اياز ڀٽو
ڪرامويل (Cromwell)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ترجمو ڪيل نظم
(هيءُ
نظم (Poem)
اصل ۾ مئٿيو آرلنڊ (Mathew
Arnold)
جو لکيل آهي. جنهن کي سنڌي ادبيات جي ماهر ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو ”اخبار تعليم“ سن 1957ع ۾ ترجمو
ڪري هن نظم
(Poem)
کي ڇپرايو. هن اخبار جو ايڊيٽر ديوان تارا چند
شوقيرارم هو: مترجم)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي خاص سڃاڻپ سنڌي
ادب جي تاريخ هئي، پر ان کان علاوه ادب جي ٻين
صنفن تي به پاڻ ملهايو. ترجمي جي حوالي سان هيءَ
پهرين ڪاوش آهي. ان کان پوءِ هن مَهانَ ماڻهوءَ
1974ع ۾ هڪ ناول ”اڪيلي“ ترجمو ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب جي هن نظم کي، ”ڪٺمال“
۽ ”زنبيل“ ڪتابن ۾ ڪونه آندو ويو آهي. جڏهن مون کي
”اخبار تعليم“ ۾ هي املهه خزانو نظر آيو، ته مون
سوچيو ته ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪاوش کي ڇو نه ڇپرائجي.
اڃا به ڊاڪٽر صاحب جي مواد جي ڳولها ڪرڻ جي ضرورت
آهي.
واضح رهي ته هيءُ نظم ڊاڪٽر صاحب عبدالجبار شام جي
نالي سان ڇپرايو آهي.
مئٿيو آرلنڊ (Mathew
Arnold)
اڻويهين صديءَ جو وڏو نقاد ڄاتو وڃي ٿو. جيڪو
1822ع ۾ ”رگبي“ ۾ پيدا ٿيو. ۽ 1888ع ۾ پرلوڪ
پڌاريو. سندس والد جو نالو ٿامس آرلنڊ هو.
مئٿيو آرلنڊ (Mathew
Arnold)
پهريائين شاعر هو، ان کان پوءِ تنقيد (Criticism)
ڏي لاڙو ڪيائين. هن جو ڪرامويل (
Cromwell)
نظم
(Poem)
ادبي حلقي ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو. اهوئي سبب آهي
جو هن نظم
(Poem)
کي 1891ع ۾ نيوڊيگيٽ (Newdigate)
پرائز (Prize)
مليو.
”سندس هن نظم
(Poem)
تي هڪ اديب لکيو آهي، ته مرمين هڪ تصوراتي جاندار
آهي (يعني اڌ ماڻهو ۽ اڌ مڇي) اتر يورپ ۾ اهڙا قصا
آهن، جن ۾ انسان ۽ مڇيءَ جي شاديءَ جو ذڪر آيو
آهي. اهو شاعر ڏيکاري ٿو ته ان مخلوق جو اولاد
جيڪو ٿئي ٿو. تنهن جي شڪل جو مٿيون حصو انسان جو ۽
هيٺيون مڇيءَ جو آهي. هتي هُو ڏيکاري ٿو، ته اهڙي
هڪ مخلوق هڪ انسان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽ اِها
وٽس پاڻيءَ ۾ رهڻ لڳي. کين ڪي ٻار به ڄاوا، پر
ڇوڪريءَ جڏهن شهر مان ديول جا گهنڊ ٻڌا، تڏهن هوءَ
مڙس ۽ ٻارن کي ڇڏي هلي وئي.“ هاڻي اچو ته اهي دل
ڏاريندڙ ورلاپ ٻڌون جيڪي سندس مڙس ڪري ٿو.
(1)
پيارا ٻارو!
هلو ته هُلون- هيٺ لهي هلون
منهنجا ڀائر سمنڊ جي ڪناري تان سڏ پيا ڪن.
سمنڊ جي ڪناري ڏانهن تيز هوائون پيون لڳن
ويرون لهنديون وڃن ۽ لوڻ ميدان تي پيو ڏسجي
وير جي ديوتا جا اڇا گهوڙا ٽپن بيٺا.
هوا ۾ لڏن ۽ ناز پيا ڪن.
پيارا ٻارؤ!
اسان کي هلڻ کپي
هتان هن رستي تان، هن رستي.
(2)
موٽڻ کان اڳ ۾ هن کي (ماءُ کي) هڪ
سڏ ڪريو.
اڃان به هڪ سڏ ڪريوس!
ائين جيئن هوءَ آواز سڃاڻي
”مارگريٽ- مارگريٽ“
ٻچن جو سڏ مِٺو لڳندس.
وري سڏ ڪريوس.
هڪ ماءُ جي ڪن کي
ٻارن جو آواز درد وارو آهي.
ضرور هوءَ موٽي ايندي
هڪ سڏ ڪريوس پوءِ هليا اچو.
ٻارن جو آواز درد وارو آهي.
ضرور هوءَ موٽي ايندي!
هڪ سڏ ڪريوس ۽ پوءِ هليا اچو،
هن رستي
مِٺي امڙ! اسين ترسي نه ٿا سگهون.
سمنڊ جي ديوتا جا اڇا گهوڙا ڊيڄارين ٿا.
”مارگريٽ- مارگريٽ“
اچو، پيارا ٻارؤ، اچو ته هلون
وڌيڪ سڏ نه ڪريوس!
شهر جي سفيد ڀتين تي آخري نظر،
۽ ننڍي چرچ تي هڪ نظر وجهو،
پوءِ هليا هلو.
اسين سڄو ڏينهن سڏينداسين،
ته پوءِ هوءَ هاڻي نه ايندي
هلو ته هلون- هلو ته هلون.
(3)
پيارا
پيارا ٻچڙا، اِها ڪالهوڻي ڪالهه هُئي نه
جو اسين پهرياءِ ڪناري تي گهنڊ جا مِٺا
آواز ٻڌي، سگهياسين ٿي، پنهنجي گهر ۾ ليٽي
ليٽي ٻڌاسين.
لهرن ۾ ۽ موجن سان کيڏيندو،
چانديءَ جي گهنڊن جو آواز اسان وٽ پهتو ٿي
واريءَ جي ٿڌن ۽ اونهن گهرن ۾،
جتي روشني جو اثر گهٽجو وڃي،
جتي لوڻ جي نالي ڪونهي
جتي سامونڊي جيت چوڌاري پکڙيل آهن
جتي سامونڊي نانگ ور ۽ وڪڙ پيا وجهن
۽ پنهنجي کل پيا سڪائين، اس پيا کائين
جتي وڏا جهاز اچن ٿا.
سفر ڪندا، جاڳندا، سفر ڪندا
چوگرد، دنيا ۾ پئي هليا آهن جڏهن
موسيقيءَ جو آواز هتان آيو آهي
ٻچا، اهو ڪالهوڪو ڏينهن ناهي؟
(4)
ٻارڙا اهو ڪالهوڪو ڏينهن ناهي؟
هڪ ڀيرو وري به سڏيو، هوءَ ته هلي ويئي
ڪڏهن هوءَ اوهان ۽ مون سان سمنڊ جي دل ۾
سون جي تخت تي ويٺي هئي.
ننڍڙو سندس گوڏي تي ويٺو هو،
۽ هوءَ سندس چمڪندڙ وارن کي آڱرين سان
سنواري رهي هئي، پر جڏهن پري کان
گهنڊ جو آواز ٻڌائين، تڏهن ٿڌو ساهه ڀري
سمنڊ جي مٿاڇڙي تي نهاريائين: ”مون کي
کپي ته پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏجي ننڍي
ديول ۾ عبادت وڃي ڪريان،
”اِيسٽر“ جا ڏينهن هوندا، ڪٿي دنيا؟ ۽
هاءِ آءٌ،
آءٌ پنهنجي احساس کي وڃايو ويٺي آهيان،
مرمين! ٻڌين ٿو“
مون چيو وڃ. مِٺي لهرن مان ترندي
هلي وڃ
عبادت ڪري ۽ مٺين لهرن ڏانهن موٽي اَچُ
هُو لڳي مشڪڻ ۽ پوءِ هلي ويئي
ڪناري سمنڊين مان نڪري شهر ڏانهن وئي.
ٻارڙا اهو ڪالهوڪو ڏينهن هو نه؟
(5)
پيارا ٻارو!
سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو آهي
ننڍڙو روئي ٿو. ماڻس جي عبادت نه کُٽِي
اسين نڪتاسين ۽ ڪناري تي پهچي،
واريءَ کي لتاڙي، اڳتي نڪري شهر ۾ پهتاسين
شهر جو گهٽيون سوڙهيون ۽ پڪيون هيُون.
ماٺ ئي ماٺ لڳي پئي هئي.
پر چرچ جيڪو ”ٽڪري“ تي هو،
ان مان آواز آيو ٿي
عبادت ڪندڙ گڏجي ڳائي رهيا هئا.
اسين ٿڌي هوا ۾ بيٺا هئاسين؛
هُو ٿنڀي وٽ بيٺي هئي!
مون چيو: ”مارگريٽ! جلد اچ، اسين بيٺا آهيون
توکان وڇڙئي گهڻو وقت ٿي ويو آهي.
سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو آهي، ننڍڙا روئن ٿا.“
پر افسوس! هن مون ڏانهن نهاريو ئي ڪين،
سندس نظرون پاڪ ڪتاب ۾ کتل هيون
پادري ڏاڍيان پيو ڳالهائي،
اچو ٻارڙا! هاڻي سڏ نه ڪريوس،
هلو ته هلون، بس هاڻي نه سڏيوس.
(6)
سمنڊ جي اونهائيءَ تائين
هؤ شهر ۾ ويٺي آهي، ۽ ويٺي ڳائي: ٻڌو
”واهه واهه، آواز سان ٻرندڙ گهٽيءَ ۾
ٻار پنهنجي رانديڪي سان،
پادري لاءِ گهنڊ ۽ پاڪ کوهه بس آهي
مون لاءِ چمڪندڙ سج
ائين پئي هوءَ ڳائي، نهايت خوشي ۾ ڀرجي
جيسين سندس هٿ مان ائٽ جو وٽڻو ڪري
ٿو پوي
۽ چرخو بند ٿي ٿو وڃي. هوءَ دريءَ وٽ
اچي ٿي، ٻاهر نهاري ٿي
او سمنڊ ڏانهن!
هوءَ دور، خلا ۾ پئي گهوري
اجهو ٿڌو شوڪارو ڀريائين،
اجهو ڳوڙها ڳڙي پيس
ڏک ڀريل اک مان
۽ ڏکويل دل مان
هڪ ڊگهو ڊگهو ساهه
هن جي منجهيل اکين مان ۽ هن جي
سونهري وارن جي چمڪي مان
هلو ٻارو، هلو ته هلون
هوا تمام ٿڌي ٿي وئي آهي
شهر ۾ بتيون روشن ٿي ويون آهن.
هوءَ جڏهن در کڙڪندو ٻڌندي،
تڏهن ٻاهر نڪرندي، هوءَ هوائن جو گهوگهاٽ ٻڌندي،
ويرن جي گجگوڙ ٻڌندي،
اچو ته ڳايون، هتي هڪ آدم زاد آئي،
هوءَ بيوفا هئي.
سمنڊ جا بادشاهه هميشه اڪيلا پيا گذارين.
(7)
پر ٻارڙا! اڌ رات جو
جڏهن ترو ۽ تازي هوا لڳي ٿي.
جڏهن چنڊ جي روشني بلڪل صاف آهي
جڏهن وير لٿل هوندي آهي،
جڏهن سمنڊ ڏانهن ويندڙ هوائون لڳن ٿيون؛
اسين ستل شهر کي واريءَ جي دڙن، پار ڏسون
ٿا ۽ پوءِ موٽيو اچون- اچو ته ڳايون
”هوءَ هاڻي نه ايندي، اسان جا لڙڪ اجايا ٿيا.
هوءَ اوهان جي جيجي نه رهي آهي، منهن جي
رفاقت به پسند نه ڪيائين- هلو ته هلون
هتي هوءَ پياري رهي ٿي، پر هوءَ بي رحم آهي،
هن سمنڊ جي بادشاهن کي هميشه اڪيلو گذارڻ
لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.“
ٻارؤ هلو ته هلون
هاڻي کيس نه سڏيو
هن جي آرام ۾ خلل نه پوي، تنگ نه ڪريوس
هلو ته هلون.
رئوف عباسي
اي سنڌ توکي الوداع
سرڪش سنڌيءَ ۽ مشتاق چنگيزيءَ جي ياد ۾
1. سرڪش سنڌي:
سائين سرڪش سنڌيءَ سان لڳ ڀڳ 20 سالن کان وڌيڪ
عرصي جو ادبي تعلق رهيو. هُو، انتهائي مخلص،
دردمند دل رکندڙ، وطن دوست، سنڌ جي محبت ۾ فنا،
سنڌي مزاحمتي ۽ قومي شاعريءَ ۾ هڪ نمايان مقام
رکندڙ شاعر هو.
سرڪش سنڌي، توڙي جو هڪ مذهبي ڪٽنب جي پيداوار هو.
ان جي باوجود هُو، ترقي پسند ۽ قومي فڪر ۾ رڱجي
ويو. هُو، پنهنجي مزاج، انداز، سوچ، خيال ۾ ارڏو،
بيباڪ، نڊر، ۽ دل جي ڳالهه منهن تي چئي ڏيڻ وارو
البيلو شخص هو.
هُو، مخاطب کي اڪثر طور ”مَن“ يا ”ادا“
جي وڻندڙ ۽ دلي احترام جهڙن لفظن سان خطاب ڪندو هو
يا گفتگو ڪندو هو.
جديد سنڌي شاعريءَ جي مزاحمتي ۽ رومانوي رُخ کان
جن شاعرن پاڻ ڳڻايو. هيءُ پڻ انهن مان هڪ هو.
هونءَ ته ان حوالي سان هڪ وڏي کيپ آهي. پر، هن جي
همعصر شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي، غلام
نبي گل، احمد خان مدهوش، راشد مورائي، تاج جويو،
ادل سومرو، اياز گل، ۽ محمد علي پٺاڻ وغيره اچي
وڃن ٿا.
سرڪش سنڌي، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اسلوب انداز ۽ فڪر
جي حوالي کان انفرادي سُڃاڻ رکي ٿو. هُو، شاعريءَ
جي حسين ديويءَ سان پيچ اڙائڻ کان پوءِ نثر، جي
ڪٺن سفر تي به آزمودا ڪرڻ لڳو، ۽ نثري لکڻيون/
تحريرون به سندس شاعريءَ جيئان، ادبي قارئين کي
موهڻ/ متاثر ڪرڻ لڳيون.
سرڪش سنڌي، قومي درد رکندڙ/وطن دوست شخص هو. آڱرين
تي ڳڻڻ جيترا سنڌي شاعر وطن دوستي يا سنڌ دوستيءَ
کي اون ڪندا آهن، نه ته اڪثر واهه واهه جي پويان
هوندا آهن.
هُو، جهڙوڪر ضمير جو قيدي هو. ان مطابق زندگي
گذارڻ کي اهميت ڏيندو هو، وڏي شان ۽ مان سان زندگي
گذاريائين. فارسي علم جي ڄاڻ هوندي به ڪڏهن، ادبي
دوستن/ مداحن مٿان ان جو رعب نه رکندو هو. سرڪش
سنڌيءَ کي جڏهن ڏٺو، بيمثال ۽ باڪمال ڏٺو. وڻندڙ
چهرو، چاپئين ڏاڙهي، سنڌي ٽوپي، مُرڪ سان آجيان، ۽
مُدلل گفتگو. مخالف لاءِ به اخلاقي حدن اندر
گفتگو. سندس ادبي سفر 50،40 سالن تي محيط آهي.
جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
سرڪش سنڌي، جديد ادب جي حوالي کان هڪ ناقابل
فراموش ڪردار آهي. هن جي شاعري اهڙو طلسم آهي،
جنهن ۾ ماڻهون/ ٻڌندڙ/ پڙهندڙ مُنڊجي ٿو وڃي.
سندس قومي گيت، سنڌ جي اڪثر مشهور ڳائڻن/ ڳائڻين
ڳاتا آهن.
هُو به قومي ڪردار/ وطن دوست ڪردار ۾ آخر تائين
ثابت قدم رهيو. ائين جيئن نجم عباسي، استاد بخاري
۽ نياز همايوني وغيره.
بلاشڪ سرڪش سنڌي صاحب جي وفات سنڌي ادب قوم ۽ سندس
پوئينرن جو وڏو نقصان آهي.
وڏي وِٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.
(شاهه)
2. مشتاق چنگيزي:
اتفاق سان جڏهن به ڪو سنڌي فلمن جو اداڪار يا
T.V
آرٽسٽ گذاري ويندو هو ته، ان جي ياد ۾ جيڪو
پروگرام حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندو هو. ان ۾ مشتاق
چنگيزيءَ کي ڳالهائڻ لاءِ آڻيندا هئا، ۽ هُو، پڻ
تقرير ۾ چوندو هو ته ڪو اداڪار/ فنڪار مري ٿو ته
پوءِ مان کين ياد اچان ٿو.
مان گذريل سال اپريل 2011ع ۾ حيدرآباد ويس، اتي
شوبز جي سينئر صحافي اقبال راهيءَ سان ملاقات ٿي.
ان وٽ رهائش به هئي.
اتفاق سان سنڌي آرٽسٽن جو ذڪر ڪندي مشتاق چنگيزي
جو ذڪر نڪتو. هن چيو اهو ته منهنجو يار آهي. جڏهن
چئه ته ساڻس ملاقات ڪجي.
تنهن ڏينهن ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ ۾
’عباسي اتحاد پاڪستان‘ پاران ميڊم شمس عباسيءَ جي
ياد ۾ ادبي ريفرنس هو. اقبال راهيءَ کي چيم ته
ادبي ريفرنس
Attained
ڪري پوءِ چنگيزي صاحب سان ملنداسين.
لئنگويج اٿارٽيءَ جي ممتاز مرزا هال ۾ اندر
گهڙياسين، ته مردن کان وڌيڪ عورتون آيل هيون. جهٽ
گهڙي کان پوءِ هڪ رٽائرڊ پروفيسر وهيل چيئر تي
آئي. مون کي نالو ياد نه ٿو اچي (گل محمد عمراڻي
سندس ياد ۾ مضمون لکيو هو) انگلش ادب ۾ ماهر هئي.
خير، سج لهڻ وارو هو، پر مئڊم شمس عباسي وارو
پروگرام شروع نه ٿي سگهيو. اتي مرد اديبن ۾ تاج
جويو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، علي دوست عاجز نظر
آيا.
اسان اتان رفو چڪر ٿيڻ بهتر سمجهيو. اقبال راهيءَ
جي ڪار ۾ ريڊيو پاڪستان آياسين، مقصد مشتاق
چنگيزيءَ سان ملاقات هئي. ريڊئي پاڪستان حيدرآباد
وارن ٻڌايو ته هُو، گهر ويو آ، اتفاق سان مشتاق
چنگيزيءَ جي موبائيل به بند هئي.
اسان سندن لطيف آباد واري گهر آياسين. ايتري ۾ سج
لهي ويو هو. هُو، سانجهيءَ جي نماز پڙهي، گهر جي
ڏاڪڻين تان لهي آيو. (اسان جي اطلاع تي) اقبال
راهيءَ، منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو. پوءِ، ويجهو ئي
هڪ هوٽل تي وڃي ڪچهري ڪئيسون. سندس لهجو نج سنڌي
هو، وقت جي سردين، گرمين مشتاق چنگيزيءَ سان ڪيئي
وارتائون ڪيون. پر، سندس زبان تي ڪابه گلا/شڪوه
ڪانه هئي.
مشتاق چنگيزيءَ ڏاڍي موهيندڙ پنهنجي ماضي جي
موويز. هيروئنز ۽ هدايتڪار جو ذڪر ڪيو. ان وقت
منهنجي اڳيان سندس عروج جي دؤر جون موويز
”شهروفيروز“، مٺڙا شال ملن“، ”جيجل ماءُ“، اچ ته
ڀاڪر پايون“، ”علي گوهر“، ”شهيد“ ۽
”جاسوس“ (اردو ۾) هن جي اسڪرين تي هلڻ لڳيون.
هُو، پنهنجي پيدائش ڪاڇي مان، ٻڌائي رهيو آهي.
جڏهن ته هن جو فيورٽ ائڪٽر محمد علي هو.
هُو اداڪار چڪوريءَ بابت پڇيل سوال تي ٿڌا ساهه
ڀري رهيو هو. مشتاق چنگيزيءَ جو چڪوري سان حقيقي
عشق هو. جنهن اڳتي هلي ازدواجي روپ ورتو. مشتاق
چنگيزي، سنڌي فلمي دنيا ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي،
سيد حسين شاهه فاضلاڻي کان پوءِ اهم پرفارمر هو.
جنهن سنڌي فلمن جي ترقيءَ لاءِ شاندار ڪردار ادا
ڪيو. هُو، سنڌي فلمن جي تاريخ ۾ سدا ياد رهندو، ان
کان سواءِ اداڪار وسيم به چڱو خاصو مقبول رهيو.
ٻين اداڪارن/ هيروز ۾ بابر، ابوبلاول، محبوب عالم،
قربان جيلاني، وغيره آهن.
مشتاق چنگيزيءَ جي گانن تي محمد يوسف جا ٻول ائين
ڪمپوز/ سيٽ ٿيندا هئا. جيئن محمد علي جي سين/ گاني
تي مهدي حسن جا ٻول، ٺهڪندا هئا.
حيات علي شاهه، مشتاق چنگيزيءَ جي يادگيرين جي
حوالي سان لکيو آهي، ته هُو، جڏهن هارون رند جو
نالو ٻڌي ”ديوارين“ لاءِ ڪردار گهرڻ ويو ته هارون
رند کيس مايوس ڪري موٽائي ڇڏيو. جڏهن ته سنڌ کان
ٻاهر جي آرٽسٽن کي ڪاسٽ ڪيائين.
مشتاق چنگيزيءَ، فالج جي حملي بابت به ڳالهه ڪئي،
مان کائنس ثقافت کاتي پاران مدد/سهائتا لاءِ پڇيو
ته چيائين ”ثقافت کاتي رڳو اٺ هزار ڏنا هئا.“ ايڏي
مهانگائي ۽ فالج جهڙي خطرناڪ بيماريءَ ۾ اٺن هزارن
جي ڪهڙي اهميت آ؟
بهرطور، مشتاق چنگيزي سنڌي فلمي دنيا جو اهڙو هيرو
هو، جنهن پنهنجي ڪردار جي ٻين ڪيترن اداڪارن تي
ڇاپ ڇڏي، ۽ آخرڪار هُو به اسان کان موڪلائي ويو ۽
پنهنجون اڪيچار يادون ڇڏي ويو.
نظام الدين ڪلهوڙو
عبدالله ”شجاع“ سنڌي ۽ سندس شاعري
اها مڃيل حقيقت آهي ته شاعري احساسن جي مجموعي،
لفظن جي سونهن ۽ سهڻي ترتيب جو ٻيو نالو آهي، جنهن
۾ انساني جذبن ۽ احساسن جي پختگيءَ سان گڏوگڏ، روح
جي گهرائيءَ جي صلاحيت به سمايل هوندي آهي. شاعري
نه صرف جمالياتي پهلوءَ ۽ حُسن جي هاڪ جو باعث
آهي، پر اها زندگيءَ جي مختلف حالتن، مسئلن ۽
ڪيفيتن جي پرچار پڻ آهي. پوءِ اهي حالتون، انفرادي
هُجن يا اجتماعي، مگر شاعري، زندگيءَ جي گوناگون
مشاهدن، سماجي معاملن، ڪائناتي صداقتن ۽ انسانيت
جي ڪارگر اصولن جي نمائندگي ڪري ٿي ته، اهائي
معياري شاعري پڻ آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري توانائي،
تازگي، لطافت، ڪارفرما سوچن ۽ افاديتي خيالن جو
جزو برقرار رهي ٿو.
مطلب ته شاعري، سماج جي اثرن، انساني مسئلن، مزاجن
۽ زندگيءَ جي روين جي ترجماني ڪري ٿي. انڪري شاعر
کي سماج جو ترجمان چيو وڃي ٿو. شاعر جيئن ته
معاشري جو ئي فرد ٿئي ٿو. تنهنڪري هُو رشتن ۽ ناتن
کان متاثر ٿئي ٿو. وصال ۽ وڇوڙي، رنج ۽ راحت، وفا
۽ بيوفائيءَ، مجبوري ۽ مفلسيءَ، فنا ۽ بقا جي انيڪ
قلبي وارداتن، ذهني پيڙائن ۽ فڪري تجربن مان گذري
ٿو. جنهن جو سندس دل، دماغ، احساسن ۽ سوچن تي اثر
پوي ٿو. هُو انهن تجربن، احساسن ۽ وارداتن کي
پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ، مشاهدي ۽ مڻيا جي زور تي
اظهار ڪري ٿو. جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ معاشري جي
سامهون اچي ٿو. اهڙي تجرباتي ڏات ۽ فني اظهار
ڪندڙن ۾ عبدالله ”شجاع“ سنڌيءَ جو نالو به احترام
جي لائق آهي.
حسب نسب:
شجاع جو ڏاڏو فيض محمد ٽڳڙ اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي،
تعلقي رتي ديري ۽ نئون ديري جي ڳوٺ ”سرائي سلطان
احمد ميتلي“ جو رهاڪو هو. کيس ٻه پُٽ، محمد بخش ۽
غلام محمد هئا. فيض محمد زماني جي لاهن ۽ چاڙهن جي
ڪري پنهنجي ڳوٺ مان لڏي اچي، لاڙڪاڻي جي اهم شخصيت
نواب اميرعلي لاهوريءَ جي پاڙي ”لاهوري محلي“ م
ويٺو. هُو اتي معاشي ضرورت لاءِ محنت ۽ پورهيو
ڪندو رهيو. سندس محمد بخش وڏو فرزند هو، جيڪو ”علي
بحر قبرستان“ جي ڀرسان (موجوده عباسي ڪالونيءَ ۾)
اَنَ جو واپار ڪندو هو. ان سان گڏوگڏ هُو حڪمت جو
ڄاڻو به هو، حتيٰ ڪه قرآن شريف جي تعليم کان پڻ
روشناس هو. هن ٻه شاديون ڪيون. پهرين گهر واريءَ
مان هڪ پُٽ ڄائو ۽ ٻئي گهر واريءَ مان ٻه نياڻيون
۽ چار پٽ تولد ٿيا. جن مان عبدالله نالي ٽيون نمبر
فرزند اڳتي هلي، ”عبدالله شجاع سنڌيءَ“ جي نانءَ
سان مشهور ٿيو (جيڪو اسان جي موضوع جو مرڪز پڻ
بڻيل آهي.)
جنم ۽ ننڍپڻ:
شجاع ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر ”نئين لاهوري محلي“ ۾ 14
صفر سن 1397هجري مطابق
4- فيبروري 1977ع تي حڪيم محمد بخش ٽڳڙ جي گهر ۾
جنم ورتو.
شجاع ننڍپڻ کان ئي تيز فهم ۽ سليم طبع جو صاحب هو،
بلڪه ننڍي هوندي سندس مزاج، سنجيدگيءَ، سچائيءَ ۽
مزاح سان پڻ سرشار هو، پر البت بااخلاق گفتگو ۽
بذله سنجي سندس وڻندڙ عمل هئا. وڏن جو ادب ڪرڻ ۽
ساڻن خوش اسلوبيءَ سان پيش اچڻ سندس اهم ڪردار پڻ
هو. اڪثر ڪري ٻالڪپڻي ۾ تنها ۽ اڪيلو هرگز نه
گذاريندو هو. ليڪن هو پاڙي جي ٻارن سان گڏجي راند
روند به کيڏندو هو. مقصد ته شجاع ننڍپڻ ۾ تفريح ۽
وندر ورونهن جو نهايت ئي ڪوڏيو هو، مگر هو دل
پرڀائڻ لاءِ ٻين ٻارن سان ڀَرَ واري باغ توڙي
گِهٽيءَ ۾ ظريفاڻي ڪچهري به ڪندو هو. جنهن مان کيس
ڏاڍو مزو ۽ لطف ايندو هو. ان کان علاوه، شجاع ننڍي
هوندي غريبن سان همدردي ۽ محبت ڪندو هو، بلڪ اميرن
سان به چڱيءَ طرح پيش ايندو هو.
تعليم ۽ تربيت:
شجاع جڏهن 6 ورهين جي عمر جو مس ٿيو، تڏهن سندس
والد ڀَرَ واري مدرسي ۾ قرآن شريف جي تعليم لاءِ
کيس ويهاريو. ان سان گڏوگڏ هن شروعاتي ۽ ابتدائي
تعليم جي تحصيل لاءِ پرائمري پي.وي اسڪول لاڙڪاڻي
۾ داخلا ورتي. 1988ع ۾ انهيءَ اسڪول مان پنج درجا
پاس ڪيائين ان کان پوءِ شجاج پائلٽ هاءِ سيڪنڊري
اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. جتان مئٽرڪ جو امتحان
1993ع ۾ پاس پڻ ڪيائين. هن وڌيڪ تعليم لاءِ ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. 1995ع ۾ انٽر جو
امتحان پاس ڪيائين. اهڙيءَ طرح شجاع کي اعليٰ
تعليم پرائڻ جو ڏاڍو شوق ۽ دلي لڳاءُ هو. تنهنڪري
اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ساڳئي سال يعني 1995ع ۾
سچل سرمست اورينٽل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بي.اي ۾
داخلا ورتائين. ان ڪاليج مان 1997ع ۾ بي.اي جو
امتحان پاس ڪيائين.
ملازمت ۽ مشغولي:
شجاع جي والد محمد بخش ٽڳڙ جي وفات 1994ع ۾ ٿي ته
گهر جو سمورو بار سندس والده توڙي پنهنجن ڪُلهن تي
اچي پيو. ان ڪري شجاع گهر جي گذاري ۽ معاشي ضرورت
لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي خانگي طور تي
ملازمت ۽ پورهيو ڪندو رهيو، ان سان گڏوگڏ، هُو
سرڪاري نوڪري لاءِ به ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪندو رهيو، پر
سرڪاري ملازمت کيس نه ملي سگهي. ليڪن سرڪاري نوڪري
نه ملڻ ڪري، هُو پيٽ گذر ۽ مادي حاصلات لاءِ محنت
۽ پورهيو، ملازمت ۽ ڌنڌو پڻ ڪندو پيو اچي. مگر ان
کانپوءِ سندس والده به بيماريءَ سبب لاڏاڻو ڪري
ويئي ته کيس تمام گهڻو صدمو پهتو.
پر تنهن هوندي به شجاع، همت نه هاري ۽ سگهوئي
روزگار ۽ پورهئي جي حاصلات لاءِ وڌيڪ تلاش ڪندو
رهيو. تان جو لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ ”ميمڻ جماعت
آفيس“ پاران ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي نالي
سان لائبريري قائم ڪئي ويئي، ته شجاع کي ان
لائبريريءَ جو انچارج پڻ مقرر ڪيو ويو. ٿوري عرصي
بعد اها لائبريري بند ڪري، اتي ئي غريب ۽ مسڪين
شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هينئر
”ڪمپيوٽر، شارٽ هينڊ ۽ انگريزي ٽائيپنگ سينٽر“ جو
اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي. ان سينٽر ۾ شجاع پنهنجا
فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. بلڪه سندس رهائش به
اتي ئي آهي.
ان کانسواءِ، شجاع کي اخبارن، رسالن، ڪتابن پڙهڻ ۽
گڏ ڪرڻ، شعر ۽ نثر لکڻ جو بيحد ذوق ۽ چاهه آهي. هو
بزمِ سچل لاڙڪاڻي (ادبي تنظيم) جو سرگرم ميمبر به
آهي. بصيرت جي شعاعن ۾، شجاع مشاق اديب ۽ شاعر
آهي. انڪري هو بزمِ سچل، سچل ادبي مرڪز، سنڌي ادبي
سنگت، رائيٽرس ڪلب وغيره ۽ سنڌ جي ٻين ادبي و علمي
تقريبن ۾ گهڻي قدر شرڪت ڪندو آهي. جتي نامور اديب،
شاعر ۽ محقق اچي جمع ٿيندا آهن. اتي هو به انهن جي
محلفن ۾ شعر پڙهي، خوب داد وصول ڪندو آهي. نه فقط
ايترو، پر طلوعِ اسلام، اين.جي.اوز ۽ سياسي
پروگرامن ۾ پڻ شامل ٿيڻ جو شرف حاصل ڪندو آهي.
اهوئي ڪارڻ آهي، جو شجاع کي علم و ادب ۽ شعر و
شاعريءَ سان شوق آهي. ان سان گڏ، هو اسلامي تعليم،
سائنسي علوم، سماجيات، نفسيات، لسانيات، فلسفي ۽
سياست جي موضوعن سان به ڏاڍي دلچسپي رکي ٿو. اهڙي
مفيد مشغوليءَ کان شجاع هرگز پري ۽ وانجهو نه رهيو
آهي. حقيقت پسنديءَ جي حيثيت ۾، شجاع ديني تعليم،
قرآن فهميءَ جي ڄاڻ توڙي علم و ادب جي سکيا جو
متلاشي ۽ جاکوڙي رهيو آهي. بهرحال. شجاع اسلامي،
علمي، ادبي ۽ سياسي جلسن، جلوسن ۽ مجلسن ۾ شريڪ
ٿيندو آهي. شجاع عالمن، اديبن، شاعرن، اڳواڻن ۽
دانشورن جي ڪچهريءَ توڙي صحبت مان فڪر، فهم، زندگي
۽ شعور جو فيض به حاصل ڪندو آهي.
لهٰذا هو انهن مصروفيتن، شغلن ۽ مشغولين سان
لاڳاپيل آهي، جيڪي سندس قلبي قرار ۽ دماغي دوا جو
سبب بڻيل آهن.
شخصيت ۽ ڪردار:
شجاع، قد جو ڊگهو، بدن پورو، رنگ ڀورو، اکيون
وڏيون، پيشاني ڪشادي، منهن تي مُرڪَ، جسم تي عام ۽
سادا ڪپڙا، پر پنهنجي لباس کي هر وقت صاف رکندو
آهي. کاڌ خوراڪ به سادي ۽ عام قسم جي کائيندو آهي.
دل جو ڪشادو ۽ هٿ جو سخي انسان آهي، جيڪو هوندو
اٿس، سو محتاجن، مسڪينن ۽ غريب دوستن کي ”حال
پريان نال“ ڪندو آهي. خلقِ خدا جي عزت ۽ خدمت خاطر
سوچ سدائين سڦلي رکندو آهي، بلڪ انسانيت سان محبت
به سندس عظيم خوبيءَ ۾ شامل آهي. هن جا اصول پختا
۽ اَٽوٽ آهن. کيس عزتِ نفس جي زندگي گذارڻ جو وڏو
عمل دخل آهي. هو ڪاوڙ ۽ ڪيني جي ويجهو اصل نه آهي،
بلڪ، هُو صبر، حق، سچ ۽ توڪل جو مجسمو پڻ آهي.
البت هو ڪنهن کي چيڙائڻ يا ايذائڻ جي ڪُڌي ڪم کان
بلڪل پري آهي.
شجاع، هڪ پاسي خلوص، الفت، خوش خُلقيءَ، انسان
دوستيءَ، ۽ معاشري جي اصلاح جو پيڪر آهي، ته ٻئي
پاسي هُو ظلم، ڏاڍ، بربريت، ناانصافيءَ ۽ استحصال
جو متنفر آهي. سندس قول ۽ فعل ۾ يڪسانيت آهي، پر
خوش طبعي ۽ کل ڀوڳ سندس اهم خصوصيت ۽ خوبي پڻ آهي.
هن جو واسطو دوستن، عزيزن، پنهنجن، پراون، اميرن ۽
غريبن سان همدردانه، لازوال، بيمثال ۽ اَٽوٽ آهي.
مطلب ته شجاع سڀني کي درجي آهر خلوص، ڪشاده دلي ۽
بي لوث محبت ۽ عزت ڏيندو آهي. کانئن خير و عافيت
به پڇندو آهي. هو صاف دل، ملنسار ۽ مرغوب مزاج جو
مالڪ آهي. مگر هُو خوش اخلاق، حاضر جواب ۽ ڪچهريءَ
جو ڪوڏيو انسان پڻ آهي. اهڙيءَ طرح شجاع نه
صرف
امن ۽ آشتي، پيار ۽ سِڪ کي سيني ۾ سانڍي ٿو، پر
هُو درد جون دانهون ۽ سور به ٻين کي سليندو رهي
ٿو. هو غريبن جو يار، هيڻن جو همدرد ۽ غم خوار
انسان آهي، ليڪن سندس دل ديني ۽ اسلامي فڪر، تصور،
ذڪر ۽ فهم جي خزاني سان ڀريل آهي. حقيقت ۾ شجاع
بامروت، سونهن وارو ۽ محبوب ماڻهو آهي. هن جي
شخصيت، دلڪشيءَ جي دلالت پڻ آهي. سندس ڪرداري عمل،
محبت ۽ اخوت جو بهترين نمونو آهي. هي هڪ طرف وفا،
صداقت، شعور، سچائيءَ، جدوجهد، وعدي، خوشحاليءَ ۽
انصاف جو ساٿاري آهي ته ٻئي طرف هي نفرت، انياءَ،
ڪروڌ، ڏڪار، بغض ۽ حسد کان پاڻ کي پري رکڻ جو
خواهان آهي.
ادبي سَندون:
درحقيقت عبدالله ”شجاع“ سنڌي انساني معاشري، سنڌي
قوم، ڌرتيءَ جو گوهر ۽ مانجهي مڻيادار انسان آهي.
کيس ادبي خدمتن جي عيوض ۽ اعزاز ۾ ڪيترائي
سرٽيفڪيٽ ۽ ادبي سَندون مليون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن
ٿيون:
(1)
سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو پاران 14- مارچ 1999ع تي
ڪهاڻي لکڻ جي مقابلي ۾ کيس ”ڪهاڻين جو مڃتا
سرٽيفڪيٽ“ مليو.
(2)
ماهوار ”هالار“ ۽ ماهوار ”سنڌ رنگ“ ڊائجسٽ
حيدرآباد پاران ليکڪ طور ”مڃتا جو سرٽيفڪيٽ“ 1-
جنوري 2002ع تي کيس ڏنو ويو.
(3)
”همدرد فائونڊيشن پاڪستان“ جي صدر ۽ شهيد حڪيم
محمد سعيد جي صاحبزادي محترمه سعديه راشد طرفان
کيس ادبي صلاحيتن جو مڃتا سرٽيفڪيٽ 2004ع تي مليو.
شاعريءَ جي شروعات:
عبدالله ”شجاع“ سنڌيءَ کي جيئن ته ننڍي هوندي لکڻ،
پڙهڻ، ۽ شعر ٻُڌڻ جو بيحد شوق هوندو هو، ڇو ته هن
جي چوڌاري ۽ پاڙي ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب رهندا
هئا. اهي شاعر، شعر و شاعريءَ جي مانڊاڻ مچائيندا
هئا ته شجاع به سندن شعر ٻُڌڻ ويندو هو. تنهنڪري
سندس دل ۾ شعر لکڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو ۽ طالبِ
العلميءَ جي ايامڪاريءَ ۾ 13 سالن جي عمر دوران
يعني 1990ع کان ئي شعر و سخن لکڻ جي شروعات
ڪيائين. ان وقت هو ڪَچا ڦِڪا شعر ٺاهيندو هو، پر
تنهن هوندي به هو شعرن جي اصلاح ۽ درستيءَ لاءِ
ٻين استاد شاعرن ۽ ڪهنه مشق اديبن کي ڏيکاريندو
هو. ان کان پوءِ شجاع کي موزون شعر لکڻ جو تمام
گهڻو چاهه پيدا ٿيو ۽ هو چڱيءَ طرح شعر جوڙيندو
رهيو. تان جو سندس پهريون شعر سنڌي ٻاراڻي رسالي
”گل ڦل“ (ڄام شورو سنڌ) ۾ ڇپيو ته کيس بيحد خوشي
محسوس ٿي.
شاعريءَ جو اڀياس:
جڏهن اسان عبدالله ”شجاع“ سنڌيءَ جي شاعريءَ جو
گهرو اڀياس ڪيون ٿا، تڏهن اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته
سندس شاعري بيشڪ اندر جو آواز ۽ اُڌمو آهي. هن جي
شاعريءَ ۾ ديني، اخلاقي، قومي ۽ رومانوي جذبن جا
عنصر موجود آهن، سندس شاعريءَ مان هن جي شخصيت جو
سماجي روپ نِکري، نروار ٿي بيهي ٿو. هو ذاتي طور
تي زندگيءَ ۾ خوددار انسان رهيو آهي. انڪري سندس
شعرن ۾ خودداريءَ، خوداعتماديءَ، اجتماعيت ۽
انفراديت جا جذبا شامل آهن، جيڪي سراسر نزاڪت ۽
رنگيني پيدا ڪري رهيا آهن.
دراصل شجاع جي زندگي، سچ لکڻ جي سهاري تي قائم پڻ
آهي. ڇو جو هُو شاعريءَ کي حياتيءَ کان ڌار نه ٿو
ڪري، بلڪه هُو زندگيءَ جو بي پايان، بحر قدر پڻ
ڪري ٿو ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت کان باخبر پڻ رهي
ٿو، پر البت هن جديد فڪر ۽ ترقي پسند سوچ واري
شاعريءَ کي سهڻي ميلاپ ۽ انداز سان پيش ڪيو آهي.
تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته شجاع جديد نظرئي ۽
ترقي پسندانه تصور جو قائل آهي، پر هُو زندگيءَ جي
اصل راز، مقصد ۽ ڪارج جو خواهشمند پڻ آهي. اُهي
احساس ۽ جذبا سندس ڪلام ۾ نمايان آهن.
گويا شجاع جي دل الله پاڪ جي ذڪر ۽ تعليمات ڏي
مائل آهي، مگر هُو اسلام جي پيغمبر رحمت اللعالمين
نبي ڪريم ﷺ جي عملي زندگي، رهڻي ڪرڻي ۽ سيرت پاڪ
جو پيروڪار پڻ آهي. سندس رڳ رڳ ۾ الله تعاليٰ ۽ ان
جي رسول اڪرم ﷺ جي بيحد محبت ۽ عشق سمايل آهي.
انڪري وڌيڪ هيئن چئجي ته شجاع اسلام جي تهذيب جو
پاسدار، سماجي سڌارڪ ۽ گهڻگهرو شاعر آهي، هن
پنهنجي قلم کي خاموش نه رکيو آهي ۽ حق ۽ سچ کي
عوام آڏو ظاهر ڪري رهيو آهي. حقيقت پسنديءَ جي
حيثيت ۾، شجاع شعري صداقت ذريعي ڪائنات جي تسخير،
حقيقتن ۽ انڪشافن کي بيان ڪري ٿو. هو زندگيءَ جو
ترجمان آهي. زندگي ماديت جي عبارت آهي. سندس
شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي سچائي ۽ صداقت، غم ۽ محبت جو
سوز سمايل آهي. اهڙيءَ طرح شجاع زندگيءَ جي سفر ۾،
سونهن کي شاعراڻي نظر سان ڏٺو آهي ۽ ان سونهن کي
ڏسڻ لاءِ شاعريءَ جو سهارو ورتو آهي. لهٰذا، شجاع
ڪائنات ۽ زندگيءَ ۾ نصرت ۽ پوشيده شين کي مسخر ڪرڻ
جو متلاشي آهي. هُو الله تعاليٰ جي ثنا، حمد ۽
نعمتن جو بخوبي ذڪر ڪري ٿو. سندس ڪجهه سٽون هن ريت
آهن:
خدا پنهنجي سڃاڻپ لئه، ڪيون هِن خلقتون پيدا،
وئي حيران ٿِي ڏاهپ ڏسي، هِي حيرتون پيدا.
چوي ٿو مالڪ و موليٰ، ڪيو دنيا فتح ساري،
ته حاصل جيئن پوشيده، ٿين سڀ نعمتون پيدا.
پَکي، پوپٽ، گُلن اندر سندس ادنيٰ صنائي آ،
قمر، سج، سمنڊ جي اندر ڏٺيون هِن حڪمتون پيدا.
شجاع اسلامي اصول، الاهي قانون جو پابند ۽ مُوحِد
آهي، مگر هو ديني علم، عمل ۽ ڪردار جو متمني پڻ
آهي. سندس ڪلام پڙهڻ سان اهو پتو پوي ٿو ته هو خدا
پاڪ ۽ اُن جي رسول ﷺ جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کي دنيا
۽ آخرت جي ڀلائي ۽ ڪاميابي سمجهي ٿو.
اهڙيءَ طرح نبي ڪريم ﷺ جي شخصيت، آمد ۽ رحمت جا
گُڻ بيان ڪندي، چيو اٿس ته:
نبي آيو ڀَلي آيو، اکين جو ٺارُ ٿي آيو،
سڄي جڳ جي نصيحت لئه، اُتم ڪردار ٿي آيو.
سڄي مخلوق لئه سهڻو ٿيو، رحمت جو مثال آهي،
سچائيءَ جي علامت، صاحبِ ادوار ٿي آيو.
ٻئي هنڌ نبي ڪريم ﷺ جي تعريف ۽ واکاڻ هن ريت ڪئي
اٿس:
نبيءَ جي نانءَ تان صدقي، نبي خيرالبشر آهي،
سڄڻ سنسار لئه آيو ٿي، رحمت جو ڪڪر آهي.
پتو جن کي نه هو ڪوئي، ته دنيا هيءَ آهي ڇا؟
اچڻ محبوب سان روشن، وئي ٿي رهگذر آهي.
شجاع جي شاعري، بصيرت جي نگاهن ۾، انسانيت کي صحيح
مقام ۽ مرتبي جو رستو ڏيکاري ٿي، پر اها انسان ذات
۽ قوم کي احساس ڪمتريءَ ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ مان
ٻاهر ڪڍڻ جي پڻ ڪوشش ڪري ٿي، جيئن ته:
دل جي دروازن کي کوليو ”فڪر“ سان،
ڪائناتي علم پائڻ جي ڪجي.
زندگيءَ جي مختصر لمحن اندر،
ٿي اَمر ماڻهو ڏيکارڻ جي ڪجي.
ياد رهي ته شجاع جي شاعري مرده لفظن جو مجموعو نه
آهي، مگر اها حيات جي بنيادي حقائق ۽ اخلاقي مقاصد
جي حامل پڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ انساني همدرديءَ،
رهبريءَ، چڱائيءَ جو احساس ۽ تاثر نمايان آهي. عقل
جون قوتون، همه گير اصول ۽ زماني جي حالات جا منظر
وغيره سندس شعر جا موضوع آهن. هن جي شاعريءَ جو
انحصار فقط قافئي، رديف، محاوري، تشبيهه، استعاري
۽ ڪِنائي وغيره تي نه آهي، بلڪه سندس داخلي جذبي،
خارجي مشاهدي ۽ تفڪر جي تحريڪ تي منحصر پڻ آهي.
اهوئي سبب آهي، جو شجاع جي شاعري نفيس خيالن ۽
لطيف سوچن جي ترجمان آهي، دراصل شجاع انساني مزاج
۽ فطرت جو گهرو ۽ ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي. ان سان
گڏوگڏ، محيط ماحول ۽ معاشري جو به تجزيو ڪيو آهي،
انڪري هو چوي ٿو ته:
ڪائناتي رهنما، سروَر سچوؐ،
پو ڀلا ٻيو ڇو؟ وڃي رهبر ڪجي.
ماڻهپي جو قول آ، ماڻهن اڳيان،
”بيڪسن جي وقت تي، واهُر ڪجي.“
خـــــــدمــــــتِ
انســــــانيــــــت
آ،
آبِ
- حيات،
هي عمل دنيا اندر، برتر ڪجي.
اهڙيءَ طرح هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انسان جي سُورن،
تڪليفن، اهنجن ۽ ايذائن جي ڳالهه ڪئي آهي. هو سماج
جي مظلوم ماڻهن جي حقن جي پاسداري ۽ حمايت ڪري ٿو.
هن وٽ انسانيت جو احساس سڀ کان اُتم ۽ اهم محرڪ
آهي؛ انسانذات جي اهميت ۽ حيثيت سندس مکيه موضوع
آهي. تنهنڪري شجاع جي شاعري دل تي اثر انداز چڱيءَ
ريت ٿئي ٿي. هو سماج جي دردن، خطرن ۽ ڏکن کان نه
ٿو ڊڄي، بلڪه هو انهن سان منهن ڏيئي مقابلو پڻ ڪري
ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي، جو شجاع هڪ جرئتمند، بيباڪ،
باعمل ۽ مُصلح انسان آهي، بلڪه هن جو عزم پختو ۽
ارادو بلند پڻ آهي. سندس ڪلام بهترين ڪردار ۽ تصور
جو نمونو آهي. جنهن مان پڙهندڙن کي ظاهري طور تي
اخلاقيات ۽ روحانيت جي رمزن جو سبق ملي ٿو. شجاع
جو اهوئي مقصد ۽ مراد آهي ته: ”زندگيءَ ۾ هر
انسانُ، انسان جي ڪم اچي، ساڻس نرميءَ ۽ خوش
اخلاقيءَ سان پيش اچجي.“ ان ڪري چيو اٿس:
زماني جي ظلمت ۾، پو نُور ايندو،
اگر باعمل سڀ، حُڪم تي رهو.
ڪري ماٺ ويهن نه، مظلوم سارا،
نه شاڪر ڪڏهن، ڪنهن ستم تي رهو.
مطلب ته شجاع جي شاعري هڪ رنگين گلدستو آهي، جنهن
۾ مختلف گُلن جي خوشبوءِ ۽ جدا جدا رنگ موجود آهن.
جيڪي طرحين طرحين هٻڪار ۽ سونهن جو ڏيک ڏيئي رهيا
آهن.
جيئن ته قرآن مجيد، الله تعاليٰ جو آخري ۽ سچو
ڪتاب آهي. اهو انسانيت جي رهنمائيءَ ۽ هدايت جو
سرچشمو پڻ آهي، جيڪو قيامت تائين قائم رهندو.
تحقيق خدا تعاليٰ جي ٺهيل ڪائنات ۾ نشانيون ڦهليون
پيون آهن. انهن نشانين تي غور و فڪر ڪرڻ کان پوءِ
زندگيءَ جو حقيقي مقصد مقرر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن
انسان زندگيءَ جي حقيقي مقصد لاءِ عمل نه ڪندو ته
پوءِ هُن جو اُٿندڙ هر قدم غلط راهه تي هلندو،
جنهن جو نتيجو پنهنجي جان تي ظلم ڪرڻ ئي آهي، پر
ساڳئي وقت، قرآن شريف غور و فڪر لاءِ ڪيترو حڪم
ڪيو آهي، تنهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري
سگهندو. جيڪا دنيا ۾ اتحاد جون برڪتون کڻي اچي ٿي،
تنهن لاءِ هو چوي ٿو ته:
قرآني ڪيون آءُ، ادراڪ حاصل،
زمانو مڃيندو پو، آزي سدائين.
شجاع! پيرَ اڳتي، وڌايون ٿي ڏاڍو،
ڪيون ڇا ڪري، ياد ماضي سدائين؟
پوري وثوق سان اهو چئي سگهجي ٿو ته انساني معاشري
۾ جڏهن اخلاقي قدرن، سماجي تربيتن جو بگاڙ ۽ خاتمو
ٿي ويندو آهي، تڏهن اتي ڪيتريون ئي خرابيون ۽
بدعنوانيون اُتپن ٿينديون آهن. جهڙوڪ: بي ايماني،
ٺڳي، چوري، خونريزي، فرقه بندي، پرماريت، رشوت
خوري، جهالت، بي حسي ۽ بي روزگاري وغيره. تنهنڪري
شجاع، پنهنجي ڪلام ۾ موجوده سماج ۽ ماحول جي عڪاسي
ڀرپور نموني سان ڪئي آهي.
سماج مان جڏهن اَمن جو عنصر موڪلائي وڃي ٿو. تڏهن
انسانيت کي ڪيترائي خطرا ۽ دهشتون نظر اچن ٿيون،
تنهنڪري شجاع هن ريت چيو آهي ته:
دهشتون ۽ وحشتون جاري ڏسي،
آدميءَ کي جانور، ٿيندي ڏِٺم.
پيچرا افسوس! جيڪي ڪالهه جا،
پُرامن ها، پُر خطر ٿيندي ڏِٺم.
جهڙيءَ ريت انسان وقت جي حالتن سان مهاڏو اٽڪائي
ٿو، تهڙيءَ ريت کيس واقعن ۽ اثرن جي پروڙ ڀليءَ
ڀَت پئجي وڃي ٿي. انهن حالتن جي هو اشاراتي انداز
۾ عڪاسي ڪري ٿو، پر سندن تصوير به منقش ڪري ٿو:
نه پيتو آ جنهن ڀي، زهر حالتن جو،
ٻڌائي نه سگهندو، اَثر حالتن جو.
تجربن ڪيو پارکُو، جو چوان پيو،
”آ چهرن مان ظاهر، حشر حالتن جو.
زماني جي ظلمت ۾، جنهن جوت آندي،
ٿو خوشبو ڪري، سو پگهر حالتن جو.
خدا موت خلقيو نه آ، بي سبب هي،
ختم نيٺ ٿيندو، جبر حالتن جو.
انسان نه صرف محنت ۽ جاکوڙ سان اعليٰ مقام تي پهچي
ٿو، مگر معاشرو به جدوجهد، همت ۽ نيڪ عمل ذريعي
ترقيءَ جي منزل تي رسي ٿو. حتيٰ ڪه حُسن ڪارانه
ڪردار ۽ ڪارج جي ڪري انساني زندگي، عظمت جي بلند
درجي تي پروان چڙهي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي، جو انساني
دنيا توڙي سماج کي چڱن ڪمن ۽ سچن انسانن جي سخت
ضرورت هوندي آهي، ڇو ته انهن کانسواءِ قومون،
ترقيءَ ۽ شعور جون راهون حاصل نه ڪري سگهنديون
آهن، جيئن ته:
عمل سوا ڇا سماج صالح ٿيندوهي؟
بيانَ لفظي اخبارن ۾ ڇپجن ٿا.
سُقراطي، منصوري ۽ هِي بلاولي،
دنيا! توکي ڇو نه، سچار! گهُرجن ٿا؟
مطلب ته شجاع جي شاعري انيڪ خيالن، فڪرن ۽ سوچن جي
ماتحت خاص مقام رکي ٿي. سندس ڪلام ۾ اُهي تمام
خوبيون ۽ خصوصيتون ملن ٿيون، جيڪي هڪ عمدي شاعر ۾
سمايل هونديون آهن، هو شعري تاثير ۽ ڪلام وسيلي
انسانيت، قوم، سماج ۽ خدا پاڪ جي مخلوق کي سچ جو
سبق ۽ نصيحت جو نياپو پڻ ڏيئي ٿو، جيڪو بيشمار
نڪتن ۽ حڪمتن سان ڀريل آهي، هو چوي ٿو ته:
سوَن ۾ ڪو انسانُ، انسان چئبو،
ڏُکي جان تي جنهن کي، ايندو جهُٻو آ.
ڪٿي سچ خاطر، ڪٿي ڪُوڙ خاطر،
ٽُٽي دوستيءَ جو ته، ويندو سَڳو آ.
منظم جي ٿئي ڀونءِ، انصاف سان هِيءَ،
ته پوءِ خواب تعبير جو، هر سچو آ.
حقيقت ۾ شجاع، سماجي ڏکن ۽ ناسُورن جو معالج نظر
اچي ٿو. هو انسان جي اندر ۾ جهاتي پائي، انهن جي
دردن جي دوا ڪري ٿو، مگر هو سندس ڏوجهرن ۽ ڏکن کي
ڏور ڪرڻ جو متقاضي پڻ ٿئي ٿو. ۽ برملا چوي ٿو ته:
”جيڪڏهن هرهڪ انسان، ٻئي جي ڏک کي پنهنجوئي ڏک
سمجهندو ته پوءِ ان جو غم غرق ٿي ويندو، پر منجهس
قلب ۾ قرار ۽ دل ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿيندي، جيڪا
کيس يقيني طور تي نوبنو ۽ چاق ڪري ڇڏيندي.“ اهڙو
اظهار هن ريت به ڪيو اٿس:
ڏٺو دل جي لغت کولي، جڏهن ”انسان“ جو مطلب،
”رکي مرهم، مسيحائي ڪري، جيڪو فگار آهي.“
ٻين جا غم اگر پنهنجا ڪيو، محسوس مجموعي،
ته پو پنهنجن ڏکن جو ڀي، لَهي ويندو غبار آهي.
شجاع هاڻوڪي دؤر جو جائزو، عام جيون، رهڻي ڪهڻي،
تاريخ، تهذيب، گذر معاش ۽ انساني نفسيات جو ذڪر
پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي جيئن ته:
حالات جو ادراڪ ٿيو، مون ساڻ مخاطب،
”پيچيده ڏسي وقت کي، تون اهلِ قلم ٿي.“
جائز ڇو حقن لاءِ، پيو ڪوئي رُلي ٿو؟
حق ڪنهن جو غضب ٿيو ۽ مُٺ ڪنهن جي گرم ٿِي.
گويا شجاع انساني حياتيءَ کي نه فقط اهميت ۽ اوليت
ڏئي ٿو، بلڪه هو زندگيءَ کي کليل ڪتاب پڻ سمجهي
ٿو، جنهن مان ڪيترائي راز ۽ عنوان ملن ٿا:
زندگي آهي، ڪهاڻين جو ڪتاب،
ڪِٿ گلن جو، ڪِٿ ڪُهاڙين جو ڪتاب.
حاصلاتِ غم ۽ سکڻيون آٿتون،
کولجي ٿو جي، ڏهاڙين جو ڪتاب.
شجاع، ڪلام ۾ انسان جي ڏاڍ، ڏهڪاءَ، غريب طبقي جي
مجبوري ۽ استحصال تي نهايت ئي دردناڪ دانهن ڪئي
آهي. ڪڏهن ڪڏهن مٿس قنوطي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته هو
زندگيءَ خواهه دنيا کي ڏکن ۽ دردن جو درياءُ سمجهي
ٿو. منجهس ڪيترائي انسان غمن جا غوطا کائي، موت جي
آغوش ۾ هليا وڃن ٿا، ته انهن جي حالتن کي ڏسي، پاڻ
ئي ڳوڙها ڳاڙي ٿو.
ٽِمي ٿي ڪٿي جهوپڙي ۽ مان ڀَر ۾،
رُعونت ۾ ماڻهوءَ کي، رَهبو ڏسان ٿو.
ڪٿي ٿا گذارن، ڪي جيئري قبرَ ۾،
ڪٿي وڌ مُصّرف کان، رَقبو ڏسان ٿو.
شجاع! بيوسي مون ڏسي لُڙڪ هاريا،
جو پَٽڪنِ کي پيرن ۾، رُلبو ڏسان ٿو.
شجاع هن ديس جو خيرخواهه گهڻگهرو، سماج سڌارڪ،
باشعور ۽ انسان دوست شاعر آهي. هن نظم وسيلي عوام
دشمن قوتن، غريبن کي ايذائيندڙن ۽ موذين کي ننديو
آهي، پر هُو جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه سرشتي کي
ناپسند پڻ ڪري ٿو. جتي مسڪينن جي روزي تنگ هوندي
آهي ۽ ماڻهو گذرمعاش لاءِ پريشان هوندا آهن، تِتي
انسانيت جو معراج ۽ سربلنديءَ جو عنصر ختم ٿي
ويندو آهي. تنهنڪري انسان، معاشري اندر زوال ۽
غربت جي حياتي گذاريندا آهن. کين خدا پاڪ جي
رضامندي ۽ انساني اؤج کان سراپا آگاهه ڪندي چيو
اٿس:
سدائين صاحبِ دولت رهيا ڇو پنهنجي ليکي ۾؟
غريبن لاءِ غربت ٿي، اگهاڙي هڪ ترار آهي.
خدا جي جنهن اطاعت ڪئي، اهو انسانُ اعليٰ آ،
اهو ان لاءِ جو اُن جي، صداقت ڏي نِهار آهي.
هميشه اؤج ٿيو آ، غور سان پيدا،
مسلمانن هٿان نڪري، وئي اهڙي مهار آهي.
جڏهن انسان مان حرص، لالچ ۽ لوڀ جا اوگڻ ختم ٿين
ٿا، تڏهن کيس حقيقي سُڪون ۽ روحاني غذا ملي ٿي،
جيئن ته:
لوڀ، لالچ کان، ڪِنارو مون وتو،
ڄڻ ته جنت ۾، گذارو مون وتو.
شجاع پنهنجي چؤڌاري چُرندڙ پُرندڙ ماحول ۽ سنسار
کي چڱيءَ طرح ڏٺو آهي ۽ ان کي پوريءَ طرح محسوس به
ڪيو آهي، پر البت هن انهيءَ احساس ۽ جذبي، ويچار ۽
سوچ، جوش ۽ تاثر کي وڏي ڪمال سان پيش ڪيو آهي. هن
پنهنجي شاعراڻي نظريي وسيلي عوام جي نفسياتي
ڪيفيتن، رياست جي نظام جي ڪارڪردگيءَ ۽ سماج جي
نشاندهي، علامتي انداز ۾ ڪئي آهي. جنهن مان انساني
ڪردارن، مُحرڪن ۽ مختلف خيالن جا اشارا ملن ٿا:
مهانگائي نظرانداز ٿيندي، ڪنهن چيو مون کي،
وڏا سرڪار جا ٿورا، وَڌائي جنهن پگهارَ آهي.
نه جن جي نيڪ حسرتن ۽ خوابن منزلون ماڻيون،
انهن ڄڻ موت کان اڳ ئي، ڏٺي پنهنجي مزار آهي.
حقوقِ آدميت جو، شعوري سلسلو ڪونهي،
رِڍون، چالاڪ هڪليندو، رهيو هتڙي ڌنار آهي.
مگر انسانيت جي بقا صرف هڪ ڳالهه تي منحصر آهي
يعني انصاف. جڏهن به دنيا مان انصاف جا چشما خشڪ
ٿي ويندا آهن، تڏهن دنيا تي تباهي لامارا به ڏيندي
نظر ايندي آهي. تنهن بعد ماڻهو لاچار ۽ اُداس ٿي
ويندا آهن. انڪري هو چوي ٿو:
لوڪ هي انصاف کان خالي گهڻا،
مُنهن لٿل ماڻهو رَکي بيداد ٿو.
هاڻوڪي ۽ نفسانفسيءَ واري دؤر ۾ جبر ۽ بي
روزگاريءَ سبب ماڻهو تمام گهڻا پريشان ۽ ششدر آهن،
بلڪه سندن جياپو مايوسيءَ جي مرض ۾ پڻ مبتلا آهي.
اهڙو بيان هن ريت ڪيو اٿائين:
هرڪنهن شهر ۾ اَڄ ڪلهه،
جبري پَهرَ ۾ اَڄ ڪلهه،
جيون اُداس آهي.
هِڪُ مان رڳو نه آهيان،
بَر پَٽَ، بَحرَ ۾ اَڄ ڪلهه،
جيون اُداس آهي.
”بيروزگارُ- سنڌ“ جي،
غربت اَثر ۾ اَڄ ڪلهه،
جيون اُداس آهي.
درحقيقت انسان کي دنيا ۾ ڏک به ملن ٿا ته کيس سُک
به ملن ٿا. تنهنڪري شاعر زندگيءَ جي فلسفي ۽ مختلف
حالتن جو بيان علامتي طور تي پيش ڪري ٿو:
ماڻهپي ۾ زندگي ڪاڏي وڃي،
حالتن جي بي حسي ڪاڏي وڃي.
آ اِرادن ۾ خلل دنيا وڌو،
بيوسي ۽ بيڪسي ڪاڏي وڃي.
دل گهُريا انسان جي وڇڙي وڃن،
زندگيءَ جي هر خوشي ڪاڏي وڃي.
موت هڪ اٽل حقيقت آهي، انسان به هن جهان ۾ فنا جي
شيءِ آهي. سندس شايانِ شان ڪردار، خوبصورت عمل،
ڪارفرما فڪر ۽ حسين تصورئي ياد رهندا آهن، ان
املهه انسان جي لڏي وڃڻ ڪري، صالح سماج جا فرد
اڪثر ڪري گهري ڏک ۽ الم جو اظهار پڻ ڪندا آهن،
شجاع سندن زبانيءَ جو وستار هيئن ڪيو آهي:
جڳ مان مان صداقتن جا، آثار اڄ هليا ويا،
تعليمِ خدا جا پو، وِيچار اَڄ هليا ويا.
هر دل کان ڌار ٿي وئي، مهمان نوازي آ،
افسوس! خدمتن جا، ڪردار اَڄ هليا ويا.
جي فيصلو ڪندا ها، الله جي رضا سان،
خوفِ خدا سان ماڻهو، سرشار اڄ هليا ويا.
دنيا توڙي سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي علائقو
(سنڌ ڌرتي) هميشه خوشحال، سيراب ۽ مالامال رهيو
آهي نه فقط ايترو، پر هي خطو تهذيبي ۽ تمدني لحاظ
کان به شاهوڪار ۽ مهذب رهيو آهي. انڪري کيس ”جنت
السنڌ“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ليڪن هن علائقي
جي محنت
ڪش ۽ پورهيت انسانن کي سهاري جو ڪِرڻو نظر اچي
رهيو آهي، جيڪو سندن ڪاميابيءَ ۽ روشنيءَ جو رستو
پڻ آهي.
نظر هِڪڙي تحقيق، واري چوي ٿي،
هِي زرخيز صدين کان، پنهنجو خطو آ.“
صبح نيٺ ٿيندو شجاع! رات کان پو“
جفاڪش پَليو ڪين، هي آسرو آ.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته وطن جي حب ايمان جو جزو
آهي، پر ساڻيهه جي سڪ لافاني جذبو پڻ آهي، اهڙيءَ
طرح شجاع کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس سان بيحد عشق ۽
الفت آهي. سندس هر شيءِ سان کيس محبت ۽ پيار آهي.
ان ڪري شجاع وطن ۽ ديس جي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ لاءِ
دعا گهري ٿو، مگر هو سندس
شان ۽ هاڪ جو هوڪو به ڏئي ٿو:
رهي خوشحال دنيا ۾، وطن پنهنجو خواهش آ،
نه ٿئي محتاج ڪڏهن ڀي، صفا ڪنهن جو خواهش آ.
رياضت سان سدا گڏجي، ڪيون اوچو سندس نالو،
ته پو ٿيندو مرحلو، هر ادا سهنجو خواهش آ.
نظارا هي ”شجاع“ ساڻيهه جا، موهي وِجهن ٿا پيا،
هُجي قائم هميشه رَب! حُسن تَنهنجو خواهش آ.
جيئن ته
شاهه لطيفؒ شاعرن جو سرتاج شاعر آهي، جنهن جي ڪلام
۾ امن، اتحاد، انسان دوستيءَ، جدوجهد، محنت ۽ تصوف
جو فڪر سمايل آهي، بلڪه سندس شاعريءَ ۾ عالمگيريت
جو عنصر به موجود آهي. شاهه جو ڪلام سنڌ توڙي دنيا
جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ پڙهيو وڃي ٿو، کيس نهايت ئي عقيدت ۽
احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس رسالي کي
پڙهڻ ۽ پُرجهڻ سان روح کي راحت ملي ٿي. تنهنڪري
شجاع به شاهه ڀٽائيءَؒ سان حُب ۽ سِڪ سيني ۾ رکي
ٿو ۽ لطيفؒ بابت چوي ٿو ته:
خدا جي خاص رَحمت جو مليو، سڀ کي انعام آهي،
عطا اعليٰ ڀٽائيءَ کي، علم جو جامُ، جامُ آهي.
ڀٽائي برگزيده، واقفِ آ رازِ يزداني،
مُفسّر ٿي ٻڌايو جنهن، خدا جو هي ڪلام آهي.
رسالي کي پڙهڻ کان پوءِ، رسي ٿِي روح کي راحت،
ڏئي تسڪين ٿو دل کي، ٻُڌو جنهن ڀي ڪلام آهي.
شجاع، شعرن ذريعي محنت ڪش هاريءَ جو مانُ ۽ عزت
ڪري ٿو، پر هو ساڻس محبت جو اظهار به ڪري ٿو. هُو
هاريءَ جي اَهنجن ۽ تڪليفن جو احساس ڪري ٿو. سندس
محنت ۽ پورهئي کي ساراهي ٿو. مگر کيس ٽِمندڙ پگهر
سان به سُڃاڻي ٿو. تنهنڪري، شجاع هاريءَ جو حامي،
مددگار ۽ قدردان نظر اچي ٿو، هنن ٽِه سٽن ۾ چيو
اٿس:
هاري! توسان منهنجو پيار،
تنهنجي اَڻٿڪ محنت سان،
هر پَلُ جَرڪي ٿو سنسار.
•
•
•
•
•
پورهئي سان آ تنهنجو پيار،
تتيءَ ٿڌيءَ ۾ سهڻا سائين،
سُستيءَ کان تون آهين ڌار.
ان کانسواءِ شجاع پنهنجي ڪلام ۾ بهار جي آمد، موسم
جي فطري حُسن ۽ لذت جي منظرڪشي اهڙي ته سهڻي نموني
۾ ڪري ٿو، جو انسان جي دل ۾ هڪ خاص احساس ۽ ڪيفيت
پيدا ٿي پوي ٿي ۽ انهيءَ جو نقشو اسانجين اکين آڏو
سراسر بيهاري ٿو. جيئن مُصّوِر ڪائنات جي مختلف
رنگن مان ڪم وٺي ٿو، تيئن شجاع انساني جذبن، خيالن
۽ قدرتي نظارن جي تصوير ڪڍي ٿو. شجاع جي شاعريءَ ۾
فطرت شناسيءَ سان گڏوگڏ، سندس شعر ۾ تازگي، باريڪي
۽ سادگي اها ئي موجود آهي، جيڪا شجاع جي ڪلام جو
ڪارگر سرمايو آهي.
اهڙيءَ طرح بهار جي خوشيءَ جو رنگ ۽ رونق پيش ڪئي
اٿس:
موسم بهار آئي آهي،
هر ڪنهن خوشي ملهائي آهي.
پَکي باغن ۾ لاتيون لنون ٿا،
سڀئي خدا جي تعريف ڪن ٿا.
واهه واهه! خدا جي خدائي آهي،
موسم بهار آئي آهي.
مطلب ته شجاع جي شاعريءَ ۾ اهڙو تاثير ۽ دلربائي
آهي، جا هر انسان جي دل لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي ٿي.
سندس ڪلام ۾ اهڙيون ئي خوبيون موجود آهن، جنهنڪري
هر انسان خودبخود ان جي طرف مائل ٿي وڃي ٿو.
مخفي نه رهي ته شاعريءَ ۾ محبت جو اظهار، انساني
لڳاءَ ۽ فن جو دلڪش ميلاپ ڪري ٿو. پيار ۾ ڏک ۽
خوشيءَ جا احساس شاعريءَ ۾ جنم وٺن ٿا. انهن
احساسن ۽ جذبن جي ترجماني سُهڻي ۽ متعدل مزاجيءَ
سان ڪئي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح جو ڪڏهن ڪڏهن ڏک ۽ درد
جي اُپٽار، زخمي دل ۽ ڦٽيل روح جو علاج ٿيو پوي:
سوا تنهنجي مٺا! منهنجي نه ڪا دارون دوا ٿي آ،
ڏني مون کي جُدائي تو! نه توکان ڪا پُڇا ٿي آ.
پتو ڪوئي نه آ مون کي مِٺا! مون کان رُٺو آهين،
وڇوڙي جي اهائي ڳالهه پيارا جا بجا ٿي آ.
شجاع جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، اهو معلوم ڪيون
ٿا ته هو اسان کي اخلاقي، ديني ۽ قومي شاعر هجڻ
سان گڏوگڏ، حُسن ۽ عشق جو شاعر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سندس شاعريءَ ۾ عاشقانه نڪتا ۽ سندرتا مضمون شامل
آهن، جيڪي پنهنجي سونهن ۽ عشق جا احوال پيش ڪري
رهيا آهن.
شجاع، فطرت جي حسين سرچشمن مان ڦُٽي نڪتل محبت،
سوڀيا ۽ سهڻي شيءِ جو ثناگر ۽ چاهيندڙ ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، هيٺئين غزل ۾ چيو اٿس ته:
محبت جو نغمو آ، جنهن ڀي ٻُڌو،
ٿيو عشق تنهن دل ۾ آهي ڪَٺو.
نه ڪُسجي سگهيا، جي ترارن هٿان،
انهن کي محبت، جي نظرن ڪُٺو.
گُلن سان ڪري، پيار ماکي ٺهي،
ننڍن جيتڙن مان، فياضي پَسو.
ساڳيءَ طرح عشق ۽ زندگي ٻه لازم ملزوم شيون آهن،
هر انسان کي قدرت جي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان محبت
هوندي آهي. ائين کڻي چئجي ته دنيا محبت تي قائم
آهي ته به درست ٿيندو. تنهنڪري شجاع هيئن چيو آهي
ته:
پيار ۾ سارو، ڪُٺل سنسار آ،
ڪين ڪو تنهن، ڳالهه کان انڪار آ.
مون ڇڏي دنيا، صنم تنهنجي ڪري،
دل وچان توسان، ڪيو مون پيار آ.
شجاع جي شاعري انسانيت جي الفت، محبت ۽ جذبات جي
فراوانيءَ جو اهڃاڻ آهي. سندس ڪلام مان پاڪيزگي،
لطافت، دلربائي ۽ ذوقِ جماليات جو تاثر ملي ٿو. هن
سهڻا لفظ ۽ اصطلاح جوڙي نه صرف پنهنجي ڪلام ۾
خوبصورتي، عمدگي ۽ نزاڪت پيدا ڪئي آهي، مگر ٻوليءَ
جي رعنائي، زيب و زينت ۽ حُسن ۾ اضافو پڻ ڪيو اٿس.
شجاع شاعريءَ ۾ وڻندڙ تشبيهون، محاورا ۽ استعارا
استعمال ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ،
ڪشادگيءَ، وسيع النظريءَ، جماليات ۽ ڪماليت جو چٽو
ثبوت ڏنو آهي. انڪري سنڌ جا عام توڙي خاص ماڻهو
شجاع جي شاعريءَ کي پڙهن ۽ سمجهن ٿا، بلڪ اهي سندس
ڪلام مان چڱيءَ طرح فائدو، لاڀ ۽ حظ به حاصل ڪن
ٿا. هن جي نظم جي خوبي اهائي آهي ته جڏهن به ڪو
فرد سندس ڪلام جو اڀياس ڪري ٿو، تڏهن ان جا اثر ۽
احساس، پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي متاثر ڪن ٿا. تنهن
بعد هو ازخود پڙهڻ جي لاءِ مجبور ۽ قاصر رهي ٿو.
شجاع، جو ڪجهه لکيو آهي، سو اُن جي پيڙا پهريون
پاڻ ڀوڳي چڪو آهي ۽ اُن ڀوڳنا کي شعرن جي شڪل ۾
عوام جي آڏو کڻي آيو آهي. سندس شاعري حقيقت
پسنديءَ جي حيثيت ۾، انس جو آبشار ۽ درد جو درياءُ
آهي؛ جنهن مان انسانيت کي پُرسوز سبق ۽ حَسين
زندگيءَ جا سرچشما پڻ لڀن ٿا. هن جو عشقيه ڪلام،
جاذب ۽ دلڪش آهي، پر اهو نهايت ئي وڻندڙ ۽ دلاويز
به آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطري حُسن، مجازي محبت،
عشق جي تعريف، فرقت جو ڦٽُ، اُڪير جي اُڃ ۽ سِڪ جي
سنگت وغيره جا وستار ملن ٿا، پر البت دلبر جو
ديدار ئي سندس خوشيءَ جو لمحو آهي ۽ چوي ٿو:
ڏسان جي نه ٿو، پنهنجي محبوب کي،
خوشيءَ جو ٿو هر پَلُ، رُٺل ٿي پوي.
بچايان اکين کي، حُسنَ وِڄُ کان،
متان منظرن جو، وصل ٿي پوي،
جڏهن پيڙا، دردن جو ميلاپ ٿئي،
پو پيدا ٿو تنهن دم، غزل ٿي پوي.
شجاع پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو درد جو داستان بيان
ڪري ٿو، مگر هو عشق و جمال جو عظيم تصور ۽ فلسفو
به عيان ڪري ٿو. اهڙي واردات هن نموني سان پيش ڪري
ٿو:
ڪيو جن کي همراز قلبي سدائين،
وِڙهيا سي رقيبن سان رَلجي سدائين.
ڏٺو خوبصورت رُخن سان مون اڪثر،
محبت جو پنڇي آ زخمي سدائين.
وري عشق جي باهه ۾ ڪو نه پَچبو،
وڃان ٿو مگر آءُ ڀُلجي سدائين.
شجاع جو رومانوي ڪلام نرم، نازڪ، ڪومل ۽ نفيس جذبن
جو ڀنڊار آهي، پر منجهانئس انسانذات کي حُسن ۽ عشق
جي ڪيفيت جو درس ملي ٿو. جڏهن عشق جي پڃري ۾ انسان
ڦاسي پوندو آهي، تڏهن هو جمال جي جلوي جو قيدي پڻ
بڻجي ويندو آهي. تنهن لاءِ چيائين:
سهڻن کي صفتن جو، ڪو ڪمال ٿو کپي،
تارن، گلن ۽ چنڊ جو، خصال ٿو کپي.
سيرت کي ڇڏي، صورت جي دامَ ۾ نه اَڙجي،
سکڻو نه رڳو عشق ۾، جمال ٿو کپي.
مطلب ته شجاع جي شعر جو لب و لباب ۽ جوهر،
انسانذات جي سونهن ۽ سوڀيا تي مشتمل آهي. سندس
سيني ۾ سڪ، پيار ۽ جمال جي جوت سمايل آهي، هڪ طرف
پرينءَ جي محبت، محب کي مَسرور ڪري ڇڏي ٿي ته ٻئي
طرف محبوب جي محبت چُور ڪري ڇڏي ٿي، جيئن ته:
نه جو سونهن کي ارپي، چاهت سگهيو آ،
حقيقي سو ماڻي نه، راحت سگهيو آ.
سندم روح زخمي ٿئي، مَسروُر جنهن سان،
نه اهڙي ڪا ارپي هُو، ساعت سگهيو آ.
گويا شجاع جي شاعري امن، پيار، انس ۽ رواداريءَ جو
پيغام ڏيئي ٿي، پر اها دنيا ۾ انسانيت جا اعليٰ
قدر ۽ جماليات جا جلوا به ڏيکاري ٿي. ان کان علاوه
حُسن جو ناز، عشق جو انداز، وڇوڙي جا وَڍَ، مهراڻ
جي مؤجن جو مزو وغيره سندس شعر جا عنوان آهن،
پرينءَ جي بي رُخي عاشق لاءِ عذاب آهي ۽ محبوب جو
مُک ئي ان جي لاءِ حياتيءَ جي گران بها ۽ فرحت بخش
رونق آهي. شجاع اهڙي ڪيفيت هن طرح ظاهر ڪري ٿو ۽
چوي ٿو:
تو جو رُکو ٿِي، دلبر! رشتو ڇني ڇڏيو آ،
آوازِ غم سماعت، هڪدم ٻُڌي ڇڏيو آ.
دنيا جي ڪششِ ساري، ڪمزور ٿِي وئي پو،
تنهنجو جو خوبصورت، چهرو ڏسي ڇڏيو آ.
شجاع جي شاعراڻي زبان حساس، مٺي ۽ پياري آهي، بلڪه
اها عام فهم، سادي سلوڻي، سُپڪ ۽ سڀ کي سمجهه ۾
اچڻ واري پڻ آهي، تنهنڪري هو پنهنجي اندر جي آلاپ
۽ مَڌر آواز ۾ محبوب کي اچڻ لاءِ آزي نيازي ڪري ٿو
ته:
پَنَ ڇَڻ دل جي موسم ۾ تون،
مون ڏي آءُ پرين او پيارا!
ڏينهن ته تنهنجي فرقت ۾ پيا گذرن پر،
تارن جي ڪنهن ٽم ٽم ۾ تون،
مون ڏي آءُ پرين او پيارا!
منجهه مٽيءَ سُرهاڻ ڀري آ سانوڻ رُتِ،
اهڙي رُتِ جي آگم ۾ تون،
مون ڏي آءُ پرين او پيارا!
ياد رهي ته شاعر پنهنجي محبوب کي بي بها نشاني
سمجهي ٿو، پر کيس محبت ۽ سخاوت جو پيڪر به سڏي ٿو.
چَوان ڇا يار کي آءٌ، اهو منهنجي نشاني آ،
ٻُڌايان ٿو اوهان کي، مان لِڪل جا راز ڌاني آ.
محبت جو سخي آ، هُو محبت جي سخاوت لئه،
ڪيان اڄ ڳالهه مان ڪهڙي؟ جو حالت بي بياني آ.
بهرحال، شجاع جي شاعري پيڙا ۽ پيار جي ميلاپ مان
جنم ورتو آهي. سندس هيٺيون سٽون پڙهڻ سان محسوس
ٿيندو ته هن جو مَنُ ڪيڏو نه درد سان ڀريو پيو آهي
۽ چوي ٿو ته:
دل جو ڌڙڪڻ آ اهو، يا ساز ڪو پُرسوز آ،
مُحبَ خاطر بيقراري، انتظاري روز آ.
شجاع پنهنجي ڪلام ۾ بروقت سڄڻ کي ساري ٿو، ليڪن هو
سندس سچي سڪ، محبت ۽ انس جي حالت به ٻڌائي ٿو، هو
دوئي ۽ ٻيائيءَ کي ناپسند ڪري ٿو. سندس شاعريءَ
مان هڪ اهڙي عشق ۽ الفت جو اسرار ملي ٿو:
آ اَثر اهڙو سڄڻ جي سارَ ۾،
بيخودي طاري ٿئي ٿي پيارَ ۾.
اها ڳالهه ذڪر جي لائق آهي ته عشق جي راهه ۾ ڪڏهن
وفا ملي ٿي ته ڪڏهن بي وفائيءَ جو صدمو سهڻو پوي
ٿو، مگر عاشق لاءِ محبوب جو وصال ئي بيش بها نعمت
۽ عظيم سچائيءَ جو سڏ به آهي.
اگهي ڇڏِ لُڙڪ پنهنجا تون، زمانو بيوفا سمجهي،
چَريو چاهت ۾ ٿي ويندين، سڄڻ کي باوفا سمجهي.
هزارين نعمتون آهن برابر، پنهنجي دنيا ۾،
وِصالِ يار کي عاشق آ، نعمت بي بها سمجهي.
ان کانسواءِ، هُو پرينءَ جي چاهت کي نه ٿو وساري،
ڇو ته هر انسان کي قدرت جي ڪنهن نه ڪنهن حسين شيءِ
سان محبت هوندي آهي. تنهنڪري محبوب جي ياد، سڪ ۽
چاهت ئي سندس روح جي راحت هوندي آهي.
تو سندي چاهت، نه ٿي وِسري اَڃا،
روح جي راحت، نه ٿي وِسري اَڃا.
تو اڳيان ويهي، ڪئي هئي گفتگو،
سا پرين! ساعت، نه ٿي وِسري اڃا.
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته: ”هن جو ڪجهه لکيو آهي، سو
ان جي پيڙا پهريون پاڻ ڀوڳي چڪو آهي، ان ڀوڳنا کي
شعرن جي شڪل ۾ اسان جي آڏو کڻي آيو آهي.“
ٿو چوي عِلمي، قلم آڻي پگهر،
سوچ جو آهي، عرق لفظن اندر،
دل جي ٽڪرن جو آ نالو شاعري!
فڪر سان گڏ، فن هجي سيني سِبيلُ،
پوئجي مالها، ٺهي اکرين اکر،
دل جي ٽڪرن جو آ نالو شاعري!
ٿي غرق گَهرو معاشي ڌُن هٿان،
ڪيترن جي هٿ، ڇڏي بي ڌَن پچر،
دل جي ٽڪرن جو آ نالو شاعري!
ٻئي هنڌ هُو چوي ٿو ته:
ڪِٿي سوچ ۾ رات، ساري آ شاعرُ،
ڪِٿي رنگ ڏيندي، پيامي مُصّوِرُ،
وڏي ڏات هرڪا مُصرّف ٿي ڳولي.
محقق جي ”تحقيق ورقن“ وراڻيو،
”رڳو علم جو هڪ، نه آهي ڪو محورُ“،
وڏي ڏات هرڪا مُصرّف ٿي ڳولي.
ان کان سواءِ، شجاع جو ظريفاڻو ڪلام به اهميت جي
لائق آهي. کيس مزاح ۽ بذلہ سنجيءَ جي استادانه
صلاحيت حاصل آهي، هو چوي ٿو ته:
رکي ڊوڙ سرڪار، امتحان جي لئه،
ڪِريو سهڪي پُٺتي، ٿلهو ۽ متارو.
اهڙيءَ طرح شجاع پنهنجي شعر ۾ اهڙي مزاح ڪري ٿو،
جو ننڍا توڙي وڏا ماڻهو کِلي پون ٿا، پر غمگين ۽
دردمند انسان به سندس ظرافت واري شاعريءَ تي
خوشيءَ ۾ نه ٿا ماپي سگهن، جيئن ته:
نه شادي ڪندي ڪن، سبب هي ٻُڌايو،
ڄمڻ سان تُخم ئي، نٺر ٿي پوي ٿو.
امن و امان ڪهڙو هن ملڪ ۾ رهيو آ؟
اَڌ- رات جو ڪُتو ڀي چالان ٿي پوي ٿو.
شجاع سماج جي عڪاسي ظرافت جي انداز ۾ ڪري ٿو:
مهانگي دؤر سان شايد، ڇڙو ئي ڪو پُڄي پوندو،
سوا ٻارن ٻچن جي جو، يگانو آ اڃا تائين،
انهن کي ڀي ڏٺو افسوس! استادي ڪندي آ، جن،
ٻڌو استاد جي هٿ جو، نه ڳانو آ اڃا تائين،
ڪئي گَهَر جي خريداري، خبر پئي سو هو سرڪاري،
رهيل نقلي رقم وارو، بيانو آ اڃان تائين.
شجاع! خضري حياتيءَ کان، مٿي ڪوشش ڪيون ٿا پيا،
ڪِريو پر موت جي هٿ مان، نه ڪانو آ اڃا تائين.
گويا شجاع جي مذاقي شاعريءَ ۾ ناصحاڻا نڪتا سمايل
آهن، پر منجهن اخلاقي تهذيب، پاڪيزه ماحول ۽ مسائل
حيات جو حل پڻ موجود آهي، انڪري چيو اٿس:
ويو نفس اُگهلي، سڄي ڏيهه جو آ،
گُذر ئي نٿو ٿئي، پگهارن جي هوندي.
گهڻن شاعرن ۽ اديبن جا نسخا،
نه ڇپجي سگهيا هِن، ادارن جي هوندي.
عوامي خوابن نه، منزل پسي ڪا،
ٿِڙي مال ويو آ، ڌنارن جي هوندي.
سندس مزاحيه ڪلام پڙهي، ائين معلوم ٿئي ٿو ته
انساني زندگي ۽ جديد فڪر کي ڪجهه وقت لاءِ کل ڀوڳ
۽ مسخريءَ جو مزو چکائي ٿو. سندس مذاقي شعر جون
چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:
بي علم سان بحث ۾، نِستو دماغ ٿئي ٿو،
دانشوريءَ جو جاهلُ، هرڪو لڳي ٿو ڏاڏو.
نعم البدل جي ايندي، بهتر اثر شجاع ڏس!
ڏُڌ ۽ مَکڻ جي اڄڪلهه، چاڏي نه ڪو آ چاڏو.
شجاع ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
رهندي شڪايتن ۾، دانهون ڪندڙ گهڻن کي،
جهڙو آ روح تهڙن، ختمن ڇني ڇڏيو آ.
صاحب گهُري مڇي جي، آهي ڪڪڙ ڀي حاضر،
هت دال جي اسان کي، دڙڪن ڇني ڇڏيو آ.
شجاع جي شاعريءَ ۾ اهڙو مزاح جو عنصر موجود آهي،
جنهن ۾ هن سماج جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو
آهي:
خُتابين ڏي آئي، مُلان جي هدايت،
”نه روڪيو هٿن کي، ڇُهارن تي پهچي.“
اِدارو اهو آ چڱو، قوم لئه جتِ،
مِلي خوب رشوت، پگهارن تي پهچي.
بهرحال، شجاع شاعريءَ ذريعي معاشري جي غلط رسمن،
ڪردارن ۽ اثرن جي چٽي تصوير پڻ ظاهر ڪئي آهي:
ترقيءَ سان برسات جو، ٿيو نه نيڪر،
جو عيدن تي هٿ ۾، ٻُهارا ڏٺاسين.
زراعت ۾ مشهور، آ ملڪ پنهنجو،
بُکن تي ڇو پو ڀي، گذارا ڏٺاسين؟
شجاع نه صرف ٻين تي مذاق، بلڪ هو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي
به چرچو گهٻُو ڪري ٿو:
آهي ڪرفيو لڳل ٻاهر، وڃان ٿو خير سان موٽان،
مزو ڇا وات کي ايندو، ائين نسوار کان خالي؟
ٻي جڳهه تي هُو هيئن چوي ٿو ته:
مَنَ ڇُٽان پاڙي سندي، بدبوءِ کان،
عطر بازار جو، ڪِنارو مون ورتو.
روڊ پنهنجي تي، وڃي تِرڪن مَکيون،
وارَ ڪوڙائي، منارو مون ورتو.
شجاع کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل
آهي، مگر کيس عربي، فارسي ۽ سرائڪي زبانن جي ٿوري
گهڻي واقفيت پڻ آهي. هن جي بيشمار سنڌي شاعري،
ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇَپي آهي، ان سان
گڏوگڏ سندس اردو شاعري به شايع ٿي آهي.
موجوده ماحول جي حالتن توڙي معاشري ۾ پيش ايندڙ
روين، تبديلين، مسئلن ۽ واقعن بابت شجاع جو ڪافي
مواد موجود آهي، هن جي شاعريءَ ۾ هر قسم جو موضوع
ملي ٿو. الله تعاليٰ هن شاعر کي وڏي ڄمار عطا
فرمائي، ته جيئن پنهنجي شاعريءَ وسيلي، هو ”سنڌي
علم و ادب“ جي خزاني ۾ اضافو ڪندو رهي. بقول شاهه
لطيف جي:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
مددي ڪتاب ۽ رسالا
(1)
ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي: لسانيات کان
سماجي لسانيات تائين“ سنڌيڪا اڪيدمي، ڪراچي 1998ع.
(2)
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جو تنقيدي
اڀياس“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع.
(3)
عباسي، شمس مسز: ”مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ
جي شخصيت، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون“، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو سنڌ 1988ع.
(4)
سومرو، خ.ق: ”سلامتيءَ جو سڏ“، قومي هجري ڪميٽي،
اسلام آباد، 1982ع.
(5)
ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد جون- جولاءِ 1998ع.
(6)
ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، مئي- جون 2000ع.
(7)
ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، جون 2001ع
(8)
ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، جولاءِ- آگسٽ
2001ع
(9)
ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، جون- جولاءِ
2005ع.
(10)
ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، سيپٽمبر 2006ع.
(11)ماهوار
”نئين زندگي“، حيدرآباد جنوري- فيبروري 2006ع.
(12)
ماهوار ”گل ڦل“ ڄام شورو، فيبروري 1991ع.
(13)
ماهوار ”هالار“ ڊائجسٽ، حيدرآباد، مئي 2000ع.
(14)
ماهوار ”هالار“ ڊائجسٽ، حيدرآباد، فيبروري 2005ع.
(15)
پندرنهن روزه ”عبرت مئگزين“ حيدرآباد، 16- مئي
2004ع. |