”مامويا“ سنڌ جي قديم ترين قوم ”مويا“ جي اهم شاخ
آهي، جيڪا سمنڊ جي ڪنارن ۽ دريائن تي قابض هئي.
مامويا نه رڳو بهترين ۽ باصلاحيت ناکئا هئا، پر
اهي هوشيار وڻجارا پڻ هئا، جر جهاڳڻ، ٻيڙا هاڪارڻ،
ڏسيون ڏورڻ، پرڏيهه پورڻ وڻج وهائڻ ۽ وڪڻڻ سندن
خاص مشغلا هئا.
حيدرآباد ضلعي جي ”ٽنڊي الهيار“ تعلقي جي ديهه
”ڏگڪي“ ۾ هڪ قديم ڀڙو آهي جنهن کي ”موئن جو دڙو“
ڪوٺيو وڃي ٿو.
سنڌ اندر موين سان وابسته دريائي شهرن کانسواءِ
”مويا“ نالي هڪ سامونڊي بندر، جو پتو پڻ پوي ٿو،
جتان سامونڊي سچيت ٻيڙا هاڪاري ڏورانهين ڏيهه
ويندا هئا. ان سامونڊي بندربابت هڪ سنڌي بيت ۾
اجهو هيئن فرمايل آهي ته:
سدا سامونڊين، سانباهو سفر
جو،
مويا پاس منڊن، جوڙي جهازن کي.
جاگرافيائي لحاظ کان مويا قوم جي دريائي شهرن ۽
سامونڊي بندرن کانسواءِ اسان کي سنڌ اندر ”مويا
درياءُ“ جا نشان پڻ ملن ٿا، جيڪي ٽن تعلقن بدين،
ٽنڊي باگي ۽ماتلي ۾ چٽي طرح موجود آهن. هن درياءَ
جا ڪجهه آثار ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ نار جي وهڪري جي
قريب ملن ٿا، جيڪواُتان ڏکڻ طرف وهندو تعلقي ماتلي
جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو. ماتلي تعلقي ۾ ٻيا به
ڪجهه پراڻا وهڪرا اچي هن سان ملن ٿا. اهڙي طرح ڪٿي
انهن سان گڏ ڪٿي ڌار هلندو تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ
مراد ٽالپور وٽ هڪ وڏي ڍوري جي شڪل ۾ ڏسجي ٿو.
جنهن کي مقامي طور ”ڍورو نيرو“ ڪوٺين ٿا. جيڪو
اڳتي هلي ڪوٽڙي ديهه مان وهندو ڦوسڻا ۽ بخشي ڪلوئي
جي ايراضي ۾ پهچي ٿو، هتي کيس ”مئن جودريا“ چون
ٿا. اتان اڳتي ”مير مصري“ وٽان، ”ٽنڊي باگي“ شهر
جي اولهه طرف کان وهندو ”پاهڙ مري“ جي ڳوٺ جو
الهندو پاسو ڏيئي ديهه هميراهه ۾ پهچي ٿو. هتي
“مئن جو ڍورو“ سڏجي ٿو، اتان اڳتي ڏکڻ طرف ”ڪاڪ
ڪنگر جاگير“ وٽان وهندو ”علي بحر“ ۽ ”ڪارو“ وٽان
هلندو ”نندي ڀرڳڙي“ جي ايراضي ۾ پهچي ٿو. جتان
ديهه خالصو، ديهه کاکر، ديه هنڱوراڻي وٽان هلندو
ديهه دستيءَ ۾ پهچي ٿو. اتان ديهه پاڌر مان اڳتي
نڪري ديهه مٺي نمبر 2 ۾ پهچي اوڀر طرف مڙي پراڻ
درياءَ سان ملي ٿو ۽ ٻيو ڦاٽ اڳتي ڏکڻ هلي ٿي جنهن
کي ڪيترن ئي نالن سان ڪوٺيو وڃي ٿو. جيئن ميين جو
ڍورو، خليفي جي نار،ڪنڍي جي نار، بلوچي نار، پير
سومار واري نار وغيره. جتان اڳتي وڃي ڪڇ جي نار ۾
داخل ٿئي ٿو، جيڪو اڳ ۾ سامونڊي کاري هئو. هن دريا
کي ڪٿي ”موين جو دريا“ ته ڪٿي ”مئن جود ريا“ ۽ ڪٿي
”موين“ يا ”مئن جو ڍورو“ سڏيو وڃي ٿو.
معمور يوسفاڻي
(ڪتاب: ”ٿرپارڪر جو مطالعو“
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
2021ع تان کنيل)
ڊاڪٽر نوازعلي شوق
ڪراچي
گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو- ڀيرومل جي نظر ۾
(ادبي جائزو)
گهڻي وقت کان اها ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ته شاهه
جي رسالي مان ڌاريو ڪلام ڌار ڪري، شاهه جي ڪلام جو
مستند نسخو تيار ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ٽرمپ وارو شاهه
جو رسالو ۽ بمبئيءَ مان ڇپجندڙ شاهه جا رسالا غير
معياري ۽ غير مستند هئا. انهن ۾ شاهه جي ڪلام سان
گڏ ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ شامل هو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون عالم آهي، جنهن کي ان ڳالهه
جو احساس ٿيو ۽ هن وڏي محنت ڪري قلمي ۽ ڇاپي نسخا
آڏو رکي، شاهه جو مڪمل رسالو چئن جلدن ۾ تيار ڪيو.
ان جا ٽي جلد هن پنهنجي خرچ تي ڇپرائي پڌرا ڪيا،
پر افسوس جو چوٿون جُلد ڇپجڻ کان رهجي ويو. اهو
چوٿون جُلد ڪيڏانهن ويو؟ ان جي اڃا تائين ڪا خبر
پئجي نه سگهي آهي. چون ٿا ته هن اهو جُلد پريس ۾
ڇپجڻ لاءِ ڏنو هو. اها ڪهڙي پريس هئي؟ اها به خبر
ناهي. شايد اهو مسودو ان پريس مان ئي غائب ٿي ويو
يا ڪو شاهينگ تڳائي ويو. بهرحال، ان جي ڳولها ضرور
ڪرڻ گهرجي، ملڻ جو آسرو گهٽ آهي، پر ڳولها ڪرڻ سان
مَن ملي پوي.
وڏي عرصي کان پوءِ ثقافت کاتي ۽ ڪن ٻين خانگي
اشاعتي ادارن گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو ڇپرائي
پڌرو ڪيو، پر انهن ۾ پروف جون تمام گهڻيون چڪون
آهن. تنهنڪري رسالو پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي تمام
گهڻو ڏک ٿيو.
انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته ثقافت کاتي محسوس
ڪيو، ته گربخشاڻي وارو رسالو جن ادارن ڇپرايو آهي،
سو پروف جي چڪن سبب ناقص آهي. محقق ان مان فائدو
حاصل ڪري نه ٿا سگهن. رسالو جهڙو ڇپيو، تهڙو نه
ڇپيو. ان ۾ ايتريون ته پروف جون چڪون آهن، جو پڙهڻ
کان پوءِ مايوسي ٿئي ٿي. ان کان بهتر هو ته اهو
رسالو نه ڇپرايو وڃي ها. تنهنڪري هنن اهو ضروري
سمجھيو ته گربخشاڻي جو اهڙو رسالو ڇپرائڻ گهرجي،
جنهن ۾ پروف جون چڪون نه هجن. محترم مددعلي سنڌي
جي مشوري سان گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي
ٽنهي جلدن جو عڪس وٺي، هوبهو ساڳيو گربخشاڻي وارو
رسالو (ٽن جلدن ۾) سن 2018ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو
ويو، ته شاهه جي شيداين، اديبن، عالمن ۽ محققن کي
تمام گهڻي خوشي ٿي. ان جو عالماڻو مهاڳ ناموَر
اديب ۽ دانشور محترم مددعلي سنڌي لکيو آهي، جنهن ۾
هن گربخشاڻيءَ جي سوانح ۽ سندس جوڙيل رسالي جي
اهميت ۽ چوٿون جلد گم ٿيڻ بابت ڪافي تفصيل سان
لکيو آهي.
جيئن ته ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي تحقيق موجب رسالي ۾
نِجو شاهه جو ڪلام شامل ڪري پنهنجي سوچ مطابق
مختلف نسخن ۾ آيل ٻئي ڪلام کي ردي ۽ بيڪار سمجھي،
ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن بمبئي ڇاپي واري رسالي کي صفا
ردي سمجھيو. بلڙيءَ واري قلمي نسخي کي به معتبر نه
سمجھيو، پر هن جيڪو ڪلام ڪڍي ڇڏيو، ان بابت به ڪا
وضاحت نه ڪيائين، تنهنڪري سندس ان عمل تي پنهنجن
ئي هندو اديبن واويلا مچائي ۽ مٿس تنقيد ڪئي.
جڏهن گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي جو پهريون ڀاڱو
ڇپرايو ته ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڄيٺمل پرسرام پنهنجي
اخبار ’ڀارت واسي‘ ۾ انهيءَ تي سخت تنقيد ڪئي. هن
گربخشاڻيءَ کي ٽن خونن جو مجرم سڏيو:
1.
سنڌي ٻوليءَ جو خون: گربخشاڻي ڄاڻ ٻُجھي سولا ۽
سليس سنڌي لفظ ڇڏي ڳورا عربي ۽ فارسي لفظ استعمال
ڪيا آهن.
2.
روحاني رازن جو خون: گربخشاڻي ڪيترن بيتن جي صحيح
روحاني معنيٰ سمجھائي نه سگهيو آهي. ان لاءِ هن
مثال طور ڪي بيت ڏنا.
3.
رسالي جي هڪ هزار کن بيتن جو خون: گربخشاڻي پهرين
ڀاڱي ۾ ئي شاهه جي رسالي مان ڪيترائي اهڙا بيت ڪڍي
ڇڏيا آهن، جيڪي آڳاٽن قلمي نسخن ۽ ڇاپن ۾ موجود
آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جو دفاع ڪندي ڀيرومل اٺ مضمون لکيا
جيڪي ماهوار سنڌو رسالي ۾ شايع ٿيا. اهي اٺ ليک
گهڻو پوءِ هندوستان ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. ان
ڪتاب جو مقدمو نامياري عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
لکيو آهي. انتهائي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ان
ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ جي ثقافت کاتي پاران
2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيٺ ان ڪتاب ۾ آيل ڪي
خاص ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکيو آهي ته، ”منهنجي ويچار ۾
ڄيٺمل جي ٽئين الزام ۾ ڪافي وزن آهي... اهڙا بيت،
جيڪي ٻوليءَ ۽ عبارت مان بلڪل شاهه لطيف جا چيل ٿا
لڳن ۽ شاهه جي رسالي جي آڳاٽن قلمي نسخن توڙي
شروعاتي ڇاپن ۾ به آهن، انهن کي رد ڪرڻ لاءِ
گربخشاڻي ڪي به وزندار دليل پيش نه ڪيا آهن.“ مهاڳ
(ص:21)
ڊاڪٽر جيٽلي لکيو آهي ته: اها ڳالهه گربخشاڻي به
تسليم ڪئي هئي ۽ ٻئي ڀاڱي جي منڍ ۾ لکيو هئائين
ته، ”ڌاريو ڪلام، جو شاهه صاحب جي نج ڪلام کان ڌار
ڪيو ويو آهي، سو پڻ اميد آهي ته ضميمي طور جدا
ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو، ته ڀل ته اهو به سنڌي شعر
جو هڪ خلاصو ڪتاب ليکجڻ ۾ اچي.“
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي
۾ ڀيرومل جي اٺن مضمونن جي تعريف ڪندي لکيو آهي
ته، ”شاهه جي رسالي جا هيسيتائين يعني سن 1992ع
تائين، سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي به ڇاپا شايع ٿيا آهن، تن
مڙني ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جو مرتب ڪيل
ايڊيشن انوکي جاءِ والاري ٿو. منهنجي ويچار ۾،
جهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل شاهه جي
رسالي سان اڃا تائين ٻيو ڪوبه رسالي جو ايڊيشن
برميچي نه سگهيو آهي، تهڙيءَ طرح انهيءَ ڇاپي تي
ڀيرومل مهرچند، جيڪي هي اٺ تنقيدي مضمون لکيا آهن،
تن سان انهيءَ ساڳئي موضوع تي لکيل، ٻئي ڪنهن به
عالم جا شايع ٿيل ليک برابري ڪري نه ٿا سگهن.
ڀيرومل جا هي اٺ مضمون سنڌيءَ ۾ ادبي تحقيق ۽
تنقيد جا عمدا مثال آهن، جن مان سندس وسيع علم ۽
شاهه جي رسالي جي ڳوڙهي اڀياس جي ساک ملي ٿي.“
(ص:10)
ڀيرومل گربخشاڻي واري رسالي جي کُلي دل سان ساراهه
به ڪئي آهي ته ان جون ڪي اوڻايون به نروار ڪيون
آهن. ڀيرومل کي گربخشاڻيءَ جون ڪي ڳالهيون نه
وڻيون ۽ هن انهن تي نڪته چيني ڪئي، جي هي آهن:
1.
هلڪڙائي واري ۽ گهرگهلي لکڻي:
هن ڀٽ ۽ بلڙي وارن قلمي نسخن بابت لکيو آهي ته،
”انهن نسخن ۾ ناچن ۽ مسخرن واريون وايون داخل ٿيل
آهن.“ (ص:22) حالانڪه ڀٽ وارو نسخو، جنهن کي ”گنج“
سڏيو وڃي ٿو ساڳي ريت بلڙيءَ وارو به هڪ قديم قلمي
نسخو آهي، انهن ٻنهن جي وڏي اهميت آهي. ”گنج“ جا
ثقافت کاتي پاران ٻه ايڊيشن انتهائي خوبصورت روپ ۾
ڇپجي چڪا آهن، پر بلڙيءَ وارو شاهه جي رسالي جو
انتهائي اهم قديم نسخو ناپيد آهي. بمبئي وارا ڇاپا
به اڄ اڻلڀ آهن. بمبئي مان ڇپجندڙ بمبئي وارن ڇاپن
کي به گربخشاڻي ردي سڏيو آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي هن ريت لکڻ کپي ته اهي ٻئي
قديم قلمي نسخا نهايت اهم آهن، مگر انهن ۾ ڪن ٻين
شاعرن جو ڪلام به شامل آهي، گربخشاڻي جهڙي عالم کي
انهن اهم نسخن بابت اهڙي اڇاتري زبان استعمال ڪرڻ
نه گهرجي ها.
2.
گربخشاڻي غرور وچان سنڌي لغت نويسن تي طنز ڪئي
آهي. مقدمي ۾ لکيو آهي ته، ”سندن لغتون اڌوريون ۽
خام رهجي ويون آهن. ڪيترن نج سنڌي لفظن جي معنيٰ،
پوري ۽ صحيح نه ڏني وئي آهي. البت ڌڪي بازي جي ڪمي
ناهي.“ (ص:23) حالانڪه هن خود ڪن لفظن جون غلط
معنائون ڏنيون آهن، تنهن ڪري کيس لغت نويس تي طنز
نه ڪرڻ کپي ها.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي مهاڳ جي آخر ۾ لکيو آهي ته،
”منهنجي ويچار ۾ اهڙن ٿورن اختلافن جي باوجود،
ڀيرومل جا اهي تنقيدي مضمون، شاهه جي رسالي جي
اڀياس لاءِ اڄ به گهڻي اهميت رکن ٿا. اهي چاٽ-آلو
چنا (Textual
Criticism)
جا سهڻا مثال آهن شاهه جي ڪلام جي تحقيق جي ڏس ۾،
ڀيرومل جو ناءُ اهڙين لکڻين جي ڪري امر
آهي.“(ص:26)
ڀيرومل لکيو آهي ته، ”اسان دنيوي ماڻهن لاءِ، خاص
ڪري پنهنجي مادري زبان سان چاهه رکندڙن لاءِ علمي
نڪته چيني ساهت جي سڌاري واسطي ضروري آهي. اهڙي
خيال سان مان ڪي معنائون ڏسيان ٿو، جي منهنجي نظر
۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي معنائن کان بهتر آهن.“ ان
جا هن ڪجھ مثال ڏنا آهن: هتي نموني طور ٽي مثال
پيش ڪجن ٿا:
1.
اسان اڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا. (سامونڊي-3)
ڀيرومل گربخشاڻي واري معنيٰ سان اختلاف ڪندي هيءَ
معنيٰ ڏني آهي. لکي ٿو ته، ”جتي پتڻ لانگهائو پنڌ
هوندو آهي، تتي خاص ڪري ميربحراڻيون، اورينءَ ڀر
توڙي پرينءَ ڀر، وڻن يا ٿنڀن ٿوڻين سان ٿُلهي رسي
ٻڌي، ٻيڙي هاڪارڻ مهل انهيءَ رسيءَ کي ڇڪينديون
وينديون آهن، ته ٻيڙي پاڻهي هلندي آهي ۽ ونجھ يا
اولي جو کپ ڪونه پوندو اٿن. ائين رسي جهلي، تڪڙيون
اينديون وينديون آهن، ته مسافرن کي گهڻو سيڙاپو نه
ٿيندو آهي ۽ پاڻ به جهٽ پٽ ڀاڙو ڪمائي وٺنديون
آهن. ’آونگ‘ نج فارسي لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس نوڙي
وغيره جا ٽنگجي. انهيءَ ڪري آونگ معنيٰ ڇڪو به
آهي. ڇاڪاڻ ته ڇڪو به ٽنگبو آهي.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي ’آونگ‘ جي معنيٰ لکي آهي ’ديڳڙا‘
’باسڻ‘ يا ’برتڻ‘ هئن به لکيو اٿس ته هن بيت ۾
وڻجاري پنهنجي مسڪين حالت تي غم کائي ٿي. ڀيرو مل
لکي ٿو ته، ”آونگ جي معنيٰ ’ديڳڙا‘ ۽ رڌڻ پچائڻ جا
باسڻ به آهي، پر سُر سامونڊيءَ ۾ ڳالهه آهي ئي
وڻجارن (واپارين) ۽ ٻيڙيءَ وارن جي، تنهن ڪري مون
واري معنيٰ (ٽنگيل رسي) وڌيڪ سونهندي. انهيءَ
معنيٰ سان وڻجاريءَ جي هيڪاري وڌيڪ سقيم حالت
معلوم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ديڳڙا ۽ ٻيا باسڻ برتڻ
مهانگا ملن ٿا، ۽ رسيءَ ٽڪر گهڻو خرچ نه ٿو کائي.
هتي وڻجاري چوي ٿي ته، ”اهي رسيءَ ٽڪر به مون
اڌارا آڻي چاڙهيا آهن.“ ’آونگ چاڙهڻ‘ معنيٰ ٻيڙيءَ
جي مٿان رسي ٽنگڻ. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ معنيٰ ورتي
آهي: ’چلهه تي ديڳڙو چاڙهڻ‘“ (ص:134)
2.
ميهار ملاحن کي، اُڀو آڇي اڇ
آءٌ پڻ وجهان هٿڙا، ائين پڻ وجھو رڇ
سندي ڪُن ڪڻڇ، مانَ هُونِ سلامت سپرين.
گربخشاڻي اڇ جي معنيٰ ’لسي‘ ٻڌائي آهي. ڀيرومل
ڊاڪٽر گربخشاڻي واري معنيٰ سان اختلاف ڪندي ان لفظ
جي معنيٰ درياهه جي پاڻيءَ جي اڇ ٻڌائي آهي، جيڪا
صحيح آهي. (ص:135)
3.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو، جمر، جر
گربخشاڻي لکيو آهي ته،”اهي ٽيئي وڻ ۽ ٻوٽا آهن،
هرهڪ لفظ جو سنسڪرت بنياد به ٻڌايو اٿس. ڀيرومل ان
علائقي جي رهاڪوءَ جي تصديق بعد لکيو آهي، ته اهي
جبل آهن ۽ انهيءَ مناسبت سان انهن وسندين جا نالا
آهن. يعني اهي وسنديون آهن.“ (ص:137)
ڀيرومل پنهنجي اٺين يعني آخري مضمون ۾ لکيو آهي
ته، ”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي جو جُلد پهريون
ڊسمبر 1923ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. انهيءَ وقت ئي
سندس رسالي ۾ ڪي ٿوريون ٿوريون خاميون نظر آيون
هيم. سنڌي لغت نويس جي لاک لاٿي اٿس، سا ڳالهه
تڏهن ئي ڪانه وڻيم. انهن ڳالهين بابت مون پنهنجا
ويچار اڃا ظاهر ئي ڪين ڪيا، ته اوچتو مسٽر ڄيٺمل
پرسرام، پنهنجا ڪي اور نموني جا اعتراض اٿاري،
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ساري ڪمائي ڪٽ ڪري ٿي ڇڏي، سا
ڳالهه هيڪاري ڪين وڻيم، جو هيءُ رسالو سڀني موجود
نسخن کان هر طرح بهتر سمجھيم. ان وقت ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ سان فقط رام ست (دعا سلام) جو رستو
هوم، ته به سندس محنت جو قدر سڃاڻي، مسٽر ڄيٺمل
سان اخبارن ۾ بروقت سوال جواب ڪيم ۽ اها راءِ زني
بند ڪرايم. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي پوءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ
تي دل وري ۽ رسالي جو جلد ٻيون ۽ ٽيون به ڪڍيائين.
انهن ۾ به ٿوريون ٿوريون خاميون آهن، ته به ايترو
چئبو ته محنت ڪرڻ سان پنهنجي وسان گهٽايو ئي ڪين
اٿس، جنهن لاءِ بيشڪ آفرين لهڻيائين. انهن ٽنهن
جُلدن ۾ اسان کي ڪي سڌارا کپن، ته اهي ڳالهيون
سندن ڌيان تي آڻڻ اسان جو ئي فرض آهي.“ (ص:142)
خود گربخشاڻي به رسالي جي مقدمي ۾ لکيو آهي
ته...”هي ڪم آخري ڪونهي، اميد اٿم ته هن کان پوءِ
ڪو عالم اچي شاهه صاحب تي ڪم ڪندو ته منهنجو
پورهيو جهڙوڪر پنهنجو ملهه حاصل ڪندو.“
ڀيرومل گهڻي ڀاڱي رسالي جي منڍ يعني مقدمه لطيفي
بابت لکيو آهي. ٻئي ڪنهن به ان بابت رايو نه ڏنو
هو. ڀيرومل پهريون عالم آهي، جنهن ديانتداريءَ سان
ان تي تنقيد ڪئي آهي. جيئن پاڻ ئي لکيو اٿائين ته،
”حقيقت ۾ منهنجا هي ليک ’رسالي‘ سان ايترو تعلق نه
ٿا رکن، جيترو رسالي جي منڍ واري مضمون (مقدمه
لطيفي) سان، ان جو تنقيدي اڀياس اڄ تائين ڪنهن به
ڪو نه لکيو هو، خود مون کي لکڻ جو موقعو ڪونه مليو
هو. مسٽر ڄيٺمل کي مسين مسين بس ڪرايم تنهن کان
پوءِ مان وري پنهنجو نئون راڳ شروع ڪريان ها، سا
ڳالهه مون کي سهڻي نه ٿي لڳي. رسالو اسان کي اهوئي
قبول ڪرڻو آهي. مون کي آسرو ڪونهي ته ايندڙ پندرهن
ويهن ورهين ۾ ڪو هن کان به بهتر نسخو ڪڍندو. وقتي
پنجاهه ورهيه به لڳي وڃن ته عجب ڪونهي. انهيءَ
حالت ۾ واجب ڄاتو اٿم ته، هن رسالي جي نئين سر
اڀياس ڪرڻ کان پوءِ جيڪو پنهنجو آزمودو ٿيو اٿم،
تنهن پٽاندر هن نسخي کي سڌارڻ جون واٽون ڏسيان.
هيءَ ڪا خانگي ڳالهه ڪانهي، جا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
کي ڪن سن ۾ ٻڌائي ڇڏيان. سندس رسالي بابت ٿوري
گهڻي چؤپچؤ جڏهن هاڻ وري شروع ٿي آهي، تڏهن ان
بابت ڳجھ ڳوهه ۾ ڳالهيون ڪرڻ، سو ٿيندو ”سينڍ ۾
مارئي ڳائڻ.“ (ص:143)
مقدمه لطيفي بي. اي. جي نصاب ۾ رکيل هو. ڀيرومل
اهو پڙهائيندو هو. ان جي تعريف ڪندي لکيو اٿائين
ته، ”ڪتاب جي جيتري تعريف ڪجي، تيتري ٿوري. منهنجو
شخصي رايو هي آهي، ته اهو ڪتاب هميشہ لاءِ مقرر
ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون
ڪارائتيون ڳالهيون آهن، جن جي شاگردن کي ضرور خبر
هئڻ گهرجي. سڄي سنڌي ساهت ۾ مون کي ٻيو ڪو اهڙو
نثر جو ڪتاب سجهي ئي ڪونه، جنهن ۾ شاهه صاحب جي
حياتي، رسالي جي احوال، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد،
شاهه جي سنڌي، شعر جي شناس ۽ ٻين اهڙين علمي
ڳالهين جو ذڪر هڪ هنڌ هيڪاندو ڏنل آهي اهڙا ٻيا به
ڪي ڪتاب نڪرن، ته پوءِ کڻي واري وٽيءَ سان پاڙهجن،
پر حال آهي ئي رڳو اهو، ته اهو ته ضرور پاڙهڻ
گهرجي. ڪتاب آهي جنسي سون جو ٽڪر، پر ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ منجھس مٺ جو ڳوڙهو ڳنڍي ڇڏيو آهي جنهن
سندس سڄي رسالي جو قدر گهٽائي ڇڏيو آهي.“ (ص:144)
ان کان پوءِ ڀيرومل لکيو آهي ته،”منهنجو مکيه
اعتراض آهي سندس لکڻيءَ تان. لکڻي ٻي طرح سٺي اٿس،
پر ڪن ڪن هنڌن لکڻ جو اهڙو ڍنگ اختيار ڪيو اٿس، جو
نڪي پڙهندڙن، نڪي پاڙهيندڙن کي وڻي ٿو. حيدرآباد ۽
شڪارپور ۾ ڪاليج جئن کليا آهن، تئن اڄ تائين مون
ڪڏهن منجھن پير به ڪو نه پاتو آهي، ته به سمجھي
سگهان ٿو، ته انهن ڪاليجن ۾ به اها اڻ وڻندڙ حالت
ويجھڙائيءَ ۾ هن ڪتاب جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ پيدا
ٿي آهي. مون به انهيءَ ڪري ئي ان جو هينئر ذڪر ڪيو
آهي، ۽ جيڪي ٻيا سڌارا ڏسڻا اٿم، هينئر ڏسيان ٿو.
اڻ وڻندڙ حالت سچ پچ پيدا ٿي آهي، تنهن لاءِ اول
هڪ پڪي پختي ثابتي ڏيان ٿو.“ (ص:144)
مثال: رسالي جي تصنيف ۽ تاليف جو ذڪر ڪندي فصل
ڏهين ۾ لکيو اٿس ته، ”خود ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارن نسخن ۾
ناچن ۽ مسخرن واريون وايون داخل آهن.“
هئن لکڻ جڳائي؟ وري حقيقتن تي به نظر ڪريو. ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جڏهن پنهنجي رسالي جو جلد پهريون تيار
ٿي ڪيو، تڏهن نڪو مير صاحب وارو نسخو، نڪو برٽش
ميوزيئم لنڊن وارو قلمي نسخو ڏٺل هوس. انهيءَ
هوندي به مون ۽ ڪيترن ٻين سندس رسالي جي جلد پهرين
جو گهڻو قدر ٿي ڪيو. سو ڇو؟ ڇاڪاڻ ته بلڙي شريف
واري نسخي سان ڀيٽ ڪئي اٿس، ۽ اڳي اهڙي ڀيٽ ڪنهن
به ڪانه ڪئي هئي. بلڙي شريف وارو نسخو 1780ع جو
لکيل آهي، يعني شاهه صاحب جي وفات کان فقط اٺاويهه
ورهيه پوءِ، تنهنڪري اهو ’معتبر‘ نسخن جي دفعي ۾
ليکجي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جيڪي مٿيان لفظ ان
بابت لکيا آهن، سي اهڙا آهن، جو انهيءَ نسخي جي
پڙهڻين تي آئينده جيڪر ڪو اعتبار ڪو نه ڪري.
حقيقتون ڪي، صحيح پڙهڻيون مليون ئي انهيءَ مان
اٿس، ته چئبو ته رولو سندس لکڻيءَ ۾ آهي، جو
ڪارائتي ڪتاب بابت هن طرح ڪنو اثر پيدا ڪري ٿو.“
(ص:146)
بمبئي ڇاپي واري رسالي بنسبت وري هئن لکيو اٿس،
”هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو، سنڌ ۾
جيڪو به ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، شاهه جي نالي تي
ڳائيندا آهن يا جيڪي بيت مسخرا مجلسن ۾ راند
وجھندي چوندا ويندا آهن، وغيره، سي سڀ، سواءِ ڪنهن
تميز جي منجھس ٿڦيا ويا آهن.“ (ص:147)
اهڙا الزام لڳائڻ کان پوءِ گربخشاڻي کي نموني طور
ڪجھ مثال پيش ڪرڻ گهرجن ها.
ڀيرومل لکي ٿو ته، ”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پاڻ واري
رسالي مان سڀ ڌاريو ڪلام ڪڍي ڇڏيو آهي، سو چڱو ڪم
ڪيو اٿس. مسٽر ڄيٺمل جي دانهن هئي، ته ڪيترا بيت
جي شاهه صاحب جا چيل پيا ڀائنجن، سي به ڌاريو ڪلام
سمجهي ڪڍي ڇڏيا اٿس. ڀلي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي وري
انهيءَ ڳالهه تي پاڻ ويچار ڪري، جيڪڏهن پنهنجي
رسالي ۾ ٻين نسخن وارا ڪي بيت گڏيندو، ته ڪو به
سنڌ واسي ارهو ڪو نه ٿيندو. هيءُ رسالو کڻي اڻ
پورو ئي هجي، ته به ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي محنت جو
مون بروقت قدر ڪيو هو. سنڌ جون سڀ اخبارون به مون
سان شامل راءِ ٿيون هيون. انهيءَ کان پوءِ راءِ
زني بند ٿي، ته مسٽر ڄيٺمل هڪ ڪتابڙي ڇپرائي پڌري
ڪئي، جنهن جي صفحي 27 ۾ اجھي هي لفظ لکيا اٿس:
”هاڻ آءٌ ٿو چوان، ته ماڻهو گربخشاڻيءَ جو ڪتاب ڀل
پڙهن، ضرور خريد ڪن. پر جيڪڏهن سرڪار هن ڪتاب تي
’صحيح نسخي‘ جي مهر هڻي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ فقط
هيءُ ئي ڪتاب پاڙهڻ ڏيندي، ته پوءِ اها سنڌي
ساهتيه لاءِ وڏي مصيبت ٿيندي.“ (ص:152)
ڀيرومل، ڄيٺمل سان شامل راءِ نه ٿيو، هن لکيو آهي
ته، ”سنڌي ٻوليءَ جي مايي وڌائڻ لاءِ ’شاهه جو
رسالو‘ نهايت ڪارائتو ڪتاب آهي. تنهنڪري چڱو هئن
ٿيندو، ته ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ شاهه ضرور
پاڙهجي. رسالو به ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو پاڙهجي،
جو ان ۾ معنائون به ڏنل آهن. هن اهو به لکيو آهي
ته (ڪورس تي رکڻ جي ڪري) جيڪو جلد کپندو ويندس، سو
وري وري ڇپرائيندو رهندو. وقت بوقت جيڪي سڌارا
ضروري سمجھندو، سي به ڪندو ويندو. هيءُ ڪتاب ئي
اهڙو آهي، جنهن تي جئن وڌيڪ محنت ڪبي، تئن ان جو
ذاتي حسن ۽ جلوو وڌيڪ ظاهر ٿيندو
ويندو.“(ص:153-154)
ان مان اهو واضح ٿيو ته ان ۾ خاميون آهن، سڌارا
ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀيرومل جڏهن ڪاليج ۾
پڙهائيندو هو، ته هن سرڪار کي تجويز ڏني هئي
ته،”سسئي جا پنج سُر نصاب تي رکڻ بجاءِ فقط هڪ سُر
رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته شاگردن تي پنج سُر پڙهائڻ سان
وڏو بار ٿيندو.“ اها تمام سهڻي تجويز هئي، جيڪا
سرڪار تسليم ڪئي ۽ سسئي جا فقط ٻه سُر ’آبري ۽
معذوري‘ رکيا ويا. پر ان فيصلي ۾ ڪافي دير ٿي،
تيستائين ڀيرومل رٽائر ٿي ويو.
ڀيرومل لکي ٿو ته، ”حقيقتون اهي سر مون کي پاڙهڻا
هئا، تنهنڪري انهن جو نئين سر اڀياس ڪيم، ته
گهڻيون چُڪون لڌيم ئي انهن سسئيءَ وارن سرن مان.
اڪثر رڳو ڪن لفظن جا بنياد غلط ڄاڻايا
اٿس.“(ص:156)
ان مان ظاهر ٿيو ته ڀيرومل رڳو لفظن جي معنائن ۽
ان جي ڌاتن کي غور سان پڙهي ائين چوڻ تي مجبور
ٿيو. ان کان پوءِ ”حقيقتن جون غلطيون“ عنوان هيٺ
ٻڌايو اٿس ته، ”گربخشاڻي رسالي جي جلد ٻئين ۾،
سهڻي ميهار جي قصي جي منڍ ۾ لکيو آهي ته، ”اهي ٻئي
عاشق، مغل خاندان جي مشهور بادشاهه شاهه جهان
(1627-1655ع) جي زماني ۾ ٿي گذريا آهن.“ ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ کي به ياد ڏياريم، ته رسالي ڪريميءَ ۾
سهڻيءَ بابت ڪي بيت، قاضي قاضن (قادن) جا جوڙيل
درج ٿيل آهن. قاضي قاضن (قادن) 1551ع ڌاري وفات
ڪئي، هن مان پڌرو آهي ته سهڻي ميهار جو قصو قاضي
قاضن (قادن) کان به اڳي سنڌ ۾ مشهور هو، جنهنڪري
کيس انهن بيتن جوڙڻ جو خيال آيو.“(ص:159)
ان ريت ڀيرومل ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تاريخ بابت غلط
بياني ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ڀيرومل، ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ واري رسالي بابت لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي رسالي بابت گهڻا ليک لکيا اٿم. انهن
منجھان ائين سمجھڻ نه گهرجي ته سندس رسالي ۾
خاميون گهڻيون آهن. مون گهڻو بيان رسالي جي جڙڻ،
سنڌي لفظن ٺهڻ، علم لغات ۽ ٻين ڪن ڳالهين بابت ڪيو
آهي. ڪي بهتر پڙهڻيون ۽ بهتر معنائون ڏسيون اٿم.
انهن ٿورين چُڪن ٻڌائڻ مان به منهنجي اها مراد
ڪانهي، ته مان پڙهندڙن کي ذهن نشين ڪرايان، ته مان
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان به وڌيڪ هوشيار
آهيان.“(ص:170-171)
ڊاڪٽر گربخشاڻي لغت نويسن تي جيڪا جلهه ڪئي، ان جو
دفاع ڪندي ڀيرومل لکيو آهي ته، ”مسٽر پرمانند سنڌي
ڊڪشنري ٿي ٺاهي ۽ مرزا صاحب (مرزا قليچ) ’لغات
لطيفي‘ تيار ٿي ڪئي، ته انهن ڪمن ۾ مان به ڪجھ قدر
ساڻن ٻانهن ٻيلي هوس، تنهن ڪري مٿن جيڪا جلهه ڪئي
اٿس، سا مون پاڻ تي به ٿيل سمجھي هئي. هينئر مون
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي جلهه ڪا نه ڪئي آهي، پر پاڻ
جيڪا جلهه ڪئي اٿس، تنهنجو بچاءُ ڏنو اٿم. پڙهندڙن
کي ذهن نشين ڪرائڻو اٿم، ته رسالي جهڙي ڪتاب جي
معنائن ۾ سنڌي لغت نويسن جيڪڏهن ڪي ٿوريون چُڪون
ڪيون، ته انهيءَ ڪري سندن لغتون اڌوريون ۽ خام
هرگز نه چئبيون. ائين پاڻ به ٿوريون چُڪون ڪيون
اٿس. ته چئبو ته پاڻ به ساڳيءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي
۽ ٻين تي جلهه ڪرڻ جو هيڪاري حق ڪونه اٿس.“
(ص:171)
ڀيرومل لکيو آهي ته، ”رسالي جو صحيح نسخو ڇاکي
چئجي؟ جنهن ۾ شاهه صاحب جو نجو، سمورو ۽ صحيح ڪلام
ڏنل هجي، اتي سوال اٿندو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري
رسالي کي انهيءَ موجب صحيح نسخو سڏي سگهبو يا نه؟
هن جو جواب بيڌڙڪ چئبو ’نه‘.“ (ص:81)
مٿي اڳئي ڄاڻايو اٿم ته شاهه جي رسالي جو اوائلي
نسخو جو ’گنج‘ سڏجي ٿو، تنهن مان اڄ تائين ڪي ڪي
بيت اهڙا پيا لڀن، جي هن وقت تائين ڇپجي پڌرا نه
ٿيا آهن. مطلب ته شاهه صاحب جو چيل ’سمورو‘ ڪلام
ڪنهن به ڇپيل نسخي ۾ ڪونهي. (ص:81-82)
”هتي ٻيو سوال هيءُ اٿندو ته جيڪڏهن ٻين نسخن
وانگر سندس رسالي ۾ به شاهه صاحب جو ’سمورو‘ ڪلام
ڏنل ڪونهي ته ڀلا ’نجو‘ شاهه صاحب جو ڪلام ڏنو اٿس
يا نه؟ هن جي جواب ۾ فقط ايترو چئي سگهبو، ته ڪوشش
اها ئي ڪئي اٿس، ته ’نجو‘ شاهه صاحب جو ڪلام ڏجي،
پر هن بابت به سورهن ئي آنا پڪ سان ڪجھ به وڌيڪ
چئي نه سگهبو.“ (ص:82) ان مان ظاهر ٿيو ته ڀيرومل
جي راءِ موجب گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي ۾
شاهه صاحب جو نجو ۽ صحيح ڪلام ڏنل نه آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڏهن شاهه جي رسالي واري
رٿا تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته هن شاهه جي صحيح سوانح
لکي ۽ جن عالمن کان ان سلسلي ۾ ڪي سهوون ٿي ويون
هيون، تن جي نشان دهي ڪري صحيح ۽ تفصيلي طور سوانح
لکي. اهو وڏو ڪم هو، جيڪو بلوچ صاحب ورهين جي
تحقيق بعد مڪمل ڪيو. ۽ سالن جا سال شاهه جي قلمي
نسخن جي ڳولها ڪري 50 قلمي نسخن ۽ 16 ڇاپي رسالن
جي روشنيءَ ۾ ٽيهن ورهين جي جاکوڙ کان پوءِ اها
رسالي واري رٿا ڏهن جلدن ۾ مڪمل ڪئي. ڊاڪٽر صاحب
شاهه جي ڪلام جي پرک لاءِ ڪي معيار مقرر ڪيا ۽
انهن جي آڌار تي مستند رسالو تيار ڪيو. جن ماڻهن
جي راءِ آهي ته، ”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي کان
پوءِ اڃا تائين نج شاهه جي ڪلام جو جامع رسالو سنڌ
۾ پڌرو ڪونه ٿيو آهي.“ سا صحيح ناهي. هنن شايد
ڊاڪٽر بلوچ جي محنت سان تيار ڪيل ڏهه جلد ڪو نه
پڙهيا آهن، جيڪڏهن پڙهن ها ته شايد اهڙي راءِ نه
ڏين ها. ڊاڪٽر گربخشاڻي ٻه ٽي قلمي نسخا سامهون
رکيا ۽ ارنيسٽ ٽرمپ واري ڇاپي رسالي مان به مدد
ورتائين، جنهن کي هُو ناقص سمجھي ٿو، جيڪا ڳالهه
هن مقدمي ۾ واضح نموني لکي آهي. ۽ شاهه جي ڪلام جي
پرک لاءِ ڪهڙا معيار مقرر ڪيائين، ان جي به ڪا
وضاحت ڪا نه ڪئي اٿس. ڀيرومل جهڙي عالم به
گربخشاڻيءَ واري رسالي کي مستند نه سمجھيو ۽
لکيائين ته، ”انهن ٽنهن جلدن ۾ اسان کي ڪي سڌارا
کپن ته اهي ڳالهيون سندن ڌيان تي آڻيان. لغت نويس
جون جيتريون غلطيون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڄاڻايون آهن،
تن کان وڌيڪ پاڻ ڪيون اٿس. هن لاءِ سبب آهن.“ اهي
سبب مثالن ۽ دليلن سان پيش ڪيا اٿس. (تفصيل لاءِ
ڏسو ڀيرومل جو ليک-7، ص: 114 کان ص:141 تائين)
ڀيرومل لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون سنڌي
عالم آهي. جنهن رسالي جي ڪيترن اهنجن لفظن جو
اشتقاق يا ڌاتو ڄاڻايو آهي ۽ گهڻيون چُڪون ڪيون ئي
انهيءَ ۾ اٿس. لفظن جي بنيادن ڳولهي لهڻ جي گهڻي
کوجنا اڄ تائين سنڌ ۾ ٿي ڪانهي، تنهنڪري هن اوائلي
سمي ۾ اهڙيون چُڪون ممڪن آهن.“
ڀيرومل ڪجھ مثال ڏيندي لکيو آهي ته:
منجھان پَنءُ پروڙ، تو منجھ آهيس تڪيو
پنءُ جي معنيٰ گربخشاڻي ’پاڻ‘ لکي آهي. ڪن ڍاري جو
پنءُ لکي آهي. ڀيرومل لکيو آهي ته، ”سڄي رسالي ۾
مون کي سجھي ئي ڪو نه، ته ڪو شاهه صاحب ڪٿي به
’پاڻ‘ بدران ’پنءُ‘ لفظ ڪم آندو آهي: پنءُ معنيٰ
’ڍاري جو هڪ داڻو‘ پر اصطلاحي معنيٰ اٿس ’ذرو
ٿورو‘ (اشارو) مٿين مصراع جي معنيٰ هئن ڪجي ته
’ٿوري منجهان يعني ٿوري اشاري منجھان ئي سمجھي وٺ
اهو ٿورو اشارو هيءُ آهي ته ’تو منجھ آهيس تڪيو‘
يعني تنهنجي دلبر جو ديرو تنهنجي اندر منجھ آهي.“
هن معنيٰ جي خاطريءَ لاءِ وٺو ساڳئي سُر سسئي
آبريءَ جي فصل ستين مان ٻيو مثال:
منجھان پَنُء پَرُوڙِ، سڀ مَ پُڇج سسئي
يعني اي سسئي! تون ٿوري اشاري مان ئي سمجھي وٺ ۽
سڀ نه پُڇ. هتي ڏسو ته ’پنءُ‘ معنيٰ ٿورو (اشارو)
۽ ’سڀ‘ معنيٰ سمورو يا ’سموري‘
حقيقت ’هتي پنءُ جو ضد آهي ’سڀ‘ رسالي وارا اهي
ساڳيا لفظ هڪ سنڌي پهاڪي ۾ به ڪم آيل آهن.
’انسان اهو جو پنءُ مان پروڙي‘ يعني ’انسان کي اکر
بس‘ ٽٽونءُ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.‘
(ص:127-128)
ڀيرومل سبب ڇهون ٻڌائيندي لکيو آهي ته، ”ڪن حالتن
۾ مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي
پاڻ تان فارسيءَ ۽ عربيءَ جو اثر ڇنڊي ڪين سگهيو
آهي، تنهن ڪري نج سنڌي لفظن جي بنياد ڄاڻائڻ مهل
انهن کي ڇڪي تاڻي وڃي فارسي ۽ عربي لفظن سان گڏ
ڳنڍيو اٿس. اهڙا مثال سندس رسالي جي ٽنهي جلدن ۾
آهن، پر مان هتي هر هڪ جلد مان فقط هڪ مثال ڏيان
ٿو.“ هن ان جا مثال ڏنا آهن ته ’آهُر‘ ٺيٺ سنڌي
لفظ کي فارسي ’آخور‘ جي بگڙيل صورت سڏيو آهي، جيڪو
صحيح ناهي. ٻئي ٺيٺ سنڌي لفظ ’توڏ‘ کي عربي لفظ
’طور‘ جي بگڙيل صورت ڄاڻايو اٿس.“ (ص: 129)
جُلد-3 جي ص: 349 ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته:
سيڏائڻ (فارسي. شيدا
=
سڪايل) سڪاُٺ موهڻ. حقيقتون ’سيڏائڻ‘ جي معنيٰ
’موهڻ‘ آهي ئي ڪانه، ۽ لفظن جو اهو بنياد ئي غلط
ڄاڻايو اٿس. سيڏائڻ لفظ جي معنيٰ آهي، ’واجھائڻ‘
(بک وچان يا سڪ وچان).“ (ص: 131-132)
آخر ۾ ڀيرومل، گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي بابت
لکيو آهي ته، ”رسالي جو ڪو به نسخو خامين کان خالي
ڪونهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪڙي به چُڪ
نه ڪري ها، ته ملائڪن جي دفعي ۾ ليکيانس ها. انهن
ٿورين خامين هوندي به ايترو چئبو، ته ڪيترن هنڌن
صحيح پڙهڻين ۽ صحيح معنائن ڏيڻ ۾ بيشڪ سوڀارو ٿيو
آهي. هئن لکڻ ۾ منهنجو مطلب ئي اهو آهي ته هن
رسالي کي اڃا به ڪجھ وڌيڪ سڌارڻ جي ضرورت ظاهر
ڪريان، يعني ته مراد هيءَ اٿم، ته هن رسالي جو
نئون ڇاپو اهڙو نڪري، جو هرڪو ان کي سَندَ سمجهي.
ڪتاب کي ايڏو مانُ ملندو، ته انهيءَ ۾ خود ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جو مانُ آهي ۽ سنڌي ساهت جو ڀلو به
انهيءَ ۾ آهي. هن وقت جئن رسالي جا ٽيئي جلد بيٺا
آهن، تئن منجھن ڪي اوڻايون آهن، جن جا ٿورا مثال
ڏنا اٿم. ڪٿي مان ڀلو هجان، ته ڀلي ته پاڻيا ٻيا
منهنجي ڀل ظاهر ڪن. مان سدائين سکڻ لاءِ تيار
آهيان. مان سڄي عمر اڀياسي ٿي رهيو آهيان، هينئر
پيريءَ ۾ به اڀياسي آهيان. ۽ جيڪو وقت جيئرو
هوندس، سو سڀ وقت اڀياسي ٿي رهڻو اٿم.“ (ص: 172)
هيءَ حقيقت آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي کان اڳ جيڪي
رسالا ڇپيا هئا يعني ٽرمپ وارو شاهه جو رسالو ۽
بمبئيءَ مان ڇپيل شاهه جا رسالا (جن کي بمبئي وارا
ڇاپا) سڏيو وڃي ٿو ۽ تعليم کاتي وارو رسالو، تن ۾
ڪا تحقيق ڪيل نه آهي، تنهن ڪري اهي معياري نه هئا.
گربخشاڻيءَ وڏي محنت ڪري اعليٰ تحقيق جي معيارن
مطابق شاهه جو رسالو تيار ڪيو، ان جو داد ڏيڻ تمام
ضروري آهي، ڇو ته ان وقت مڙني شاهه جي رسالن ۾
اهوئي معياري رسالو هو. ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي، پر
ان کي مستند شاهه جو رسالو چئي نه ٿو سگهجي. ها،
البت ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته جيستائين ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ وارو شاهه جو رسالو (جيڪو ڏهن جلدن ۾
ڇپجي پڌرو ٿيو آهي) شايع نه ٿيو هو، تيستائين
گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو مڙني ڇاپي رسالن جي
ڀيٽ ۾ اعليٰ ۽ معياري رسالو هو، پر ان ۾ ڪن بيتن
جي پڙهڻين ۽ ڪن لفظن جي معنائن ۾ خاميون هيون،
تنهن ڪري ان رسالي ۾ وڌيڪ سڌارن جي گنجائش هئي.
اها ڳالهه خود گربخشاڻيءَ رسالي جي مقدمي (مقدمه
لطيفي) ۾ لکي آهي ته، ”هي ڪم آخري ڪونهي اميد اٿم
ته هن کان پوءِ ڪو عالم اچي شاهه صاحب تي ڪم ڪندو
ته منهنجو پورهيو جهڙوڪر پنهنجو ملهه حاصل ڪندو.“
ان قسم جي ڳالهه ڀيرومل به ڪئي آهي، جيڪا اڳ ۾ اچي
چڪي آهي.
هينئر غور سان ڏٺو وڃي ته جيڪو ڪم گربخشاڻيءَ شروع
ڪيو هو. ان کي ڊاڪٽر بلوچ توڙ تي پهچايو ۽ هينئر
سڀني ڇاپي رسالن ۾ ڊاڪٽر بلوچ وارو شاهه جو رسالو
مستند ۽ معياري آهي. انسان کان خطا ٿي سگهي ٿي.
تنهنڪري ممڪن آهي ته ڊاڪٽر بلوچ کان ڪي سهوون ٿي
ويون هجن، پر ان جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي واري
رسالي ۾ گهڻيون سهوون آهن، جيڪي ڀيرومل انتهائي
ديانتداريءَ سان اصلاح خاطر نروار ڪيون آهن، جن جو
بيان هن کان اڳ ٿي چڪو آهي. جنهن جي غلط پڙهڻين ۽
غلط معنائن جا ڀيرومل مثال پيش ڪيا آهن.
ٻي جيڪا وڏي سَهو گربخشاڻي کان ٿي، سا اها ته هن
ٽرمپ واري رسالي کي وڏي اهميت ڏني ۽ ان ۾ شامل
واين کي وڏي اهميت ڏيندي، اهي پنهنجي رسالي ۾ شامل
ڪيائين، جيڪي شاهه جي ڪنهن به قلمي نسخي ۾ موجود
نه آهن. اهي حقيقت ۾ ٽرمپ جي هڪ سنڌي منشيءَ پاڻ
ٺاهي يا ٻين کان ٺهرائي رسالي ۾ شامل ڪيون ۽ ان جي
ڀيٽ ۾ بلڙي ۽ ڀٽ وارن نسخن کي تمام گهٽ سمجھي،
ٽرمپ واري رسالي جي تعريف ڪندي لکيو اٿس ته، ”هڪ
وڏي خوبي منجھس هيءَ آهي ته جيڪي وايون درج ڪيون
ويون آهن، سي شاهه جون آهن، جن جي عيوض ٻين ڇاپن ۽
خود ڀٽ ۽ بلڙي وارن نسخن ۾ ناچن ۽ مسخرن واريون
وايون داخل آهن.“ هن راءِ بابت ڀيرومل جيڪا راءِ
ڏني آهي، سا هن کان اڳ اچي چڪي آهي يعني جنهن نسخي
کي بنياد بڻائي، هن شاهه جو رسالو تيار ڪيو، تنهن
کي پاڻ ئي ناقص سڏيو اٿس.
جيئن ته سنڌين کي شاهه لطيف سان بيپناهه عقيدت
آهي، اها ڳالهه مدنظر رکي ڪيترن ئي ماڻهن شاهه جا
رسالا تيار ڪيا. شاهه صاحب سان عقيدت سبب ماڻهن
اهي چُمي اکين تي رکيا. شاهه جو رسالو تيار ڪرڻ
وارن کي شهرت به ملي ته عزت ۽ دولت به ملي. هن وقت
تائين اندازي موجب ويهارو کن شاهه جا رسالا ڇپجي
چڪا آهن (ٿي سگهي ٿو ته اڃا وڌيڪ هجن) اهو سلسلو
جاري آهي ۽ جاري رهندو، ان کي ڪوبه روڪي نه ٿو
سگهي.
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته گربخشاڻيءَ واري شاهه جي
رسالي مان گهڻن ئي شاهه جي شارحن فائدو حاصل ڪيو.
ماڻهن کي مفت جو مال ملي ويو. تنهن ڪري مُئي جي
مڏي تي نه صرف شاهواڻي شاهوڪار ٿيو، پر ٻيا به
ڪيترائي آسودا ٿي ويا ۽ لطيفيات ۾ وڏو نالو
ڪمايائون، پر گهڻن ماڻهن کي اها خبر ئي نه آهي ته
ان مڏيءَ جو اصل مالڪ ڪو ٻيو آهي. غلام محمد
شاهواڻي ان جو اتارو ڪيو ۽ ان اشراف پنهنجي جوڙيل
شاهه جي رسالي ۾ کُلي دل سان اعتراف ڪيو آهي.
ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڪن ٻين ان مان فائدو ورتو. پر ٻئي
ڪنهن به ان جو اعتراف نه ڪيو. غور سان ڏٺو وڃي ته
سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، ٻين پوين شارحن
ڪو به قلمي نسخو آڏو نه رکيو. مرحوم عثمان علي
انصاري هڪ ٻن اڻ پورن قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي،
پر سندس ڳالهه مشڪوڪ آهي، ان ۾ ڪو وزن ڪو نه آهي.
جن رسالا مرتب ڪيا، تن بمبئيءَ وارن ڇاپن،
گربخشاڻيءَ واري رسالي ۽ مرزا قليچ بيگ واري شاهه
جي رسالي جي مدد سان شاهه جا رسالا تيار ڪيا. باقي
ٻانهي خان شيخ گنج جو اتارو ڪيو، جنهن جو هن مون
سان اعتراف ڪيو هو. انهن شارحن نه صرف گربخشاڻي
واري رسالي جي متن مان فائدو ورتو، پر هنن
گربخشاڻيءَ واري ڏنل معنائن مان به فائدو ورتو.
ڪجھ مدد ڀيرومل جي ’غريب اللغات‘ مان ورتائون.
مرزا قليچ بيگ جي لغات لطيفي، ڊاڪٽر بلوچ واري
جامع سنڌي لغات ۽ شاهه جي رسالي جي لغات ’روشني‘
مان به ڪُڍي ڪيائون. مطلب ته مُئن جي مڏي تي گهڻن
ئي ڌاڙا هنيا ۽ پاڻ کي لغت جو ماهر سڏائڻ لڳا.
جيڪا جاکوڙ گربخشاڻي، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل ۽ نبي
بخش خان بلوچ ڪئي، اهڙي وري ڪنهن نه ڪئي. هينئر
گهر ويٺي شاهه جي رسالي جون لغتون تيار ٿي رهيون
آهن. ڪيترائي پُڇ ٻڌي مَهري ٿي ويا آهن ۽ ڪُئي
وانگر هريڙ هٿ ڪري وڏا پساري بڻجي ويا آهن.
منهنجي راءِ ۾ هن وقت ڊاڪٽر بلوچ وارو شاهه جو
رسالو هر لحاظ کان مستند آهي. ممڪن آهي ڪنهن
خوشنصيب عالم کي وڌيڪ ڪي قلمي نسخا ملي وڃن (جنهن
جو امڪان گهٽ آهي) ۽ ڊاڪٽر بلوچ وارا ڏهه جُلد
سامهون رکي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ وارن
شاهه جي رسالن کان وڌيڪ ڪو مستند شاهه جو رسالو
تيار ڪري، پر ويجھي وقت ۾ اهڙو امڪان نظر نه ٿو
اچي، ممڪن آهي ته پنجاهه يا سئو سالن جي عرصي ۾
اهڙو رسالو تيار ٿي سگهي، جيئن ٽرمپ واري رسالي
کان پوءِ گربخشاڻيءَ پنجاهه سٺ سالن کان پوءِ
شاندار شاهه جو رسالو تيار ڪيو. پر اهو هڪ ته
ناممڪل هو ۽ ان ۾ ڪجھ اوڻايون هيون، جن جو ذڪر
ڀيرومل ڪيو آهي، تنهنڪري شاهه جي شيداين جي تمنا
هئي ته ان کان به وڌيڪ معياري ۽ مستند رسالو تيار
ٿيڻ گهرجي. جنهن جو اشارو ڀيرومل به ڪيو آهي.
انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اها تمنا ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جهڙو عالم ئي پوري ڪري سگهيو ٿي،
جيڪا هن وڏي محنت ڪري پوري ڪئي. جڏهن گربخشاڻيءَ
وارو رسالو ڇپجي پڌرو ٿيو هو ته اهو ٻين رسالن جي
ڀيٽ ۾ واقعي معياري رسالو هو، پر ڊاڪٽر بلوچ واري
رسالي ڇپجڻ کان پوءِ اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته، ”هن
وقت معياري ۽ مستند رسالو اهو ئي آهي.“ منهنجي
پڙهندڙن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري ڊاڪٽر بلوچ
وارا شاهه جي رسالي جا ڏهه ئي جُلد
پڙهي ڏسن ته پوءِ کين بلوچ صاحب جي ورهين جي محنت
۽ تحقيق جو صحيح اندازو ٿي ويندو۽ کين صحيح راءِ
قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. باقي بنا پڙهڻ ۽ پُرجھڻ جي
غير علمي ۽ هوائي ڳالهيون ڪو وزن نه ٿيون رکن. |