ڊاڪٽر محمد جاويد
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
مولانا رومي
۽ اينميري شمل
هي ڄاڻ ڀريو اڀياس اردو رسالي ”پيغام آشنا“ نمبر
78، سال 2020ع ۾ ڇپيو آهي. ڊاڪٽر محمد جاويد،
پنجاب يونيورسٽيءَ جو استاد آهي. پاڻ يونيورسٽيءَ
جي اهم پرچي ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ جو ايڊيٽر پڻ
آهي. جيتوڻيڪ هي علمي مقالو لکندي، جاويد صاحب
فراخدليءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي، ان هوندي بِه
مضمون جي اهميت جي پيش نظر، ان کي سنڌي زبان ۾
ترجمو ڪيو ويو آهي. هي مضمون ترجمو ڪندي، ڪٿي ڪٿي
ڊاڪٽر محمد انس راڄپر کان مدد ورتي وئي. ان جو
اظهار نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي
مولانا جلال الدين رومي انهن اهم ترين هستين مان
هڪ آهي، جنهن جي ڪري مسلم فڪر ۽ ڏاهپ جي جي ڪهڪشان
وجود ۾ اچي ٿي. اولهه يا اوڀر، توڙي مسلم ۽ غير
مسلم ۾، مقبول روميءَ جو شمار انهن خوش
نصيبن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي مقبوليت ۽ تعريف جو سلسلو
روان دوان آهي. سندس ذات گرامي هڪ عربي ڪهاوت
موجب: قلّمَا يَجُودُ بِه الزَّمان (اهڙو ماڻهو
جيڪو زماني ۾ گهٽ لڀي) آهي.
سندس شاعريءَ ۽ پيغام زماني کي پنهنجي جادوءَ ۾
جڪڙيو آهي. مولانا پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم هو.
پاڻ نثر ۽ نظم ۾ هڪ جهڙي قابليت رکندو هو. سندس
شاعريءَ جا ڪتاب، خاص ڪري ”مثنوي“ هن جي شهرت جو
بنيادي حوالو آهي. شروع کان وٺي ”مثنوي“ پڙهندڙن
وٽ خاص طرح سان، قبوليت جو رتبو رکندي اچي. ان پس
منظر ۾ دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ هن جا ترجما ٿيا آهن.
اردو ادب جي هڪ ماهر ايراني خاتون، ڊاڪٽر معصومه
غلاميءَ، مثنويءَ جي اوڻٽيهه (حقيقت ۾ ٽيٽيهه)
نثري ۽ منظوم ترجمن جي نشاندهي ڪئي آهي. سندس لکت
موجب: ليکڪا مثنويءَ جي مقبوليت ۽ اهميت جي پيش
نظر، هن الهامي ڪتاب جي اردو ترجمن ۽ شرحن بابت
ڄاڻ حاصل ڪئي. سندس لکت موجب: مون کي مثنويءَ جي
14 منظوم ترجمن، 19 نثري ترجمن، ۽ 16 اردو شرحن جا
نالا معلوم ٿيا. البت هي فهرست اڻ پوري آهي. ۽ ان
۾ واڌاري جا امڪان موجود آهن(1).
علم ۽ معرفت جو ”مثنوي“ هڪ وڏو خزانو آهي، مولانا
پنهنجي شعر جي ذريعي، علم ۽ عرفان جا درياءَ وهايا
آهن. مثنويءَ جي شعرن جي باري ۾ جدا جدا رايا
موجود آهن. ڊاڪٽر محمد استعلامي، ايران جو هڪ
مشهور رومي شناس عالم آهي. هن مثنويءَ جي تنقيدي
متن متعلق وڏو ڪم ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته هن مثنويءَ
جي شعرن جي تعداد جي تعين (تخمينو) جي به ڪوشش ڪئي
آهي. ڊاڪٽر غلاميءَ موجب، ڊاڪٽر محمد استعلاميءَ،
مثنوي معنويءَ جو تنقيدي متن تيار ڪري، ان جو هڪ
درست نسخو فراهم ڪرڻ جو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو آهي.
هن محنتي اسڪالر درست متن سان گڏ، مثنويءَ جي شرح
به لکي آهي. هن رومي شناس محقق جي جاکوڙ موجب،
مثنوي معنويءَ جي شعرن جو مڪمل تعداد 25685
آهي(2).
ديوان گبير يا ديوان شمس جي نالي سان، مولانا روم
جو هڪ ٻيو شعري مجموعو آهي. هي ديوان روميءَ جي
دوست ۽ مرشد، شمس تبريزيءَ جي نالي سان مشهور آهي.
هن جو نالو ”ديوان شمس“ ان ڪري مشهور ٿيو، ڇو ته
مولانا روميءَ هن مجموعي جي اڪثر غزلن جي ”مقطع“
۾، پنهنجي نالي بجاءِ پنهنجي مرشد شمس جي نالي جو
ذڪر ڪيو آهي (نالو ڏنو آهي؟) هي مجموعو غزلن ۽
رباعين تي مشتمل آهي، ۽ انهن شعرن جو تعداد پنجاهه
هزار آهي.
هونئن ته روميءَ پنهنجي سموري شعر کي، قرآني آيتن،
حديث شريف، عربي پهاڪن يا قولن، ۽ عربي شعرن سان
سينگاريو آهي. ليڪن عربي زبان ۽ ادب طرف، سندس
گهڻو لاڙو، هن جي ديوان جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو. ان
ڪري ديوان ۾ ڪٿي هڪ مصرع فارسيءَ ۾، ۽ ٻي مصرع
عربيءَ ۾ آهي. ڪجهه غزل ته مڪمل عربي زبان ۾ آهن.
مولانا جي مستند ديوان کي، انتشارات فردوس تهران
(ايران) شايع ڪري چڪو آهي(3).
روميءَ جي نثري ڪلام ۾، سندس ڪتاب ”فيـﮧ مافيـﮧ“
کي خاص درجو حاصل آهي. هن ڪتاب جي مواد کي سندس
شاگردن ۽ مريدن مرتب ڪيو. اصل ۾ سندس خطبن ۽
فرمودات، توڙي هن کان پڇيل سوالن جي جوابن تي
مشتمل، هي ڪتاب معرفت جو هڪ خزانو آهي. هن ڪتاب جو
”ملفوظات رومي“ جي نالي سان اردو ترجمو ٿيو آهي.
ترجمو ڪندڙ ملفوظات جي پيش لفظ ۾، برابر هي ڄاڻ
ڏني آهي ته ”فيـﮧ مافيـﮧ“ ڪا باقاعده تصنيف نه
آهي. اصل ۾ هي مولانا جي ملفوظات جو مجموعو آهي.
سندس علمي تبحر (علمي بلندي، عظمت) جي شهرت،
مولانا جي زندگيءَ ۾ ئي، پري پري تائين پهچي چڪي
هئي. ويجهي توڙي پري کان علم جا ڳولائو، سندس مجلس
۾ ڇڪجي ايندا هئا، ۽ اچي پنهنجا پنهنجا مسئلا پيش
ڪندا هئا. مولانا انهن مسئلن تي پنهنجي راءِ ڏيندو
هو، ان ڪري نه رڳو سوال ڪندڙ مطمئن ٿيندو هو. بلڪ
اتي ويٺل ٻيا ماڻهو به فائدو حاصل ڪندا هئا. انهن
علمي مجلسن ۾ مولانا جو ڪجهه چوندو هو، سندس پُٽ
سلطان بهاءُالدين انهن کي محفوظ (لِکندو) ڪندو
رهندو هو. انهن نڪتن جو مجموعو ”فيـﮧ مافيـﮧ“ جي
نالي سان آهي. ملفوظات ۾ خاص طرح سان مولانا،
پنهنجي خاص مريد معين الدين پروانه سان مخاطب آهي.
معين الدين وزيرِ سلطنت به هو. ان کان سواءِ هو
ٻين ماڻهن سان به هم ڪلام آهي(4).
ان کان علاوه مولانا جي خطبن جو مجموعو، جنهن کي
”مجالس سبعـﮧ“ يا ”هفت خطابه“ چيو وڃي ٿو، مرتب ٿي
ڇپجي چڪو آهي. انهن خطبن جو رنگ عوامي آهي. اهي
خطبا قرآني آيتن، رسولِ پاڪ جي حديثن، صوفياءِ
ڪرام، خاص ڪري سَنائي، ۽ عطارد جي شعرن، حڪايتن ۽
تمثيلن سان ڀريل آهن(5).
مولانا رومي ان وقت رائج علمن جي حاصلات کان پوءِ،
پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ميدان ۾ مشغول ٿي ويو. ليڪن شمس
تبريزيءَ سان ملاقات، سندس زندگيءَ ۾ هڪ تمام وڏي
انقلاب جو سبب بَني. شمس سان ملڻ کان پوءِ، تصوف
طرف سندس لاڙو وڌي ويو. مولانا درس تدريس ۾ مشغول
هجي، يا تصوف جي دنيا ۾ مشغول، عوام سان سندس تعلق
ڪڏهن به ختم نه ٿيو. پاڻ دنياوي ڏيک ويک کان ضرور
پري رهيو. ان هوندي به، نه ماڻهن سان ميل ملاقات
بند ڪيائين، ۽ نه وري جهنگ ڏي ڀڄي، رهبانيت جو
رستو اختيار ڪيائين. مولانا ڀرپور عوامي زندگي
گذاري. ماڻهن کي وعظ ۽ نصيحت سان گڏ، انهن جي ڏک
درد ۾ به شريڪ رهيو. انهن جي مسئلن جي حل لاءِ، جو
ڪجهه ٿي سگهيو ڪيائين. عوام جي زندگين جي آسودگيءَ
لاءِ، حڪومتي ڪارندن کي خط به لکيائين. مولانا جا
لکيل خط به ڇپجي چڪا آهن. هي خط رومي اڀياس ۾ خاص
اهميت رکن ٿا(6).
اينميري شمل جو نالو مشرقي علمن ۽ روحانيت (معارف)
جي حوالي سان ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج ڪونهي.
پاڻ 07 اپريل 1922ع تي جرمنيءَ جي شهر ”ارفرٽ“ ۾
پيدا ٿي. سندس تربيت هڪ اهڙي گهراڻي ۾ ٿي، جتي
فلسفي ۽ تصوف جهڙن عنوانن تي بحث ٿيندو هو، جنهن ۾
سندس والد پال شمل خاص ڪري دلچسپي وٺندو هو. شمل ۾
مشرقي ٻولين ۽ اسلامي علمن ۽ فن طرف رجحان، عمر جي
اوائلي حصي ۾ پيدا ٿي چڪو هو. ان پس منظر ۾ مختلف
استادن کان، پاڻ عربي، فارسي ۽ ترڪي ٻوليون سِکي
ورتائين. ان طرح اسلامي علمن ۽ معرفت جا دروازا،
سندس آڏو کُلندا ويا.
اينميري شمل 1941ع ۾ ڊاڪٽريٽ
(Ph.D)
جي ڊگري ورتي. هن کي وزارت خارجه ۾ مترجم طور مقرر
ڪيو ويو. ڪجهه وقت هتي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ
”ماربرگ“ يونيورسٽيءَ جي مشرقي علمن جي شعبي ۾
استاد طور سندس مقرري ٿي. هتي رهندي پاڻ عربي،
ترڪي ۽ فارسي ٻولين سان گڏ، اسلامي ادبي تاريخ، ۽
اسلامي فنون جي تدريس ڪيائين. ان کان علاوه مذهبن
(دين) جي تاريخ جي عنوان تي، پاڻ ڊاڪٽريٽ
(Ph.D)
جي ٻي ڊگري به حاصل ڪري ورتائين.
اينميري شمل نه صرف ترڪي ٻولي ۽ ادب ۾ مهارت رکندڙ
اسڪالر هئي، بلڪه چڱي چڱي عرصي تائين، ترڪيءَ ۾
تعليم ۽ تدريس سان به لاڳاپيل رهي. پاڻ سال 1952ع
۾ استنبول پهتي. ترڪيءَ ۾ رهندي هن کي مولانا
روميءَ جي درگاه جي زيارت جو به شرف حاصل ٿيو. شمل
کي 1954ع ۾ انقره يونيورسٽيءَ جي، اسلاميات جي
شعبي ۾ مهمان استاد طور
(Visiting
Faculty)،
مقرري به ملي وئي. هن اتي رهندي پنج سال، مذهبن جي
تاريخ پڙهائي. سال 1957ع ۾ علامه اقبال جي مشهور
ڪتاب ”جاويد نامه“ کي، هن ترڪي زبان ۾ ترجمي، ۽
شرح جي صورت ۾ تيار ڪري ورتو. ترڪيءَ ۾ رهندي
مسلمان ترڪن سان ميل ملاقات، انهن جي ثقافت جي
اڀياس ڪرڻ، ۽ عظيم اسلامي روايتن کي سمجهڻ، ۽ ان
جي ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو، هن کي هڪ سٺو موقعو ملي
ويو.
شمل پنهنجي علمي ۽ تحقيقي رٿائن جي سلسلي ۾، اڪثر
مشرقي ملڪن جو سفر ڪيو. مولانا رومي، يونس ايمري،
حافظ، فضولي، ۽ اقبال جهڙين وڏين هستين کي، هن
پنهنجي ڏکئي سفر (تحقيق خاطر)، جي لاءِ مشعلِ راه
بنايو. سال 1959ع ۾ پنهنجي وطن ”ماربرگ“ ڏي
واپسيءَ کان پوءِ، هن کي اهو درجو ۽ ماحول نه
مليو، جيڪو هن کي 1952ع ۾ ترڪيءَ طرف اچڻ وقت حاصل
هو. ٻين لفظن ۾ اسلامي ثقافت جي اثر هيٺ، گذريل
ڪيئي سالن ۾، شمل ۽ سندس اباڻي وطن جي سوچ سراسر
مختلف ٿي چڪي هئي. هاڻي هن سان اهل مغرب جو رويو
به بدلجي چڪو هو. حالتن جي حساب سان کيس اولهه جي
سرزمين راس نه پي آئي. روّين جي هن تبديليءَ جي پس
منظر ۾، اسلام ۽ اسلامي ثقافت سان به اولهه جي
دانشورن جو تعصب وارو رويو هو. جڏهن ته اوڀر شناس
(Orentalists)
عالمن جي ڀيٽ ۾، شمل وچ ٿري (ميانه روي) سوچ واري
اسڪالر هئي(7).
وطن واپسيءَ کان پوءِ مغربي ڏاهن جي تعصبي روّين
جي ڪري، سندس زندگيءَ ۾ طرح طرح جون رڪاوٽون پيدا
ٿيون. انهيءَ تعصب جي ڪري، هن کي تدريسي ڪمن کان
پاسي تي ڪيو ويو. ان ريت هوءَ بي روزگار به رهي.
اهڙي بي يقينيءَ جي ماحول ۾، هن هڪ ڀيرو لڏپلاڻ
ڪرڻ جو به سوچيو هو. ليڪن بون يونيورسٽيءَ ۾ ”ترڪي
اڀياس“ جي پروفيسر ڊاڪٽر اوٽو سپائيز، جنهن سان
شمل جي سال 1958ع ۾ ملاقات ٿي هئي، جي گهرائڻ تي
سال 1961ع ۾ پاڻ بون پهتي، ۽ اتي سال 1966ع تائين
هن شهر ۾ رهي. پاڻ بون يونيورسٽيءَ ۾: عربي،
فارسي، ترڪي، مذهبن جي تاريخ، تصوف ۽ اسلامي تاريخ
جي عنوانن تي پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪم ڪندي رهي. سموري
دنيا مان ايندڙ شاگردن ۽ محققن کي پاڻ، هن شهر ۾
ڀليڪار چيائين.
هڪ طرف درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري هو ته، ٻئي طرف
شمل پاڪستان سميت مسلمان ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽
سيمينارن ۾ شرڪت به جاري رکي. ان ڪري هن ڪيئي ڀيرا
پاڪستان جو سفر ڪيو. پاڪستان ۽ علامه اقبال سان هن
کي گهرو لڳاءُ هو. علامه اقبال سان محبت ۽ عقيدت
جي ڪري، هوءَ وري وري پاڪستان ايندي رهي.
اينميري شمل 1966ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي (آمريڪا) ۾،
منعقد ٿيندڙ ”مذهب جي تاريخ“ عنوان تي هڪ ڪانفرنس
۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن کي هارورڊ يونيورسٽيءَ
۾، ايشيا جي مسلمانن جي تاريخ ۽ ثقافت متعلق، هڪ
چيئر قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. جڏهن ته شمل بون
يونيورسٽي (جرمني) ۾، اهڙي چيئر قائم ڪرڻ ٿي گهري.
ليڪن ان دور ۾ اولهه (يورپ) جي تعليمي ادارن ۾،
عورتون پنهنجين صلاحيتن جو ڀرپور اظهار نه ٿي ڪري
سگهيون. هن علمي آڇ کي قبول ڪندي، اينميري شمل سال
1967ع ۾ آمريڪا رواني ٿي. سال 1992ع تائين هن عهدي
تي رهندي، پاڻ ڏکڻ ايشيا جي مسلم دور جي تاريخ ۽
ثقافت پڙهائيندي رهي. بعد ۾ ڊاڪٽر شمل آمريڪي
رهائش واري عرصي کي غريب الوطني (غربت الغربيه) جو
دور سڏيندي هئي. ٽيهن جي قريب انعام، هڪ سئو کان
وڌيڪ ڪتاب، ۽ اڻ ڳڻيا مقالا ۽ مضمون لکندڙ، هن بي
انتها ذهين اسڪالر 26 جنوري 2003ع تي وفات ڪئي.
شمل کي تصوف سان لاڳاپيل ادب سان گهري دلچسپي هئي.
سندس لکيل ڪتاب ۽ ترجمن (جرمن ۽ انگريزي) جو تعداد
هڪ سئو جي قريب آهي. انهن مان زياده تر ڪتاب:
اسلام جي صوفيانه روايت، جرمني ۽ ڏکڻ ايشيا جا
ثقافتي لاڳاپا (جرمن ٻوليءَ ۾)، جرمن ادب ۾ مشرق
شناسيءَ جا اهم نالا: گوئٽي، فريدريخ روڪرٽ، ۽
مولانا جلال الدين روميءَ جي باري ۾ آهن(8).
شمل کي ترڪيءَ ۾ تدريسي فرض نباهيندي، مسلم دنيا
کي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو. خاص ڪري هن کي
پاڪستان ۽ ايران کان سواءِ، دنيا جي آبرومند
مسلمان عالمن ۽ اسڪالرن سان ملاقات جا گهڻا موقعا
مليا. سندس پنهنجي قول موجب: ”آءُ پهريون ڀيرو
1953ع ۾ گرم موسم ۾ انقره پهتيس. 1959ع ۾ ترڪي
ڇڏيم، پر پوءِ به اچڻ وڃڻ جاري رهيو. سال 1996ع ۾
مون کي ترڪي سرڪار: آرڊر آف ميرٽ آرٽس ۽ سائنس،
عطا ڪيو.“(9) ذاتي اڀياس ۽ مسلمانن سان، سڌي طرح
ميل جول جي ڪري، شمل ۾ مشرق شناس اسڪالرن وانگر،
روايتي تعصب نالي جي ڪابه ڳالهه نه هئي. شمل هڪ
معتدل مشرق شناس طور شهرت حاصل ڪئي. ان طرح
پاڪستان سميت، ڪيئي مسلمان ملڪن جي قومي اعزازن
سان هن کي نوازيو ويو. ايتري تائين جو ڊاڪٽريٽ جي
پهرين اعزازي ڊگري به، شمل کي پاڪستان مان ملي. هن
جي لکت موجب: ”منهنجي تحقيقي ڪاوشن جو عروج تڏهن
سامهون آيو، جڏهن مون کي حيدرآباد يونيورسٽي (سنڌ
يونيورسٽي)، پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني
وئي. بعد ۾ مون کي اسلام آباد، ۽ پشاور يونيورسٽين
به اعزازي ڊگرين سان نوازيو“(10.)
اينميري شمل کي مسلمان ملڪن، خاص ڪري پاڪستان سان
خاص محبت هئي. ان لاءِ ڪيئي سبب هئا، ڇو ته علامه
اقبال جو تعلق هن سرزمين سان هو. کيس پاڪستان سان
گهڻي محبت هئي. ايتري تائين جو پاڻ هن ملڪ کي
پنهنجو ٻيو گهر سمجهندي هئي. شمل کي پاڪستان ۾
جهجهي محبت ملي. هن کي پاڪستان جي نئين تختگاهه
”اسلام آباد“ جو ان وقت اعزازي شهري قرار ڏنو ويو،
جڏهن اهو اڃا قائم به نه ٿيو هو. ان باري ۾ پاڻ
لکي ٿي:
”منهنجو پاڪستان جو پهريون دورو، سال 1958ع ۾ بهار
جي مند ۾ ٿيو. اڄ اهو هڪ خواب لڳي رهيو آهي. سال
1998ع ۾ منهنجي چاليهين سالگره ملهائي وئي.
ان وقت ٻين اعزازن سان گڏ، مون کي اسلام آباد جو
اعزازي شهري بنايو ويو. جڏهن ته ان وقت اڃا اسلام
آباد جي رٿابندي به نه ٿي هئي“(11).
وڌيڪ لکي ٿي:
”انهن سالن ۾ هڪ رشتو قائم ٿيو، جنهن جا گهرا اثر
مرتب ٿيا، انهيءَ تعلق بعد ۾ منهنجي زندگيءَ کي هڪ
رُخ ڏنو. آءُ اقبال جي شاعري پڙهندي رهيس. سال
1957ع ۾ مون سندس فارسي ڪلام ”جاويد نامه“ جو
ترجمو ڪيو. هي ڪتاب مولانا روميءَ جي صحبت ۾، شاعر
جي آسماني سفر بابت آهي“(12).
مولانا روميءَ جهڙي باڪمال ۽ گهڻ رُخي شخصيت جي
باري ۾، ان ريت لکڻ ته سندس حياتي ۽ فڪر جي عملي
تصوير، سامهون اُڀري اچي اهو ڪو آسان ڪم نه آهي“
(13).
اينميري شمل پنهنجي ڪتاب:
The Triumphal Sun- A study of the works of
Jalaloddin Rumi
۾ اهڙو ڪارنامو ڏسڻ ۾ اچي ٿو(13). هن ڪتاب کي
”روميءَ جي احوال ۽ فڪر“ بابت نئين اصطلاح ۾ هڪ
مڪمل هَڙَ
(A
complete Package)
سڏيو ويو آهي. احسان يار شاطر ”مطالعات روميءَ“ جي
باري ۾ شمل جي دلچسپيءَ بابت لکيو آهي ته: سندس
شمار اسلامي تصوف جي هڪ مکيه ۽ ڄاتل سڃاتل عالمن ۾
ٿئي ٿو. ان ريت پاڻ مسلم دنيا جي ادب جي به هڪ
مڃيل اسڪالر آهي (هئي). هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو
حصو، روميءَ جي اڀياس لاءِ وقف ڪيو، ۽ مولانا روم
جي نظمن جي خزاني مان چڱي طرح فائدو حاصل ڪيائين.
پاڻ مسلم تصوف ۽ فارسي شاعريءَ جي پنهنجي ڳوڙهي
فهم کي، روميءَ جي تصورن، خيالن، ۽ ان جي جمالياتي
شعور کي، عام ماڻهن تائين تصوف جي طرف رهنمائيءَ
لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڳولي لڌائين. تصوف ۽ فارسي
شاعريءَ جا شاگرد، پروفيسر اينميري شمل جا شڪرگذار
آهن، ڇو ته پاڻ هڪ منفرد انسان جي زندگي، فڪر، ۽
شعري تمثيل نگاريءَ کي نروار ڪيائين(14).
شمل پنهنجي عمر عزيز جو وڏو حصو، روميءَ جي اڀياس
لاءِ وقف ڪيو. ڪيئي ڏهاڪن تي محيط پنهنجي مطالعي ۽
مشاهدي کي، جامعيت سان پنهنجي ڪتاب
“The
Triumphal Sun”
۾ بيان ڪري ڇڏيائين. هي ڪتاب چئن ڀاڱن، ۽ چوويهه
حصن ۾ تقسيم ٿيل آهي. ابتدا ۾ روميءَ جي سوانح جو
هڪ جامع خاڪو ڏنل آهي. هي هڪ عمدي تحقيق وارو ڪتاب
آهي، جنهن ۾ ضروري حوالن ۽ حاشين جو اهتمام ڪيو
ويو آهي. ڪابه ڳالهه حوالي کان سواءِ ڏنل ڪونهي.
ڪتاب جي آخر ۾ مددي مواد جي فهرست به ڏنل آهي.
روميءَ جي حياتي ۽ آثارن (ڪتابن)، بابت مختلف
ٻولين ۾، هن وقت تائين، ڪيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
هن عنوان تي انگريزي زبان ۾، شمل جي هن ڪتاب کان
وڌيڪ ڪوبه ٻيو ڪتاب، بهترين ۽ جامع اندز ۾ اڃا
تائين نه ڇپيو آهي. انگريزي شمل جي مادري زبان نه
بلڪ جرمن هئي. هي ڪتاب پاڻ انگريزيءَ ۾ لکيائين.
جيئن ته پاڻ انگريزي ٻولي سکي هئائين، ان ڪري هن
ڪتاب ۾ بهرحال اهل زبان وارو مزو ڪونهي. ڪتاب ۾
اڪثر جاين تي طويل جملا آهن، ۽ ڪٿي ته ايترا طويل
آهن، جو هڪ جملو پيراگراف جي صورت اختيار ڪري ويو
آهي. ڪتاب جي تياريءَ وقت، شمل جي ذهن ۾، پڪ سان
اولهه جو پڙهندڙ هوندو. ان ڪري هن روميءَ جي شعر
کي فقط انگريزي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
ساڳيءَ ريت قرآن مجيد جي آيتن، نبوي حديث، ۽ ٻين
فارسي لکندڙن جي شعري، ۽ نثري ٽڪرن جا به انگريزي
ترجما ڏنا اٿس.
ڊاڪٽر شمل کي مولانا جي حياتي ۽ ڪتابن، خاص ڪري
سندس ڪلام ۽ فڪر سان ايتري ته دلچسپي آهي، جو
صوفياڻي تحريرن جي لاءِ، رومي سندس لاءِ مرڪزي
عنوان جي حيثيت رکي ٿو. ان ريت اسان ڏسون ٿا ته،
مولانا رومي واحد صوفي آهي، جنهن متعلق شمل وڌ ۾
وڌ لکيو آهي. هن مختلف ٻولين ۾ روميءَ تي 16 ڪتاب،
۽ 49 جي لڳ ڀڳ مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. انهن ۾
سندس ڪتاب:
“The
Triumphal Sun”
کي خاص اهميت ملي. هن ڪتاب جي ذريعي انگريزي
پڙهندڙ دنيا کي، روميءَ جي فڪر (فلسفي) کي ويجهو
اچڻ جو موقعو مليو. هي ڪتاب بي پناه مقبوليت جي
ڪري، فارسي زبان کان پوءِ اردو ٻوليءَ ۾ به ترجمو
ٿي چڪو آهي. ڪتاب جو فارسي ترجمو حسن لاهوتي ”شڪوه
شمس“ جي نالي سان ڪيو آهي. سخن مترجم جي عنوان
سان، مترجم يارهن صفحن تي مشتمل مقدمو لکيو آهي.
جڏهن ته سيد جلال الدين آشيانيءَ، ان جو مفصّل
ديباچو لکيو آهي، جيڪو 68 صفحن تي مشتمل آهي.
ديباچو ستن حصن ۾ تقسيم ٿيل آهي، ۽ ان جي آخر ۾
خاتمو ڏنو ويو آهي، جيڪو ٻن حصن تي مشتمل آهي. هي
ترجمو (شڪوه شمس) ايران مان ڇپيو آهي(15).
هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر جاويد مجيد
”نيرّتابان- مولائـﻶ روم“
جي نالي سان ڪيو آهي. اردو ترجمي جو جامع مقدمو
مشهور رومي شناس، ترڪ اسڪالر ڊاڪٽر درمش بلگر لکيو
آهي. هي ترجمو لاهور مان 2017ع ۾ ڇپيو آهي(16).
ڊاڪٽر شمل پاڻ پنهنجي هن ذڪر ڪيل، ڪتاب جو نهايت
ڀرپور پيش لفظ لکيو آهي. ان ۾ پاڻ رومي اڀياس
بابت، پنهنجي سفر متعلق تمام گهڻي ڄاڻ فراهم ڪئي
اٿس. سندس لکيل پيش لفظ جي وقعت ۽ اهميت جي ڪري،
هن مضمون جي آخر ۾، ان جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
..... روميءَ جو فڪر ۽ شاعري، مغرب (يورپ) ۾
پهريان کان وڌيڪ نمايان ٿي آهي. وليم سي چيٽڪ هڪ
ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي:
“The
Sufi Path of Love”.
هي ڪتاب پڙهندڙ کي نه صرف هن عظيم صوفي شاعر جي
فڪر کان متعارف ڪرائي ٿو، بلڪه قابل قدر تازه ترين
ترجمن خاص ڪري، مثنويءَ جي ترجمن کي به پيش ڪري
ٿو. هي ترجما مثنويءَ کي مرتب ڪندڙ آر.اي. نِڪلسن
جي ترجمن کان وڌيڪ بهتر آهن. نِڪلسن جا ترجما شايد
ان ڪري ڏکيا ۽ پڪ سان شاعراڻا ناهن، ڇو ته هو پاڻ
هڪ وڏو اسڪالر هو.
جنهن سال منهنجو ڪتاب
The Triumphal Sun
ڇپيو، ان سال ۾ منهنجو ٻيو ڪتاب
Ich bin wind und du bist Feuer
جرمن زبان ۾ ڪولون (هاڻي ميونخ) جي ڊيڊ ريشنز
پبلشنگ هائوس پاران شايع ٿيو. گذريل سالن ۾ هي
ڪتاب ڪيئي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. ساڳئي اداري ڏهه سال
پوءِ منهنجو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل مولانا
روميءَ جو ڪتاب ”فيـﮧ مافيـﮧ“، بعنوان
Von allem und von Einen
ڇاپي نروار ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شمس انوري
الحسينيءَ جي خطاطي به شامل آهي. 1992ع ۾ منهنجو
هڪ وڌيڪ ڪتاب شمڀله بوسٽن مان شايع ٿيو. هن جو
عنوان جرمن ڪتاب وارو ئي آهي، يعني ”آءٌ هوا ۽ تون
باهه آهين“. هي بلڪل جداگانه ڪم آهي. ڪجهه مهينا
اڳ شمڀله وارن ديوان مان منهنجا ترجما ڪيل شعر
Look this is Love
نالي سان شايع ڪيا. هن ۾ انگرڊسچر جون ٺاهيل
درويشن جون عمده تصويرون به آهن. سال 1986ع ۾
UCLA
۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. ان جو موضوع هو:
Levi Della Vida.
اسان اڄ به ان ڪانفرنس جي روئداد جي ڇپجڻ جا منتظر
آهيون. مولانا روميءَ جي زندگي ۽ ڪارنامن بابت، هي
هڪ خاص ڪانفرنس هئي. وليم سي چيٽڪ، جَي سي برگال،
وڪٽوريه هالبروڪ، مارگريٽ اي ملز، ۽ ٻين مشهور
رومي شناس عالمن، هن ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهيا هئا.
اڻ ٽر سببن جي ڪري، هن روئداد جي ڇپائيءَ کي، تمام
گهڻي دير ٿي چڪي آهي.
روميءَ جي حوالي سان گذريل ڪجهه سالن ۾، ڪيئي
مضمون به نروار ٿيا آهن. انهن مان ڪجهه مضمون
The Heritage of Medieval Persian Sufism
۾ ڇپجي چڪا آهن. انهن مقالن کي ليونارڊ ليوزون گڏ
ڪيو آهي. مقالن جو هي مجموعو لنڊن ۽ نيويارڪ مان
1992ع ۾ ڇپيو آهي. هي مقالا سال 1990ع ۾ ٿيل
سمپوزيم جو نتيجو آهن. يورپي شاعرن پاران روميءَ
جي ڪلام جا آزاد ترجما توڙي سندس شاعريءَ جون
تضمينون به سامهون آيون آهن. ليڪن فارسي زبان ۽
اسلامي ثقافت کان، اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري اهي دلچسپ
نه آهن.
کوڙ متحرڪ سرگرمين جي باوجود به، رومي اڀياس جا
ڪيئي پاسا اهڙا آهن، جن متعلق تحقيقي ڪم اڃا ٿيڻو
آهي. ان ڏس ۾ هڪ پهلو مولانا جي عربي شاعريءَ جو
جامع اڀياس اڄ به توجهه طلب آهي. هي شاعري نهايت
عمدي آهي. ان ڳالهه جو تجزيو به اڃا رهيل آهي ته،
مولانا رومي ڪيئن قرآن ۽ حديث جا (اقتباس)، پنهنجي
فارسي شاعريءَ ۾ بي تڪلف ٿي استعمال ڪيا آهن. عربي
شاعر- متبني- جو جيڪو ذڪر جوڳو اثر (مولانا تي
آهي)، ان جي نشاندهي به اڃا ڪرڻي آهي. مولانا تي
ان نوعيت جي ڪم جو تعلق، انهيءَ عنوان يعني سندس
عربي شاعريءَ جي ذڪر ۾ اچي ٿو. تحقيق جو هڪ وڌيڪ
پاسو روميءَ جي شاعريءَ تي، خاقانيءَ جو اثر به ٿي
سگهي ٿو. ان حوالي سان ڀلي هڪ سٺو مضمون ئي لکيو
وڃي. ساڳي طرح تحقيق جو هڪ پاسو هي به آهي ته،
ننڍي کنڊ جي اسماعيلي برادري، مولانا رومي ۽ شمس
تبريز جي تعلق کي ڪيئن ٿي ڏسي؟ شمس تبريزي ۽ پير
شمس ملتانيءَ جي وچ ۾، سڃاڻپ يا هڪ جهڙائيءَ وارو
پراسرار تعلق (جيئن ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي)،
ڪيترن بحثن جو موضوع به رهيو آهي. ان حوالي سان
مرحوم سلطان محمد آغا خان (ٽيون)، جي فرمانن جو
اڀياس به مفيد ثابت ٿيندو. انهن فرمانن ۾ مريدن کي
روميءَ جو اڀياس ڪندي، احتياط جي هدايت ڪيل آهي.
هلندڙ سالن ۾ رومي اڀياس ۾، وڌيڪ اهم تاليف
سئزرلينڊ جي اڻ ٿڪ اسڪالر فرز ميئر جو ڀاري ڀرڪم
ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ”بهائـﻶ ولد“ آهي. هي ڪتاب
لائيڊن مان 1989ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب مولانا جي
والد گراميءَ جي حياتي ۽ آثارن (تحريرن) جو قدر
جوڳو تجزيو آهي. ان ذريعي خود مولانا جي شروع واري
زندگيءَ بابت معتبر ڄاڻ ملي ٿي. ميئر جي تحقيقات
جي پس منظر ۾، منهنجي هن ڪتاب جي شروع وارن صفحن ۾
تبديليءَ جي گنجائش پيدا ٿي آهي. خلاصو هي آهي ته
بهائـﻶ ولد بلخ جو رهاڪو نه هو. بلڪ هوآمو درياءَ
جي اُتر ۾ جنهن کي هاڻي تاجڪستان سڏجي ٿو، هڪ ننڍي
ڳوٺ وخش ۾ رهندو هو. اهو بلخ جي ماتحت علائقو هو
(سندس پٽ جو هي چوڻ ته پاڻ بلخ مان آيو هو، ائين
آهي جيئن اڄ ڪو آمريڪي هي چوي ته، هو نيارڪ سان
تعلق رکي ٿو، ڀلي اهو نيويارڪ جي اُترين علائقن يا
لانگ آءِ لينڊ ۾ پيدا ٿيو ۽ وڏو ٿيو هجي). ميئر جي
تحقيق موجب هي به، ثابت ڪري سگهجي ٿو ته، بهائـﻶ
ولد ۽ سندس پٽ، ڪجهه وقت سمرقند ۾ گذاريو، جڏهن
1212ع ۾ خوارزم شاهه شهر جو گهيرو ڪيو هو. ان طرح
”فيـﮧ مافيـﮧ“ ۾ گهيري جو قصو، حقيقت ۾ مولانا جي
ننڍپڻ جو سچو واقعو آهي. گنڀير ٿيندڙ سياسي صورت
حال، گهڻيون جنگيون، ۽ انتقامي ڪارروايون، وڌيڪ هي
ته مشهور ڪلامي عالم فخرالدين رازيءَ جي شهرت،
جيڪا بهائـﻶ ولد کان وڌي چڪي هئي (هن ڳالهه موٽندڙ
وهيء جي مبلغ
)عالم)
کي ظاهر آهي ته پريشان ڪيو هوندو. انهن سببن
بهائـﻶ ولد کي خلافت جي اوڀر وارن علائقن کي،
هميشه جي لاءِ الوداع چئي اولهه جي علائقن ڏي
لڏپلاڻ جي لاءِ تيار ڪيو هوندو. هن حالت جي تشريح،
پيشه ورانه برابري يا مخالفت جي صورت ۾ ڏسي سگهجي
ٿي. ان هوندي به بلخ کان لڏپلاڻ جي قطعي تاريخ کي
ثابت نه ٿو ڪري سگهجي. هي ڳالهه ياد رکڻ جي لائق
آهي ته، بهائـﻶ ولد پنهنجين روزانه يادگيرين موجب
جي ”معارف“ ۾ شامل آهن، روايتي معنيٰ ۾ صوفي نه
هو. هن کي صوفي سلسلي ۾ ڏسڻ جي ڪوشش، جيڪا احمد
غزالي (وفات: 1126ع) جي طرف وٺي وڃي ٿي، بلڪل بي
فائده آهي. ائين ٿو لڳي ته سندس مغرب طرف سفر چڱو
نه رهيو هو، جيئن پوئين دور جي سوانح نگارن بيان
ڪيو آهي. بزرگ عالمِ دين کي گهڻو عرصو، هيڏي هوڏي
گهمندي ڦرندي ۽ طويل مشڪلات کان پوءِ اناطوليه ۾
رهڻ نصيب ٿيو. قونيه جي سفر جي ڪشش رکندڙ ڪهاڻين
سان، چڱو خاصو اختلاف ڪرڻو پوي ٿو. انهن تفصيلن جي
لاءِ اولياءَ تي لکيل ڪتاب ڀريا پيا آهن.
تڏهن به هڪ ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي. بهائـﻶ ولد جو فڪر ۽
ان جو بلا ججهڪ- معي- چوڻ، يعني خدا منهنجي دل ۽
دماغ ۾ آهي، نه بلڪ جسم جي هر حصي ۾ آهي. هن- معي-
روميءَ جي اعليٰ روحاني تجربن کي چٽو بيان ڪرڻ ۾
گهرو اثر ڇڏيو. جوانيءَ جي زماني ۾ هڪ کان ٻئي ملڪ
تائين، بي آراميءَ سان ڀٽڪڻ مولانا روميءَ جي
حياتي، خاص ڪري فڪري زندگي توڙي روحاني زندگيءَ جو
هڪ اڻ کٽ سفر آهي. خدا جي حضوريءَ جي ڳولا، جنهن
کان پاڻ مڪمل آگاه هو (تصوف جو فلسفيانه اصطلاح
استعمال ڪرڻ کان سواءِ) مٿس اثرانداز ٿيو. سندس
سفر ڪڏهن به ختم نه ٿيو. جيئن وليم چيٽڪ پنهنجن ٻن
تازن ڪتابن ۾ ڏيکاري ٿو:
1.
The Sufi Path of Love
2.
Not the Sufi Path of Knowledge
مولانا رومي ۽ سندس دوست صدرالدين قونوي، شارح ابن
عربي ۽ متبنيءَ ۾ ٿيل بحث ٻڌڻ جي قابل آهن.
رومي پوري فڪري نظام کي چند مصراعن ۾ پيش ڪرڻ جي
صلاحيت سان مالامال هو. پاڻ عام سمجهه ۾ ايندڙ
ڪهاڻين ۽ استعارن جي ذريعي، اعليٰ ترين تجربن کي
سمجهه لائق بنائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. هي ڳالهه
ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل هندستان جو فلسفي شاعر، محمد
اقبال 1910ع ۾ پنهنجي ڊائريءَ
(Stray
Reflection No.37)
۾ بيان ڪري ٿو:
”زندگيءَ جي گهري سچ کي سمجهائڻ لاءِ، غير معمولي
ڏاهپ کپي.“
پاڻ حضرت عيسيٰ، شيڪسپيئر ۽ روميءَ کي، شايد
غيرمعمولي قابليت وارو انسان سمجهندو هو.
مولانا روميءَ جو جلال ۽ جمال وارو الاهي تصور
جامع هو. سونهن ۽ عشق هڪ هٿ تي، وڏائي ۽ طاقت ٻئي
هٿ تي. هڪ جو ٻئي کان سواءِ ڪوبه تصور ڪونهي. هي
سج وانگر آهي. ان جي گرمي برف کي ڳاري ٿي. ميون کي
پچائي ٿي. پر جي ان کي ڪو ويجهو اچي ٿو ته، باهه
ان کي ساڙي ٿي. هن سج تائين پهچ جي لاءِ علامتن جا
پردا ضروري آهن. مولانا رومي اهڙين نشانين کي زمين
تي موجود، تمام گهٽ سطح ۽ گهٽ اهم ترين واقعن ۾
ڏسي سگهندو هو. سندس لاءِ هر چيز هڪ نشاني هئي.
سندس شاعريءَ کي قرآن جي هن آيت تي، مستقل طور غور
سان اُڀرندي ڏسي سگهجي ٿي:
سَنُرِيْهِمْ اٰيٰتِنَا فِي الْاٰفَاقِ وَفِيْٓ
اَنْفُسِهِمْ
(حم السجده 53)
ترجمو: يعني اسان پنهنجيون نشانيون آسمان ۽ ان کي
پاڻ ۾ ڏيکارينداسين.
هيءُ حقيقت ذهن نشين ڪري هي سمجهي سگهجي ٿو ته، ڇو
جاميءَ (1492ع) مثنوي کي
”فارسيءَ ۾ قرآن“ (قرآن در زبان فارسي) چيو هو.
مولانا رومي جي سڄي فڪر جو قرآني بنياد خاص طرح
مثنويءَ ۾ واضح آهي ته، ان جي گهري مطالعي سان
بنياد وڌيڪ پختو ٿي وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه مولانا
روميءَ جي نبي ﷺ جن سان گهري احترام ۽ عشق جي
حوالي سان سچي اچي ٿي، ولولي سان ڀرپور شعر گهڻو
ڪري ان ئي احترام ۽ عشق مان ڦٽي نڪتل آهن.
جلال الدين رومي ۽ شمس تبريزيءَ ۾ پهرين ملاقات جو
قصو، سندن خيال جي تمام اهم پهلو ڏانهن اشارو ڪري
ٿو. کين روحاني سج يعني شمس جي اثر هيٺ پروان
چڙهڻو هو. جڏهن منفرد درويش شمس، مولوي جلال الدين
کان پڇيو (جيئن روايت ڪئي وئي آهي) بايزيد بسطامي
وڏو هو يا ﷴﷺ؟ مولانا رومي بي هوش ٿي ويو هو. شمس
جو سوال هن حقيقت جي طرف اشارو هو ته بايزيد چيو
هو، سبحاني! جڏهن ته نبي ﷺ جن تسليم ڪيو هو ته
”اسان تنهنجي تعريف ۽ ثنا، جيئن ان جو حق آهي،
ائين ادا نه ٿا ڪري سگهون! انهيءَ ڪري شايد روميءَ
جون اکيون هن تضاد ڏانهن متوجه ٿيون، جيڪو سڀني
مذهبن جي تاريخ ۾ موجود آهي. مثال روحاني تجربو،
جنهن جو مقصد ڪامل فنا في الله ٿيڻ آهي، ايسين
تائين جو عبديت ۽ پيغمبرانه فڪرن وچ ۾ تضاد.
پيغمبر هر لمحي باخبر هوندو آهي ته هو خدا جو بندو
آهي، مخلوق آهي، جيڪو اعليٰ ترين رحمتن وقت ”قاب
قوسين“ تائين پهچي سگهي ٿو. (سوره 53:9) هي ”صحو ۽
سڪر“ اولياء جي قرب النوافل ۽ پيغمبرن جي قرب
الفرائض، مستي ۽ ”بلوغت ثاني“ خدا جي اُٿاهه سمنڊ
۾، پنهنجو پاڻ کي گم ڪرڻ، ۽ دلير ڪري ڇڏڻ واري نور
۾ آسماني سفر ڪبريا جي وچ ۾ تضاد آهي. مولانا
روميءَ کي اعليٰ ترين مذهبي تجربن جي ٻنهي پهلوئن
درميان زندگي گذارڻي هئي.
روميءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي گهڻا اهڙا شعر ملن ٿا
جن مان روميءَ جي شعري تشڪيل ٿئي ٿي. هو شاعري
ڳائڻ ۽ تمثيل ڪاري ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. جهڙوڪ هو
دوست جي بانسري هجي. سندس دعويٰ آهي ته هو سدائين
جي دعائن مان پاڻ سراپا دعا بنجي چڪو آهي، کيس
انهن ماڻهن تي ڪاوڙ اچي ٿي، جيڪي کيس تنگ ڪن ٿا ۽
سندس شاعريءَ کي صحيح نه ٿا سمجهن يا سندس تصورن
کي ڊرامائي شعرن ۾ ترجمو ڪن ٿا. رومي جيڪو به چئي
ٿو، سو تمام گهڻو سگهارو آهي. تنهن باوجود هو جيڪو
چئي ٿو، هو پنهنجي حقيقي احساسن کي تمثيلن جي
رنگارنگ پردن ۾ لڪائڻ جي اميد سان چئي ٿو. مثال
طور مثنويءَ جي شروعات ڏسي وٺو.
اَبدي محبوب جي چاهت جنهن شمس الدين جي روپ ۾
مولانا روميءَ تي پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪيو. ان کان
پوءِ مختلف ذريعن سان صلاح الدين زرڪوب ۽ پوءِ ان
جي مريد حسام الدين چلپيءَ جي ذريعي ان جو اظهار
ڪيو. مولانا رومي رحمته الله عليه زليخا جي ڪهاڻي
اختيار ڪري ٿو. زليخا عشق جي ماريل عورت آهي، سندس
هر لفظ يوسف طرف، ان جو نالو کڻڻ بنا اشارو ڪري
ٿو. اها جيڪو به چئي ٿي، سو دوست طرف اشارو هو،
سندس هر لفظ مان مراد اهوئي هو. هوءَ سندس نالو
احتياط سان ٻين کان خفيه رکندي هئي. بک وقت اهو
سندس خوراڪ هو، سرديءَ ۾ سندس لاءِ گرم ڪوٽ هو.
مثنويءَ جي ڇهين دفتر جي بلڪل آخر ۾ هيءُ عظيم
منظر، جيڪو غالباً مولانا رومي جي وفات کان چند
هفتا پهريائين لکيو ويو هو، اهو هڪ لمحي لاءِ شاعر
جي دل ۾ جهاتي پائڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
زليخا جي سهڻي يوسف سان عشق جي پردي ۾، جنهن جي
لاءِ ان جي جمال مطابق فقط آئينو ئي تحفي طور آڻي
سگهجي ٿو، رومي خود پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي
ٿو. اهو شمس جيڪو آئيني ۾ تبديل ٿي چڪو هو.
زاروزار روئڻ ۽ شمس جي نالي جي لاڳيتي ذڪر سان هو
صاف ٿي چڪو هو. ان شمس جو آئينو جيڪو پنهنجو پاڻ
کي ڏيکاري ٿو، جيئن هو مثنوي جي شروع ۾ چئي ٿو:
آفاق ۾ بلڪ ان کان به زياده سوين ڀيرا وڌيڪ شاندار
انداز ۾ عاشق جي روح ۾!
حوالا:
(1)
غلامي، ڊاڪٽر معصومه: ”مثنوي مولانا روم- ترجما ۽
شرحون“ (اردو)، ص 11، الفيصل لاهور، 2012ع.
(2)
ساڳيو حوالو، ص 30.
(3)
ديوان جامع شمس تبريزي، مولانا جلال الدين رومي،
مصطفيٰ زماني نيا، تهران 1374هه.ش.
(4)
تبسم، عبدالرشيد: ”ملفوظات رومي“، ص 04، اداره
ثقافت اسلاميه لاهور، 1954ع.
(5)
غلامي، ڊاڪٽر معصومه (حوالو نمبر 01)، ص 46.
(6)
مجيد، ڊاڪٽر جاويد: ”نيرّتابان- مولائـﻶ روم“
(مقدمو: ڊاڪٽر درمش بلگر)، ص 12-13، گوهر
پبليڪيشن لاهور، 2017ع.
(7)
اختر الواسع، فرحت الله خان: ”دانائـﻶ راز-
اناماري شمل“، ص 06، مڪتبئه جامع نئين دهلي،
2003ع.
(8)
Chaghtai, M. Ikram: “Rhine to Indus, Collection
of A. Shimmel’s Writings”, Pakistan writers
co-operative Society, 2012.
(9)
A. Shimmel: “Orient and Occident, My Life in
East and west”, P. 101, Iqbqal Academy Pakistan,
Lahore, 2007.
(10)
Ibid, P. 247.
(11)
Ibid, P. 241.
(12)
Ibid, P. 100.
(13)
حوالو (نمبر 06)، ص 07.
(14)
A. Shimmel: “The Triumphal Sun- A Study of the
works of Jaloloddin Rumi” (Foreword by: Ehsan
Yarshater), State University of New York Press,
1993.
(15)
لاهوتي، حسن: ”شِڪوه شمس“ شرڪت انتشارات علمي و
فرهنگي، تهران 1370هه.ش.
(16)
نيرّتابان- مولائـﻶ روم،
ص 08، گوهر پبلڪيشنز لاهور، 2017ع.
|