سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 03/ 2021ع

باب:

صفحو:14 

مخلص چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

غزل

توکي ساري يار اڄ،

ٿو روئان دلدار اڄ.

تون جي ايندين ماهرو،

ويندا ڏک جا بار اڄ.

هجر تنهنجي  ۾ روان،

ڏس اکين جا نار اڄ.

ڪِيم ڪر تون اي پرين،

پنهنجي دل کان ڌار اڄ.

اچ رهون گڏجي سدا،

ايءُ ڪريون اقرار اڄ.

ڪوبه تنهنجي سونهن کان،

ڪيئن ڪري انڪار اڄ.

موهجي ويندا مٿئي،

جن ڏٺا سينگار اڄ.

چنڊ جي چهري مٿي،

رات جا رخسار اڄ.

تنهنجي در تان ٿا پنن،

شاهه ۽ نادار اڄ.

تنهنجي آڏو اي سڄڻ،

آندو ڪنهن لاچار اڄ.

تنهنجي سڏ تي پيو اچان،

مون ڇڏيا ڪم ڪار اڄ.

يار ’مخلص‘ مهربان،

ويا لهي لاچار اڄ.

 

’مصروف‘ چانڊيو

ڪنري

 

 

 

 

(نطم)

هِت پيار هجي- نظم

هي سنڌ سڄي آباد هجي، هي سچو منهنجو خواب هجي،

نه ڪنهن سان ڪو تڪرار هجي، هت پيار هجي بس پيار هجي،.

 

هت قرآن گيتا ويد هجي، هت دشمني ناپيد هجي،

نه ڪنهنجو ڪنهن تي کيڌ هجي، نه ڪنهن کي ڪو آزار هجي،

هت پيار هجي بس پيار هجي.

هت ناري ڪا ڪاري به نه ٿئي، ڪو جرڳو ڀوتاري به نه ٿئي،

هت قابض ڌر ڌاري به نه ٿئي، نه ظالم ڪو ڀوتار هجي،

هت پيار هجي بس پيار هجي.

هت موجن ۾ مهراڻ هجي، خوش ٻڍو ٻار ۽ جواڻ هجي،

لوئي ۽ پٽڪو ساڻ هجي، هر ڌاريون ڌوتو ڌار هجي،

هت پيار هجي بس پيار هجي.

هت نياڻين نيلامي نه ٿيئي، ڪو ڌارين جو حامي نه ٿيئي،

ڪا غيرن غلامي نه ٿيئي، نه دهشت جي ڌڌڪار هجي،

هت پيار هجي بس پيار هجي.

ڪو شيطانن کي شرم ٿيئي، هت نوڪر شاهي نرم ٿيئي،

هن قوم تي چانڊيا رحم ٿيئي، نه ڏاڍن جو ڏهڪار هجي،

هت پيار هجي بس پيار هجي.

 

سليم رضا

ٽنڊوجان محمد

 

 

 

 

غزل

عشق جو آستان ٿي ويس،

پيار جو داستان ٿي ويس.

 

مان اوهان جي خيالن اندر،

ڪو نئون ئي گمان ٿي ويس.

 

گيت لکندي غزل ۽ نظم،

شاعريءَ جي زبان ٿي ويس.

 

تون ڪتابن ۾ اڙيو رهين،

مان اکر ۾ بيان ٿي ويس.

 

پيار خوشبو لِڪي نه سگهي،

تنهنجي اک مان عيان ٿي ويس.

 

پوپٽن جي پرن جان هيس،

تنهنجي مُٺ ۾ زيان ٿي ويس.

 

مان سگهارو گهڻو هئس ’رضا‘،

هُن ڇڏيو ناتوان ٿي ويس.

بشير احمد ڪنڀار

ٽنڊوجان محمد

 

 

 

 

غزل

وئين سڄڻ تون دل کڻي، ايمان سان ايمان سان،

وئين جهان ۾ تون وڻي، ايمان سان ايمان سان.

 

پل گهڙي ۾ دلربا وئين گهور سان گهائل ڪري،

واهه ڪجل جي سا اَڻي، ايمان سان ايمان سان.

 

حسن تنهن جي جي مٺا ٿيندي به ڇا مون کان ثناء،

حيرت هزارن کي هئي، ايمان سان ايمان سان.

 

لال لبڙن تي ڪيل لالاڻ قدرت جو ڪمال،

وار ڪارن تي ڦڻي، ايمان سان ايمان سان.

 

ناز ۽ انداز تي مستان بيحد ٿيو ’بشير‘،

بات ڇا آهي بڻي، ايمان سان ايمان سان.

 

علي اظهار

 

نظم

دل چوي ٿي ته

اِنهن اکين کي

باهه ڏئي ساڙي ڇڏيان

تون ته کڻي مون کان

پري آهين

تنهنجا خواب به

مون کي نٿيون ڏيکارن

مون کي ياد آهي ته

جنهن ڏينهن تو منهنجي ٻانهن

زور سان مروڙي هئي

اُن ڏينهن منهنجي نبض

ڏاڍو تيزيءَ سان هلي هئي

۽ مون کي شدت سان اهو

احساس ٿيو هو ته

آءٌ جيئري به آهيان

گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو

ٻانهن جي مروڙ جو اُهو سور

لَهي ويو آهي

۽ نبض به هلڻ بند ٿي وئي آهي

ڪنهن ڏينهن ماني پچائيندي

اها ٻانهن ۽ نبض

ٻئي چلهه ۾ وجهي ڇڏينديس

اڄ اَمان کان ضرور پڇندس ته

”تو مون سان گڏ“

جدائيءَ کي ڇو ڄڻيو هو!!؟

 

نذر عباس

غزل

اَمبر عشق جو آ شبابي شبابي،

مگر چنڊ پوءِ ڀي حجابي حجابي.

 

تنهنجا نيڻ جاڳيل عُنابي عُنابي،

ڀريل ڄڻ ڪٽورا شرابي شرابي.

 

ڪڏهن ڪانه ٿيندي غداري اسان کان،

مِٽي عشق منهنجو ترابي ترابي.

 

تدارڪ انهيءَ جو سڀئي گڏجي ڳوليون،

ڪجي ڏور ڪيئن هي خرابي خرابي.

 

زمين تان نگاهون هٽڻ ڪين گهرجن،

هُجن ڀَل اُڏارون عقابي عقابي.

 

هي خورشيد و انجم اوهان جون مثالون،

سدا ذات منهنجي شهابي شهابي.

 

عقل عشق واريون هي رمزون ڇا ڄاڻن،

پڙهاڪُو رڳو جي ڪتابي ڪتابي.

 

کڻي هٿڙا ’عباس‘ دعائون گهرون هي،

گهڙيون جلد گذرن عذابي عذابي.

 

استاد محسن علي شر

خيرپورميرس

 

 

 

 

وائي

تنهنجي سڪ لڳي آ يار، هاڻي موٽي آ.

 

رنگ رنگيلا گل ٽِڙيا هن، هرهنڌ آ هٻڪار،

هاڻي موٽي آ.

ڪانه وڻي ٿي توکانسوا، مون کي مند بهار،

هاڻي موٽي آ.

سهڻا تنهنجي سڪ ۽ سار، نٿو وڻي ڪم ڪار،

هاڻي موٽي آ.

’محسن‘ تولئه لالڻ لُڇي ٿو، دير نه ڪر دلدار،

هاڻي موٽي آ.

 

مير منظور علي جويو

خيابان- دادو

 

 

 

 

نظم

سهڻي لڳي ٿي مُرڪ محبوبن جي لبن تي،

مستن جي چاهه ۾ هوندو آهي قلندر.

 

ٽُٽل دلين جا وڇڙيل هت ملن ٿا،

اونداهي راهه ۾ هوندو آهي قلندر.

 

دنيا جا درد ستائين ٿا هت اچون ٿا،

محبت ڪندڙن لاءِ هوندو آهي قلندر.

 

رندن مستن لاءِ دلي سڪون رهنما،

سٺي هر سوچ فڪر ۾ هوندو آهي قلندر.

 

بيوسي جي نظرن دنيا جي ڏکن ڪيو آ پريشان،

ويراڳي جي هر دؤر ۾ هوندو آهي قلندر.

 

دنيا جي محور تي سج اُڀري ۽ لهي ٿو،

اسانجي دلين جي حق ۽ سچ جي سدا هوندو آهي قلندر.

 

سمايل آهي دل ۽ دماغ ۾ چاهه ’منظور‘،

ساهه جي سڳڙي سڪرات ۾ هوندو آهي قلندر.

 

مُستقيم ’بازيدپوري‘

ڪنڊيارو

 

 

 

 

 

غزل

مَقتلن جو هڪ، رواج ٿي آ ويو،

جو ڪُٺو سو ته سر تاج، ٿي آ ويو.

 

سِرُ ڪپائي سُرخرو، سدا جي ٿيا،

موتُ تن ڪاڻ معراجُ، ٿي آ ويو.

 

جي فقط ئي ته، ڄاڻن فتويٰ، حوفَن ٿا،

تَن کان ته واقف سَماج، ٿي آ ويو.

 

دانهن ڌرتي سَندي، وَرنائي به ڪيرُ،

هِتِ ته هر ڪوئي حِجاج، ٿي آ ويو.

 

آ تِکي اَڄُ به ترارَ، تهذيبن تي،

ڏاڍُ هن دؤر جو ڏاجُ، ٿي آ ويو.

 

عبدالڪريم بلوچ

 

 

 

 

 

غزل

ننڍ لئه ثوابَ آهيون پرين!

جاڳ جا جَوابَ آهيون پرين!

 

مُنهنجي پويان گِلا جا گناهه،

پاڻ گردابِ آهيون پرين.

 

پير تاريخ جا هِن لڌا،

کوجنا خوابَ آهيون پرين.

 

تو وساري وتي ڪنڊ ’ڪريم‘،

عشق ۾ آبَ آهيون پرين.

يونس همدم

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

 

غزل

 

خاموش صدا آهيان،

لُڙڪن جي ڪٿا آهيان.

 

جيڪا نه اگهامي ٿي،

ڪا اهڙي دعا آهيان.

 

مُرڪي نه ڏسو مون ڏي،

پن ڇڻ جي هوا آهيان.

 

بي رحم زماني ۾،

بس خود لئه سزا آهيان.

 

غم کي نه گهٽائي جا،

مان اهڙي دوا آهيان.

 

منزل کان اڳي لٽجي،

مان اهڙي رضا آهيان.

 

آ تنهنجو قسم ’همدم‘،

تنهنجو ئي صفا آهيان.

 

خطائي ٿيٻو

ٻوڏار فارم- عمرڪوٽ

 

 

 

 

 

 

غزل

پنهنجي هٿن تي ميندي وانگر لڳاءِ مون کي،

تنهنجو ئي ساز آهيان، دل سان وڄاءِ مون کي.

 

روشن طبق سمورا تنهن جي طفيل ٿيندا،

تنهنجو ئي ديپ آهيان، جلدي جلاءِ مون کي.

 

ايڏو نه عام ناهيان، ايڏو به خاص ناهيان،

تنهنجو ئي خيال آهيان، هٿ سان وڌاءِ مون کي.

 

در در رلائي مون کان ڪهڙا ٿو وير وارين،

تنهنجو ئي راز آهيان، خود ۾ سماءِ مون کي.

 

آئون ’خطائي‘ شاعر تنهن جي حسن تي لکندس،

تنهنجو ئي گيت آهيان، ڀرپور ڳاءِ مون کي.

 

غلام حيدر خاصخيلي

اڏيرو لال- اسٽيشن

 

 

 

 

غزل

ٻاگهل جا ڳل نيڻ صحيفا واهڻ ئي جل ٿل آهي،

وار ڪري ڀي دشمن جو چهرو پگهر ۾ شل آهي.

 

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چنگهاڙون ڪتن جي باهوڙ ٻڌي،

بي سڌ گهري ننڊ ۾ گهر جو مالڪ مست ستل آهي.

 

وڻ وڻ پن جا بخيا اڊيڙي وحشي رسم رڙي پئي،

بازن جي ڏس گهيري، بلبل گل ڪويل آهي.

 

رت جو درياهه پار ڪري ڪونه ڦٽو هڪ نيل ڪنول،

رهزن رت جي پيرن ۾، ميرل، پيرل، افضل آهي.

 

مشعل مان ٿا مشعل ٻاري دلين کي تسڪين ڏيون،

اوجهر منزل هرسو هر پل برپا مقتل ڪربل آهي.

 

مڪليءَ جي اوتارن ۾ پور لياڪا ۽ جهاتيون،

ديبل جي اوجاڳن ۾ ڪيڏو درد لڪل آهي.

 

ڪوڙهه وتل دل ذهنن کي ڪو آهي ’خليفا‘ سمجهائي،

ڏاڍ ڏمر يا پيار محبت مسئلي جو حل آهي.

 

مئخاني ۾ جاءِ پناهه ڪنهن ڳولهي مسجد مندر ۾،

ڪنهن جي مٺ ۾ واري ’حيدر‘ ڪنهن وٽ سارو سرڪل آهي.

 

مجاهد حسين سولنگي

نوشهروفيروز

 

 

 

 

غزل

ڏکيون ٿيون گذرن ڏينهن راتيون،

دهشت گهڻي ڄڻ شينهن راتيون.

تنهنجي هجر ۾ ٿو کاڄان ۽ کامان،

اکين ۾ هن سانوڻ مينهن راتيون.

سڳڙو ساهه جو ڇڄي يار پوندو،

چڱيون ناهن گهارڻ هيئن راتيون.

ڏکيو ڏينهن به آ، پر گذري وڃي ٿو،

تنهائي جون گذرن ڪيئن راتيون؟

ڏکن ڏور جي اگهي شل دعا ’مجاهد‘،

۽ ٿين توسان نيبهه نينهن راتيون.

غزل

اسان جي پنڌ جون گهٽيون کُٽن ٿيون يار جي در تي،

نمائي نيڻ بيهندا هون سدا سرڪار جي در تي.

پسڻ پرين پاڪ پيشاني، پُڳا پهرين پهر کان ئي،

ڪري درشن ڪندا دعائون، سخي سردار جي در تي.

محبتي ماڻهو ڪجهه نٿا ڄاڻو، نه ٿاڪ ڪو ٿاڻو،

بس! روحڙي رياضت پرين پيار، پرديدار جي در تي.

ڏسو معجزو يارو راڻي پوري رهبر احمد شاهه جو،

مريدن ۽ مداحن جا متل ميڙا، بازار جي در تي.

بڻيا مال ماڻهو هن، تن کي ڪهڙو ڪال پئسي جو،

هن انبوهه انسانن جا دائم دلاري درٻار جي در تي.

سچا سائين سڻ سڏڙا، ميٽجي مونجهه ’مجاهد‘ ڪا،

ٿي خوب خوشتر ڏيان دستڪ، ڀلي پار جي در تي.

 

غلام مرتضيٰ ’مدهوش‘ چانڊيو

گرامڻي- ننگرپارڪر

غزل

منزلون مايوس دل جون ٿي پيون ان چيٽ کان،

ويون لڳي مونکي ٻئي دلبر جون دوناليون گيٽ کان.

 

جنهن دم دري مان دوبدو ديدار ٿيو دلبر  سندو،

ٿي چٽيائين تير قھري ويا مٽي منھن پيٽ کان.

 

ھن ته غمگين دل کي گھور سان گھائي وڌو،

گھاء ڪيو زخمي بدن تي ڪان ھو اک ٽيٽ کان.

 

مرتضيٰ  مدھوش موسم بانوري بڻجي پوي،

ٿي پون ساوا سلا ھئا سڪل ڪنهن کيٽ کان.

 

اعجاز ڀاڻيپوٽو

ٽالهي

 

 

 

 

 

غزل

حياتي  جا  ڏينهڙا   گُذرندا    وڃن  ٿا،

محبت   جا   ميلا    نبرندا     وڃن  ٿا.

 

خوشي ڪي  گهڙيون آ سدا  سور آهن،

مليا  غم     اسان   کي     ڀرپور    آھن،

نوان  سور   ساٿي  نسرندا    وڃن   ٿا.

 

تنهنجي ياد جا ڪي چٽيل عڪس آھن،

اکين جي اڳيان سي ڪندا  رقص  آھن،

تنهنجا  پيار  توکان  وسرندا   وڃن   ٿا.

 

حياتي  تي   جاني  بقا   ڪهڙو    آھي،

ٿيندو ڇا صبحاڻي ڏٺو ڪنهن به ناهي،

پکي  پيار   وارا    اُڏرندا     وڃن    ٿا.

 

خوشي  غم   ملي هي  ٺهي  زندگي  آ،

اعجاز سونهن جي ڪئي سدا بندگي آ،

سهڻا  ماڻهو  دل   ۾   اُترندا   وڃن  ٿا.

 

مصطفيٰ موج جنون چانڊيو

نبي سر

غزل

تڪبّر جي جنازي تي اَنائن لُڙڪ پي هاريا،

خودي کي موت کائي ويو خطائن لُڙڪ پي هاريا.

 

سڙيو پي لاش مُفلس جو شفاخاني ۾ لاوارث،

اَميرِ شهر دم ٽوڙيو، دُنيائن لُڙڪ پي هاريا.

 

مُصورُ هو يا خالق هو قوي هو سنگ تراشا هو،

ڪري ويو اَلوداع آذر، خدائن، لُڙڪ پي هاريا.

 

ڏڪاريل ڏيهه منهنجي تي، بنا مُند مينهُن جو آيو،

لڳو ٿي ٿر جي حالت تي، گهٽائن لُڙڪ پي هاريا.

 

سُڪل هُئي سير سنڌوءَ جي درد درياء جيڏو هو،

مُهاڻين سان مٿا ٽيڪيو ملاحن، لڙڪ پي هاريا.

 

اَسان کي ياد آ هڪ هڪ گهڙي، صدئين پڄاڻان جي،

زبانن تي لڳا تالا صدائن، لُڙڪ پي هاريا.

 

چڙهيو بيڏوهه ڪو ڦاسي زندانن ۾ به ٿيا ماتم،

پُڇي ڏس وقتِ مُجرم کان وفائن، لُڙڪ پي هاريا.

 

تجمّل سُونهن جو جڏهن ملي ’موج جُنون‘ ٿي ويو،

حُسن ٿيو عشق سان همدم حِنائن، لُڙڪ پي هاريا.

 

راز علي گل ڀٽو

گمبٽ

غزل

ڪُفارو قرب جو ڪڍبو، ته ڏاڍيون دشمنيون ٿينديون،

نظارو نينهن جو ڏسبو، ته ڏاڍيون دشمنيون ٿينديون.

 

رَکائي روح کي روزو، ڇڏي سي ڇيڪ شيطاني،

اُڌارو عشق جي وٺبو، ته ڏاڍيون دشمنيون ٿينديون.

 

چڙهيل آ عشق جي آوي، آهي ڪو سِرُ وجهي سِرَ لئي،

برهه جي باهه کان بچبو، ته ڏاڍيون دشمنيون ٿينديون.

 

هي دنيا دارن جي، هلي ڪٿ ديندارن سان،

ٿي نانگو نينهن ۾ نچبو، ته ڏاڍيون دشمنيون ٿينديون.

 

چُڪي چاهت چکڻ خاطر، پيتوسين پيار جو پيالو،

جي نالو نينهن جو وٺبو، ته ڏاڍيون دشمنيون ٿينديون.

 

نم ناز

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

 

غزل

اوهان جي مُحبت جا هيراڪ ٿيندا،

پرين دربدر سي ته رولاڪ ٿيندا.

 

اوهان جي اکين ۾ ڏسي بي رخي کي،

وفائن جي پيرن جي، سي خاڪ ٿيندا.

 

اسان جي بِنا روپ بيڪار تنهنجو،

اکين ۾ ڪجل تنهنجا غم ناڪ ٿيندا.

 

غزل ۽ نظم سڀ گُلابن کي ارپي،

ٻُڌا پيلي پن جا ڪٿي ٿاڪ ٿيندا.

 

لڳا تير جن جا، فراقن وڪوڙيو،

اُهي غم جا ماريل ڪٿي چاڪ ٿيندا.

 

عقل جا اڪابر ۽ ڪامل ذهانت،

گناهن ۾ ڄايل سي ڇا پاڪ ٿيندا.

 

مبارڪ هٿن سان اوهان مئي آ پياري،

اُهي ’ناز‘ ڪيڏا نه چالاڪ ٿيندا.

 

عاجز ڇٽو

اڏيرو لال اسٽيشن

غزل

چڻنگ ناهي ڪا ٻري احساس جي،

ماءُ ڀي آهي مئل وشواس جي.

جيءُ جهوري ۾ جهري ٿو دوستو،

آس ڪچلي آ وئي هر آس جي.

زندگي جو فلسفو سامهون رکي،

کوجنا ٿوري ڪجي اتهاس جي.

واسجي سارو ويو منهنجو وجود،

ڄڻ ته بارش آ وٺي هت واس جي.

چنڊ تارن ڪهڪشائن جي مٿان،

اک سدائين آ رهي آڪاس جي.

موهه ۾ مدهوش ٿيون ’عاجز‘ دليون،

ڇا ته رنگت ٿي لڳي الماس جي.

غزل

جي عاشقي ۾ اڙي ته ڇا ٿيو،

اوهان ڪئي بي وڙي ته ڇا ٿيو.

اثر نه پوندو ذرو اوهان تي،

جهڳي اسان جي سڙي ته ڇا ٿيو.

بيڏوهه يارو ويا قتل ٿي،

رنڀي دنيا جي رڙي ته ڇا ٿيو.

اُجاڙي دل کي صفا جنجهوڙي،

ذري خوشي جي لڙي ته ڇا ٿيو.

نه سار سڌ ڪا لڌي عجيبن،

اسان جي اک هِت ڳڙي ته ته ڇا ٿيو.

هن دل کي ’عاجز‘ ڪنهن جهار وانگر،

اوهان اڏائي تڙي ته ڇا ٿيو.

خادم حسين علوي

هالا

 

 

 

 

غزل

وڌي ير غير آ گهاري خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،

اکن مان نير آ جاري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

وسارڻ سان نه ٿو وسري سدائين ياد آ دل ۾،

کنيو مون بار آ باري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

جهان ۾ ڪو مزو ناهي چوڻ وارا چون ٿا پر،

اجائي سوچ آ ساري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

ٻڌايان ڇا زماني کي دل نادان هٿن سان ئي،

برهه جي باهه آ ٻاري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

نه ڪوئي حال ڀائي آ نه ڪوئي دم دلاسو آ،

عجب ماحول آ طاري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

اِها بلڪل حقيقت آ مڃان ٿو عشق جي بازي،

هٿن سان پنهنجي هاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

نه ’همدم‘ آ نه ساٿي آ، سڀن جي دل زماني ۾،

چڱائي کان ته عاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

غزل

جفائن تي جفا ڪر سَهَڻَ جو حوصلو آهي،

اسان جي عشق جو توسان اُهوئي سلسلو آهي.

بلاشڪ بيوفا کان دور گهارڻ ۾ غنيمت آ،

مگر مان ڇا ڪيان دلبر سوا مَنُ، هيڪلو آهي.

اِها بلڪل حقيقت آ عدل جي پڻ تقاضا آ،

زماني ۾ ڀلائي جو صلو بيشڪ ڀلو آهي.

دلِ ويران جي منزل ڏي روان هي ڪير ٿا ڏسجن،

دلِ ويران جي ساٿين جو هي يارو قافلو آهي.

اجائي گفتگو ناهي حقيقت صاف آ ظاهر،

”ديار“ غير ۾ هردم اوهان جو آسرو اهي.

حقيقت هرڪنهن کي ڇا ٻڌايان حالَ جي يارو،

اسان جي عشق ۾ حائل سدائين ڪونه ڪو آهي.

ڀلي جور و جفا ٿيندو رهي، ليڪن سدا ’همدم‘،

ڏکن ۾ مان ته سمجهان ٿو ته منهنجو ڀرجهلو آهي.

 

محمد منٺار هوت

جهڏو

 

 

 

 

غزل

سڄڻ سڪ جي ڏنئي مون کي سزا اِهڙي جو ڇا چئجي،

دِلاسا ڏيئي ڪيئي دلبر دغا اِهڙي جو ڇا چئجي.

 

رکي دل ۾ دعائون تون ڪندو هُئين مُنهن مٿي مِٺ مِٺ،

قسم سان تو ڪئي مون سان صَفا اِهڙي جو ڇا چئجي.

 

ڌُريان هُئين ڌاريو دلبر، ڏکن ۾ ڌار ٿي بيٺين،

وفا عيوض ڪيئي مون سان جفا اِهڙي جو ڇا چئجي.

 

هُيم هي آسرو دل ۾ ڪندين دلبر وفاداري،

مگر دِلڙي ڪيئي منهنجي خفا اِهڙي جو ڇا چئجي.

 

ڇڏي ريتون رُسڻ واريون، ملج ’منٺار‘ سان هيڪر،

ڪري دِل ’هوت‘ جي توکي دُعا اِهڙي جو ڇا چئجي.

 

مير مختيار ٽالپر

بدين

 

 

 

 

 

 

غزل

اسان ليکڪ چريا ناهيون، ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

اناڙين کي پيا اُتساهيون، ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

 

اسان هر دور جا حالات، ڪتابن ۾ سهيڙيا هَن،

ڀلا ڪنهن کان ڊنا آهيون؟ ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

 

اسان اجرڪ، اسان ٽوپي، اسان پٽڪي جي پوڄا ڪئي،

ڪيڏو ٿا قوم کي ڀانيون، ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

 

سدائين حق تي، سچ تي، لکيو بي خوف ٿي آهي،

حسن کي ڀي ته ٿا چاهيون، ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

 

امڙ خود رهي، اذيئتن ۾، ٻچن جو پيٽ پاري پئي،

تنهن جا ٿورا به ڪيئن لاهيون؟ ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

 

’مختيار مير‘ مصيبت ۾، پنهنجو ڪم پوءِ به ايندو آ،

غيرن کي ڇو گلي لايون، ماڻهن کي ڪير سمجهائي؟

 

نُور نبي ناچيز

ٽنڊو الهيار

 

 

 

 

غزل

آس جي آڙاهه ۾ ارمان ٻَرندا ئي رهيا،

درد ڌُوڌا ٿي ڌَڳي دامان ٿيندا ئي رهيا.

 

جِيءَ جي گهاڻي ۾ پسجن ٿا سُکائن جا ڪَڻا،

بي ڪَسي جي دشت ۾، انسان ڪُسندا ئي رهيا.

 

راهه حق خاصر وفا ويا ڪي ڳاٽَ ڪَٽجي ريء گناهه،

بي خطر قاتل مگر هيوان هلندا ئي رهيا.

 

آستينن کي جلائي ۽ وڍي ڪاتيءَ زبان،

خون معصومن سندو شيطان پيئندا ئي رهيا.

 

مون ڏٺا اَنگن اُگهاڙا نا رسا ڀومي ڌڻي،

جَل اکيئين جن جا سُڪا مزگان رُئندا ئي رهيا.

 

جن ڏنيون جايون هُيون جيءَ ۾ کِلي انصار ٿي،

محبتا سي بي سرو سامان ڦِرندا ئي رهيا.

 

واڳَ وحشين کي ڏئي نخچير وانگي ٿا جيون،

غيرتن جا جن هٿان اَپمان ٿيندا ئي رهيا.

 

ٿي ڪري واڪا پُڪاريندي سحر ’ناچيز‘ اڄ،

ڪيترا سورج سوين تابان لَهندا ئي رهيا.

 

ياسين ڪنڀر

پنوعاقل

 

 

 

 

غزل

انسانُ ٿي انسان سان ڇو ٿو وڙهين!

مالهي! گلستان سان ڇو ٿو وڙهين.

 

سامَ جو يَرَ تون امانتدار ٿيءُ،

مارُو ٿي مهمان سان ڇو ٿو وڙهين.

 

سَچُ چَؤ، درٻاري، هرگز ڪين ٿيءُ،

عِلمُ رک، ايمان سان ڇو ٿو وڙهين.

 

رعب سان ڌرتيءَ تي آڪڙ ٿو ڪرين،

بڻجي ڪَکُ، طوفان سان ڇو ٿو وڙهين.

 

پرت سان اخلاص سان تون پڙهه مگر،

قاري ٿي قرآن سان ڇو ٿو وڙهين.

 

شاعري ’ياسين‘ جي ڪُوڙي نه ڪر،

عِلم سان عرفان سان ڇو ٿو وڙهين.

 

بابُو جوڻيجو

نِم شريف- ڳڙهي ياسين

 

 

 

 

غزل

زندگي بيچين آ،

هر خوشي بيچين آ.

 

ذهن کي جو نه آ قرار،

شاعري بيچين آ.

 

هُنَ وڃائي آ گُڏي،

ڇوڪري بيچين آ.

 

تنهن جي رَوَشن جي ڪري،

عاشقي بيچين آ.

 

واعدا ڪوڙا ٿيڻ تي،

ڊائري بيچين آ.

 

فعل سڀ پڌرا ٿين جو،

روشني بيچين آ.

 

آغا خان چانڊيو

ڪُنري

نظم

(8- آڪٽوبر 2005ع تي ڪشمير ۾ آيل زلزلي تي چيل)

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي

ڏسو ڇا ٿي حالت گلستان جي

ملڪ پاڪ سان گڏ هندوستان جي

بچي ڪا به ماڙي نه ڪنهن خان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

بالاڪوٽ ڪشمير سرحد پٽي

ضلعو ’باغ‘ ڀيڙو به ٿي ويو مٽي

نه ئي ٿي ڪابه ڪنهن جي ڪا مرهم پٽي

خبر نه پئي ڪابه نقصان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

ڇنڇر صبح اَٺ پنجاهه تي

اَٺ آڪٽوبر امر ٿيو لک ساهه تي

انهي وقت آيو نه ويساهه ٿي

سا تاريخ هئي ٽي ماهه رمضان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

مارگلا ٽاور ۾ به ماڻهو مئا

اَسي کن جي لڳ ڀڳ مٿي ڪي مئا

نه ٿين ڪابه واهر نه ڪنهن سڏ سُئا

ٿي رڙي هر حياتي انسان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

اسڪول ۾ هئا ڪيئي ٻارڙا

پڪارون، بچايو! پيا ڪن پيارڙا

بچيا تن مان بي گهر ٻه ٽي چارڙا

رهي سڌ نه تن ڪابه جانان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

ويا هڪ ئي ڌڪ سان سمورا ڦٽي

مٿان کان ٻيو برسات ڏاڍي وٺي

رهي سڌ سهي ڪانه سامان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

 

مئا مور ماڙيون به چٽ ٿي ويون

سُنسان واڌيون اُڦٽ ٿي ويون

مٽيءَ سان مٽي جهڙيون مٽ ٿي ويون

لڌي سڌ نه ساٿين مهربان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

بٽگرام جا به بنگلا ڀڪ ٿي ويا

گهڻا ساهه سوگها ٿي سُڪ ٿي ويا

سَگها ماڻهو چيليهين کان چڪ ٿي ويا

ڪري ڪير خدمت جڏي جان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

حڪومت جي ننڊ ڪانه نڪتي اڃان

نه زندگي ڏکن پار اڪتي اڃان

سهن سور سانگي پيا سختي اڃان

ڦَڪي ڪا پڳي ڪا نه لقمان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

سردي ۾ ٿيا سڀ ڏکيا ٻارڙا

ٻڍا نوجوان ٻيا بکيا ٻارڙا

سيٺين جا سوالي سکيا ٻارڙا

نه هستي هلي ڪنهن نوجوان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

واهرو به ويرين جيان ٿي وريا

ويا مال ميڙي ٿي کوٽا کريا

لٽي لالنتين پنهنجا ڀانڊا ڀريا

پڇي ڪنهن نه حالت پريشان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

دامن هيءَ تنهنجي جنهن داتا جهلي

پوڙهي ڏينهن پنجهٺ پي پورا پلي

جيئري جبل مان ٿي نقشا ملي

هئي شڪرمند آگي جي احسان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

گنهگار ’آغا‘ در تنهنجي غلام

سڀيئي توکي سونهن تعريفون تمام

نبي پاڪ تي لک درود ۽ سلام

تنهنجي هوندي اوسيئڙي نه ارمان جي

وٺون راهه هاڻي ڪا رحمان جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org