ابراهيم ملاح
غزل
رنگ اُڏرن ٿا گلابي شام جا،
ياد آيا چپ حجابي شام جا.
بند تنهنجو مئڪدو ساقي ڏسي،
موٽيا آوارا شرابي شام جا.
هن هٽايا وار چهري تان جڏهن،
نيڻ چمڪي پيا عقابي شام جا.
اڄ وڃي ٿي مند روهيڙي جي پئي،
هي رَتا منظر شبابي شام جا.
ڪيترو بيچين آهي زندگي،
گيت ڪي ڇيڙيو ربابي شام جا.
وائي
من جي آڳر تي،
گُل ٽِڙيا هِن پيار جا.
ٿڌڙي هير هڳاءُ ۾،
هلڪي ماڪ وَسي،
گُل ٽِڙيا هِن پيار جا.
تون جو آئين سانورا،
مونڏي پير ڀري،
گُل ٽِڙيا هِن پيار جا.
نيڻ کڻي ٿي ناز مان،
هن جي جوڀن ۾،
گُل ٽِڙيا هِن پيار جا.
چيٽي رُت جون ساوڪون،
آهــــــن هــــــــر پـــــــــاســـــــــــي،
گُل ٽِڙيا هِن پيار جا.
نطم
اوهان ريءَ سرد موسمون
بڻيون هي درد موسمون
پرين جي پار کان اُڏيو
هڳاءُ ٿي اتر گُهليو،
هي چيٽ رُت جون ساوڪون
ٽِڙيا گلاب آءُ تون
اُڏن ٿا رنگ شام جا
وجهي ٿي ونگ شام ڪا
وڇائي نيڻ راهه ۾
هُئي ڪا سار ساهه ۾
عجيب انتظار هو
۽ روح بيقرار هو
اکين تي ڪو غبار هو
۽ درد بيشمار هو
لڇيو اندر جو ٻار هو
پري اوهان جو پار هو
اچن هُو ياد دام ٿا
گلابي ڪنهن ته شام جا
اداس رات هيڪليءَ
اسان جو مئڪدو ڳليءَ
ڏسي چيم ڪلال کي
ڪري ڪو گهٽ ملال کي
پرين اوهان جي عڪس ۾
هئي ڪا رات رقص ۾
چُمي اسان ڪا باک هئي
صبح جي هير ساک هئي.
”وفا“ منظور چوهاڻ
سچل بيشڪ
لٽيو هو جوهرِ شمشير کي اڪثر سچل بيشڪ،
محبت جو ڏنو هو درس پڻ هر هر سچل بيشڪ.
ستن ٻولين ۾ جنهن ڪئي شاعري سو آ سچل يارو،
اَٿوَ سنڌڙي جو واحد هفت زبان شاعر سچل بيشڪ.
سچل سارو هيو وحدت الوجودي طبعيت جو،
هيو يارو وجد جو بي بها گوهر سچل بيشڪ.
سچل جي شاعري جامي ۽ رومي جي تسلسل هئي،
هيو ان قافلي جو هم سفر دلبر سچل بيشڪ.
”وصال“، ”گداز“ ۾ ”تار“، ”عشق جو بحر“ درازي هو،
ڪتابن ۾ ڏنو اهڙو نياپو يَر سچل بيشڪ.
زماني ۾ چون ٿا سڀ، ”وفا“ پڻ تن ۾ شامل آ،
سڄو هو عشق جي هُو راز جو دفتر سچل بيشڪ.
مير منظور علي جويو
غزل
وار ڇنڊيندي ڇا پئي سوچين،
ويس مَٽيندي ڇا پئي سوچين.
ڪاون ۾ پئي نظرون اٽڪي،
ڀرت ڀريندي ڇا پئي سوچين.
اکڙيون ڀرجي آيئي ڪنهن لاءِ،
خط کوليندي ڇا پئي سوچين.
گهر ۾ نم جي هيٺان ويهي،
سور سليندي ڇا پئي سوچين.
”منظور“ اکيون آليون ڇو ٿئي،
چنڊ تڪيندي ڇا پئي سوچين.
غزل
توبن سهڻا سُڃ آ ساري،
ڏينهن چٽو ڄڻ رات آنڌاري.
پيار جو مون آ ڀرم رکيو پر،
تو آ منهنجي دل آزاري.
پيار ڪرڻ جي ڪين ٿي چاهيئي،
پوءِ تو منهنجي دل ڇو ڌتاري.
ڇڏ ڪاوڙ اچ دلبر مون وٽ،
”منظور“ تنهنجي راهه نِهاري.
آصف اصغر ڀنڊ
غزل
گيڙو رنگ رتل محفل ۾ ڳولجو،
صوفين ساٿ متل منڊل ۾ ڳولجو.
فطرت نِت آ اسان جي سادگي پسند،
ريشم پَٽَ مٿان مخمل ۾ ڳولجو.
خوشبوء سوچ اسان جي مَن اسان کان پوءِ،
هردم مُشڪ عنبر صَندل ۾ ڳولجو.
ڀَر ۾ شاهه، سچل جي ٿا رهون گهڻو،
گهٽ دنيا جي سدا دنگل ۾ ڳولجو.
غزل
هوائن ۾ هُڳاءُ آ،
صدائن ۾ هُڳاءُ آ.
تُنهنجي آئي پرين عجب،
فضائن ۾ هُڳاءُ آ.
هلو سڀ سان وفا ڪندا،
وفائن ۾ هُڳاءُ آ.
دلين ۾ ٿي دعا رهو!
دعائن ۾ هُڳاءُ آ.
ازل کان اُلفتن سندي،
ڪٿائن ۾ هُڳاءُ آ.
غزل
چنگ وڄي ٿو ڏس، ڌيري ڌيري،
رنگ لڳي ٿو ڏس، ڌيري ڌيري.
ٻج ڇٽڻ سان ائين، جلدي ڪاٿي!
سنگ ڦٽي ٿو ڏس، ڌيري ڌيري.
هوش صبر وارو هِن جيون ۾ هر،
جنگ کٽي ٿو ڏس، ڌيري ڌيري.
لوهه ته ڇا هِت ماڻهن کي ڀي،
زنگ لڳي ٿو ڏس، ڌيري ڌيري.
دل نه لڳي جت آخر اُت ماڻهو،
تنگ ٿئي ٿو ڏس، ڌيري ڌيري.
غزل
ڏکايل جيئڙو جڳ ۾ کِلائي جيئون ٿا،
اُجهايل ڏيئڙو مَن جو جلائي جيئون ٿا.
هجي موسم کڻي ڪهڙي به يارو! اسان لئه،
اسان هر مُند کي مُرڪي ملهائي جيئون ٿا.
ٽُٽل آ توڙي جو سُرتال هن زندگيءَ جو،
تڏهن ڀي وقت جو سرگم وَڄائي جيئون ٿا.
سدا هِن پُرخار ساري اَنا جي نگر ۾،
تمنا جي دڳن تي گل سجائي جيئون ٿا.
گل محمد ”گل“ سومرو
غزل
پيار جي ڇيهه ۾ ڇڪتاڻِ به هوندي آهي،
ڪنهن جي اکڙين ۾ آلاڻِ به هوندي آهي.
لال لبڙن جي ته لالاڻ سان گڏ چمڪارا،
رات ڪاريءَ ۾ ته چانڊاڻ به هوندي آهي.
تنهنجي تصوير رکي من جي مون آ مندر ۾،
جاٿي ڪعبي جي ته واکاڻ به هوندي آهي.
تيغ تلوارن جي پاڇن جي پڇ پويان،
راهه ريٽي ۽ رتو ڇاڻ به هوندي آهي.
ڇو ڊڄين ٿو رَسي ويندين سگهو منزل کي،
رات کڙندي، پهرين ڪاراڻ به هوندي آهي.
”گل“ ۾ نه رڳو سونهن ٿئي ٿي اوهان ڇو ڀلجو ٿا،
سونهن گڏ ان ۾ ته سرهاڻ به هوندي آهي.
سيد اعجاز علي شاهه رضوي ”اعجاز“
سنڌ آ ماءُ اسان جي
سنڌ آ ماءُ اسانجي، سنڌ ساءُ اسان جو،
هن جي ڳليءَ ڳليءَ سان بس! چاهه اسان جو.
هن ديس جي آ مٽي مجرب دوا اسان جي،
سولي ڪئي سڻائي آهي خدا اسان جي.
پوکون هِتان جون سايون هت گلستان آهن،
هت نُور جا ڪئي نرمل نظارا آهن.
علم و ادب واري آ فضا اسان جي،
سرهاڻ ڏيندي آ جڳ کي هوا اسان جي.
هن ديس تا اسان جو سر ساهه آهي صدقي،
هن تان سمورو پنهنجو ويساهه آهي صدقي.
”شاه“ سائين جي آ ڌرتي، هي”ثابت“ آ ڌرتي،
”اعجاز“ ملي اسان کي، الله جي آ ڌرتي.
گيت
اچو ته پنهنجا درد لڪايون، اچو ته ٻين جا گهاوَ
گَهٽايون،
اسان جي اجاگر کي ٿيو ڇاهي، سٺا ڀلا پوءِ شاعر
آهيون.
گجي پئون جي وسي پئون،
لهي پئون جي پڃي پئون،
ازل ڳڙو جي مينهن وسايون،
ڌوڪار ڪري پو دشمن ڀڄايون،
اسان هڪ نه هزار آهيون.
اسان جو رخ نه طوفان موڙي،
اسان جو ذهن جي ڪا شيءِ جوڙي،
اسان وڏو ممڙ مچايون،
اسان جيڪر پاڻ چاهيون،
اسان تيغ طبل تلوار آهيون.
تلوار قلم کان تکي ناهي،
طاقت علم سان جهڪي آهي،
تاريخ کان ٿئون سبق پرايو،
پرايو سوئي بس پرايو،
ها جدا ڦدا دلدار آهيون.
پاڻ امن ۽ پيار گهرون ٿا،
هڪ نه هزار وار گهرون ٿا،
ڇو ته اسان جي هٿن ۾ ڪتاب آ،
۽ اکين ۾ تاب ئي تاب آ،
سائين حق جا حقدار آهيون.
حق ”حسيني“ ڇڏيو آ ٻڌائي،
سو به صفا ڳائي وڄائي،
هاڻي مرضي هر ڪنهن جي آهي،
پابندي نه ڪا پنهنجي آهي،
نه ڪو ڪنهن تي زور بار آهيون.
غزل
اسان روئڻ کي راز دار ڪيو،
سڏي سڏڪن کي پهريدار ڪيو.
اُلا باهه بٺيون ٿي مشالا پيا،
سڙي روز سڙون نه انڪار ڪيو.
جَنگ جذبن جي جُٽي جيءَ اندر،
سَرَ پاڻ ڪُڏي اَڏي آڌار ڪيو.
پائي ڳل ڳراٽيون چميوسين،
ظلم جنهن جنهن ٿي بار بار ڪيو.
وتو سڪون ”حسيني“ سورن مان،
ڪَٽي سر سِسي جنهن ڌار ڪيو.
غزل
پرينءَ جي انگڙائي چنڊ مرڪيو جائي،
ڏس اها تو ادا ڪٿان آ پرائي.
ڪاڇي جي سُڪل واري،
هاري جي محنت نه سجائي.
کنوڻ کنوي گاج تي،
شاهه جي ڳائي ڪو وائي.
ٿر تي ڪويل نه ڪُوڪي،
ڌرتي ٿي نه هئي سائي.
ڪپ ڪراڙ تي اياز ساريوسين،
هن محل ۾ گڏ جائي پائي.
”حُسيني“ هاءِ گهوڙا ڙي جوڙا،
اسان سان ڪنهن نه نڀائي. |