سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 03/ 2021ع

باب:

صفحو:20 

ذوالفقار علي هالار سومرو

ڪوٽڙي

 

 

 

ماڻهو مڻيادار حڪيم دين محمد ’اڪرم ٻورڙائي‘

حڪيم دين محمد ولد امام بخش جوڻيجو 25 فيبروري 1936ع تي ڳوٺ ٻورڙي شريف، تعلقي خيرپورناٿن شاهه ضلع دادو جي هنج ۾ اک کولي.

پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ٻورڙي شريف جي ان وقت جي شفيق استادن، استاد محمد خان جوڻيجو چوکنڊيءَ وارو، ديوان ڊالومل ۽ ميان فيض محمد جهڙن قابلِ فخر استادن وٽ چار درجا پڙهيا، تنهن کان بعد ۾ 1949ع ۾ پنهنجي ڀاءُ ميان ڪريم بخش خان جوڻيجو جي سرپرستيءَ ۾ تعليم سان گڏ حڪمت جي سکيا پڻ وٺڻ لاءِ ٽنڊو رحيم تعلقو جوهي ۾ استاد خيرمحمد جت وٽ سنڌي پنجون پاس ڪيائين ۽ حڪمت ’طب‘ تي به دسترس حاصل ڪيائون.

ٽنڊو رحيم رهڻ کان پوءِ 1952ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول دادو ۾ سائين محترم شفيع محمد سولنگي وٽ، انهيءَ جي نگرانيءَ، محبت شفقت سان پاڻ سنڌي فائينل پاس ڪيائون، تنهن دور ۾ سنڌي ست درجا ’سنڌي فائينل‘ پاس ڪيائون.

”پاڻ چوندا هئا ته اها منهنجي خوش بختي آهي جو مون کي سائين شفيع محمد سولنگيءَ جهڙو شفيع استاد مليو، جنهن کان مون ڪافي ڪجهه پرايو پاڻ هڪ مثالي استاد هئا.“

حڪيم دين محمد، پاڻ ٽنڊو رحيم ۾ والي بال جو باني پڻ رهيو آهي، پاڻ سٺا رانديگر به هئا ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ اتي ٽورنامينٽ به ڪرايائون.

سندن وڏو ڀاءُ ميان الهورايو خان، شاهاڻي پاڙي دادو ۾ رهائش پذير هئا ۽ اهو تنهن وقت ۾ ايريگيشن کاتي ۾ ايس.ڊي.او هو. جنهن ڪري پاڻ دادو ۾ ان سان گڏ رهڻ لڳا، دادوءَ ۾ رهڻ ڪري ’دادوءَ ۾ آ جادو‘ جي مصداق سندن واسطا وڌيا ۽ پاڻ به شعور شاعري جو ذوق ۽ شوق رکندا هئا ۽ انهيءَ شوق کيس آرام سان ويهڻ ڪونه ڏنو. انهيءَ شوق کيس انجمن آفتابِ ادب دادو جي مشاعرن ۾ وٺي آڻي بيهاريو، جتي الحاج محمد احسن چنه صاحب جي شاگرديءَ ۾ رهي ڪري فيض پرائڻ لڳا ۽ شاعريءَ جي درياءَ مان پنهنجي اندر جي اُڃ اُجهائيندا رهيا ۽ نيٺ درياءُ پار ڪيائون، تنهن کان پوءِ 1955ع ۾ تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪري روينيو کاتي ۾ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي، شروع ۾ ٿاڻي بولاخان ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪئي، نوڪريءَ جي ڪري جدا جدا شهرن ۾ رهڻ ڪري سندن تمام گهڻي ڏيٺ ويٺ ٿي. ۽ بعد ۾ عبدالرحمان ’انجم‘ هالائي سان سخن سازيءَ ۾ مشورو ڪندا رهندا هئا، شروع ۾ پنهنجو ’مولائي‘ تخلص رکيائون، پر احسن چنه صاحب جي صلاح سان ’اڪرم‘ جو تخلص اختيار ڪيائون.

سائين حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي کي شعر ادب جي بزمن ۽ مختلف محفلن ۽ مشاعرن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو بيحد ذوق ۽ شوق هوندو هو ۽ وڏيءَ خوشيءَ سان بهرو وٺندو هو.

پاڻ 1957ع ۾ پنهنجي استاد احسن چنه جي صلاح سان پنهنجي ڳوٺ ٻورڙي شريف ۾ بزمِ فدا جو بنياد رکيائون، جنهن ۾ ان وقت جا مشهور شاعر جيئن الحاج حافظ احسن چنه، محسن ڪڪڙائي، استاد بخاري، نشترناٿنشاهي، مولوي عبدالله اثر، احمد خان مدهوش ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي ميلا ۽ محفلون مچائيندا هئا. ان سان گڏ پاڻ ميان فيض محمد عباسيءَ سان گڏجي مرحوم ثنائي جي ڊرامي فقير بادشاهه جي تياري ڪرائي ان ۾ پاڻ فقير جو ڪردار ادا ڪيائون.

اهو ڊرامو ايترو مشهور ٿيو جو ان وقت جي ڪليڪٽر سيد مدد علي شاهه، سائين شفيع محمد سولنگي جي معرفت دادو هاءِ اسڪول ۾ وري ٻيهر پيش ڪرايو، جيڪو لڳاتار ٽي ڏينهن پيش ڪيو ويو ۽ ڪليڪٽر صاحب ٽئي ڏينهن اتي موجود هو، ان کان علاوه ثنائي صاحب جو ٻيو ڊرامو ’درياءَ بادشاهه جو آندو مون کيرو پلو‘ پڻ ڳوٺ ٻورڙي ۾ پيش ڪيو ويو.

ڳوٺ ۾ رونقون لڳيون پيون هونديون هيون، ۽ ٻورڙائي صاحب پنهنجون نڪور لکڻيون، اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بوقت شايع ڪرائيندو رهندو هو. سندس هڪ وڏو ادبي حلقو هوندو هو، سندس شروعاتي شاعري جو مجموعو ’اکيون پسي آيون‘ 1983ع ۾ شايع ٿيو، تنهن کان پوءِ منقبت ديوان، سڄڻ نت سوجهرا ٽيون ڪتاب نعتيه ديوان ’سندي سڪ پرين‘ نسوروئي نور نعتيه غزل، هينئڙي سڄڻ ساريا، جيڏو تنهنجو نانءُ حمديه ديوان، نائي نيڻ نهار غزلن جو ديوان ڇپيل آهن ۽ ٻيو اڻڇپيل مواد سندس فرزند حڪيم جنيد امام ۽ طارق امام جوڻيجو جيڪي خوشبخت آهن جو سندس ڪيل قلمي ۽ ادبي پورهيو سنڀاليو ۽ سهيڙي رکيو اٿن ۽ اميد ته اڃا به وزن کان وڌ سندن ادبي ڪيل خدمتون عوام جي هٿن ۾ هونديون، جنهن مان نئون نسل فيضياب ٿيندو ۽ سندس ڪيل پورهئي مان ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه ثابت ٿيندو.

خيرپورناٿن شاهه ۾ حضرت جڙيل شاهه جي ميلي جي سلسلي ۾ پاڻ کي هاري تحريڪ جي سلسلي ۾ لکيل ڊرامو ’هاريءَ جي پڪار‘ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو ان وقت باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ميلي تي اچڻ وقت پيش ڪيو ويو، ان ڊرامي ماڻهن تي ايترو اثر وڌو جو ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئندا هئا، اهو ڊرامو ميلي کان پوءِ به 15 ڏينهن تائين پيش ٿيندو رهيو.

هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ٻورڙيءَ ۾ ڄڻ نئين زندگي موٽي آئي هئي. ٻورڙي ڳوٺ ۾ بزمِ فدا جي طرفان ادبي محفلون رانديون، ڊراما ۽ راڳ رنگ جون محفلون اڪثر ٿينديون رهنديون هيون، دادو شهر ۾ رهڻ دوران سندس ملاقات مرحوم خادم حسين انڙ صاحب سان ٿي جنهن جي صحبت ۽ صلاح سان پاڻ اچي ڪوٽڙيءَ ۾ درياءَ جي ڪپ تي اڏايل شهر جي ٿڌڙين شامن ۾ زندگي گذارڻ لڳا ۽ ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ علي سائين جي قدمن وٽ به رهيا باقي زندگي جا حسين پل پنهنجي دلي دوست مرحوم خادم حسين وڪيل سان هڪ روح ٻه جسم ٿي رهيا ۽ ڪافي عرصو پاڻ بزمِ ادب ڪوٽڙي ۾ مشاعرا ۽ محفلون مچائيندا رهيا. پاڻ بزمِ ادب ڪوٽڙي جا صدر به رهيا. پاڻ ڪوٽڙي حيدرآباد کان سواءِ ٻين شهرن ۾ به ادبي مشاعرن ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندا هئا.

حڪيم دين محمد ’اڪرم ٻورڙائي‘ جو ادب سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو، پاڻ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پڻ ادبي فن پاره پيش ڪندا رهيا ۽ ان سان گڏوگڏ حڪمت سان گڏ ڪوٽڙيءَ ۾ والي بال راند به ڪندا ۽ مئچون مچائيندا رهيا.

سندن اصل نالو ته دين محمد هو، پر پاڻ ادبي حلقي ۾ امام الدين جي نالي سان سڏيا ۽ سڃاتا ويندا هئا ڇو ته گهر وارا ۽ ڳوٺ وارا پيار سان امام الدين سڏيندا هئا، پر وڏي ڳالهه ته ڪوٽڙيءَ ۾ مٺڙي سڀاءَ جي ڪري ڪوٽڙي شهر ۾ ماما جي نالي سان سڏيا ويندا هئا، ۽ پاڻ پنهنجي الحفيظ دواخانه ڪوٽڙيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.

سندس لکيل دعائون ۽ نعتيه ڪلام:

اي منهنجا الله پاڪ آئون توکان رسول عربي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي مهابي سان دعا گهران ٿو، جيڪو توهان وٽ وڏي مان وارو آهي ۽ توهان کي هڪ ٻئي سان محبت آهي سندس وسيلي سان انهيءَ زاريءَ مهابي سان دعا گهران ٿو ته تون هميشه صلواتون و سلام موڪل، پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حق ۽ رتبي سڃاڻڻ جي توفيق عطا ڪر.

اي منهنجا الله پاڪ تون هن وقت مون تي رحم ڪر ۽ مون کي فتنن کان پناهه ۾ رک ۽ ظالمن کان پناهه ۾ رک، متان اهي مون کي ڪمزور ڪري ڇڏن.

سندن نعتيه ڪلام مان ڪجهه سٽون، سندي سڪ پرين مان.

نعت

ساٿي پڇن ٿا ڇا ٿو ڪرين تون، خوش حال گذارين ٿو هردم

مان ته چوان ٿو ڪجهه نه ڪيان ٿو، صلواة نبي ﷺ تي پڙهان ٿو هردم

سردار جي در جي ٽڪرن تي منهنجي هي عمر گذري پئي.

سرڪار جي صدقي خوب ملي پيو، نعتون نبي ﷺ تي لکان پيو دم دم

صدقي ثنا سردار جي، مون کي نوازيو آهي مولا.

جنهن تي نبي ﷺ جي آهي شفقت، اڪرم انهيءَ کي ڪهڙو غم

محترم دين محمد اڪرم ٻورڙائي 30- آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪيائون، سندس فرزند نيڪ بخت هر سال سندس ورسيون ڪندا رهن ٿا، مولا پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري آمين.

ڪهڪشان شاهه لڪياري

حيدرآباد

 

 

 

 

قلندر شاهه هڪ گهڻ رُخي شخصيت

 

ڪنهن به شخصيت جي قدوقامت جو معيار تڏهن ئي واضح ٿيندو آهي جڏهن ان جي شخصيت مختلف پئمانن ۾ ماپي وڃي ۽ پوءِ ئي هن بابت قلي راءِ قائم ڪئي وڃي. اهي پئمانا ان شخص جي سماجي بيهڪ، نظرياتي لاڙا، ثقافتي ڄاڻ، علم و ادب ۽ فهم جي طرف سنجيدگي، سياسي موقف، قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجڻ، پنهنجي زندگي جي مقصدن تي ثابت قدم بيٺو رهڻ، پنهنجي ۽ ٻين مذهبن کي به عزت جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ ذاتي زندگي ۾ به هڪ ذميدار ۽ شفيق رهڻ تي ئي منحصر ٿين ٿا، ۽ پوءِ ئي وڃي ان شخصيت جو جامع رُخ واضح ٿئي ٿو.

قلندر شاهه لڪياري تي لکڻ لاءِ يقيناً مون هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ته ان علم جي سمنڊ مان ڪجهه موتي کڻي هڪ ننڍڙي مالها ٺاهي سگهان.

جيڪڏهن شاعري جي ڳالهه ڪجي ته قلندر سائين شاعري جي رُخن، بحر و وزن Rhyme, Meter, Phythm جي ڪَين ڪوتاهين کان وٺي هنن جي سٺين شين ۽ اُچار جي به هميشه رهنمائي ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي لفظ تي زور ڏيڻو آهي ڪهڙي تي نه. ان لفظن جي شَد مَد جو اندازو سائين کان بهتر ڪوبه نه پئي ڪري سگهيو. ان ڳالهه جو به پسمنظر اهو آهي ته سائين جن کي هميشه ”سائين سردار علي شاهه بخاري، گهوٽڪي واري“ جي رهنمائي حاصل هئي. پوءِ اهو سائين قلندر هجي يا مخدوم جميل الزمان، سائين سردار علي شاهه هنن کي هميشه پنهنجي ٻچن وانگر سيکاريو. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي انڊس هوٽل جي پروگرام ۾ مخدوم سائين ذڪر پئي ڪيو ته سائين سردار علي شاهه ڪيئن بحر و وزن جي ترڪيب ڪندا هئا، هڪ شعر ٻڌايائون ته:

مهرباني ٻي ته وئي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين.

هاڻ ان شعر کي ٽوڙي سائين سردار علي شاهه هيئن ٻڌايو:

مهرباني-      فاعلاتن

ٻي ته وئي پر-         فاعلاتن

منهن ڏيکارڻ-         فاعلاتن

کان به وئين-   فاعلن

 

اهڙيءَ ئي ريت جڏهن سائين قلندر کان هڪڙي دفعي مون مظفر خيرآبادي (جان نثار اختر جو والد ۽ جاويد اختر جو ڏاڏو) جو شعر ”اسے کیوں یہ دیا دل جو ہے بے مہری میں کامل“ پڙهي ٻڌايو ته سائين جن ڏکين لفظن جي معنيٰ ته ٻڌائي پر ڪافي شعرن اندر ٻڌايو ته هنن منجهه لفظن جي کوٽ آهي جو Rhyming Scheme پوري نه پئي ٿي ۽ Rhythm اڻ مڪمل ٿو لڳي. مون کي يقيناً حيرت سان گڏ خوشي ٿي ته مون سان گڏ ڪيڏي وڏي پائي وارو شخص هر وقت موجود آهي جيڪو هڪ لمحي ۾ مظفر جهڙن شاعرن جون به ڪوتاهيون ڄاڻي ٿو وڃي ته هن جي پنهنجي شاعري ڪيڏي توريل تڪيل انداز ۾ لکيل هوندي. جڏهن مون هڪ دفعو مرثين تي ذڪر ڪيو ۽ پڇيو ته يزدان ڇا آهي ته ان تان قديم ايراني ثقافت ۽ قديم ايراني مذهب زرتشت تي روشني وڌائون ته زرتشت مذهب ۾ 2 خدا لکيا ويندا هئا هڪ ”يزدان“ ٻيو ”احرض“ هڪ سٺين خوبين جو خدا هڪ براين جو خدا. ائين ئي ايران مان ٿيندي ٿيندي اِهي لفظ بغداد ۽ پوءِ هِند جي علم و ادب ۾ آيا ۽ اڄ تائين خدا کي يزدان جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو جڏهن ته يزدان ۽ ”احرض“ کان اڪثر ماڻهو ناواقف آهن.

مرثين تي جڏهن ٻيهر ذڪر ٿيو ته مون سائين جن سان ”مرزا دبير“ تي ڳالهايو، مرزا دبير جي شاعري هميشه منهنجي دل کي ڇُهيو آهي پر ان ۾ ڏکي اردو ۽ فارسي هجڻ جي ڪري مون هميشه سائين جي طرف رُخ ڪيو ته معنيٰ ٻڌايو ته جيئن آئون شعر مان وڌيڪ محظوظ ٿي سگهان، هڪ شعر پڙهيم جيڪو جناب سجاد عليه السلام تي ”دبير“ لکيو هو:

دیکھتی کیا ہے کہ اک شعر ہے آہن میں نہان

لاغرو خستہ تنو فاقہ کشو تشنا دھان

نہ تو چلنے کی سکت ہے نہ کوئی رشتئہ جان

اُستخانو سے لرزنے کی صدا آئی ہے

قیدخانے میں طلاتُم ہے کہ ہند آتی ہے۔

لاغرو خسته تنو لفظ ۾ آئون منجهي پيس ته سائين ٻڌايو ته ٻنهي جي هڪ ئي معنيٰ آهي مطلب ”ڪمزور“. ان مان مون کي اندازو ٿيو ته ٻه الڳ الڳ لفظ ساڳي ئي معنيٰ سان ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ لکي سگهجن ٿا. ”ناتو چلنے کی سکت ہے نہ کوئی رشتئہ جان“ جو مطلب ٻڌايائون ته روح سان جسم جي رشتي کي ”رشتئه جان“ چئبو آهي، سو ان مان مذهب ۽ وحدت الوجود به ٿورو ٿورو مون کي سمجهه ۾ اچڻ لڳو.

ڳالهه نڪتي آهي مذهب جي ته سائين جو مذهب سان به تعلق ڪمال جو هو، خدا جي وحدانيت تي ايترو يقين ۽ اهلِ بيت سان ايڏي ته اُلفت جو سندن اڳيان صرف اهلِ بيت جو نالو کڻبو هو ته لُڙڪ ڳاڙي ڏيندا هئا. سندن گهڻي شاعري نعت ۽ مرثين تي آهي. سائين عربي، فارسي جا لفظ ۽ ”پاڻ سڳورنؐ جن جا اهي نالا پنهنجي شاعري ۾ وجهندا هئا جو ٻڌي ئي تسڪين ايندي هئي ۽ انهن نالن سان شناسائي ٿيندي هئي، جهڙوڪ:

”اڙين جو آسرو هيڻن جو حامي

حجازي هاشمي هادي تِهامي.“

هنن ٻن سٽن ۾ سڄو Historical Background به اچي ٿو وڃي، ته پاڻ سڳورن ﷺ جن حجاز جي علائقي جا هئا، هاشمي قبيلي سان تعلق هئن، ڪائنات جا هادي (رهنما) هئا ۽ تِهامي سندن جو نالو هو.

ان سان گڏ سائين قلندر ٻين نالن کي پنهنجي شاعري ۾ آندو جهڙوڪ: ڪهفل وريٰ، شمس الضحيٰ، بدُردجا وغيره.

جهڙوڪ:

توسان شمس الضحيٰ جهان روشن

واهه بدرالدجيٰ رسول الله.

 

خير اُمت ۾ خير ڪونه رهيو،

ور تون ”خيرالوريٰ“ رسول الله.

 

منهنجي هر سوچ ۾ فڪر دينِ متين

منهنجي هر ساهه ۾ ذِڪر خيرالوريٰ.

 

ظلم ۽ ظلمن جو ٿئي خاتمو،

ڪو کڻي مشعلِ نور نورالهديٰ.

 

محل ماڙيون ڇڏي خاڪسري ڪري،

تنهن جو ٿئي مرتبو سدرة المنتهيٰ.

انگريزي ادب ۾ پنهنجو هڪ شاندار مقام رکندڙ سائين قلندر سان جڏهن انگلش Classics تي ڳالهائيندي هئس ته هڪ عجيب خيالي دنيا ۾ وٺي ويندو هو، ائين محسوس ٿيندو هو ته آئون گهر ويٺي يونان Greeke گهمي آئي آهيان، ۽ اُتان جي سياسي شعور کي پرکي واپس اچي پنهنجي گهر پهتي آهيان. مون کي بابا سائين ڪڏهن به صرف Syllabus جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه چيو بلڪه سدائين اهو چيائين ته دنيا جي ادب کي World Literature پڙهو ته جيئن سڄي دنيا جي فڪر سان روشناس ٿيو. کانئن جڏهن پڇبو هو ته توهان کي ڪهڙن ڪتابن متاثر ڪيو ته هميشه Syllabus کان هٽي ڪري ڪتابن جا نالا کڻندا هئا، شروعات Greeke Classics کان ڪندا هئا ته Euripides، جو ڪتاب Sophocles, Medea، جو ڪتاب Aeschylus, Oedpus Rek، جو ڪتاب Prometheus Bound Homer، جو ڪتاب The Odyssey ۽Ulysses  يوناني ادب ۾ بهترين ڪتاب آهن. پوءِ ايندا اطالوي Italian ادب تي ته Dante جو Divine Concedy سٺو ڪتاب آهي، اٽلي کان Spanish ادب جي ڳالهه ڪندا هئا ته Miguel de Cervantes جو ڪتاب Don Qvixote (ڊان ڪي خوتي) هڪ شاندار ڪتاب آهي جنهن کي اڪثر ماڻهو ڊان ڪئيڪزوٽ واري غلط اُچار سان پڙهندا آهن، پوءِ چوندا هئا ته German ادب ۾ Johaun Wolfgong von Goethe جو ڪتاب Faust هڪ بهترين شاهڪار آهي. انگريزي ادب سان گڏ دنيا جي هر ادب ۽ تاريخ سان چاهه هئن. هر Subject کي Speciatised طريقي سان پڙهندا هئا اهوئي نتيجو هو جو سائين Jounalisne, Muri, Philosophy, Sociology, Biological Sciences Nursing, Education, Sindhi Literatur ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي شاگردن جا M.Phil ۽ Ph.D Thesis Supervisor رهيا. حيرت جهڙي ڳالهه ته بابا سائين جي پنهنجي نه M.Phil ٿيل هئي نه Ph.D پر پاڻ پاڪستان جا واحد ماڻهو هئا جنهن کي H.E.C جي طرفان Permint مليل هئي ته ماڻهن جا Supervisor ٿيو جڏهن ته  اها شيءِ عام حالتن ۾ H.E.C جي Rules مطابق غير قانوني آهي پر انهي ئي اداري پاران هن شخصيت کي Contradictory ڏئي ڇڏي هئي ۽ انهن ئي غير معمولي ڪمن جي ڪري سائين جن کي سال 2014ع 23 مارچ تي صدرِ پاڪستان ممنون حسين جي طرفان ادب جي شعبي ۾ تمغئه امتياز سان نوازيو ويو، سال 1999 ۾ Best Teachers Award ۽ Chamcellor’s Gold Medal سان نوازيو ويو. سائين جي پسنديده شاگردن ۾ سرفهرست گل محمد عمراڻي، نورمحمد سومرو ۽ ٻيا ڪئي نالا آهن. نه صرف عالمي ادب سان چاه پر عالمي ٻولين سان به اوترو ئي لڳائو هئن جنهن ۾ اسپين، جرمن، روس، فرانس، عربستان ۽ پاڪستاني سموريون ٻوليون ملائي ڪري 23 ٻولين تي چڱي ريت عبور حاصل هئن، هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن انٽرويو ۾ سائين ڪنهن کاٻي در جي ڪينيڊيٽ کان پڇيو ته روسي  ادب ته پڙهيو اٿو، پر اهو ٻڌايو ته Maxian Gorleey جي ناول Mother کي Russian ۾ ڇا چئبو آهي ته ان تي شاگرد خاموش رهيو ۽ بابا هن کي ٻڌايو ته روسي ۾ ماءُ کي ”ماچ“ چئبو آهي.

شاهه لطيف سان به عجيب لڳائو هئن جو آخري دم تائين اها اُڪير رهين ته لطيف جي حاضري ڀريندس جيئن ئي اسپتال مان اجازت ملي. هئن به شاهه جو رسالو بابا جي سدائين سيراندي کان رکيل هوندو هو ۽ پڙهندا رهندا هئا. ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان به هميشه رهنمائي وٺندا رهندا هئا. نه صرف شاهه سائين پر مولانا رومي سان به وڏي دلچسپي هئن مون شوق ظاهر ڪيو ته مون کي Volumes-6 Nicholson جي رومي تي ڪامينٽري ۽ مثنوي جو ترجمو ڏنو ته هي پڙهه، شاعري ۽ تصوف جو ڪو ڇيهه ئي ڪونه هو، حافظ شيرازي کان وٺي عمر خيام جي رباعين تائين هر شيءِ جو ڪتاب موجود هوندو هئن ۽ in depth research ٿيل هوندي هئن، هڪ دفعي طبيعت جي ناسازي سبب آغا سليم ڪراچي Szabist Sindhi Abhyas Academy ۾ ڳالهائڻ لاءِ نه اچي سگهيو ۽ بابا لاءِ خاص نپايو ڏنائين، ميڊم غزالا رحمان رفيق کي جيڪا حسن علي عبدالرحمان جي نياڻي آهي ته منهنجي پاران اگر ڪو ڳالهائيندو ته سائين قلندر ئي ڳالهائيندو، سائين پنهنجي تقرير ڪري پوءِ منهنجي تقرير به ڪري.

۽ بابا ائين ئي ڪيو هو، اها هئي ماڻهن پاران بابا تي اعتماد جي حد. شاهه لطيف جو راڳ هر خميس تي لنجواڻي فقيرن کان درگاهه تي ٻڌڻ ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن فقيرن کي پاڻ وٽ به راڳ لاءِ گهرائيندا هئا، ان چاهه جو سبب هئو جو سن 1982ع ۾ جڏهن نسيم احمد آهير تعليم جو وزير هو ته بابا، سيد احسن الهاشمي، عابد لغاري ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي سان گڏ هڪ ڊرافٽ کين پيش ڪيو ته لطيف جي عرس جي پوري ملڪ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي، جيئن عقيدتمند ۽ علمي ادبي ماڻهو آساني سان ميلي تي حاضري ڀري سگهن. پوري ملڪ ۾ ته موڪل جو اعلان ڪونه ٿيو، پر سندن جدوجهد سبب سنڌ صوبي ۾ صفر 14 جو اعلان ضرور ٿيو جيڪو اڄ تائين قائم و دائم آهي.

پير محمد راشد روضي ڌڻي ۽ پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) تي به چڱي خاصي ريسرچ ٿيل هئن، جو هميشه کين روضي ڌڻي چيئر جو چيئرمن ڪيو ويو ۽ سورهيه بادشاهه تي ٿيل پوري سنڌ جي پروگرامن ۾ صدر ڪيو ويو. سائين جن جو Sense of Humans به ڪمال جو هو هڪ دفعا ڪنهن پروگرام ۾ چيائون ته مون کي پروگرام جو صدر ته ڪيو اٿو پر خبر اٿو صدر چئبو ڪنهن کي آهي؟ صدر اهو آهي جيڪو پروگرام ۾ صدري پائي اچي ويهي رهي ۽ جيڪا آئون پائي ڪونه آيو آهيان، ۽ ٻيو اهو ته صدر اهو آهي جيڪو مقالو لکي اچي جيڪو آءٌ لکي ڪونه آيو آهيان، ان تان سڄي محفل ڏاڍو کِلي، سو مذاق ۾ به مهذبانه انداز هوندو هئن.

سائين موجوده دور جو سقراط هو، جنهن کي پنهنجي علم تي پڏائو ڪڏهن ڪونه رهيو، بلڪه هميشه پنهنجي اڻڄاڻائي تي افسوس رهيو.

جيئن سقراط هميشه چوندو هو ته All know is that know nothing بابا کي ڪنهن به دولت جي نه طمع رهي نه ئي دولت يا دولتمند هنن کي متاثر ڪيو پاڻ هميشه ٻين جي علمي سهائتا کان وٺي مالي سهائتا به ڪندا رهيا ۽ پاڻ وٽ جڏهن روپيو به نه هوندو هئن تڏهن به انتهائي مطمئن ۽ سڪون ۾ هوندا هئا ۽ خدا پاڪ تي توڪل ڪندا هئا ته الله پاڻ ئي ڏيندو.

سکندر خوش نہیں ہے لوٹ کر دولت زمانے کی

قلندر دونوں ہاتھوں سے لُٹاکر رقص کرتا ہے۔

*

طمع جي تنوار متان ڪرين منڱڻان،

ڌڪي ڪندئي ڌار، ماڻڪ ڏئي مُٺ ۾.

بابا کي هميشه علم متاثر ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي شاگردن کي به چوندا رهيا C2 Formula تي عمل ڪيو مطلب ٻه دفعا Competence-C ۽ Character Competence مان مراد ته هر شيءِ جي In Depth ڄاڻ ۽ ڄاڻ سان چاهه نه ڪي ڄاڻ صرف مقابلي جا امتحان پاس ڪرڻ لاءِ هجي. ڄاڻ کي هميشه عهدن کان بالاتر رکيو وڃي ته ڪي ڄاڻ کي پئسي ڪمائڻ ۽ پاور حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنايو وڃي، ۽ ٻيو آهي ته ماڻهو کي پهرين ماڻهپي ۾ رهڻ اچي ۽ انسانيت کي هميشه ترجيح ڏجي نه ڪي مفادن کي، بابا سائين پاڻ هڪ باعمل شخصيت رهيا، پاڻ هميشه جيڪي ڳالهيون ڪيائون ان تي پورا هيا.

ڪنهن جي منفي راءِ سان به سندن تي ڪو فرق ڪونه پوندو هو ۽ اگر ڪو سندن لاءِ بُرو به ڳالهائي ويندو هو ته چوندا هئا ته الله خوش رکين پيو چوي ويچارو:

طالب الموليٰ چواڻي:

نه خوشامد ڪنهن جي تي راضي رهون ٿا،

نه ڪي رنج ڪنهن جي گِلا سان ٿيون ٿا،

صدا آهي دل ۾ برهه جي بهاري،

نه ڪنهن سان تعلق نه ڪنهن سان بيزاري.

فارسي ٻولي سان ايترو لڳاءُ هئن جو ڪيترا سال هتي حيدرآباد ۾ فارسي پڙهائيندا رهيا ۽ سالن جا سال خانئه فرهنگ ايران سان سلهاڙيل رهيا، ايراني حڪومت بابا کان ايترو متاثر ٿي جو سال لاءِ يونيورسٽي آف ٽيچرس ۾ بابا کي فارسي پڙهائڻ لاءِ گهرايائون. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو جو ايراني سرڪار جي خرچ تي ڪو سنڌي ماڻهو ٽيچر ٿي جامع علمي ۾ وڃي ايرانين کي فارسي پڙهائي. ايرانين بابا سان آخر تائين نڀايو جو بابا جو غائبانه جنازي نماز باجماعت موليٰ علي رضا جي روضي مبارڪ ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.

سنڌ يونيورسٽي وارو دور به ڪمال جو رهيو، بالخصوص شيخ اياز جڏهن وائيس چانسلر هو، شيخ اياز سدائين بابا جي  نظرياتي مخالفت ڪئي ۽ ذاتي انتقام پڻ ورتا صرف نظرياتي اختلافن جي ڪري شيخ اياز بابا جي ٽرانسفر ڪري شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور موڪلي ڇڏيو، ته لاڙ جو ماڻهو اُتر جي گرمي ڪونه برداشت ڪري سگهندو ۽ بيزار ٿي مون اڳيان سرينڊر ڪندو پر بابا اٽل رهيو ۽ بهترين نموني نوڪري نڀايائين. سينڊيڪيٽ ۾ هميشه بابا ئي واحد ماڻهو  بيهي اياز خلاف نعرا هڻندو هو ۽ آپشن ۾ بيٺو رهندو هو جڏهن ته پوري يونيورسٽي اياز جي چمچاگيري ۾ پوري هوندي هئي، آخر تائين بابا ته سرينڊر ڪونه ڪيو پر شيخ اياز بابا کي نياپو ڪرائي پنهنجي آفيس گهرايو ۽ بابا کان قرآن پاڪ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بابا شيخ اياز جي پوري رهنمائي ڪئي جنهن نتيجي ۾ اياز پنهنجو ڪتاب ”دعائون“ ڇپرايو.

بابا اهڙو ماڻهو هو جنهن تي هر ڌر ۽ نظريي جا ماڻهو نه صرف متفق هوندا هئا بلڪه وس ڪونه گهٽايائون ته قلندر شاهه اسان جي تنظيم ۾ شامل ٿي، کاٻي ڌر ۾ شامل ٿيڻ لاءِ محمد ابراهيم جويو ۽ قاسم ميمڻ (عرف پٿر سنڌي) بابا کي ڏاڍو چيو ته توهان جهڙي ادبي ماڻهو جي اسان جي تنظيم کي ضرورت اهي، پر بابا هميشه انڪار ڪيو، ٻي پاسي جماعت اسلامي وارا ايترو own ڪندا هئا جو اڄ تائين ڳالهه مشهور آهي ته سائين جماعت اسلامي جو ميمبر هو پر سائين ڪڏهن به جماعت جو ميمبر نه رهيو. هر سياسي ڌر پوءِ اها پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ، فنڪشنل، بابا کي پنهنجو سمجهندي هئي پر بابا ڪنهن به سياسي پارٽي جو ڪڏهن به حصو نه رهيا.

سادات هجڻ باوجود انتهائي پروگريسو پيءُ وارو ڪردار مون لاءِ نڀايائين ۽ خاندان جي مخالفت باوجود مون کي انگريزي ادب ۾ ڊگري  ۽ وڪالت جي تعليم سان گڏوگڏ سياست ۾ پير پائڻ لاءِ به راغب ڪيائين. ۽ ڪتابن ۽ شاعري سان روشناس ڪرايائين، منهنجي لاءِ Modern Feminist Father قلندر سان کان سواءِ ڪوبه هيستائين نظر ڪونهي، آيو جيڪو عملي طرح به هڪ کليل ذهن جو ماڻهو هو. پٽن کان وڌيڪ منهنجي علم تي زور ڏنائين ۽ شايد ئي ڪو سياسي سماجي پروگرام هجي جنهن ۾ مون بابا کي ڪمپني نه ڏني هجي، مون کي هر پروگرام ۾ پاڻ سان گڏ کنيائين ۽ پوري سنڌ کان واقف ڪيائين.

ڪتابن سان چاهه رکندڙ جڏهن آخري ڏينهن ۾ ICU ۾ هيو ته کين C-Pap ۽ Oxyjen Bi-Pap لڳنديون رهيون پر پڙهڻ جو حوصلو ايترو جو ICU ۾ پڻ ڪتاب پڙهندو رهيو ۽ خوشي خوشي پڙهندي پڙهندي اَبدي آرام ڪيائين. قلندر شاهه سيکاري ويو ته مدبر ڪيئن ٿجي، صبر ڪيئن ڪجي ۽ باوقار زندگي ڪيئن گهارجي ۽ مرڻ گهڙي تائين اميد جو دامن نه ڇڏجي ۽ هن دنيا کي خوشي خوشي ۽ مطمئن ٿي رخصت ڪجي.

مقتل کان ٿورو اڳتي محفل جو ڏس مليو آ،

مان موت کي لتاڙي ٿو زندگيءَ کي ڳولهيان.

(استاد بخاري)

رکيل مورائي

ڪراچي

 

 

 

 

وڃن سور سنڌا ڪيو

مصنف: محمد خان ابڙو

 

 

        آتم ڪٿا ايڪيهين صديءَ جي غير افسانوي ادب ۾ اهم جڳهه والاري بيٺي آهي، شايد ئي ڪي موضوع اهڙا هوندا جن جي ڀيٽ ادب ۾ آتم ڪٿائي ادب سان ڪري سگهجي، ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو جو لکجي ته، هن صديءَ ۾ آتم ڪٿائي ادب دنيا اندر گهڻي ۾ گهڻو پڙهيو پيو وڃي. سهوليت اها آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ جيئندڙ شخص آتم ڪٿا لکي سگهي ٿو، ان لاءِ اديب هجڻ ضروري نه آهي شرط فقط هڪ آهي ته لکندڙ کي پنهنجي لکڻ سان ايماندار هجڻ گهرجي، ائين پاڻ سان پڻ!

        تازو ئي سنڌي ادب ۾ هڪ آتم ڪٿائي ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي، ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي، پر گهڻي خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هيءَ آتم ڪٿا فقط ڪتاب جو واڌارو نه آهي. بيحد اهم ڪتاب جو واڌارو آهي، ان ڪري جو هن ڪتاب ۾ لکندڙ پاڻ سان به سچو آهي ته پنهنجي لکڻ سان به ممڪن حد تائين سچو آهي ۽ ان سچ لکڻ ۾ هن جو اندر به آهي ته ٻاهر به آهي. جنهن جو سبب اهو آهي ته لکندڙ پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترو کرو رهيو آهي، پنهنجي ڪتاب/لکڻ ۾ به اوترو کرو رهيو آهي، هن ليکڪ جو نالو محمد خان ابڙو صاحب آهي ۽ سندس آتم ڪٿائي ڪتاب جو نالو ’وڃن سُور سنڌا ڪيو‘ آهي.

        محمد خان ابڙي صاحب جيڪو ۽ جيترو سچ اظهاريو آهي، ان جي شروعات هن پاڻ ۽ پنهجي گهر، گهٽيءَ، پنهنجي پاڙي ۽ شهر کان ڪئي آهي، ان کان پوءِ يار، دوست ۽ سنڌ جا سماجي، اخلاقي ۽ سياسي قدر جيڪي هيڻا ٿي رهيا آهن ۽ ان کان پوءِ ٻيو جهان، جنهن جا ڪيترائي روپ  اَروپ آهن.

 

        هڪ ڳالهه ٻي به، جيڪڏهن ائين آهي ته محمد خان ابڙو صاحب هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد لکي رهيو آهي، جيئن هن ڪتاب ۾ ڪيترا داستان اهو لکي پاسيرا ڪيا ويا آهن ته انهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو ۽ اهو ذڪر هن ڪتاب مان رهجي ويل آهي، ته اهو ممڪن لڳي رهيو آهي ته هيءُ ڪتاب مڪمل صورت ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌ جي ويجهي سماجي ۽ سياسي جاڳرتا توڻي ويساهه گهاتين جي تاريخ جو هڪ ننڍڙو دستاويز بڻجي پوي، جنهن جي اهميت ان ڪري به هوندي ته ان ۾ جيڪو به ڳالهايو ويندو/لکيو ويندو، اهو گهڻو گهڻو ڪڙو سچ هوندو، جنهن ڪري هن آتم ڪٿائي ڪتاب کي سندس زندگيءَ جي سموري سچ جو مهاڳ ئي قبولي سگهجي ٿو ۽ ان سموري رهجي ويل سچ جا هن ڪتاب ۾ اشارا به موجود آهن.

        ڪتاب ۾ اڄ جي حوالي سان شايد ٻه اهم تحريڪون جن ۾ ليکڪ جو اهم حصو/اڳواڻي رهي آهي، رهجي وڃن ها، هڪ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جا ڳوٺ اڏي انهن جي مالڪي ڪرڻ ۽ ٻي اسٽيٽ بينڪ يونين ڪراچيءَ مان ايم ڪيو ايم جي نيڪالي يا شڪست.

        سچ پچ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جو  اهو چوڻ ته، هر ماڻهوءَ کي آتم ڪٿا لکڻ کپي، اڄ ان روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي ته، صديءَ جي چوٿائي محمد خان سان گڏ گذارڻ کان پوءِ به، سندس زندگيءَ جا ڏک سور، تڪليفون، جدوجهد اسين جنهن طرح ڪتاب ۾ پڙهي سگهيا آهيون، ائين ساڻس رهندي، ملندي جُلندي، ڪچهريون ڪندي، ڪڏهن به سمجهي نه سگهياسين. نبي اڪرمﷺ جن فرمايو آهي ته: لِکڻَ، کوهه کوٽائڻَ ۽ وڻ پوکڻ وارن جو مرتبو نرالو آهي.

        محمد خان ابڙي پنهنجي لکڻ ۾ انهن مڙني شخصن سان ممڪن انصاف ڪيو آهي جيڪي، جنهن به موڙ تي ساڻس گڏ رهيا آهن يا دوست رهيا آهن. هو جيئن محسوس ڪندڙ آهي ائين اظهاريندڙُ آهي. اهو سڀ انهن وٽ هوندو آهي جن پنهنجي آتم ڪٿائن کي افسانو نه بڻايو آهي.

        هر سٺو ڪم اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر کان شروع ڪيو وڃي، محمد خان ائين ڪيو آهي. هن ائين نه لکيو آهي ته مان ڇا آهيان هن اهو لکيو آهي ته مان ڇا هُيس ۽ زندگيءَ جو سفر ڪيئن ڪري آيو آهيان. هن هلندڙ تاريخ کي ٺيڪ ڪرڻ جي نيت سان جيڪو لکيو آهي، ان ۾ مصلحت بنهه نه آهي هن شايد شاهه سائينءَ جي ان سٽ تي عمل ڪيو آهي ته:

مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

        شاگرد سياست جي حوالي ۾ هُن ڪي واقعا لکيا آهن، جنهن جو جائزو هو ٻئي جلد ۾ لکي رهيو آهي، پڪ سان اهم دور اڄ جي شاگرد سياست (جيڪڏهن اها آهي ته) لاءِ اهم هوندو. جنهن کي لکڻ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ سربستو جائزو هجي. ڇاڪاڻ ته ليکڪ ان دور جو اکين ڏٺو شاهد هجڻ سان گڏ، هو ان جو حصو به رهيو آهي.

ائين به آهي ته ڪتاب ۾ آيل ڪيترن ئي ڪردارن تي هلڪو هٿ رکندي، محمد خان ابڙي ”ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا“ واري لکت ۾ آيل چوڻيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي سنڌي مروت کي هٿان نه ڇڏيو آهي.

ان سڀ جي باوجود ليکڪ لاءِ پنهنجي آتم جو اظهار بنهه ضروري هئو، ڇو ته هيءَ آتم ڪٿا آهي ۽ ان ۾ ڪٿا جو حصو وڌيڪ اچي ويو آهي، ٻيءَ طرح هي ڪتاب پنهنجي دور جي هڪ ننڍي دائري ۾ نجي سڃاڻپ بڻجي ايندو ۽ دلچسپيءَ سان پڙهيو به ويندو ته ياد به رکيو ويندو، جيڪو ياد رکيو ويندو اهو ڪتاب ۾ اظهاريل سچ آهي. جنهن ۾ سندس لڙڪ به آهن ته مُرڪن سان گڏ جدوجهد پڻ!

ڪتاب ۾ شامل تصويرن ڪتاب جي سونهن وڌائي آهي. سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ڇپيل هن ڪتاب ۾ ٽي سئو ايڪيتاليهه صفحا آهن، پڪي جلد ۽ ليکڪ جي تصوير سان سُهڻي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو ملهه چار سؤ رپيا آهي.

غلام زينب شر

حيدرآباد

 

 

 

 

 

سنڌيءَ ۾ ڪالم نويسيءَ جي ادبي اهميت

(تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو)

(1885-1970ع)

 

’سنڌيءَ ۾ ڪالم نويسيءَ جي ادبي اهميت‘ ڊاڪٽر سعيده ميمڻ جو پي ايڇ.ڊي جي ڊگريءَ لاءِ پيش ڪيل تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو 1885ع کان 1970ع تائين آهي، جيڪو پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچي 2020ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

ڪتاب جي مصنفه سعيده پروين جو تعلق ڏيپلي جي علمي ۽ ادبي خاندان سان آهي، مختلف موضوعن تي سندن لکيل تحقيقي ۽ تخليقي مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هن کان پهريائين سندن هڪ ڪتاب ’سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو‘ شايع ٿي چڪو آهي، سنڌيءَ سان گڏ اردو زبان ۾ پڻ تصوف جي حوالي سان سندن لکيل 15 کان وڌيڪ مضمون ماهوار ’قلندر شعور‘ ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

هن ڪتاب ۾ 1885ع کان 1970ع تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ ڪالمن جو ادبي، سياسي ۽ سماجي جائزو پڻ ورتو ويو آهي ته ڪالمن جي ارتقا تي پڻ روشني وڌي ويئي آهي. ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ڪتاب جي موضوع جي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو ته:

ڪالم نويسي جيڪا ٻاهرين صنف آهي، اسان وٽ انگريزي ٻوليءَ جي وسيلي آئي آهي، ان جي وصف کان وٺي اُن جي قسمن، موضوعن، تاريخ ۽ ارتقا جي باري ۾ فني لحاظ کان بهتر انداز ۾ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه جن پنهنجي تحقيق کي ٻن دورن ۾ ورهايو آهي، پهريون دور 1885ع کان 1947ع ۽ ٻيو دؤر 1947ع کان 1970ع تائين. ان دؤر ۾ ڪهڙيون اخبارون نڪرنديون هيون ۽ ڪهڙا ليکڪ ڪالم لکندا هئا، انهن ڪالمن جو موضوع ۽ مواد ڪهڙو هوندو هو، ان تي ڊاڪٽرصاحبه ڀرپور انداز ۾ لکيو آهي. پنهنجي پاران ۾ ڊاڪٽر سعيده پروين لکي ٿي ته:

 

”ڪالم نويسي منهنجي پسنديده نثري صنف آهي ۽ هن موضوع تي لکجندڙ هيءُ پهريون تحقيقي ڪتاب آهي.“

پيش لفظ ۾ ناليوارو محقق ۽ اديب ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب لکي ٿو ته:

”پي ايڇ.ڊي ٿيسز لاءِ ڊاڪٽر سعيده پروين جو موضوع هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ ٿيل روايتي تحقيق کان الڳ ۽ محنت طلب هو، پر سعيده ان کي چيلينج ڪري ورتو ۽ ڪيترن ئي غير علمي ۽ سماجي روين کي پٺيرو اُڇلائيندي منزل ڏانهن سفر جاري رکيو.“

تحقيقي مقالي جي اهميت جي پيش نظر موضوع جي تعارف جي باب ۾ هڪ سروي رپورٽ به ڏنل آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي مختلف اديبن کان ڪالم نويسيءَ جي صنف جي اهميت ڪرڻ لاءِ سوالن جوابن تي مشتمل آهي. جنهن مان هيءُ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته:

”ڪالم نويسي هڪ ادبي صنف آهي، دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به ڪالم نويسيءَ جي ابتدا طنزيه ۽ مزاحيه لکڻين سان ٿي. مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ هفت روزه ’مجمع معاون‘ ۾ سڀ کان اول ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ اهو دؤر 1885ع کان شروع ٿئي ٿو.“

ڊاڪٽر صاحبه جي تحقيق مطابق برصغير ۾ ڪالم جي جديد انداز جو باني مولانا ابوالڪلام آزاد آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالم نويسي جي ابتدا ۽ ارتقا بابت ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي ته:

”1866ع ۾ سنڌي اخبارن جي اشاعت جو سلسلو شروع ٿيو ۽ 1885ع ۾ هفتيوار ’معاون مجمع‘ جو اجراء سنڌ مدرسته الاسلام مان ٿيو، جنهن جي ادارت جي ذميداري شمس الدين بلبل جي حوالي ڪئي وئي. اداريه تحرير ڪرڻ سان گڏ شمس الدين بلبل هن اخبار ۾ ڪالم پڻ لکندو هو، جيڪي طنز و مزاح جي انداز ۾ هوندا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالم نويسي جو باني شمس الدين بلبل آهي، جنهن پنهنجي ظريفانه طرزِ تحرير سان سنڌي ٻولي جي وڏي خدمت ڪئي، اول اول ڪالم جي طرز تي ظرافتي چٽڪا اخبار ’مجمع معاون‘ ڪراچيءَ ۾ لکيائين.

سنڌي ڪالم نويسيءَ جي ٻئي دور 1920ع کان 1947ع ۾ سياسي منظر تبديل ٿي چڪو هو، ڪالمن ۾ سياسي ۽ سماجي عهد پنهنجي مخصوص تناظر ۾ محفوظ ٿي ويندو آهي ان حوالي کان به هيءُ ڪتاب تاريخي ۽ علمي اهميت وارو آهي.

1920ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون
’الوحيد‘ اخبار ڪراچيءَ مان جاري ڪئي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪالم لکيا.

اهڙي طرح ’الوحيد‘ ۾ عبدالمجيد سنڌي،
’مسلمان‘ اخبار ۾ محمد هاشم مخلص ’نورسلام‘
نورمحمد نظاماڻي، ’ستاره سنڌ‘ ۾ پير علي محمد راشدي، ’الاصلاح‘ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ عبدالله ’عبد‘ ڪالم لکيا.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي خطرا لاحق هئا اُهي اڃان تائين موجود آهن. ان دور جي ڪالمن جي اڀياس مان اها خبر پئي ٿي ته سنڌي قوم اڃان تائين پنهنجي بقا جي جدوجهد ۾ آهي، ون يونٽ جو ٺهڻ ۽ سنڌي کي قومي ٻولي قرار نه ڏيڻ، اهڙي صورتحال ۾ سنڌي اخبارن پنهنجي ڪالمن ذريعي سنڌين ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. پير علي محمد راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر عزيز رحمٰن ٻگهيو، غلام محمد گرامي، شيخ علي محمد، ۽ هن دور جي ٻين ڪالم نويسن جو هن مطالعي ۾ تفصيلي ذڪر ڏنو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحبه جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي اها عام فهم ۽ سليس آهي، مجموعي طور تي هن تحقيقي مطالعي تي لکيل ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪتاب سنڌي علمي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ حوالي طور مڃيو ويندو. ڇو ته هن ڪتاب ۾ نه صرف سنڌي صحافتي دور ۽ ڪالم نويسي جي ابتدا ۽ ارتقا تي جامع تحقيق آهي، پر علم و ادب ۽ موضوع جي لحاظ کان به مڪمل جائزو پيش ڪيو ويو آهي. 

 

ننگر چنا

نصيرآباد

 

 

 

 

 ”آمري“ تاريخ جون يادگيريون

محمد يوسف جويو جي ناوليٽ ”آمري“ تي هڪ نظر

 

 

آمري ناوليٽ اسان جي ماَضيءَ جي هڪ جَرڪندڙ دور کي وَرجائي اسان کي اسان جي وجود کان آگاهه ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش آهي.

آمري ناوليٽ جو مرڪزي خيال آمري تهذيب جي قدامت ۽ ان پاران موهين جي شهر کي آباد ڪرڻ تي آڌاريل آهي. هن ناوليٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته آمري هزارين سال اڳ هڪڙو اَوسر ڪري ويل شهر هو ۽ اُنَ جي بادشاهه مهاراجا ۽ سندس راڻي ساڌنا کي هڪ پُٽَ ڄمي ٿو، جنهن جو نانءُ لڪي تيرٿ ڌارا جو ٻوڌي مها پرش اچي رکي ٿو. انهيءَ نئين ڄاول ٻار جو نالو موهين رکيو وڃي ٿو. ۽ نانءَ رکڻ مهل جيڪي اکر مها پرش چَوي ٿو، سي ياد رکڻ جهڙا آهن. هُو چوي ٿو، اڄ کان پوءِ هِنَ ٻالڪ جو نانءُ موهين آهي. هي سَت درياهي سنڌوءَ جي آمري پرڳڻي جو وارث آهي.

هيءُ ناوليٽ اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌوءَ جي کاٻي ڪَپَ تي سنڌيا پَڌر نالي هڪ وڏو شهر آهي. ِاهو شهر به ائين ڀاسي ٿو ته هڪ قسم جي نيم خودمختيار شهري رياست آهي. هتان جو راجا سوڀن راءِ آهي ۽ سندس وَڏ پُتري جو نانءُ سنڌيا آهي. سنڌيا پَڌر شهر کي سنڌو درياهُه پائي چڪو آهي ۽ هاڻي سنڌيا پَڌر کي ٻيهر جوڙي راس ڪرڻ جي رٿ اڳيان اچي چڪي آهي. راجا سوڀن راءِ کي مِينهِين نالي پانڌي اچي ٻڌائي ٿو ته آمري جي مها راجا جو پُٽَ موهين توهان جي سهڪار لاءِ اچي رهيو آهي. موهين پنهنجي پيءَ جي حڪوم انوسار ڪاريگر ۽ مزور وٺي سنڌيا پَڌر جي ٻيهر تعمير لاءِ اچي ٿو ۽ سنڌيا پَڌر پهچندي راجا جي درٻار ۾ سندس وڏ پتري سنڌيا کي ڏسندي اڪن ڇڪن ٿي پوي ٿو. سندس حالت اها وڃي ٿئي ٿي جو ڀريءَ درٻار ۾ بيهوش ٿي وڃي ٿو. موهين پاڻيءَ هٿان پائجي ويل شهر کي ٻيهر آباد ڪري ٿو. پوري هڪ ورهيه کان پوءِ شهر جي تعمير جو جشن ملهايو وڃي ٿو ۽ ان موقعي تي موهين جا پيءُ ماءُ به آمري کان ڪهي آيا آهن. سنڌيا پَڌر جو راجا سوڀن راءِ، موهين ۽ سنڌيا جي پريم کي پروڙي چڪو آهي، سو اڄ سنڌيا جو سڱ موهين کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو ائين هنن ٻنهين جو وواهه ٿي وڃي ٿو.

 

 

هڪ ڏينهن ماڻهن اچي موهين کي ڇرڪائيندڙ خبرون ٻڌايون ته اتر پاسي کان ماڻهن جي اهڙي ماڪڙ آئي آهي، جيڪي جهنگلي ٻڪر جهڙا آهن، اڌ اگهاڙا، وحشي آهن. ساڻن گڏ ماس کائيندڙ ڀوائتا زَناور به آهن ته ڦڙتيلا گهوڙا به. هر شئي کائي وڃن ٿا، پوکن کي ناس ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڏهاڙي سنڌيا پَڌر کي تَڪيندا رهن ٿا. ڪلال نالي همراهه جيڪو سنڌوءَ جي ٻي ڪنڌيءَ کان آيو آهي سو به تصديق ڪري ٿو ته اهي اتر کان گهانڊارا ديس کان آيل وحشي پاڻ کي اسان کان اوچو سمجهن ٿا. نيٺ اها گھڙي به اچي ٿي ۽ سنڌو لوڪن ۽ گهانڊارا ديس جي وحشين ۾ يُڌ لڳي ٿي ، هوڏانهن آمري کان راڻي ساڌنا پنهنجي پُٽَ موهين ۽ نُنهُن ساڌنا کي آمريءَ وٺي وڃڻ لاءِ ڪجهه لشڪر ساڻ ڪري نڪري چڪي آهي. پر جيسين اهو لشڪر پهچي تيسين گهانڊارا وحشي يُڌ ۾ ته هارائي وڃن ٿا پر موهين کي ماري وجهن ٿا ۽ هُو سنڌيا پڌر ۽ سنڌوءَ جي سَت درياهي تهذيب تان وارجي وڃي ٿو.

راڻي ساڌنا شهيد موهين جو ميٿ کڻي، سنڌيا سان گڏ آمريءَ موٽي اچي ٿي ۽ جنهن ڏينهن موهين جو اگني سنسڪار سنڌوءَ ڪپ تي ٿي رهيو آهي، ان ڏينهن مهاراجا وٽ هڪ ٻوڌي سَهڪندو اچي پهچي ٿو. هوڏانهن موهين جو انتم سنسڪار ٿي چڪو آهي هيڏانهن هي خوشيءَ جي خبر اچي ٿي ته سنڌيا هڪ پُتر کي جنم ڏنو آهي ۽ مهاراجا خوش ٿي چوي ٿو، موهين وري نئون جنم وٺي آيو آهي.

ائين هي ناوليٽ پنهنجي پُڄاڻيءَ کي پهچي ٿو.

ناوليٽ ۾ بيان ڪيل جاگرافيءَ مان ائين لڳي ٿو ته هزارين ورهيه اڳ سنڌ ۾ شهري رياستون هيون. جن مان آمري ۽ سنڌيا پَڌر اهم هيون. اڄ اها تاريخي سچائي به آهي ته دنيا جي پهريون شهري رياستون اسپارٽا ۽ ايٿنز نه پر مهر ڳڙهه، مُهين جو شهر ۽ آمري جو شهر هيون. مهر ڳڙهه جي تهذيب جيڪا اسان سنڌين جي تهذيب هئي، تنهن يارهن هزار سال اڳ آمري ۽ موهين جي شهرن کي جنم ڏنو. هِن ناوليٽ وسيلي ڏاڍي سهڻي نموني اسان جي تاريخ جي انهيءَ اهم دور کي بيان ڪيو ويو آهي. توڻي جو مُهين جي دڙي جي برباديءَ ۾ آريا گهنڊارين جي هٿ هجڻ واري ٿيوري کي قبول ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي، پر فڪشن ته نيٺ فڪشن آهي، تنهنڪري آمري ۾ اها ڳالهه وڏي سهڻي انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. محمد يوسف جويي وڏي سياڻپ سان سنڌيا پَڌر (مُهين) جي شهر جي پهرين بربادي ٻوڏ وسيلي ڏيکاري آهي ۽ ٻي تباهي گھنڊارين وسيلي.

سڄي ناوليٽ ۾ ڪوشش ڪري سنڌو سلطنت جون حدون، ان جون فوجون، ماڻهن جو ڪلچر، مذهب، نالا، ريتون رسمون بيان ڪيا ويا آهن. جنهن دور کي ناوليٽ ۾ چِٽيو ويو آهي، ان سان ٺهڪندڙ ٻولي به ڪم آندي وئي آهي ته وڏا خوبصورت نظم به جا بَه جا ٺَهڪائي بيهاريا ويا آهن.

ڏنو وڃي ها ته اڃا وڌيڪ بهتر لڳي ها. پر ان جي باوجود ليکڪ مٿئين نظم سان گڏ سَڄي ناوليٽ ۾ هِتي هُتي جيڪي به نظم ڏنا آهن اهي ناوليٽ سان ٺهڪندڙ ۽ مَنَ موهيندڙ آهن.

اچو ته اڳتي وڌون ۽ هڪ پيراگراف پڙهون:

ميدان جي ٻئي پاسي سنڌوءَ جي سئنا پنهنجن پنهنجن جوڌن، ٻلوانن ۽ اڙٻنگ اڳواڻن سان ٻِٽُ بيٺي هئي. هي ڳاڙهي رتيلي جهنڊي سان ڪوٽَ رني جي چونڪيءَ جي مها سئنا پتي سارنگ جي اڳواڻيءَ ۾ اڇي ململ جا پٽڪا ٻڌل، تلوارن، تيرن، بڻڇين سان حڪم جي انتظار ۾ بيٺا آهن. ان جي ٻئي پاسي کان ڪوٽ بيزڻ چونڪيءَ جي مها سيناپتي سوڍل جي اڳواڻيءَ ۾ هي وري اجرڪ جا پٽڪا ٻڌل جوان، جن جي هٿن ۾ لوڙهيون، ڀالا ۽ ڪهاڙيون آهن، سي به شڪارين وانگر ڇاتيون تاڻيون بيٺا آهن. ان جي وري ٻئي پاسي کان شوآستان چونڪيءَ جا جوان گيڙو رتي ڪپڙن سان ۽ ان سان گڏوگڏ لاڙ ۽ ٿر چونڪيءَ جا جانٺا جوان چُنريءَ جي رنگن جهڙن پٽڪن سان، ڏنڊن ۽ ڪهاڙين سان تيار بيٺل نظر اچن پيا. ميدان جي سامهون پاڻيءَ سان تارِ سنڌو درياهه ۾ اڇن وڏن سڙهن سان ڊُونڊَن ٻيڙن جون ڊگھيون قطارون به نظر اچي رهيون آهن. ڊُونڊين ۾ جُنگَ جُوان ڀيريون وڄائيندا، ماتا سنڌوءَ جا گيت ڳائي رهيا آهن.“

هِنَ هڪ پيراگراف ۾ سنڌوءَ جي آمري سلطنت جون حدون به اچي ويون آهن ته فوج جو حال به. ليکڪ جي ذهن ۾ ڪنهن حد تائين قديم ۽ جديد سنڌ جون سرحدون گڏوچڙ ٿي ويون آهن. ٿر ۽ لاڙ چونڪيءَ جو ذڪر ڏکڻ اوڀر جي حدن کي طئي ڪري ٿو. جيتوڻيڪ آمري دور ۾ سنڌ جو اوڀر ڏکڻ جون حدون اڄوڪي گجرات تائين هيون ۽ اولهه ۾ اهي افغانستان جي هلمند درياءَ تائين ۽ ايران جي اڄوڪي ايراني بلوچستان سيستان صوبي واري علائقي تائين هيون، جنهن ۾ اڄوڪو سَڄو پاڪستاني بلوچستان به اچي وڃي ٿو ۽ اتر ۾ ڪشمير تائين سنڌ هئي.

مٿئين ٽُڪري ۾ جن فوجي چونڪين جا نالا بيان ڪيا ويا آهن، تن مان ٻيا نالا ته ٻڌل آهن پر بيزڻ چونڪيءَ جو نالو گھٽ ۾ گھٽ مون لاءِ نئون ضرور آهي. سُڌَ نه ٿي پوي ته اهو نالو ڪهڙي علائقي لاءِ ڪم آندو ويو آهي.

ناوليٽ ۾ جيڪي نالا ڪردارن لاءِ ڪم آندا ويا آهن اهي ٺيٺ سنڌي آهن. جيئن موهين، سارنگ، ساڌنا، ڍولو سنگهه، سوڍو سنگهه، ماڻڪ، مِينهون، جيڻي ٻائي، ڪلال، سوڀن راءِ، سنڌيا وغيره.

صفحي 12 تي سنڌياڻيُنِ جي جل پُوڄا واري هڪ رسم کي بيان ڪيو ويو آهي. اها رسم جنهن کي يوسف پکا وجهڻ سڏي ٿو، تنهن مان سندس مراد اکا وجهڻ جي رسم آهي. اها رسم اڄ تائين جَلَ پُوڄارين هندن ۾ هلندي اچي ٿي. ڀٽائي به انهيءَ کي سُر سامونڊيءَ ۾ ڳايو آهي:

اُڀيون تَڙَ پُوڄينِ، وَهون وڻجارنِ جون،

آڻيو اَکا ڏينِ، کَٿوري، سَمونڊ کي.

صفحي 26 تي ناوليٽ جي مُنڍَ ۾ ساڌنا راڻي پنهنجي پُٽَ موهين جي سکيا لَئه کيرٿر وڃڻ جا ڏينهن ڳڻي ٿي، ايڪم، ٻيجم، ٽيجم، چوٿم، پنجم، ڇٺم، ستم، نُوَم، ڏسم، اگيارس، ٻارس، تيرس، چوڏس، پونم ... ائين ليکڪ ڪيڏي نه سهڻي نموني سان اسان جي پراڻي ڳڻپ اڳيان کڻي آيو آهي. اهي انگ ٻوليءَ جي علم مطابق به صحيح آهن ته سنڌيءَ جا به لڳن ٿا. اسان جي ليکڪ ائين سَڄي ناوليٽ ۾ پراڻي ٿهذيب، ريت ۽ رسم سان گڏوگڏ ميٽجي ويل لفظن کي سُوڌي سنواري اسان کي پيش ڪيو آهي.

هي ناوليٽ منظر نگاري، ڪردار نگاري، شبداولي (Vocabulary) ۽ مڪالمن جي حوالي کان ڏاڍو سَکرُ آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها سدا ملوڪ ٻولي آهي جيڪا اسان جو يار ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. محمد يوسف جويي هِنَ ناوليٽ وسيلي پنهنجي وطن ۽ تاريخ جي هڪ دَور کي جيئرو ڪري اسان اڳيان آندو آهي. سَڄي ناوليٽ ۾ سُهڻا منظر، خوبصورت انساني احساس ۽ جذبا پَرٽيا ويا آهن. ۽ هُو ان ۾ گھڻي حد تائين سَڦل ويو آهي. هِنَ ناوليٽ کان پوءِ اميد ڪجي ٿي ته مهر ڳڙهه، ڍولا ويرا، هڙپا، ڪاهو، جهوڪر جي شهرن سميت رني ڪوٽ، لس ٻيلي، شيوي (سِبي) ، ڍاڍر ۽ مڪران جي تاريخي پس منظر ۾ به ڪي جُنگَ جُوان لکندا ۽ اسان پنهنجي قديم تاريخ سان ادب جي وسيلي به جُڙي پونداسين.

بشير احمد ڪلهوڙو

راڻيپور

ڪليات حسيني

سيد عبدالغفار شاهه راشدي حسيني رح جو ڪلام

(مرتب: عبدالجبار عبد سومرو)

 

محترم سائين عبدالجبار ’عبد‘ سومرو شڪارپوري سنڌي ادب جي پڙهندڙن لاءِ ڄاتل سڃاتل نالو آهي، پاڻ تازو قبله پير سيد عبدالغفار شاهه راشدي ’حسيني‘رحه جو شاعريءَ وارو ڪتاب ’ڪليات حسيني‘ وڏي محنت ۽ سمجهداري سان ترتيب ڏنو آهي ۽ اهلِ ڪتاب جي پوٽي قبله پير سيد لطف علي شاهه راشدي مدظله القالي 861 صفحن جي هن ڪتاب کي ’رومي ڪتاب گهر‘ حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو مقدمو ڪتاب مرتب ڪندڙ لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڪتاب ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ادبي صنفون ڪيئن شامل ڪيون ويون آهن ۽ بزرگ جو مڪمل ۽ مفصل تعارف پڻ ڪرايو آهي. هُو لکي ٿو: ”قبله پير سيد عبدالغفار شاهه راشدي ’حسيني‘رحه عرف ’سچي ڏنو شاهه‘ 17 شعبان المعظم 1301هجري بمطابق 1884ع ڳوٺ ريلڻ تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄاوا هئا، ابتدائي تعليم پرائمري عربي، فارسي لاڙڪاڻي مان ئي حاصل ڪئي هئائون. جيئن ته کين مطالعي جو تمام گهڻو شوق هو، سندن اڪثر وقت ڪتاب پڙهندي گذرندو هو ۽ اُتان ئي سندن لاڙو لکڻ ڏانهن ٿيو ۽ سندن طبيعت شاعري طرف مائل هئي، تنهنڪري پاڻ شاعري تي توجهه ڏيندي شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائون، سندن نثر به بهترين ۽ سگهارو لکيل آهي، سندس نثر نظم جي مطالعي مان پروڙ پئي ٿي ته هو سنڌي ٻوليءَ سان گڏ عربي، فارسي، اردو ۽ سرائيڪي ٻولين تي دسترس رکندڙ هئا. جيئن ته سندن والد سڳوري جو پيشو حڪمت هو، تنهنڪري پاڻ به ننڍپڻ کان حڪمت سمجهندا ۽ ڪندا رهيا ۽ آخري وقت تائين جاري رکيائون. پاڻ حڪمت سان گڏ لکڻ واري شوق کي ’نئين زندگي‘ سنڌي رسالي ۾ مضمون ۽ شاعري لکي پورو ڪندا هئا. قبله پير سيد عبدالغفار شاهه راشدي رحه شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ’حسيني‘ پر ڪٿيڪٿي ’عبد‘، ’غفار‘ ۽
’سچي ڏنو‘ به استعمال ڪندا هئا.

سونهاري سنڌ جو هيءُ حاذق حڪيم عظيم صوفي درويش شاعر 20 محرم الحرام 1381هجري بمطابق 4 جولاءِ 1961ع ۾ ميمڻ ڳوٺ ملير ڪراچي ۾ پنهنجي حصي جي حڪمت ۽ فيض ورهائي پنهنجي بي بقا زندگي ۽ دنيا کي خيرآباد چيو، سندن مزار مبارڪ مراد ميمڻ ڳوٺ ملير ڪراچي ۾ زيارت جو مرڪز آهي.“ ڪتاب
’ڪليات حسيني‘ جي شاعري آساني سان سمجهه ۾ اچي ٿي ڇو جو شاعريءَ ۾ نزاڪت ۽ وضاحت، فصاحت ۽ بلاغت ڏيکاري ڏيئي ٿي. ڪليات ۾ ادب جي مڙني صنفن کي انتهائي سهڻي سيبتي ۽ پُرڪشش انداز ۾ لکيو ويو آهي، پر ڪجهه ادبي صنفون جن تي اسان جا شاعر ضرور طبع آزمائي ڪندا هوندا پر اهي صنفون سندن ڪتابن ۾ ڪين هونديون آهن، مثال: مسدس، مخمص، مثمن پر بزرگ انهن ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان شاعري ڪئي آهي.

ڪتاب ۾ ضروري ۽ مقدس موضوعن، شخصيتن کان سواءِ معاشرتي موضوع دل جي احساس ڪيفيتن کي به شاعريءَ جي زينت بڻايو آهي، ’ڪليات حسيني‘ ڪتاب کي جيڪڏهن شاعريءَ جو بحر چئجي ته وڌاءُ ڪين ٿيندو. هيءُ ڪتاب شاعري ڪندڙن ۽ پڙهندڙن جي دل جي آبياري ڪندو رهندو. هيءُ ڪتاب برابر ادب ۾ واڌارو ۽ ساهن جي صندوق ۾ سانڍڻ جهڙو آهي

 

سيف الله خالد يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

 

حسين بن منصور حلاج

زيرِ بحث ڪتاب ’حسين بن منصور حلاج‘
جنهن کي سنڌ جي سگهاري محقق ۽ عالم محترم دُرمحمد ڀٽي صاحب لکيو آهي، سو ڪتاب پڙهندڙن، خاص ڪري تاريخ سان دلچسپي رکندڙ قارئين لاءِ هڪ ضخيم دستاويز آهي. سندن هيءَ تحرير نِج تحقيقي اصولن تي مبني آهي. منصور بن حلاج جي شخصيت، جيڪا عالمي شهرت يافته شخصيت آهي ۽ ان تي سموري دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پر دُرمحمد ڀٽي ان کي جنهن منصفانه انداز ۽ حقيقتن جي آئيني ۾ ۽ پسند ۽ ناپسند کان پاڪ ۽ صاف رهي لکيو آهي. اِهو سندن ڪمال فن جو مظهر آهي، پاڻ پنهنجي مذڪوره تحرير ۾ هڪ جاءِ تي لکن ٿا ته، ”اِها حقيقت آهي ته جيترو وڏو واقعو ٿئي ٿو ته وقت گذرڻ سان ان ۾ ڪيتريون ئي غلط ۽ صحيح ڳالهيون ملائي ان کي متنازع بنايو وڃي ٿو، ۽ صحيح خبر تائين پهچڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي.

اِها ساڳي ڳالهه هندستان جي مشهور عالم، محقق ۽ تاريخ نويس ’مولانا ابوالڪلام آزاد‘
صاحب، ابنِ خلدون ۽ مغربي شاعر گوئٽي جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ”
انسانیت موت کے دروازے پے“ جي ”شهادت امام حسين ﷦ ۾ هينئن لکي ٿو ته، ”دنيا ۾ انساني عظمت ۽ شهرت سان گڏ حقيقت جو وجود تمام گهٽ رهي سگهندو آهي، هي عجيب ڳالهه آهي ته جيڪي شخصيتون عظمت و تقدس ۽ قبول و شهرت جي بلندين تي پهچي وينديون آهن، دنيا عموماً تاريخ کان وڌيڪ افساني ۽ تخيل اندر انهن کي ڳولڻ چاهيندي آهي، ابنِ خلدون لکيو آهي ته، جيڪو واقعو دنيا ۾ جيتريقدر وڌيڪ مقبول هوندو ۽ مشهور ٿيندو اوتروئي افسانه سرائي ان کي پنهنجي تخيل جي حصار ۾ وٺندي.“ هڪ مغربي شاعر ’گوئٽي‘ اِها حقيقت هڪ ٻئي پيرائي ۾ بيان ڪئي آهي، هُو چوي ٿو ته، ”انساني عظمت جي انتها اِها اهي ته اُها افسانو بنجي وڃي.

هتي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته منصور بن حلاج جي بين الاقوامي شهرت واري واقعي تي خالص حقيقتن کي تاريخي حوالن جي بنياد تي سهيڙڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ مشقت وارو ڪم آهي. جنهن لاءِ ڀٽي صاحب جي مطالعي ۽ محنت کي جيترو دادِ تحسين ڏجي اُهو گهٽ آهي.

هيءُ ڪتاب توڙي جو موضوع جي لحاظ کان ننڍو آهي، پر مواد جي جامعيت جي حساب سان ڀٽي صاحب جي فنِ تحرير جو ڪمال آهي، ٻي ڳالهه ته هن موضوع تي سنڌيءَ ٻولي ۾ ٻيا گهڻائي ڪتاب اڳ موجود آهن، پر هن ڪتاب کي فاضل مصنف ايتري آسان ۽ عام فهم زبان ۾ لکيو آهي جو عام فهم ماڻهو به آساني سان منصور بن حلاج بابت سمجهي سگهندو ۽ سندس درست حقيقتن کان آشنا ٿي ويندو.

ڪتاب جي آخر ۾ جيڪي مختلف عالمن جا منصور بن حلاج بابت رايا ڏنا ويا آهن، اُهي به پسند ناپسند جي روايتن جي برعڪس آهن ته جيئن پڙهڻ وارو درست نتيجو اخذ ڪري سگهي، توڙي جو مصنف منصور بن حلاج جو تمام وڏو عقيدتمند نظر اچي پيو، تنهن هوندي هن منصور بن حلاج جي حمايت ۽ مخالفت ۾ جيڪي به عالمن جا رايا مستند حوالن سان جيئن جو تيئن ڏئي هڪ ذميوار ليکڪ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

48 صفحن وارو ڊيمي سائيز جي ڪتاب کي ’عارض پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان‘ انتهائي خوبصورت ڪارڊ پيپر تي ڇپرائي، صرف -/200 روپين ۾ سنڌي ادب کي 2021ع جو بيمثال ۽ انمول تحفو ڏنو آهي، جنهن لاءِ محترم دُرمحمد ڀٽي کيرون لهڻي.

 

عبدالرزاق ڪلهوڙو

قنبر

 

 

 

 

منهنجي جان ڪوڪو (ناول)

                          ليکڪ: نور راهوجو

 

2018ع ۾ ليکڪ نور راهوجي جو ناول ”واڄٽ وڄي وجود ۾“ ڇپيو هو، نور جو اهو ناول ايترو ته تجسس ۽ استعجاب واري ڪيفيت ۾ سمايل هو جو مون اُن کي ٽن چئن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو ۽ هن وقت سندس تازو لکيل هڪ ٻيو ناول ’منهنجي جان ڪوڪو‘ پڙهي پورو ڪيو آهي.

هِن ناول جا اهم ڪردار ’ڪبير‘ ۽ ’ڪوڪو بوليڪ‘ آهن. ڪبير سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ سنڌي نوجوان آهي ۽ ڪوڪو بوليڪ تُرڪيءَ سان تعلق رکندڙ ڪُرد خاندان جي هڪ ناري آهي. هي ٻئي چائنا ۾ جِنگ زو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ آهن.

ناول ۾ هيٺين طبقي جي فردن سان ٽن چئن ملڪن ۾ سياسي سماجي طرح ساڳيو هڪجهڙو ڏيکاريو ويو آهي.

هن ناول جي طرز تحرير مغربي ملڪن جي ليکڪن واري لڳي ٿي، جنهن مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته قلمڪار مغربي ليکڪن جي تازين تحريرن کان پاڻ کي بخوبي واقف رکندو پيو اچي.

ناول ۾ ليکڪ جي تعميري سوچ، هڪ لاجيڪل ۽ عقل پسنديءَ واري محسوس ٿئي ٿي. هن ناول ۾ غير جانبدار هجڻ سان گڏوگڏ تحقيقي ۽ علمي نتيجن جي به سٺي ڄاڻ ملي ٿي، بلڪه هي ناول سماج سان تعلق رکندڙ مسئلن ۽ معاملن کي سمجهڻ جو مواد به رکي ٿو.

نور راهوجي سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف کي وڌيڪ پُراثر سمجهندي، ناول ۾ پنهنجي خيالن کي چٽيءَ طرح پيش ڪرڻ جي حتي الوسيع ڪوشش پڻ ڪئي آهي.

ناول ۾ تشبيهون، تمثيلون نهايت خوبصورت انداز ۽ خوبصورت ٻوليءَ سان سينگاريل آهي، سٺي ۽ موچاري ناول ۾ تشبيهن، تمثيلن جي چاسني ٻوليءَ جي خوبصورت ويس ۾ وڌيڪ مزيدار ۽ ذائقيدار بڻجي ٿي، ۽ ليکڪ ان ڳالهه جي پڻ ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجي لکڻيءَ ۾ ڪنهن خاص مهارت سان لفظن کي چونڊي ۽ ڇنڊي ڦوڪي خاص انداز ۾ استعمال ڪري، سو هِتي هِن ليکڪ به پنهنجي ناول ’منهنجي جان ڪوڪو‘ ۾ هڪ منظرڪشيءَ ذريعي انتهائي سَهنجي نموني سان پيغام پيش ڪيو آهي.

سندس ناول مان هڪ ٽڪرو هيٺ ملاحظه ڪجي ٿو:

”مون توکان سوال پڇيو هو ته، ڇا تنهنجي داخلا هن يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيڪل جي پهرئين سال ۾ ٿي آهي؟ تو شايد ڪنڌ ڌوڻڻ ۾ ئي عافيت سمجهي هئي ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هُيئي ۽ مون کي نه ڄاڻ ته الائي ڇو سنڌ جي مجبور ۽ بيوس نارين جي شادين جي موقعن تي والدين جي زور بار ۽ دٻاءَ سبب لاچاريءَ ۾ ڌوڻيل ڪنڌ ياد اچي ويا هئا.“

ليکڪ جواني ۽ پوڙهپ جي وچ واري عرصي ۾ جو ڪجهه ڏٺو پسيو، محسوس ڪيو ۽ سَٺو آهي، حق سچ ۽ ساڃاهه سان پنن جي ڪينواس تي به اُن طرح سان ئي اُڻيو آهي.

ليکڪ ناول ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”هن تصوير ۽ تنهنجي نوٽ بڪ ۾ لڳل تصوير ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مان حيران ٿي تصوير کي ڏسڻ لڳو هوس، اهو مون لاءِ ڪيئن ممڪن هو ته مان ان ماڻهوءَ جي تصوير نه سڃاڻان هان! جنهن جو جيئرو جاڳندو وجود رت بڻجي منهنجي رڳن ۾ گردش ڪري رهيو آهي. تصوير ۾ نانا سائين سنگ مرمر جي جڙيل کير جهڙي اڇي مزار جي ڀر ۾ بيٺو هو. سندس چپ گول دائري ۾ سميٽجي آيا هئا. ۽ سندس ٻئي هٿ هوا ۾ ائين کُليل هئا ڄڻ ته پاڻ ڪو جذباتي ڀاشن ڏئي رهيا هجن. سندن ڀر ۾ لال اسڪارف ۽ گهري بلو جوڙي سان سندس ئي عمر جي خوبصورت عورت بيٺل هئي.“

هن سڄي ناول ۾ رومانوي لوازمات ۽ حسناڪ منظرڪشي ته آئي ئي آهي، پر ٻئي طرف ڪجهه سماجي پرک پروڙ جون ڪي جهلڪيون به جابجا پسجن ٿيون. ماڻهن ۾ فرق، رنگ نسل، رهڻي ڪهڻي، رسم رواج ننڍن وڏن خواهشن ۾ ورهايل هر فرد هر جماعت جون فطري طرح جوڙيل ذهني حدن متعلق ٿوري گهڻي ڄاڻ به مهيا ڪيل آهي.

آءٌ مختصر لفظن ۾ ائين چوندس ته هن ناول جي هڪڙي پاسي خصوصيت ۽ بقا اها به آهي ته اهڙي ڪنهن ڪِريل معاشري ۾ ذهني طرح جي اُن فيڪ اضافت ۾ ورتل افرادن جي ڪنهن حد تائين چشم پوشيءَ کان ڪم نه ورتو ويو آهي، پر انهن کي انهن جي عملن متعلق آگاهي ڏئي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي تاڪيد ۽ تلقين ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي ويئي آهي. جيڪا ڳالهه تمام سٺي، سهڻي ۽ تعريف لائق آهي. ناول ۾ اسپتالن ۽ صحت کاتي جي اجتماعي صورتحال جواندازو هيئن ٿو ٿئي ته:

”پاڻ ائين ڳالهيون ڪندا اسپتال ۾ داخل ٿيا هئاسون. اسپتال جي صفائي سٿرائي اسان جا ڪن کڻائڻ  لاءِ ڪافي هئي. هر طرف صاف سٿرو صحت افزا ماحول هو. ويتر چاڪ و چوبند، خوش گفتار ۽ خيال رکندڙ نرسنگ اسٽاف اسان کي حيران ڪري ڇڏيو هو. سچ پڇين ته منهنجي تصور ۾ ئي نه هو ته ايمرجنسي وارڊ به ڪو ايڏو پُرسڪون ٿي سگهندو آهي؟ منهنجي ذهن ۾ منهنجي ملڪ جا ايمرجنسي وارڊ ڦري رهيا هئا. هرطرف مريضن جي سُور ۽ تڪليف سبب آهه و پڪار مريضن جا مايوس ۽ بيوس چهرا. مريضن جي وارثن جون ميڙون منٿون ۽ ليلائيندڙ رويا، صوبيدار نما ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون مغرور ۽ بيزار بيزار، پيراميڊيڪل اسٽاف ڪرپشن ۽ ڪميشن مافيا سبب اسپتالون صحت گهر گهٽ ۽ ڪوس گهر جو ڏيک وڌيڪ ڏينديون آهن. ساڳي طرح اسان جا ڊاڪٽر مسيحا گهٽ ۽ ڪاسائيءَ جي ڏِک وڌيڪ ڏيندا آهن. صاف سٿرا ڪلين شيوِ سوٽيڊ بوٽيڊ لکيا پڙهيا اعليٰ تعليم يافته ڪاسائي.“

مٿئين حالت عام طرح سان هتي طبقاتي نظام واري رهي آهي. غريبن جي جڳهه تي جيڪڏهن اميرزادو يا ڪو ڊنگ وڏيرو اچي وڃي ها ته انهن سان سائين ميان وارو طريقو استعمال ڪري گهڻي کان گهڻيون رعايتون ۽ سهولتون انهن جي حصي ۾ وڃن ها، پر هتي اڪثر ائين ئي ٿئي ٿو.

اسان وٽ اهڙو معاشرو شايد اڃا ڪي صديون پوءِ اچي سگهي ٿو، پر افسوس آهي ڪم از ڪم پڙهيل لکيلن ۾ اهي فرق ته نه هجڻ گهُرجن، جيڪي ڄاڻي واڻي ڪري گذرن ٿا، يا بيزاريءَ سبب......

هيءُ هيون تعارف جي حوالي سان ناول مان ڪجهه جهلڪيون. نور راهوجي ناولن کان سواءِ ڪهاڻين جو ڪتاب ’خواب مرندا ناهن‘ نظم ۾ ’ٻيجل ٻيهر تند تپاءِ‘، ’جو کيڙي سو کائي- ’صوفي شاهه عنايت شهيد‘، ’پاکستان میں کسان تحریکیں اور زرعی اصلاحات‘ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، ۽ هُو اڃا به مسلسل پنهنجي باريڪ بيني ۽ بصيرت افروز قلمي جاکوڙ سان همڪنار آهي.

هُو نه صرف ليکڪ آهي، پر هڪ سٺو مقرر به آهي.

سندن علمي سياسي سماجي تقريرن جو تعداد ڪافي آهي. ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تي مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي روشني وڌي اٿس. اُن سونهن ڀري محنت ۽ سچ جي ساڃاهه ۾ هن لازوال ۽ زبردست ڪردار سان ڪيئي عزتون ۽ محبتون به ماڻيون آهن.

نور راهوجي جي ناول لکڻ جو مقصد ڏتڙيل، ڪِريل ۽ نادار افرادن جي زوالپڻي مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشان هجڻ آهي، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ناول ۾ پڙهيلن، اڪابرن، علم دوست ۽ علم شناس  شخصيتن کي حقيقي جذبي سان آراسته ڪري اڳتي اچڻ لاءِ اهم ۽ مفيد صلاحون ۽ مشورا ڏنا آهن.

پروانو سيوهاڻي

سيوهڻ

 

 

 

 

 

مهراڻ سان اڌ ملاقات

(ٽماهي مهراڻ 4/2020ع تي تبصرو)

 

مانواري ڀيڻ ثمينه ميمڻ صاحبه سدا سلامت هجو خوش هجو شال.

حق موجود

زندگيءَ جي ڪيترن موسمن کان پوءِ منهنجو اچڻ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ اوچتو ٿيو، سالن جا سال سنڌي ادبي بورڊ نه آيو هئس، منهنجو ٻالجتيءَ کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ سان روح جو رشتو هو ۽ اڃا تائين سنڌي ادبي بورڊ سان منهنجو روحاني رشتو آهي.

آءٌ جيئن ئي داخل ٿيس ته منهنجي نظر وڃي بورڊ هڪ پراڻيءَ وين تي پئي جيڪا بورڊ جي مکيه دروازي جي اندران بيٺي هئي، مون پراڻيءَ وين کي ڏٺو ته مون کي پراڻو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن کي شام جو بورڊ مان موڪل ملندي هئي ته آءٌ ۽ اڪبر جسڪاڻي انهي وين ۾ چڙهي شهر ويندا هئاسون، انهي زماني ۾ مان گل ڦل جو ٻانهن ٻيلي هيس ۽ اڪبر جسڪاڻي ٻارن جي رسالي ماهوار گل ڦل جو ايڊيٽر هو، انهيءَ وين تي هاڻي لکيل هو سنڌي ادبي بورڊ بڪ شاپ. آئون سنڌي ادبي بورڊ ۾ اها نواڻ ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيس، وري منهنجي نظر سامهون آڊيٽوريم تي پئي ته اڃان به گهڻي خوشي ٿي، ڀلا خوشي ڇو نه ٿئي پنهنجي خوبصورت گهر کي ڏسي ڪير نه خوش ٿيندو، سنڌي ادبي بورڊ جي سڀني اديبن جي وڏي ۾ وڏي سڃاڻ ۽ وڏي ۾ وڏي ميراث آهي ۽ پنهنجي ميراث جي حفاظت ڪرڻ سنڌ جي هر باشعور جو فرض آهي. مان اڃان به گهڻو خوش تڏهن ٿيس، جڏهن منهنجي نظر هڪ عاليشان عمارت تي پئي. پڇا ڪرڻ تي مون کي خبر پئي ته هيءَ عاليشان عمارت بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي آهي، آءٌ پاڻ کي ائين محسوس ڪري رهيو هوس ڄڻ مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ اجنبي هجان، ۽ مان پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ آيو هجان، منهنجي لاءِ سڄو ماحول نئون هو ۽ ماڻهو به منهنجي لا نوان چهرا، نه مان انهن کي سڃاڻان پيو ۽ نه مون کي پيا سڃاڻن، ته هيءُ پروانو سيوهاڻي آهي، سچ پڇو آءٌ پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي گهر ۾ اجنبيءَ وانگر بيٺو هئس، اوچتو ڪنهن منهنجيءَ پٺيءَ تي اچي هٿ رکيو، مون پنهنجي پويان ڏٺو ته مجيد پنهور آهي، بس منهنجو مجيد پنهور کي ڏسڻ ٻئي ڀاڪرن ۽ چمين ڏيڻ ۾ لڳي وياسون، ڪيترن بهارن کانپوءِ پياري ۽ دل واري دوست کي ڏٺو هو، مون کي پراڻو زمانو ياد اچي ويو جڏهن منهنجيءَ ”سرهاڻ پبليڪيشن“ جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿيندي هئي ۽ آءٌ انهيءَ زماني ۾ سنگت جو سيڪريٽري هوندو هئس ته ادو مجيد پنهور  سنگت جي گڏجاڻين ۾ پنهنجون نڪور تخليقون پڙهندو هو، انهيءَ زماني کان وٺي مجيد پنهور منهنجو پڳ مٽ يار آهي، مون کي اها خبر ڪانه هئي ته ڀيڻ ثمينه ميمڻ ٽماهي علمي، ادبي ۽ ثقافتي رسالي جي ايڊيٽر آهي، مهراڻ سان منهنجو روحاني رشتو تڏهن کان آهي جڏهن سائين غلام محمد گرامي ٽماهي ’مهراڻ‘
جو ايڊيٽر هو، انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ مهراڻ ڪونه ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجو وڃڻ حيدرآباد ٿيندو هو ته گاڏي کاتي ۾ ڪيترائي بڪ اسٽال هوندا هئا، پنهنجيءَ مرضيءَ جي پيسن مان پنجن روپين ۾ مهراڻ رسالو وٺي پڙهندو هئس، انهي زماني ۾ پنج روپيا هڪ حيثيت رکندا هئا. ادو مجيد مونکان موڪلائي پنهنجيءَ آفيس هليو ويو، مان ۽ ادي ثمينه ٽماهي مهراڻ رسالي جي بهتريءَ تي پئي هڪ ٻئي سان ويچار ونڊيا ته مهراڻ ۾ نواڻ آڻجي، مهراڻ رسالو وري هينئن ڇپجي، جيئن گراميءَ صاحب ۽ امداد حُسينيءَ جي دور ۾ ڇپبو هو، ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ اعليٰ قسم جي چانهه به اچي ويئي، مان چانهه جون چُسڪيون به ڀرڻ لڳس، ۽ مهراڻ جي بهتريءَ لاءِ به سوچڻ لڳس، ادي ثمينه ميمڻ ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي جو نئون مهراڻ ڏيئي چيو ”ادا پروانا مهراڻ تي پنهنجا ٻه اکر ضرور لکجو.“ مون هڪدم اديءَ ثمينه کي چيو ”مان مهراڻ تي ٻه اکر ڇو لکان، آءٌ مهراڻ تي هڪ خاڪي جي صورت ۾ مضمون لکندس، انجام کي پاڙڻ انسانيت جو اعليٰ گُڻ آهي ۽ مون به انجام پاڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي مهراڻ جو مطالعو ڪرڻ ۾ لڳي ويس.  مهراڻ رسالي جو اڀياس پئي ڪيم ته مون کي ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي آهستي آهستي مون کي چيو ته ”پروانا سيوهاڻي هاڻي صفا مسڪين ٿي ويو آهين، ويچارن ادبي بورڊ جي ماڻهن کي شاباس آهي جيڪي مون کي جياريو ويٺا آهن.

منهنجي هٿن ۾ گلاب آهي، گلاب مان مراد آهي مهراڻ رسالو 2020ع جو چوٿون ۽ سال جو آخري مهراڻ. مهراڻ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تصوير ڏسي پراڻيون يادگيريون تازيون ۽ توانيون ٿي ويون. جڏهن آءٌ لال شهباز ادبي ڪانفرنس جو ڊپٽي ڪنوينر هئس ته لال سائينءَ جي ميلي ۾ قلندر لال شهاز ادبي ڪانفرنس هر سال ٿيندي هئي، ادبي ڪانفرنس جي هر سال سائين ڊاڪٽر پروفيسر غلام علي الانا صاحب انهيءَ ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندو هو، ۽ ساڻس علمي ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون، اُهي علمي ۽ ادبي الانا صاحب جون ڪچهريون اڄ به مون کي ياد آهن. منهنجيءَ ڦوهه جواني ۾ جڏهن مان سيوهڻ لاءِ سئو ڪاپيون مهراڻ جون گهرائيندو هئس ۽ سئو ڪاپيون سڄي دادو ضلعي ۾ ادبي دوستن ۽ آفيسرن وٽ ورهائيندو هئس. هڪ ڏينهن آءٌ سيوهڻ جي سول ڪورٽ ۾ مهراڻ جون ڪجهه ڪاپيون کپائڻ لاءِ ويس. سيوهڻ سول ڪورٽ ۾ جج جي چئمبر واري دروازي جي مٿان ڪاٺ جي ڪاري رنگ واري هڪ تختي لڳل هئي، جنهن تي اڇن اکرن سان لکيل هو، سيد ارشاد علي شاهه، آءٌ سمجهي ويس، جج صاحب شاهه صاحب آهي، سائين ارشاد علي شاهه منهنجي پيار مان پاٻوهه سان آجيان ڪئي ۽ چيائين ’پروانا سيوهاڻي‘ ڪيئن آيو آهين؟ منهنجو تعارف نائيڪ اڳ ۾ ئي جج صاحب کي ڪرائي ڇڏيو هو. سائين سيد ارشاد علي شاهه منهنجي تمام گهڻي همٿ افزائي ڪئي ۽ مون کي جيئڻ جو حوصلو ڏنائين ۽ خوشيءَ مان مون کان مهراڻ جون پنج ڪاپيون خريد ڪيائين ۽ مون کي پيار به ڪيائين ۽ شاباس به ڏنائين ۽ چيائين پروانا، ’مهراڻ‘ ۽ ’نئين زندگي‘ اچي ته منهنجي لاءِ پنج پنج ڪاپيون کڻي ايندو ڪر. آءٌ تنهنجو پڪو گراهڪ آهيان“، انهيءَ ڏينهن کان وٺي سائين ارشاد علي شاهه جيترا به سال سيوهڻ جي سول ڪورٽ ۾ جج هو آءٌ سندس چيمبر ۾ مهراڻ ۽ نئين زندگي کڻي ويندو هئس. سائين ارشاد علي شاهه يگانو مولائي سيد هو، عابد لغاري ۽ ۽ سائين پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ جي تصوير ڏسي مون کي پنهنجو پراڻو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن آءٌ سنڌي ادب جي آڪاش تي نئون نئون اُڀريو هئس ته آءٌ حيدرآباد ويندو هئس ته  منظور چيمبر ويندو هئس، منظور چيمبر ۾ ڪمرو هوندو هو،  ۽ انهيءَ ڪمري ۾ ’رهبر‘ ڊائجيسٽ آفيس هوندي هئي ۽ سائين عابد لغاري ’رهبر‘ ڊائجيسٽ جو ايڊيٽر هوندو هو، آءٌ پنهنجي نڪور شاعري ڊائجيسٽ ۾ پنهنجي شاعريءَ ڇپرائڻ لاءِ سائين عابد لغاريءَ کي ڏيئي ايندو هئس، عابد لغاريءَ جي هڪ خاص خوبي اها هوندي هئي ته نماز پڙهڻ لاءِ اذان جو آواز ٻڌندو هو ته پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي نماز پڙهندو هو، مون کي اهو زمانو اڃا تائين ياد آهي. ٽماهي ’مهراڻ‘
رسالي جو اڀياس ڪندي منهنجي نظر ذاڪر کٽيءَ جي تصوير تي پئي ۽ مون کي ذاڪر کٽي ياد اچي ويو، انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ ڪوبه ريسٽ هائوس نه هوندو هو، سرهاڻ پبليڪيشن جي آفيس سنڌي اديبن جو آرامگاهه هوندو هو ۽ سنڌ جا سمورا نالي وارا قلمڪار، فنڪار مون وٽ مهمان ٿيندا هئا ۽ آءٌ پنهنجي مهمانن جو ميزبان هوندو هئس، اهو منهنجي جي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، جهڙو منهنجو حال هوندو هو مهمانن جي اڳيان شانائتي ۽ مانائتي انداز ۾ پيش ڪندو هئس.

’مهراڻ‘ پڙهندي پڙهندي مون خواجه محمد زمان، روحل فقير، روشن الدين ’روشن‘، سيد رکيل شاهه، شمس الدين ’بلبل‘، محمد بخش واصف، فقير هدايت علي نجفي، حافظ عبدالله بسمل، محمد صديق مسافر، مرزا علي بخش بيگ، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، راڄ محمد جمال پلي، عبدالڪريم گدائي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڀڳت ٽيئون رام ۽ شمشيرالحيدريءَ جو لافاني ڪلام پڙهي منهنجي موڳي من کي سڪون ملي ويو. ۽ منهنجي اکين ۾ ادبي ۽ علمي نشي جو خمار طاري ٿي ويو ۽ ٽماهي مهراڻ لاءِ لکڻ جو جنون پيدا ٿي ويو. منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته ٽماهي مهراڻ ۾ سنڌ جي نون شاعرن لاءِ هڪ نئون شاعريءَ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ انهيءَ سلسلي جو نالو هجي ’ٽماهي مهراڻ جو طرحي مشاعرو‘. آءٌ پنهنجي زماني ۾ تمام گهڻو لکندو هئس ۽ سڄي سنڌ ۾ هڪ مهيني ۾ ٻه چار مصرعه طرح تي مشاعرا ٿيندا هئا، ۽ آءٌ به پابند عروضي شاعري ڪندو هئس.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٽماهي مهراڻ ۾ اوچتو تصوير ڏسي مون کي بلوچ صاحب جو هڪ واقعو ياد اچي ويو، مون کي اهو زمانو ياد اچي ويو جڏهن اڻويهه سو ٽيانوي 1993ع ۾ سنڌ جي نگران حڪومت ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير هو، مون کي ڪراچيءَ گهرائي پرائمري استاد جو آڊر ڏنو هئائين، رب سائين ڊاڪٽر صاحب کي جنت ۾ جايون ڏيئي، سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٿورو لاهجي ڀلي نه پر ڳائجي ضرور.“

مهراڻ ۾ قاضي قاضن جي زندگيءَ تي لکيل ڊاڪٽر نواز علي شوق جو مقالو مون کي پڙهندي ئي محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ شوق صاحب جو مقالو علم ۽ ادب جي کاڻ هجي، ها، هاڻ ڊاڪٽر نواز علي شوق سنڌ جو قيمتي ماڻهو آهي.

ڊاڪٽر الطاف جوکئي صاحب جو مقالو لسانايت جي موضوع تي ڀرپور انداز ۽ تحرير ٿيل هو، ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ مقالو سنڌيءَ ٻوليءَ جو جامع دستاويز آهي، مراد گبول ساڪري واري جو مضمون ساڪري جا ٻه شاعر شمشاد ساڪرائي ۽ اسلم ساڪرائيءَ جي عنوان سان پڙهي ساڪري جي ٻن شاعرن جي زندگيءَ جي ڄاڻ ۽ معلومات ملي.

سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ کي سنڌ ۾ ڪير نه سڃاڻي، آرڪيالاجيءَ ۽ سنڌ جي تاريخ جو وڏو ماهر آهي ۽ سنڌ جي مهان شاعر استاد بخاريءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي. سنڌ جي سهاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي عنوان سان پڙهڻ سان منهنجي روح کي راحت ملي ۽ تاريخي ۽ علمي معلومات  ملي، قاضي غلام عليءَ جو مقالو پڙهي سنڌ جو نامور ۽ برک اديب پير حسام الدين راشدي جي ياد اچي ويئي، مون کي قاضيءَ جو مقالو جاندار لڳو ۽ سهڻي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيل هو، هن مقالي مان مون کي تمام گهڻي معلومات ملي، ڏاتل خان چني جو مقالو ’دادو ضلعي جون مشهور ڍنڍون‘ پڙهي مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ آءٌ ٽئين درجي سماجي اڀياس جو ڪتاب پڙهندو هجان، ۽ مون کي پنهنجي ٻالڪپڻ وارو زمانو ياد اچي ويو.

نئين ٽهيءَ جي محقق ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو مقالو سنڌ جي مشهور سگهڙ قادر بخش جي زندگيءَ تي لکيل هو، سڄو مقالو سهڻن لفظن سان چٽيل هو، ۽ مقالو جامع ۽ شاندار هو ۽ چوڻ لڳس ته ”اڃان ڪي جوڳي جوءِ ۾ آهن.“

محترم تاج جويو منهنجو ٻالڪپڻ واري زماني جو سچو ۽ سٺو دوست آهي، سندس بهترين مقالو پڙهي معلومات حاصل ٿي ۽ منهنجي علم ۾ اضافو آيو. مقالي جو عنوان هو: ”شاهه لطيف تي حافظ شيرازيءَ جو اثر“ تاج جويو صاحب جو هيءُ مقالو سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪندڙ دوستن لاءِ رهنما آهي.

ٽماهي علمي ۽ ادبي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ ڪيترن سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي شاعري پڙهي سرهائي ٿي. ادل سومري، شبنم گل، وسيم سومرو، مخلص چانڊيو، مشتاق آريسر، شاهه مردان شاهه، عاجز ڪريم پوري، مشتاق چانڊيو، نور نبي ناچيز، اسد جمال پلي، نجمه پنهور، پريت گهمرو ۽ ڪوثر هالائيءَ جي نڪور شاعريءَ منهنجيءَ دل کي سڪون ڏنو ۽ مون کي لکڻ جو جنون ڏنو.

هاڻي مان مهراڻ جي ڪهاڻين واري ڀاڱي جو اڀياس ڪري رهيو آهيان، مير سجاد اختر جي ڪهاڻي ڀرپور هئي، ڪهاڻيءَ جي منظرنگاري به ڪهاڻيڪار فني مهارت سان ڪئي هئي، ڪهاڻيءَ جو لهجو ۽ لفظن جي اڻت به عمدي نموني سان ڪيل هئي، مون کي قوي اميد آهي ته مير سجاد اختر اهڙي طرز تي لکندو رهندو ته اهو وقت پري ناهي مير سجاد اختر سنڌ جي نالي وارن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿي ويندو. عبدالرزاق جي ڪهاڻي ’غفلت‘ ۽ اويس ڀٽي جي ڪهاڻي ساراهڻ جوڳي هئي. پريت گهمري جي ڪهاڻي مهراڻ رسالي ۾ هڪ شاهڪار ڪهاڻي هئي، ڪهاڻيءَ کي پڙهندي مون محسوس ڪيو ته آءٌ نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻي پڙهي رهيو آهيان.

سڄي مهراڻ رسالي ۾ محترم نصير مرزا جو غلام حسين فنائي جي زندگيءَ تي لکيل خاڪو تمام بهترين هو، پڙهڻ ۾ خاڪي مونکي دلچسپ معلومات ڏني خاڪي جو عنوان هو ”بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ.“ اهو هيون 2020ع جو آخري رسالي ٽماهي مهراڻ جي سڄي زماني جو نچور جيڪو مون پڙهي ۽ پروڙي اوهان تائين پهچايو ٻيو مڙئي خير آهي، خط شايع ڪرڻ جي جسارت ڪجو...... وسلام پروانو سيوهاڻي.

اديءَ ثمينه ميمڻ کي مبارڪن جا مڻ هجن، وڏي خوش ۽ جذبي سان ’مهراڻ‘ رسالي کي سهيڙي رهي آهي، مون کي قوي اميد آهي ته مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر اڃان به گهڻو مهراڻ رسالي کي سنواري سينگاري مهراڻ جي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائيندي.

نياز مسرور بدوي

شڪارپور

 

 

 

 

ٽماهي ’مهراڻ‘ جديد ادب جو سرواڻ

 

جڏهن به سنڌي ادب جي، ادبي تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو نالو سنهري حرفن ۾ لکيو ويندو، ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽوريل بورڊ تخليقڪارن، ۽ محققن طرفان موڪليل مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو. ۽ نهايت غير جانبداريءَ سان تحقيقي معيارن تي پرکيندي، احترام جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ لاڀائتن مضمونن کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران شايع ٿيندڙ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن مضمون ۾ ڪا اوڻائي يا پيچيدگي آهي، ته واسطيدار محقق يا مضمون نگار سان رابطو ڪري ان سان بحث مٻاحثو ڪري، ان جي ڄاڻ حاصل ڪري، مواد کي وڌيڪ معياري بڻائي سرجڻهار کي مانُ ڏين ٿا.

ٽماهي ’مهراڻ‘ جي هن تازي شماري ۾ ايڊيٽر ثمينه ميمڻ صاحبه پنهنجي پاران تازو وڇڙي ويلن اديبن جا تعزيت ناما لکيا آهن، جن ۾ محترم انعام ٽکڙائي، سائين حاڪم علي شاهه، کيمچند شرما جن شامل آهن. ان کان علاوه اداري پاران سيد حاڪم علي شاهه جي ياد ۾ ڪرايل گڏجاڻيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ جو پهريون مقالو ’سنڌ جي صوفيانه روايت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب جو لکيل آهي، جنهن کي سنڌي ويس ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر پهرايو آهي. هن مقالي ۾ سنڌ اندر جيڪا صوفياڻي لهر آئي، ان اثر جو تاريخي طور تي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ جن صوفياڻن سلسلن سنڌ اندر پنهنجا گونچ، گلاب ڪيا، تن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. تصوف جي ترهي ۾ تڙڳندڙ مانجهين جو ذڪر ڪيو آهي. مضمون اندر اهڙيون ڪافي نيون شيون آهن، جن جي تشريح ۽ توضيح ڪئي وئي آهي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ نذير شاڪر صاحب جو مقالو ’سامي جي شاعريءَ ۾ منڊاري، دراوڙي ۽ براهوائي لفظ‘ شامل ڪيو ويو آهي. نذير شاڪر بروهيءَ جو اهو مقالو لسانيات جي حوالي سان ڪافي معلوماتي آهي. مقالي پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ساميءَ جي شاعريءَ جي نئين سر ارٿ لکڻ گھرجي.

خود لسانيات سان تعلق رکندڙن جي لاءِ پڻ اهو موضوع اهم آهي، ان تي پنهنجي راءِ رکن ته جيئن سامي جي شاعريءَ جي بلند مقام جي خبر پوي.

 

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو لسانيات جو صاحب آهي. سندس مقالي جو عنوان ’مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس لاحق جو جائزو‘ آهي. موضوع سان خاصو نڀاءُ ڪيو اٿائين، اهو بحث خاصو دلچسپ آهي، ۽ عروضي شاعري سان شغف رکندڙن لاءِ ڪارائتو ۽ تجربن ڪرڻ جو مواد ۽ ميدان مهيا ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب حرف لاحق جي سڃاڻپ جا معقول طور طريقا ٻڌايا آهن ۽ اهڙا لفظ پڻ ڏنا آهن، جن سان پڙهندڙن کي تجنيس حرف لاحق سمجھڻ ۾ آساني ٿيندي.

ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي ’قاضي قادن جي ڪلام‘ جي ٽين قسط مطالعي لاءِ موجود آهي. ڊاڪٽر صاحب جي اها ڪاوش قاضي قادن جي ڪلام جي معنى ۽ مفهوم کي واضح ڪري رهي آهي، قاضي قادن جي ڪلام ۾ جيڪي معنوي ۽ روحاني رمزون رکيل آهن، تن جو تجزيو نهايت سڦلائتو آهي.        

قاضي مقصود احمد ’پير آقا غلام مجدد سرهندي رحه‏‘ جي سياسي، سماجي ۽ روحاني خدمتن تي ڳُوڙهي نظر وجھي، سندس شخصيت کي نمايان ڪيو آهي. اها وقت جي ضرورت به آهي، ته نوجوانن کي پنهنجن وڏڙن جا ڪارناما پڙهايا وڃن.

ڊاڪٽر انور ’فگار‘ هڪڙو صاحب، مرزا خاندان جي علمي ادبي شخصيت ’مرزا گل حسن
’احسن‘ ڪربلائي‘ جي ادبي خدمتن تي ڀرپور روشني وڌي آهي. سندس شايع ٿيل مواد جا اقتباس ڏيئي، مرزا صاحب جي علمي ڪارنامن کي اجاگر ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحب جي محنت قابل داد آهي.

انهن مٿين مقالن کان علاوه ’اي.بي آڏواڻي ايم.ايل.ايل.بي هڪ وساريل مؤرخ‘، (محمد حبيب سنائي)، ’تميم- ٿهيم قبيلو تاريخ جي آئيني ۾‘ (رسول بخش تميمي)، ’مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي‘ (رسول بخش گچيرائي)، ’ٽنڊي محمد خان مان گذرندڙ آڳاٽا وهڪرا‘ (ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’سنڌي‘)،
’سنڌو اسان جو ساهه‘ (تاج جويو)، ’ديوان معمور تي هڪ نظر‘ (ميرزا فياض بيگ)، ۽ ٻيا به ڪيترائي مضمون شامل آهن جن جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھي. وقت جا مؤرخ انهن مضمون مان پڻ فيض ضرور حاصل ڪندا.

ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ شامل شاعريءَ جو معيار  اعلى آهي. جنهن ۾ نازڪ خيالي، تخيل جي اڏام، خيالن ۽ احساسن جي ترجماني ۽ فن ۽ فڪر  جو سنگم لاجواب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شاعريءَ ۾ پيغام سان گڏ گھڻي پختگي نظر آئي.

هڪ خاص ڳالهه ته گذريل ڪجهه سالن کان سنڌي زبان جي ڪافي ڪهنه مشق ۽ گوشه نشين ۽ نون اڀرندڙ شاعرن کي ’مهراڻ‘ ۾ مناسب جڳهه ڏيئي سندن همت افزائي ڪئي ويئي آهي.

شبير ’هاتف‘ سنڌ جو ڀلوڙ شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ تمام گھڻي سادگي ۽ رواني نظر آئي. ان کان علاوه سندس خيال پنهنجي معنويت جي لحاظ کان سندر هئا ۽ سماجي روين کي نروار ڪري رهيا هئا.

نياز پنهور جي شاعري به رومانس سان ڀرپور هئي، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وجودي ۽ خارجي ڪيفيتن کي اظهاريو آهي.

 ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دل جي دنيا جا دستور، سڀني دستورن کان نرالا هوندا آهن، جن جي بيان ڪرڻ بابت ڊاڪٽر بشير احمد 'شاد' پنهنجي محبت جا مذڪور بيان ڪيا آهن.

اسد جمال پلي جو لکيل نظم ۾ به سندس اکين ڏٺي وارتا بيان ٿيل آهي. سچ ته ڄڻ انبن جي ميلي جي ڪهاڻي لکي آهي ۽ محبوب کي دعوت پڻ ڏني اٿائين، پر سندس نظم جي اختتام تي جيڪا دعا ڏني آهي، سا شاندار آهي.

ان کان علاوه مهراڻ ۾ شامل سرجڻهارن جون ڪافي تخليقون دل پسند ٿيون، جن ۾ سيما عباسي، عابد نياز ميمڻ، ارباب علي 'عادل' چوهاڻ، ادل سومرو جو حيدرآباد بابت لکيل بيت، الله بچايو 'مشتاق' آريسر، جوهر بروهي، بيتاب ناپر، مايا ساگر اوڏ، ساگر ميراڻي، خطائي ٿيٻو اقبال شاهين، وغيره وغيره. مطلب ته ڪهڙا نالا لکي ڪهڙا ڪهڙا نالا لکان. سڀ ٽماهي ’مهراڻ‘ جا نگينا آهن، جيڪي پنهنجي جوت سان جرڪن پيا.

ٽماهي مهراڻ ۾ شبنم گل، رسول ميمڻ، بهادر ٽالپر، مير سجاد اختر ٽالپر، يار محمد چانڊيو، راقم، محمد قاسم ڪلوئي، ڊاڪٽر رضا چانڊيو ۽ پرويز جون ڪهاڻيون شامل آهن.

ان کان سواءِ متفرقات ۾ ادبي سرگرمين جون رپورٽون، ۽ هڪ تعزيتي شخصي مضمون شامل آهي.

ٽماهي مهراڻ جي ترقيءَ ۽ معيار جي لاءِ محترمه ثمينه ميمڻ، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر اسد جمال جي ڪيل ڪوششن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھي.

ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ٽماهي ’مهراڻ‘ سنڌي ادب جو اهو سرواڻ رسالو آهي، جنهن تي هر ادب دوست کي فخر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org