ڊاڪٽر عصمت فاطمھ ويسر
ويدانت
ويدانت ۾ هندو ڌرم جون اعليٰ اخلاقي صنفون بيان
ٿيل آهن، جن ۾ چار ويد آهن، انهن جو ٿورو ذڪر
پهرين اچي چڪو آهي. پروفيسر سترامداس سائل پنهنجي
هڪ جلدي ”لغت سائل ڪوش“ ۾ لکي ٿو ته:
”ويد اصلوڪو هندو شاستر ڪل چارويد آهن.
1. رگ ويد، 2. يجرويد، 3. اٿرويد 4. سام.
ويد: ۾ ويڄ، طبيب، حڪيم، ڊاختر، ويدڪو: ويڄڪو،
حڪيماڻو، طبيباڻو، ويدڪ ايرويدڪ.
”ويدانت
ويدن جو آخرين حصو اُپنشد ويدن مان حاصل ٿيندڙ آتم
گيان يا فيلسوفي، ويدانتي ويدن کي مڃيندڙ يا انهن
جي پيروي ڪندڙ.
(سترامداس،
2009ع:
559)“
ويدن ۾ کتوگيان يعني ويدن جو نچوڙ ڏنل آهي.
ويدانت، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو سمايل آهي.
صوفي ازم يا ويدانت ڪو مذهب يا فرقو ناهن،
اُهي ته انسان جو سڀاءُ ۽ رَوَيا آهن. رويي کي ئي
اصل اهميت آهي.
انسان پنهنجي آسپاس موجود ماحول ۾ جاندار توڙي
بيجان شين کي ڪيئن
ٿو ڏسي ۽ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري ٿو. يا ساڻن ڪيئن
پيش اچي ٿو؟ صوفي يا ويدانتي جي سڃاڻپ ڌرم يا مذهب
ناهي، بلڪ ان جي سڃاڻپ ڪردار آهي. هن جو ماڻهن
سان ڪهڙو رَويو آهي، رويو
ئي
هن کي اعليٰ ڪردار تائين رسائي ٿو.
شاهه
سائين فرمائي ٿو ته:
پاڻ ئي پسين پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
(آڏواڻي،
1997ع: 44)
الله يا ايشور انسان ۾ ديرو ڪيو ويٺو آهي. انسان
ئي الله جي مخلوق آهي،
الله ان کي خلقي ٿو،
پاڻ ئي ان جو عاشق يا طالب ٿئي ٿو.
انسان کي ربّ کي تلاش ڪرڻ کپي،
پنهنجي اندر ۾ جهاتي
پائڻ کپي.
الله ته انسان جي اندر ۾ آهي. شاهه
سائين فرمائي ٿو ته:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه
۾، نڪا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسيءَ
تان سور هئا.
(آڏواڻي،
1997ع: 162)
الله جي مخلوق جي سيوا به پوڄا يا عبادت جو حصو
آهي. شاهه
سائين فرمائي ٿو ته:
سامي تون سَلوڪ کي، هٿان هڏ مَ ڇڏ،
لڏيندن سين لڏ،
ته رَهين تون راڄ ڪري.
(آڏواڻي،
1997ع:
306)
هتي شاعر فرمائي ٿو ته تون پنهنجو رويو درست رک،
اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏ، زندگيءَ جي وهنوار ۾ رهه
ته تون به اڪيلو نه ٿي
وڃين.
محمد مظهرالدين صديقي پنهنجي
ڪتاب ”دنيا جا وڏا مذهب“ ۾ لکي ٿو ته:
ويدانت جو بنيادي نظريو هي آهي ته آتما (انسان جو
نفس) برهما
يا روح ڪل آهي، برهما
جي ذات ابدي ۽ لامحدود آهي، سندس ئي طاقت سمورين
شين ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر اها ذات تقسيم نه ٿيندي
آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن برهما
جي ذات کي تقسيم ڪبو ته سندس ذات ۾ تغير،
ڦيرگير ۽ تبديلي ٿي پوندي. انڪري اهو تسليم ڪرڻو
پوندو ته هر انساني نفس توڙي حيوان، سمورن ۾ خود
برهما
(رب) آهي.
نفس ئي انسان کان سڀ ڪجهه
ڪرائيندو آهي،
جيڪڏهن نفس تي ضابطو آهي ته خدا انسان ۾ وسي ٿو،
رب انسان کان الڳ ناهي،
پر هُو پنهنجي بندن سان گڏ
آهي. هن ڪائنات ۾ صرف رب جي هستي هميشه رهڻي آهي.
باقي سڀ شيون فنا آهن.
ويدانت ۾ شنڪر اچاريه ئي ان نئين خيال کي متعارف
ڪرايو هو.
شنڪر اچاريه جي خيال مطابق ئي صرف
خدا جي هستي وڏي آهي،
سڀ الله جي پيدا ڪيل ڪائنات آهي،
ڪابه ذات پات ڪابه اوچ نيچ ناهي،
بهترين اهو آهي، جنهن جا اخلاق سٺا آهن،
باقي سڀ هڪجهڙا
آهن.
جيڪو لوچي سو لهي واري ڳالهه
آهي. فتح الله صديقي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي انسائيڪلو
پيڊيا“ ۾ لکي ٿو ته:
”ادويت جي مقدس ويدن جو هيڪڙائي
وارو نظريو، جنهن ۾ وحدانيت جي تعليم ڏنل آهي.
ويدن جي تعليم کي شنڪر اچاريه نظرياتي طور تي پيش
ڪيو هو. هن نظريي موجب سڀئي انسان ۽ دنيا جون ٻيون
شيون محض اضافي يا ظاهري حقيقتون آهن، هن ڪائنات
جو خالق هڪ ڪامل ذات آهي جيڪو
ٻاهرين دنيا جي بجاءِ خود انسان جي پنهنجي ذات
اندر واسو ڪندڙ يا سمايل آهي. هن نظريي موجب
اردگرد سڀئي انسان دنياوي خوشين،
مايا جي موھ کان پاسو ڪري ڪنڊ پاسو وسائي اڪيلائي
۾ تپسيا ڪن ته کين ان ڪامل ذات تائين رسائي حاصل
ٿي سگھي ٿي.“
(صديقي،
2014ع:
18)
ائين ناهي ته انسان دنيا کان پاسو ڪري ويهي خدا کي
ڳولي، خدا ته انسان جي اندر موجود آهي، پر ماڻهو
جڏهن دنيا جي ڌنڌن کان بيزار
ٿي
ويندو آهي ته پوءِ ئي ڪنڊ پاسا ڳوليندو آهي، تڏهن
خالق ۽ خالق جي مخلوق لاءِ ئي سوچيندو آهي،
اندر جي اڻتڻ کي محسوس ڪندو آهي.
عام ماڻهو سان هن جو رويو بهتر ۽ انسانن لاءِ
فائديمند ٿيندو آهي.
ويدانت جي ڪائنات تي غور فڪر ۾ رهندو آهي. انهن
ڳالهين جو تعلق روح سان
آهي،
نه ڪي دنيا سان،
جڏهن دنياداري کي پرکي وٺندو آهي ته پوءِ پاڻ ئي
ان تان هٿ کڻندو آهي. ڊاڪٽربلوچ ”جامع سنڌي لغات“
۾ لکي ٿو ته:
”ويدانت معنيٰ ڄاڻ يا گيان جنهن کان پوءِ ٻيو ڪوبه
وڌيڪ گيان ڪونهي، هندو تصوف ويدانتي،
ويدانت واري –ويدانت جو مڃندڙ پوئلڳ ويدانت متي
واري – ايڪائي.
(بلوچ،
1988ع:
99)“
Surrender
ڪرڻ جو مطلب آهي ته انسان پاڻ کي ڪنهن جي حوالي
ڪري ڇڏيو يا ائين چئجي ته پنهنجو ڪو به مطلب نه
باقي سڀ ٻين لاءِ
جيئن
ويدانت کان پوءِ ڪنهن ويدي يا ڌرمي جي دليل جي
دعويٰ نه رهي، ويدانتي هر شيءِ ۾ ايشور جو جلوو
پسندا آهن، انهن جي دلين ۾ رام کان سواءِ ڪجهه
به نه هوندو آهي، هر پاسي پرينءَ
کي پيا پسندا آهن،
هر طرف يار جي جلوي
۾ محوَ هوندا آهن . شاهه
سائين فرمائي ٿو ته:
ايڪ قصر در لک،
ڪوڙين ڪڻس
ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(آڏواڻي،
1997ع:
44)
هيءَ
دنيا هڪ محل آهي، پر ان کي لکين ڪروڙين در دريون
آهن جنهن مان نظر ٿا ڪن ته ڌڻي سامهون ٿا ڏسن.
هونئن
به انساني فطرت آهي ته انسان جنهن سان عشق ڪندو
آهي
ته
ان کي هر دنيا جي شيءِ ۾ پسند ڪندو آهي. هن جي
خيالن، لفظن ۾ محبوب جي لاءِ گفتار پئي هلندي آهي
پنهنجي منهن ويهي محبوب سان ڳالهيون ڪندو آهي.
سوال به پاڻ ڪندو آهي جواب پاڻ ڏيندو آهي.
هر ڳالهه
۾ پاڻ کي ڏوهي سمجھندو آهي، محبوب کي بي قصور ۽
پاڻ کان وڌيڪ ۽ مٿانهون سمجهندو
آهي.
هر ڳالهه
۾ محبوب کي ئي مختيار ڪندو آهي، هي سڀ روحاني راز
آهن، جيڪي ويدانتي ئي ڄاڻي سگهندا
آهن.
ويدانت ۾ به ويدانتي فقير ويدن جي سمجھاڻي عشق جي
ڪتاب مان ڏيندو آهي. سامي فرمائي ٿو ته:
آءُ ته پياريانءِ،
ڀري پيالو پريم جو،
سامي هن اوسر
۾
تن من سڀ ٺاريانءِ،
دهه
دس ڏيکاريانءِ اَنڀو پرک اکين
سان.
(ناگراڻي،
2015ع:
102)
سنڌ جي
ٽمورتي
۾ سامي ويدانتي شاعر
به شامل
آهي.
سندس شاعري ۾ ويدانتي نقطا سمجهايل
آهن. سامي به ويدن جي وائي، سنڌيءَ
۾ سمجهائي آهي. سامي فرمائي ٿو ته:
”ويدن جي وائي سنڌيءَ ۾ سڻايان.“
(هَڪڙو،
2002ع:
84)
ساميءَ
پنهنجي
شاعريءَ
۾ مايا کان پري ۽ پرينءَ
(ڌڻيءَ)
کي تلاش ڪرڻ جو ڏس پتو ڏنو آهي.
سامي فرمائي
ٿو ته:
عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
جتي
ڏسن نيڻ ڀري،
تتي پرين پسن،
اٿندي ويهندي ننڊ ۾، سامي مليا رهن،
اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
(آڏواڻي،
1997ع:
33)
عاشق پنهنجو
پاڻ کي تڏهن پسندو آهي جڏهن هُو پاڻ کي ٻين جو
عاشق گر سمجھي يعني (ڌڻي) تخليق ڪندڙ به آهي ته
عاشق به آهي،
پنهنجي مخلوق تي ان جا بندا ڌڻي جي عشق ۾ غرق ٿا
رهن. جڏهن عاشقن جي سيني ۾ سڪ ڀرجي ٿي اچي ته الله
انهن کي پنهنجو جلوو ٿو ڏئي.
بندو پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي وڃي ٿو ته الله کي به ان
جي عاشقي پسند اچي ٿي.
پروفيسر بي.ايم.
ناگراڻي پنهنجي ڪتاب ”سامي جا سلوڪ“ ٻئي
ڀاڱي ۾ لکي ٿو ته:
”ويدانت فلسفي جا ٻه ڀاڱا آهن،
”اترممانسا“
۽
”پوروممانسا“.
ممانسا لفظ شروعات ۾ ويدن جي ترجمانيءَ ۽ معنيٰ جي
ويچار کان ڪتب آندو ويندو هو، جنهن جي پوءِ معنيٰ
ڦري ٿي
”پوتر
ويچار“.
ان بعد ان جو مطلب وڃي بيٺو ”سچ يا حق جي ذات بابت
ڪابه ٽيڪا يا ڇنڊڇاڻ“. انهيءَ
لحاظ کان اترممانسا انهيءَ معنيٰ سان ٺهي ٿا اچن.“
(ناگراڻي:
2015ع: 122)
ويدانت به ائين ئي آهي جيئن
اسلام ۾ تصوف،
جنهن ۾ قرآن مجيد ۽ ان کان اڳ نازل ٿيل ڪتابن جو
نچوڙ يعني تت آهي. پروفيسر بي.ايڇ.
ناگراڻي لکي ٿو ته:
”ويدن جو پهريون ڀاڱو ”منت“ ۽
”برهمڻا“ گڏي ڪرم ڪانڊ جي حصي ۾ اچن ٿا. جن ۾
انسان جا فرض بيان ڪيل آهن،
پويون ڀاڱو جنهن کي ”اُپنشيد“
ڪوٺجي ٿو، ان کي ”گيان ڪانڊ“ سڏين ٿا. هن ۾ وري سچ
يا حق نسبت ڄاڻ ڀريل آهي. ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي
”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾
ٻڌايل
مت ۽ ويچار اهو ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن.
اترممانسا ۾ تنهنڪري اُپنشدن جي فلسفي جو تت اچي
وڃي. (ناگراڻي:
2015ع:
122)“
چيو وڃي ٿو ته اُپنشيد قديم هندي ويدن جي منظم شرح
جو نالو آهي جيڪا فلسفياڻي ۽ عارفاڻي انداز ۾ لکيل
آهي.
ڪن عالمن جو خيال آهي ته قديم ويدن جي هڪ نه پر
ڪيتريون ئي شرحون لکيون ويون هيون،
جن جو ڪل تعداد
ٻه
سئو کن ٿيندو.
بهرحال انهن شرحن مان ڪن کي هندو عالمن صحيح ۽
اصلي ڄاڻايو آهي ۽ ڪن تي اختلاف ظاهر ڪيا آهن.
انهن شرحن جي تصنيف جي تاريخن جو تعين نه ٿي سگهيو
آهي. ليڪن هندو عالمن جو اندازو آهي ته انهن ۾ 10
اُپنشد اهڙا آهن جيڪي 2 صديون قبل مسيح ڌاري لکيا
ويا
هئا،
شاھجهان بادشاهه
جي پٽ داراشڪوه جيڪو پاڻ به وڏو عالم ۽ صوفي هو،
تنهن پنجاهه
اُپنشدن
جو سنسڪرت مان فارسي ٻوليءَ
۾ ترجمو ڪيو هو،
جن کي ”سر اڪبر“ نالو
ڏنو
هئائين.
ان کان پوءِ دارا شڪوه
جي
ترجمن تان عربي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪيا
ويا.
حوالا:
1.
سترامداس،
پروفيسر،
”سائل ڪوش“،
ڪويتا پبليڪيشن،
2009ع،
ص 559.
2.
آڏواڻي،
ڪلياڻ،
”شاهه
جو رسالو“،
روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو،
1997ع،
ص
44.
3.
آڏواڻي،
ڪلياڻ،
”شاهه
جو رسالو“،
روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو،
1997ع،
ص
162.
4.
آڏواڻي،
ڪلياڻ،
”شاهه
جو رسالو“،
روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو،
1997ع،
ص
306.
5.
صديقي فتح الله، ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“،
2013ع-ص-13.
6.
بلوچ،
نبي بخش
خان،
ڊاڪٽر،
”جامع
سنڌي لغات (ک_ ي)“،
سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو،
1988ع،
ص
99.
7.
آڏواڻي،
ڪلياڻ،
”شاهه
جو رسالو“،
روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو،
1997ع،
ص
44.
8.
ناگراڻي،
بي.ايڇ.،
پروفيسر،
”ساميءَ
جا سلوڪ“،
ڀاڱو ٻيو،
ص
102.
9.
هَڪڙو، انور فگار،
”سامي
ساگر بوند ۾“،
پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچي، 2002ع، ص 84.
10.
آڏواڻي،
ڪلياڻ،
”شاهه
جو رسالو“،
روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو،
1997ع،
ص
33.
11.
ناگراڻي،
بي.ايڇ.،
پروفيسر،
”ساميءَ
جا سلوڪ“،
2015ع،
ڀاڱو ٻيو،
ص
122.
12.
ناگراڻي،
بي.ايڇ،
پروفيسر،
”ساميءَ
جا سلوڪ“،
2015ع،
ڀاڱو ٻيو،
ص
122.
13.
ڊاڪٽر
آزاد قاضي
تعليمي
ڪانفرنس 1924ع ۽ سنڌ جي
تعليمي صورتحال
پسمنظر:
جنگ آزاديءَ واري زوال کانپوءِ، انگريزن جنهن
نموني، مسلمانن ڏانهن بيرخي ۽ ظلم بربريت وارو
رويو اختيار ڪيو، (جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ اسان جي هن
موضوع کان ٻاهر آهي) جنهن ۾ خاندانن جا خاندان
جيلن ۾ وڌا ويا، مسجدون ۽ درسگاهون برباد ڪيون
ويون، مطلب ته مسلمانن سان هر لحاظ کان ناروا سلوڪ
اختيار ڪيو ويو. اهڙي ماحول ۾ 1886ع کان مسلمانن
جي هڏ ڏوکي رهنمائن آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشن
ڪانفرنس جو بنياد وڌو، جنهن جي بنياد تي مسلمانن
جي تعليمي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ غور ويچار ڪري، ڪي
قدم کنيا ويندا هئا. آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشن
ڪانفرنس جا اهي اجلاس هر سال، مختلف جاين تي ڪيا
ويندا هئا. جن جي صدارت مختلف اڳواڻ ڪندا هئا ۽
انهن ۾ مختلف صوبن سان واسطو رکندڙ مسلمان اڳواڻ
۽ اعليٰ عملدار شرڪت ڪري پنهنجي پنهنجي صوبن جي
تعليمي صورت حال پيش ڪري، جلسي مان قراردادون پاس
ڪرائڻ واسيلي ٻين کان تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا
هئا. ان سلسلي ۾:
”سال 1902ع ۾ هڪ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل
ڪانفرنس زيرصدارت سر آغا خان دهليءَ ۾ منعقد ٿي،
ان اجلاس ۾ علي محمد خان دهلوي بيريسٽر ڪراچيءَ
واري سنڌ جي طرفان نمائندگي ڪئي ۽ سنڌ جي (ٻين
ڪجهه) رهنمائن سنڌ جا دورا ڪري ڪانفرنس کي (سنڌ جي
تعليمي صورتحال جي) رپورٽ ڏني. هن ڪانفرنس جي پاس
ڪيل ٺهراءَ موجب مدرسو نوشهروفيروز هاءِ اسڪول
تعمير ڪرايو ويو... تعليمي ادارن سان گڏوگڏ هاسٽل
پڻ تعمير ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو (زرداري، 1984ع،
ص 102).“
سنڌ جي تعليمي پستحالي:
1906ع ۾ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل
ڪانفرنس جي ويهين اجلاس، منعقد ڍاڪا ۾ سردار محمد
يعقوب وزير خيرپور ميرس شريڪ ٿيو ۽ سنڌ جي تعليمي
پستيءَ تي، درد انگيز رپورٽ پيش ڪيائين، هن اجلاس
کي ٻڌايو ته:
”ڪنهن به صوبي جي مسلمانن جي تعليمي حالت ايتري
ڪريل نه آهي، جيتري سنڌ جي مسلمانن جي آهي، سنڌ ۾
ٻه سئو گريجوئيٽن جي مقابلي ۾ فقط ڏهه مسلمان
گريجوئيٽ آهن، ان کان سواءِ وڌيڪ تلخ ۽ ڏک ڀري
ڳالهه اها هئي ته اهي ڏهه مسلمان گريجوئيٽ واپار
واري خيال کان ڪراچي ءَ ۾ آباد ٿيا هئا.“
سردار محمد يعقوب پنهنجي پيش ڪيل رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو
ته:
”ويهن هندن جي مقابلي ۾ صرف هڪ مسلمان ڊگري
يافته آهي، بيريسٽر، ايل ايل بي، يا پليڊر هن صوبي
۾ ٻن سون کان مٿي آهن پر انهن ۾ مسلمان فقط ويهه
آهن. گذريل سال انٽر سائنس ۾ هڪ سو ويهه طالب
ڪامياب ٿيا، تن ۾ مسلمان فقط ٻارهن هئا. مسلمانن ۾
تعليم نه هئڻ ڪري، سڀ نوڪريون سندن هٿن مان نڪري
چڪيون آهن، اهو ساڳيو حال هنر، صنعت ۽ واپار جو
آهي. سنڌ ۾ هڪ هندو شيشن جج آهي، ۽ هڪ اسسٽنٽ سيشن
جج آهي، مگر ان درجي جو ڪو به عهدو ڪنهن مسلمان جي
هٿ ۾ نه آيو آهي. روينيو ۾ ويهه ڊپٽي ڪليڪٽر آهن،
جن مان مسلمان فقط ٽي آهن باقي سترهن هندو آهن
(گرامي، 1977ع، ص 30).“
سنڌ جي اهڙي ابتر تعليمي صورتحال جي مد
نظر، ان موقعي تي سردار محمد يعقوب ، سينٽرل
اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ کي درخواست ڪئي ته تعليمي
ترقيءَ جي حوالي سان، آئينده اجلاس سنڌ ۾ سڏايو
وڃي. اهڙي ريت اتي فيصلو ڪيو ويو ته 1907ع وارو
اجلاس ڪراچيءَ ۾ سڏايو ويندو.
اهم فيصلو:
ڪراچيءَ وارو اهو اجلاس الطاف حسين حاليءَ
جي صدارت ۾ ٿيو. ان وقت خيرپورميرس جو وزير شيخ
صادق علي هو، جنهن ان ڪانفرنس جا انتظام ڪيا. مٿي
ذڪر ڪيل اجلاس ۾ ڪيتريون ئي اهم رٿائون بحال ڪيون
ويون ، جن جو پوءِ وارين ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ پڻ ذڪر
ٿيندو رهيو، انهن پاس ٿيل رٿن مان، هڪڙي رٿ، سنڌ
جي مسلمان زميندارن جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ
”پيسو سيس بل“ (1) نالي هئي، جنهن بابت رنگون ۾،
مهاراجا علي محمد خان، راجا آف محمودآباد جي صدارت
۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ سنڌ جي صورتحال جو حوالو ڏيندي ان
ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته:
”هي ڪانفرنس هند سرڪار ۽ گورنمينٽ بمبئيءَ جو
توجهه ڪانفرنس جي ان ريزوليشن جي طرف مبذول ڪرائي
ٿي، جو ڪراچي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمان زميندارن جي
اولاد جي تعليم لاءِ ”پيسوسيس بل“ جي ذريعي تعليمي
فنڊ قائم ڪرڻ جي باري ۾ پاس ٿيو هو ۽ جنهن کي سنڌ
جي مسلمانن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو (گرامي،
1977ع، ص 48).“
ان دور واري سنڌ جي سياست تي جيئن ته
زميندارن ۽ جاگيردارن جو قبضو هو، جن جو اسڪولن ۽
ڪاليجن سان ڪو واسطو ئي ڪو نه هو، انڪري، ”پيسو
سيس بل“ تي پڻ انهن عمل ٿيڻ نه ڏنو.
اهڙي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ جو
وچولو ڪلاس ۽ ننڍا محب وطن زميندار ۽ ٻيا مخير
ماڻهو سنڌ جي تعليمي سرگرمين لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا
هئا. ان سلسلي ۾ 1924ع ۾، سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل
ڪانفرنس جي سفارش تي حيدرآبد ۾ تعليمي ڪانفرنس
سڏائڻ جي رٿا آئي،
ڌڙابندي (اُترادي ۽ لاڙي):
ان دور ۾ سنڌ اندر سماجي ۽ تعليمي ڪم
ڪندڙ ڌرين جا اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ واري تصور هيٺ 2
گروپ ڪم ڪندڙ هئا، انهن ٻنهي گروپن وچ ۾ سنڌ جي
مسئلن حل ڪرائڻ واري حوالي سان چٽاڀيٽي هلندي هئي.
جنهن جو بنيادي سبب ان دور واري ماحول ۾ پيدا ٿيل
اهو تاثر هيو، جنهن لاءِ پير علي محمد راشدي جو
چوڻ آهي ته:
”جنهن مسلمان عملدار ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي
ڪاروبار ۾ اڳواڻي حاصل ڪئي، تنهن متعلق سمجهيو
ويندو هو ته اهو مسلمانن ۾ اثر رکي ٿو ۽ مسلمانن
جو ليڊر آهي، ان کانپوءِ انگريز به ساڻس صلاح
مشورو ڪرڻ لڳندا هئا ۽ موقعي سارو ڪو وڏو عهدو
ڏيئي کيس پنهنجي هٿ ۾ رکندا هئا. ان سبب
ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عهدي تي هميشه وڏي لٺ لڳندي
هئي... ظاهري طرح ته انهن پارٽين جا اڳواڻ بمبئي
ڪائونسل جا ميمبر هوندا هئا، پر حقيقت ۾ انهن
ميمبرن کي هلائڻ چلائڻ وارا مسلمان سرڪاري عملدارن
جا گروپ هوندا هئا (راشدي، 1987ع، ص 54).“
شيخ محمد قادر جيئن ته وڏو بااثر عملدار ۽
خيرپور اسٽيٽ جو وزير هو، انڪري اپر سنڌ جي اڳواڻي
سندس حوالي هئي، کيس مسلمانن جي تعليم جو وڏو اونو
هوندو هو. جڏهن ته بقول علي محمد راشدي:
”لوئر سنڌ پارٽي“ کي هلائڻ چلائڻ وارا عملدار هئا،
مسٽر حامد علي ڪليڪٽر، خانبهادر نبي بخش محمد حسن
انڪمبرڊ اسٽيٽس جو مئنيجر، ٻيا چند مسلمان ڊپٽي
ڪليڪٽر (راشدي، 1987ع، ص 54).“
سرڪاري آفيسرن ۽ عملدارن کانسواءِ، ٻيا ڪي
مخير شخص جن مان ڪي بمبئيءَ ڪائونسل جا به ميمبر
هئا، انهن جو تفصيل هن ريت آهي، مسٽر محمد ايوب
کهڙو، عبداالحميد خداداد خان سکر وارو، علي محمد
راشدي، ماسٽر عبدالوهاب (جيڪو سنڌ زميندار جو
ايڊيٽر هو) اپر سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. سندس بابت
پير علي محمد راشدي لکي ٿو:
”هو زميندار جو ايڊيٽر هو، اپر سنڌ پارٽي ۾ گهڻا
ڪائونسل جا ميمبر اڃا شامل ڪو نه ٿيا هئا، پر نالي
خاطر اسين ننڍا ورڪر خانبهادر شاهنواز ڀٽي (پوءِ
سر شاهنواز ڀٽو ٿيو) جو نالو وٺندا رهندا هئاسين
(راشدي، 1987ع، ص 54).“
اَپر سنڌ جي ڀيٽ ۾ لوئر سنڌ يا حيدرآبادي
حلقي ۾ خانبهادر سيد ڪامل شاهه ۽ نورمحمد لاکير
وڪيل (نورمحمد هاءِ اسڪول جو باني) جهڙا سرڪردا
شامل هئا. ان ماحول ۾ جڏهن 1924ع واري سنڌ
ايجوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد ۾ سڏائڻ واري رٿ آئي
تڏهن سوال پيدا ٿيو ته:
”ان ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جا عهديدار ڪير
ٿين (ڇاڪاڻ ته) ان جي افتتاح لاءِ گورنر صاحب به
اچڻ قبول ڪيو هو. اهڙو پروگرام جنهن جو افتتاح
بمبئي جو گورنر صاحب ڪرڻ فرمائي رهيو هو، اهڙي
عاليشان موقعي کي نظر ۾ رکندي لوئر سنڌ وارن پاڻ
کي اڳ ۾ ڪرڻ خاطر هڪ درپرده ميٽنگ سڏائي،
استقباليه ڪاميٽيءَ جا سمورا عهدا پنهنجن ماڻهن ۾
ورهائي ڇڏيا. سيد محمد ڪامل شاهه ڪاميٽي جو
چيئرمن ٿيو ۽ مرحوم نورمحمد وڪيل جنرل سيڪريٽري
(راشدي، 1987ع، ص 55).“
اها ڳالهه اپر سنڌ وارن کي پسند نه آئي،
انڪري انهن ان چونڊ تي احتجاج ڪيو. اهو احتجاج
ايترو ته عام ٿيو، جو الوحيد اخبار جي 21 مئي
1924ع واري اشاعت ۾ هن قسم جو ايڊيٽوريل لکيو ويو
ته:
”سنڌ جهڙي اسلامي صوبي ۾ جتي ڪثرت زميندار زردار
رهن ٿا ۽ پيرن بزرگن جي ته ڪمي ئي ڪانه آهي،
مسلمانن جو فقط هڪڙو هاءِ اسڪول آهي، جنهن کي سنڌ
مدرسة الاسلام جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن مان
صاف ظاهر آهي ته سنڌ مسلمان تعليم واري ميدان ۾
نهايت پوئتي پيل آهن ۽ انهن جو سڄو ڪارڻ آهي قوم
جي بهي خواهن جي الغرضائي ۽ انهيءَ اهم ۽ ضروري
ترين مسئلي کان بيپرواهي، انهيءَ ضرورت کي محسوس
ڪندي، 1919ع ۾ سکر ۾ هڪ انجمن احباب وطن جي سهاري
هيٺ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ڪانفرنس سڏائي ويئي
هئي، نتيجو ڇا نڪتو ان تي بحث ڪرڻ جي بجاءِ هيترو
چئي سگهجي ٿو ته ان وقت، هي ته صاف ڏسڻ ۾ آيو ٿي
ته مسلمانن ۾ پنهنجي انهي نقص جو صاف طرح احساس
ٿيڻ لڳو هو ۽ هو انهيءَ عيب کي ميٽڻ لاءِ تيار نظر
آيا ٿي.“
ان حوالي سان نورمحمد لاکير جي ڪيل ڪوششن جو ذڪر
ڪندي وڌيڪ لکيو ويو ته:
”انهن سڀني ضرورتن ۽ تعليمي مشڪلاتن کي
سامهون رکندي اسان جي دوست مسٽر نورمحمد صاحب وڪيل
ايم.ايل.سي سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي بيداري يا
روح ڦوڪڻ جي ارادي سان هن سال تعليمي ڪانفرنس
سڏائڻ جو ارادو ڪيو آهي، ارادو ڏاڍو نيڪ آهي، الله
تعاليٰ ڪامياب ڪريس، مگر افسوس هي ٿو ٿئي ته اهڙي
نيڪ ڪم ۽ مسلمانن جي بهبودي، ڀلائي جهڙي امر ۾ به
ڪي ماڻهو رنڊڪون وجهي رهيا آهن… تعليمي ڪانفرنسن
جي هڪ اوائلي ميٽنگ به ٿي گذري آهي، ممڪن آهي ته
ڪن بزرگن کي جن جي شموليت ڪن ماڻهن جي سمجهه موجب
۾ ضروري هئي، نه سڏايو ويو هجي، ته ائين ٿيو
هوندو، مگر ان جي اها معنيٰ نه آهي ته ڪانفرنس جو
وجود ئي اهڙن معزز ماڻهن جي شرڪت کان بيڪار آهي
بيشڪ انهيءَ نقص جي نهايت آسانيءَ سان تلافي ٿي
سگهي ٿي…
اسان وري به پنهنجي دوست مسٽر نورمحمد صاحب کي
مشورو ڏيون ٿا ته، ڪانفرنس جي جيڪا ٻي ميٽنگ سڏائي
انهيءَ ۾ سنڌ جي ماهرين تعليم ۽ انهن بزرگن کي
ضرور سڏيو وڃي جن جو وجود انهيءَ ڪم لاءِ ڪارائتو
ٿيندو ته آئينده ڪم لاءِ سهوليت به ٿئي ۽ اختلاف
به دفع ٿي وڃي.“
اپر سنڌ واري ڌر جي احتجاج ۽ اخباري
پٺڀرائيءَ جي ڪري، اهو مسئلو عام ماڻهن تائين پهچڻ
لڳو. ٻنهي ڌرين جو زور جيئن ته عوام کي پنهنجو
ظاهر ڪري سرڪار اڳيان سرخرو ٿيڻ هو، ان ڪري هن
نئين صورتحال ۾ حيدرآبادي پارٽيءَ کي نئين سر سوچڻ
تي مجبور ڪيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته:
”حيدرآبادي پارٽيءَ کي مجبور ٿي اڳيون چونڊون
منسوخ ڪري هڪ نئين ميٽنگ سڏائڻي پئي، جنهن ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ اپر سنڌ وارن کي به دعوتون ڏنيون ويو
(راشدي، 1987ع، ص 54).“
تعليم جهڙي اهم مسئلي تي هر سنجيده شخص
خاص طور تي اخباري دنيا سان لاڳاپيل فردن جي گهري
نظر هئي، انڪري ٻنهي گروپن جي ڇڪتاڻ واري صورت حال
جي مدِنظر مسلمانن جي نمائنده اخبار ’الوحيد‘ ان
ڪانفرنس جي اهميت ۽ ضرورت بيان ڪندي لکيو:
”سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم جو مسئلو هڪ اهڙو
نازڪ ۽ اهم مسئلو آهي جنهن کي سوچي سمجهي طي ڪرڻ
هڪ ضروري امر ٿي پيو آهي، انهيءَ لاءِ اڳي به
گهڻيون ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن، ۽ گهڻا ٺهراءُ
به پاس ڪيا ويا آهن، مگر جڏهن عمل جو وقت اچي ٿو
ته مسلمان هڪ اهڙي خاموشيءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا، جو
ڄڻڪ ڪا ڪانفرنس ٿي ئي ڪانه هئي ۽ نڪي ڪي اهڙا
ٺهراءُ پاس ڪيا ويا هئا جن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت
پوي. اهڙي حالت ۾ ڪانفرنس جو هئڻ يا نه هئڻ برابر
آهي، هن وقت عمل جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ ڪانفرنس کان
پوءِ ڪو عمل نه ڪيو ويو ته هن ڪانفرنس جو حشر به
اڳين ڪانفرنسن وانگر ٿيندو. تنهنڪري ضروري آهي ته
تعليمي ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ عملي طريقا
اختيار ڪيا وڃن. هن وقت جڏهن سنڌ ۾ سڀ مختلف
مسلمان جماعتون تعليم جي باري ۾ گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ
آماده آهن تڏهن اسان کي اميد ٿئي ٿي ته مسلمانن
پاران سنڌ جي جهالت کي دور ڪرڻ لاءِ ضرور ڪي عملي
ذريعا اختيار ڪيا ويندا ۽ سنڌ جي مسلمان ليڊرن
لاءِ هي هڪ زرين موقعو آهي، جو قوم کي تعليم جي
طرف عملي قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪري سگهن ٿا.“
مسٽر نورمحمد وڪيل جي ڪيل ڪوششن جو اعتراف ڪندي
لکيو ويو ته:
”انهيءَ باري ۾ جيڪا ڪوشش اسان جو دوست مسٽر
نورمحمد ايم.ايل.سي وٺي رهيو آهي، تحسين جوڳي آهي
۽ اسان کي يقين آهي ته هن جون ڪوششون مسلمانان سنڌ
جو تعليمي سڌاري لاءِ ضرور ڪامياب ٿينديون ۽ سنڌ
جا ٻيا سربرآورده مسلمان ليڊر ۽ زميندار ضرور هن
سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ
هم تن مصروف ٿي ويندا.“
تعليمي ڪانفرنس لاءِ ڪي تجويزون:
ساڳي اخبار ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪي مفيد
تجويزون ڏيندي لکيو:
”هن وقت اسين ضروري سمجهون ٿا ته مسلمانن
جي تعليمي حالت مدِنظر رکي ڪانفرنس جي غور لاءِ
قوم جي اڳيان ڪي تجويزون پيش رکون. هن ڳالهه کان
ته ڪو انڪار ڪري نٿو سگهجي ته اسان جي تعليمي
ڪمزوري ٻين قومن جي مقابلي ۾ ايتري حد تائين پهچي
وئي آهي جو اسان کي انهيءَ ڪمزوري کي دور ڪرڻ لاءِ
ڪي خاص ذريعا اختيار ڪرڻا پوندا. ازانسواءِ اسان
جو تمدن ٻين قومن کان گهڻو مختلف آهي. ۽ انهيءَ
لاءِ به اسان کي پنهنجي تعليمي پروگرام ۾ ڪي خاص
ڳالهيون اختيار ڪرڻيون پونديون، هي ڳالهه ته پايه
ثبوت تائين پهچي ويئي ته جيستائين مسلمانن جي
تعليم سندن هٿن ۾ نه هوندي تيستائين هنن جو تعليمي
سڌارو مشڪل آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته مسلمانن جي
تعليم لاءِ هڪ مسلمان ايڊيوڪيشنل انيپسڪٽر مقرر
ڪيو وڃي ۽ تعليمي ڪانفرنس کي گهرجي ته انهيءَ لاءِ
متفق آواز سان طلب ڪري.“
ٻي سڀ کان وڏي مشڪلات جا مسلمانن جي تعليم
۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهي آهي ۽ جنهن جي ڪري مسلمان
تعليم کان پري ڀڄن ٿا، سا نصاب جي خرابي آهي،
موجوده نصابِ تعليم اهڙو نه آهي جو مسلمان ان کي
آسانيءَ سان اختيار ڪري سگهن. ازانسواءِ مسلمانن
جا مذهبي اخلاقي معاشرتي ۽ تاريخي ۽ سياسي ڪتاب
گهڻو ڪري اردو زبان ۾ آهن، تنهنڪري مسلمانانِ سنڌ
لاءِ جيتريقدر سنڌي زبان جي ضرورت آهي، اوتري قدر
اردو زبان جي به. تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ سڀ کان
وڌيڪ ضروري ۽ لازمي هي ڪم هئڻ گهرجي، جو نصاب
تعليم کي مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ تاليف ڪميٽي مقرر ڪئي
وڃي ۽ مرتب ٿيل نصاب ۾ اردو زبان کي ڪافي حصو ڏنو
وڃي. تعليمي پستي ۽ نوڪرين نه ملڻ ڪري مسلمانن جي
حالت ڏيهاڙي خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهنڪري ضروري آهي
ته نصاب تعليم ۾ صنعت و حرفت لازمي رکي وڃي، جو
مسلمان طالب علم فارغ تحصيلِ علم ٿيڻ کانپوءِ
آساني سان ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي کي لڳي وڃن.
اهڙي تعليم جاري رڪڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ
ماڊل (نموني طور) اسڪول جاري ڪيو وڃي ۽ انهيءَ
لاءِ حيدرآباد کانسواءِ ٻيو ڪو موزون شهر ڪونهي،
انهيءَ ماڊل اسڪول ۾ تعليمي نقطهء نظر سان هرهڪ
شيءِ جو لحاظ رکيو وڃي ۽ ٻين اسلامي مدرسن کي زور
وٺائڻ سان گڏ مسلمان طالب علمن واسطي وظيفن جو
مڪمل انتظام رکيو وڃي، ۽ هرهڪ ضلعي ۾ بورڊنگ هائوس
کوليا وڃن جي ٻهراڙيءَ جي مسلمان طالب علمن لاءِ
ضروري ۽ لازمي آهن ۽ هن کي سندن تحصيل عام ۾ گهڻي
مدد ڏئي سگهن ٿا. انهن بورڊنگ هائوسن ۾ مذهبي
تعليم جو انتظام رکڻ ضروري سمجهيو وڃي جو مسلمان
طالب علمن جي اخلاقي حالت سڌرندي رهي. جنهن صورت ۾
ڳوٺن ۾ مسلمانن جي آبادي گهڻي آهي تنهن صورت ۾
مسلمانن جي تعليم لاءِ ڳوٺن ۾ اسڪول کوليا وڃن ۽
انهن جي قيام لاءِ زميندارن کان مدد ورتي وڃي.
اهڙيءَ طرح آهستي آهستي مسلمانن جي تعليمي ڪمزوري
گهڻو گهٽ ٿي ويندي.
اهو سڀ ڪم هڪ باقاعدي انتظام کان سواءِ
ٿي نه ٿو سگهي، تنهنڪري ضروري آهي ته سڄو انتظام
هڪ مرڪزي تعليمي ڪميٽي جي سپرد ڪيو وڃي ۽ حيدرآباد
سنڌ کي مسلمانن جي تعليم جو مرڪز قرار ڏنو وڃي، ۽
ان جي ماتحت مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۽ ڳوٺن ۾ تعليمي
ڪميٽيون مقرر ڪيون وڃن جو مرڪزي ڪميٽي جي هدايت
موجب تعليمي پروگرام کي عمل ۾ آڻينديون رهن. هتي
اسين واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته تاريخي ۽ جغرافيه نقطهء
نظر سان حيدرآباد جو شهر هڪ اهڙو شهر آهي جيڪو
تعليم جو مرڪز ٿي سگهي ٿو. ڪي اسان جي تجويز کي
ناپسند ڪن ۽ ڪراچي شهر کي مرڪز بنائڻ چاهين پر
ڪراچي شهر جي هڪ ته آب و هوا خراب آهي ۽ ٻيو اتي
ٻين شهرن جي مقابلي ۾ خرچ گهڻو آهي. اهوئي سبب آهي
جو حيدرآباد جو شهرڪراچي کان وڌيڪ موزون آهي، اهي
آهن اسان جون تجويزون جي اسين ڪميٽي جي اڳيان غور
لاءِ پيش ڪريون ٿا.
هن وقت ڪانفرنس جي انعقاد جو ڪم باقاعده
جاري آهي ۽ سنڌ جي هرهڪ مسلمان کي کپي ته هو
ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪري ۽
خاص ڪري زميندارن کي گهرجي ته پنهنجي خوابِ غفلت
مان بيدار ٿي مسلمانن جي تعليمي ڪمزوري کي محسوس
ڪري اٿي کڙا ٿين ۽ هر ممڪن ڪوشش سان ڪانفرنس کي
ڪامياب بنائڻ ۾ دل و جان سان ڪوشش ڪن، انهيءَ لاءِ
هنن جو فرض ٻين جي مقابلي ۾ هڪ اهڙي اهميت رکي ٿو،
جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي ۽ اڄ هن جي مدد
۽ همدردي مسلمانن جي تعليمي مسئلي کي آسان ڪري
سگهي ٿي، انهيءَ خيال سان اسين اميد ڪريون ٿا ته
مسلمانن جي هي تعليمي ڪانفرنس مسلمانانِ سنڌ لاءِ
هڪ برڪت ثابت ٿيندي (الوحيد، 13- نومبر 1924ع).“
مسئلي جو حل:
آخرڪار رئيس جان محمد ڀرڳڙي جي حيدرآباد واري
بنگلي تي ٻنهي ڌرين جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ اختلافن
جو حل ڳوليو ويو. نئين فيصلي تحت:
”نيون چونڊون ڪيون ويون ۽ شيخ قادر ۽ سندس پارٽيءَ
کي به چڱو حصو ڏنو
ويو (راشدي، 1987ع، ص 57).“
ان حوالي سان 26 سيپٽمبر 1924ع تي سيد
محمد ڪامل شاهه ۽ مسٽر نورمحمد وڪيل سائين جي. ايم
سيد صاحب کي خط ۾ لکيو ته:
”تعليمي ڪانفرنس جي ڪوٺائڻ وارا اعتراض
ختم ٿي، اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيو ته، ان لاءِ 5
آڪٽوبر 1924ع تي جان محمد خان ڀرڳڙي جي بنگلي تي
ڪٺو ٿي، ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ تجويزون ٺاهجن، اوهان
مهرباني ڪري ان ۾ ايندا.“
ان ئي سلسلي ۾ سيد صاحب 15 - آڪٽوبر 1924ع
ميران محمد شاهه سان گڏجي جان محمد خان ڀرڳڙي جي
بنگلي تي سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي ابتدائي ڪاميٽيِءَ
واري اجلاس ۾ شامل ٿيو، ان تعليمي گڏجاڻي ۾ سنڌ
جا گهڻو ڪري سڀني طبقن جا مکيه ماڻهو حاضر هئا. تن
مان ڪجهه ماڻهن جا نالا سائين جي.ايم.سيد هن ريت
ڏنا آهن:
1- زميندار طبقو:
شاهنواز خان ڀٽو، خانصاحب محمد ايوب کهڙو، سيد
محمد ڪامل شاهه، خان بهادر غلام نبي شاهه، خان
بهادر چاڪر خان سهراڻي، خان بهادر غلام محمد خان
ٽالپر، سيد علي محمد شاهه راشدي.
2- سرڪاري آفيسر:
مسٽر حامد علي ڪيلڪٽر، خان بهادر نبي بخش حسين،
خان صاحب عبدالقادر.
3- وڪيلن مان:
مسٽر نورمحمد وڪيل، مسٽر عبدالرحمان باريسٽر، سيد
ميرزا محمد شاهه وغيره.
4- تعليم سان واسطو رکندڙ:
نوردين احمد، غلام علي نانا، مسٽر عبدالحق شيخ،
مسٽر محمد صديق ۽ ٻيا. (سيد، 2010ع: ص 66)
”اتي صلاح بيٺي ته ڪانفرنس 15- 16 ڊسمبر
1924ع تي حيدرآباد ۾ ڪجي، صدر سر ابراهيم رحمت
الله کان صدارت ڪرائجي، ڪانفرنس جي ڪم لاءِ جنرل
سيڪريٽري مسٽر نورمحمد وڪيل، جوائنٽ سيڪريٽري مسٽر
نوراحمد نانا ۽ سيد ميران محمد شاهه ڪيا ويا (سيد،
يادگيريون. ص 187).“
ابتدائي تياريون:
16- نومبر بروز آچر مسٽر نورمحمد وڪيل،
ايم.ايل.سي جي بنگلي تي تعليمي ڪانفرنس جي
استقباليه ڪميٽي جو اجلاس جناب سيد عبدالحڪيم شاهه
صاحب جي صدارت ۾ ٿيو، جلسي ۾ اٽڪل 50 ماڻهو شريڪ
ٿيا، جن ۾ سيد اسدالله شاهه صاحب، عبدالقادر صاحب
ڊپٽي ڪليڪٽر، ميجر يارمحمد خان صاحب، خان صاحب خان
محمد صاحب انسپيڪٽر، حڪيم شمس الدين صاحب، امين
الدين صاحب، قاضي عبدالرحمان صاحب، شيخ عبدالسلام
ايڊيٽر ’الوحيد‘، محمد هاشم صاحب ايڊيٽر مسلمان
قاضي عبدالقيوم صاحب، عبداللطيف صاحب ميمڻ وغيره
موجود هئا، تعليمي ڪانفرنس جي انتظام لاءِ مختلف
ڪاميٽيون ٺاهيون ويون: انتظامن جي نظرداري ڪرڻ
لاءِ ڏهن ماڻهن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهن ۾
1. قاضي فضل الله صاحب (مددگار سيڪريٽري)، 2. مسٽر
عبدالمجيد حسن علي، 3. مسٽر محمد اسلم، 4. مسٽر
ڪرم خان صاحب،
5. خانصاحب ميان خان محمد خان صاحب، 6. مسٽر ڪرم
خان صاحب، 7. قاضي عبدالقيوم صاحب، 8. ميان
عبداللطيف صاحب هاله، 9. مسٽر عبداللطيف ميمڻ شامل
هئا. افسوس جو وڏي ڳولا ڦولا کان پوءِ به باقي ٻن
ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جا نالا ملي نه سگهيا آهن.
ڊيليگيٽن صاحبن جي رهائش لاءِ بندوبست ڪرڻ جي
ڪميٽي
1.
مسٽر نورالدين غلام علي پرنسپل ٽريننگ ڪاليج (صدر)
2.
مسٽر جمال الدين
3.
مسٽر عبدالغفور
4.
مسٽر جلال الدين منشي
5.
مسٽر بهرام خان
6.
حڪيم محمد وريل صاحب
7.
مسٽر جان محمد هيڊ منشي
8.
مسٽر قاضي
9.
مسٽر پير ڏنو
10.
ميان قمبر علي شاهه
11.
ميان محمد اسماعيل چانڊيو
12.
مسٽر رحمت الله خان
کاڌ خوراڪ جي بندوبست لاءِ ڪميٽي
1.
مسٽر شيخ عبدالعزيز (صدر)
2.
ميان مٺڻ شاهه
3.
قاضي ميان علي محمد
4.
غلام حسين خان پاٽولي
5.
ميان محمد صديق
6.
مسٽر محمد هارون
7.
مسٽر فيروز خان
8.
مسٽر محمد اعظم
رضاڪار جماعت:
ورڪرن يعني رضاڪارن جي جماعت، جنهن کان ڪم
وٺن لاءِ مسٽر آخوند رسول بخش سنڌ مدرسه ڪراچي جي
ماستر صاحب کي ڪپتان چونڊيو ويو.
تعليمي ڪانفرنس ۽ عيوض لاءِ بندوبست:
انتظاميه پاران ظاهر ڪيو ويو ته: جيڪي
صاحب تعليمي ڪانفرنس لاءِ حيدرآباد ويندا تن جي
رهائڻ لاءِ استقباليه ڪميٽي چڱو بندوبست ڪري رهي
آهي ۽ جدا جدا ڪميٽيون انتظام ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون
ويون. پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ جي سهوليت لاءِ پنهنجي
مدد پاڻ جي اصول تحت گهڻي غور ويچار کان پوءِ
استقباليه ڪميٽي کاڌ خوراڪ جا هيٺيان نرخ مقرر
ڪيا.
1.
صبح جي چانهه ۽ ٻن پهرن جي ماني ۽ رات جي ماني
لاءِ روزانه 0-8-1 روپيا
2.
ڪانفرنس هال ۾ عيوضي طور داخلا جي في ڪانفرنس جي
سڀني ڏينهن لاءِ 0-0-2 روپيا
3.
ڪانفرنس هال ۾ ملاقي طور وڃڻ جي في 0-0-1 روپيا
کاڌ ۽ رهائش جي سلسلي ۾ هيٺيون ڳالهيون ظاهر ڪيون
ويون:
کاڌ خوراڪ في مقرر ڪيل نرخ کان وڌيڪ جيڪو
خرچ ٿيندو سو استقباليه ڪميٽي پاڻ ڀريندي.
تاريخ 15- ڊسمبر صبح کان استقباليه ڪميٽي
مهمانن جي رهائش لاءِ بندوبست ڪيو آهي ۽ 18 تاريخ
شام تائين بندوبست رکندي.
عارضي ڪاميٽي جو جڙڻ:
ان ابتدائي اجلاس ۾ تعليمي ضرورتن تي غور
ڪرڻ جي سلسلي ۾ 58 ميمبرن تي هيٺين عارضي ڪاميٽي
مقرر ڪئي ويئي.
(1) شيخ محمد قادر صاحب، (2) خانبهادر
مسٽر غلام نبي بخش، (3) مسٽر ولي محمد حسن علي،
(4) خانبهادر شاهنواز خان ڀٽو، (5) مسٽر محمد ايوب
کهڙو، (6) سيد ميان غلام نبي شاهه صاحب،
(7) خانبهادر جان محمد خان صاحب پٺاڻ، (8) آنربل
مسٽر علي بخش محمد حسين، (9) ارباب خميسو خان
صاحب، (10) محمد جعفر صاحب، (11) مسٽر محمد بخش
الاهي بخش صاحب، (12) مسٽر عبدالڪبير صاحب قاضي،
(13) سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب، (14) پير الاهي
بخش، (15) مولوي فتح محمد صاحب، (16) شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ صاحب، (17) ڊاڪٽر حاجي قاسم صاحب،
(18) سيٺ طيب علي بهائي صاحب، (19) مسٽر محمد خان
صاحب، (20) مسٽر عبدالرحمان قاضي، (21) مسٽر
عبدالسلام، (22) مسٽر عبدالرحمان بيريسٽر،
(23) مير ايوب خان صاحب، (24) مسٽر غلام حسين
قاسم، (25) مسٽر مريد علي، (26) مسٽر غلام علي
چاڳلا، (27) سيٺ عبدالشڪور صاحب، (28) مسٽر غلام
سرور صاحب، (29) مسٽر غلام عباس صاحب، (30) مسٽر
غلام نبي قاضي، (31) مسٽر شيخ عبدالحق، (32) مسٽر
مشهدي، (33) مسٽر قاضي عبدالغني، (34) مسٽر علي
خان، (35) مسٽر محمد صديق ميمڻ، (36) مسٽر محمد
ابراهيم ڊپٽي ملا اسڪول، (37) مسٽر عبدالحميد
خداداد خان صاحب، (38) مسٽر حبيب الله صاحب، (39)
سيد ميرل محمد شاهه صاحب، (40) سيد ميان علي محمد
راشدي، (41) مسٽر پيرزادو ڊپٽي ڪليڪٽر، (42) مير
الله بخش خان صاحب، (43) ميان محمد بخش مخلص،
(44) حڪيم ميان شمس الدين احمد صاحب، (45) مسٽر
امين الدين، (46) مسٽر قاضي عبدالقيوم صاحب،
(47) ميان محمد هاشم گذدر، (48) مولانا عبدالڪريم
چشتي، (49) مولوي تاج محمد (عليگ)، (50) مسٽر
عبدالعزيز، (51) مسٽر عبدالقادر صاحب، (52) مسٽر
مرزا ڊپٽي ڪليڪٽر، (53) خانبهادر مير غلام محمد
خان صاحب،م (54) سيد ميان غلام مرتضيٰ شاهه صاحب،
(55) جناب پير تراب علي شاهه صاحب، (56) جناب پير
علي انور شاهه صاحب، (57) غلام علي نورالدين نانا،
(58) خان صاحب ميان عبدالوهاب خان صاحب
(الوحيد، 18- نومبر 1924ع).“
ساڳي اخبار جي ساڳي صفحي تي تعليم سان
دلچسپي رکندڙ ميمبرن لاءِ مسٽر نورمحمد لاکير جي
هيٺين اپيل شايع ٿي:
”بخدمت جميع ممبران صاحبان مضمون ڪاميٽي
بعد سلام مضمون جي عرض ته مضمون ڪميٽي جي ميٽنگ
تاريخ 17 ۽ 18- نومبر جي حيدرآباد ۾ نيازمند جي
آفيس ۾ صبح جو 9 بجي شروع ٿيندي، تنهنڪري عرض ته
تڪليف گوارا ڪري انهيءَ ميٽنگ ۾ ضرور شامل ٿيندا.
اڃا تائين سنڌ جي مسلمانن پنهنجي ٻارن جي
تعليم تي ڪنهن به وقت چڱي طرح ويهي غور ڪرڻ نه
فرمايو آهي، تنهنڪري جيڪي دقتون انهن کي تعليم
حاصل ڪرڻ ۾ پيش پيون اچن، ان تي قوم جو ڌيان پوري
طرح نه ڇڪايو ويو آهي.
هيءَ ڪاميٽي انهيءَ ڪري اڳ ۾ ڪوٺائي وڃي
ٿي ته ساهه ستي ۾ ويهي سڀني امور تي سڀ صاحب غور
ڪري سگهن ۽ ڪانفرنس ۾ ڪا وڌيڪ تڪليف نه ٿئي ۽
ضروري ڳالهيون رهجي نه وڃن.
جيڪا قوم جي حالت هن وقت وڃي ٿي آهي تنهن
تي غور فرمائي اوهين صاحب اميد آهي ته ضرور شامل
ٿيڻ فرمائيندا، پر جيڪڏهن ڪنهن به لاچاريءَ سبب
اوهين شامل ٿي نه سگهو ته پنهنجي قيمتي راين کان
يڪدم واقف ڪرڻ فرمائيندا. والسلام.
خاڪسار
نورمحمد
سيڪريٽري
حيدرآبد 16- نومبر 1924ع
ان موقعي تي جيئن ته مختلف ڪانفرنسن جو
انعقاد ٿيڻو هو، انڪري ساڳي اخبار ۾ اقتصادي ۽
تجارتي ڪانفرنسن واري حوالي سان شيخ عبدالسلام جي
اپيل هن ريت شايع ٿي:
اقتصادي ۽ تجارتي ڪانفرنس:
تاريخ 27 ۽ 28- نومبر تي جيڪا مضمون ڪميٽي جي
ميٽنگ حيدرآباد ۾ ٿيڻي آهي تنهن ۾ تجارتي ڪانفرنس
جو سوال به اچڻو آهي ته اقتصادي ۽ تجارتي ڪانفرنس
ضرور تعليمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيڻ گهرجي.
اميد آهي ته ميمبر صاحبان سڀ انهيءَ لاءِ
تيار ٿي ضررو ڪي تجويزون جلسي ۾ پيش ڪندا يا
مهرباني ڪري لکي مون ڏانهن ڏياري موڪليندا
(الوحيد، 17- نومبر 1924ع).“
ان حوالي سان 17 نومبر 1924ع تي سائين
جي.ايم.سيد کي نورالدين، احمد غلام علي جوائنٽ
سيڪريٽري تعليمي ڪانفرسن وٽان خط پهتو ته:
”تعليمي ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جي ميٽنگ
جيڪا گذريل آچر تي حيدرآباد ۾ ٿي، تنهن ۾ اوهان
صاحب مضمونن
(Subject)
تي غور ڪرڻ واري عارضي ڪميٽي ريوويزنل سبجيڪٽ
ڪميٽي تي مقرر ٿيا آهيو، انهيءَ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ
تاريخ 27 نومبر 1924 خميس ڏينهن 9 بجي صبوح جو
مسٽر نورمحمد جي آفيس ۾ ٿيندي، استدعا آهي ته
مهرباني ڪري انهيءَ ڪميٽيءَ ۾ ضرور شامل ٿيندا
جيڪڏهن 27 تاريخ ڪم پورو نه ٿيو ته امڪان آهي ته
28 تاريخ به هلي اوهان جي ذات والاصفات ۾ اميد آهي
ته هن قومي ڪم ۾ ضرور اچي شامل ۽ مددگار ٿيڻ جي
تڪليف گوارا ڪندا (خطن جو فائيل جي.ايم.سيد
لائبريري).“
سنڌ جي جيد مذهبي عالم ۽ سيد علي اڪبر
شاهه ان ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ ۽ خاص طرح سان
عربي زبان کي ترقي ڏياري سنڌ جي تعليمي زبان طور
لاڳو ڪرڻ لاءِ، اخبار ۾ هيٺين ريت پنهنجون رٿون ۽
رايا پيش ڪيا:
”مسلم ايجوڪيشنل حيدرآباد سنڌ ۾ منعقد ٿيڻ
واري آهي، جنهن ۾ هر طبقي جا سنڌي مسلمان تعليم تي
غور ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيڻ وارا آهن، تنهن بابت منهنجي
راءِ آهي ته عربي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ ڪو
اُپاءُ ڪجي، ڇو ته عربي زبان مسلمانن جي جان بلڪ
روح روان آهي ڇو ته فقط انگريزي زبان مان اسان جو
ڪماحقو گهربل فائدو ڪونه ٿيڻ وارو آهي، اوهان ڏسو
ته هندي يا سنسڪرت جي لاڳو ڪرڻ لاءِ هندو سڀا همہ
گير ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڪاليجن ۾ سنسڪرت زبان رائج
ٿي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ عربي تمام گهڻي قدر گهٽجي وئي
آهي، حالانڪ سنڌ اڳ عربي زبان جو گهوارو هئي.
منهنجو خيال آهي ته ڪراچي جامعيه اسلاميه ۾ عربي
پڙهندڙ شاگردن لاءِ خاص عربي لاءِ ڪي اسڪالرشپون
يا وظيفا منظور ڪرايا وڃن، اهڙن وظيفن جو انتظام
سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي ذريعي ڪيو وڃي، جيڏهن ان
ريت عربيءَ جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪيو ويو ته پوءِ اميد
آهي ته خاطرخواهه نتيجو نڪرندو. گهرجي ته هاڻي ئي
انهيءَ سوال کي هٿ ۾ کڻجي ۽ ڪانفرنس جي ڪارڪنن جي
ڪنن تائين هي آواز پهچائي ڏجي (الوحيد، 19- نومبر
1924ع).“
ان تعليمي مقصد خاطر سائين جي.ايم.سيد صاحب 27
نومبر 1924ع تي سنڌ ايڊيوڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ
لاءِ حيدرآباد ويو. اها ميٽنگ مسٽر نورمحمد وڪيل
جي آفيس ۾ ٿي. جنهن ۾ ميران محمد شاهه ۽ خانبهادر
چاڪر خان سهرياڻي کانسواءِ اٽڪل 15کن ماڻهو موجود
هئا. ان موقعي تي سيد صاحب ملاسڪول قائم ڪرڻ لاءِ
تجويز پيش ڪئي (سيد، يادگيريون، ص 197) .“
ان تعليمي ڪانفرنس جي اهميت جي مدِنظر
پنهنجي دور جي وڏي عالم ۽ مؤرخ مولوي نورمحمد
نظاماڻي الوحيد 7- ڊسمبر 1924ع واري اخبار ۾
’تعليمي ڪانفرنس هڪ قابلِ توجهه امر‘ عنوان هيٺ
لکيو:
”تعليمي ڪانفرنس منعقد 16-17- ڊسمبر 1924ع جي لاءِ
الحمدلله زوردار تحريڪ هلي رهي آهي ۽ نهايت اعليٰ
پيماني تي وڏي همت سان بلڪل چڱيون ڪوششون ۽
تياريون ٿي رهيون آهن آثار شاهد آهن ته جيڪڏهن اها
همت برقرار رهي ۽ اها ڪوشش قائم رهي ته، انشاءالله
تعاليٰ هڪ ڏينهن دنيا ڏسي رهندي ته هائو مسلمان
بيشڪ اها شيءِ آهن جن جي همت ۽ جرائت قيصر ۽ ڪسرا
جهڙن جا گردن جهُڪائي ڇڏيا جن جي تهذيب ۽ تمدن جي
روشن ڪيل چراغ دنيا جي هر حصي تي اهڙو پرتوو وڌو
جو اڄ ان جو تاريڪ صوبو بسرخود هڪ اعليٰ درجي جي
چراغ هجڻ جو دعويٰ دار آهي.
ڪاروان ڪانفرنس جي خدمت ۾ منهنجو عرض آهي ته چونڪه
هي تعليمي عمارت جو مسئلو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن
تي نه صرف دنوي زندگي جو دارومدار بلڪ آخري مقصد
جو حصول به انهيءَ کانسواءِ هرگز ٿيڻو نه آهي.
لهٰذا ان کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ اول اول ان
جي بنيادي پٿر تي نظر رکڻ ضروري آهي.
ڏسجي ٿو ته اڄڪلهه تعليم جي باري ۾ جيڪا
ڪوشش ڪئي ٿي وڃي سا رڳو اعليٰ تعليم جي لاءِ،
ابتدائي تعليم ته گويا تعليم ئي ڪري نه ٿي سمجهجي،
بيشڪ ان جو نصب العين اعليٰ تعليم آهي ۽ هجڻ
گهرجي، مگر حقيقتاً تا وقت يکه ابتدائي تعليم جي
ڪامل اصلاح نه ڪئي ويندي، اعليٰ تعليم جو حصول نه
فقط محال بلڪ هڪ ناممڪن امر آهي ڇا؟ ابتدائي تعليم
لاءِ اسڪول ڪافي سمجهيا ٿا وڃن، جن ۾ مذهب ته خير
هڪ پراڻو خيال آهي مگر اخلاق ۽ فضيلت جو جيڪو حشر
آهي، تنهن جي تفصيل لاءِ به هڪ ضخيم ڪتاب جي ضرورت
آهي. خير انهن ڳالهين جي به کڻي اسان کي پرواهه نه
هجي ڇو ته اسان جو غرض آهي تحصيل زرماعه ايمان ۽
اخلاق خبر نه آهي ته ڪهڙي باغ جي موري آهي.
منهنجي ناقص خيال ۾ آهي ته قوم جي زيرسايه
هر ضلعي ۾ هڪ اعليٰ مدرسو جاري ڪجي جنهن جون شاخون
ٻين وڏن شهرن ۾ کوليون وڃن ۽ انهن ۾ قطعه نظر
امتحانات محض علمي لياقت تي نظر رکي، اهڙا معلم
مقرر ڪجن جن جي تعليم اسڪولي تعليم کي شڪست فاش
ڏيئي ثابت ڪري ڏيکاري ته بيشڪ تعليم هي شيءِ آهي ۽
انهن مدرسن لاءِ تعليم جو نصاب اهڙو تيار ڪرائجي
جو راهه خشڪيءَ جي مقابل ۾ ريل جي مثل هجي.
خاڪسار
حڪيم محمد نظاماڻي
ڪانفرنس جي موقعي تي دلچسپي پيدا ڪرائڻ
خاطر هڪ نشست ’ٻي سنڌ مشاعره ڪانفرنس‘ عنوان هيٺ
مشاعري جي پڻ رکي ويئي هئي، جنهن جو سيڪريٽري حاجي
محمود خادم هو، جنهن مشاعري کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ
اخبار ”الوحيد“ معرفت شاعرن لاءِ هن ريت دعوت نامو
پڌرو ڪيو:
”سنڌ جي سڀني اردو خواهه سنڌي شاعر صاحبن
کي عرض آهي ته هيٺين طرح تي غزل ٺاهي موقعي مذڪور
تي اچي شريڪِ ڪانفرنس ٿي علمي دنيا کي مرهون منت
فرمائين.
جيئن ته وقت ٿورو مليل آهي، تنهنڪري مناسب
ٿيندو ته سڀڪو غزل ڏهن شعرن کان مٿي هئڻ نه گهرجي.
مصرعه طرح:
(اردو)
چشم موسیٰ
کو بھی
حسرت رہ گئی
دیدار
کی
(سنڌي)
چشم موسيٰ کي به حسرت رهجي ويئي ديدار جي.
حاجي محمود خادم
سنڌ مشاعره ڪانفرنس حيدرآباد
مسلمان شاگردن لاءِ بورڊنگ هائوس:
ان اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا تن مان
هڪڙو اهم فيصلو مسلمان شاگردن لاءِ بورڊنگ هائوس
جو قيام هو، جنهن لاءِ سالن کان مسلمان مطالبو
ڪندا پئي رهيا، ته سرڪار بورڊنگ هائوس جو ڪو جوڳو
بندوبست ڪري، پر جڏهن سرڪار ڪجهه نه ڪيو، تڏهن سيد
ڪامل شاهه، مسٽر نورمحمد وڪيل ۽ ٻين جي ڪوششن سان
بورڊنگ هائوس جو بندوبست ٿيو. ۽ ”سرڪاري ماسترن جي
ٽريننگ ڪاليج جو سڄو بورڊنگ هائوس جو هيرآباد طرف
خالي پيو هو ۽ ڪنهن به ڪمِ ڪونه پيو اچي، سو
رعايتي مسواڙ تي هٿ ڪيو ويو حيدرآباد جي ڪن معزز
مسلمانن جي ڪاميٽي به بورڊنگ هائوس جي نظرداري ۽
سنڀال لاءِ مقرر ٿي (الوحيد، 4- اپريل 1925ع).“
بورڊنگ هائوس کي هلائڻ لاءِ واليء خيرپور
ميرس 3 هزار رپيا سالياني گرانٽ پڻ منظور ڪئي، اهو
بورڊنگ هائوس حيدرآباد ضلعي جي مسلم تنظيم ڪاميٽي
جي زير نگران ڪيو ويو جنهن جي هلائڻ لاءِ هيٺ ذڪر
ڪيل مخير حضرات جي ڪاميٽي جوڙي ويئي:
”صدر: مسٽر عبدالقادر
محمد حسين
نائب صدر: ميان گلباز خان
سيڪريٽري: مسٽر نورمحمد وڪيل
خزانچي: سيٺ شهاب الدين
ان کانسواءِ ڪاميٽيءَ تي ٻيا ميمبر هئا:
ڊاڪٽر شيخ نورمحمد، حڪيم شمس الدين، خانبهادر
عظيم خان، مسٽر محمد صديق ميمڻ، سيد اشرف شاهه،
ڊاڪٽر غلام رسول، حاجي عمرالدين ۽ حاجي محمد
احسان.“ (الوحيد، 26- فيبروري 1925ع)
مسلمان شاگردن جي رهڻ لاءِ هيرآباد ۾ قائم
ان بورڊنگ هائوس ملڻ تي هندن جي ڪجهه تعصبي اخبارن
واويلا مچائڻ شروع ڪري ڇڏي، مسلمانن جي تعليمي
ترقيءَ واري مقصد جي مخالفت لاءِ جيئن ته ڪوبه
جائز جواز ڪونه هون، انڪري اجائي الزام تراشي ۽
بهتان بازي شروع ڪئي ويئي، حيدرآباد جي هڪ هندن جي
اخبار لکيو ته:
”ان جاءِ (بورڊنگ هائوس) جي ڀرسان اسان جا هندو
ٻار ٻچا ۽ زالون رهن ٿيون، تنهنڪري اتي مسلمان نه
رهن (الوحيد، 14- اپريل 1925ع).“
الوحيد مٿي ذڪر ڪيل حوالي لاءِ لکيو ته:
”اهي بلڪل بي غيرتيءَ جهڙا بي هودا الزام مسلمانن
جي اخلاقي حالت تي، بنا دليل ۽ بنا ثبوت جي رکيا
ويا آهن (الوحيد، 14- اپريل 1925ع).“
مٿي ذڪر ڪيل الزامن جي سلسلي ۾ عقلي دليل
پيش ڪندي اخبار لکيو:
”جيڪڏهن هندن جون زالون اڄ تائين بنا پردي
کليو کلايو، ريل ڇيل، صحيح سلامت هيڏي جو هوڏي
پيون گهمن ڦرن، بلڪ هاءِ اسڪول ۽ ٽريننگ ڪاليج ۽
ميڊيڪل اسڪول جي هندن ۽ مسلمانن شاگردن جي بورڊنگ
هائوس جي ڀرسان سالن جا سال اهي پئي رهيون آهن ته
هاڻي مسلمانن جي جدا بورڊنگ هائوس قائم ٿيڻ مان
کين ڪهڙو نقصان پهچندو، سو سمجهي نه ٿو سگهجي.“
(ساڳي اخبار) مسلمانن جي ان تعليمي ڪوششن جا مخالف
رڳو هندو ڀائر ڪونه هئا پر مسلمانن مان به ڪن ان
ڪاميٽيءَ مٿان تهمتن ۽ الزامن لڳائڻ سان ان ڪم جي
مخالفت ڪئي پئي. اهڙن الزامن جو ذڪر ڪندي الوحيد
لکي ٿي: ”انهيءَ سرڪار جي ظاهري خيرخواهه، درپردهه
مسلمانن جي مخالفن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڪاميٽيءَ
۾ گهڻا باغي ۽ سياسي شور مچائيندڙ آهن. شايد مسٽر
عبدالقادر، خان بهادر عظيم خان، ڊاڪٽر غلام رسول
بلوچ ۽ مسٽر محمد صديق ميمڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن ۽
ميان گلباز خان، مسٽر نورمحمد وڪيل ۽ حاجي محمد
احسان جهڙن سرڪار جي خيرخواهن کي باغي ۽ سورش ڪندڙ
سمجهي ٿو!! اهڙي عاقل کي ته هڪدم سرڪار پنهنجي
مخفي کاتي ۾ جاسوس ڪري رکي ته جيڪر سرڪار جي ڏاڍي
خدمت چاڪري ڪري!
مٿي ذڪر ڪيل فيصلي جي روشنيءَ ۾ اهو پڻ
فيصلو ڪيو ويو ته شاگردن جي مدد ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاءِ
شوق پيدا ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مخير ماڻهن کان فري
بورڊيون وٺي مستحق شاگردن کي ڏنيون وڃن. ان خير جي
ڪم لاءِ ڪيترين سرنديءَ وارن فري بورڊيون ڏيڻ جي
آڇ ڪئي ان سلسلي ۾ سيڪريٽري مسلم بورڊنگ هائوس
حيدرآباد مسٽر نورمحمد وڪيل اخبار ذريعي هن ريت
پڌرائي جاري ڪئي.
هيٺين صاحبن مهرباني فرمائي مسلم بورڊنگ
هائوس حيدرآباد واسطي فري بورڊريون عنايت ڪرڻ
فرمايون آهن:
1.
جناب آنربل شيخ غلام حسين هدايت الله صاحب
2 عدد
2.
جناب سيد محمد ڪمال شاهه صاحب
2 عدد
3.
جناب خانبهادر نبي بخش محمد حسين صاحب
2 عدد
4.
جناب خانبهادر محمد عظيم خان صاحب
1 عدد
5.
جناب عبدالقادر محمد حسين صاحب
1 عدد
6.
جناب مسٽر محمد صديق صاحب ميمڻ
1 عدد
7.
جناب رئيس علي محمد خان صاحب مري
1 عدد
8.
جناب مسٽر محمد هاشم گذدر
انجنيئر
1 عدد
انهن فري بورڊن کانسواءِ اميد ته ٽيهارو
کن فري بورڊريون ٻيون به ملنديون. جنهن صورت ۾
حيدرآباد ضلعي جي مسلمانن جي تعليمي حالت ابتر
آهي، تنهنڪري اهي فري بورڊريون اڪثر ڪري حيدرآباد
ضلعي جي انهن ڇوڪرن کي ڏيڻ ۾ اينديون، جن کي اهڙي
مدد جي ضرورت هوندي ۽ جي انگريزي پڙهڻ ۾ هوشيار
هوندا. درخواستون هيٺين نمونن ۾ اچڻ گهرجن:
1.
طالب العلم جو نالو ۽ عمر، اسڪول جي رجسٽر تي
چڙهيل
2.
پيءُ جو نالو
3.
رهڻ جو هنڌ
4.
اسڪول جنهن ۾ پڙهي ٿو ۽ درجو
5.
ڪلاس ۾ ڇوڪرن جو تعداد، تن ۾ درخواست ڪندڙ جو نمبر
6.
پوئين ۽ سالياني امتحان ۾ درخواست ڪندڙ کي ڪيتريون
مارڪون مليون ۽ ڪهڙيو نمبر آيو
7.
پيءُ يا سنڀاليندڙ جي مالي حالت جي تفصيلوار خبر
8.
ٻين مائٽن جا نالا سندن ڌنڌو ۽ آمدني
9.
ٻي ڪا اسڪالرشپ يا مدد جيڪا طالب علم کي ملندي هجي
10.
ڪلاس ماستر ۽ هيڊماستر جي سفارش
درخواستون جناب مسٽر عبدالقادر محمد حسن
صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ چيئرمن مسلم بورڊنگ هائوس
ڪميٽي حيدرآباد جي نالي تي 15- سيپٽمبر کان اڳي
اچڻ گهرجن (الوحيد، 27- آگسٽ 1925ع).“
سيد صاحب ان ڪانفرنس جي سلسلي ۾ 15- ڊسمبر
1924ع تي سيد مقبول شاهه سان گڏ حيدرآباد ويو. پاڻ
لکي ٿو ته:
”16 تاريخ هومسٽيڊ هال ۾ ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو، ان
۾ صاحبزادو آفتاب احمد خان به آيل هو، سر ابراهيم،
رحمت الله صدر هو، بمبئي جي گورنر اجلاس جو افتتاح
ڪيو. مسٽر نبي بخش محمد حسين آجيان جي ائڊريس
پڙهي، پوءِ گورنر جواب ڏنو. سر شاهنواز ڀٽي وري
کيس جواب ڏنو. شام جو بزم مشاعره ٿيو. 17 تاريخ
ڪانفرنس صبح کان ساڍي ٻارهين بجه تائين هلي (سيد،
يادگيريون، ص 199).“
ڪانفرنس جون قراردون:
ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي
ترقيءَ لاءِ جيڪي قراردون پاس ڪري، سرڪار کي
موڪليون ويون، ڪانفرنس ٿي وڃڻ کان اٺ مهينا پوءِ
به ڪانفرس وارن انهن مطالبن بابت ڪائي خبر ڪانه
پئي ته ’سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس‘عنوان سان اخبار
الوحيد هيٺين احتجاجي خبر هلائي. گذريل ڊسمبر ۾
حيدرآباد ۾ جيڪا سنڌ جي تعليمي ڪانفرنس ٿي هئي،
تنهن ۾ جيڪي ٺهراءُ پاس ٿيا، سي مرڪزي تعليم
ڪاميٽيءَ جي صدر صاحب جناب شيخ محمد قادر صاحب
بمبئي سرڪار کي موڪليا هئا، ۽ زوردار دليلن سان
سرڪار کي التجا ڪئي هيائين ته اهي ٺهراءُ قبول
ڪري، انهن تي عمل ڪندي، اسان کي ذريعن کان معلوم
ٿيو ته انهن ٺهرائن بابت سرڪار فيصلو ڪري ڇڏيو آهي
۽ گهڻا شايد مطالبا سرڪار نامنظور ڪري ڇڏيا آهن.“
اخبار جي شڪايتي خبر کان صرف ٽي ڏينهن
پوءِ ان ڪانفرنس ۾ ڪيل مطالبا ۽ انهن بابت سرڪار
پاران ڪيل وضاحتن ۽ ڏنل جوابن جو تفصيل هن ريت
شايع ٿيو.
سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي ٺهرائن تي بمبئي سرڪار
جو فيصلو
ڪانفرنس جا ٺهراءَ:
1.
سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسلمان مقرر ڪرڻ
گهرجي.
2.
آدم شماري جي لحاظ تي سڀني اسڪولن ۾ هيڊماستري ۽
نائب ماستري جا عهدا 72 فيصدي مسلمانن کي ملڻ
گهرجن ۽ هاڻي جيڪي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستري
جون جايون خالي ٿين، اهي سڀ لائق مسلمانن کي ملڻ
گهرجن، جيستائين 74فيصدي مسلمانن جو انهن عهدن ۾
تعداد ٿئي. تنهن کانسواءِ مسلمانن کي تعليم کاتي ۾
نوڪري ڪرڻ لاءِ خاص آڇون ڪجن مثلاً پگهار ۾
واڌارو، اسڪالرشپ وغيره.
3.
جنهن صورت ۾ اڄ تائين ضلعن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽرن جي عهدي تي ڪافي تعداد ۾ مسلمانن جو
مقرر نه ڪيو ويو آهي. تنهنڪري مسلمانن جي تعليم کي
نقصان پيو آهي، هاڻي جنهن صورت ۾ لوڪل بورڊ ۽
ميونسپالٽيون پنهنجا ايڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ڪندا،
تنهنڪري اهو خيال رکڻ گهرجي جيئن انهن عهدن تي
مسلمانن جو ڪافي تعداد مقرر ڪيو وڃي. جو هاڻي
گهڻائي قابل مسلمان موجود آهن.
4.
سرڪار يا مڪاني جماعتن کي گهرجي ته جلد کان جلد
زوري ابتدائي تعليم جي شروع ڪرائڻ لاءِ سعيو ڪن.
5.
ملا اسڪولن کي سڌاري مڪمل ابتدائي اسڪولن جي درجي
تي پهچايو وڃي ۽ انهن ۾ مذهبي تعليم جو به انتظام
ڪيو وڃي.
6.
سنڌ جي زميندارن لاءِ هڪ ڪاليج قائم ٿئي. مسلمان
هڪ لک رپيا گڏ ڪري ڏين ۽ سرڪار اهو ڪاليج پوءِ پاڻ
کولائي ۽ هلائي.
7.
مسلمان شاگرد کي ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪول ۽ هاسٽلن ۾
جايون ملڻ ۾ گهڻيون مشڪلاتون آهن تنهنڪري گهٽ ۾
گهٽ 50 فيصد جايون انهن ۾ مسلمانن لاءِ مخصوص ڪيون
وڃن.
8.
(الف) بي.اي ڪاليجن لاءِ 12 اسڪالرشپون مسلمانن
واسطي ناڪافي آهن سي 40 ٿيڻ گهرجن.
(ب) پونا انجنيئرنگ ڪاليج لاءِ مسلمانن
واسطي 15 اسڪالرشپون هجن ۽ 50 رپين (سال لاءِ)
بدران 50 رپيا ماهوار هجن.
بمبئيءَ سرڪار جو فيصلو:
مٿي ذڪر ڪيل قراردادن بابت سرڪار هن ريت
فيصلو ڪيو:
1.
جڏهن اهو عهدو خالي ٿيندو تڏهن ڪنهن به مسلمان جي
مقرريءَ جي سوال تي غور ڪيوويندو.
2.
نائب ماسترن جي مقرريءَ لاءِ، اهو 72فيصد جو اصول
قبول ڪيو ويندو، پر هيڊماستر انهيءَ اصول موجب ٻه
مقرر ڪيا ويندا. ڇو ته ڪيترائي لائق غير مسلمان
آفيسر موجود آهن، جي اضافي جا حقدار آهن.
3.
گذريل ٻن سالن ۾ جدا جدا درسگاهن ۾ مسلمانن جو
تعداد 41188 مان وڌي 46117 ٿيو آهي، تنهنڪري ائين
چوڻ غلط آهي ته مسلمانن جي تعليم کي نقصان پهتو
آهي. ايڊمنسٽريٽو آفيسري جي عهدي لاءِ اڃا تائين
لائق مسلمانن جو ڪافي تعداد ملي نه ٿو سگهي.
(4) جواب خاموشي
(5) جواب: سرڪار گهڻن ملا اسڪولن کي سڌارڻ ۾
ڪامياب ٿي آهي ۽ هاڻي اهو سڄو سوال هڪ خاص ڪاميٽي
جي زير غور آهي.
(6) جواب: سنڌ جي ڪمشنر انهيءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي
مقرر ڪئي آهي. سرڪار ڏسندي ته مسلمان پاڻ ان باري
۾ ڪيتري مدد ٿا ڏين ته پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته
سرڪار ڇا ڪري.
(7) جواب: ڪراچي هاءِ اسڪول ۾ 10فيصد ۽ نوشهرو
مدرسه هاءِ اسڪول ۾ 70فيصد ۽ حيدرآباد، شڪارپور ۽
لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول ۾ 50 فيصد جايون مسلمان شاگردن
لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن. ڪاليجن ۽ هاسٽلن ۾
سرڪار جو واسطو ڪونه آهي.
(8) جواب: (الف) پيسا ڪين آهن پيسا ٿيا ته پوءِ
ڏنو ويندو.
جواب: (ب) جيڪو تعداد اسڪالرشپن جو مقرر آهي
تنهن مان اڃا ڪي خالي پيون آهن.“ (الوحيد، 18-
آگسٽ 1925ع)
ان سلسلي ۾ سرڪار پاران اڃا به ڪي وضاحتون
ڪيل آهن پر افسوس جو اخبار ڦاٽل هئڻ ڪري، ان بابت
وڌيڪ تفصيل ملي ڪونه سگهيا آهن.
30- ڊسمبر 1924ع تي بمبئي ۾ جيڪا آل انڊيا
تعليمي ڪانفرنس منعقد ٿي، تنهن ۾ سنڌ مسلم تعليمي
ڪانفرنس وارن ٺهرائن جي ته تائيد ڪئي ويئي پر ان ۾
عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي تعليم تي بمبئي جي شاگردن
اعتراض اُٿاريا. جنهن ڪري پهرين جنوري 1925ع واري
الوحيد اخبار لکيو:
”عربي ۽ فارسي زبانن جي تعليم تي بمبئي
صوبي جي شاگردن جو اعتراض افسوسناڪ آهي، انهن
زبانن کي ۽ خاص ڪري عربي زبان کي سکڻ لاءِ دلچسپي
پيدا ڪرڻ واسطي گهڻي جدوجهد جي ضرورت آهي.“
اهڙي ئي نوعيت جو يارهون پروگرام مسلم
ايجوڪيشنل ڪانفرنس پوني صوبو بمبئي ۾ ٿيو، 9- آگسٽ
1925ع تي جلسو ٿيو، جنهن ۾ واليء خيرپور مير علي
نواز خان صدارتي تقرير ڪندي سنڌ جو ڪيس هن ريت پيش
ڪيو:
”اسان مسلمانن جي قوم تعليمي لحاظ کان
بلڪل پوئتي پيل آهي، اگرچه اڳئين کان اسان جي
جماعت ڪجهه ترقي ڪئي آهي مگر اڃا باعزت تعليم
يافته قوم جي حد کي ڪونه پهتا آهن، سمجهدار ماڻهو
هن تي متفق آهيون ته اسان جي تعليمي پستيءَ جو وڏي
۾ وڏو سبب آهي مالي حالت جو خراب هجڻ، جنهنڪري
اسان ناڪامياب رهيا آهيون ۽ مان چئي سگهان ٿو ته
جيڪڏهن اڄ به مسلمانن جي مالي حالت سُڌري وڃي ته
هو تعليمي جدوجهد ۾ پوري پوري ڪاميابي حاصل ڪري
سگهن ٿا.
ان بعد مير صاحب يونيورسٽي جي انگريزي
تعليم بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته،
”جيستائين موجوده تعليمي ڪل جا پرزا درست
نه ڪيا ويندا تيستائين هي معاملو ڪڏهن به سڌري نه
سگهندو. شاگردن کي پوري طاقت سان اپيل ڪيائين ته
هو يورپ جي پيروي ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي قومي روايات ۽
قومي هستيءَ کي قائم رکڻ لاءِ پوري جدوجهد ڪن
(الوحيد، 15- آگسٽ 1925ع).“
ان ڪانفرنس ۾ پنجاب جي تعليم جو وزير مسٽر فضل
حسين پڻ شريڪ ٿيو هو. ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ جي
سلسلي ۾ صاحبزاده آفتاب احمد، جيڪو مسلم يونيورسٽي
عليڳڙهه جو وائيس چانسلر هو، پاڻ
10- ڊسمبر تي سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي، وڏن وڏن شهرن
جو دورو ڪري، مسلمانن کي ان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيڻ ۽ فيض حاصل ڪرڻ جون صلاحون ڏيندو رهيو هو. ان
سلسلي ۾ الوحيد اخبار پڻ صاحبزاده آفتاب احمد جي
آجيان لاءِ ماحول هموار ڪرڻ واري هن ريت پرچار
ڪندي رهي.
”مسلمانن جو فرض آهي ته اهڙي ماهر تعليم جو شاندار
استقبال ڪري هن جي خيالات مان پورو فائدو وٺن
ڇاڪاڻ ته اهڙو بيش بها موقعو وري هٿ اچڻ وارو نه
آهي.“
سر ابراهيم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ مسلمانن جي
تعليمي ترقيءَ لاءِ ان تعليمي ڪانفرنس جي اهميت ۽
ضرورت جو ذڪر ڪندي چيو ته:
”ڪي ماڻهو هينئر ههڙن ڪانفرنسن ڪرڻ جي برخلاف آهن
نڪتهء چينن جو خيال آهي ته هن ڪانفرنسن جو ڪم
ڪاميابيءَ سان پورو ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ هن جو شاخون
به کلي ويون آهن. ۽ مسلمانن جي تعليم جو ڪم جوش
سان ٿي رهيو آهي.... پر توهان کي خبر آهي ته ائين
نه آهي. مسلمان قوم تعليم ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هن قوم
جي تعليم جو ڪوبه باقاعده نظام ڪونه آهي، تنهنڪري
هن ڪانفرنس جو ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيڻ اشد ضرورت
آهي.“
سر ابراهيم سنڌ صوبي جي مسلمانن جي تعليمي پست
حاليءَ بابت انگن اکرن سان تمام ڪارآمد تقرير ڪئي.
ان تقرير جي تاريخي اهميت جي مدِنظر بمبئي صوبي جي
تعليم، جنهن جو سنڌ به حصو هئي، ان جي تعليم بابت
هي تاريخي مواد تفصيلي طرح هيٺ پيش ڪجي ٿو:
هن صوبي جي مسلمانن جي تعليمي حالت:
سر ابراهيم صوبي جي تعليمي حالت جو ذڪر ڪندي چيو
ته:
”هتي مان توهان جو ڌيان هن ڳالهه ڏانهن ٿو ڇڪايان
ته هڪ ذميدار عملدار هڪ بيان ڪڍيو آهي جنهن ۾ ظاهر
ڪيو اٿس ته هن صوبي جا مسلمان تعليم ۾ پٺتي پيل نه
آهن. جيڪڏهن هي سچ نڪري پوي ته سمجهبو ته مسلمانن
ڪمال حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته صدارتي تقرير ۾ مون
انگين اکرين ڏيکاريو هو ته ڪيئن نه مسلمان تعليم ۾
پٺتي پيل آهن ۽ تمام سخت ڪوشش ڪجي جڏهن مس پاڙيسري
قومن سان وڃي ڪلهو ڪلهي سان هڻبو. هي بلڪل حيرت
انگيز آهي ته مسلمان 6 سالن اندر ايتري تعليمي
ترقي ڪري ويا آهن جو اينده پست پيل قوم سڏجي نٿي
سگهجي مسلمانن جي تعليمي حالت کي جاچڻ لاءِ هي
ضروري آهي ته سرڪاري رپورٽ 18-1917ع ۽ 22-1921ع
وارا انگ اکر پاڻ ۾ ڀيٽجن. مسلمان شاگردن جو تعداد
18-1917ع ۽ 149672 تعداد هو ۽ 21-1922ع ۾ 181417
تعداد هو سوئي 21 فيصدي رڳو واڌارو ٿيو آهي ۽ سڄي
صوبي جي ٻين قومن جو واڌارو سوئي 23 فيصدي ٿيو
آهي.“
هن مان معلوم ٿيندو ته ٻين قومن جي مقابلي ۾ اسان
ٻه فيصدي پٺتي رهجي ويا آهيون. وري جيڪڏهن
23-1922ع جا انگ اکر ڏسجن ٿا ته 22-1921ع ۾ 181417
شاگرد هئا وري 23-1922ع ۾ گهٽجي 178755 وڃي ٿيا.
هي ڏيکاري ٿو ته تنزل ٿيو آهي، هيٺئين بيان مان
معلوم ٿيندو ته مسلمانن جي تعليمي حالت هن صوبي ۾
23-1922ع ۾ ڪهڙي رهي آهي.
ابتدائي تعليم:
ٻاراڻي ۾ 47800، ٻئي ۾ 24000، ٽئين ۾ 17300 چوٿين
۾ 12900 ۽ پنجين درجي 10200 شاگرد هئا.
انگريزي وچين درجي جي تعليم:
پهرئين درجي ۾
17,7000فيصد،
ٻئي درجي ۾
13,3800
فيصد، ٽئين درجي ۾
10,2600
فيصد، چوٿين درجي ۾ 8976 فيصد، پنجين درجي ۾
7,541
فيصد، ڇهين درجي ۾
7,420
فيصد، ستين درجي ۾
8,8427
فيصد شاگرد آهن.
مٿين بيان تي نڪته چيني ڪرڻ فضول آهي، سڀ ظاهر آهي
اڇوت ذات وارن هندن کان سواءِ ٻين سڀني قومن کان
پٺتي پيل آهيون هاڻ هنن ثابتين هوندي به جيڪو بيان
ڏنو ويو هو ته مسلمان تعليم ۾ پٺتي نه آهن سو
سراسر غلط آهي مون جو هيتري تڪليف وٺي انهيءَ بيان
جي ترديد ڪئي، تنهن جا سبب ظاهر پيا آهن ته قوم کي
تعليم جي راهه ۾ سخت ڪوشش ڪرڻ ضرورت آهي ۽ حڪومت
کي به اسان جي مدد ڪرڻ لازمي آهي. اسان جي قوم ۾
ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن جي خيال ڪن ٿا ته
تعليم جي باري ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي ۽ ٻين ڳالهين
ڏانهن توجهه ڪجي تنهنڪري هي ضروري سمجهيو ويو ته
عملداري رپورٽن مان ڏيکارجي ته مسلمان تعليم ۾
ڪيتري قدر پست آهن ۽ تعليم جي واڌاري جي ڪوشش ڪرڻ
بلڪل فرض آهي.
2 فيصد انٽر ٻئي سال ۾ 81 شاگرد، 3 فيصد ٽئين سال
۾ 29 شاگرد، 4 فيصد، چوٿين سال 37 شاگرد 5 فيصد،
مٿين بيان مان ظاهر ٿيندو ته ابتدائي تعليم ۾ چڱي
ترقي ٿي آهي. اسان جي آدم شماري هن صوبي ۾ 19 فيصد
گهٽ ۾ گهٽ ته به ٻاراڻي .............. آدم شماري
موجب ؟؟ کان 34 پر مٿي جيئن ڏسبو ته اها فيصد
گهٽبي ٿي وڃي، آهستي آهستي صفائي ٿي وڃي بيهجي ٿو.
ٻين قومن سان ڀيٽا ڪري ڏيکاريان ٿو ته ڪيئن اسان
ٻين کان پٺتي پيل آهيون.
انگريزي تعليم
اسڪولي تعليم |
عيسائي |
هندو |
مسلمان |
پارسي |
آدم شماري |
121578 |
5707652 |
2115331 |
430940 |
چوٿون درجو |
322 |
7846 |
766 |
778 |
پنجون درجو |
263 |
6111 |
541 |
606 |
ڇهون درجو |
116 |
4742 |
420 |
538 |
ستون درجو |
131 |
4029 |
427 |
587 |
ڪاليج تعليم |
پهريون سال |
126 |
1745 |
94 |
270 |
ٻيو سال |
59 |
1032 |
71 |
154 |
ٽيون سال |
20 |
519 |
29 |
52 |
چوٿون سال |
16 |
562 |
37 |
68 |
ابتدائي تعليم:
ابتدائي تعليم ۾ فيصد چڱو آهي جيتوڻيڪ اڃا به ڪافي
نه آهي تنهن هوندي به اڃا ضروري سڀني قومن ۾
ابتدائي تعليم هئڻ گهرجي. هي وڏي خوشي جهڙي ڳالهه
آهي ته سڀ فرقن ۽ قومن جا ماڻهو زوري تعليم جي کلي
دل سان تائيد ڪري رهيا آهن 1901ع ۾ جڏهن مون مفت
زوري ابتدائي تعليم لاءِ جهنڊو کڻي بمبئي ڪائونسل
۽ ميونسپالٽي ۾ ڪوشش ڪئي، تڏهن بلڪل نااميدي ٿي
ڏسڻ ۾ آئي پر هاڻ 20 سالن اندر هڪ زبردست انقلاب
پيدا ٿيو آهي. هاڻي ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي
جو مفت زوري ابتدائي تعليم جي برخلاف هجي. جبري
تعليم جا ائڪٽ پاس ٿي ويا آهن. هاڻ لوڪل باڊيز تي
ڇڏيل آهي ته ڪڏهن ٿا انهيءَ طرف قدم کڻن (الوحيد،
01- جنوري 1925ع).“
پڄاڻي:
اسان وٽ اڪثر تعليمي ترقي ۽ شرح خواندگي
واري حوالي سان پنجاب جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي، پر
تجزيا نگار سنڌ جي تعليمي حالت جو تجزيو ڪندي ڊگهي
عرصي کان هلندي ايندڙ سنڌ ۽ پنجاب جي اڻ برابريءَ
واري سياسي توڙي سماجي صورتحال کي وساري ڇڏيندا
آهن، جڏهن ته ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جي سلسلي ۾
ذڪر ڪيل ٻئي عنصر تمام وڏي اهميت جوڳا آهن. ڇاڪاڻ
ته انهن جو سماجي اوسر ۽ تعليمي ترقيءَ تي سڌي طرح
اثر پوي ٿو. اسين هتي جنهن دور واري سنڌ جو ذڪر
ڪريون ٿا، اها سنڌ، ان وقت خودمختيار صوبو به ڪانه
هئي، ڏورانهين صوبي بمبئيءَ جي ڪالوني هئي جنهن کي
ڪمشنر هلائيندو هو. ان ڪري اسيمبلي ڪانه هئي،
انگريز ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري اصول تحت هندو
مسلم نفاق کي مختلف حربن سان وڌائي رهيو هو،
انگريزي ٻولي رائج ٿيڻ ڪري ديسي ٻولين ۾ تعليم
ورتل سنڌي مسلمان پٺتي ڌڪبو پئي ويو، ڇاڪاڻ ته ان
لاءِ ابتدائي تعليم کان ڪاليج تائين تعليم حاصل
ڪرڻ جو ڪوبه سرڪاري انتظام ڪونه هو. جڏهن ته ان جي
ڀيٽ ۾ پنجاب جيئن ته ڪنهن ٻئي جي ماتحت ۽ رحم ڪرم
تي ڪونه هو، انڪري 1919ع وارن آئيني اصلاحن تحت
پنجاب جي پهرين ليجسليٽو ڪائونسل 1921ع کان وجود ۾
آئي ته گورنر ان ۾ ٻن چونڊيل ميمبرن کي محڪمن جي
جارچ سنڀالڻ لاءِ وزير مقرر ڪيو، انهن مان هڪڙو
ميان فضل حسين هو. 1919ع واري ائڪٽ ۾ وزيرن کي
بنهه محدود ۽ اڻپورا اختيار حاصل هئا. پر پوءِ به
ميان فضل حسين جيڪو وڏو داناءُ ۽ دورانديش شخص هو،
تنهن ڪجهه مثبت مقصدن لاءِ تمام تيزي ۽ مضبوطيءَ
سان قدم وڌايو. ان جو هڪڙو مقصد اهو هو ته تعليمي
سهوليتن کي ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل آباديءَ وارن علائقن
جي دروازن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪجي، انهيءَ لاءِ
هن هڪڙو خاص منصوبو ٺاهيو، ڪنهن نه ڪنهن نموني
محڪمه خزانا کان ان لاءِ وڌيڪ رقم حاصل ڪئي، ڪجهه
ڪفايت شعاري جا رستا ڪڍيا ۽ پوءِ ڳوٺن تائين
پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جو هڪ وسيع ڄار وڇائي ڇڏيو.
بعد ۾ اهو منصوبو خودبخود پکڙندو ويو ۽ هاءِ اسڪول
۽ انٽرميڊيٽ ڪاليج کُلندا ويا. تعليم جي ان ترقيءَ
مان فائدو وٺڻ لاءِ فضل حسين ٻيو ڪم اهو ڪيو ته:
”سرڪاري ملازمت ۽ تعليم جي ترقيءَ وارن موقعن ۾
مسلمانن جي محروميءَ جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
پنجاب جي مسلمانن کي (فضل حسين واري) ٻٽي ڪوشش مان
جيڪو ٺوس فائدو ٿيو، ان جا مڪمل نتيجا ته آهستي
آهستي ڪيترن ورهين کان پوءِ ظاهر ٿيا. پر ان جي
ڪيل اهڙين ڪوششن جو تڪڙو نفسياتي ۽ سياسي ردِعمل
شروع ٿي ويو.“ (سيد، 1966ع، 57)
سياسي
اڳواڻن پاران وقت سِر سجاڳ ٿي، رٿابنديءَ سان ڪم
ڪرڻ ۽ تعليم کي ترقي وٺائڻ وارو اهوئي بنيادي سبب
آهي جنهن ڪري، پنجاب ۽ سنڌ جي تعليمي ترقيءَ ۾ اڄ
تائين ايڏو وڏو فرق موجود آهي.
ببليوگرافي:
سنڌي
1.
راشدي، علي محمد،”اهي ڏينهن، اُهي شينهن“،
(1987ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد
2.
روزانه الوحيد 21- مئي 1924ع
3.
روزانه الوحيد 13- نومبر 1924ع
4.
روزانه الوحيد 16- نومبر 1924ع
5.
روزانه الوحيد 18- نومبر 1924ع
6.
روزانه الوحيد 7- ڊسمبر 1924ع
7.
روزانه الوحيد 4- اپريل 1925ع
8.
روزانه الوحيد 26- فيبروري 1925ع
9.
روزانه الوحيد 14- اپريل 1925ع
10.
روزانه الوحيد 18- آگسٽ 1925ع
11.
روزانه الوحيد 27- آگسٽ 1925ع
12.
روزانه الوحيد 15- آگسٽ 1925ع
13.
زرداري، محمد لائق، ”سنڌ جي سياسي جدوجهد“،
(1987ع)، سنگم پبليڪيشن حيدرآباد
14.
سيد، جي.ايم ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، (حصو
پهريون) (2010ع)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
15.
گرامي، ”مسلمان ۽ تعليم“، (1977ع)، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد
16.
قلمي، سيد، جي.ايم، ”يادگيريون“، جي.ايم.سيد،
لائبريري، سن
17.
خطن جو فائيل، جي.ايم.سيد، لائبريري، سن
اردو
18.
نوراحمد،
سید، "مارشل سے مارشل
لا
تک"، 1966ء، دارالکتاب، لاہور |