سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:13 

پروفيسر سليم ميمڻ

 

 

 

 

قمر شهباز

سنڌي ادب جو وهائو تارو

قمر شهباز اڄ اسان ۾ موجود نه آهي. سندس لاڏاڻي کي به گهڻو وقت نه ٿيو آهي، پر اڄ به اهو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هُو اسان ۾ موجود آهي. سندس لکڻيون، سندس شاعري، سندس ڪالم، سندس گفتگو، اسان جي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن.

قمر شهباز جو اصل نالو قمرالدين ٻگهيو هو. پاڻ 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهئي جي نوابشاهه واري گهر ۾ ڄائو. سندس والد زميندار هو. ابتدائي تعليم ايڇ. ايم. خواجا اسڪول نوابشاهه مان ورتائين. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪري، عملي زندگيءَ جي شروعات ميرپورخاص جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان ڪيائين. مختلف ڪاليجن ۾ پڙهائڻ کان پوءِ ليٽرل انٽري (Lateral Entry) ۾ سي. ايس. ايس جو خاص امتحان پاس ڪري وفاقي حڪومت جي ملازمت ۾ شامل ٿيو ۽ گيهه ڪارپوريشن جي ايم. ڊي جي عهدي تان ريٽائر ڪيائين.

قمر شهباز ڪاليج جي زماني کان ئي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. هن ڊراما، ڪهاڻيون، ڪالم، خاڪا لکيا ۽ شاعري به ڪئي. قمر شهباز، ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ سوين ڊراما لکيا، جن مان ڪجهه ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ته ڪجهه وقت جي وهڪري ۾ ضايع ٿي ويا.

ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سنڌي پروگرام نشر ٿيڻ شروع ٿيا ته ريڊيو توڙي ٽيليويزن تان هر هفتي ڊراما به نشر ٿيڻ شروع ٿيا، پر  سنڌي ٻوليءَ ۾ پيشه ور ليکڪ نه هئڻ ڪري پروڊيوسرن کي ڪافي ڏکيائي پيش ايندي هئي. ڪجهه اديبن کان اردو ڊراما سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هلائڻا پوندا هئا. ان دؤر ۾ به سنڌي ڊراما نگار قمر شهباز ۽ شمشيرالحيدري اڳتي وڌيا ۽ هنن پيشه ور ڊرامي نگار جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار خوبصورت نموني نباهيو. ريڊيو پاڪستان کي قمر شهباز جهڙو نه فقط بهترين ڊراما نگار ملي ويو، پر قمر هڪ بهترين صداڪار پڻ ثابت ٿيو. پنهنجي ڊرامن ۾ هڪ بهترين صداڪار جو ڪردار پڻ خوبصورت نموني ادا ڪندو هو. ظاهر آهي، جڏهن ڪردارن جو خالق ئي پاڻ هجي ته پوءِ ان ڪردار جي ادائگيءَ ۾ ته اصليت جو حقيقي رنگ ڀرجي ٿي آيو.

 

 

سندس ڊراما واچوڙن ۾ لاٽ 1986ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ڊراما نگاريءَ ۾ قمر شهباز جو انداز ۽ اسٽائيل پنهنجي همعصرن کان بلڪل منفرد ۽ نرالو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته سندس اردو توڙي انگريزي ناٽڪن جو وسيع اڀياس هو. قمر جي ڊرامن جي ٻوليءَ ۾ به وڏي وسعت آهي، نَون لفظن جو هڪ وڏو ۽ اڻ کٽ ذخيرو موجود اٿس.

سندس سوچ، خيال ۽ موضوع سنڌي سماج مان ئي ورتل آهن. سنڌي سماج ۾ چوڌاري گهڻيون ئي حقيقتون ۽ گهڻا اعتراف پکڙيل آهن. هُو انهن مان ئي پنهنجي ڊرامن لاءِ پلاٽ به چونڊي ٿو ته ڪردار به چونڊي ٿو. هُو معاشري جي ڏکندڙ رڳن تي هٿ رکي ٿو ۽ هڪ ماهر ڊاڪٽر جيان نبض تي هٿ رکي انهن بيمارين جا سبب ۽ علاج به تجويز ڪري ٿو. هن پنهنجي ڊرامن وسيلي سماجي براين ۽ مسئلن کي نهايت وڻندڙ انداز ۾ بي نقاب ڪيو آهي. سندس ڊرامن جا مڪالما مختصر، برجستا، معنيٰ خيز ۽ مزاح سان ٽمٽار آهن. سندس قلم جي  نوڪ تکي، تيز ۽ ترش آهي، جنهن کي ڏسندي يا ٻڌندي چهري تي مرڪ به تري اچي ٿي ته اندر ۾ تڪليف جو احساس به ٿئي ٿو. قمر جي ڊرامن ۾ وندر جو پهلو به نمايان رهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما، جيتري تعداد ۾ قمر لکيا آهن، اوترا ٻيو ڪو  سنڌي ڊراما نويس لکي نه سگهيو آهي. ڳالهه رڳو مقدار جي نه پر معيار جي به آهي. کيس ڊرامي لکڻ جي ته ڄڻ قدرتي ڏات مليل هئي.

اسٽيج، ٽي. وي ۽ ريڊيو ڊرامي جي ٽيڪنيڪ مختلف ٿيندي آهي. قمر انهن مان هر شعبي جو ڪامياب  ڊراما نگار هو. سندس ڊرامن جو هڪ ڪتاب جلد ثقافت کاتي پاران ”قمر شهباز جا ڊراما“ جي نالي سان شايع ٿي پڌرو ٿيڻ وارو آهي.

قمر شهباز پنهنجي دؤر جو بهترين ڪهاڻيڪار پڻ رهيو آهي. سندس ڪالم ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ’اٺون گهر‘ 1988ع، ’قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون‘ 1983ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جڏهن ته ’ضمير جو موت‘ 1992ع ۽ ’جي پيار هجي ها پاڇولو‘ 2010ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو.

سندس ڪهاڻين لاءِ آغا سليم لکي ٿو ته: ”گهڻا سال اڳ مون قمر جي پهرين ڪهاڻي رسالي سهڻيءَ ۾ پڙهي هئي. عنوان هو ’بهارون بي وفا آهن‘. مون کي هن جي هڪڙي هڪڙي اکر مان بهارن جي هٻڪار آئي هئي، ۽ پوءِ جڏهن مان هن سان مليو هئس ته مون ڏٺو ته قمر سراپا بهار هو. سهڻو شهزادو، قدآور مڙس، انگريزي ادب ۾ ايم. اي.، ويل ڊريسڊ ۽ ڪلچرڊ، چپن تي مرڪ ۽ ٽهڪ، روئندڙ کي به کلائي وجهي، مرڪن جو وڻجارو، ماڻهو موت جي بستري تي هجي ۽ قمر هن سان ملي ته مرڻ وارو هڪ وار مرڪي پوءِ مرندو. جهڙو کلڻو ۽ رلڻو ملڻو، تهڙوئي جرئت مند. ڪهڙي به مهل پوي، منهن ۾ گهنج نه وجهندو، مرڪي مرڪي مهل کي منهن ڏيندو. ڪنهن يار دوست تي ڀاڙڻ جي بجاءِ پنهنجو پاڻ تي ۽ پنهنجي ڏات تي ڀاڙيائين. راتوڪي رات ۾ ريڊيو ڊراما لکيائين. فلمي ڪهاڻيون، فلمي ڊائلاگ، ڪمرشل اسپارٽز، صداڪاري، ايتري قدر جو هڪ ڀيري برسات رسالي لاءِ ڪو مواد ڪونه هو، ۽ رسالو نڪرڻو هو. رات جي پيٽ ۾ سارو مواد، ايڊيٽوريل کان وٺي پڙهندڙن جي ڪوڙن تعريفي خطن تائين لکي ڏنائين. وڏي ڳالهه اها ته ڪڏهن به معيار ڪرڻ نه ڏنائين. مون کي ياد آهي ته مان ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي پروگرام مئنيجر هيس، ڊرامي جي پروڊيوسر کي ڊرامو گهربو هو. قمر کي فون ڪيائين. ٻئي ڏينهن پروڊيوسر جي نوٽ سان ڊرامو منهنجي ميز تي هو. مون ڊرامو پڙهي ڏٺو. قمر راتوڪي رات ۾ جهڙو سٺو ڊرامو لکيو هو اهڙو ڊرامو مان ساري زندگي ۾ نه لکي سگهندس.“

سندس ڪهاڻين لاءِ ڊاڪٽر غلام قادر سومري لکيو آهي: ”هڪ مهان اديب ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان قمر شهباز جون ڪهاڻيون زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن تي ٻڌل، ڏيهه ۽ پرڏيهه واري ماحول جي پسمنظر ۾ رچيل ڪردارن جي فطري مڪالمن سان سنواريل هئڻ سبب، ڪهاڻيءَ جو ڀرپور تاثر ڏين ٿيون. سندس ڪهاڻيون قومي جذبي سان سرشار، اصلاحي نوعيت جون آهن. قمر جي ڪهاڻين مان سنڌ ۽ سنڌواسين جي زندگي ليئا پائيندي نظر اچي ٿي. هن پاٿاريدارن توڙي ڌاڙيلن کي بي نقاف ڪيو آهي، ته ساڳئي وقت پرماريت ۽ منافقت جهڙن موضوعن کي به هن پنهنجي ڪهاڻين جي زينت بڻايو آهي.“

قمر شهباز، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هئڻ سبب ڪيترن ئي ملڪن جي دورن تي ويندو هو. هن اتان جي تجربن ۽ مشاهدن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. ’جي پيار هجي ها پاڇولو‘ ۽ ’پر پيار نه آهي پاڇولو‘ يوگوسلاويا جي ٻن جاڙين ڀينرن جي حقيقي  زندگيءَ مان کنيل واقعن تي لکيو آهي. سندس ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ تمثيل به ملي ٿي.

قمر شهباز جي ڪهاڻين جو جڏهن مون گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو ته مون محسوس ڪيو ته گهڻين ئي ڪهاڻين جا ڪردار سندس پنهنجا ڪردار آهن. هن پنهنجي ئي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيئي پيش ڪيو آهي. هڪ ڀيري سندس  هڪ ڪهاڻي بابت ڳالهائيندي پڇيومانس ته ان واقعي جي تصديق ڪندي چيائين ”توکي ته خبر آهي.“ سندس زندگيءَ جا مختلف رخ سندس ئي ڪهاڻين ۾ سمايل هوندا هئا، سواءِ ٿوري گهڻي گهڙاوٽ جي.

حقيقت ۾ قمر شهباز جي ادبي خدمتن جو دائرو ايترو وسيع آهي جو ڪهڙي صنف تي لکجي ۽ ڪهڙيءَ کي ڇڏجي. جڏهن قمر جي شاعريءَ جي ڳالهه ٿي اچي ته اتي به قمر جو انداز پنهنجي همعصرن ۾ نرالو ۽ منفرد آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’چنڊ رهين ٿو دور‘ 1988ع ۾ ۽ ’بهارن کي چئجو‘ 2010ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ڇپرايا آهن. سندس شاعري ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پڻ ڳائي ويئي.

’بهارن کي چئجو‘ جي مهاڳ ۾ امداد حسيني لکيو آهي ته:

اسين اُهي ئي سانگي تنهنجا
اسين ئي تنهنجي سنڌو-ڌارا
اسان ري سنڌ اڌوري ري
سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي!

قمر شهباز جي هيءَ سِٽَ اڄ ڪيڏي نه سچ ٿي لڳي ”اسان ري سنڌ اڌوري ڙي!“. مٿي قمر شهباز جي هڪ مشهور وائيءَ جي مصرع ۾ سنڌ جي سانگين جو ذڪر آهي، اهي ئي سانگي سنڌو-ڌارا آهن، ۽ سنڌين کان سواءِ سنڌ اڌوري آهي. Between The Lines شاعر جو مفهوم اهو ئي آهي ته سنڌ کان سواءِ  سنڌي به اڌورا آهن. بلڪل ايئن جيئن سنڌين کان سواءِ سنڌ اڌوري آهي. ان ريت قمر شهباز جي ذڪر کان سواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ به اڌوري آهي. اهڙي تاريخ اڃا لکجڻي آهي. ڇاڪاڻ ته هيل تائين ادبي تاريخ جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو تدريسي ۽ راقم الحروف ٽائيپ مواد آهي، جنهن ۾ لکندڙ ذاتي پسند/ناپسند جي ڌٻڻ ۾ غرق آهن! اهڙين تاريخن ۾ غير اهم نالا ته موجود آهن پر اهم نالا غير موجود!

شاعري قمر شهباز جي فطرت ۾ آهي. ٻولي، جنهن ۾ هن ماءُ جي لولي ٻڌي، ماءُ جي ٿڃ سان هن جي رت ۾ رلمل آهي. تيرهن سالن جي ڄمار ۾ ”وچڙندڙ“ نالي هڪڙي ”هٿرادو“ هفتيوار اخبار لکي ڪلاس ۾ لڪي لڪي گهمائيندو هو. قمر شهباز سورهن سالن جي ڄمار ۾ پهريون شعر لکيو:

هلي آ، هلي آ، پڪاري ٿو پيار!

انهيءَ پهرين سِٽَ کان وٺي، آخر  تائين هُو ايئن ئي پيار مان پڪاريندو رهيو. سڪ مان پاڻ ڏانهن سڏيندو رهيو. هو ڪٿي به رهيو – سفر ۾، نوڪريءَ ۾، گهر ۾،  جيل ۾، زندگيءَ جي ٻين خفن ۾، هڻ هڻان ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ - پر هن جي تند ڪڏهن به بند نه ٿي. ٻُرندي رهي ۽ اڄ تائين ٻُرندي رهي ٿي ۽ ٻرندي رهندي ڇاڪاڻ ته اها شاعر جي روح جي رڙ آهي. لال پشپ جي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته هر تخليقڪار جي تخليق ڪرڻ جو مقصد پاڻ کي امر ڪرڻ آهي، پر انهيءَ لاءِ تخليق ۾ خود اهڙي جوهر جو موجود هئڻ لازمي آهي. قمر شهباز لڳ ڀڳ اها ساڳي ڳالهه پنهنجي منفرد انداز ۾ ڪري ٿو:

پريم اَمر آ، پريم ته آهي، ماڻهوءَ کان به مهانُ

ماڻهوءَ کي مهانتا به پريم جي ڪري ئي ملي ٿي. جيڪڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ ئي پريم جي جوت نه آهي ته پوءِ اهو ماڻهو ئي نه آهي. ڪُماڻهو آهي! ۽ جيڪڏهن هڪ شاعر جي سرشت ۾ پريم جو پرڪاش نه آهي، عشق جو شعلو نه آهي، ته پوءِ هن جي سٽن ۾ به سهائو نٿو ٿي سگهي! شاعر سدائين پريم جو پرچارڪ هوندو آهي. هر ٻوليءَ جو شاعر، هر دور ۾ پريت جا گيت ڳائيندو رهيو آهي. انسانذات کي انهيءَ واٽ سواٽ ڏانهن سڏيندو رهيو آهي، جيڪا  هو وڃائي ويٺو آهي.“

قمر شهباز پنهنجي دؤر جو بهترين ڪالم نگار به رهيو آهي. سندس ڪلام مختلف دورن ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هن ادب ۽ صحافت ۾ جيڪو نمايان ۽ بيباڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙي بيباڪي سندس همعصر ۽ دوست امر جليل جي ڪالمن ۾ به نظر اچي ٿي، پر ٻنهي جي اسلوب ۽ انداز ۾ گهڻو فرق آهي.

ڪالم نگاريءَ جي شروعات پاڻ طنز ۽ مزاح وارن ڪالمن سان ڪيائين، جيڪي سندس ڪتابن ’ضمير جو موت‘ ۽ ’اٺون گهر‘ ۾ شامل آهن. پر نوي جي ڏهاڪي ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپجندڙ سندس ڪالمن ۾ ملڪ جي سياسي سرشتي، ڀوتارن جي ڏاڍائي، معاشرتي براين، ڪارو ڪاري، سنڱ چٽي، قبائلي جهيڙن ۽ نفسانفسي جي موضوعن کي پنهنجايو آهي. هن وقت جي حاڪمن، ڪامورن، پيرن ۽ ميرن کي به لوئڻ ۾ دير نه ڪئي، کين آئيني ۾ سندن اصل چهرو ڏيکاريو آهي. قمر مختلف دؤرن ۾ پيش ايندڙ دردناڪ واقعن تي به خاموشي اختيار نه ڪئي ۽ سماجي حالتن جو تجزيو نهايت ئي بيباڪيءَ سان ڪيو اٿس. هن روايتي لوڀي ۽ وڪاميل ڪالم نگارن واري انداز کي رد ڪندي صحافت جا جهونا ڪوٽ ڪيرائي، وطن دوست ۽ عوام دوست موضوعن کي پنهنجي ڪالمن ۾ جڳهه ڏني آهي، ته ساڳئي وقت هن معاشري جي سڃاڻ هستين کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ به ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. ڪالم لکندي پاڻ اڪثر جذباتي ٿي ويندو هو، ۽ انهن جذبن جي وهڪري ۾ وهندي، هو پنهنجي سنڌواسين ۾ سماجي ۽ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ، ۽ کين غيرت ڏيارڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو. هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو:

”ڪيڏا نه ڀليل ۽ ڀنڀليل انسان آهيو!

ڪيڏا نه ڀورا ۽ بي وقوف آهيو!

ڪيڏا نه احمق ۽ اڻ ڄاڻ آهيو!

اڙي، مارڻو ئي اٿو ته پنهنجو خوف ماريو، ڊپ ۽ ڊاءُ ماريو، احساس ڪمتري ماريو، اندر ۾ ستل گدڙ کي ماريو.

اهو غدار ماريو جو توهان ۽ توهان جي وطن جو ويري آهي.

اهو سرمائيدار ماريو جو غريب جو رت چوسي ٿو.

اهو وڏيرو ماريو جو پراون کي خوش ڪرڻ خاطر پنهنجن سان دغا ۽ دولاب ڪري ٿو.

اهو سياستدان ماريو جنهن هر دؤر ۾ توهان کي ڌوڪو ڏنو آهي.

اهو ڪامورو ماريو جنهن ڪوڙا ڊوميسائيل ڏئي توهان جي حق تلفي ڪئي.

ذاتي منافعي خاطر قوم جي مفاد کي نيلام ڪيو آهي.

اهو دانشور ماريو جو منافق ۽ مڪار آهي، چور آهي، چڪار آهي، جمهوريت جو غدار آهي.“

ٿل ڪئنال تي لکيل پنهنجي هڪ ڪالم ۾ پنهنجي خدشن جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس:

”ٿل ڪئنال تي عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ ۽ خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر احتجاج ٿڌو ٿيندو پيو نظر اچي. ماڻهو ورچي پيا آهن. ٿڪجي پيا آهن. هڄي پيا آهن. هيڏي وڏي ناانصافي، انياءُ ۽ ڏاڍائي ٿي رهي آهي. هڪ سڄي ساري قوم کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي منصوبي تي عمل جاري آهي. ڪوڙ، زٽ ۽ ڪپت جي بازار گرم آهي. هڪ طرف ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي ته جيستائين ٻين صوبن جي ماڻهن جي رضامندي حاصل نه ڪبي، تيستائين ٿل ڪئنال نه جڙندو، ٻئي طرف ڪئنال تي ڏينهن رات ڪم جاري آهي. هڪ طرف سنڌ کي ورهاست موجب پاڻيءَ ڏيڻ جي خوشخبري ٻڌائي پئي وڃي، ٻئي طرف پنجاب جي ڊيمن ۾ پاڻي نه صرف ذخيرو ڪيو پيو وڃي، پر پنجاب کي پنهنجي زورآوريءَ واري حصي کان به وڌيڪ پاڻي جاري ڪيو پيو وڃي. هڪ طرف پاڪستان جي وحدت، مرڪزيت ۽ ڊگهي ڄمار جا بيان ڏنا پيا وڃن، ٻئي طرف ننڍن صوبن کي ديوار سان  لڳائي، ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪيون پيون وڃن. هن حڪمت عمليءَ کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ هن منصوبابنديءَ کي ڇا چئجي؟“

سنڌ جي مختلف ليکڪن، مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيا آهن. انهن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، غلام رباني آگرو وغيره شامل آهن. قمر شهباز به ان صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي. پاڻ شيخ اياز، امر جليل، نسيم کرل، حميد سنڌي، امداد حسيني، تنوير عباسي، شوڪت شورو، فقير محمد لاشاري، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر مولا بخش لغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن تي نهايت دلچسپ، وڻندڙ ۽ اثرائتا خاڪا لکيا اٿس. انهن خاڪن کي مون ’ڳڻوانن جون ڳالهيون‘ جي نالي ڪتاب ۾ سهيڙيو آهي. سندس اسلوب ۽ شخصيت جي گڻن توڙي اوگڻن کي جنهن خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو اٿس، تنهن انهن شخصيتن کي امر ڪري ڇڏيو آهي. تنوير عباسيءَ تي لکيل هڪ خاڪي، جيڪو ’تنوير مکڻو ماڻهو‘ جي عنوان سان لکيل آهي، تنوير سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر نهايت سهڻي ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڪجهه هن ريت ڪيو اٿس:

”تنوير سان منهنجي پهرين ملاقات منهنجي ادبي زندگي جيتري پراڻي آهي. حيدرآباد ۾ ملياسين گل محمد چنه جي معرفت. ”ادا“ جو پرچو ڏيکاري چيومانس، ”هيءُ پهريون پرچو آهي.“

چيائين، ”ننڍڙن ماڻهن وڏو پرچو ڪڍيو آهي.“

اهي لفظ وسرن ئي نه ٿا.

چيائين، ”ٿڪجي ته نه پوندؤ؟“

چيم، ”هاڻي ته قلم هٿ ۾ کنيو اٿئون.“

چيائين، ”اڳيان ڏکيو پنڌ اٿوَ.“

ان ڏکئي پنڌ کي هاڻي ڇائيتاليهه سال گذري ويا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ان عرصي ۾ مون قلم موٽائي نه رکيو آهي. رکڻو به ناهي. جياپي جو اهوئي هڪ مکيه بهانو آهي.

اهو تنوير سنهڙو، سيپڪڙو، سهڻو ۽ نازڪ انسان هو. مون کي ياد آهي ته مون کيس ڏاڍو حيرت مان ڏٺو هو، سفيد قميص،  ڪاري پتلون ۽ گلي ۾ چوڪڙين وارو مفلر.

چيائين، ”ڪافي پيئندؤ؟“

اسان چپ رهياسين.

ڪافي ٺاهيندي چيائين، ”مون کي ڪافي وڻندي آهي، ٻئي جي هٿ جي ٺهيل ڪافي مون کي وڻي ئي ڪونه، لڳندو آهي ابراهيم خليل جو شعر پيو پڙهان.“

اسان کي ڏاڍي کل آئي هئي، انهن ڏينهن ۾ قديم ۽ جديد جو بحث چوٽ تي هو.

تنوير سان ان کان پوءِ ادبي ناتي محبت جا رشتا قائم ٿي ويا. ڏاڍو سٻاجهو ماڻهو هو، پنهنجي شاعريءَ جيان دل ۽ در هميشه کليل رکندو هو، بناوٽ، منافقي ۽ اجايو ڏيکاءُ کيس وڻندو ئي ڪونه هو. علم ۽ ادب ۾ ايترو ٻڏل جو منجهس ڊاڪٽر ڳولڻ اٽڪل ناممڪن نظر ايندو هو.“

مجموعي طور تي ڏسجي ته قمر شهباز ادبي دنيا جو حقيقي شهباز هو. سندس قلم ڪرڪيٽ جي بيٽ  جيان فيلڊ جي چئني پاسي چوڪا ۽ ڇڪا هنيا. ڪا صنف نه آهي، جنهن تي پاڻ طبع آزمائي نه ڪئي هجيس، پر کيس اها شڪايت اسان سڀني سان رهي ته هن جيترو ادبي پورهيو ڪيو، ان جي کيس اوتري موٽ ڪانه ملي.

رکيل مورائي

 

 

 

 

بلوچ صاحب اهڙي ئي ڀيٽا لهڻي

 

        دنيا جي ادب ۾ ڪجهه به لکڻ کان پوءِ شايد سڀ کان گهڻي اهميت ڪتاب کان اڳ ڪنهن به اخبار يا رسالي جي اچي ٿي ۽ ائين ئي ادب اڳتي وڌي ٿو. سنڌي رسالن جي تاريخ پڪ سان هڪ صديءَ کان وڏي عرصي تائين ڦهليل آهي. انهن ۾ ڪجهه اهڙا رسالا آهن، جيڪي سرڪاري ادارن پاران نڪرندا هئا ۽ اڄ به نڪرندا رهن ٿا ۽ ڪجهه رسالا اهڙا آهن جيڪي فرد ڪڍندا هئا ۽ اڄ به فرد ئي ڪڍي رهيا آهن.

وچ ۾ الميو اهو شامل آهي ته سرڪاري رسالا جيئن ته ڪن ادارن پاران نڪرن ٿا، انڪري، اهي لڳاتار هلندا رهن ٿا پر اهي فرد جن رسالا ڇاپيا، انهن جي وڃڻ سان اهي رسالي به هليا وڃن ٿا. اهو الميو سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ پنهنجا اثر وڌيڪ ڇڏي ويو آهي، جنهن جو آخري حوالو اڄ تائين سنڌي ادب ۾ بيمثال رسالو ”سهڻي“ آهي. 

جيتوڻيڪ گهڻي ڀاڱي هند ۾ به ائين ٿيو آهي، پر ان جي ابتڙ ملندڙ مثالن مان هڪ مثال مشهور رسالو ” ڪونج“ آهي جيڪو اڄ تائين مني صدي گذرڻ جي باوجود هلندو رهي ٿو. جنوري- فيبروري 2018ع جو پرچو پڻ اچي ويو آهي. هي رسالو سنڌي ادب جي گهڻگهري  يا چوڻ گهرجي ته سنڌي ادب سان بيحد پيار ڪندڙ شخص ڪاڪي هري موٽواڻيءَ ممبئيءَ مان جاري ڪيو هو ۽ اڄ ان کي اسان جو دوست  نند ڇڳاڻي هلائيندو پيو اچي، شال اهو عمل جاري رهي.

        ٻيو مثال ٽه ماهي رسالي ” سپون“ جو آهي، جيڪو اسي واري ڏهاڪي جي آخر ۾ سيتا سنڌو ڀون مان شري ٺاڪر چاولا جاري ڪيو هو ۽ اڄ به سندس سدوري نياڻي ڀيڻ شوڀا لعلچنداڻي ان کي باقاعدي جاري رکيو اچي. پر اسان ائين نه ڪري سگهياسين.

        جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا رسالا هئا جن جو سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ اهم حصو آهي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ سنڌي ادب دولت مهتاڻي جي رسالي ”سوجهري“، حميد سنڌي صاحب جي رسالي ”روح رهاڻ“ ۽ طارق اشرف جي رسالي ”سهڻي“ ۽ خان محمد پنهور صاحب جي رسالي ”پارس“ سميت ٻين ڪيترن ئي رسالن کي ياد رکندي. ان ئي تسلسل ۾ اسان جي نهايت علم ۽ ادب دوست ۽ خاموش رهندڙ شخص سائين بشير احمد هيسباڻيءَ، اسان جي دوست سڪندر ملاح جي سهڪار سان هڪ پڙهڻ جهڙو ۽ سنجيدو رسالو ” تخيل“ جي نالي سان شروع ڪيو آهي. جنهن جا ڇهه پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙا پرچا اچي چڪا آهن ۽ جنهن جو تازو ئي پرچو آيل آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب بابت خاص پرچو ڪري ڪڍيو ويو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ستن سون صفحن تي ڦهليل آهي.

اهو به سچ آهي ته اهڙا ڪيترائي نمبر مختلف رسالا الڳ الڳ وقتن تي ڪڍندا رهيا آهن، جن مان سنڌي ادبي بورڊ جا خاص پرچا ته ڳڻائڻ جهڙا آهن، پر رسالن جي اهڙن نمبرن ڇاپڻ جو اعزاز فقط طارق اشرف ۽ سندس رسالي ”سهڻي“ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن تخليقي ادب کي ”امر جليل نمبر“ ۽ ”نسيم کرل نمبر“ ان دور ۾ ڏنا، جنهن دور ۾ سنڌي رسالن وٽ سنڌ ۾ اهو تصور به نه هو البت هند ۾ ڪاڪي هري موٽواڻيءَ ”ڪونج“ جا ڪيترائي شخصيت نمبر ڇاپيا، جيڪي مثالي آهن.

        ”تخيل“ پنهنجي سربراهن معرفت پنهنجي شاندار روايت جي پاسداري ڪندي. پنهنجي پبليڪيشن (جيڪا مارئي اڪيڊمي جي نالي سان آهي) جو پهريون خاص پرچو بلوچ صاحب تي شايع ڪيو آهي، جيڪو اعزاز بلوچ صاحب ته لهڻي ئي، پر جنهن پيار، عقيدت ۽ احترام جو اظهار ڪندي هيءُ نهايت ضخيم پرچو هيسباڻي صاحب ڪڍيو آهي، اهڙو سرڪاري ادارن لاءِ ته آسان آهي پر ٻن فردن لاءِ ڪنهن پيار جي توڻي احترام جي اظهار طور شايع ڪرڻ پڪ سان اٺ ڪاٺيو ڪم آهي، جنهنڪري هو گهڻي گهڻي جس جا حقدار آهن. اهو جس هنن لاءِ رسمي نه ڳڻڻ گهرجي. 

        جن اديبن شاعرن هيءُ پرچو ڏٺو آهي ۽ پڙهيو آهي، اهي سڀ اهڙي ساک ڀريندا. جيتوڻيڪ هيءُ پرچو به ٽه ماهي آهي، جيئن سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ”مهراڻ“ آهي ۽ ان کان به گهڻا ۽ ٺيڪ طرح ان کان ٽيڻا صفحا والاريندڙ آهي، ساڳئي وقت سائيز ۾ به ايترو ئي آهي، پر اهو ته سچ آهي ته بورڊ سرڪاري ادارو آهي. ائين تخيل هڪ اهڙو رسالو آهي، جنهن اڄ جي حالتن ۾ انهن سڀني رسالن جو عيوضپڻو ادا ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي جيڪي رسالا پنهنجي دور ۾ اهڙو ڪم نه ڪري سگهيا.

        تازو بلوچ صاحب نمبر ان عيوضپڻي جو هڪ اعليٰ مثال آهي ۽ اهو اهڙو ڪم آهي، جيڪو رهجي ويل محسوس ٿئي ۽ ڪميءَ جو احساس ڏيندو رهي ها.

        بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ جڳ مشهور عالم آهي، ان ۾ ٻه رايا نه آهن. هن هڪ کان وڌيڪ حوالن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ شايد ائين چوڻ/لکڻ به وڌاءُ نه هجي ته هُو پاڻ هڪ ادارو هو. تخيل جي هيءَ ڀيٽا هڪ اداري ۽ هڪ  اداري ساز شخص/عالم/محقق/ ۽ اديب لاءِ آهي. اهو هن جو احترام ته آهي ئي، پر اسان لاءِ به احترام جوڳو عمل آهي. ”تخيل“ هڪ احترام لائق عالم کي هڪ اعليٰ احترام ڏنو آهي، اهڙو احترام جيڪو سنڌي ادب ۾ ياد ڪيو ويندو. هيءُ پرچو ٻه هزار سترهن سال جي ٻن پرچن ستين ۽ اٺين طور آندو ويو آهي.

        پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل هي بلوچ صاحب کي ڀيٽا ڏنل پرچو ڪيترائي حوالا کڻي اچي ٿو ۽ ظاهر آهي، اهي سڀ حوالا بلوچ صاحب جا آهن. هنن پنجن ڀاڱن کي هن طرح ورهايو ويو آهي:

1-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ-شخصيت، فن ۽ فڪر

2- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- پنهنجن جي نظر ۾

3- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ-پراون جي نظر ۾

4- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ-خاندان وارن جي نظر ۾.

5- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- منظوم ڀيٽا ۾

        مٿيان سڀ موضوع ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪيل سندس  سموري ڪم جو دائرو ٻڌائين ٿا. خاص طور پهريان ٻه ليک:

1- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جيون جهلڪ- محترم تاج جويو

2- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو علمي ۽ قلمي پورهيو- محترم بشير هيسباڻي

۽ انهن ٻن اهم معلوماتي حوالن کان پوءِ باقي انهن جو تفسير آهي، ۽ اهو ئي ڊاڪٽر صاحب جا الڳ الڳ حوالا ظاهر ڪري ٿو.

سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا هن پرچي جي اهميت وڌائي ٿي يا هن پرچي کي هڪ دستاويزي صورت ڏئي ٿي، اها هيءَ آهي ته اهي سڀ مضمون جيڪي بلوچ صاحب جي زندگيءَ ۾ يا سندس وفات کان پوءِ لکيا ويا آهن ۽ الڳ الڳ ڪتابن توڻي رسالن ۾ ڇپيا آهن، اهي سڀ يا ممڪن حد تائين هن پرچي ۾ محفوظ ٿي ويا آهن ۽ بلوچ صاحب جي ڪنهن به حوالي ۾ آڻڻ لاءِ آسان ٿي پيا آهن. جڏهن به ڪو عالم بلوچ صاحب جو ڪو تڪڙو حوالو ڳوليندو ته ان کي هن پرچي ڏانهن ضرور ڏسڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن پرچي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ ادبي توڻي تحقيقي ڪم جا گهڻا حوالا ملي سگهندا. شايد ٻئي ڪنهن ڪتاب يا رسالي ۾ هڪ ئي وقت ايترا حوالا ملڻ ڏکيو ٿئي.

۽ ان مان ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته اهو سمورو مواد جيڪو الڳ الڳ رسالن ۽ ڪتابن ۾ هو، اهو پنهنجي طور تي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويو آهي. اهو پاسو هن پرچي جو نهات اهم پاسو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ  صاحب ان حوالي ۾ به ڀاڳن ڀريو آهي جو سندس جيئري ئي ماڻڪ موتي تنظيم پاران مٿس ڪيترو ئي لکيل مواد سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو ۽ هڪ کان وڌيڪ اهڙا ڪتاب هن پنهنجي اکين سان ڏسي دلي ۽ روحاني توڻي ذهني تسڪين ماڻي.

سندس وفات کان پوءِ ستت ئي سنڌ سرڪار سندس علمي ۽ ادبي قدرداني ڪندي سندس نالي سان هڪ انسٽيٽيوٽ ٺاهي، باقي سمورو رهيل ڪم ان جي حوالي ڪيو. جيڪو نهايت تيزيءَ سان ۽ ڌيان سان سندس ڪم کي سهيڙي رهيو آهي.

ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران پڻ سندس وفات بعد هڪ نهايت اعليٰ ”مهراڻ“ جو خاص نمبر محترم دين محمد ڪلهوڙي جي ادارت ۾ ڪڍيو ويو، جيڪو پڻ گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي. پر ”تخيل“ جو هيءُ پرچو ان سڀ ڪم کان وڌيڪ ساراهڻ جهڙو انڪري آهي جو اهو هڪ يا ٻن فردن جو ذاتي پورهيو آهي ۽ مٿين سڀني پرچن کان ضخيم آهي، جنهن تي خرچ ڪرڻ لاءِ انهن فردن کي ڪيتري جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي. جيڪا جاکوڙ سرڪاري ادارن کي ڪرڻي نٿي پوي، ڪيئن به هي پرچو پنهنجي ان سموري مواد لاءِ گهڻو جس لهڻي ٿو، جيڪو مواد سهيڙڻ گهڻو گهڻو ڏکيو هو ۽ هن پرچي ۾ سهيڙجي هڪ دستاويزي صورت ماڻي بيٺو آهي.

ان کان پوءِ اهو مواد آهي جيڪو تخيل جي ايڊيٽوريل توڻي سائين هيسباڻي صاحب يا سڪندر ملاح خاص طور اديبن عالمن ۽ شاعرن کان لکرايو آهي جيڪو بنهه نئون آهي.

۽ ڪجهه مواد اهڙو آهي جيڪو ٽماهي ”مهراڻ“ خاص نمبر تان به کنيو ويو آهي، ڪجهه اخبارن ۾ ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ نظر مان گذريل آهي، خاص طور منظوم ڀيٽا وارو مواد سڀ جو سڀ ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان پوءِ جو لکيل آهي، جنهن مواد کي تنقيدي اصولن تي پرکڻ ناانصافي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اهو مواد ڀيٽا آهي ۽ ڀيٽا عقيدي يا احترام جي حوالي ۾ ايندي آهي، انڪري اهي سڀ شاعر حضرات احترام لهڻن جن پنهنجي دلي جذبن جو اظهار شاعريءَ ۾ ڪيو آهي.

مٿين سموري سهيڙ جي وچ ۾ هڪ اسهمتيءَ جو احساس اهي نالا ۽ ليک کڻي اچن ٿا جيڪي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا فهرست ۾ شامل آهن، جيڪي نه چاهيندي به پڙهندڙ ڀوڳي ٿو.

پهريون سبب اهو آهي ته ان سان پرچي تي گهڻن طرفن جو بار پيو آهي. ان جا صفحا وڌيا آهن، انهن جي وڌڻ سان گهڻن حوالن سان بار وڌيو آهي. سبب ٻيو هيءُ مون لاءِ سمجهڻ ۽ نه سمجهڻ جي مرحلو اچي بيٺو آهي ته اهي مضمون، مقالا ۽ ليک جيڪي بلوچ صاحب تي خاص ڪتابن ۾ شامل ٿيل آهن. مثال طور ماڻڪ موتي تنظيم پاران ڇپايل الڳ نالن وارا ڪتاب، جيڪي بلوچ صاحب تي ئي آهن، يا سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جي بلوچ صاحب خاص نمبر ۾ شايع ٿيل آهن، انهن سمورن ليکن جي هن پرچي ۾ داخلا ته گهڻي حد تائين غير ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته مٿيان ڪتاب ۽ ”مهراڻ“ رسالو، بلوچ صاحب جو حوالو کڻي اچن ٿا، جيئن تخيل جو هيءُ پرچو بلوچ صاحب جو حوالو کڻي آيو آهي ۽ جڏهن به ۽ ڪجهه به بلوچ صاحب تي لکڻ وقت اهي سڀ ڪتاب لکڻ واري جي آڏو هوندا، ان ڪري انهن ڪتابن ۾ شامل مضمون هن پرچي ۾ شموليت جو سبب کڻي نٿا اچن، ڪنهن به حوالي ۾ اهي بلوچ صاحب لاءِ محفوظ آهن ۽ انهن ليکڪن جي هڪ کان وڌيڪ وارن ليکن جو بار به هيءُ پرچو کڻي سگهڻ جهڙو ناهي، اهو بار اضافي آهي، جنهن نه رڳو ڪنهن به پڙهندڙ کي سهمتي ۽ اسهمتيءَ جي ٻه واٽي تي اچي بيهاريو آهي پر ڪن حالتن ۾ بيزاريءَ جو سبب به بڻايو آهي. ڇو ته اهڙو واڌو مواد فقط پنهنجي عنوانن ۽ ليکڪن جي نالن جو ورجاءُ آهن،  ۽ اهو ورجاءُ پنهنجي شموليت جي وضاحت ڪري سگهڻ کان قاصر آهن.

 جيتوڻيڪ هيءُ پرچو ڪنهن به طرح هڪ سٺي شخصيت بابت نمبر جو عيوضپڻو ادا ڪندڙ آهي ئي، ڇاڪاڻ ته هن پرچي ۾ نه رڳو سنڌ جي عالمن، اديبن جا ليک آهن، پر ان کان ٻاهر جي ليکڪن عالمن، اديبن جا ليک به بلوچ صاحب بابت شامل آهن، جن هن پرچي کي گهڻو اهم بڻايو آهي. ٻيءَ طرح هيءُ پرچو حوالي ۾ ته ايندو ئي، پر عام توڻي خاص پڙهندڙ توڻي لکندڙ خواهش ڪندو ته هيءُ پرچو وٽس ضرور هجي، اها خواهش ئي اهم آهي، ڪنهن به پورهئي جي اهميت لاءِ. هيءَ ته اهڙي جاکوڙ آهي، جيڪا آبروءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندڙ آهي.

سچ پچ جيڪي شخص ڪنهن به شخصي حاصلات کان مٿانهان ٿي ڪابه علمي ۽ ادبي خدمت ڪندا آهن، سائين بشير احمد هيسباڻي انهن شخصن/ليکڪن مان آهي ۽ اسان جو دوست سڪندر ملاح ته هڪ اهڙو جاکوڙي پبلشر ۽ ايڊيٽر آهي جيڪو ڄائو ئي جاکوڙ لاءِ آهي، هن جي هر عمل تي احترام کان وڌيڪ پيار ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته احترام ٻاهريان شخص ڪندا آهن. اسان ساڻس پيار ڪندا آهيون ڇو ته هُو اسان جو بنهه پنهنجو آهي،  جيئن سندس نگرانيءَ ۾ نڪتل هيءُ رسالو ” تخيل“ اسان جو پنهنجو آهي ۽ ليک به ان پنهنجائپ جو اظهار آهن. اهڙو اظهار جيڪو محبت من ۾ پائي ڪيو ويو آهي ۽ بس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org