ڊاڪٽر مخمور بخاري
روحانيت جو صاحب - حضرت پير راشد روضي ڌڻي
سنڌ جي سڃاڻپ جا جتي ڪيترائي حوالا ڳڻي سگهجن ٿا
اتي تصوف، علم، دانش ۽ شاعري سنڌ جا سداحيات حوالا
آهن، اهڙي ريت سنڌ جي جدا جدا حصن جي سڃاڻپ ۾ وري
بنهه منفرد نالا موجود آهن. سنڌ جي جاگرافي حدبندي
جي لحاظ کان آڳاٽي رياست خيرپور جنهن کي موجوده
وقت ۾ اتر سنڌ پڻ سڏيو وڃي ٿو ان جي جهوليءَ
۾ تصوف ۽ علم و دانش جا گوهر بي مثال جرڪن ۽ چمڪن
پيا. اسان ڏسون ٿا ته شعور جي لاٽ کي جن روشن ڪيو
انهن ۾ خواجه صاحبڏنو، روحل فقير، سچل سرمست ۽
موجود پاڳاري خاندان جو جدامجد سيد راشد روضي ڌڻي،
جان شاهي خاندان ڪنڊڙي جا ڪلتار سڀ کان اهم حيثيت
رکن ٿا. هت هنن صفحن ۾ اسان مختصر طور سيد راشد
روضي ڌڻي بابت ويچار ونڊينداسين.
سيد راشد روضي ڌڻي، سيد محمد بقا شاھ شھيد جي گھر
رمضان المبارڪ
1171
ھ/1757ع
۾
تولد ٿيو(1).
سندس والد پنھنجي وقت جو وڏو عالم، عارف شخص ھو،
سيد محمد بقا شاھ
”پَٽ
ڌڻي“
ولد سيد امام علي شاھ پهرئيـــــــــن شعبان
سنه1135ھ/1722ع ۾ ڳوٺ رسول پور عرف سائيندي ننڍي
ضلع خيرپور ۾ تولد ٿيو. سيد بقا شاھ جو والد مشهور
و معروف عالم باعمل ۽ پير طريقت هيو. جنهن جي
نظرداريءَ هيٺ سيد بقا شاھ جي تربيت ٿي ۽ هو ننڍي عمر کان ئي فقيري ڏانهن
مائل رهيو(2).
سيد بقا شاھ، قادري ۽ نقشبندي ٻنهي سلسلي
۾ بيعت ڪئي. قادري سلسلي ۾ حضرت سيد عبدالقادر
آخرينؒ
جن کان بيعت وٺي فيض حاصل ڪيائون، جنهن کانپوءِ
نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم اسماعيل پريان لوئي
(پريالو) کان بيعت ورتائون(3). سيد بقا شاھ
وڏو عالم فاضل شخص هو کين قرآن و حديث پاڪ جي علمن
تي دسترس حاصل هئي، طريقت ۽ سلوڪ جي رستي ۾ رهنما
جي حيثيت رکندا هئا. سڀني صفتن سان موصوف هجڻ ۽
بلند مقامات طئي فرمائڻ بعد به پاڻ کي مخلوق جي
نظرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
۽ پنهنجي زندگي ۾ مشهوري کي قطعي پسند نه ڪندا
هئا. سندن طرز زندگي نهايت سادو ۽ فقيراڻو هوندو
هيو(4).کين سيد راشد جي ولادت کانپوءِ مخدوم اسماعيل پريالوء واري
ننڍڙي صاحبزادي متعلق آگاھي ڏيندي چيو ھو ته
”ھي
اھوئي جوان آھي جنھن جي فيض کان سنڌ جو تمام گھڻو
حصو فيضياب ٿيندو“(5).
سيد بقا شاھ پنهنجي روحاني اڃ اجهائڻ لاءِ ٻين
ڪيترن ئي اهل الله ڏانهن
وينـدو رهندو
هو،
جن ۾ فقير صاحبڏنو فاروقي، مفتي محمد ٻيرائي،
مخدوم امير احمد کهڙن وارو،
الحاج فقير الله علوي، مخدوم يار محمد ڪوٽڙي ڪبير
وارو ۽ شاھ عبد اللطيف ڀٽائي شامل آهن(6).
سيد راشـــد روضي ڌڻيءَ
جي ابتدائي تربيت پنھنجي والد سيد
بقا شاھ ۽ استاد حضرت حافظ زين الدين مھيسر ۽ حافظ محمد اڪرم جي
زير اثر ٿي، جنھن کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ نامياري عالم دين حاجي فقير اللھ علوي جي
درسگاھ ۾ داخل
ڪيو ويو، پر بعد ۾ ڪوٽڙي ڪبير ۾ مخدوم يار محمد جي
مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو.
جتي سيد راشد روضي ڌڻي ظاھري علمن جي تحصيل کان
سواءِ اندر اجارڻ لاءِ عبادت ۽ رياضت ۾ پڻ مشغول
رھيو(7).
ڪوٽڙي ڪبير ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد آخري فراغت ۽ دورھ حديث پڙھڻ
لاءِ ڳـــوٺ خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلع
لاڙڪاڻي ۾ حضرت مولانا مخدوم محمد آريجو (جيڪو ان
وقت استاد الڪل جي نالي سان مشھور ھو) جي درسگاھ ۾
داخل ٿيو ۽ باقي سمورن علمن جي تڪميل ڪيائون(8).
سيد راشد روضي ڌڻي جي والد سيد بقا شاھ جي نقشبندي
۽ قادري ٻنھي سلسلن ۾ بيعت ڪيل ھئي، تنھنڪري ھن
اول پنھنجي فرزند سيد راشد کي نقشبندي سلسلي ۾
داخل ڪيو، پر پوءِ جڏھن ڏٺائون ته ان سلسلي ۾ سيد راشد تي ڪابه ڪيفيت
طاري نٿي ٿئي ته پوءِ کين قادري طريقي موجب بلند
آواز ۾ ذڪر الٰھي جي تلقين ڪندي باقائده بيعت وٺي
قادري سلسلي ۾ داخل ڪيائون(9).
سيد راشد روضي ڌڻي ست شاديون ڪيون، جن مان کين ارڙھن فرزند تولد
ٿيا.
جن جا اسماءِ گرامي ھن طرح آھن:
1.
پيرسيد صبغت اللھ شاھ(اول) سجادھ نشين
2.
سيد محمد حسن شاھ
3.
سيد ھدايت اللھ شاھ
4.
پير سيد محمد
يٰسين شاھ (جھنڊي وارو)
5.
سيد محمد بقا شاھ
6.
سيد محي الدين شاھ
7.
سيد احسن شاھ
8.
سيد مھدي شاھ
9.
سيد محمود شاھ
10.
سيد شاھنوازشاھ
11.
سيد مبارڪ شاھ
12.
سيد اسماعيل شاھ
13.
سيد حامد شاھ
14.
سيد صادق شاھ
15.
سيد شاھنواز شاھ
16.
سيد مبارڪ شاھ
17.
سيد حامد شاھ
18.
سيد اسماعيل شاھ (10)
سيد راشد روضي ڌڻي جا چار فرزند ننڍپڻ ۾ ئي فوت
ٿي ويا تنھنڪري ڏسجي ايئن ٿو ته انھن ننڍڙن سيد
زادن جا نالا ٻيھر ٻين ٻارن تي رکيا ويا.
سيد راشد جو اولاد سندن نالي پويان راشدي سڏائڻ
شروع ڪيو.
سيد بقا شاھ لڪياري جي شھادت
1198ھ
/1783ع (11) کان پوءِ سيد راشد روضي ڌڻي مسند نشين
ٿيو.
قادري سلسلي جي بيعت ھجڻ ڪري روضي ڌڻي مريدن کي
ذڪر جي تلقين ڪندا ھئا.
وقت جي عارف ڪامل پنھنجي پٽن توڙي مريدن جي شريعت
موجب تربيت ڪئي.
خاص طور نماز جي ادائگيءَ
لاءِ مٿن سختي پڻ ڪندا ھئا.
سندن تربيت جي اثر جي نتيجي ۾ سندن پٽ عالم ۽ عارف
بڻجي ويا ۽ ٻي طرف سندن مريدن جي جماعت شريعت جي
اصولن تي ڪاربند رھڻ لڳي.
سيد راشد روضي ڌڻي جي ھونئن ته خليفن جو تعداد
تمام گھڻو آھي،
پر سندن ھميشه ساٿ ۾ رھڻ وارن خاص خليفن ۾ سيد
محمد حسن شاھ جيلاني سوئي وارو، محمود نظاماڻي،
فقير عبدالله ڪاتيار،
نبي بخش
لغاري، سارنگ فقيرڪلھوڙو، ميان الھ رکيو، جان محمد شاھ بخاري ڇرائي
وارو، خاص طور ذڪر لائق آھن(12).
سيد راشد پنھنجي وقت جو وڏو اھل الله، عارف ڪامل
عالم ھو.
ھو روحانيت جي اعليٰ منزل تي پھتل ھو،
پر ان جي باوجود ھو شريعت جو سخت پابند ھو.
ھن جي نظر ۾ شريعت ئي انسان کي مادي کان روح تائين سفر طئه
ڪرائي ٿي ۽ پوءِ ئي روح الله جي عشق ۾ پچي ڪندن
بڻجي وڃي ٿو.
پاڻ ھميشه سالڪن ۽ طالبن کي پنھنجي مريد بڻائڻ
۾خوشي محسوس ڪندا ھئا.
ڇاڪاڻ
ته سندن خيال ھو ته اھڙي طرح سالڪن کي پنھنجي منزل
جو ڏس ملي پوندو.
سندن ملفوظات ۾ اچي ٿو ته وصال واري وقت ۾ ھڪ شخص
مسجد شريف ۾ اچي ظاھر
ڪيو ته مولا جي طلب ۽ مريــــــــــد ٿيـڻ لاءِ
آيو آھيان.
خادمن ان جي عرض کي روضي ڌڻي بادشاھ جن وٽ بيان ڪيو، جنھن پاڻ
ان طالب کي پنھنجي آرام واري جاءِ تي گھرائي تلقين
فرمائي ۽ ان وقت الله تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيندي
فرمايائون ته الحمد لله جيڪو ڪم ھن فقير تي رکيو
ھو،
آءٌ
وصال جي وقت به ان ڪم ۾ مشغول آهيان(13).
هدايت ۽ عرفان جو چمڪندڙ سج، سالڪن جو رھنما، بيمار
دلين جو دارون ۽ دوا، شريعت طريقت، حقيقت ۽ معرفت
جو موجزن درياء
63ورھين جي ڄمار ۾ پھرئين شعبان
1234ھ/1818ع
۾ ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
کين پراڻي درگاھ شريف ڳوٺ رحيم ڏني ڪلھوڙي
۾ دفنايو ويو، جتان
سندن پوٽي
سيد علي گوھر شاھ عرف بنگلي ڌڻي(14)، درياءُ چڙھڻ
جي خوف سبب سنه 1250ھ/1834ع ۾ موجود درگاھ واري
ھنڌ کڻائي دفن ڪيو(15).
سيد راشد روضي ڌڻي جي وفات جي تاريخ فقير قادر بخش
بيدل ھيٺين ريت چئي آھي(16).
شد محمد راشـــد انکه در رشد،
مي بود ز جد فـــــــــزون کمالـــــش.
دلهـــــــاي جهان بجنبـش آورد،
آوازه
فيــــض
لا يزالـــــــــش.
از هستي مير هاند في النــــــور،
يک جرعـــئه ساغرِ زلالــــــــــش.
صد در بدل از شـهود بکشـــــد،
يکبــــار مشاھده جمـــــالــــــــــش.
در خرمن عالم آتـش افــــروخـــــت،
تاثيــــــــر تجلــــــيء
مثالــش.
روپوش چوشد ز خلق خـــاصــــــان،
خــــــو
گير شدنــد
بـــآن خيالــــــــش.
مرشد بکمال مهدي الـــــوقــــت،
گفتد عيان ســـــن وصـــالــــــــــــش.
1233ھ
سيد راشد روضي ڌڻي جي وفات بعد سندن فرزند صبغت الله
شاھ راشدي(اول) (1193ھ/1779ع-
6
رمضان1246ھ/1830ع) مسند نشين ۽ پھريون پاڳارو ٿيو،
توڙي جو ھو ٻين ڀائرن کان عمر ۾ ننڍو ھو پر
باطني فيض ۽ عرفان ۾ ٻين سڀني کان مٿڀرو ھو.
سيد صبغت اللّھ وڏو عارف ڪامل انسان ھو.
پنھنجي والد جي ھٿ تي خلافت جو خرقو ڍڪيائين.
علم، فضل ۽ فهم فراست ۾ ڪوبه سندن ثاني نه ھو.
جھڙي طرح ظاھر علمن ۾ تمام وڏو عالم ھو،
اھڙي طرح باطني فيض ۽ عرفان ۾ به پنھنجو مٽ پاڻ
ھو(17).
پاڻ سکن خلاف جهاد ڪيائون ۽ مريدن جو هڪ لشڪر پڻ
تيار ڪيائون (18) جن کي ”حُرُ“ سڏيو ويو. ابتدا ۾
ڪجهه شاعري ڪرڻ جي روايت پڻ موجود آهي پر شايد بعد
۾ اها ڪِرت تَرڪ ڪيائون(19). سندن ملفوظات شريف
”خزانة المعرفت“ ۽ مڪتوبات شريف ”خزانة الاسرار“
جي نالي سان سندن شاعر فرزند پير علي گوهر شاھ
”اصغر“ کانئن پوءِ مرتب ڪيا(20).
علامه
غلام
مصطفيٰ قاسمي، سيد صبغت الله اول جي ڪتب خاني بابت
سيد حميد الدين جي حوالي سان لکي ٿو:
”پيرسيد
صبغت اللّھ جو عجيب ڪتب خانو نظر آيو جو ڪنھن
امير
۽ بادشاھ وٽ به اھڙو ڪتب خانو نه ھوندو.
ھن ۾
پندرھن
هزار
مجلد معتبر ڪتابن جا نسخا موجود آھن، جن مان ايراني مطلاخط ۽
سؤ ته
فارسي جا ديوان آھن.
65
جلد معتبر تفسيرن جا آھن.
شاھنامه
فردوسي
جا پنج نسخا آھن، جن مان ٽي مصور طلائي آھن.
ڪتاب به جيڪي
مشھور
آھن سي سڀ ھتي آھن.
شرحن
سميت
جامع
الاصول،
تيسر الوصول پڻ ھت آھن.
احياء ۽ فتوحات جا به ٽي ٽي نسخا شاھي
ڪتابت سان موجود آھن“
(21).
سيد راشد روضي ڌڻي جھڙي عارف جي مسند تي ويھندڙسيد صبغت
الله شاھ راشدي اول پڻ عارف شخص ھو.
سندن مسند تي ويھڻ جي شروعات ۾ سندن ڀاء سيد ياسين
شاھ (1212ھ/1797ع-1275ھ/1858ع) جي والد واري مسند
جو دعويدار ٿيو.
ھو ان وقت جي حڪمرانن ميرن وٽ پڻ دانھين ٿيو، تنھن تي نواب ولي
محمد خان لغاري ان فيصلي جي نبيري لاءِ درگاھ تي
آيو ۽ فيصلو سيد صبغت الله
جي
حق
۾ ڏنائين.
جنھن کان پوءِ سيد محمد ياسين شاھ پنھنجي والد جي
تبرڪات مان طلب ڪئي ۽ جدا رھڻ جو ارادو ڪيو.
تڏھن کيس ھڪ سائو جھنڊو جنھن تي سوني تند سان ڪلمو
طيب لکيو ھو،
اھو
ڏنو
ويو
۽
ھي اھو جھنڊو ھيو جيڪو پيرسيد راشد روضي ڌڻي کي
والي افغانستان زمان شاھ بن تيمور کان اصلاح جي
تبليغ خاطر تحفي طور ڏنو ھو.
ان کانپوءِ
سيد ياسين
”شاھ
جھنڊي“
واري لقب سان مشھور ٿيو.
سندس وفات سنه1275ھ/1858ع دوران ٿي.
سندن مزار ۽ روضو ٺل نزد باقراڻي اسٽيشن ضلع لاڙڪاڻي ۾ آھي(22).
سيد ياسين شاھ صاحبِ ذوق انسان ھو. سندس تربيت پير
سيد راشد روضي ڌڻيءَ جھڙي
باڪمال بزرگ جي سائي ھيٺ ٿي، جنھن ڪري سيد ياسين
شاھ جن جي طبيعت تي به فقيري رنگ به مائل رھيو. ھن
صاحب ڪافيون چيون آھن، پر افسوس جو سندس گھڻو ڪلام زماني جي دستبرد ٿيل ڏسجي ٿو. سندس
ڪجهه سنڌي ڪافيون ڇاپي ھيٺ آيون آھن. ھت نموني طور
سندس ٻه ڪافيون پيش ڪيون وينديون.
سيد ياسين شاھ جو اولاد جھنڊي وارن پيرن جي نالي
سان مشھورآھي.
ھن خاندان مان پڻ ويجھي دور تائين ڪيترائي عالم،
اديب، عارف، ڪامل ۽ روحاني شخصيتون پيدا ٿي چڪيون
آھن.
علمي ادبي خدمتون
سيد راشد روضي ڌڻي نه رڳو اعليٰ روحاني
رتبو رکندڙ هستي هئي پر پاڻ تصنيف و تاليف سان پڻ
لاڳاپيل رهيا. هن وقت تائين اسان کي سندن ستن
تصنيفن جو پتو پوي ٿو.
1. مجمع الفيوضات (ملفوظات) 2. صحبت نامه
(ملفوظات) 3. آداب المريدين
4. جامع الجوامع 5. شرح
اسماء الحسنيٰ 6. مڪتوبات شريف
7. سنڌيءَ ۾ شاعري (بيت، مولود ۽ ڪافي)
هت اسين مختصر طور سيد راشد روضي ڌڻي جي علمي
ڪارنامن بابت مختلف عنوانن هيٺ مطالعو ڪنداسين.
شاعري:
سيد راشد روضي ڌڻي پنھنجي وقت جو عارف، ڪامل ۽ وڏو عالم
ھو.
کيس نه رڳو ڪتب
بيني
جو شوق ھو پر وٽس
شاندار ڪتب
خانو پڻ
موجود
ھو.
پير حسام الدين شاھ راشدي ان سلسلي ۾ لکي ٿو:
”علم
لغت
۾
خاص
طرح
ڪمال
ھئن،
انھي
فن
۾
چئن
جلدن
جو ھڪ
ضخيم
ڪتاب
به لکيائون.
وٽن ھڪ
زبردست
ڪتبخانو
به موجود ھو،
جنھنجو مقابلو ان وقت ڪنھن
جو
به ڪتبخانو
ڪونه ٿي ڪري سگھيو.
سندن
چوڻ
ھو
ته
”جيڪو ڪتاب خريد ڪندو ان گويا بهشت خريد ڪيو،
وٽن جيڪي به ڪتاب ايندا ھئا ته واڌاري قيمت به
ڏيئي وٺندا ھئا“.
(23)
پير راشد روضي ڌڻي جي اسان کي سنڌي ۾
شاعري پڻ ملي ٿي.
جيڪا بيت ۽ ڪافي جي ھيئت آهي.
پير صــــاحب جو ھــن وقت
تائين
ملندڙ سمورو ڪلام ڊاڪٽر نذر حسين سڪندري پنهنجي
پي.ايڇ.ڊي جي تحقيقي مقالي
”مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات پير محمد راشد
روضي ڌڻي“
۾ شامل ڪيو آهي. اسان جي سامهون پڻ روضي ڌڻي جي
شاعري جي مطالعي لاءِ مذڪوره ڪتاب رهندو.
پير
راشد روضي ڌڻي جي ڪلام ۾ وحدت الوجود حقيقت، خود
شناسي، حضور ﷺ جن
سان عشق، حسن و جمال جا مضمون بيان ٿيل آھن.
سچو
سالڪ ھر گھڙي يار کي پاڻ سان گڏ ڀانئي ٿو.
جانب ھن جي جيءَ ۾
رھيل آھي.
پير راشد روضي ڌڻي اھڙو اظھار ھن طرح ڪري ٿو:
گڏيو وتين گڏ، سڄڻين
ساھ
پساھ سان،
ڪھڙا ڪبـــــــا سڏ، اھڙي ھوت ھيڪاند کي.
(ص229)
عشق جي راھ تي سالڪ کي پاڻ سڃاڻڻو آھي.
پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ حقيقي منزل پلئه پوي ٿي.
روضي ڌڻي پاڻ کي سڃاڻڻ جي تلقين ڪجھ ھن طرح ڪري ٿو.
پــــــــــرسڃاڻـــــــــــــڻ
سٿــــــــــــــرو،
پـــــــــــــاڻ
سڃاڻڻ
ڏک،
تيسين ڪر مَ سک،
جيسين
پاڻ
نه سڃاڻين پنھنجــــو.
(ص228)
سيد راشد روضي ڌڻي، حضرت محمد ﷺ جن جي ثنا ۾
مولود پڻ لکيا آھن،
جن ۾ حضورﷺ سان پنھنجي محبت، عقيدت ۽ سڪ جو اظھار
ڪيو آھي.
پير راشد روضي ڌڻي، سچل سرمست جو ھمعصر شاعر ھو.
ٻئي هڪ ئي علائقي ۾ هڪ ئي وقت موجود هئا.
سچل سائين جي
عشق ۽ تصوف واري فڪر جو اثر موجوده راشدي خاندان جي ھن
سرواڻ
راشد روضي ڌڻي تي به پيو.
سيد راشد جي ڪلام ۾ ڪيترائي خيال ۽ سٽون سچل
سائين جي ڪلام سان مطابقت رکن ٿيون.
سچل سائين وحدت تان
ڪثرت ۽ ڪثرت وحدت ڪل وارو بيان ھن طرح ڪيو
آهي.
”سچو“
سارو سچ ٿيو، منجھان ڪثرت ڪــل،
الف مئون آدم ٿيو، ڪري ھنگامو
ھـــــــــــــــل،
ھندومؤمن هڪ ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪنھن ڀل،
”خلـــــــق
الاشياء فھوعينــــــھا“ اھو آڻ عمــــــل،
ٿج گلابي گل، مر مارنئي
منصـــــــــــــور جيان.
(24).
سيد راشد روضي ڌڻي اھا ساڳي ڳالھ ھن ريت ڪري ٿو:
وحدت ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪـــــــل،
اندر پرين ٻاھر پرين، ٻئي ڀــــول نه ڪنھن ڀل،
ھوءِ ھلاچو ھل،
مڙئي آھ محبوب جــــــــو.
(ص222)
عقل جا اختيار عشق جي حدن کي ڇھي
نه ٿا سگھن ۽ عشق جي خود ڪا به حد ناھي. ھو لاحد آھي ۽ عاشق عقل جو حدون اورانگھي عشق جي حد ۾ جڏھن
داخل ٿي ويندو آھي ته دنيا وارا کيس
”چريو“
ڪري ڪوٺيندا آھن،
پر کين اھا سڌ نه ھوندي آھي ته اھو
”چريو“
ئي لاحد ۾ داخل ٿي پنھون جو پرتو بڻجي ويندو آھي.
سچل سائين اھڙو اظھار ڪندي چئي ٿو:
چــــــــــري چـــــــــــــــري مَ چئو، چريو آھي لـــــــــــــــــــوڪ،
جو چرئي لڌو ٿوڪ، سو
”سچل“
آھي نه سڪ هيـــــــن.
(25)
اھڙو خيال اظھار ڪندي پير روضي ڌڻي چئي ٿو:
چريو سوئي لوڪ، جو چرين کي چريو چوي،
چرين ڏٺو سو ٿوڪ، سياڻا سڪن تنھنکـــــــي.
(ص228)
سيد راشد
روضي
ڌڻي جي ڪلام
تي
سچل
سائين جي اثر بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي
ٿو:
”پير صاحب، سچل سرمست جو ھمعصر ھو،
ٽيڪنڪ
جي
لحاظ کان
پير
صاحب جي ڪافي تي سچل
سرمست
جو
رنگ نظـر
اچي ٿو.
سچل
سرمست کان اڳ ھن نموني جي ڪافين
واري ٿل ۽
وراڻي جو وجود ڪونھي.“
(26)
سيد راشد روضي متشرع عالم ۽ باڪمال صوفي ھو.
ھن پنھنجي ڪلام ۾ جابجا حقيقت ۽ خود شناسي جا نڪتا بيان ڪيا آھن
ته ٻئي طرف سندس ڪلام ادبي خوبين سان پڻ ٽمٽار
آھي، تشبيھ، استعاري، تجنيس حرفي، پھاڪن، محاورن
جو استعمال سيد راشد پنھنجي ڪلام ۾
خوب ڪيو آھي.
ملفوظات
پير راشد جي خليفن سندن ملفوظات
پڻ جــــــــوڙي تيار ڪئي.
خليفي محمد حسن، پير صاحب جي حياتي ۾ سندن
فرمودات
جو هڪ مجموعو
”صحبت
نامو“ جي نالي سان تيار ڪيو.
جيڪو فقير عبد الرحيم سڪندري
سنڌي ۾
ترجمو
ڪري 1993ع ۾
شايع ڪرايو.
ان کان سواءِ سندن ھڪ
خليفي محمود نظاماڻي ڪڙئي گھنور واري 1248ھ/1833ع ۾ پيرصاحب
جي مڪمل ملفوظات بنام
”مجمع
الفيوضات“
فارسي زبان ۾ گڏ ڪئي.
جنھن جو سنڌي ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آھي.
اھڙي طرح پير راشد روضي ڌڻي جا فارسي زبان ۾ لکيل
مڪتوبــات پڻ سنڌي ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي چڪا آھن.
هت مختصر طور سندن ملفوظات شريف مان ڪجهه روحاني
نقطا نموني خاطر پيش ڪيون ٿا.(27)
1. عارف شخص جو وجود گلاب جي گل مثل آهي. جنهن جي
فيض جي سرهاڻ هر خاص ۽ عام جي دماغ کي (سندس دلي
ارادت مطابق) پهچندي آهي. عارفن جو ڪلام وري عرق
گلاب جي مثل آهي جو انهن جي وصال کان پوءِ هرهڪ
شخص پنهنجي پنهنجي قابليت ۽ اهليت مطابق انهن جي
فيض جي خوشبوء سان پنهنجي دماغ ۽ روح کي معطر ڪندو
رهندو آهي.
2. صوفي ۾ چار اکر (ص،و،ف،ي) آهن. ص معنيٰ اندر جو
صادق هجي، و معنيٰ وفا ڪندڙ قول جو هجي، ف معنيٰ
فاني نفس هجي ۽ ي معنيٰ ياري (مدد) خدا تعاليٰ کان
طلبي.
3. عارف ۾ چارف حرف (ع،ا،ر،ف) آهن. ”ع“ معنيٰ عالي
همت هجي. ”الف“ معنيٰ الله پاڪ کي ياد ڪري، ”ر“
معنيٰ هر حال ۾ راضي هجي، ”ف“ معنيٰ فارغ جهان ۽
خلق هجي.
4. ماڻهو پنهنجي پاڻ ولي ڀائين ٿا. (پر) انهن ۾
ولايت جو ڪوبه اثر ڪونهي ۽ جيڪو شخص پاڻ کي
پرهيزگار ڀانئي ٿو اهو به تقويٰ جو صاحب نه آهي.
اولياء الله کي پاڻ تي نظر نه هوندي آهي نڪي ٻين
جي عيبن تي.
شرح اسماء الحسنيٰ:
سيد راشد روضي ڌڻي جو هيءُ
ڪتاب سندن رحلت کان پوءِ قلمي حالت ۾ رهندو آيو.
تازو ئي ان جو سنڌي ترجمو شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾
روضي ڌڻي بادشاھ، الله تبارڪ و تعاليٰ جي نوانوي
اسم مبارڪن جي فارسي زبان ۾ نهايت ئي اعليٰ فڪر جي
روحاني معنيٰ سمجهائي آهي، جيڪا سندن عرفان جي
بدولت ٿي آهي. هيءُ ڪتاب توڻي جو اصل فارسي اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي،
پر ان جو سنڌي ترجمو محمد اسماعيل ميمڻ سڪندري عمل
۾ آڻي سنه 2008ع ۾ اشاعت هيٺ آندو آهي. ڪتاب
اسماءِ الحسنيٰ مان مالڪ مهربان رب ڪريم جي سمورن
ٻاجهارن اسم گرامي مان هت روضي ڌڻي بادشاھ جي
ترجمي خاطر الله عزوجل جي هڪ اسم مبارڪ جي شرح ڏجي
ٿو(28).
الخالق، الباريءُ، المصور:
هونئن ته اهي ٽئي اسم جن جي (مصدرن جي) معنيٰ ٿيندي
پيدا ڪرڻ، وجود بخشڻ ۽ نئين سر بنائڻ يا جوڙڻ. اهي
لفظ جيتوڻيڪ پاڻ ۾ تقريباً هم معنيٰ آهن پر پوءِ
به هرهڪ کي پنهنجي مخصوص معنيٰ آهي جيئن
”خلق“
معنيٰ اندازو ڪرڻ.
”برءُ“
معنيٰ پيدا ڪرڻ ۽
”تصوير“
معنيٰ صورت ڏيڻ. هنن ٽنهي معنائن جو پاڻ ۾ ربط ۽
تعلق هن ريت سمجهڻ کپي ته: جيڪا شيءَ عدم کان وجود
۾ آڻبي آهي ته، پهريان ان جو خاڪو مقرر ڪيو ويندو
آهي، ان کان پوءِ ان کي وجود ۾ آڻبو آهي،
تنهن کان پوءِ ان کي ڪا شڪل يا صورت ڏني ويندي
آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ هڪ جڳهه جو مثال ڏجي ٿو.
جنهن جو پهريان خاڪو تيار ڪيو ويندو آهي،
يعني نقشو تيار ڪيو ويندو آهي ان کان پوءِ ان نقشي
کي وجود ۾ آڻبو آهي. پوءِ جڏهن تيار ٿيندي آهي ته
اها هڪ صورت ۽ شڪل وٺي بيهندي آهي. جيتوڻيڪ الله
تعاليٰ جي خلقڻ وقت اهي ٽئي مرحلا هڪ ئي وقت طئي
ٿيندا، پر پوءِ به هر منزل درجي بدرجي طئي ٿئي ٿي ۽ جيڪي ڪجهه مٿي يا
هيٺين عالم يعني عرش کان زمين جي تهه تائين پيدا
ٿيل آهي يا پيدا ٿيندو يا وري جيڪو ڪجهه ملڪ ۽
ملڪوت ۾ ظاهر ٿي چڪو آهي يا ٿيندو اهي سڀ ان خلقڻ،
خاڪي تيار ڪرڻ، وجود ڏيڻ ۽ صورت بخشڻ جا شاهڪار
آهن ۽ هن ساري جهان جو پيدا ڪرڻ وارو اهو ئي آهي.
جنهن مضبوط ترتيب سهڻي صورت، حڪمت ۽ بيشمار مصلحتن
سان ڀرپور هن سڄي سنسار کي وجود عطا ڪيو آهي ۽ ان
سڄي مخلوق کي وڏي حڪمت سان هڪ مربوط قانون تحت
ترتيب سان پيدا ڪيو آهي.
پڄاڻي:
سيد راشد روضي ڌڻي نه رڳو پنهنجي
وقت جو عارف ڪامل انسان هو پر هن علمي لاٽ کي روشن
رکڻ ۽ ان جي ذريعي روحاني روشني ڦهلائڻ خاطر تصنيف
و تاليف سان گڏوگڏ شاعري پڻ ڪئي. سندس
دور سنڌ جي سياسي حالتن جو بدلجندڙ ۽ بگڙجندڙ دور
هو ته ساڳي وقت سنڌي علم و ادب جي حوالي سان هي
دور شاندار دور رهيو. هت اسان مختصر طور سيد راشد
روضي ڌڻي جي سوانح ۽ علمي آثارن
متعلق
ويچار ونڊيا آهن،
جنهن مان سندن علمي مرتبي ۽ اعليٰ عرفان جو پتو
پئي ٿو.
ضميمو
1.
سيد بقا شاھ پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل شخص هو. سندس ڪجهه
سنڌي بيت
ملن ٿا، جيڪي تذڪره
لطيفي
(جلد اول) ۾ درج
آهن.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو انهن بيتن بابت لکي ٿو:
”سيد
بقا شاھ هڪ پڪو پختو شاعر هو. وقت جي شاعري
جي روايت سان ڳنڍيل هو. سنــــدس بيت مارئي، سسئي ۽ مجاز جي
موضوعن تي آهن“
(سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون) ص205)
سيد بقا شاھ لڪياري جا بيت نموني طور هن ريت آهن.
بيت (سنڌي)
1. اوڏا جــــي هئـــــــام، ته
نــــــــــــت نياپا
آئيــــــــــــــــــــــــــــــا،
سنگهارن سانگ پئي، ونهيا وس ٿـــيــــــــــــــــــــــــــــــــام،
مارو ٿر ٿيام، ڏيان ڏوراپــــــــا
ڪنهـــــــــــــــــــــــن کـــــــي.
2. سڄــــــڻ ڪ
ســــــاريـــــــــــــــــن، آءُ ســـــــاريان
صحـــــــي،
اديـــــــون آريجــــــــــــــــن
جــــــا، پڇـــــان روز پهــــــــــــي،
وينــــــــــــــــدي ڪيچ ڪهي، جيئندس
ڪين جتي ري.
3. جي ڪهان ته ڪوڪ نه نڪري، صبــــــــر آءُ
نه سهان،
اکيـــــــون آليــــــــون پرکي، آءُ
ويٺـــــــــــــي سور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، تن ڪنهن پر اڪنڊي
آهيان.
4. ســــــــــج لهي سانجهـــــــــــــي ٿي،
پکـــــــــــي پيا وڻين،
اڏر هينئـــــــــــــــــڙا
ڀؤنــــــــــــــــر ٿي، اسهه پرمڻيــــــــــن،
ٿوري ڏينهن گهڻين، ميڙو ٿيندءِ
سڄڻــــــــــــــــــــــــــين.
5. پير پـــــــــــــريان جي پڙ ۾، ڪير
چــــــــوئي تون پــــاءِ،
تون ٿي سک طلبئين، هڪ سڄڻ سور
سهــــــــــــــاءِ،
هو هينئن هڻني ڪاني، هئــــه هئـــــه
ڪــــج مَ هــــــــاءِ،
پائي مکڻ شيــــــــــخ ۾، اڳيان
پـــــــــــــر پچــــــــــــــــــــــاءِ،
عجب جهڙي آهه آ، ڪـــــــاڪيون ڪان قريب
جــــــــي.
(تذڪره لطيفي (جلد اول) ص3-282)
2. سيد راشد روضي ڌڻي جي شاعري
مولود
ٿلھ: مون کي سيد جي سڪ ٺاريو الا، آءُ، ڇاجي
ڪارڻ پھ پڇــــــــــــــــــان،
مــــــــــــــــــون کـــــي سيـــــــــــــد
جــــــــــــــــــــــــي سڪ
ٺـــــــــــــاريـــــــــــــــــــــو.
1. ھــي جڳ، ھو جڳ ھر دو جھاني، آھي پرين جو
پاڇولــــــــــــــــــو الا.
2. دوســـت ڇڏي جنھن دنيا ورتي تنھن ھارن
ھــوت وڃايــــــــــــــــــــــو الا.
3.
سونھن منجھـــــــــــان ھڪ سرڪي ساھڙ، تنھن لئه
سھڻي وھڻ نه ســـــاريـــــو الا.
4. پرتـــو پر جو ھڪ پنھــون تي، تنھن لئه
سسئي سڀ ڄم ساريـو الا.
5. سنڱ ڇن سڪ کڻ ســـاڻ سياڻي، آھي محب بنا
منھن ڪـــــــــارو الا.
6. قيد جي ڪوٽ ۾ ڪيئـــن سا گھاري، جنھن مطلق
ماڳ گذاريــو الا.
7. راءَ سُئي ھڪ رمز اوھان جي، تنھن گھايل ٿي
سر گھــــــــــــوري الا.
8. ھر جاءِ ھر دم ھوت ڏٺوسي، آھي ٻيو سڀ ڪوڙ
بکيـــــــــــــــــڙو الا.
ڪافي(1)
ٿلھ: توريءَ جيءُ نه جاءِ، سگھو مل
محــــــــــــــب مـــــــــــــــــــــوچارا
ميان.
1. دل نماڻي دوست ريءِ ميان الا، آھي
ھيـــــــــــــڪلڙي ھــــــــــــن جــاءِ.
2. سمھون ويھي سيدا ميان الا، ڪي مون ڳڻن
ڀريــــــــــــــــــــــا ڳالــھاء.
3. رئندن کي راحـــــــتون
ميـــــــــــــــان الا، اچـــــــــــــــــــي
پاڻ پرين پرچاءِ.
4. ڪس لڳي ٻيو ڪين ڪين ميان الا، مون کي سيد
تنھنجي سواءِ.
5. عالم اجاري منجھان ميان الا،
تــــــــــــــوکي سڀ ڇـــــــــڏائڻ
ڇــــــــاھ.
6. ماڻا مشتاقـــن سان ميان الا، پرين
جانـــــــــــب تـــــــــــو نه
جـــــــــــــڳاءِ.
ڪافي(2)
ٿلھ: آڻي لکئي لئن لائي، وو آءُ ڪـــــــــا
جــــــــوڙ جـــــــــــــتن جي جيڏيون.
1. جي مون نيھنم پاڻ سان، دائــــــــــــــن
جـــــــــــــــــي ٿيـــــــــــــــان
دائـــــــي.
2. پسي پنھنجا ڪمــــــــــڙا ميان لا،
لالـــــــــــــڻ آھيــــــــــــــــــان
لڄائـــــــــــي.
3. ڪن پارسي پاڻ ۾، ميان لا لالڻ، آءُ تان
ڪينئن سمجھان سا وائي.
4. سرتيون انھي ســـــــــــــور ۾ ميان لا،
مون ســــــان ڏيرن ڪانه نڀائي.
5.
وٺـــــي ور واٽ ٿيـــــــا ميــــــــان لا،
ڏيـــــــــــــــرن ڪئــــــــــــي
ڏاڍائـــــــي.
6.
دروازي تي دوست جي ميان لا، آءُ تان جيـــــــــــــڏيون
ويندس جائي.
(مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات سيد راشد روضي ڌڻي،
ص6-212)
3. پير صبغت الله شاھ (اول) پاڳارو
غزل
زدرت دلفگار باکه گويــــــــــــــــم
ز هجرت بيقرارم باک گويم
زگردش گيتي و بيمهري يار
شڪايتهائي دارم باکه گويم
غم خودار بهر کس عالم اندر
چو گويم خواري ندارم باکه گويم
(حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي ۽ ان جون علمي ادبي ۽ روحاني
خدمتون، ص94)
4. سيد محمد ياسين شاهه (جهنڊي وارو)
ڪافيون
(1)
حـــــــــــال ته منهنجــــــــو هي، توکــي سائين معلوم آهي.
1.
تـــــــــــون تمــــــــــاچي تـــــــــڙ ڌڻي، آءُ
مهاڻي مي.
2.
ڪوجها ڪيم ڪمڙا، سي معاف ٿين مان تي.
3.
جا نالي سئي تنهنجي، تنهــن ڏهــــــــاڳ مَ ڏي.
4.
علم، حلم لدني ڏيو، صاحــــب
”سيـــــــــد“
کي.
(2)
گـولي گنهگار، دوست! اوهان جي در جي.
1.
منهنجي سارڻ ڪين ڪيو، هاڻي سڄڻ تون ڪي سار.
2.
وارث! هــــــــــن وجــــــــــود ۾، اچــــــــي
گـــــــــــڏ گـــــــــذار.
3.
”سيـــــد“
کي تون سهڻا سائين، پنهنجو پـــــــــــاڻ ڏيکار.
(ڪافيون (جلد پهريون) ص198)
5. پير علي گوهر شاهه “اصغر”
ڪافي
ٿلهه: اکيون اتي وڃي اٽڪيون، جاءِ وڃڻ جي جاتي
ناهي
1. دلڙي ڦري ويو دلبر سائين قرب جون چاڙهي ڪٽڪيون
ساھ وٺي نيائين ساهي
2. حسن هادي جون فوجان باري، چشمن سان چشمان
چٽڪيون
ڳالهه وڌائون سو ڳاهي
3. روز روحن جي کئون هن هيڻي جون، هٽڪي ڪنهن جون
نه هٽڪيون
لوڪئون ڇڏيائون سو لاهـــــي
4. زلفان ظالــــم جو ول ول ڇلڙا، لالڻ جي ڳل
لٽڪيون
ڦٽيل چاڙهن سو ڦاهي
5. سهسين سهايون سرتي سرتيون، جهوري وارن جهٽڪيون
سر ڏنائون تن سين ساهي
6. ”اصغر“ عاشق تي عشق عجيب جي جون، سهسين سانگان
سٽڪيــون
ورهئون هنجهون وٺيـــو واهـي
(اصغر سائين جو ڪلام، ص265)
حوالا/حاشيا
1. محمد قاسم مشوري (مترجم) ملفوظات شريف (جلد اول) سنڌي، ص15، مولي والي
پرنٽرس لاهور 1981ع
2. فقير رحمت الله ونڊير، تاريخ پاڳاران عرف گلزار
راشدي، ص23، ماسٽر جي بڪ اسٽال شاهي بازار خيرپور
ميرس 1959ع - ڊاڪٽر نذر حسين سڪندري، مڪتوبات شريف
۽ سوانح حيات، ص4-33 مدرسه صبغة الهديٰ شاهپورچاڪر
2002ع.
3. مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص6-35 (حوالو اڳ آيل آهي).
4. مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص45 (حوالو اڳ آيل آهي).
5.مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص55 (حوالو اڳ آيل آهي).
6. مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص51 (حوالو اڳ آيل آهي).
7.
مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص62 (حوالو اڳ آيل آهي).
8. مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص63 (حوالو اڳ آيل آهي).
9. مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص5-64 (حوالو اڳ آيل آهي).
10. مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات ص 75 (حوالو اڳ آيل آهي).
11. سيد بقا شاھ کي علم سان وڏو چاھ رهيو ڪيڏانهن
به ويندو
هو ته پاڻ سان ڪتاب به گڏ کڻي ويندو هو. هڪ سفر دوران ڪتابن جي ڀري مٿي تي هجڻ ڪري دولت جي شڪ ۾
چورن کين شهيد ڪيو. سندن شهادت 10
محرم الحرام سنه1198ھ/1783ع آهي(245). سيد بقا شاھ جي وفات
جي تاريخ هيٺين شعرن مان نڪري ٿي(246).
چون محمد بقا شد شهيـــــد، حــــلاوت زرحمت الـهي
چشيد،
بسي بود نافع بهـــر خاص و عام، کزو زود طلب خدا
شد رسيد،
خرد سال تاريخ او درد الم، بگــــــفتا
بــــــدرجه شـــــهادت رسيد.
1198ھ
فقير عبدالرحيم سڪندري (مترجم) صحبت سپرين جي
ترجمه صحبت نامه ص36، مدرسه صبغة الهديٰ
شاهپورچاڪر 1993ع.
12. حوالو نمبر3، مختلف صفحا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تذڪره
شعراء سکر ص41.
13. ملفوظات شريف (جلد پنجون) ص391.
14.
پير علي گوهر شاهه
”اصغر“ جنم 14 رجب 1231ھ/1815ع تي سندس جنم پاڳار اول پير صبغت
الله شاهه
اول جي گهر ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت سندن والد جي
زير نگراني ٿي. فارسي ٻولي، ادب ۽ لغت تي ڪماليت
حاصل ڪيائون.
والد جي وفات بعد 15 ورهين جي ڄمار ۾ مسند نشين
ٿيا. ڪافي جا اعليٰ شاعر ٿي گذريا آهن، اصغر تخلص
ڪندا هئا. پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي والد جي
”ملفوظات
خزانة المعرفت“
جي عنوان سان سهيڙي ۽ پنهنجي والد جي ئي خطن کي
”خزانةالاسرار“ جي عنوان هيٺ گڏ ڪيو. سندس ڪافين جو
مجموعو ويجهي دور ۾ جماعت سڪندري درگاهه پير ڳوٺ
طرفان شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ سندن شاعراڻي ڪمال ۽ اعليٰ عرفان
جو عڪس موجود آهي. سندن خاص خليفن ۾ ناميارا شاعر
فقير عبدالله ڪاتيار، خليفو نبي بخش قاسم ۽ سنڌي
ٻولي جو پهريون صاحب ديوان شاعر خليفو گل هالائي
شامل آهن. اصغر سائين پنهنجي حياتي ۾ درگاهه جي
نئين سر تعمير ۽ جماعت کي منظم ڪرڻ ۾ پڻ وڏو ڪردار
ادا ڪيو. سندس رحلت 11 جمادي الاول 1263ھ/1846ع ۾
ٿي.
(اصغر سائين جو ڪلام، مقدمي جا مختلف صفحا)
15. ملفوظات شريف (جلد
ڇهون)
ص67-66، مڪتوبات شريف – صحبت نامه ص113.
16. سيد عبدالحسين شاھ موسوي، ديوان بيدل، ص386 سنڌي ادبي بورڊ.
17. مڪتوبات شريف، ص76 اصغر سائين جو ڪلام.
18. اصغر سائين جو ڪلام، ص16.
19 ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ، حضرت پير محمد راشد روضي
ڌڻي ۽ ان جون علمي، ادبي ۽ روحاني خدمتون، ص94
روشني پبليڪيشن حيدرآباد 2008ع.
20. اصغر سائين جو ڪلام.
21. مڪتوبات شريف ص76.
22. مڪتوبات شريف ص77.
23. سيد حسام الدين شاھ، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص602، 1981ع
.
24. سچل جو ڪلام (سنڌي ڪافيون ۽ بيت) ص328.
25. سچل جو ڪلام (سنڌي ڪافيون ۽ بيت) ص328.
26. تذڪره شعراء سکر 43.
27. صحبت نامه (مختلف صفحا).
28. سيد راشد روضي ڌڻي، شرح اسماء
الحسنيٰ، ص70، سنڌي ترجمو، محمد اسماعيل ميمڻ
سڪندري، 2008ع. |