سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

 

سنڌي ٻاراڻي ڪتاب‘ ۾ ڄاڻايل

سُرن (Vowels) جو اڀياس

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪ جملو مون کي ڏاڍو متاثر ڪندو آهي ته اسان جا پرائمري اسڪول، سنڌي ٻوليءَ جا ڪوٽ آهن.

        ڊاڪٽر بلوچ، جي ڪيل ڳالهه مان مراد ته جيستائين اسان سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان پرائمري تعليم تي خاص توجهه نه ڏينداسين، تيستائين مٿي واري تعليم ڪي سٺا بنياد ڪونه کڻي ايندي. مون کي ڪافي عرصو سنڌ گورنمينٽ جي تعاون سان سنڌ جي اٺن ضلعن ۾ هلندڙ سنڌ ريڊنگ پروگرام جي پليٽ فارم تي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ٻوليءَ جي علم جي حوالي سان، بنيادي اسمن تي ڪافي مونجهارا محسوس ڪيا ويا آهن. اسان جو استاد، اکرن ۽ آوازن جي معاملي ۾ ڪافي مونجهاري جو شڪار رهيو آهي. اهو معاملو رڳو عام استاد جو ناهي، پر اسان جي انهن عالمن ۽ ٽيڪسٽ بڪ لکندڙن جو به آهي جن جا ذهن وڏي عرصي کان هڪ فارميٽ ۾ جڙيل آهن. هاڻي جڏهن انهن جي اڳيان ڪا ڳالهه سائنسي انداز سان ڪجي ٿي ته ٿرٿلو مچي وڃي ٿو. حالانڪ، آواز ۽ اکر وارو معاملو اهڙو آهي، جيڪو مروج طريقي سان ڪوبه اختلاف نه ٿو رکي، صرف سائنسي اک سان ڏسڻ جي ڪمي محسوس ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته آواز ۽ اکر کي الڳ دائري ۾ ڏسڻ جي گهرج آهي.

هتي انتهائي مختصر سنڌي پرائيمر ۾ ڄاڻايل سُر (Vowels) جو اڀياس مقصود آهي. سنڌي ٻاراڻو ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي ڊاڪيومينٽ آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جا بنياد صاف ۽ مضبوط پيل هوندا ته اسان جو آئندو ٻوليءَ جي معاملن تي ڪافي مضبوط رهندو.

        سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان چند اهم نُڪتا هيٺ رکي، ان بنياد تي اڳتي هلڻ جي ڪوشش ڪبي:

·       اسان جي آئيويٽا/ پٽِيءَ ۾ ڪل 52 اکر آهن، جيڪي سڀ جو سڀ وينجڻ (Consonant) آهن.

·       موجوده پٽِيءَ ۾ اکر 52، ليڪن آواز 51 آهن، تن ۾ صورتخطيءَ جي لحاظ کان الف ۽ همزو هڪٻئي جا نعم البدل (Representative) آهن.

·       وينجڻ (Consonant) صورت ۾ شروعاتي آئيويٽا/ پٽِي سيکاري، بعد ۾ زيرن زبرن جي پٽي پڙهي يا پڙهائي ويندي آهي.

·       زيرن زبرن واريون پٽيون ڪل ڏهه سيکاريون وينديون آهن: اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او، اَو.

·       زيرن- زبرن جي گروه بنديءَ ۾ ٽي ڇوٽا سُر (اَ، اِ ۽ اُ)، پنج ڊگها سُر (آ، اِي، اي، اُو، او) ۽ ٻه دهرا سُر (اَي ۽ اَو) آهن.

·       زيرن زبرن وارين پٽين کي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب موجب ڪَڪ پٽِي ڪوٺيو ويندو آهي.

·       ڪَڪ پٽِيءَ مان مراد سُر (Vowels) ئي آهي.

·       سنڌي ٻاراڻي ڪتاب موجب پد (Syllable)، لفظ (Word) ۽ بصري لفظ (Sight/ Service word) سان گڏ، شروعات جملي سان ڪئي ويندي آهي. اهو طريقو مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته مادري ٻولي يا پھرين ٻولي (first Language) ڳالهه ٻولهه واري سڌي طريقي (Direct Method) سان پڙهائي ويندي آهي.

        اهي چند اهم نُڪتا رکيا ويا آهن، جنهن موجب شاگرد کي پٽيون سيکاريون وينديون آهن، بعد ۾ ٻار کي پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاريو ويندو آهي. سکيا واري عمل دوران استادن اڳيان خاص گذارش آهي ته ’آواز‘ ۽ ’اکر‘ الڳ دائري ۾ ڏسن. مونجهارو تڏهن محسوس ڪيو ويو آهي، جڏهن آواز ۽ اکر کي ساڳئي دائري ۾ ڏسن ٿا. ياد رهي ته ٻوليءَ جا ٻه حصا آهن:

·       ڳالهائڻ واري ٻولي، جنهن جو صرف ۽ صرف آواز سان تعلق آهي. ٻوليءَ ۾ آواز کي پهرين حيثيت حاصل آهي.

·       لکڻ واري ٻولي، جنهن جو تعلق اکر سان آهي، يعني اکر ذريعي آواز سڃاڻڻ (Decoding). لکڻ/ صورتخطيءَ کي ٻوليءَ ۾ ثانوي حيثيت هوندي آهي.

        تمام ننڍڙن معاملن تي مونجهارو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اسان اکر کان آواز ڏانهن ويندا آهيون؛ حالانڪ اسان کي آواز کان اکر ڏانهن ۽ اکر کان آواز ڏانهن وڃڻ وقت ان چال کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن آواز جي ڳالهه ڪنداسين ته پوءِ اکر کي ثانوي حيثيت ڏيڻي پوندي. وڌيڪ ڳالهه کي چٽو ڪجي ته وينجڻ (Consonant)، سُر (Vowel) ۽ پد (Syllable) اصطلاحن جو تعلق آواز سان آهي، اکر سان ناهي. اکر صرف انهن اصطلاحن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مدد ڏيندا آهن.

        آواز ۽ اکر جي فرق کي هيئن به سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته:

·       کَٽَ (ک + اَ، ٽ + اَ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ک ۽ ٽ)، ٻه سُر (اَ ۽ اَ) ۽  ٻه پد (کَ ۽ ٽَ) آهن. يعني جڏهن کَٽَ لفظ کي ڏسون ٿا ته آواز چار آهن، ليڪن اکر ٻه آهن.

·       پيرَ (پ + اي، ر + اَ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (پ ۽ ر)، ٻه سُر (اي ۽ اَ) ۽ ٻه پد (پي ۽ رَ) آهن. يعني جڏهن پيرَ لفظ کي ڏسون ٿا ته آواز چار آهن، ليڪن اکر ٽي آهن.

·       پاوا (پ + آ، و + آ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (پ ۽ و)، ٻه سُر (آ ۽ آ) ۽ ٻه پد (پا ۽ وا) آهن. يعني لفظ پاوا ۾ آواز چار آهن ۽ وري اکر به چار آهن.

·       شِينـ ھُن (ش + اِين، هه + اُن) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ش ۽ هه)، ٻه گهُڻا سُر (اِين ۽ اُن) ۽ ٻه پد (شِين ۽ هُن) آهن. يعني شِينـ ھُن ۾ آواز چار ۽ اکر پنج آهن.

هاڻي جڏهن آوازن ۽ اکرن کي گڏي ڏسبو ته يقيني طور مونجهارو ٿيندو. مٿين سڀني لفظن ۾ آواز چار آهن، ليڪن اکرن جي ترتيب ۾ فرق آهي، ڪنهن ۾ ٻه، ڪنهن ۾ ٽي، چار ته ڪنهن ۾ وري پنج! ان لحاظ کان اهو ذهن جوڙڻ گهرجي ته آواز ۽ اکر کي الڳ الڳ دائري ۾ ڏسڻو آهي.

سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ جيڪا پٽي الف- ب جا آواز (ڪَڪ پٽي) جي عنوان سان ڏهن خانن سان ڏنل آهي، سا دراصل سُرن (Vowels) جي پٽي آهي. يعني ان کي اکرن ۾ ائين ئي ظاهر ڪري سگهجي ٿو. هي ته هڪڙو پراڻو خيال جڙيل آهي ته حرف علت مان مراد سُر (Vowel) آهي. واضح هجڻ گهرجي ته حرف علت جي اصطلاح ۾ لفظ حرف مان مراد اکر آهي، آواز ناهي؛ جڏهن ته سُر (Vowel) جو تعلق  سڌوآواز سان آهي، اکر سان ناهي. اکر ته صرف ان آواز کي ظاهر ڪرڻ جي علامت آهي.

اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته حرف علت جا اکر ئي ٽي آهن: الف، واؤ ۽ يي، جيڪي صورتخطيءَ جي نسبت ڊگهن سُرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن، ساڳئي وقت اهي وينجڻ (Consonant) کي به ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. اهي اکر علت ڇو ٿا ڪوٺجن، اهو بحث هڪ الڳ جڳهه گهري ٿو؛ ليڪن اها ڳالهه پڌري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا صاف سُر (Simple Vowels) ڏهه آهن.  ان خيال کان سُرن (Vowels) لاءِ ’حرف علت جو اصطلاح (Term) مناسب ناهي.ڪَڪ پٽي جو اصطلاح حرف علت جو ترجمو آهي، جيڪو ڪنهن فاضل استاد يا اديب چئي ڇڏيو، سو ئي پيو ٿو هلندو اچي. هڪ ڀيري ڊاڪٽر غلام علي الانا کان مون پڇيو ته سائين، هي ڪَڪ پٽيءَ جو لفظ ڪهڙي عالم رواج ۾ آندو؟، ڊاڪٽر صاحب وراڻيو ته اها مون کي به خبر ناهي، اهو لفظ گهڻو اڳ ڪم آندل آهي.

بهرحال، منهنجو اندازو آهي ته اهو لفظ ڀيرومل آڏواڻي ڪم آندو هوندو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪتاب وڏو سنڌي ويا ڪرڻ ۾ اهڙي قسم جي وضاحت آيل آهي:

علت معنى بيماري به آهي، تنهنڪري ڪي چون ته حرف علت معنى بيمار اکر ۽ حرف صحيح معنى چڱا ڀلا اکر. اهي معنائون وٺبيون ته چئبو ته جيئن بيمار ماڻهو پاڻمرادو پيو ڪرڪندو ڪنجهندو آهي، تيئن حرف علت به پاڻمرادو آواز ڪن ٿا، باقي حرف صحيح چڱن ڀلن وانگر ماٺ ڪيو بيٺا رهن ٿا... (ڀيرومل، 1985: 16)

بهرحال اهي وضاحتون به ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهن، پر مڪمل احاطو نه ٿيون ڪن. ان ڪارڻ ٽيڪسٽ بڪ جي ليکڪن ۽ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي گذارش ٿي ڪجي ته انهن اڻپورن اصطلاحن کان پاسو ڪندي، مستعمل اصطلاح ڪم آندا وڃن.

مسئلي جو بيان:

موجوده سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ جيڪو اهم مسئلو سامهون اچي ٿو ته جڏهن اهي ڪَڪ پٽيءَ جا آواز سُرَ (Vowels) آهن ته ان صورت ۾ اها ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته جيئن صاف سُرَ (Vowels) ٿين ٿا، ائين ئي انهن جا گهُڻا/ نڪوان سُرَ (Nasal Vowels) به ٿين ٿا، جن کي صورتخطيءَ جي نسبت، نون گهُڻو/ غنو ڪوٺيو وڃي ٿو. ان صورت ۾ بنيادي شاگرد جي ذهن ۾ اهڙا تصور ڏيڻ انتهائي لازم آهي. هيٺ صاف/ سادا سُرَ (Simple/ Pure Vowels) ۽ گهُڻا/ نڪوان سُر (Nasal Vowels) پٽي جي انداز ۾ خيال خاطر رکجي ٿي:

 

صاف سُر

اَ

آ

اِ

اِي

اُ

اُو

اي

اَي

او

اَو

نڪوان سُر

اَنْ

آنْ

اِنْ

اِينْ

اُنْ

اُونْ

اينْ

اَينْ

اونْ

اَونْ

 

(نوٽ: هنن ڄاڻايل سُرن ۾ الف جو اکر فرضي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته خالي زبر ڏيکاري نه سگهبي، ان لاءِ معيار مطابق ڪا نه ڪا نشاني ڏيڻ ضروري هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو هن ۾ اَ هڪ سُر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ رکيو ويندو آهي. ٻي صورت ۾ جڏهن هِجي ڪبو ته پوءِ ان جو اشارو ٻن آوازن (وينجڻ ۽ سُر)، يعني پد (Syllable) ڏانهن ويندو)

هي معاملو تمام اهم آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ جتي هڪ صفحو صاف سُرنَ (Simple Vowels) جو ڏنل آهن، ان جي ٻئي صفحي تي نڪوين سُرن (Nasal Vowels) جو هجڻ تمام ضروري آهي. ان سان استادن ۽ شاگردن کي گهُڻي/ نڪوين سُر جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ آساني ٿيندي.

اهڙو مسئلو ڪافي عالمن (مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، واحد بخش شيخ وغيره) پنهنجي ڪم ۾ ڄاڻايو آهي، ليڪن اسان وٽ محدود سوچ رکندڙ وس وارن ماڻهن ان معاملي کي سمجهيو ئي ناهي، جو انهن جي ڪم کي ڪا اهميت ڏين!

نون گُهُڻي جو سُرن ۾ شامل هجڻ بابت ن اکر، اسان جي ٻوليءَ توڻي ٻين ٻولين ۾ وينجڻ (Consonant) توڻي سُر  (Vowel) طور ڪم ايندو آهي. چند عالمن جون اهي به تجويزون شامل حال رهيون آهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گُهڻن سُرن کي صاف سُرن جيان پٽين جي صورت ۾ پڙهايو وڃي. مرزا قليچ بيگ سُر لاءِ حرف علت لفظ ڪم آڻيندي لکي ٿو ته: سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ آهن، تن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف علت هوندو يا حرف علت جو ڪو نشان هوندو، جنـﮨـن کي حرڪت چون ٿا ۽ جو ڪنـﮨـن حرف صحيح تي ايندو. يعني سنڌيءَ جي هر هڪ لفظ جي پڇاڙي هيٺين اعرابن مان هڪ نه ٻئي ۾ ضرور هوندي:

اَ، آ، اِ، اي، اُ، اُو، اَو، او، اِي، اَي. (نون غني جو آواز به انهن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.) 

مرزا صاحب اڳتي حرف علت کي اعراب ڄاڻائيندي ۽ نون گُهڻي کي ان ۾ ڳڻيندي لکي ٿو ته:

اهي نون غني سان به اچي سگهن ٿا، جيئن: اَنْ يا ءً، اِنْ يا ءِ، اِينْ يا اُنْ يا ءٌ، اُونْ، اينْ، اونْ، آونْ.   (قليچ، 2006: 169)

مذڪوره صاف سُرن ۽ گُهڻن سُرن جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اٺَ گُهڻا سُر ڄاڻايا آهن. شايد سندس خيال موجب اهي ٻه گُهڻا آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪونه ٿا اچن. مثلاً:

 

صاف سُر

گُهڻا سُر    

آ

آن

اَ

اَن

اِ

اِن

اِي

اِين

اُ

اُن

اوُ

اوُن

اي

اين

او

اون  

                                                             (الانا، 1967: 86) ۽ (الانا، 2009: 113)

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اَين ۽ اَون دهرا گهُڻا سُر، جنـﮨـن کي صورتخطيءَ موجب  ي لِين ۽ واؤ لِين وارا گُهڻا به ڪوٺيو ويندو آهي، سي ڪونه ڄاڻايا آهن. ممڪن آهي ته سندن اهو خيال هجي ته اهي ٻه گُهڻا سُر آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪونه ٿا اچن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ ضرور آهن يا استعمال ۾ اچن ٿا، جن ۾ ي لِين وارا گُهڻا ۽ واؤ لِين وارا گُهڻا ڪم آندا ويندا آهن ۽ اسان جي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ اهڙا لفظ ڏنل آهن؛ مثلاً:

·       صورتخطيءَ پٽاندر ي لِين وارا لفظ: ڪَينچي (هن ۾ اَين گهُڻو سُر ڪم آندل آهي.) ان کان علاوه بَينڪ، ٽَينڪ وغيره جا لفظ پڻ ان گهُڻي سُر جا مثال  آهن. 

·       صورتخطيءَ پٽاندر واؤ لِين وارا لفظ: چَونري (هن ۾ اَون گهُڻو سُر ڪم آندل آهي.) ان کان سواءِ ڌَونرو، ڀَونڪ، چَونڪ، دَونس، چَونرا، ڏَونرا، ڀَونر، کَونر، زَونر، ڪَونرو وغيره جا لفظ پڻ ان گهُڻي سُر جا مثال آهن.

ڊاڪٽر الانا صاحب جي حوالي ۾ اڻ- ڄاڻايل ٻن گُهڻن آوازن جي مثالن بعد، اهو چوڻ ٺيڪ رهندو ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ جيترا صاف سُر آهن اوترائي گُهڻا سُر به آهن، جن جو ڪل تعداد 20 ٿي وڃي ٿو ۽ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ان جا مڪمل مثال به ڏنل آهن، جيئن: چَنڊُ، گهِنڊُ، اَنبُ، ڏاندُ، شِينـ هن، ڪَينچِي، مينھِن، سُونڍِ، لِيمون، چَونرِي. (سنڌي ٻاراڻو ڪتاب: ص: 42)

محترم واحد بخش شيخ پڻ ٿوري ترتيب جي مٽَ سان ساڳي ڳالهه تفصيلاً هيئن دهرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: علت جي حرفن جا مختلف آواز يا سُر هيٺ ڏيکارجن ٿا:

اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، او، اَو، اي، اَي.

نْ غنه وارا علت جا حرف هي آهن:

اَنْ، آنْ، اِنْ، اِينْ، اُنْ، اُونْ، اونْ، اَونْ، اينْ، اَينْ.   (شيخ، 1986: 7)

        پروفيسر رستم علي خاصخيليءَ پنـﮨـنجي تجربي آهر سنڌي ٻوليءَ جا آواز جي بنياد تي نشانيون نروار جي عنوان سان هڪ پرائيمر ترتيب ڏنو آهي، جيڪا پنـﮨـنجي جڳـﮨـه تي هڪ سٺي ڪوشش آهي. پنـﮨـنجي پرائيمر جي پيش لفظ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڏهن صاف سُرن (vowels) ۽ ڏهن گُهڻن سُرن (nasal vowels) کي گڏي اکري شڪلين ۽ ان جي نشانين تي ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته: سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اکر (آواز) جا نشانين مٽائڻ سان 20 (ويـﮨـهَ) آواز ٺـﮨـي سگھن ٿا الف اکر جا 20 آواز هن ريت ٺـﮨـن ٿا:

اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، او، اَو، اي، اَي،اَن، آن، اِن، اِين، اُن، اُون، اون، اَون، اين، اَين. 

(خاصخيلي، 2000: 1- 2)

هنن وضاحتن ۾ تشريحي اصطلاحن جي ڪمي آهي، جن تي باريڪ بينيءَ سان ڳالهائڻ هتي ضروري ناهي، ليڪن ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته جتي صاف سُر ڏجن ٿا، اتي نڪوان سُر ڄاڻائڻ لازمي آهي.

نون گُهُڻو سُر طور پڙهائڻ جي اهميت:

عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو مونجهارو اوس رهيو آهي، جنـﮨـن سبب گُهڻو نون، سُر طور ڪونه ٿو پڙهايو وڃي ۽ اسان جا معصوم ابـ هم ٻار وڏن ڪلاسن تائين گُهڻي نون وارا لفظ درست اچاري يا لکي به ڪونه ٿا سگهن. ٻيو ته علمي ۽ تعليمي ادارن جو پاڻ ۾ مثبت لاڳاپو نه هجڻ سبب اختياريءَ وارا اهڙي ڪنـﮨـن نازڪ مسئلي کي اهميت ئي نه ڏيندا آهن. ان لاءِ بـﮨـتر ٿيندو ته هڪ وڏي مقصد لاءِ، ان معاملي تي سنڌي استادن ۽ ڄاڻن جي راءِ سامهون رکي، درست رخ سان ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ نون گهُڻي لاءِ ڪو نشان متعيّن ڪري مونجهارن جي حل لاءِ ڪَڪِ واري پٽيءَ تي ٻيـ هر نظر ڌري وڃي. يعني پـﮨـرين صاف سُرن واريون پٽيون پڙهائي، بعد ۾ گُهڻن سُرن واريون پٽيون پڙهائجن، جيئن:

صاف سُر (SimpleVowels)

گُهڻا سُر (Nasal Vowels)

اَ، بَ، ٻَ

اَنْ، بَنْ، ٻَنْ

اِ، بِ، ٻِ

اِنْ، بِنْ، ٻِنْ

اُ، بُ، ٻُ

اُنْ، بُنْ، ٻُنْ

آ، با، ٻا

آنْ، بانْ، ٻانْ

اي، بي، ٻي

ايٖنْ، بيٖنْ، ٻيٖنْ

اِي، بِي، ٻِي

ايِنْ، بيِنْ، ٻيِنْ

ايَ، بيَ، ٻيَ

ايَنْ، بيَنْ، ٻيَنْ

او، بو، ٻو

اونْ، بونْ، ٻونْ

اوُ، بوُ، ٻوُ

اوُنْ، بوُنْ، ٻوُنْ

اوَ، بوَ، ٻوَ

اوَنْ، بوَنْ، ٻوَنْ

مٿين گُهڻن سُرن کي آئيويٽا ۾ پڙهائڻ واري راءِ ڪا ذاتي ڪانهي، ان لاءِ ڪافي سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن سڌي يا اڻ- سڌيءَ طرح پنـﮨـنجا خيال ۽ رايا رکيا آهن؛ جن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، محترم واحد بخش شيخ، پروفيسر رستم علي خاصخيلي وغيره شامل آهن.

مٿي ذڪر هيٺ آيل ڳالهه ياد رهي ته پهرين وينجڻ (Consonant) واري آئيويٽا/ پٽي پڙهائجي ٿي ۽ بعد ۾ زيرن- زبرن (هتي زيرون زبرون هڪ اصطلاح طور ڪم آندو ويو آهي) واريون ڏهه پٽيون پڙهائجن ٿيون، جيڪي سُر (Vowels) واريون پٽيون آهن. هاڻي جڏهن ڪنهن لفظ جو ڇيد ڪبو ته انهن پٽين جي ئي مدد سان، آواز جي نسبت، لفظ کي ٽوڙي ۽ جوڙي (Segmenting and Blending) ڏسبو. هيٺ، چند سنڌي پرائمري ڪتاب مان لفظ کڻي ڇيد ڪري رکجن ٿا، جنـ هن مان اندازو ٿي سگهندو ته لفظن جو آوازن جي بنيادن تي ڪيئن ٽوڙ- جوڙ (Segmenting- Blending) ٿي سگهي ٿو:

صاف/ سادن سُرن سان لفظ:

·       پَڳَ (پ + اَ، ڳ+ اَ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ک ۽ ٽ)، ٻه سُرَ (اَ ۽ اَ) ۽  ٻه پد (پَ ۽ ڳَ) آهن. يعني لفظ پَڳَ ۾ آواز چار آهن ۽ اکر ٻه آهن.

اکيڙ: پ ۽ ڳ جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا/ پٽيءَ مان کنيا ۽ زبر اَ سُرن واري پٽيءَ مان کنئي. هاڻي جڏهن ملائبو ته پ + اَ هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري ڳ + اَ ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو ’پَڳَ.

·       گابا (گ + آ، ب + آ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (گ ۽ ب)، ٻه سُر (آ ۽ آ) ۽ ٻه پد (گا ۽ با) آهن. يعني لفظ گابا ۾ آواز چار آهن ۽ وري اکر به چار آهن.

        اکيڙ: ’گ ۽ ب جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا مان کنيا ۽ مد/ ڊگهو سُر آ سُرن واري پٽيءَ مان کنيو. هاڻي جڏهن ملائبو ته گ + آ هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري ب + آ ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو ’گابا.

·       صُوفُ (ص + اُو، ف + اُ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ص ۽ ف)، ٻه سُر (اُو ۽ اُ) ۽ ٻه پد (صُو ۽ فُ) آهن. يعني لفظ صُوفُ ۾ آواز چار آهن ۽ وري اکر ٽي آهن.

اکيڙ: ’ص ۽ ف جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا مان کنيا ۽  سُرَ اُو ۽ اُ سُرن واري پٽيءَ مان کنيا. هاڻي جڏهن ملائبو ته ص + اُو هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري ف + اُ ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو ’صُوفُ.

·       ريلَ (ر + اي، ل + اَ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ر ۽ ل)، ٻه سُر (اي ۽ اَ) ۽ ٻه پد (ري ۽ لَ) آهن. يعني لفظ ريلَ ۾ آواز چار آهن ۽ وري اکر ٽي آهن.

اکيڙ: ’ر ۽ ل جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا مان کنيا ۽  سُرَ اي ۽ اَ سُرن واري پٽيءَ مان کنيا. هاڻي جڏهن ملائبو ته ر + اي هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري ل + اَ ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو ’ريلَ.

نڪوين/ گهُڻن سُرن سان لفظ:

·       چَنڊُ (چ + اَنْ، ڊ + اُ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجن (چ ۽ ڊ)، ٻه سُر (گهُڻو ۽ صاف/ سادو) اَنْ ۽ اُ ۽ ٻه پد چَنْ ۽ ڊُ آهن. يعني لفظ چَنڊُ ۾ آواز چار آهن ۽ وري اکر ٽي آهن.

اکيڙ: ’چ ۽ ڊ جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا/ پٽيءَ مان کنيا ۽  سُرَ (گهُڻو ۽ سادو) اَنْ ۽ اُ سُرن واري پٽيءَ مان کنيا. هاڻي جڏهن ملائبو ته چ + اَنْ هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري ڊ + اُ ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو چَنڊُ.

·       ڏاندُ (ڏ + آنْ، د + اُ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ڏ ۽ د)، ٻه سُر (گهُڻو ۽ سادو) ۽ ٻه پد (ڏانْ ۽ دُ) آهن. يعني لفظ ڏاندُ ۾ آواز چار آهن ۽ اکر به چار آهن.

اکيڙ: ’ڏ ۽ د جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا/ پٽيءَ مان کنيا ۽  ٻه سُرَ (گهُڻو ۽ سادو)  آنْ ۽ اُ سُرن واري پٽيءَ مان کنيا. هاڻي جڏهن ملائبو ته ڏ + آنْ هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري د + اُ ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو ڏاندُ.

·       شِينـ ھُن (ش + اِينْ، هه + اُنْ) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (ش ۽ هه)، ٻه سُر (اِين ۽ اُن) ۽ ٻه پد (شِين ۽ هُن) آهن. يعني شِينـ ھُن ۾ آواز چار ۽ اکر پنج آهن.

اکيڙ: ’ش ۽ هه جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا/ پٽيءَ مان کنيا ۽  ٻه گهُڻا سُر  اِينْ ۽ اُن سُرن واري پٽيءَ مان کنيا. هاڻي جڏهن ملائبو ته ش + اِينْ هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري هه + اُن ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو شِينـ ھُن.

·       چَونرِي (چ + اَونْ، ر + اِي) لفظ ۾ آواز چار آهن، ٻه وينجڻ (چ ۽ ر)، ٻه سُر (اَونْ ۽ اِي) ۽ ٻه پد (چَون ۽ رِي) آهن. يعني چَونرِي ۾ آواز چار ۽ اکر پنج آهن.

اکيڙ: ’چ ۽ ر جا وينجڻ آواز پهرين آئيويٽا/ پٽيءَ مان کنيا ۽  ٻه سُر  (گهُڻو ۽ سادو) اَونْ ۽ اِي سُرن واري پٽيءَ مان کنيا. هاڻي جڏهن ملائبو ته چ + اَونْ هڪ پد جڙيو ۽ ائين وري ر + اِي ٻيو پد جڙيو، جڏهن ٻن پدن کي ملائبو ته لفظ بيٺو چَونرِي.

        ياد رهي ته ڪنـ هن لفظ کي هِجي ڪرڻ (Spelling) جو طريقو ته ساڳيو ئي آهي، جيڪو اسان وٽ مستعمل آهي ۽ علمي حوالي سان ان سان اختلاف نه ٿو ڪري سگهجي؛ ليڪن اهو ياد رهي ته اسان وٽ مستعمل طريقي ۾ اکر کان آواز ڏانهن وڃڻ وارو ڍنگ آهي. جيڪڏهن آواز کان اکر ڏانهن لڙجي ته پوءِ ظاهر آهي ته ان صورت ۾ آواز کان اکر ڏانهن وڃڻ جي صورت ۾ آوازن جي ڳڻپ کي ڏسڻو پوندو. ڪنهن به لفظ جي هِجي بلڪل رواج موجب شين يي نون زير شِين، هي نون پيش هُن = شِينـ ھُن ئي ڪبي؛ ليڪن جڏهن لفظ کي آواز جي نسبت ڇيد ڪبو ته ش + اِينْ، هه + اُنْ = شِينـ ھُن بيـ هندو. معاملا ساڳيا ئي آهن، صرف ان کي سائنسي اک سان ڏسڻ جي گهرج آهي.

 

نتيجو:

مختصر اڀياس ڪرڻ بعد جيڪو حاصل مطلب، نتيجي جي صورت ۾ مليو، تنـ هن کي هيٺ نُڪتن ۾ پيش ڪجي ٿو:

·       آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: وينجڻ (Consonant) ۽ سُر (Vowel).

·       اسان جيڪا آئيويٽا/ پٽي پڙهندا يا پڙهائيندا آهيون، ان ۾ 52 اکر آهن، جن کي آواز جي نسبت وينجڻ آواز سڏبو؛ الف ۽ همزو هڪٻئي جا نعم البدل آهن، جنهن سبب پٽيءَ ۾ ڪل 51 وينجڻ آهن.

·       عام طور جيڪي زيرن- زبرن جون ڏهه پٽيون سيکاريون وينديون آهن، سي هڪ وينجڻ آواز (Consonant) سان سُر آواز (Vowel) ملائي سيکاريون وينديون آهن.

·               سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏهه سُر (Vowels)، ڪَڪ پٽيءَ جي عنوان سان جيڪي ڏنل آهن، سي سُر آواز آهن، پوءِ اڳتي وينجڻ آواز سان مشق خاطر ڏنل آهن؛ انهن ۾ شروعاتي الف جو اکر ڪم آندل آهي، سو معيار مطابق فرضي سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن ان کي الڳ سان هِجي ڪبو ته پوءِ ٻه آواز: وينجڻ ۽ سُر  بڻجي ويندا. ان سبب اهي پهريان سُر آواز اَ يا آ بغير هِجي جي، سُر آواز (Vowel) جي صورت ۾ سيکارڻ گهرجن.

·       جنـ هن صورت ۾ صاف/ سادا سُر (Simple  Vowels) جي هڪ پٽِي (اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او، اَو) ڏنل آهي، ان صورت ۾ ان جا نڪوان/ گهُڻا سُر (Nasal Vowel) جي پٽي (اَنْ، آنْ، اِنْ، اِينْ، اُنْ، اُونْ، اينْ، اَينْ، اونْ، اَونْ) به ڏيڻ گهرجي، جنهن سان اهو واضح رهندو ته اکر ڀلي ڪيترا به هجن ليڪن اهي هڪ آواز آهن.

·       آواز ۽ اکر کي الڳ الڳ دائري ۾ ڏسڻ گهرجي، جنـ هن صورت ۾ هر آواز جو هڪ اکر تصور ڪبو ته پوءِ يقيناً مونجهارا ٿيندا.

·       آواز ۽ اکر جي فرق کي چند لفظن ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جيئن: پَڳَ (آواز چار ۽ اکر ٻه)، گابا (آواز چار ۽ اکر به چار)، صُوفُ (آواز چار ۽ اکر ٽي)، ريلَ (آواز چار ۽ اکر ٽي)، چَنڊُ (آواز چار ۽ اکر ٽي)، ڏاندُ (آواز چار ۽ اکر به چار)، شِينـ ھُن (آواز چار ۽ اکر پنج)، چَونرِي (آواز چار ۽ اکر پنج) وغيره.

·       جنـ هن صورت ۾ هِجي ڪئي ويندي آهي ته ان جي هِجي بلڪل رواج موجب شين يي نون زير شِين، هي نون پيش هُن = شِينـ ھُن ئي ڪبي؛ ليڪن جڏهن لفظ کي آواز جي نسبت ڇيد ڪبو ته ش + اِينْ، هه + اُنْ = شِينـ ھُن بيـ هندو.

·       نون وينجڻ  ۽ نون گهُڻي سُر ۾ فرق رکڻ لاءِ گهڻي سُر جي صورتخطيءَ ۾ فرق رکڻ گهرجي ته جيئن شاگردن ۾ ڪو مونجهارو نه رهي، جيئن: ڏانْد، نانْگ، شِينْـ ھُنْ وغيره. (جوکيو، 2015: 22- 31)

سفارش:

ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمينٽ ۽ ريسرچ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين علمي توڻي تعليمي ادارن کي پرائمري سطح تي، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڄاڻايل سُر آوازن (Vowels) جيان، گهُڻن سُر آوازن (Nasal Vowels) جي آئيويٽا/ پٽي ڏيڻ جي سفارش ڪجي ٿي.

حوالا/ ذريعا:

·       آڏواڻي، ڀيرومل، مـﻫـرچند  [1925] 1985ع، وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

·       الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1967] 2009ع، سنڌي صوتيات- حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

·       جوکيو، الطاف حسين (2015) سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ نون گهُڻي جو مونجهارو. ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. 65 (2 ۽ 3)، ص: 22- 31، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

·       خاصخيلي، رستم علي، پروفيسر (2000ع)، نشانيون نروار (پرائيمر). نوابشاه: ڪنول پرنٽنگ پريس.

·       سنڌي ٻاراڻو ڪتاب (2018ع)، پھرئين درجي لاءِ، ڄام شورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.

·       شيخ، واحد بخش (1986ع)، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

·       مرزا، قليچ بيگ [1961] 2006ع، سنڌي وياڪرڻ (گڏيل ڀاڱا)- ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org