نصير مرزا
حيدرآباد
عظيم شاعر نارائڻ شيام کي ڀيٽا
مان ته هڪ يادگار پيڙهيُن جو
9 جنوري 1989ع....... جنهن صبح جو هند سنڌ جي جديد
سنڌي شاعر، نارائڻ شيام جي ديهانت جي خبر سنڌي
اخبارن ۾ ڇپي، آئون ڪراچيءَ ۾ هئس. خبر پڙهي اداس
اکين سان آسمان ۾ مون ڏٺو، سنڌ جو آسمان ’حُسن‘ ۽
پکين کان خالي خالي نظر آيو. اهڙي اٻاڻڪائيءَ ۾ دل
چاهيو ڪنهن سان فون تي ڳالهايان پنهنجو ڏک شيئر
ڪريان پوءِ ذهن تي زور ڏيئي يادگيرين مان شيام جا
شعر چپن ۾ دهرائيندو رهيس.
تنهنجي سنڀار آئي دل جو ڪنول ٽِڙي پيو،
نڪتو ڪو ذڪر اهڙو جو بات بات چمڪي،
آواز رنگ لاتو، ورتي خيال صورت،
ڏاتر جي ڏات چمڪي، شاعر جي بات چمڪي.
پوءِ اندر مان آواز آيو.....
هڪ صديءَ کان پوءِ پڻ شايد، ڪي عالم ۽ اديب،
شيام جي شعرن منجهان ڳولي لهن نقطا نوان
تڏهن شيام جو هيءُ شعر به ياد آيم.....
پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پُڇي
هان ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.
پوءِ لڳو، شيام جا شعر، صرف شعر ته نه آهن انڊلٺ
ريکا آهي، جن جا رنگ سندس وصال جي صدمي سبب، ڄڻ
لڙڪن جي ڌنڌ ۾ يا شايد دهليءَ ۾ ڪنهن شمشان گهاٽ
تان سندس اگني سنسڪار واري دونهين باعث، ذهن ۾
دونهاٽبا، ڌنڌلائبا پيا وڃن.
ڪيڏو نه ٻوجهل ڏينهن هو اُهو مون لاءِ، آئون ان
وقت ڪراچيءَ واري قديم بامبي هوٽل ۾ چترڪار خدا
بخش ابڙي جي آرٽ اسٽوڊيو ۾ ويٺو هئس، تڏهن ٽيبل
وٽان اٿي، بالڪنيءَ ۾ گلن واري ڪونڊيءَ وٽ اچي
بيٺس ته شيام جو هيءُ خوبصورت شعر ياد پيو.
پوپٽن بابت ته سوچو ئي نه هوم،
مون ته گُل پوکيا ايئن ئي شوق مان.
خدا بخش جو ٺاهي ڏنل، ڪافيءَ جو ڪوپ ٿڌو ٿيندو
رهيو ۽ دور سرحد پار کان شيام جي ڏکويل هيءَ صدا
ايندي رهي.
الائي ڪهڙي گهڙي شيام، اُن مان نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
سنڌ ڪراچي ۾ ورهاڱي کان اڳ شيخ اياز صاحب ۽ نارائڻ
شيام پاڻ ۾ ڪاليج فيلو هئا. ورهاڱي جو هاڃو شروع
ٿيو ته شيام سنڌ مان لڏيو. شيخ اياز هُن کي ڪراچي
بندر تائين ڇڏڻ ويو. پوءِ بمبئي بندر تي لهڻ ۽
دهليءَ ۾ تنها تنها ڀٽڪندي شيام دل جو حال هن شعر
۾ بيان ڪيو......
گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو،
ته ڪو پاڻ جهڙو ملي ڪنهن گهٽيءَ ۾.
تڏهن هند سنڌ ۾ هندو مسلم جهيڙا جهڳڙا ۽ انسانيت
جو هر طرف خون وهندو ڏسي هُن دل سان دانهن ڪئي....
ٻري مسجد ۾ ۽ مڙهيءَ ۾ ڏيو،
ڀر نه ڌرمن جو انڌڪار ويو.
هاڻي اها ڳالهه به طئه ته 1947ع تي ڀارت شيام جو
محض سکڻو سرير ئي ويو هو. هن جو روح ته سنڌ، سنڌ
جي هوائن ۽ ٻولي ۾ هئو، تڏهن هندستان ۾ ڇڙوڇڙ سنڌي
هندو خاندانن ۽ سنڌ تي ڌارين جي يلغار ڏسي هن ڏک
مان آواز بُلند ڪيو ۽ سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو......
الا! ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
آگسٽ 1988ع ڌاري، پراڻي سکر واري گهر جي اسٽڊيءَ ۾
اياز صاحب کان پُڇو هئم، جديد سنڌي شاعرن ۾ اوهان
جي پسند جو شاعر؟ تڏهن شيخ صاحب، جهٽ جواب ڏنو
’صرف نارائڻ شيام.‘ ساڻس بي پناهه محبت ۾ اياز
صاحب، سُر نارائڻ شيام به لکيو، جنهن ۾ چيائين:
آهه اڌوري تو بنان، هيءَ جا منهنجي ”مون“
ساميءَ وانگر تون، سدا رهندين سنڌ ۾.
اياز صاحب پنهنجي ڪتاب ’سَر لوهيڙا ڳڀيا‘ ۾ لکيو،
’مون شيام کي چيو، شيام! اڳئين جنم ۾ وديا پتي
هئين ڇا؟“
شيام چپن تي آڱر رکي چيو.... شو..... او..... متان
ٻي ڪنهن کي ٻڌائين. پوءِ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هئائين.
شيخ اياز صاحب وڌيڪ لکيو.
مون هُن کي چيو: شيام، سنڌ سنڍ نه آهي. ڀٽائي کان
پوءِ سچل، سامي توکي ۽ مون کي جنم ڏنو اٿائين.
ڀارت ۾ ايترا شاعر ٻن هزار سالن ۾ به پيدا نه ٿيا
آهن. جيترا سنڌ، اڍائي سو سالن ۾ پيدا ڪيا آهن.
ڪتاب، ”نارائڻ شيام..... شخصيت ۽ فن“ جي مهاڳ ۾
سنڌ جي ڪلاسيڪل هندو مسلم عظيم شاعرن جي پس منظر ۾
محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو.... ”اسين سنڌي، هڪ
قوم آهيون. ڌرم ۽ مذهب جي بنيادن تي قومن جي
”ورهاست“ ۽ ”ورهاڱي“ کي اسين ڪونه ٿا مڃون سنڌ ۽
سنڌي ٻوليءَ جا شاهه ’سچل‘، ’سامي‘ ۽ ’دلپت‘.....
يا سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جا ’شيام‘ ۽ ’اياز‘..... جذبي
۽ خيال جي هڪ ئي دنيا ۾ بيهاري.“ اسان کي هڪ قوم
بڻائين ٿا. جويي صاحب جي راءِ جي تسلسل ۾، منهنجو
خيال آهي ته 25 هين جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم
ضلعي نوابشاهه ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جو جيڪو ”اڌ
دائرو“، نارائڻ شيام جي نالي سان پيدا ٿيو هو، صرف
هڪ سال کان پوءِ اُهو دائرو 1923ع ڌاري شڪارپور ۾
شيخ اياز جي جنم سان ڄڻ ”مڪمل“ ٿي ويو. ائين ويهين
صديءَ ۾ هڪ ئي وقت اسان ٻن مهان شاعرن کي هڪ ئي
صديءَ ۾ موجود ڏٺو ۽ اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪٿي
هو.
سنڌي ٻوليءَ جي هنن ٻنهي مهان شاعرن جي شاعراڻي
اُڻتڪاري ۽ اسلوب جو جائزو وٺبو، ته اياز جي شاعري
جهڙي اونهاري جو گرم ڏينهن ۽ شيام جي شاعري جهڙي
ستارن ڀريل ننڍاکڙي رات، اياز جي شخصيت ائين، ڄڻ
’ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري“ ۽ شيام جو ڌيرج ڌيرج ڀريو
سڀاءُ ايئن ڄڻ ’رڻ ۾ رات ٺري‘ ۽ اياز جو مزاج، وڏي
پکيڙ ۾ پکڙيل بڙ جو وڻ ان جي مقابلي ۾ شيام جو
سڀاءُ ڄڻ پپر جو وڻ. اياز جي شاعري پڙهو ته جهڙا
سج جا تاوَ تتل ڪرڻا، شيام جي ڪوتا پڙهو ته جهڙي
ڪنهن ڇانوَ ڀريي وڻ جي ٿڌي ٿڌي ٿڌڪار شيام پاڻ به
ته چيو آهي:
اچ اچ ساٿي وڻ جي هيٺان،
ڇانوَ نه ملندءِ سُڪل وڻ کان.
شيام جي شاعريءَ جو اڀياس ڪبو، ته ان ۾ چتر عڪس
چٽيل نظر ايندا. جي ها، احساس سان ڀريل زنده جاويد
عڪس، ان ڏس ۾ هيءُ سندس ڇا ته خوبصورت دوهو....
چانڊوڪيءَ جي آرسي روپهري ايڪانت
پنهنجي سُونهن ڏسي ڏسي، ڳائي پئي سانت.
شيام جي شاعريءَ جا عجيب رنگ ڍنگ آهن. هن وٽ خوشبو
’ڳالهائي‘ ٿي. باک مُرڪي ٿي. منظر ڳالهائين ٿا.
بي جان شين کي جاندار ڪري پيش ڪرڻ ته، شيام کان ڪو
سکي. اُن جو ننڍڙو هڪڙو مثال هيءُ ڏسو:
اجهو ”اُس“ پئي چنبڙي ائين گلن کي،
بُکيو چنبڙي جئن ڪو ”ابهم“ ٿڻن کي.
شيام جي غزلن ۾ احساسن ۽ عڪسن جي جيڪا نواڻ آهي،
هتي انهن مان به ڪي روح کي راحت ڏيندڙ مثال ڏسو:
ٻهاري ڏئي هاڻ نوڪر مُڙيو.
پٺيانئس ڪريا پن ٻه ڪونڊيءَ منجهان.
ٻار کي ڪنهن جي هنج مان وٺندي،
ڇا ته دلڪش هُڳاءُ جو احساس.
......
ڀر ۾ بيٺي ته اک کڻي نه ڏٺئه،
ويندي ويندي مُڙي نهاريو تو.
رات جو سُمهي صبح جو اٿڻ بعد، ڪابه حسينا، پوءِ
اُها قلوپئٽرا هجي يا ايشوريا.... شيام هيءُ شعر
ڄڻ اهڙين حسينائن لاءِ ئي ته لکيو آهي.
هُيئه صبح جو وار وٽڙيل اُهي ئي
گهڻو شام جو کين تو پي سنواريو
۽ پوءِ 6 جنوري 2021ع.... شيام جي لاڏاڻي واري اُن
ڏينهن کي ياد ڪندي سندس هيءُ شعر ذهن تي تري آيو
هئم:
پٿر ڪرندي ’ڍنڍ‘ ۾، جيئن ٿيو آواز،
ڀر تي بيٺل وڻ منجهان پکيءَ ڪيو پرواز.
هيءُ شعر به شيام ڄڻ پنهنجي ’ديهانت‘ لاءِ اڳواٽ
چيو هو ۽ اڄ اها ئي ڪيفيت هن لاءِ منهنجي به آهي.
هٿ آلا ۽ ”کارا“ اٿئي،
شايد ”ڳوڙها“ شيام اگهيا تو
۽ اي ڪاش! دهليءَ جي شمشان گهاٽ تان شيام جي پوتر
شرير جي رک، سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪرڻ لاءِ سنڌ
موڪلي وڃي ها. جيئن اها سنڌوءَ جي پاڪ پاڻيءَ سان
ملي، سنڌ جي آباد شاداب کيتن ۾ پکڙجي ڪڻڪ جي
سونهري سنگن، مينديءَ جي ٻوٽن ۽ سدا بهار جي گلن ۾
سمائجي وڃي ها ۽ هن مهان سرجڻهار جا رنگ رنگ سپنا،
سنڌ ديس جي رستيءَ وستيءَ ۽ واهڻ واهڻ ۾ ازل ابد
تائين جهومندا رقص ڪندا رهن ها.
جهومندا..... رقص ڪندا رهن ها.
استاد محسن علي شر
خيرپورميرس
قائم الدين فقير
(1906ع-1857ع)
قائم الدين فقير ولد مينگهو فقير شر ڳوٺ مينگهي
فقير شر تعلقي ميرواهه ضلعي خيرپور ۾ 13 شوال
المڪرم سنه 1274هه بمطابق 1857ع ۾ ڄائو. فارسي ۽
عربي تعليم حاصل ڪري دستاربند عالم بڻيو، سندس شعر
سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي مشتمل آهن.
جنهن ۾ فقير صاحب جا بيت، ٽيهه اکريون، مولود،
مناقبا، ڪلام، ڪافيون، سه حرفيون مشهور آهن. سرور
ڪائنات فخر موجودات رسول ڪريم
ﷺ
اهلبيت ڪرام جي محبت ۽ عقيدت سندس ڪلام ۾ جهلڪا
ڏيندي نظر اچي ٿي، جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
قائم الدين فقير، سخي قبول محمد ثاني، (وفات 1928)
جو طالب هو، جنهن جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪثرت
سان ڪيو اٿس مثال.
مرشد مسند تنهنجي قائم قيامت تائين
دوست درازي دلبر، حامي هادي حيدر
پنجتن تنهنجي پاکر، سيد توسان سائين.
ڪر قائم سر قرباني، جند جان صدق مهماني
مليا شاهه درازي جاني، آوي دوست ڏيوي دلداري.
قائم الدين فقير شر- 11 24 ربيع الثاني سنه 1334ع
مطابق 1906ع ۾ وفات ڪئي.
سندن شاعريءَ مان چونڊ شاعري پيش ڪجي ٿي.
علي حق حيدر ڀڃي ڪوٽ خيبر
ٻڌي سوال سائل آجو قيد کون ڪر
منجهئون مهر محبت ڏيو جام وحدت
ڪري پُر پيالو، ساقي حوض ڪوثر.
دين علي ايمان علي اعليٰ افضل شان علي
لحمڪ لحمي دمڪ دمي حضرت جو همراه علي
ترت لنگهائج تار طفيلان عاصيءَ لڳ الله علي
توريءَ ٽڪيو ناهه ٻيو، وارث ڪرڪا واهه علي
حب گهران حسنين حمايت پنجتن پشت پناهه علي.
سندن هيءُ فارسي غزل پڻ درگاهن تي اڪثر ڳايو ويندو
آهي.
ورد است در زبانم نام علي علي
شب روز ثنا خوانم نام علي علي
گفت مرسل مولاءَ مومنان دا
رهبر وسيلا دائم نام علي علي
قائم غلام قمبر، قمبر غلام حيدر
قربان تن و جانم نام علي علي
بيت
نرگس نين سياهه سڄڻ دي ناز ڀري نروار ڏونهين
ڪاڪل سنبل خجل ڪريندي، مشڪ ختن تاتار ڏونهين
مزگان تير ڪمانان ابرو، خاص خنجر تلوار ڏونهين
نال عشاقان ڪرن لڙائي، سيني وچ سٽڪار ڏونهين
قامت سر و صنوبر طوبيٰ، غنچه دهن گلزار ڏونهين
لب مرجان با لعل بدخشان، خنده شڪر گفتار ڏونهين
لب مرجان يا لعل بدخشان، خنده شڪر گفتار ڏونهين
چنچل چال ڪيتي شرميلي، فيل ڪبڪ رفتار ڏونهين
شمس قمر قربان ٿيون، صدق صدق صدبار ڏونهين
حسن حسين حمايت ميڏي، مولا دي مختار ڏونهين
قائم حامي وچ حشر دي، ٻنهين علي سردار ڏونهين
ڪڍي ڪانگل تو ڏيان، جيءُ بڪيون جيرو
وڃي کاءُ ولات ۾ جت دوستن جو آ ديرو
پُڇي مان پريت مان، پرين ڀري ڀيرو
قتل هي ڪيهو، قائم قرباني ٿيو.
راڻا سياڻا مينڌرا، ڪامل اچ ڪاهي
مهڻا جي مومل جا، لالڻ ڇڏ لاهي
مومل ماندي ماڙئين وروهئين ناهي
ٺام اچ ٺاهي، قائم ڪنور ڪاڪ جا.
ڪافيون
تنهنجي حسن ڪيا حيران، سوين سلطان چوان
غب غب ۾ جئين غرق سڪندر، يوسف منجهه ڪنعان
مصر زندان چوان
هُد هُد ڏس حيرت ۾ آندو، حضرت سلمان
صبا ايران چوان.
ادهم ابراهيم ڇڏيو هو، سارو سڀ سامان
طنبو طولان چوان.
ملڪ فلڪ ٿيا جتي سلامي، باري آهي بيان
زمين آسمان چوان.
پير بزرگ شيخ مشائخ، ڪوڙين منجهه ڪفران
مثل ڪنعان چوان
دم دم منهنجي دلبر در تي جن ملڪ انسان
قائم قربان چوان.
ڪافي
اُهي موڳا اٿي منهن ڪار، ملان مردار چوان
مُردي خور مقامي چٻرا، پَسُ پٽين جا پار، چُٽيل
چوڌار چوان
نورتڪن ٿا نڌرندودا، ويٺاڪن ويچار، انڌا آزار چوان
طالب الدنيا مخنث مُکڙو، ڀاڙيا بي اعتبار، تڙيل
تڪرار چوان.
قائم ڇڏ تون ڪنڊ ڪن جي، روحي ٿي رهوار، ننگ نروار
چوان.
ڪافي
پسي حور پري غلمان، ٿيڻ قربان لڳي،
آيو شوربزار ۾، مصري ٿيا مستان، ڏسڻ ڪنعان لڳي
گلگون رنگ گلابي چهرا، سوزدرد سامان، نظر پريشان
اڳي
چاهه اندر لک بابل جا، هاروتي حيران، املهه انسان
لڳي
’قائم‘ ڪرتون صبر سلڻ کئون، عشق عجب آفتاب، زمين
آسمان لڳي.
ڪافي
ڪري حملو حُسن آيو، ننگ نروار وه وه
خنجر پيڪان جئين پنبڻيون، چشم چمڪار چهه چهه چهه
ڪمان قوس قزح ابرو يا شمشير ايراني
چڙهي آهي فوج دراني دلي دهڪار ده ده ده
لکين لقمان افلاطون ٿيا ديوان، حُسن بازار قهه قهه
قهه
ڪاڪل ڪلنگي زلف زنگي، هڻي جن ٻاڻ دل ٻنگي
پهري جنسار سڀ جنگي تضنگ تلوار ٽهه ٽهه ٽهه
ڪري جلوو آيو جاتي، ڪرڻ مشتاق قرباني.
عجب لب لعل مرجاني، شڪر گفتار ٽهه ٽهه ٽهه
ڪوڙين سرهجن قائم ڪيان سڀ يار تون صدقي
ڪوڙين قدمن تان قرباني ڏيان ڏهوار ڏههه ڏهه ڏهه.
ڪلام بولو
بُولا ذوق زاري- |
بولا ذوق زاري، ڪري غمگساري، ڳل پاند
ڳاري |
سگهامل سهڻا بولا ذوق زاري |
بولا عيش برلب- |
هر روز هرشب، ملي يارڪب ڪب |
سگها مل سهڻا بولا ذوق زاري |
بولا بين بئنسر- |
سونهين رنگ ڪيسر، ڪيتا بره بسير |
سگهامل سهڻا بولا ذوق زاري |
بولا نوڪ ماري- |
ماري ٽرٽ ٽاري، جُڳ جڳ جياري |
سگها سهڻا بولا ذوق زاري |
بولاهي هلالي- |
ڏيندا پرت پيالي، برهه بي مثال |
سگها سهڻا بولا ذوق زاري |
بولا ڏند دلبند- |
ڪيتا پرت پيوند، لب لعل گلقند |
سگها سهڻا بولا ذوق زاري |
بولا زلف حُم خم- |
قَ، ليل قَم قَم، ڏيندا ڄام جم جم |
سگها سهڻا بولا ذوق زاري |
بولا دوڙ دائم- |
نال قرب قائم، ڪري سير صائم |
سگها سهڻا بولا ذوق زاري |
نوٽ: قائم الدين فقير، ڪنهن لڱا درگاهه گودڙيه جي
طالبن وٽ دوڙ ڳوٺ ۾ جيڪو ان وقت هڪ معمولي ڳوٺ هو،
ترسيل هو، ائين صبح جو فقير سير تفريح خاطر ڳوٺ جي
ٻاهران نڪتو، ته ڳوٺائي عورتن جو هڪ ٽولو سندس
اڳيان گذريو جنهن ۾ هڪ حَسين مهه جين ناريءَ تي
سندن نظر وڃي پئي جيڪا سورهن سينگارن سان آراسته
هئي ۽ کيس نڪ ۾ بولا پاتل ڏسي، فقير اتي بيهي
مٿيون ڪلام بولا چيو، صوفي بزرگن وٽ مجازي محبوب
کي وڏي اهميت حاصل آهي ڇو ته المجاز قنطرت الحقيقت
دوڙ جو جيڪو ان وقت ننڍڙو ڳوٺ هو، هن درويش جي دعا
سان اڄ تعلقي جي در جي تي پهتل آهي هي صوفي درويش
پنهنجي ڏاڏي فقير غلام حيدر شر گودڙيه سان پنهنجي
والد بزرگوار ميان مينگهل فقير شر سان، فقير غلام
حيدر گودڙيه جي مزار مٿان هزهاءِ نس واري رياست
خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر طرفان جوڙايل مقبري
۾ ابدي آرامي آهن، روضه ۾ درگاهه گودڙيه جو ٻيو
نمبر گادي نشين ميان غازي غلام شاهه فقير گودڙيه
سائينءَ جو فرزند ميان علي مراد فقير ۽ درگاهه جو
ٽيون نمبر گادي نشين ميان مراد علي فقير پڻ ابدي
آرامي آهن. مقبري جي مرمت ۽ چٽساليءَ جو ڪم موجوده
گادي نشين فقير سڪندر علي شر 2003ع ۾ تزئين و
آرائش جو ڪم 2018ع ۾ سندن ڀاءُ مرحوم احمد خان
فقير عرف راجا فقير سرانجام ڏنو.
حوالا:
1- گودڙيه جي گونج- فقير غلام حيدر شر گودڙيه
يادگار ڪميٽي طرفان راقم جي زيرادارت تشابع ٿيو
1982ع ۾.
2- سچل سرمست- 15 ، 1995ع راقم خادم عباسي.
3- قائم قوي- فقير غلام حيدر شر گودڙيه يادگار
ڪميٽي طرفان 1994ع ۾ راقم جي زيرادارت
4- ديوان فقير غلام حيدر گودڙيه- مرتب استاد
عبدالرحيم عابد 1960ع. ديوان گودڙيه کي 1960ع ۾
درگاهه جي چوٿين نمبر گادي نشين ميان ٻڍل فقير
شرمنگي آرٽ پريس خيرپور مان ڇپرائي پڌرو ڪيو، اڄ
ڪلهه ديوان گودڙيه طويل عرصه گذرڻ ڪري ناياب آهي
ليڪن درگاهه گودڙيه جي موجوده گادي نشين فقير
سڪندر علي شر ۽ راقم وٽ هي تاريخي تحفه محفوظ آهن.
5- ڪلام، ڪافيون، مناقبا، سه حرفيون، مرتب ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
مرزا علي محمد ’عاجز‘ ساڪرائي
سنڌ جو مقبول ڪُهنه مشق اديب ۽ پُخته گو شاعر
اُستاد مرزا علي محمد ’عاجز‘ مُغليه خاندان جي
چغتائي قبيلي جو چشم و چراغ هو. 1887ع جي لڳ ڀڳ
ڪراچيءَ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار جو اسم
گرامي، مرزا محمد سليمان هو، جو سنڌيءَ سان گڏ
فارسي، عربي، جو پڻ زبردست ڄاڻو هو. عاجز صاحب جي
درس و تدريس جو ڪم سندس والد صاحب جن جي
زيرِنگرانيءَ ۾ ٿيو. پارسي ۽ عربي تعليم اُتان
حاصل ڪيائين، ۽ سنڌي فائنل امتحان پاس ڪرڻ کان
پوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد فارمينِ جي ڪورس جا ٽي
سال پڻ پاس ڪيائين، جو امتحان انهيءَ وقت هڪ
امتيازي حيثيت رکندو هو، ان بعد ميونسپل اسڪولن ۾
سنڌي ماستر ٿي رهيو. ان کان پوءِ ڪراچي ضلعي جي ڪن
ٻاهرين اسڪولن ۾ پڻ نوڪري ڪيائين.
سندن چوڻ مطابق سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي
موزون هئي، پاڻ اڃا ننڍوئي هو ته سندس والد بزرگ
وفات فرمائي ويو. عزيزن عليحدگي اختيار ڪئي، دوست
۽ يار ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ لڳا، فلڪ پنهنجي
سِتمرانيءَ تي ڪمرڪَشي بيٺو.
اهڙي دؤر ۾ ذي شعور ۽ حساس انسان جي دل مان دردن ۽
ارمانن سان گڏيل جيڪا دانهن ۽ آه و فغان زبان تي
ايندي، سا ضرور شعر جي صورت ۾ هوندي، سندس زبان تي
به بي اختيار شعر نمودار ٿيو. شعر و شاعريءَ ۾
پنهنجو اُستاد مير عبدالحسين ’سانگيءَ‘ کي منتخب
ڪيائين. مير عبدالحسين ’سانگيءَ‘ پنهنجي هڪ طرحي
شعر ۾ ’عاجز‘ صاحب کي هينئن ياد فرمايو آهي:
مِلي ’عاجز‘ ڪنا ’سانگيءَ‘ کي آهي مصرع موزون،
سريم سنسار مان سو ڪين، جيڪي جيءَ جي جانيءَ مان.
مرحوم محمد بخش ’واصف‘ حيدرآبادي پنهنجي ڪتاب
تذڪرة الشعراءَ جي صفحي 60 تي مير عبدالحسين
’سانگيءَ‘ جي سوانح حيات قلمبند ڪندي هن طرح لکي
ٿو:
شيراڻي مُلان علي محمد ’عاجز‘ به وٽس گهڻو ايندو
ويندو هو. مونکي ياد آهي ته ساڻس گڏجي آئون به هڪ
ڀيرو وٽس ويو هئس.
’عاجز‘ صاحب منهنجو تعارف ڪرايو هو، پوءِ مون مير
صاحب کي پنهنجو شعر ٻڌايو هو؛ جو ٻڌي مير صاحب چيو
ته هي نوجوان اڳتي هلي چڱو شعر چوندو. ٿورو وقت
ويهي اسان مير صاحب کان موڪلايو. انهيءَ مان ثابت
آهي ته علي محمد ’عاجز‘
مير صاحب جي ڪچهرين ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. سنڌ جي
ممتاز شاعرن مان مرحوم شمس الدين ’بلبل‘، مرحوم
محمد هاشم ’مخلص‘، مرحوم سيد ’زمان شاهه‘ ’ساقي‘
ٺٽوي ۽ ’مرزا قليچ بيگ‘ سان سندس خاص اُنس هوندو
هو، جن جا ڪيترائي خط ۽ شعر وٽس موجود هئا. مرحوم
زمان شاهه ٺٽويءَ سان سندس زبردست تنازع پڻ ٿيو.
جنهن ۾ هڪٻئي کي شعر ۾ سوال جواب ڪندا هئا، اهو
تنازعو، هڪ غلط فهميءَ جي آڌار تي ٿيل هو، نيٺ
’ساقي‘ ٺٽوي مرحوم پنهنجي غلطي محسوس ڪئي، ۽ هي
شعر ’عاجز‘ صاحب کي لکي موڪليائين. جنهن کان پوءِ
تنازعو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.
پرين تنهنجي اچي پُرزي، مچايو شور محفل ۾،
ڌُٻي ڌرتي سڄو عالم، ٿيو حيران هِن هُل ۾،
صحيفو صاف ۽ سهڻو به، ’عاجز‘ جو اَچي رَسيو،
منجهس جا خاص هئي خُوشبوءِ، نه آ سا چوب صندل ۾،
نه آهي جنگ ۽ جهيڙو، ڪمائي ڪِلڪ جي آهي،
ڪجانءِ معاف تون مونکي، لکيم جي لفظ به ’ڀُل‘ ۾.
سندس جوانيءَ جي چيل اشعار مان اسان وٽ هڪ مصرع
موجود آهي:
”ڏسي اَبُرو سندءِ، اي چنڊ جهڙا!
هلالِ عيد قربان ياد آيم.“
جوانيءَ جي دؤر ۾ مرحوم ’عاجز‘ سڄي سنڌ جو سير ڪيو
هو. هندستان ۾ اجمير شريف، دهلي ۽ آگري تائين ويو
هو. آخر سير و سفر مان سندس دل تنگ ٿيڻ لڳي، ان
کانسواءِ سندس همعصر شاعر به وفات ڪري ويا.
تنهنڪري گوشه نشيني اختيار ڪيائين. آخر
ميرپورساڪري جي ديهه ڪاجهريءَ ۾ زمين خريد ڪري اتي
رهڻ لڳو، ۽ ان کي پنهنجو وطن سمجهڻ لڳو. اتي بلڪل
اهڙيءَ طرح گمنامي جي عالم ۾ گذارڻ لڳو، جو ڪنهن
کي به خبر ڪانه هئي، ته هيءُ اُهوئي شخص علي محمد
’عاجز‘ آهي. 1955ع ۾ تپيدار پير محمد (پياسي) سان
سرڪاري ڪمن جي دوران ساڻس ملاقات ٿي. ڪچهرين دوران
سندس ئي مشوري سان ميرپورساڪري ۾ ’بزمِ ادب‘ جو
بنياد وڌو ويو.
آخر نئين سر پيريءَ ۾ ٻيهر شعر و شاعري ڪرڻ لڳو، ۽
ميرپورساڪري ۾ ماهوار مشاعرا ٿيڻ لڳا. مٿئين تصديق
سندس شعر جي هن مصرع مان ظاهر ٿئي ٿي:
’پياسي‘ مونکي تنهائيءَ منجهان اڄ آهي پڌرو ڪيو،
گذاريو وقت ٿي ’عاجز‘ اڳي خلوتِ گُذاري ۾.
پوءِ ته سندس طبيعت جي رواني سنڌوءَ جي طُغيانيءَ
کان به ڪسر کڻي ويئي. سڄيءَ سنڌ جي بزمن کي شعر
موڪلڻ لڳو. جن مان اڪثر ڪري آفتاب (دادو) بزمِ
طالب الموليٰ ڪراچي ۽ بزمِ طالب الموليٰ (پٿورو)
کي هر ماه شعر تيار ڪري موڪليندو هو. بزمِ طالب
الموليٰ پٿوري کي اڪثر ڪري مانوارو مرحوم معمور
يوسفاڻي، ولي سروري، ثابت سروري، جليل سروري ۽ ٻيا
کوڙ سارا شاعر شامل ٿيندا هئا، جيڪي ميرپورساڪري
جي ’بزمِ ادب‘ جي طرحي مشاعرن ۾ پڻ شعر پڙهي خوب
داد حاصل ڪندا هئا.
مرحوم ’پياسي‘ ۽ ’شمشاد‘ ساڪرائي سندس رازدان دوست
هئا، انهن سان ڪچهرين دوران ساجد سرشاري، پرواني
ڀٽي، سوز ڇڄڙائيءَ، ۽ جليل سروريءَ جي گهڻي تعريف
ڪندو هو ۽ چوندو هو ته جيڪڏهن انهن نوجوانن مطالعو
ڪيو ۽ مشقِ سُخن جاري رکي ته چڱا شاعر ٿي پوندا.
سنڌ جي بلندپايه جهونن شاعرن سان سندس خط و ڪتابت
جو ڪافي سلسلو هوندو هو. سندس اشعار وقت بوقت سنڌي
رسالن خاص ڪري نئين زندگي، هلالِ پاڪستان ۽ فردوس
وغيره ۾ وڏي آب و تاب سان شايع ٿيندا هئا، جولاءِ
1957ع جي ’نئين زندگي‘ ۾ سندس هڪ شعر شايع ٿيو هو.
جنهن ۾ پنهنجي وفات جو اطلاع پنهنجي دوستن کي ڏنو
اٿس.
زندگيءَ تي نه اعتبار رَهيو،
شعر هي منهنجو يادگار هجي.
25 جولاءِ 1959ع تي 4 بجي شام جو حيدرآباد ۾ وفات
ڪيائين.
پوئين دؤر جي شعر و شاعريءَ جو مواد سمورو سندس
ڀائٽي مرزا غلام معصوم بيگ سنڌ يونيورسٽي وٽ محفوظ
آهي ۽ ٻيو هڪ ڪتاب ’سنڌين جا سُخن‘ پڻ تاليف ڪيو
هئائين. جنهن ۾ قديم زماني جا شعر ڏنل آهن، جو
جناب مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان کي نظرثانيءَ لاءِ
ڏنل آهي. جيڪو ڊاڪٽر صاحب وٽ محفوظ آهي. پنهنجي
پويان ٻه فرزند هڪ نياڻي ۽ هڪ ڀائيٽو ڇڏيو آهي.
سندس اشعار مان مختصر طور چند بند عرض رکجن ٿا:
رندانه ڪلام:
بجز حق جي نه هو هرگز، چوڻ هو ’قُم به ازنيءَ‘ جو،
منجهائي مسئلو مُلن، ڪيو تعزير جي قابل.
تشبيهات:
لعل لب لالن چوان، هي ياڪِ مرجان ساقيا،
يا چوان عڪسِ شفق، لعلِ بدخشان ساقيا،
نيم خوابي، نيڻ تنهنجا، يا چوان بادام سي،
تا ٿيو مخمُور نرگس، منجهه گُلستان ساقيا.
مزاحيات:
جي مٺا مٺڙي ڏيارين، تا ٿيان ٻيهر جوان،
تا چيائين واهه! هي چرچا اديبانا ٿيا.
شڪوه:
اُهو ڀي وقت هو، جنهن ۾ هئس توقير جي قابل،
مگر هن دؤر غربت ۾، ٿيس تحقير جي قابل.
تخت طائوسيءَ تي طالع، هو ڪڏهن منهنجو مگر،
ڇا ڪريان آئون شڪايت، چرخ ڪُج رفتار جي.
دوستن جي ياد ۾:
هُجان ’گلزار‘،’پياسي‘ سان، ۽ ’عابد‘ ساڻ گڏ دائم،
وڇوڙو شل نه ٿئي، ’شمشاد‘ سان ڪو عُمر ساريءَ ۾.
(گلزار) احمد خان ۽ ’عابد‘ عبدالله خان
’اسلم‘ جو شروع جو تخلص، ’عابد‘ هو.
تاريخ گوئي:
سنڌ ۾ سيلاب آهي، آهي موسم بَرشڪال،
تون به ڏي ڪا مَئي ڪڻم، در برگِ ريحان ساقيا،
يڪ هزار و نو صد و پنجاه، شش هي سال،
نظم ’عاجز‘ جو هي ٿيندو، مطلع ديوان ساقيا.
(1956ع)
(ماهنامو نئين زندگي 1960ع فيبروري تان ورتل)
عبدالخالق ’عبد‘ سائيناڻي
صوفي فقير
پرواز سروري
(سروري سلسلي جو هڪ سيبتو شاعر)
سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني تي ڪئين اولياء بزرگ، ڏاها،
سگهڙ، شاعر اديب سانڍيا آهن انهن مان ڪنڀار قوم
مان، اسان جي ضلعي جو ناميارو اديب ۽ شاعر جناب
مرحوم محمد ابراهيم ’پرواز سروري‘ صاحب به هڪ هو.
سندس حسب نسب:
سندن نسب حضرت حارث سان ملي ٿو، حارث جا ٻه پٽ،
وليد، يزد، وليد جا ٽي پٽ ڪمبر، ترڪ، پنهور. ڪمبر
اڳتي اچي ڪنڀر ٿيو، جنهن مان ڪنڀار قوم موجود آهي.
سندس خاندان:
سندس وڏا اصل ۾ ڪڍڻ لڳ ضلعي بدين جا رهواسي هئا،
پوءِ جڏهن سومرن جي جنگ لڳي ته ڪجهه مارجي ويا، جن
مان سندن ڏاڏو هارون اتي ئي مدفن آهي باقي هارون
جا ٻه ڀاءُ عليم ۽ اوڀايو اتان لڏي ناري پٽ
ٿرپارڪر ڏانهن آيا، جن مان عليم نبي سر وٽ اچي
رهيو ۽ اوڀايو نيو ڇور ۽ پراڻو ڇور جي وچ تي ڳوٺ
سڻوئي ۾ اچي رهيو رهيو.
هتي هڪ ڳالهه ذهن تي اچي ٿي ته، عظيم محقق ڊاڪٽر
بلوچ صاحب
هن هڪ روايت ۾ ڄاڻايو آهي ته سومرا خاندان جي جنگ
جي نتيجي ۾ بچي ويل سومرو به ڪنڀار جي گهر پناهه
وٺي پليو، ساڳي روايت ڪم و بيش هِتان جي عظيم محقق
جناب مرحوم راڄ پلي(2) جن جو صوفي صديق
محمد صادق فقير رحه جي سوانح ۾ ڏني آهي.
سندن شجرو ڪجهه هن طرح آهي:
سليمان جو پٽ هارون، هارون جو پٽ خميسو، خميسي جو
پٽ اسماعيل، اسماعيل جو پٽ نٿو، نٿو جو پٽ هوندو،
هوندي جو پٽ پٺائي، پٺائي جو پٽ لڌو، لڌي جو پٽ
لکاڏنو، لکاڏني جو پٽ سومار، سومار جا ٻه فرزند
نورمحمد ۽ اوڀايو، اوڀائي جو هڪ پٽ سائينڏنو،
سائينڏني جا چار پٽ، (1) گل محمد (2) ونهيو، (3)
عمر، (4) محمد اسحاق، محمد اسحاق جو پٽ محمد
ابراهيم.
سائينڏني کان پوءِ سائينڏني جي اولاد کي حضرت صوفي
محمد صديق صادق رحه جي پوٽي صوفي حاجي محمد رحه
لڏائي اهر شريف وٺي آيو جتي پنهنجي حويليءَ جي
ڀرسان گهر ٺهرائي ويهاريا، جيڪو هاڻي ڳوٺ صوفي
فقير جي نالي سان مشهور آهي.
سندس اولاد:
سائينڏني کي چار پٽ هئا: (1) گل محمد (2) ونهيون،
(3) عمر، (4) محمد اسحاق
(1) گل محمد کي هڪ پٽ محمد خان ’مسڪين‘ ٿيو، جيڪو
واديء ٿرپارڪر جو مشهور سگهڙ ۽ شاعر ٿيو، افسوس
سندس ڪجهه ڪلام کانسواءِ ٻيو مواد ناقص جي نظر مان
ڪونه گذريو آهي. سندس اولاد مان پنج پٽ ٻه نياڻيون
ٿيون. پٽن ۾ جناب نورمحمد ’نورل‘ جناب گل محمد
’گل‘ عبدالرحمٰن، غلام مصطفيٰ ۽ بشير احمد موجود
آهن. تن مان جناب نورمحمد ’نورل‘ ۽ گل محمد ’گل‘
ٻئي سٺا شاعر آهن، نورمحمد ’نورل‘ جا ڪجهه ڇپيل
آهن ۽ مضمون ٻيو وٽن ڪيترو ئي مواد موجود آهي،
محمد خان مسڪين صوفي فقير مان لڏي ڇور اسٽيشن ويو،
وري پڇاڙي واري عرصي ۾ ڳوٺ ويهرو تعلقو عمرڪوٽ ۾
وڃي رهيا، اتي ئي ميان جان محمد رحه جي قبرستان ۾
مدفن آهن، سندس اولاد به اتي ئي موجود آهي.
(2) ونهيون: هن کي پٽن جو اولاد ڪونه ٿيو، نياڻين
جي اولاد مان جانهيرو ۽ نهٽو ۾ موجود آهي.
(3) محمد عمر: هن کي به هڪ پٽ هڪ نياڻي ٿي، مرحوم
محمد عمر جي وفات صوفي فقير ۾ اتي مدفن آهي. سندس
فرزند مرحوم محمد هاشم لڏي ڇور اسٽيشن ويو ۽ اتي
ئي وفات ڪيائين، سندس اولاد ۾ چار پٽ، يارمحمد،
مولانا جاويد احمد، محمد حسن ۽ محمد عمر ۽ ٻه
نياڻيون ٿيون، جن مان محمد عمر جو نثر ۾ ڪافي مواد
موجود آهي.
(4) محمد اسحاق: جنهن کي فقط هڪ پٽ ٿيو مرحوم محمد
ابراهيم جنهن جا چار پٽ محمد اسحاق، عبدالخالق
(راقم الحروف)، مرحوم ماستر الله بچايو ۽
عبدالخالق ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
پرواز جي شخصيت:
مرحوم محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق صوفي فقير ۾
سنه 1922ع ۾ تولد ٿيو، ابتدائي تعليم ڳوٺ صوفي
فقير ۾ ورتي، فارسي تعليم لاءِ ڪجهه وقت حاجي محمد
پلي ۾ مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب جن وٽ پڙهيا ۽
پوءِ گلستان ۽ بوستان صوفي قلندر بخش شهيد رحه مان
صوفي فقير ۾ مولانا عبدالرزاق زنگي رحه وٽ پڙهيا.
دوستن ۾ خصوصي مرحوم محمد عمر ’معمور‘ يوسفاڻي رحه
جي چوڻ تي فائنل سنڌيءَ جو امتحان ڏنائون، پر والد
جي ناچاڪي سبب ڪامياب نه ٿيا، جيئن ته سندس والد
بزرگوار ننڍي هوندي ئي دنيا کي الوداع ڪيو،
تنهنڪري باقي تعليم کي الوداع چئي، پنهنجي اَباڻي
ڪِرت ڪنڀارڪي يعني مٽي جي ڪم کي لڳي ويا. پاڻ
وفادار دوست، سخن جا سچا، ٻول جا پڪا، حلال روزي ۽
توڪل جا ڪوڏيا هئا. مسڪين غريب شخص روز ڪمائي روز
کائڻ وارا، مگر جڏهن صوفي فقير جي ساليانه ميلي جا
ٽي ڏينهن هوندا هئا ته وٽن به مائٽن ۽ دوستن جو
حجوم هوندو هو. هيءُ متوڪل شخص انهن سڀني مهمانن
جي هنڌ بسترن کان وٺي کاڌي پيتي جي مڪمل رسائي
ڪندو هو، اهڙن موقعن تي درگاهه جي احاطي ۾ ننڍا
ننڍا مشاعرا پڻ ٿيندا هئا.
سندن ادبي خدمتون:
انهيءَ سان گڏوگڏ کيس علم جي اساٽ ويهڻ نه ڏنو،
ڌنڌي مان جيڪي ڪجهه پلئه پوندو هوس، ان مان گذران
کانپوءِ جيڪي ڪجهه بچندو هوس ان مان ڪتاب وٺي اُڃ
اُجهائيندو رهيو، اڳتي هلي سٺو سگهڙ، شاعر ۽ اديب
ٿيو. کيس’پرواز‘ تخلص قبلئه عالي حضرت مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ رحه جن ڏنو، جيڪو سندس استاد
هو، پاڻ پنهنجي نالي سان ’پرواز سروري‘ لکندو هو.
طالب ملندي تن من ۾ ٿي، طاري موج بهارن ۾،
آسان ٿيو ’من عرف‘ اشارو، عارف جي اسرارن ۾
(پرواز)
مرحوم محمد ابراهيم ’پرواز سروري‘ اڳتي هلي سنڌ جي
مڃيل شاعرن ۾ شمار ٿيو، پاڻ بزمِ ادب صوفي فقير،
بزمِ طالب الموليٰ شاخ صوفي فقير جا جنرل سيڪريٽري
ٿي رهيا. جنهن طرفان ڪيترائي وڏا مشاعرا ۽ محفلون
ڪرايائون.
هن دور ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي
صدارت سنڌ سطح جا عاليشان مشاعره ۽ في البديهه
نشستون پڻ ٿيون، هن دور ۾ طرحي مشاعرن جو به مروج
هئو، قبله طالب الموليٰ جي سرواڻي ۾ سنڌ جي تمام
سهڻن شاعرن هنن ادبي مجلسن ۾ شرڪت پڻ ڪئي. سندن
نثر به معتبر ته شاعري به پڪي پختي ۽ فن ۽ فڪر مان
ڀرپور پاڻ ڪافي وقت صوفي فقير ۾ ماهوار ادبي
گڏجاڻيون مچائيندا هئا ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح تي طبع
آزمائي ٿيندي هئي.
اشاعتي سلسلي ۾، مهراڻو اڪيڊمي صوفي فقير جو بنياد
جناب حضرت مرحوم محمد عمر معمور يوسفاڻي رحه جن
رکيو ته کيس جنرل سيڪريٽري جا فرائض سونپيائين،
انهيءَ کانسواءِ ادارءِ نوائي ادب خانصاحب عطا
محمد پلي سان پڻ وابسته رهيا.
مهراڻو اڪيڊمي ۾ ئي کيس جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت
سان علم و ادب جي خدمت جو موقعو ملي ويو. انهيءَ
اڪيڊميءَ طرفان ڇپايل ڪتاب ’آڏي ڍال مَ ڍار‘
(1965ع جي جنگ جا نغما) تي وقت جي حڪمران جناب
فيلڊ مارشل محمد ايوب خان طرفان تمغئه امتياز سان
نوازيو ويو ته اهو به سندس ئي نالي پهتو، جيڪو وٽس
موجود هو.
ان کان علاوه هن اداري طرفان ٽي ٻيا ڪتاب ڇپيا، جن
۾ ستا اُٿي جاڳ، پکن مجهه پساهه ۽ ڏاهر مثنوي به
شايع ٿيا.
درحقيقت هيءُ سڀ ڪجهه حضرت مرحوم محمد عمر معمور
يوسفاڻي رحه جي مرهون منت هو، ٻئي پاڻ ۾ ڄڻ سڳا
ڀائر، دوست، صلاحڪار، همسفر ۽ ساٿي هئا.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين.
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
(شاهه)
سندس دوست احباب:
سندس دوستن ۽ احبابن جو حلقو به جهجهو هو، جن مان
چند هيءَ آهن:
حضرت معمور يوسفاڻي رحه ۽ حضرت اعليٰ مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ کان علاوه حضرت عارف الموليٰ
ڊٺڙي وارو، سرشار عقيلي، سائين پير ابراهيم جان
سرهندي رحه سامارو سائين احسن الهاشمي رحه، ڊاڪٽر
ابراهيم خليل حيدرآباد، سيد سردار علي شاهه ذاڪر
رحه، ايڊيٽر روزانه ’مهراڻ‘ حيدرآباد، صوفي
القادري صوفي ڏاتار بخش رحه ڏاتار، صوفي محمد زمان
مجذوب گل حسن شاهه رحه مجذوب عمرڪوٽ، ماجد اهروي
صوفي فقير، محبوب سروري حيدرآباد، ولي سروري
پٿورو، ثابت سروري، جناب راڄ محمد پلي، جناب
عبدالڪريم پلي، جناب وفا پلي، جناب يارمحمد چڱاڻي،
جناب محمد عمر پلي ڳموري، جناب لطف الله حساماڻي
صاحب، جناب محمد هاشم ’لاوطن‘، جناب گلو فقير
مرحوم، جناب مولانا عبدالخالق پلي، (لطيف نگر)،
مولانا محمد فضل مڱڻهار وغيره ٻيا به ايترا کوڙا
سارا دوست آهن.
انهيءَ دور ۾ جناب معمور يوسفاڻيءَ ۽ پرواز سروري
رحه صاحبن هنن بزرگن صوفي فقير ۽ پسگردائيءَ تي
جيڪا محنت ڪئي سا به تعريف لائق آهي، جنهن لاءِ هي
بزرگ کيرون لهڻن، جنهن جو احاطو ڪرڻ مشڪل آهي،
ايترا ته نوجوان ۽ وڏا شاعر ۽ سگهڙ تيار ٿيا، جو
انهيءَ دور جي بزرگ هستي جناب حاجي محمود هالائي
مرحوم ايڊيٽر هفتيوار ’همدرد‘
ميرپورخاص کي به هڪ جدا ڪالم لکڻو پيو، جنهن جو
عنوان هو، صوفي فقير جا ساڍا ٽيويهون شاعر، مضمون
جي طوالت سببان چند جا نالا ڳڻائڻ تي اڪتفا ڪندس.
حضرت صوفي طالع محمد ’ناز‘ سرشاري، قاضي محمد جمن
’مضطر‘ شيدي، محمد صالح ’سائل‘ نهڙي، ’سالڪ‘
سومرو، دلاور ’دادلو‘
خاصخيلي، محرم ’مجاهد‘ شيدي، ماستر امير بخش
’امير‘ نهڙي، سنڌ رو’پرتاب‘ گرڙو، سيٺ بالومل
’باشا‘ واڻيو، هرچند راءِ ’نثار‘ ڪلال، يارمحمد
’فدا‘ راڄڙ، ’مخمور‘ مهراڻوي پلي، نياز علي ’نياز‘
پلي، محمد خان ’مسڪين‘ ڪنڀار، حاجي ولي محمد ڪنڀار
وهرو، عبدالشڪور ’شاڪر‘
عبداللطيف سومرو، جناب حزب الله ڪمال پلي ۽ ناچيز
عبدالخالق ’آزاد‘.
ٿورا ڪ ٿورا مون تي ماروئڙن جا.
سندس رحلت:
جناب محمد ابراهيم پرواز رحه رحلت کان اڳ ڪجهه
عرصو بيمار ٿي پيو، ۽ سندس ساٿي سائين معمور صاحب
جن بار بار وٽس صلاح و مشورو پيا ڪندا هئا.
گلشنوں
میں،
شاہ بزاروں
کی
بسر ہوتی
نہیں،
عندلیبوں
کی
طرح، ان کی
گذر ہوتی
نہیں،
پوچھ مت اے
ہمنشین،
کچھ زمانہ حال کی،
رہزنوں
میں،
صادقوں
کی
کچھ قدر ہوتی
نہیں۔
(پرواز)
آخر هيءُ سڄو ادبي بوجهه سائين معمور يوسفاڻي رحه
جي ڪلهن تي ڇڏي پاڻ دارالبقا ڏي راهي ٿيو.
مفت مرين ڇو ماندي دل ٿي، ويندا جلد ڏکن جا ڏينهن،
ڪنهن پر ڪونه ڇڏيندو ڪامل، غرق ٿيل کي غارن ۾
پاڻ 5 فيبروري 1989ع مطابق 29 جمادي الثاني 1409هه
بروز آچر شام 8:30 بجي يعني سومر جي رات هن فاني
دنيا کي الوداع چئي دارالبقا راهي ٿيا.
سندس مزار درگاهه صوفي صديق محمد ’صادق فقير‘ جي
درگاهه جي اولهه واري دروازي جي سامهون اُتر واري
ٿنڀي جي اڳيان آهي. سندن هڪ غزل هيٺ عرض رکجي ٿو:
غزل
آهي نڪري زماني مان ويو نالو وفائي جو،
وفا عيوض پيو هردم ڏسان جلوو جفائي جو.
ويئي همت زماني مان، وڌي غفلت ۽ سستي آ،
ويو رستو رلي اڄڪلهه، رهائي رهنمائي جو.
ويئي اخوت زماني مان، نڪين اتحاد اُلفت آ،
حڪومت پئي هلي زر جي نه ڀائي آه ڀائي جو.
طراوت ۽ تواضع آ، لڏي ويئڙي زماني مان،
خلل سِر ۾ پيو سڀ ڪنهن کي آهي خودنمائي جو.
آهي دنيا دورنگي هي، دغا ۽ ڌوڙ جو ڌوڙيو،
وٺج ’پرواز‘ تون رستو، پڪو پختو سچائي جو.
|