريخ معصومي، فارسي،
پونه، 1938ع
عمر بن محمد دائودپوته، فتحنامه عرف چچنامه تهران. |