ڊاڪٽر
قاضي خادم
يادگيريون
1- جنوري 2018ع تي صبح جو ساڍي ستين بجي موبائيل
جي واٽس ايپ تي گهنٽي پئي وڳي، دل ۾ يقين هو ته
فون ڪنهن ويجهي دوست جو آهي ليڪن پري کان آيو آهي.
ائين ئي هو، فون بمبئي مان جگديش لڇاڻيءَ جو هو.
ريٽا شهاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ نند ڇڳاڻيءَ جيان هي
منهنجو آوازي دوست آهي، ملاقات ناهي، آمهون سامهون
نه ڏٺل آهي، ته به دل ۾ جاءِ ڪري ويو آهي، وڏي
ڳالهه ته لطيف جي ڪلام جو عاشق آهي. جيئن چنڊ ٻن
من محبت ڪندڙن، جدا رهندڙن جي اڱڻ تي هڪ ئي وقت
نظر ايندو آهي، تيئن هيءُ دوست به پري هوندي ساهه
جي ويجهو آهن.
جگديش به مون وانگر هڪ پروفيسر آهي. عمر جي لحاظ
کان هن کي وڏو ڀاءُ ڪوٺيندو آهيان، پر هو به
منهنجون ڳالهيون هيئين سان هنڊائيندو آهي.
ايتريقدر جو جڏهن مون اکين جو آپريشن ڪرايو ۽ فيس
بڪ تي منهنجي اُها تصوير ڏٺائين ته هڪدم ڪمينٽ
ڪيائين، ”جي اوهان اکين جي آپريشن ڪرائي سگهو ٿا،
ته مان به ضرور ڪرائيندس.“
ائين هن اکين جو آپريشن به ڪرايو ۽ هاڻ چڱيءَ طرح
ڏسي پڙهي سگهي ٿو. مون وانگر ئي رٽائرمينٽ کان
پوءِ به ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو ۽ پنهنجي معمولات ۾
ڪوبه فرق اچڻ نه ڏنو اٿس، سادگي ۽ سچائي هن جي لفظ
لفظ مان ملي ٿي، نيٽ تي هر وقت حاظر ناظر هوندو
آهي، خاص ڪري راتين جو جڏهن ننڊ نه ايندي اٿم ۽
پراڻيون ڪلاسيڪل فلمون ڏسندي يا ڪي ڪتاب پڙهندي
پڙهندي اڪيلائيءَ جو احساس ٿيندو اٿم ته پنهنجا
تاثرات هڪدم فيس بڪ تي لکي ڇڏيندو آهيان ۽ عجب آهي
ته ڏينهن رات جو ڪوبه وقت هجي مون کي نند ڇڳاڻي،
صولت پاشا جيڪو نيروبيءَ ۾ وڃي ڪاروبار پيو ڪري،
انجم پيرزاده، سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽس شعبي جي
پروفيسر جيڪا پڻ پرڏيهه ۾ آهي، جگديش لڇاڻيءَ جهڙا
دل وارا انسان، دنيا جي ڏورانهن ملڪن مان هڪدم
ڪمنٽس موڪليندا آهن، اڳ ته هڪ انگريزيءَ جي
پروفيسر به لنڊن (آڪسفورڊ) مان رات جو دير دير
تائين پئي سوال جواب ڪندي هئي، پر هاڻي پاڪستان
واپس اچي پري ٿي وئي آهي، ليڪن هي دوست مون کي
احساس ڏياريندا آهن ۽ آءٌ اڪيلو نه آهيان، هي به
هردم مون سان واسطي ۾ اچي ويندا آهن ۽ اڪيلايون
دور ٿي وينديون آهن. جگديش لڇاڻيءَ کي شاهه صاحب
تي لکيل ڪتاب تي ساهتيه اڪيڊميءَ طرفان اوارڊ به
مليو آهي، هُو پنهنجي ادبي توڙي ذاتي زندگيءَ جون
تصويرون هڪدم فيس بڪ تي اپ لوڊ ڪندو آهي.
* * * *
ٽانگو سنڌ ۾ 20 صديءَ جي مقبول ترين سواري هئي،
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هن کي وڏي اهميت حاصل هئي، حالانڪ
شهرن ۾ پوءِ سائيڪل رڪشائون به آيون، جيڪي خاص طور
تي ڪراچيءَ ۾ ڏاڍيون مقبول رهيون ۽ ٻئي طرف بنگال
۾ ته انهن جو عام رواج هو. تنهن کان پوءِ آٽو رڪشا
به آيون ته ٽئڪسيون به شروع ٿيون، ليڪن اهي شهرن ۾
ئي هلنديون هيون، جڏهن ته ٽانگو مقبول ئي رهيو،
ڳوٺن ۾ ته ٽانگا چڱا خاصا فاصلا طئي ڪندا هئا ۽ هڪ
چڱي خاصي ڪٽنب کي چاڙهي هلندا هئا، گهوڙا به مضبوط
هوندا هئا ۽ انهن جي ٽهل ٽڪور تي به وڏي محنت
ٿيندي هئي، سٺو گاهه ۽ پاڻي ته چڻا به هنن کي
کارايا ويندا هئا ته کرکرا هڻي جن کي صاف به ڪيو
ويندو هو، ۽ مالشون به ڪيون وينديون هيون، ٽانگي
وارا گهوڙن تي ڏاڍي پيار سان مختلف نالا به رکندا
هئا، جيئن هيرو، مڪڙو وغيره. خاص طور اپر سنڌ ۾
ٽانگن جي ڊوڙ به ٿيندي هئي، جنهن کي گوءِ چوندا
هئا.
اهي ٽانگا صرف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اندرئي اندر نه هلندا
هئا، بلڪ وڏا وڏا فاصلا طئي ڪندا هئا، مون خود
ڏهرڪيءَ کان اُٻاوڙي، نئين ديري کان رتيديري،
ڏوڪري اسٽيشن کان ڏوڪري شهر ۽ ڏوڪريءَ کان موهن جي
دڙي تائين ٽانگن ۾ سفر ڪيو ۽ واٽ تي ڪئين ڳوٺن جي
وچ ۾ ماڻهن سان سٿيل ٽانگا ڏسندو هوس.
هالا نوان کان هالا پراڻا جا پوڻا ٽي ميل ته خبر
ناهي ڪيترا دفعا ٽانگن ۾ سفر ڪيوسين، حالانڪه اهي
ٽانگا ڪي شهري ٽانگن وانگر چمڪندڙ، پاسي کان بتيون
لڳل ۽ پلاسٽڪ جي سيٽن وارا نه هوندا هئا، خاص طرح
اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ واڍن جا ٽانگا ته هلندي
هلندي ڏاڍا لوڏا به ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايترو
ڊپ ٿيندو هو جو دل چوندي هئي ته لهي پنڌ وڃجي،
ليڪن ڪڏهن ڪو خاص واقعو ڪونه ٿيو، اهي ئي ٽانگا
اڳتي خاڻوٺ تائين به ويندا هئا ته وري نيشنل
هاءِ.وي تي به وڃي پهچندا هئا، خاص ڪري هالا جا
ڪيترا ماڻهو ڀٽ شاهه به ٽانگي تي ويندا هئا، شاهه
سائين جي ميلي ۾ ٽانگا ڪمائڻ جي مشين بڻجي ويندا
هئا. ماڻهو اڏيري لعل کان ٽانگن ۾ چڙهي ڀٽ شاهه
ايندا هئا. باقيءَ هيءَ غريب نواز سواري حيدرآباد
۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ته زبردست هوندي هئي. نهايت
خوبصورت رنگا رنگي ٽانگا، جن ۾ پاسن کان بتيون لڳل
هونديون هيون ۽ ٽانگي جي پاسي ۾ رٻڙ جو هارن لڳل
هوندو هو. نه صرف ايترو، پر گهوڙن جي هڪلڻ واري
چهبڪ کي به رنگ ڪندا هئا. مزو ايندو هو جڏهن ڪو
ٽانگو مالڪ جي گهر جي گهٽيءَ وٽان لنگهندو هو ته
گهوڙو هڪدم گهر ڏانهن رخ ڪندو هو ۽ ٽانگي وارو
هڪدم لغام ڇڪي چهبڪ سان صحيح رستي تي آڻيندو هو.
هاڻي اها پولوشن فري سواري ڪٿي ڳوٺن ۽ شهرن جي دور
دراز آبادين ۾ وڃي بچي آهي ۽ انهن جي جڳهه رڪشائن،
سوزوڪين، چنگچين ۽ ٽئڪسين اچي والاري آهي، جن
فاصلن کي ته گهٽائي ڇڏيو آهي، پر پنهنجي دونهين ۽
گوڙ جي ڪري، انساني حياتين لاءِ خطرو بڻجي چڪيون
آهن.
* * * *
ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ڪن اهڙن ماڻهن سان ملاقات ٿي
ويندي آهي، جن سان ملڻ جي ڪا توقع ئي ڪانه هوندي
آهي ۽ پر هُو هڪدم دل ۾ گَهرُ ڪري ويندا آهن. اهڙو
ئي هڪ شخص جيڪو پنهنجي عمر سرڪاري اعليٰ نوڪري ۾
گذاري رٽائر ٿي چڪو آهي، تنهن سان بلڪل اوچتو
ملاقات ٿي ۽ چئن، پنجن ڪلاڪن جي گفتگو ۾ ڪي اهڙيون
مشترڪه ڳالهيون اچي نڪتيون، ڄڻ ڪا عمر ڀر جي ياري
هئيسين. هن سان ملاقات ته ان بهاني سان ٿي هئي جو
مون کي پنهنجي نهايت عزيز دوست، پير مظهرالحق،
دادوءَ جي پير الاهي بخش لاڪاليج ۾ پنهنجي ڏاڏي
پير الاهي بخش جي ورسيءَ ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو ۽ پنهنجي
هڪ دوست اشفاق قادريءَ تي بار رکيائين ته هُو مون
کي ساڻ وٺيو اچي. جنهن جو ذڪر آءٌ اڳ ئي ”کليل
اکين جا سپنا“ ۾ ڪري آيو آهيان.
هت آءٌ دادوءَ کان سيوهڻ رستي واپسيءَ واري سفر جي
ڳالهه ڪندس، جڏهن سيوهڻ وٽان لنگهندي مون چيو ته
هن علائقي تي اڃا وڌيڪ ريسرچ ۽ کوٽائيءَ جي ضرورت
آهي. منهنجي هن ڳالهه تي قادري صاحب جي ڊرائيور،
جنهن جو نالو محمد صديق ميمڻ هو ۽ ٽنڊي ڄام جو
رهاڪو هو، وراڻيو ته ”ها سائين هيءُ تاريخي علائقو
آهي، هن تي وڌيڪ ريسرچ جي ضرورت آهي.“ هن جي
شائسته لهجي ۽ علمي لفظن جي استعمال تي مون کي
حيراني ٿي، پر جڏهن هُن پنهنجي هڪ خواب جو ذڪر
ڪيو، جنهن ۾ هن هڪ اهڙو کوهه ڏٺو هو، جنهن ۾ وڃڻ
لاءِ ڏاڪڻيون به هيون، ۽ جيئن کوهه جي تري ۾ پاسي
کان وهڻ جي جڳهه ٺهيل هئي، ته مون کي هڪدم مڪليءَ
وارو کوهه ياد اچي ويو، جيڪو هُوبهو ان طرح ٺهيل
آهي ته جيئن ماڻهو گرمين ۾ هيٺ لهي کوهه جي ڀر ۾
ٿڌڪار وٺن. اهڙي کوهه کي هندستان ۾ ”باولي“ سڏيندا
آهن، جيڪي بادشاهن جي دور ۾ اميرزادا ۽ دولتمند
پنهنجي آرام ۽ عياشيءَ لاءِ ٺهرائيندا هئا.
اها ڳالهه جڏهن مون هن سان ڪئي ته هن وراڻيو ته
”ها سائين مون پوءِ اهوکوهه ڏٺو به.“ وري چيائين
ته ”سائين سنڌ جي سڀني ڳوٺن، شهرن، وستين ۽ واهڻن
جي بزرگن ۽ اوليائن تي ريسرچ ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هنن
جي زندگيءَ جو حقيقي احوال لکڻ ٿو چاهيان.“ آءٌ
حيران ٿي ويس ۽ چيومانس، ”اهو ته وڏو ڪم آهي.“
چيائين ته: ”ها سائين آهي ته وڏو ڪم، پئسو به
لڳندو، وقت به. پر اهو ٿيڻ گهرجي.“ مون سوچيو ته
سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي ڊرائيوري
جو ڪم ڪندي تحقيق سان چاهه رکن ٿا ته ٻيا ڪيترا
اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي موقعو نه ملڻ جي ڪري اهڙي
ڳالهه ڪري به نه سگهيا. هوندا. حيدرآباد گهر پهچڻ
تي مون هن کي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جا
ڪتاب تحفي طور ڏنا ۽ قادري صاحب کي چيم ته ”قادري
صاحب هيءُ ته گودڙيءَ ۾ لڪل لعل آهي.“ ته هن مُرڪي
ڏنو ۽ چيائين: ”محمد صديق ادب جو وڏو شوقين آهي
قاضي صاحب..“
* * * *
20 صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جڏهن مون کي سنڌ ۾ ڪيترن
هنڌن تي، بابا جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ وڃڻو پيو
تڏهن سنڌ ۾ بجلي صرف وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، سکر،
حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، ٽنڊوآدم ۽ ميرپورخاص ۾
هوندي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي جن ۾ ٺٽو شامل آهي،
D.C
ڪرنٽ واري لائيٽ هوندي هئي، جيڪا شام جو چند ڪلاڪن
لاءِ هلائي ويندي هئي. ورنه ڏيئا، ميڻ بتيون،
لالٽين، شمعدان ۽ وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ گئس جا گولا
ٻاريا ويندا هئا، جن کي پيٽروميڪس لئمپ ڪري
ڪوٺيندا هئا. ان وقت حيدرآباد جي گورنمينٽ گرلز
ڪاليج ۾ فلمي پروجيڪٽرن جي هڪ نمائش ۾ مون هڪ اهڙو
پروجيڪٽر به ڏٺو هو جيڪو گئس جي گولي سان فٽ ٿيل
هو ۽ ان جي روشنيءَ تي هلندو هو.
اسان وٽ گئس جا ٻه گولا هوندا هئا، جيڪي شام جو
پٽيوالو ٻاري ويندا هئا ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ وري
پٽيوالو يا چاچا غلام قادر، انهن کي بند ڪندو هو.
هيءُ به لالٽين جيان هڪ دلچسپ ميڪنزم سان هلندا
هئا، هيٺ گول ننڍڙي ٽانڪي هئي جنهن ۾ گاسليٽ پوندو
هو، مٿان شيشي جو گول لئمپ هوندو هو، جنهن ۾ اندر
مٿئين حصي ۾ منٽر لڳائبو هو، ۽ هيٺ رکيل دٻليءَ ۾
اسپرٽ وجهي ان کي تيلي ڏبي هئي ته اهو منٽر باهه ۾
سڙي هڪ بلب جي صورت وٺندو هو ۽ ان کي وري ٻاهران
هڪ هوا ڀرڻ جي ڪل ذريعي بار بار هوا ڀري روشن رکيو
ويندو هو، چون ٿا ته ڪي گولا ڦاٽي به پيا هئا،
جنهنڪري ان کان ڊپ به لڳندو هو.
هن گولي جي روشنيءَ سان وڏا وڏا اڱڻ روشن ٿي ويندا
هئا، ڪتاب يا اخبار پڙهڻ ۾ سهوليت ٿيندي هئي، هنن
گولن مان هڪ ٻاهر بابا جي گهر واري آفيس ۾ ٻاريو
ويندو هو ۽ هڪ اسان وٽ گهر جي اندر رکيل هوندو هو.
گرميءَ ۾ جڏهن تمام گهڻا پتنگ ۽ جيت روشنيءَ تي
اچي مڙندا هئا ته گولو هڪ گينڊي ۾ رکي ان ۾ ٿورو
پاڻي وجهي ڇڏبو هو يا وري ٽپائيءَ تي بصر ڪٽي رکيا
ويندا هئا، جن جي ڌپ کان جيت ڀڄي ويندا هئا.
اهڙيون روشن راتيون هن وقت هڪ طلسمي منظر جي ياد
جيان ٿيون لڳن، اهي وڏا وشال اڱڻ يا وڏا کُڏ جن تي
گهڻو ڪري اپر سنڌ جي گرمين جي راتين ۾ سمهندا
هئاسين، انهن گولن سان روشن رهندا هئا جڏهن ته
ريڊئي تي ڪيترا پروگرام هلندا رهندا هئا جن ۾
ڪڏهن گيت سنگيت ۽ ڪڏهن ڊراما ۽ خبرون هلنديون
رهنديون هيون. شام ٿيندي ئي ڄڻ ته رات ٿي ويندي
هئي، سانجهي ۽ سمهڻيءَ جي نماز جي وچ وارو وقت
ڪچهريون هلنديون هيون، ۽ پوءِ گهر جو هر ڀاتي کائي
پي وڃي کٽ وسائيندو هو، يا وري ريڊيو جي ويجهو
ڪرسي يا کٽ تي ويهي پنهنجي پسند جا گانا ۽ پروگرام
ٻڌندو هو. شروعاتي ڏينهنِ ۾ پاڪستاني ريڊيو تان به
فرمائشي گانن ۾ هندستان ۽ پاڪستاني فلمن جا گانا
گڏوگڏ وڄندا هئا ليڪن بعد ۾ پاڪستان ۾ فرمائشي
پروگرام ۾ صرف پاڪستاني گانا هلڻ لڳا، جڏهن ته
هندستان مان ريڊيو جي ڪمرشل سروس جي دلچسپ
پروگرامن کي ٻڌي ننڊ به ڪبي هئي ته اک به ان ئي
ريڊيو جي سُريلن گانن سان کُلندي هئي، خاص ڪري
پنکج ملڪ، سي.ايڇ.آتما، سهگل، شمشاد بيگم، ثريا،
لتا منگيشڪر، نورجهان ۽ اوماديويءَ جا نغما پيا
ٻڌبا هئا پر هر مهيني جي پهرين تاريخ تي خاص ڪري
اهو پروگرام ڪشور ڪمار جي گاني سان ٿيندو هو.
خوش
ہے
زمانا آج پہلی
تاريخ
ہے.
جڏهن ته رات جو آخر ۾ فلم البيلا جو گانو ٻڌبو هو.
دھیرے
سے
آجارے
اکھین
میں
ننديا، آجا رے
آجا۔
صبح جو جلدي نيرن کائي اسين سليٽون ۽ پٽيون هٿ ۾
کڻي، اسڪول ويندا هئاسين، بابا آفيس روانو ٿي
ويندو هو، وري اسڪول مان واپس اچبو هو ته ماني
کائي راند روند ۾ لڳي ويندا هئاسين، يا وري دوستن
سان رستن تي ڊُڪون پائيندا هئاسين. ٻئي طرف جن
ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي نه هوندي هئي، اتي وري رستن تي
شمعدان روشن ڪيا ويندا هئا، ننڍين ننڍين گهٽين ۾
به ڪاٺ جي لڪڙن تي شمعدان روشن ڪيا ويندا هئا، جن
لاءِ مقامي ميونسپالٽيءَ جو عملو روزانو شام جو
ننڍي ڏاڪڻ ۽ شمعدان صاف ڪرڻ جو ڪپڙو، گاسليٽ جو
دٻو وغيره کنيو اونداهين شامن کي روشن ڪندا ويندا
هئا، اهي مون جاتي، سجاول ۾ به ڏٺا ته سيوهڻ،
ڏوڪري، رتي ديري، اُٻاوڙو ۾ ٻرندا ڏٺا، هالا پراڻا
سميت سنڌ جي سڀني ننڍن شهرن جهڙوڪ: سڪرنڊ،
دولتپور، نوشهروفيروز، بدين ۾ به اهو لقاءُ هوندو
هو.
شمعدانن جي روشني نهايت رومانوي ۽ طلسماتي لڳندي
هئي، جنهن جو ذڪر الف ليليٰ ۽ ٻين داستانن ۾ پڙهي
چڪو هوس، خاص ڪري جڏهن بادشاهه سلامت رات جو چمڙا
پوش ڪري پنهنجي ملڪ سان گڏ ملڪ جي ماڻهن جا حال
احوال پنهنجي اکين سان ڏسڻ نڪرندو هو ته اهي
شمعدان جيڪي ان وقت جي اسٽريٽ لائيٽ هوندا هئا، سي
سندن رهنمائي ڪندا هئا. خود بادشاهن جي محل ۾ به
ميڻ بتين سان روشنيون ڪيون وينديون هيون ۽ سازشي
عناصر وري چرٻيءَ جي مشعلن کي ٻاريو، رات جي
اونداهيءَ ۾ پنهنجي ڪارروائي ڪندا هئا، اهڙا ڪئين
داستان، انهن اڌ اونداهين راتين کي ڏسي ذهن تي تري
ايندا هئا.
* * * *
مون کي سيوهڻ جون اهي راتيون ياد آهن، جن ۾ سياري
۽ اونهاري جون موسمون گذاريون هيوسين ۽ آءٌ روز
رات جو چاچا غلام قادر ۽ منظور سان گڏ شيخن جي
پاڙي مان بودلي بهار جي مزار واري گهٽيءَ کان
ٿيندو قاضين جي پاڙي وٽان قلندر جي مزار تي ويندو
هوس، جنهن جي آڏو زوارن جون ڪافيون هونديون هيون،
جتان پڻ روشنيءَ جي جهلڪ نظر ايندي هئي ته پٺاڻ جي
ڪافي به ڏسبي هئي، جت وري ان وقت جي متولي نادر
شاهه جي ڪري روشنيءَ جو وڌيڪ انتظام هوندو هو،
جڏهن ته درگاهه ۾ روشنيءَ جو سٺو انتظام هوندو هو
۽ اتي پهچي مون کي ڏاڍو سڪون ملندو هو. اهوئي سبب
هو جو شمعدانن جي ناڪافي روشنيءَ ۾ به شهر جون
ڪچيون گهٽيون لتاڙي هت ايندا هئاسين، ۽ وڇون يا
نانگ جو ڊپ ڪونه ٿيندو هو، جيڪي اتي عام جام هئا.
شمعدانن جي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن شهرن جون
راتيون تارن جي جهرمر جي ڪري اڃا به وڌيڪ سهڻيون
لڳنديون هيون. هاڻي ته لائيٽ جي اچڻ سان تارا ئي
ڌنڌلا ٿي ويا آهن، چنڊ به جڏهن ڪوشش ڪري گهر جي
درين مان ڏسجي ٿو اهو ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جي کلي فضا
۾، وڏي وشال اڱڻن يا ميدانن تي رات ٿيندي ئي
پنهنجي ساٿي تارن جي جهرمر ۾ مسڪرائيندو نظر
ايندو هو، حمايت علي شاعر جو هڪ شعر آهي ته هاڻ
جڏهن انسان چنڊ تي وڃي پهتو آهي ته خبر پئي آهي ته
اتان وري ڌرتي روشن ٿي نظر اچي، يعني دنيا جي
روشني ڏسڻ لاءِ تمام مٿي وڃڻ جي ضرورت آهي.
* * * *
جيئن حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن اديبن لاءِ هڪ
ثقافتي مرڪز جي حيثيت رکندو هو، تيئن ڪراچيءَ ۾
ٽيليويزن سينٽر کُلڻ سان ڄڻ ته هڪ ٻيو دروازو
اديبن ۽ فنڪارن تي کلي ويو هو. منهنجي لاءِ ته ڄڻ
ڪراچيءَ وڃڻ جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو هو، اڳ به
وڏو ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، ڀيڻ به اتي رهندي
هئي ۽ ڪيترائي دوست هئا جن وٽ وڃبو هو، گهمبو هو،
فلمون ڏسبيون هيون، خاص ڪري جڏهن شمشير به اتي وڃي
نئين زندگي جي دنيا وسائي هئي. آءٌ خاص هن سان ملڻ
لاءِ پاڻ اڪيلي سر يا ڪڏهن طارق اشرف ۽ غلام نبي
مغل سان گڏ يا وري پنهنجي سؤٽ آفتاب کي ساڻ ڪري
آچر آچر تي چڪر هڻي ايندو هوس، جتي شمشير، ٺاڪر
شرما، اقبال جتوئي ۽ ٻين ڪيترن دوستن سان ملاقاتون
ٿينديون هيون، ته شام جو فريئر هال گارڊن جي ڇٻر
تي ويهي ڪچهريون به ٿينديون هيون. اقبال جتوئي ان
وقت بي.اي ڪري رهيو هو ته هن کي سنڌي ادب ۽ شاعري
متعلق پيو تيار ڪبو هو. ڪلفٽن ۽ طارق روڊ جا چڪر
به هڻبا هئا. خاص ڪري جڏهن
CSS
جو امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آءٌ ۽ مسعود قريشي، هن جي
وڏي ڀيڻ جي گهر تاج مينشن ۾ وڃي رهيو هوس، تڏهن ته
شمشير روز شام جو ٿيلهو ڪڇ ۾ کنيو ايندو هو ۽ پوءِ
وري ٻاهر نڪري بندر روڊ جون هوائون کائبيون هيون
يا وري ڪا فلم وڃي ڏسندا هئاسين، پر ٽي.وي اسٽيشن
کلڻ سان سڀڪجهه بدلجي ويو.
ڪراچي ٽي.وي جي کُلندي ئي ان ۾ جيڪي پروڊيوسر ۽
فنڪار مقرر ٿيا، تن مان گهڻا منهنجا ذاتي دوست
هئا، جن ۾ عبدالڪريم بلوچ، ممتاز مرزا (منهنجو
ماسات) ۽ ٿوروئي پوءِ چنا شبير، عبدالحق عظيم ۽
هارون رند (جيڪو منهنجو شاگرد هو) ان سان گڏ شوڪت
شورو، بادل جمالي جيڪو اسڪرپٽ سيڪشن ۾ هو، تاجدار
عادل، سلطانه صديقي پروڊيوسر وڃي ٿيا. فريد نواز
بلوچ، جيڪو منهنجو انٽر تائين هم ڪلاس هو، قمر
ميمڻ، منظور قريشي، انور سولنگي، ڊاڪٽر عابد ميمڻ
۽ ٻيا ڪيترا فنڪار به اتي ئي هوندا هئا، جن سان
حيدرآباد ريڊيو تي سالن جا سال ميل ملاقات رهي
هئي، خاص ڪري انور سولنگي، عبدالڪريم بلوچ، قمر
ميمڻ، سڪينه سمون، ڊاڪٽر عابد وغيره ته منهنجي
ڪيترن ريڊيائي ڊرامن ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪندا رهيا
هئا.
هيءُ دوست ته اتي هئا، پر هنن جي ڪري اتي موجود
ٻين پروڊيوسرن ۽ اداڪارن سان به دوستيون ٿي ويون ۽
مون به ٽي.ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن مان
خاص تلاش (ٽي قسطون)، سک جو سپنو ۽ شڪست مون شفيق
انصاريءَ ۽ منظور قريشيءَ جي چوڻ تي لکيا هئا،
ورنه عبدالڪريم بلوچ يا ممتاز مرزا هر هفتي
حيدرآباد ايندا هئا، ته پريس ڪلب اچي مون کان
اسڪرپٽ وٺي ويندا هئا. ڊرامن سان گڏوگڏ چنا شبير
ناز جي پروگرام ”واءُ سواءُ“ ۾ به لاڳيتو حصو
وٺندو رهيس، جتي قاضي فضل سليمان (اڳوڻو قاضي فضل
حق) غلام حيدر صديقي ۽ ڪيترن ئي ٻين دلچسپ شخصيتن
سان ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ وري جو عبدالحق عظيم
جي ادبي پروگرام ۾ به گهرايو ويندو هوس، جتي مون
نجم عباسي، ظفر حسن، ڊاڪٽر غلام علي الانا،
عبدالجبار جوڻيجو، محمد بخش جوهر، الطاف شيخ ۽
ڪيترن افسانه نويسن، شاعرن ۽ ناول نگارن سان ميل
ملاقات جا موقعا مليا ۽ شمشير به ڇو جو ٽي.وي
ڊراما لکڻ شروع ڪيا هئا، ان سان اتي به ملاقاتون
ٿينديون رهنديون هيون، اتي ئي عارف پاشا ۽ افتخار
عارف سان به ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون،
حالانڪ افتخار عارف جي طبيعت مون کي نه وڻندي هئي،
هُو تمام گهڻو تصنع کان ڪم وٺندو هو، تنهنڪري آءٌ
ڪوشش ڪري هن سان نه ملندو هوس، حالانڪه هُو طويل
ڊرامن جي سلسلي ۾ ٻه ٽي دفعا مون سان ۽ مراد علي
مرزا ۽ آغا سليم سان ملاقاتون ڪرڻ حيدرآباد به آيو
هو، پر ڏٺم ته هن جي وڌاءُ ۽ پاڻ ٻڏائڻ جي عادت
هنن کي به ڪونه وڻي هئي، تنهنڪري اسان هن جي راءِ
تي لکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ٽي.ويءَ تي منهنجون جيڪي شامون گذريون اهي ڪڏهن به
نه وسرنديون، ميڪ اپ ڪرائڻ کان وٺي پروگرام رڪارڊ
ڪرائڻ تائين. هر مرحلي تي دلچسپي محسوس ٿيندي هئي،
ڪڏهن ڪڏهن رڪارڊنگ ڪرائي بي خياليءَ ۾ منهن ڌوئڻ
کانسواءِ ئي واپس نڪري ايندا هئاسون، ۽ جڏهن ڪنهن
هنڌ پنهنجي ميڪ اپ ڪيل منهن تي نظر پوندي هئي يا
ڪو ان ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو هو ته ڏاڍي ڦڪائي ٿيندي
هئي.
هڪ دفعي اسلم آزاد مون کي ڊينٽونڪ ٽوٿ پائوڊر جي
پروگرام ۾ خاص مهمان طور گهرايو هو جتي هنن مون کي
ڪافي تحفا ڏنا هئا جن ۾ اگربتين جو هڪ کوکو به هو،
اهو کڻي جڏهن وڏي ڀاءُ جي گهر ويس ۽ اتان حيدرآباد
اچڻ لاءِ بس تي وڃڻ لڳس ته وڏي ڀاءُ مشتاق قريشيءَ
کِلندي چيو ته، ”هاڻي بس ۾ اهي اگربتيون وڪڻندو
وڃجانءِ.“
ٽي.ويءَ جو هيءُ دور به نهايت عجيب ۽ دلفريب هو،
اسٽيج لائٽون، ٻهڪندڙ چهرا، شائسته گفتگو، شيرين
پاشا، سلطانه صديقي، سائره بانو ۽ ڪيترن خوبصورت
شخصيتن جون سهڻيون ڳالهيون دوستاڻو ماحول، اڄ به
نه ٿو وسري، ائين لڳندو هو ڄڻ ٽي.وي منهنجو ٻيو
گهر هو، جتي دوستن سان ملاقاتون ته ٿينديون هيون،
پر ادبي ۽ علمي ماحول به ميسر ٿيندو هو ۽ حيدرآباد
توڙي ڪراچيءَ جي اهم ادبي شخصيتن سان ملاقات به ٿي
ويندي هئي، تاجل بيوس، مقبول صديقي (جيڪو خادم وطن
اخبار ڇڏي هتي اچي ويو هو) قمر شهباز، اداڪار
وسيم، جنهن منهنجي پهرين ڊرامي شڪست ۾ هيرو جو
ڪردار ادا ڪيو هو، سليم ميمڻ، جيڪو ات خبرون
پڙهندو هو ۽ رشيد هميراڻي به مشهور نيوز ڪاسٽر هو،
جيڪو رنگ محل فلم جو هيرو هو ۽ منهنجو حيدرآباد
کان ئي واقف هو ۽ پوءِ هن جو ڀاءُ حميد هميراڻي
منهنجو ناٺي بڻيو، ليڪن ان کان اڳ منهنجي ڏاڏي
قاضي عبدالقويءَ جي ڊائريءَ ۾ هن جي ڏاڏي ولي محمد
هميراڻيءَ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو منهنجي ڏاڏي ۽ سيد
مٺن شاهه (حيدرآباد جي پهرين مسلمان بڪ اسٽور
واري) جو مشترڪ دوست هو، ان وقت هُو ٻه ئي ڪراچي
ٽي.وي جا نامور سنڌي نيوز ڪاسٽر هئا.
انهن مان ڪيترا دوست هن دنيا ۾ نه رهيا ۽ ڪي موجود
به آهن، انهن سان ملاقاتون مشڪل سان ٿين ٿيون، پر
ٽي.وي اسٽيشن جو اهو جادو اڃا تائين ذهن تي نقش
آهي.
* * * *
سنڌي ادب سان واسطو ته ننڍپڻ کان ئي هو، جڏهن
حيدرآباد ۾ سوسائٽيءَ ۾ قائم هڪ وڏي بڪ اسٽال تان
ڪيترائي ٻارن جا ڪتاب وٺي پڙهڻ جي عادت پئي هئم،
بلڪ ان کان به اڳ جڏهن منهنجو چاچو غلام قادر رات
جو لالٽي جي روشنيءَ ۾ ٻارن جون ڪهاڻيون پڙهي
ٻڌائيندو هئم، جيڪي امان ۽ منهنجي پڦي يا گهر ۾
آيل ٻيا مٽ مائٽ به دلچسپيءَ سان ٻُڌاندا هئا،
ليڪن ادب سان منهن مقابل 1962ع کان ٿيس، جڏهن کان
سنڌي توڙي اردوءَ ۾ افسانا ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيم.
اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو به موقعو مليو جتي ادبي صفحو به
سنڀاليم ته ايڊيٽوريل جي صفحن تي منهنجا ڪالم ۽
اهم مضمونن جا ترجما به شايع ٿيندا رهيا، (خادم
وطن اخبار) ۾ ڪئين ايڊيٽوريل لکڻ جو به موقعو مليم
۽ سچل آرٽس ڪاليج جي مئگزين ۾ منهنجا سنڌي اردو
افسانا ۽ مضمون به شايع ٿيا، ان دوران ئي ڪيترن
اديبن سان واسطو پيو جن جو ذڪر منهنجي يادگيرين جي
ڪتابن ۾ جتي ڪٿي پکڙيو پيو آهي. ليڪن هت آءٌ صرف
انهن اديبن جو ذڪر ڪريان ٿو جن منهنجي ادبي ڪم ۾
منهنجي نه صرف همٿ افزائي ڪئي بلڪ ڪيترن تحقيقي
ڪمن ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنائون، انهن ۾ حميد سنڌي
۽ شمشيرالحيدري، عبدالغفور انصاري، مقبول صديقي ۽
تاج جويو سرفهرست آهن، حميد سنڌيءَ منهنجي افسانن
کي ”روحَ رهاڻ“ ۾ جاءِ ڏني ۽ منهنجي همت افزائي
ڪئي ته شمشير منهنجي سموري اوائلي لکڻين ۽ ترجمن
کي نه صرف درست ڪيو، پر ڄڻ ته نئين سر سنواري،
سينگاري ڇپجڻ جي قابل بڻايو ۽ منهنجي راءِ جو
احترام به ڪندو رهيو. بعد ۾ مون کي هن جون ڪيتريون
ڳالهيون ياد آهن، جن کي لکڻ لاءِ دفتر کپن.
هنن دوستن ۾ تاج جويو منهنجو تمام دير سان دوست
ٿيو، بلڪ ائين چئجي ته هن سان منهنجو ويجهو ناتو
منهنجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊين فئڪلٽي آف آرٽس ٿيڻ
کان پوءِ ٿيو. انڪري جو اڳ ۾ هُو هڪ سياسي ڪارڪن
طور وڌيڪ فعال هو، خاص ڪري سائين جي.ايم.سيد سان
فڪري ۽ عملي زندگيءَ ۾ ساٿ ڏيندو رهيو، جنهنڪري
منهنجو ويجهو عزيز، چاچا حفيظ قريشي هن کي چڱي
طرح سڃاڻندو هو ۽ پنهنجي تقريرن ۾ به هن جا حوالا
ڏيندو رهندو هو، ليڪن منهنجي هن سان ڪا خاص ڏيٺ
ويٺ ڪانه ٿي، ايتريقدر جو جڏهن هن کي ڪاليج سائيڊ
کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف آرٽس جي بورڊ آف
اسٽڊيز جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جڏهن مان ڊين
فئڪلٽي آف آرٽس هوس ته مون کي هن جي تقرري سياسي
لڳي هئي، انڪري جو هُو ان وقت يونيورسٽيءَ جي
مسائل ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو هو ۽ هميشه
يونيورسٽيءَ ۾ ڪو ڦڏو فساد ٿيندو هو ته هن کي ۽
محمد ابراهيم جوئي کي ان دور جا وائيس چانسيلر
مسلئن جي حل لاءِ ٺهيل ڪميٽين ۾ ميمبر ڪري رکندا
هئا، تنهنڪري ڪيترا دفعا مون کي به ڪئين غلط
فهميون ٿيون ۽ اسان جا ڪي به واسطا نه وڌيا، بلڪ
مون کي هر مسئلي ۾ تاج جي ٽنگ اڙائڻ جي عادت پسند
نه هئي، ليڪن جڏهن هُو پهريون دفعو سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب،
”عالمن جو آفتاب“ يا ڊاڪٽر بلوچ ۽ جوئي صاحب بابت
ترتيب ڏنل ڪتاب کڻي خود مون کي ڏيڻ آيو ته مون کي
شڪ پيو ته هن ۾ سياست سان گڏ ذاتي تعلقات ٺاهڻ ۽
نڀائڻ جي قوت به آهي.
نومبر 2005ع کان پوءِ جڏهن آءٌ يونيورسٽيءَ سروس
مان رٽائرڊ ٿي چڪو هئس ۽ اعزازي طور علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي چيئر جي اعزازي ڊائريڪٽر جا فرائض
سرانجام ڏيڻ لڳس، تڏهن تاج مون کي وڌيڪ ويجهو آيو
۽ ”گلوريس پاسٽ“ ڪتاب جي لکجڻ کان ڇپجڻ تائين مون
کي جيڪا مدد ڪيائين، تنهن مان خبر پئي ته هن
ماڻهوءَ ۾ سياست سان گڏ خلوص به آهي، ته ڪم ڪرڻ جي
قوت به. هن ان ڪتاب ۾ تبصرو ڪيل ڪيترا ئي ڪتاب مون
کي پنهنجي گهران آڻي ڏنا ۽ ڪتاب جي هر مرحلي ۾
ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو، اهوئي سبب آهي جو هن جو ٻئي
دفعي اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري رهڻ دوران هميشه وڏو
ساٿ رهيو، مون محسوس ڪيو ته هن وٽ دوستيءَ رکڻ
لاءِ ڪنهن به شرط جي اهميت ناهي. اهوئي سبب آهي جو
هو هر اديب جي ڏکئي وقت ۾ هن جو ساٿ ڏيندو آهي ۽
اهو ڪونه سوچيندو آهي ته اهو اديب سندس دوست آهي
يا دشمن.
مون کي اهو سوچي حيرت ٿيندي آهي ته هُو هڪ ئي وقت
۾ پنهنجو ادبي ڪم به ڪري ٿو، ادبي تنظيم سازيءَ ۾
به حصو وٺي ٿو ۽ سنڌ ۾ جتي ڪٿي ادبي محفلن ۾ پهچي
ٿو، پوءِ چاهي اُهي خيرپور ۾ هجن، چاهي مٺي، بدين،
ٺٽي، موري، دادوءَ يا لاڙڪاڻي ۽ وري سڪرنڊ،
نوابشاهه، ماتلي ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ، صبح جو ٻڌبو هو
ته هو لاڙڪاڻي ويٺو آهي ۽ رات جو مٺيءَ ۾ صادق
فقير جو راڳ پيو ٻڌي. وري پنهنجي نوڪريءَ تي به
وقت سِر پهچي وڃي ۽ اديبن، سگهڙن سان گڏ آفيس جي
عملي کي به منهن پيو ڏي.
منهنجي ڪتابن جي ڇپائيءَ کان مهورت تائين، هر هنڌ
ساٿ رهيو ته جي.ايم.سيد جي ورسي، شيخ اياز جي
ورسي، شاهه، سچل، بيدل ۽ روحل جي ڪانفرنس تي مقالا
پيو پڙهي، صبح جو شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ مقالو
پيو پڙهي ته منجهند جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي شيخ
اياز هال ۾ موجود. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڪي ٻه چار
تاج جويا آهن، جيڪي جٿي ڪٿي هر وقت حاضر ناظر آهن.
هن وقت به هُو ڀٽ شاهه تي شيخ اياز جي ورسيءَ ۾ ٿي
سگهي ٿو ۽ روهڙيءَ ۾ بيدل جي مزار تي به- هُو حاتم
طائي وانگر هر وقت هردم تلاش ۾ رهي ٿو ته ڪڏهن ٿو
ڪير کيس سڏي، ته جيئن ان جي مسئلي کي حل ڪرائڻ
لاءِ پهچي وڃي.
* * * *
اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ رولو جانور گهٽ ڏٺا، ايتريقدر
جو ڳوٺن ۾ به ڪو جانور بنا ڪنهن هڪلڻ واري جي رستي
تي نظر نه ايندو ۽ جي ڪو نظر به ايندو هو ته ان کي
وٺي وڃي ڍَڪ ۾ وجهندا هئا. اهو ڍَڪ نه ڄڻ رولو
جانورن لاءِ جيل جي حيثيت رکندو هو، جتي ڍڪ منشي
ويٺو هوندو هو ۽ جانور جي مالڪ تي ڏنڊ به وجهندو
هو ته جيئن هو پنهنجي جانورن کي ڪنٽرول ۾ رکي ۽
ٻيو ته جانورن جي ڪا چوري وغيره نه ٿئي، ليڪن وڏو
عرصو ٿيو آهي جو مون ’ڍَڪ‘ يا ’ڍڪ منشي‘ جو ذڪر
ڪٿي ڪونه پڙهيو آهي، جڏهن ته رولو جانور جت ڪٿ نظر
ٿا اچن.
جانورن جو ذڪر ٿو ڪجي ته مون کي اهو به ياد آهي ته
هر شهر ۾ جانورن جي پاڻي پيئڻ ۽ ڇانوري لاءِ
بندوبست ڪيل هوندو هو. اهي جڳهيون شهرن ۾ ميونسپل
ڪميٽيون به جوڙائينديون هيون ليڪن گهڻو ڪم مخير
حضرات ڪندا هئا. خاص طور تي هندو ذات وارا جانورن
جي اهڙي سک جو بندوبست ڪندا هئا. هنن کي جانورن،
پکين سان گڏ جيتن جو ڏاڍو اونو هوندو هو، مون
ڪيترا هندو مُٺ ۾ کنڊ کڻي وڻن جي پاڙن ۾ ماڪوڙين
لاءِ وجهندا نظر ايندا هئا، هنن جي عقيدي موجب
انسان مرڻ کان پوءِ ڪنهن جانور، جيت جي شڪل ۾ پيدا
ٿي سگهي ٿو.
* * * *
سنڌي ادبي سنگت جو نالو مون ان وقت کان ٻڌو هو
جڏهن آءُ اڃا حيدرآباد ۾ اچي ڪونه رهيو هوس ۽ نه
ئي ڪنهن اديب يا شاعر سان ذاتي واقفيت هوندي هئم،
صرف ايتري خبر هئم ته چاچا گل حسن مرزا هڪ اديب ۽
عالم آهي پوءِ اها خبر پئي ته ادا توسل (ممتاز
مرزا) به افسانا لکندو آهي ۽ هن جي پڦيءَ جو پٽ
مراد علي مرزا، افسانا ۽ مضمون لکندو آهي، هوڏانهن
منهنجو وڏو ڀاءُ مشتاق به فردوس ۽ فلمي دنيا ۾
افسانا لکندو هو، ليڪن مون کي هنن جي انهيءَ
پهلوءَ سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي ليڪن سنڌي ادبي
سنگت جو نالو مون 1956ع ۾ ٻڌو، سو انڪري جو اسان
جي هڪ عزيز ادا عالم، معصوم هالائيءَ جي نالي سان
ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ هن نئون آباد (شهدادپور جي
ميرن جو ڳوٺ) جتي چاچا محمد تقيءَ جون ٻنيون هيون
۽ ڪاٽن جننگ فيڪٽري به هوندي هئي ۽ هو اتي ڪم ڪار
سنڀاليندو هو، هن ئي جهول ۾ ادبي سنگت قائم ڪئي
هئي، جتي هُو ادبي ميڙاڪا ڪرائيندو هو، جنهن ۾
پوءِ اهو به معلوم ٿيو ته شمشيرالحيدري، محمد
عثمان ڏيپلائي، زيب ڀٽي، محمود هالائي ۽ ٻيا ڪئين
اديب هن جي ڪچهرين ۾ ايندا هئا ۽ هُو کين هالا
پراڻا به وٺي ايندو هو، جنهن جو هڪ فوٽو مون
پنهنجي يادن جي هڪ ڪتاب ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي
صاحب، شمشير، زيب ڀٽي، ادا حاجن، چاچا مريد علي،
ادا عالم يعني معصوم هالائي، مقبول ڀٽي ۽ ٻيا اديب
موجود آهن.
اهڙيءَ طرح پهرين منهنجو ادبي سنگت سان تعارف ٿيو
۽ پوءِ ممتاز مرزا جي وڏي ڀاءُ مرزا تجمل جي
ڊائريءَ مان خبر پئي ته ان وقت حيدرآباد ۾ ادبي
سنگت جون گڏجاڻيون گاڏي کاتي ۾ گرامي صاحب جي گهر
تي ٿينديون هيون، جنهن ۾ محمد ابراهيم جويو، مراد
علي مرزا، ع.ق شيخ به شريڪ ٿيندا هئا. اهي سنگت
جون گڏجاڻيون به رات جو لالٽين جي روشنيءَ ۾
ٿينديون هيون ۽ انهن سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سٿ ۾
جاڳرتا پيدا ڪئي، ان جي ڪهاڻي طويل به آهي ته سبق
آموز به.
* * * *
1- اپريل 2012ع تي اوچتو مون کي افتخار شيخ جي ياد
اچي ورايو آهي، جيڪو پنهنجي شاديءَ جي ٻئي ڏينهن
تي گم ٿي ويو هو ۽ سندس لاش جي خبر موبائيل فون جي
رڪارڊ ذريعي ملي هئي. جيڪو سيوهڻ جي مشهور لال
باغ ۾ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ پيو هو. اها خبر ٻڌي
آءٌ هڪدم سندس جي.او.آر واري گهر پهتو هوس، جتي
سندس يونيورسٽيءَ جا دوست (هُو يونيورسٽيءَ ۾
انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز ۾ پرشين جو استاد هو)
وائيس چانسيلر محترم مظهرالحق صديقي به اچي پهتا
هئا. سڄي ماحول تي سوگواريءَ جي چادر چڙهيل هئي.
هر طرف عجيب چوٻول هئا جن جو ذڪر ته مناسب ڪونهي،
پر افتخار اهڙو ته صاف دل ۽ محبت ڪرڻ وارو شخص هو
جيڪو ڪنهن جي تڪليف کي برداشت نه ڪري سگهندو هو.
منهنجي گهر واري هڪ ڏکي بيماري جو شڪار ٿي ته هن
ڪيترا ڀيرا هن لاءِ رت جو عطيو ڏنو. هميشه اخلاق ۽
عزت سان ملندو هو، سندس وڏو ڀاءُ امداد ته منهنجو
يونيورسٽيءَ جي دور جو ساٿي هو، ليڪن گهڻو اڳ
مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪري رٽائر ٿيو هو ۽
وفات ڪري چڪو هو. افتخار سان خاص رستو اهو به هئو
جو منهنجي پٽ طارق جي شادي هن جي چاچي غلام قادر
شيخ مرحوم جي نياڻيءَ سان ٿيل آهي ۽ ٻيو ته هن جي
وڏي ڀيڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشل ورڪ ۾ پروفيسر جي
عهدي تان رٽائر ٿي هئي ۽ ساڻس پڻ ڀائپي وارو رستو
هو. ماڻهو ته ڄمندو ۽ مرندو آهي، ليڪن هن قسم جو
دکدائڪ موت شل ڪنهن کي نه ملي.
* * * *
بابا جي نوڪريءَ جا وري عجب داستان آهن، هن جو
ننڍپڻ کان علم ۽ ادب سان چاهه هئو، جيڪو سڄي عمر
رهيس، دوستن ۾ محمد اسماعيل عرساڻي، حاجي خان
خوجا، قاضي فيض محمد، جسٽس فيروز نانا، حافظ صاحب
(E.I)،
علي اڪبر ميمڻ
(E.I)،
عبدالله
(E.I)،
سائين غلام حسين بالادي، سائين ڌرمداس ورياڻي ۽
ڪيترائي مانَ وارا عالم، اديب ۽ ان وقت جا مشهور
استاد ۽ تعليم کاتي جا ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هئا.
انهن مان گهڻا ته هن جا ڪلاس فيلو به هئا ۽ گهڻا
وڏي عرصي کان دوست، انهن مان سائين حاجي خان خوجا
۽ سائين محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي واتان مون هڪ
مشترڪ ڳالهه ٻڌي، ته ”قاضي محمد لائق ادب ۽
شاعريءَ سان دوستي وارو شخص هو ۽ ناول ۽ تاريخ
پڙهڻ جو شوقين، بامبي يونيورسٽيءَ مان بي.اي به
ڪيائين، جيڪا انگريزن جي دور ۾ تمام وڏي ڳالهه
هوندي هئي، پر همراهه وڃي سرڪاري نوڪريءَ ۾ اڙيو،
بقول عرساڻيءَ صاحب هن کي تعليم کاتي ۾ به نوڪري
ملي ٿي سگهي، پر سندس خاندان ۾ اڳ به ڪيترا سرڪاري
ڪامورا هئا، تنهنڪري وڃي ڪلارڪ ٿيو ۽ پوءِ خانصاحب
يعني مختيارڪار. اسان گهڻوئي سمجهايس ته بابا تون
ڪامورڪي نخرن سان ڪونه هلي سگهندين پر نه مڙيو.
هنن جي ڳالهه بلڪل درست هئي. بابا هڪ بهترين آفيسر
هوندي به جنهن جا هن کي ڪئين سرٽيفڪيٽ ۽ آفرين
ناما مليا، ته به مختيارڪاريءَ مان ترقي ڪري نه
سگهيو نه ئي ڪو هڪ هنڌ گهڻو وقت رهي سگهيو. تڪڙين
بدلين، کاتا بدل ٿيڻ ۽ پروموشن نه ملڻ ڪري هُو وڏو
عرصو مختيارڪار رهيو ۽ رٽائر به ان ئي حيثيت ۾
ٿيو، جڏهن ته سندس ڪيترائي زيردست ۽ همعصر ڪليڪٽر
۽ ڪمشنر جي عهدن تي پهتا، جن ۾ عبدالله بلوچ به
شامل هو ته سندس زيردست مسٽر محمد ڇُٽل ۽ ٻيا ڪئين
ترقي ڪري سندس کاتي ۾ سندس ئي مٿان ڊپٽي ڪليڪٽر ۽
ڪليڪٽر ٿيا، اها ٻي ڳالهه آهي ته عبدالعليم
انصاريءَ جهڙن هن جي ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن
سان منهنجي ملاقات ٿي، انهن سندس تمام گهڻي تعريف
ٿي ڪئي ۽ ڪي واقعا مون اهڙا به ڏٺا جن ثابت ٿي ڪيو
ته سخت طبعيت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري بظاهر هن سان
سٺو هلندڙن به هن کي وڏو نقصان پهچايو. ليڪن انهن
سان گڏ مون سيوهڻ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر محمد شاهه، جيڪو
حيدرآباد جي لونگ ڀڳت گهٽيءَ جو رهاڪو هو، سائين
جي.ايم.سيد جي ساٿي يارمحمد شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو
۽ بابا سان گڏ مختيارڪار به رهيو، ته جاتي، سيوهڻ
۾ هن جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ليڪن بابا کي هميشه
خانصاحب ڪري ڪوٺيندو هو، ڇو جو هو پاڻ بي.اي نه
هجڻ ڪري ڪڏهن به خانصاحب نه ٿي سگهيو، اهڙا ٻيا به
ڪيترائي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ڪليڪٽر هئا جيڪي انٽر پاس
ڪري، ڪلارڪيءَ مان مختيارڪار ٿيا، جنهن لاءِ هائر
جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي هوندو هو ۽ شايد اڄ به
آهي ليڪن هُو سرڪاري نوٽيفيڪيشن ۾ صرف مختيارڪار
ڪري لکيا ويندا هئا. جڏهن ته بابا ۽ ٻين گريجوئيٽ
مختيارڪارن جي نالي اڳيان
(K.S)
يعني خانصاحب لکيل هوندو هو. هيءُ اهو دور هو جڏهن
تعليم ۾ مئٽرڪ کي وڏي اهميت هوندي هئي، جڏهن ته
سنڌيءَ ۾ فائنل پاس به ماستر، تپيدار، منشي وغيره
بڻجي ويندا هئا. ان کان پوءِ ڪاليجي تعليم يعني
انٽر (آرٽس ۽ سائنس) کي وڏي اهميت حاصل هئي ۽ انهن
امتحانن کان پوءِ ايل.ايل.بي به ڪري سگهبي هئي، پر
جڏهن تعليم جو معيار ڪجهه وڌيو ته ايل.ايل.بي لاءِ
بي.اي کي لازمي بڻايو ويو ۽ ڪيترا وڪيل جيڪي ان
وقت گريجوئيشن ڪري وڪيل بڻيا، اهي بي.اي،
ايل.ايل.بي سڏرائيندا هئا، ليڪن بي.اي بمبئي
يونيورسٽيءَ مان ڪرڻي پوندي هئي. جو سنڌ صوبي جو
بمبئي سان الحاق ٿيل هو ۽ اهائي يونيورسٽي سنڌ جي
بي.اي جا امتحان وٺندي هئي.
بابا پڙهيو ته سنڌ نيشنل ڊي جي ڪاليج حيدرآباد مان
هو ۽ امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو
هئائين، پر نوڪري ۾ ڪلارڪ، سيڪنڊ مُنشي خزاني
مُنشي ۽ هيڊ منشي کان ٿي مختيارڪاريءَ ۾ پهتو ۽
سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين مختيارڪار ۽
ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ رهيو، جنهن جو ذڪر مون اڳ به
پنهنجي يادگيرين ۾ ڪيو آهي، پر خاص ڳالهه اها ڪرڻي
اٿم ته جنهن دور يعني پنهنجي ننڍپڻ واري وقت کان
مون ڏٺو هو ته آفيسر ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو گهران
نڪرندا هئا ته هميشه مناسب ڪپڙن ۾ هوندا هئا. جيئن
ته وڏو عرصو هن ملڪ تي انگريزن جي حڪومت رهي،
تنهنڪري يوروپي لباس، يعني پينٽ شرٽ يا فل سوٽ ان
دور جو پسنديده لباس هو، ظاهر آهي ته نيڪ ٽاءِ ۽
ٽوپلو به هن ئي دور جي نشاني آهي. مون بابا کي
سندس نوجوانيءَ جي تصويرن ۽ پوءِ جي وقت ۾ ڪڏهن به
فل سوٽ يا پئنٽ شرٽ کانسواءِ ٻيو ڪو لباس گهر کان
ٻاهر ويندي پاتل ڪونه ڏٺو.
* * * *
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو سالن جا سال
ويجها، بلڪ آمهون سامهون رهندا آهن، تڏهن به هنن
سان ڪو واسطو نه رهندو آهي. جڏهن ته ڪي ماڻهو هڪ
دفعو ملڻ جي باوجود هميشه لاءِ پنهنجي ياد ڇڏي
ويندا آهن. اهڙو هڪ شخص جيڪو مون سان صرف هڪ دفعو
مليو ۽ اڄ تقريباً اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ به ياد
آهي.
مقبول جي نالي سان منهنجا ٻه نهايت پيارا دوست ۽
ساٿي هئا، هڪ مقبول صديقي، جيڪو خادم وطن اخبار ۾
جوائنٽ ايڊيٽر هو، ۽ مون جيترو وقت اتي سب ايڊيٽري
ڪئي، منهنجو باس رهيو ليڪن ڪڏهن به مون کي اهو
احساس ٿيڻ نه ڏنائين ته ڪو آءٌ سندس زيردست آهيان،
بلڪ مون سان بلڪل دوستاڻي انداز ۾ ملندو هو ۽ اسين
گهڻو ڪري منجهند جي ماني ڪنهن هوٽل خاص ڪري سيفي
هوٽل ۾ کائيندا هئاسين ۽ هڪ نه ٻئي ڏينهن فلمون به
پيا ڏسندا هئاسين، هو ادب جو شائق هو ۽ جڏهن
جوانيءَ ۾ سکر ۾ رهندو هو ته شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي
توڙي شيام هرنائي، نياز همايوني، شمشيرالحيدري،
عبدالڪريم گدائي، ۽ ٻين ڪيترن اديبن جو ذاتي ادبي
دوست رهيو ۽ تقاضا نالي هڪ ادبي رسالو به ڪڍيائين،
جنهن ۾ شيخ اياز جون اوائلي مختصر ڪهاڻيون به شايع
ٿيون.
اهڙيءَ طرح ٻيو دوست مقبول ڀٽي هو، جيڪو هڪ علم
دوست اديب ۽ سنڌيءَ جو ليڪچرار به هو، هن جي خاص
خوبي اها هئي ته هن سنڌيءَ ۾ شارٽ هينڊ لکڻ سکي
ورتو هو ۽ سنڌي نصاب جون گائيڊون ۽ اخباري مضمون
لکندو رهندو هو ۽ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي
پارٽيءَ جي اليڪشن دوران 1969ع ۾ سنڌ جا دورا شروع
ڪيا ته هُو به ساڻس گڏ رهيو ۽ اخبارن کي خبرون
موڪلڻ جو ڪم ڪندو رهيو، ان کان اڳ ۾ جڏهن هن کي
66-1967ع ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ نوڪري ملي ته پاڻ
مون کي سچل سائنس ڪاليج وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي جڳهه
تي مون کي ليڪچرار جو آرڊر وٺي ڏنائين، جنهن جو
ذڪر مون اڳ ۾ ڪيو آهي، هاڻي هي ٻئي مقبول هن جهان
۾ ناهن جڏهن ته ٽيون شخص مقبول بچاڻي، جنهن جو ذڪر
ڪرڻو اٿم اهو به شايد هن دنيا ۾ ڪونه رهيو.
هن سان منهنجي ملاقات ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي ٿي
هئي، جتي آءٌ سنڌي اديبن، شمشيرالحيدري، ناصر
مورائي، اقبال آگرو، نياز همايوني ۽ ٻين سان گڏ
ٽرين رستي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ ’سنڌي سورمن
جي شام‘ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو هئس.
پروگرام هيءُ هئو ته اتان پهرين امر جليل جي تاج
مينشن واري فليٽ ۾ هلبو جتي ممتاز مرزا به ملندو،
جيڪو ان وقت ٽيليويزن ۾ اسڪرپٽ رائيٽر هو ۽
اين.جي.وي هاءِ اسڪول جي اسٽاف ڪوارٽر ۾ رهندو هو،
هيءُ ڪوارٽر اسان جي نهايت پراڻن واقف ڪارن مان هڪ
حميد آخوند جو هو، جيڪو اتي اڪيلو رهندو هو، ۽
بابا هن کي چئي ممتاز مرزا کي به رهڻ لاءِ ڪمرو
ڏياريو هو، حميد آخوند حيدرآباد جي فقير جي پِڙ
واري شيراڻي آخوندن مان هو. بهرحال اتي هڪ شاندار
شخصيت وارو همراهه ويسپا اسڪوٽر تي آيو هو، جنهن
مون کي ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ته ٻيا
ڀلي ٽيڪسي يا ٽرام ۾ اوڏانهن وڃن ۽ آءُ ساڻس گڏ
اسڪوٽر تي هلان ۽ پوءِ مون کي خبر پئي ته هن جو
نالو مقبول احمد بچاڻي هو، ٽنڊي الهيار جي بچاڻين
مان هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن بينڪ ۾ آفيسر هو، جتان
آخر بينڪاڪ ۾ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ ۾ وڏو عهدو
ماڻيائين، حالانڪ هن جو هڪ عزيز اختر بچاڻي منهنجو
شاگرد ۽ دوست هو، جيڪو بعد ۾ حبيب بئنڪ ۾ نائب صدر
جي عهدي تائين پهتو، پر جوانيءَ ۾ ئي زندگيءَ جي
جنگ هارائي ويو ۽ سندس ٻيو عزيز فضل احمد بچاڻي
سنڌيءَ جو وڏو اديب هو جنهن نه صرف رائيڊر هيگرڊ
جي ناول ’شي‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو پر ”اڳي
ائين هياس“ نالي سان ٻن حصن ۾ پنهنجي نهايت دلچسپ
آتم ڪهاڻي به لکيائين، هُو هاڻ هن جهان ۾ ناهي.
مقبول بچاڻي منهنجي ڪهاڻين بابت تعريفي ڳالهيون
ڪندو رهيو ۽ مون کي هلي تاج مينشن پهچايائين. هُو
وري نه مليو، ليڪن هن جو ذڪر اختر بچاڻيءَ وٽ ضرور
ٿيندو هو.
* * * *
مون 19 صديءَ جا واقعا بابا جي دائي حليمان ۽ ڏاڏا
جي ٻن ڀيڻن جي واتان ٻڌا، ان سان گڏ بابا جي
پيدائش 1907ع کان 1947ع جا واقعا شمس الدين شاهه
کان ٻڌم جڏهن ته ورهاڱي وارن ڏينهن به حُرن واري
مارشل لا بابت واقعا بابا ۽ چاچا غلام قادر کان
ٻڌا.
* * * *
هاڻي چاهيان ٿو ان کان اڳ جو وقت جي ڌنڌ ۾
يادگيرين جا ڌنڌلا ٿي ويل نظارا، جيڪي مون سان لڪ
لڪوٽيءَ واري راند کيڏي رهيا آهن، تن کي جهٽي
ايندڙ وقت ۽ نسلن لاءِ ڪتابن ۾ لفظن وسيلي محفوظ
ڪري ڇڏيان ۽ پاڻ به هڪ ياد بڻجي هنن سان گڏجي هڪ
ٿي وڃان، آءٌ چاهيان ٿو ته پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي
۾ آيل اُهي سڀ ڳالهيون محفوظ ڪري ڇڏيان، جن مان
جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ ڪو فائدو حاصل نه به ڪري ته
اهو نه چوي ته مون هڪ اديب، استاد ۽ انسان جي
حيثيت سان پنهنجو ڪم پورو ڪونه ڪيو.
اُلفتن ۽ نفرتن جي هن سنسار جي جنسار کان واقف ٿيڻ
وارا، اسان کان اڳاهون هئا، پر جيڪي ڏٺم ۽ ٻڌم ان
کي ديانتداريءَ سان بنان ڪنهن ٻئي جي ڪردار تي ڪو
ڇنڊو وجهڻ جي، بيان ڪرڻ ئي منهنجو مقصد رهيو آهي،
هونئن به مون کي پنهنجي حياتيءَ ۾ گهڻو تعداد چڱن
انسانن جو نظر آيو. انهن ۾ منهنجا مائٽ، استاد،
دوست، ساٿي، واپاري، آفيسر، شاگرد بلڪ هر ڌنڌي سان
واسطو رکندڙ انسان آهن، جن جو ڪاٿو لڳائي نه ٿو
سگهان. اهڙن ماڻهن جو مون چڱيءَ طرح بيان ڪيو آهي.
انهن ۾ ميوو وڪڻندڙ به آهن ته ڪپڙي جا واپاري به
آهن، هارون سيجا جهڙو ڊيڪوريشن جي دنيا ۾ وڏو نالو
رکندڙ به شامل آهي ته شيخ علي محمد جهڙو جيد
صحافي، نعيم صاحب جهڙو خادم وطن اخبار جو مئنيجر
ته محمد صديق بلوچ جهڙو هڪ گمنام صحافي به، ظهور
انصاريءَ ۽ ڄام ساقيءَ جهڙا بي لوث دوست ۽
راجپوتانا اسپتال جا اهي بي لوث ڊاڪٽر به جن
منهنجي شريڪ حيات جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجون
موڪلون به ڪينسل ڪري ڇڏيون، منهنجا ڊرائيور نياز
لانگاهه ۽ احسان پٺاڻ جن منهنجي ڪم کي اوليت ڏني ۽
ڪڏهن به پنهنجي ڊيوٽيءَ تي مُنهن نه گهنجايائون.
سائين محرم خان، ميڊم امينه خميساڻي ۽ سائين حبيب
الله جهڙا انسان جن مون کي پڙهايو ته سهي، پر
منهنجو هر وقت خيال رکيائون.
ائين هڪ اَڻکٽ لسٽ آهي، جن ۾ سرفهرست منهنجو ڀاءُ
منظور قريشي آهي، جيڪو هردم ۽ هر گهڙي ساهه سان گڏ
آهي، ۽ مون کي به پاڻ سان ئي رکيو ٿِو هلي، ائين
مٽن مائٽن ۽ دوست ساٿين جي لسٽ کٽڻي نه آهي، جن
هميشه مون سان ڀال ڀلايا ۽ زندگيءَ جي هن سفر ۾
مون کي منزلون آسان ڪري ڏيندا ويا.
لکڻ منهنجو پيشو نه پر شوق آهي، تنهنڪري لکڻ ۾ آءٌ
ٿڪجان ڪونه ۽ اها به قسمت جي مهرباني آهي، جو
منهنجي ڪابه لکڻي اڻ ڇپيل نه رهي آهي، پوءِ سنڌي
ادبي بورڊ هجي، سنڌالاجي هجي، زيب ادبي مرڪز هجي،
شهباز پبليڪيشن سليمان برادرس هجن، طارق اشرف جي
نيوفيلڊس پبليڪيشن قاسمي چيئر هجي، موهن مدهوش جي
ڪويتا پبليڪيشن هجي، منهنجا ڪتاب ڇپجندائي رهن ٿا
۽ اڃا به ڇپجن پيا. حالانڪ هينئر پڙهندڙن ۾ تمام
گهٽتائي اچي وئي آهي جڏهن ته ڪتاب به تمام گهڻا
پيا ڇپجن، ليڪن مون کي يقين آهي ته اهو وقت ضرور
واپس ايندو جو ڪتاب جو مانُ ٿيندو. جڏهن ڪتاب جو
مانُ ٿيندو ته علم ۽ ادب جو به مانُ وڌندو ۽ جڏهن
علم ۽ ادب جو مانُ وڌندو ته انسان کي سندس حقيقي
مانُ ملندو.
انهيءَ اميد تي اسين قائم آهيون، جنهن جو مثال
منهنجون هيءُ يادگيريريون آهن، هنن جا سڀ ڪردار ۽
واقعا اصلي آهن، جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي ڪا ڳالهه ٻيهر
لکجي وئي هجي ته اها ممڪن آهي جو يادگيريون ڪنهن
سسٽم تحت ڪونه ٿيون اچن، اڳ پوءِ ياد ايندڙ واقعا
۽ ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن ورجائجي به وڃن ٿا. |