سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:12 

عنايت بلوچ

 

 

 

 

 

غزل

 

مهڪندڙ ماڻهو به ٿي مايوس مُرجهائڻ لڳا،

اوچتو ڇو باغ جا گُل ڦل به ڪومائڻ لڳا.

چهچٽا ها چؤطرف، پر هي لڳي ڪنهن جي نظر،

هر طرف بربادين جا ڏيکَ ڄڻ کائڻ لڳا.

سڀ نظارا هُن بنان بُڇڙا ۽ ڪوجها ٿا لڳن،

ظاهري هي چمڪندڙ چهرا به ڄڻ ڏائڻ لڳا.

دل جي دلبر، راهه رهبر سان چمن آباد هو،

سُونهن جي سنسار وارا ڏينهن تڙپائڻ لڳا.

هٿُ لوڏڻ، مُرڪ جي معصوميت سان واسجڻ،

بس تصور ۾ هي منظر روح گرمائڻ لڳا.

ڪوبه تَنهن جو مَٽ نه ثاني، ڇا ڪندو ڪو همسري،

هُن جا عاشق، هن جي احسانن جا ڳُڻ ڳائڻ لڳا.

درد ۽ جهوريءَ جِهڄڻ جا هي عجب منظر ڏٺم،

سُڏڪندڙ، روئيندڙن کي پاڻ پرچائڻ لڳا.

دل جي زخمن جو ’عنايت‘، ناهي ڪو تو وٽ علاج،

يار سمجهائڻ لڳا ۽ روح ريجهائڻ لڳا.

لوڪ گيت، لوڪ ادب جو وڏو اثاثو آهن. لوڪ ادب جي وڏي خصوصيت اها آهي، ته اهو زندگيءَ جي حقيقي تصوير پيش ڪري ٿو. ان ۾ نه رڳو انسان جي اوائلي ۽ اوسر جي تاريخ جا احساساتي عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا، پر اهو انسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي ڪارگذارين جو ڪارائتو ۽ اَملهه رڪارڊ پڻ پيش ڪري ٿو، اهوئي سبب آهي جو سموري دنيا جي لوڪ ادب جا اثر ان جي ڪلاسيڪي ادب تي نظر اچن ٿا ۽ ان ئي معياري ۽ جديد ادب کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. چاسر، ملٽن، گوئٽي ۽ شيڪسپيئر کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين سڀني سرجڻهارن تي لوڪ ادب خاص طرح لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن جو تمام گهڻو ۽ گهرو اثر رهيو آهي ۽ انهن جي ثقافتي رنگ، ٻوليءَ جو چَسُ، مٽيءَ سان موهه ۽ اُنسيت جي احساسن، سندن شاعريءَ کي وڏي جمالياتي سگهه ۽ فڪري سُرت عطا ڪئي آهي.

لوڪ گيتَ عام ماڻهوءَ جي روح جي صدا ۽ ٻهراڙيءَ جي ماحول جي پيداوار آهن. اهي ٻهراڙي جي عام، اڻپڙهيلن ۽ سادن ماڻهن جي من مان ائين ڦُٽي نڪرندا آهن. جيئن صحرائن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ ڌرتيءَ مان کنڀيون خودبخود ڦُٽي نڪرنديون آهن، لوڪ گيت انهن جي وندر ۽ ورونهن به هوندا آهن ته سندن ڏکن ۽ سُکن جا ساٿي به. اهي گيت ئي هوندا آهن، جيڪي ڄم وقت کين سرهائي ۽ رقص جو سامان مهيا ڪندا ۽ موت وقت اوسارن ۽ المياتي آلاپن جو آٿت آڇي، سندن من جو غبار ۽ بار هلڪو ڪندا آهن.

 

ڊاڪٽر فياض لطيف

ڪتاب: ”ڇهه ماهي- سنڌي ٻولي“

(تحقيقي جرنل) ص 98-99 تان کنيل

امداد حُسيني 

 

 

 

 

 

سپنو چوان يا ساڀيان!

سپنو چوان يا ساڀيان، جو جو چوين، سو سو چوان!

فرماءِ فرمائي ميان، جو جو چوين، سو سو چوان!

صاحب چوان، سپرين چوان، سائين چوان، ساجن چوان،

لالن چوان، رانجهن چوان، يا تَن چوان يا مَن چوان،

ڦَل ڦُل چوان، گلشن چوان، جو جو چوين، سو سو چوان!

جِي جانِ جان، جانان چوان، جانب چوان، جاني چوان،

محبوب لاثاني چوان، ڳهڻو ڳچيءَ ڳاني چوان چوان،

پاڻي چوان، ماني چوان، جو جو چوين، سو سو چوان!

ارفع چوان، اعليٰ چوان، اُتم اُچو بالا چوان،

دنيا چوان، عُقبيٰ چوان، ڇا ڇا چئي ڇا ڇا چوان،

ها هُو چوان، هُوها چوان، جو جو چوين، سو سو چوان!

سِنڌُو چوان، ساگر چوان، سانوڻ چوان، ”سانول“چوان،

سوڍل چوان، يا مينڌرو، راڻل چوان، رانول چوان،

من ميت من ڀانول چوان، جو جو چوين، سو سو چوان!

 

سورج اُڀريو سنڌ تي!

(وائي)

 

واڌايون واڌايون، سورج اُڀريو سنڌ تي!

لالڻ اوڀر لائِيُون، لالايون لالايون،

سورج اُڀريو سنڌ تي!

سَڌُون سڄڻ پَسڻ سنديون، سامايون ساميون،

سورج اُڀريو سنڌ تي!

سَريُون سَريُون ساڻيهه کي، سرهايون سرهايون،

سورج اُڀريو سنڌ تي!

واڌايون واڌايون، سورج اُڀريو سنڌ تي!

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

غزل

چنڊ، ساگر گلاب ها سپنا،

ڪيترائي ڪتاب ها سپنا.

جاڳ ٿيندي ئي وسري ويندا ها،

آب تي ڄڻ حُباب ها سپنا.

مون سدائين اکين جي مئي پيتي،

پوءِ مُون وٽ شراب ها سپنا.

خوبصورت، حَسينَ، دلڪش ته به،

سُهڻا سُهڻا شَباب، ها سپنا.

هر گهڙي سنڌ لاءِ سوچيوسين،

تنهن ڪري انقلاب ها سپنا.

ننڊ مان ڇِرڪ هو ڀَري اُٿبو،

خوف ڏيندا خراب ها سپنا.

شاعري ۾ ’خليل عارف‘ جي،

ڪيترا لاجواب ها سپنا.

غزل

گُلّ تولئه ٽِڙيِ ٿو پوي،

چنڊ توتي کِڙي ٿو پوي.

ڀئونر، پوپٽ ٿا ڳاهٽ ٿين،

ميل توتي مِڙي ٿو پوي.

زهر نفرت جو ايڏو مِليسُ،

پيار مِلندي، چِڙيِ  ٿو پوي.

ڪُرسي تنهنجو آ جادُو عَجب،

ماڻهو ڪَل کان ٿِڙي  ٿو پوي.

هائو ڏاڍو ڏُکيو ٿو ڪري،

درد دل ۾ گهِڙي ٿو پوي.

نانءُ تنهنجو ٿو ’عارف‘ وَٺان،

ساز ڄڻ ڪو ڇِڙي ٿو پوي.

وائي

مُنهنجي جهوليءَ ۾،

چنڊ سُتو رات هو.

صوفياڻو راڳ هو،

سِنڌي ٻوليءَ ۾،

چنڊ سُتو رات هو.

غريباڻي جُهوپڙي،

۽ کٽوليءَ ۾،

چنڊ سُتو رات هو.

ڪَڪرن پَهرو پئي ڏنو،

تارن ڏوليءَ ۾،

چنڊ سُتو رات هو.

سَمنڊُ جاڳندو رهيو،

ڇوليءَ ڇوليءَ ۾،

چنڊ سُتو رات هو.

’عارف‘ اعتبار ڪر،

منهنجي کوليءَ ۾،

چنڊ سُتو رات هو.

 

زينب

قصور جي بيقصور معصوم نياڻي زينب لاءِ لُڙڪن هاڻا لفظ

لُڙڪن لکي ڪهاڻي، دردن جي نه پڄاڻي آهي.

هُو زينب يا هي زينب ڏس، نياڻي ڏاڍ ڌڏياڻي آهي.

وحشت ڪلهه ڀي ويل ڪيا ها، انسانيت سان کيل ڪيا ها،

وحشت اڄ ڀي ناچ نچي ٿي، دل تڙپي ٿي، اک ٽِمي ٿي.

وحشي اهڙا وار نه ڪر تون، شيطان شرمسار نه ڪر تون،

ٻار ته گل ڦل، تارا آهن، ٻار ته پوپٽ پيارا آهن،

مُکڙين کي چيڀاٽين ڇو ٿو، اِنسانيت گهوگهاٽين ڇو ٿو.

معصومن جي رَتَ جا ڇَنڊا، بڻجي پوندا ڳاڙها جهنڊا،

جهنڊا واءُ ۾ ڦڙڪي پوندا، توکي ٿُڪون ڀُونڊا لڳندا.

ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رهندين، سک جو ڪنهن پل ساهه نه کڻندين،

ماڻهو هِڪ واري مَرندو آ، تون روزانو مرندو رهندين.

 

امين ڀٽو

 

 

 

 

ڌرتي

من ۾ جي مير رکندين ڌرتيءَ نه جاءِ ڏيندء،

ڌرتي لئه وير رکندين ڌرتي نه جاءِ ڏيندء.

 

پنهنجن کي تون لتاڙي اڳتي وڃين ٿو وڌندو،

۽ ساڻ غير رکندين ڌرتي نه جاءِ ڏيندء.

 

منهنجي مٽي جا آهي سا پاڪ آ پويتر،

ميرا جي پير رکندين ڌرتي نہ جاءِ ڏيندء. 

 

توکي مٽي جي ماڻهن اڳتي جي آهه آندو،

تون هير ڦير رکندين ڌرتي نه جاءِ ڏيندء.

 

توکي گلن ۾ توري آ کنيون اسان جي،

تون خار ڍير رکندين ڌرتي نه جاءِ ڏيندء.

 

غزل

ڪنهن جي غم تي خوشي ڪبي ناهي،

او چري خودڪشي ڪبي ناهي.

 

پاڻ ظاهر نه ٿي پئون ٻيئي،

ايتري روشني ڪبي ناهي.

 

ماڻهو پٿر جا ٿي ويا آهن،

تن جي ڪا بندگي ڪبي ناهي.

 

يا ته ڪر دوستي سڌي سامهون،

يا ته پو دشمني ڪبي ناهي.

 

هڪڙي رهجي ٿو روح جنهن جي ۾،

تار تن کان گهٽي ڪبي ناهي.

غزل

ڪين ڳوڙها سنڀاليا ويندا،

درد پنهنجا اُڇاليا ويندا.

 

ڊوڙ سُک جي اها اجائي آ،

سور دل ساڻ پاليا ويندا.

 

تنهنجي نظرن ۾ جي ڪريا سائين،

شخص سارا سواليا ويندا.

 

جنهن به تنهنجو هي جهليو پو،

سي ٽپي سڀ هماليا ويندا.

 

سجاد يوسف سومرو

نظم

(نوري سپنو)

رات ڏٺو مون نوري سپنو

پاڻ ڀٽائي آيو آهي

جيئن کُلي اک سِڪ تڙپايو

سڪ تڙپايو، چينُ نه آيو

ڏينهن ٿيو ۽ آءٌ هليو هان

دادوءَ کان ڀِٽَ پاسي پيارا

لال لطيفڻ جي روضي ۾

چُپ آهي هر آشا  مَن جي

ساهه ادب ۾ سُڏڪي ٿو پيو

گونگا ڳوڙها ڌرتيءَ سانڍيا

آخر شاهه جو آڳر ڇڏيون

دادوءَ لئه لاريءَ ۾ ويٺس

ان لاريءَ ۾ ٻار ڏٺا مون

امڙين جهڙا پيار ڏٺا مون

سوچ سگيري عمريون ننڍڙيون

ڳايان تن جون ڳالهيون وڏڙيون

ٻن ڀائن ۾ هڪڙي ادڙي

جُڳ جُڳ جيئي سا شل ننڍڙي

ڀائر ان جا ننڊ نشي ۾

هيڏي هوڏي ڪِرندا آيا

آخر ننڍڙي تِن ڀائن کي

پنهنجي جهوليءَ منجهه سُمهاريو

منظر ڏسندي نيڻ ٽِمي پيا

منهنجا راڻا سوچان ٿو مان

ڀائر ننڍڙا وڏڙا ٿي ڇو

ڀيڻون ماري مڙس ٿيندا

اوريو اوهان سان حال اندر جو

پنڌ نه کٽندو شعر سفر جو

پنڌ نه پڄندو شعر سفر جو.

 

سيد سراج

 

 

 

 

غزل

 

ڏينهن به ايرو غيرو ڀاسيو،

رات جو هن ڀي ميرو ڀاسيو.

شهر جي رڻ ۾ ڀٽڪيس آئون،

تنهنجو ڳوٺ ڀريرو ڀاسيو.

شام جي لامِ پکين کان خالي،

اُڀ اجڙيل آکيرو ڀاسيو.

تارن کي ڀي ڄارَ وِڌا تو،

چنڊ تي رين، بسيرو ڀاسيو.

پيار ڪرشمو ڏيکاريو نه ته،

توبَ جي منهن ۾ ڳيرو ڀاسيو.

غزل

شاعري بي چين روحن جي صدا،

پر، ڪٿي تخليق جو حق ٿيو ادا.

ڪالهه جا کنڪار ساهن ۾ لٿي،

اڄ انهيءَ جهنڪار جا رستا جُدا.

وقت تنهنجي بيوفائيءَ جو قسم،

تهمتن جا تِير مون سِرَ تي سَٺا.

فاصلن جي ڌوڙ ساڳي ئي رهي،

قافلن جا پير زخمي ٿي پيا.

چنڊ، جهوني ناوَ کي ڪاڏي ڪري،

سڀ ستارا، سِيرَ ۾ ٻُڏندا رهيا.

زندگي توسان نڀايو آ ’سراج‘،

تو ته منهنجي روح ۾ ڪوڪا هنيا.

 

خالد احمداڻي

 

 

 

 

غزل

تنهنجو پاڙو ڇڏيو ڏنو آهي،

ٻي ڏي لاڙو ڇڏي ڏنو آهي!!

روز پاڳل ڪري چئين ٿي تون،

دل جو داڙو ڇڏي ڏنو آهي!!

توکي اچڻو ضرور اچڻو آ،

روح ٻاڙو ڇڏي ڏنو آهي!!

ڪجهه ته احساس ڌار ويڙهي زلف،

ڇالئه ڪاڙهو ڇڏي ڏنو آهي!!

چنڊ سوچي پيو اڱڻ تي ڪنهن،

سر اگهاڙو ڇڏي ڏنو آهي!!

غزل

ڳالهه هو ڀي ويو آ اخباري ڪري،

ڪير هُن تي ڀلا اعتباري ڪري!

نيڻ پنهنجا سنڀالي تون کڻجانءِ مٺي،

ڪونه ماري وجهي توکي ڪارِي ڪري!!

ڪنهن ٻڌايان ڏٺم خواب جيڪو مٺي،

لڙڪ نيڻن مان ويو آهي جاري ڪري!

ڪالهه آيو هو هُن کي سمجهائي ڪو،

هُو وڃڻ جي پيو اڄ تياري ڪري!!

اهڙو وڃ تون ڪري ڪارنامو، پٺيان،

تنهنجي ساراهه دنيا هي ساري ڪري!!

تون رُنو هئين رڳو الوداعي مهل،

هُو اڃا تائين پيو اسڪباري ڪري!!

الميو آ اهو دل چري جو سدا،

درد مون تي هليو آ سواري ڪري!!

دل ٽٽي آ، ڊٺي ڪا عمارت نه آ،

جو ڪو رازو نئين سر اوساري ڪري!!

ڪير ايندو اڳي وانگي ’خالد‘ تڏهن،

ڪير هُن جي ڀلا انتظاري ڪري!!

 

غزل

چنڊ تارا رُنا،

سونهن وارا رُنا!

مئي پڄاڻان ڏسو،

لوڪ وارا رُنا!

ساڻ سڀ ڳوٺ جا،

مون سارا چارا رُنا!

رات بستر مٿي،

نيڻ ڪارا رُنا!

ماتمي ويس ۾،

سڀ نظارا رُنا!

ڪنهن کي ٻڏندو ڏسي،

پئي ڪنارا رُنا!

زلف ڪارا ٻکي،

هٿ اشارا رُنا!

ڏور هُن کان وڃي،

’خالد‘ پارا رُنا!

نظم

مفادن جي حاصلات

تو پنهنجو جنم

اجايو وڃائڻ نٿي چاهيو

تڏهن ته تون هزارين

پتڪڙن ذهنن مان جهالت جي

اونداهه کي ڪڍي

شعور جي روشني ڦهلائڻ ٿي چاهي!!

توتي لکندي

قلم کان لفظن ساٿ

ڇڏي ڏنو آهي

پر توتي لکندي منهنجين آڱرين

قلم جو ساٿ ناهي ڇڏيو!

تون هزارين ذهنن مان

گهٽيل ماحول کي ڪڍي

تازگي ۽ روشن خيالي

جو ماحول پيدا ڪرڻ ٿي چاهيو!!

مگر افسوس!!

جو تون انهن پليت

رسمن جي ور چڙهي وئين

جيڪي رسمون

اڪثر هتي جا ماڻهو

پنهنجن مفادن جي حاصلات ۾

مليل ناڪامي جي بدلي ۾

ادا ڪندا آهن!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org