سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

(جنم: 4- آڪٽوبر 1919ع- وفات: 11- جنوري 1993ع)

وٽان جيئن ويام

وٽان جيئن ويام

 

وري نظر نه آئيا

سھڻن سپرين کي

 

ڏٺي ڏينھن ٿيام

ڪئين پيغام پرت جا

 

مٺڙن ڏانھن مڪام

جيڪي ڏوھه نه منھنجا

 

سي مڙيئي مڃيام

طالب مولا طلب جا

 

پلو پاند ڏنام

ته به آيا ڪين اڱڻ تي

 

وھلور ٿي ويام

الا! ڪيئن ھيام

 

ويا ڪيئن ٿي سپرين

١-١-١٩٦٢ع

ڪھور

ڪالھ ھئا ھو جيئن

 

اڄ نه ساڳيا سپرين

جيڪي اٿم جِي ۾

 

ملن ته چوان تيئن

پرور پھچائينم شل

 

سڄڻ سھڻن سيئن

چوان ته ڪيانو ڪيئن

 

طالب سان طلب ۾

٢-١-١٩٦٢ع

ڪھور

سوچ - لوچ

محمد ابراهيم جويو- هڪ صديءَ جو سفر

سنڌ جو عظيم فرزند محمد ابراهيم جويو 102 ورهين جي ڄمار ۾ 09- نومبر 2017ع تي صبح جو  لاڏاڻو ڪري ويو. اِنالله واِنا عليہ راجعون. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي صحت گهڻي عرصي کان بهتر نه هئي ۽ هُو ڊگهي وقت کان علاج کائيندڙ هو. نومبر جي 9 تاريخ تي صبح جو سندس طبعيت بگڙجي ويئي. کين اسپتال نيو ويو، پر سندن ساه جو پکيئڙو اُڏامي ويو!

جويي صاحب جون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتون بيشمار آهن، انهن سڀني جو هتي وستار ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. هُو سنڌ جو غيرتمند سپوت، سنڌ جو پروانو، پنهنجن فرضن سان مخلص ۽ انهن جي حاصلات لاءِ هر وقت جاکوڙ ۾ رهندڙ، سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ خودمختياريءَ ۾ ويساهه رکندڙ محب وطن اڳواڻ، سچو فڪري رهبر ۽ ساٿي هو. پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي صاحب پنهنجي مضمون، ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“ ۾ جويي صاحب لاءِ بلڪل درست لکيو آهي ته: ”بيشڪ هُو سنڌ جو منفرد انسان هو، جنهن جي شخصيت هر لحاظ کان رهبر ۽ رهنما واري رهندي آئي. سندس تعليم ۽ تربيت ڪامل استادن جي رهبريءَ ۾ ٿي. هُو مُفڪرن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رهيو، مٿس انهن جو اثر ايترو ته گهرو رهيو جو پاڻ به تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏيڻ پسند ڪيائون ۽ انتظامي عهدن تي به وڏي مدبر وانگر پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏنائون، جتي به رهيا، اتي پنهنجا داستان ۽ قصا ڇڏي آيا.“

جويي صاحب جو وڇوڙو سنڌ جو هڪ وڏو نقصان آهي. جنهن جي تلافي ڪرڻ ڏکيو آهي. ڇو ته هر ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ۽ ان جو، عمل ۽ ڪردار جو تاثير پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ اُن هنڌ، جاءِ يا شهر ۾ هڪڙو وڏو خال پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو نه ڀرجي سگهندو آهي. تاريخ ۾ ڪي اهڙا فرد به هوندا آهن، جيڪي قومن لاءِ درسگاهه ليکبا آهن، محمد ابراهيم جويو به سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هڪ درسگاهه جي حيثيت رکندا هئا. جنهن ۾ ڪيترائي فرد علم جي زيور سان سينگارجي سنوارجي، تيار ٿيا، جن جو زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ انفرادي يا اجتماعي طرح ڪردار بيهي ٿو. هُو سنڌي ادب جو اهو سگهارو نانءُ هو. جنهن جي پاڇي هيٺان ڪيترن ئي اديبن جي پالنا ٿي. محمد ابراهيم جويو صاحب جي پنهنجي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ وسيع خدمتون آهن. خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ ۾ سندن ڪوششون تمام گهڻيون آهن.

جويي صاحب سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، بزم صوفياء سنڌ، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ٻين ادارن جي تعمير ۽ بنياد لاءِ ڪوششون ورتيون. سنڌي ادبي بورڊ اهو اهم ادارو آهي، جنهن ۾ جويي صاحب جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو گذريو. هن اداري ۾ سيڪريٽري، چيئرمين ۽ ماهر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن جويو صاحب ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جو ايڊيٽر مقرر هو، ان وقت جا سندن ايڊٽ ڪيل ”مهراڻ“ جا پرچا ڏسڻ ۽ پڙهڻ وٽان آهن. انهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪمال جا ايڊيٽوريل آهن، ڇا ته انهن جي ٻولي ۽ ان جون علمي ۽ ادبي خوبيون آهن. ٻوليءَ جي نفاست، ان جي پنڪچوئيشن، تلفظ، بيهڪ جون نشانيون، هر چيز، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، سونهن ۽ ترتيب ۾ نظر ايندي. جويي صاحب ”مهراڻ“ رسالي کي پنهنجي ايڊيٽرشپ جي ڏينهنِ ۾ اوج تي پهچايو. جويي صاحب ”مهراڻ“ رسالي ۾ ادبي ۽ تنقيدي خطن ڇاپڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن جي ذريعي ادبي تنقيد جا بهتر رجحان ۽ گوشا نروار ٿيا ۽ اُن وقت جي نامور اديبن انهيءَ ۾ دلچسپيءَ سان حصو ورتو. نثر ۾ افساني ۽ ڪهاڻيءَ جي فن ۽ فارميٽ تي وڏا وڏا تنقيدي بحث کُليا، جن مان پڙهندڙن جي وڏي اصلاح ٿي ۽ خود تنقيد جي روشن خيال ۽ ترقي پسند رخن جي نئين سر اپٽار ٿيڻ لڳي، جنهنڪري ان وقت تنقيد جهڙي جامد ۽ فريز  ٿيل مضمون ۾ نئين سر حرارت پيدا ٿي.

مجموعي طرح سائين جويي صاحب جو ڪردار، سنڌ، سنڌي ادب، ٻولي۽ سنڌي قوم لاءِ روشن، تابناڪ ۽ ڦلدائڪ ثابت ٿيو آهي، جو سندن خيالن ۽ طرزِ زندگي هڪ اهڙي رهنما اصول جي صورت اختيار ڪري بيٺي آهي جو هاڻي هر محبِ وطن ۽ ڪميٽڊ ماڻهوءَ تي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ اُن کي سونهون بڻائڻ گهرجي ته جيئن گهر گهر ۾ محمدابراهيم جويو پيدا ٿئي.

”مهراڻ“ آيو موج ۾:

سال 2017ع جو آخري شمارو پڙهندڙ حضرات جي هٿن ۾ ڏسندي اسان کي خوشي ٿي رهي آهي. ڇو ته ادارو هڪ ڊگهي ۽ تڪليفده مالي مامرن مان گذرندو رهيو آهي. جنهنڪري ”مهراڻ“ رسالي جي وقت سر اشاعت ۽ اجراء ۾ تاخير ٿيندي رهي آهي. پڙهندڙ ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي وچ ۾ جڙيل رابطو، ٽُٽي ويو آهي. مالڪ سائينءَ جا لکين احسان ۽ ڪرم جو وري اسين انهن وقتي مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيندا پنهنجي منزل طرف روان دوان آهيون. رب پاڪ کان دعا آهي ته اسان انهن مڙني معاملن مان خير خوبيءَ سان نڪري هميشه لاءِ آجا ٿيون، آمين.

هن شماري ۾ سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، ثقافت جي مڙني رنگن کي شامل ڪيو ويو آهي. اسين ڪا دعويٰ ته نه ٿا ڪريون، پر ڪوشش اها هوندي آهي ته رسالي کي اهڙو  خوبصورت بڻائي پيش ڪريون، جيئن اوهان پڙهندڙن کي پسند اچي. هن شماري ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي پيچيده مامرن تي سير حاصل ڪيل مضمون ڏنو اٿئون. جنهن ۾ ڊاڪٽر الطاف حسين جوکئي صاحب وڏي علمي مهارت سان هيءُ مضمون تيار ڪيو آهي. نذير شاڪر بروهي صاحب سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جو هڪ وڏو اسڪالر آهي، جنهن کي گذارش ڪئي ته هُو اسان کي سنڌ جي حوالي سان ڪو مقالو تيار ڪري ڏين، پاڻ مصروفيتن مان وقت ڪڍي، اسان کي ”سنڌ“ جي وجود ۽ نالي تي تحقيقي مقالو لکي موڪليو اٿن، اهو به هن ۾ شامل آهي، اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر محمد ادريس السندي رحه ضلعي نوشهروفيروز ۾ مخطوطات جا ذخيرا“ جي عنوان تي تحقيقي مقالو ڏنو، اهو به هن ڪهڪشان رنگ ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر نور احمد سنڌي صاحب،  ”اضحي جا احڪام، تاريخ، اهميت ۽ فلسفو“ جي عنوان تي آرٽيڪيل ڏنو. تاريخي اعتبار کان ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون ”وارهه“ تي لکيل آهي. ان کان علاوه سائين جويي صاحب تي لکيل ٽي آرٽيڪل، جن ۾ هڪ پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي صاحب، محسن جويي صاحب ۽ عبدالرئوف عباسيءَ جا مليا آهن، جيڪي به هن انڊلٺي ڪهڪشان ۾ شامل آهن.

هن پرچي جي تياريءَ ۾ جن به اداري جي ساٿين جو تعاون ۽ سهڪار شامل رهيو آهي، مان انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان، جن جي ساٿ ۽ مدد کان سواءِ هيءُ ڪم نامڪمل هو.

ڪا جا آندي ڪيچئين وڻڪاران وائي،

سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وهه ٿي.

(شاهه)

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

شيخ عبدالرزاق ”راز“

 

(جنم: 29- جنوري 1919ع- وفات: 6- ڊسمبر 1983ع)

غزل

مختصر زندگيءَ کي ڇا چئجي،

هڪ گهڙيءَ جي خوشيءَ کي ڇا چئجي.

هر صنمخانه جي اڳيان سجدا،

اهڙي پو بندگيءَ کي ڇا چئجي.

جنهن جو ڪجهه آ نه سر نڪو آ سواد،

بي اثر راڳڻيءَ کي ڇا چئجي.

منهنجي تفسير حال کان آ گريز،

تنهنجي هن بيرخيءَ کي ڇا چئجي.

ڪجهه نه حاصل ۽ واٽ تي ڀٽڪڻ،

اهڙيءَ ڀي دل لڳيءَ کي ڇا چئجي.

درد اهڙو جو ٿو لڳي دل سان،

درد جي دل ڪشيءَ کي ڇا چئجي.

 

عبدالڪريم پلي

 

(جنم: 21- آگسٽ 1940ع - وفات: 4- نومبر 1991ع)

غزل

هجر ۾ ايڏو زار زار نه رو،

روئي ڍؤ ڪر ۽ بار بار نه رو.

 

دور هڪڙو سدا نه رهڻو آ،

نيٺ ايندي وري بهار نه رو.

 

آرزوءَ وصالِ جانان تان،

جان سؤ مرتبه نثار نه رو.

 

چند گهڙين جو کيل هو ۽ ويو،

ڪهڙي ڪلفت ۽ ڪهڙو پيار نه رو.

 

موت کان اڳ ”ڪريم“ دنيا ۾،

ناهي ملڻو ڪڏهن قرار نه رو.

 

سنڌ جو اجتماعي شعور پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ روايت جو امين رهيو آهي. سنڌ واسي همت، جرئت، بهادريءَ ۽ شجاعت جو مظاهرو تير ۽ تلوار سان ڪرڻ بجاءِ هميشه امن جي پيغام سان ئي ڪندا رهيا آهن. دور قديم کان دور جديد تائين رانديون پنهنجي جوهر ۾ دراصل ملڪن ۽ قومن جي درميان تهذيبن ۽ ثقافتن جي اُهڃاڻ جي حوالي سان سفارتي ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن.

سنڌ ۾ موهن جي دڙي سميت قديم آثارن مان اهڙا اُهڃاڻ جا بجا مليا آهن؛ پر ملهه- ملاکڙا سنڌ جي ماضي، حال کان مستقبل تائين پنهنجو جدا  گانه ۽ منفرد انداز رکي ٿي/ٿو.سنڌ جا ماڻهو هونئن ته پنهنجي ديس سميت سڄي عالم جي آباديءَ لاءِ هميشه ڌڻيءَ در دعاگو پئي رهيا آهن. انهيءَ ئي تناظر ۾ چيڪو سلواڪيا جي پهلوان زيبسڪو جڏهن سڄيءَ دنيا کي چئلينج ڏنو؛ ته دنيا مان ڪنهن به سندس چئلينج کي قبول نه ڪيو، پر سرزمين سنڌ جي ٻهڳڻي ملهه پهلوان رستم سنڌ، شير مير بحر سنڌ جي ساهتي خطي مان سندس چئلينج کي قبول ڪري ڄڻ ته سنڌ سميت سڄي ملڪ، بلڪ ڏکڻ ايشيا جي عزت ۽ عظمت جو عَلم اوچو رکيو.

مون کي پنهنجي جنم ڀومي ساهتي سنڌ تي فخر آهي، جنهن شير ميربحر جهڙا عظيم المرتبت فرزند پيدا ڪيا، جيڪي اڄ اسان سنڌ، پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن لاءِ فخر جوڳو سرمايو ۽ تاريخ جو سون ورنو باب بنجي چڪا آهن. اسان پنهنجي هن ديس جي مهان شخصيت نه پر هستيءَ جي حوالي سان ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا.

 

ضياءُالحسن لنجار

       ڪتاب: ملهه جو عالمي فاتح- شير ميربحر

ص 12 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org