سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :2

سنڌ هجي يا هندستان، عرب هجي يا ايران -- هر هنڌ ۽ هر ملڪ ۾ انساني عادتن کي اُجارڻ ۽ اُسارڻ، بگڙيل سوسائٽيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ، انساني زندگيءَ ۾ هڪ نئين روح ڦوڪڻ ۽ اخلاقي نظام پيدا ڪرڻ لاءِ، ڀلارن بزرگن ۽ صوفين سڳورن جيڪي ڏک ڏولاوا سٺا آهن، روحاني رياضتون ڪيون آهن، خدا جي مخلوق جون خدمتون بجا آنديون آهن ۽ ڪيترن گمراهن جون رهنمايون ڪيون آهن، تن کي دنيا جي تاريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. انهن جا اهي سونهري ۽ سٻاجها گفتا، قدر ۽ عزت جي قابل ڪارناما اسان جي اڳوڻي شان مان ۽ ڏيک جا اُهي سدائين روشن ڏِيا آهن، جن کي زماني جي انڌيرن جون آنڌيون ۽ هيبت ناڪ حادثن جا هنگاما ڪڏهن به اُجهائي نٿا سگهن. سندن گفتار ۽ ڪردار، عمل ۽ فڪر، سچائيءَ ۽ صفائيءَ جو جذبو هڪ اهو اُجريل آئينو آهي، جنهن کي سامهون رکي، هر وقت ۽ هر حال ۾ پنهنجي مستقبل پريشان پيشانيءَ کي اُجاري ۽ سنواري سگهجي.

اسلامي تاريخ جي انهيءَ حقيقت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ۽ اُها ڪنهن به حالت ۾ وسارڻ جوڳي نه آهي، ته جيتوڻيڪ مسلمان حاڪم پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ هڪ وڏي دٻدٻي ۽ اعليٰ اقتدار جا مالڪ هئا، پر تنهن هوندي به، انهن اسلام جي ڪا اهڙي خدمت ڪانه ڪئي، جا اُنهن تڏي تي وهندڙ ۽ دنيا جي تارڪن کان گوءِ کڻي ويئي هجي. تنهنڪري ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، ته اسلامي تاريخ جي ٻهڪندڙ چمن ۾ جيڪڏهن سرها ۽ سيبائيندڙ گل آهن، ته اُهي، اهي ئي ڀلارا بزرگ اولياء سڳورا آهن، جن جي شخصيت هنڌين ماڳين ممتاز آهي، جنهن تي اسلامي تاريخ جيترو ناز ڪري، اوترو گهٽ آهي.

(ڪتاب ”تحفة الطاهرين“ جي مقدمي تان ورتل)

ڊاڪٽر نواز علي شوق

صوفي سڳورا ۽ سماع

لفظ صوفي جي تعريف ۽ تشريح تصوف جي ڪتابن ۾ تفصيل سان موجود آهي. هڪ محقق ارد شيرالعبادي جو چوڻ آهي ته ”اصل صوفي از صفوت گرفته اند“ يعني صوفي جو اصل صفوت آهي ۽ تصوف جو اصل صوف آهي. صفوت جي معنيٰ آهي ڪدورت کان پاڪ ٿيڻ، اهو پگهاريل سون، جنهن مان ڦيٽ ڌار ڪئي وڃي، ان کي صافي چوندا آهن. اها دل جيڪا نفسياني خواهشن کان پاڪ هجي، ان کي به صافي چيو ويندو آهي ۽ اهڙي دل واري کي صوفي چيو ويندو آهي. مطلب ته پهريائين پنهنجو اندر اجاري، سينو صاف ڪري ان کان پوءِ صرف (ان) جي پوشاڪ پهري وڃي، جيڪا اهلِ صفا جي پوشاڪ آهي.(1)

لفظ سَماع جي لغوي معنيٰ آهي ٻُڌڻ. مگر ان جي اصطلاحي معنيٰ آهي سهڻو آواز، سُرور، وجد وحال، سرود ۽ رقص. ان کي غنا ۽ موسيقي به چيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهو لفظ سِماع پڙهيو ويندو ته فارسي زبان ۾ ان جي معنيٰ سُرود ۽ نغمو آهي.

”سُماع هڪ ڪيفيت آهي، جيڪا الله تعاليٰ طرفان دل ۾ پيدا ٿئي ٿي. دل کي غيب جا احوال ٻڌائي ٿي ۽ عَهدِ ازل (عهد الست بربکم) جي ياد ڏياري ٿي، تذڪرة الاوليا ۾ آيو آهي ته جڏهن سهل بن عبدالله تستريؒ (وفات 238هه) سماع ٻڌندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ ڪيترائي ڏينهن ان وجد جي ڪيفيت ۾ رهندو هو. ماني ٽِڪي ڪونه کائيندو هو ۽ سردي جي موسم ۾ به کيس ايڏو ته پگهر ايندو هو، جو سندس ڪپڙا آلاا ٿي ويندا هئا.“(2)

سماع دوست صوفين جو چوڻ آهي ته سماع زنده انسان لاءِ راحت آهي، پر اها ڳالهه اهلِ دل ۽ عاشقن ئي سمجهي سگهن ٿا.

سماع آرام ِجان زندگان اَست

کس داند کہ اوارجانِ جان است

صوفين جو چوڻ آهي ته منڪرن جي مذهب ۾ سماع حرام آهي، مگر عاشقن جي مذهب ۾ سماع حلال آهي.

در مذھبِ  منکران حرام است سماع

در مذھبِ عاشقان حلال است سماع

 اهوئي سبب آهي جو سماع صوفي بزرگن جو پسنديده مشغلو رهيو آهي. خاص طور چشتي سلسلي جا بزرگ سماع سان گهڻو چاهه رکندا هئا. ڪنهن بزرگ جو قول آهي ته انسان جي اندر چار شيون آهن: روح، دل، طبع ۽ عقل. جڏهن راڳ ڳايو ويندو آهي ته روح ان راڳ طرف متوجه ٿيندو آهي. دل شعر جي مضمون ۽ موزونيت ۾ محو ٿي ويندي آهي. عقل شاعر جي دانائيءَ تي دنگ رهجي ويندو آهي ۽ طبيعت موسيقيءَ جي فن ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي. مطلب ته انهن مِڙنِي کي محفلِ سماع ذريعي غذا ملي ويندي آهي. ان ريت اِنسان جي اندر مان بُغض، حسد ۽ دُک درد دور ٿي ويندا آهن ۽ کيس دلي سڪون حاصل ٿيندو آهي. انڪري صوفي، سماع جون محفلون مچائيندا رهيا.

حضرت مصطفيٰﷺجو فرمان آهي ته: ”زيّنوالقرآن باصواتِکم“. يعني قرآن کي پنهنجن آوازن سان زينت ڏيو. مطلب اهو آهي ته قرآن پاڪ سهڻي آواز سان پڙهو. حضرت دائودؑ اهڙي ته سهڻي آواز ۾ زبور پڙهندو هو جو ماڻهو ان آواز تي موهت ٿي بيهوش ٿي ويندا هئا ۽ ڪي ته فنا ٿي ويندا هئا. ايتريقدر جو شيطان کي ڳڻتي کائي وئي، هن ڏٺو ته حضرت دائودؑ جو مٺڙو آواز ماڻهن جي دلين ۾ ايترو ته پيٺل آهي جو هُو (شيطان) انهن جي دلين ۾ وسوسا يعني شيطاني خيال وجهي نه ٿو سگهي.

ان مان اهو ظاهر ٿيو ته خوش الحاني يعني سهڻو آواز هڪ معجزو آهي ۽ معجزي جو وڏو مقام آهي. سهڻي آواز ۾ سهڻي شاعري ٻڌڻ سان محفلِ سماع ۾ ماڻهن جون دليون پاڪ ۽ صاف ٿي وينديون هيون.

سماع جي تعريف، تشريح ۽ ان جي آداب متعلق تصوف جي ڪتابن ۾ ٿورو گهڻو مواد موجود آهي، پر ان موضوع تي سڀ کان گهڻو مواد ٻن ڪتابن هڪ ”معدن المعاني“ ٻيو ”مڪتوبات سرحدي“ ۾ ملندو.

مڪتوبات سرحدي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: سماع حلال به آهي ته حرام به آهي. مڪروه به آهي ته مباح به آهي. جيڪڏهن سماع ٻڌڻ سان دل حق جي طرف مائل ٿئي ته اهو حلال آهي ۽ جيڪڏهن دل مجاز جي طرف مائل ٿئي ته اهو حرام آهي. پر جيڪڏهن دل ڪجهه حق ۽ غير حق طرف متوجه ٿئي ته اهو مڪروه آهي. ۽ حق ۽ مجاز ٻنهي طرفين مائل ٿئي، پر حق جي طرف گهڻو لاڙو رکي ته پوءِ اهو مباح آهي.

مطلب ته سماع حق وارن لاءِ مستحب، زاهدن لاءِ مباح ۽ نفس جي پوئلڳن لاءِ مڪروه آهي.(1) جيڪڏهن سماع ڪنهن دنيوي فائدي لاءِ آهي ته اهو مذموم آهي، پر جيڪڏهن حقيقت جي طالب لاءِ آهي ته پوءِ اهو محمود آهي.(2)

سماع جي محفل لاءِ ٽي شرط ضروري آهن. 1. جڳهه 2. شريڪ ٿيندڙ 3. وقت. جڳهه يعني جتي سماع جي محفل منعقد هجي، اها مشائخن جي جڳهه هجي. اها پاڪيزه، ڪشادي ۽ روشن هجي. ان محفل ۾ شريڪ ٿيندڙ اهو درويش يا ان جا دوست بااخلاق ۽ نظم و ضبط وارا هجن ۽ وقت مان مراد اها آهي ته ان وقت دل سڀني شين کان خالي هجي.(3)

سماع جي مجلس منعقد ڪرڻ مهل ان جي آداب جي پابندي پڻ تمام ضروري آهي. مثلاً شريڪ ٿيندڙ گوڏا کوڙي ادب سان وهن. مٿو اڳين طرف جهڪيل هجي. ساڄي يا کاٻي نهارڻ نه گهرجي. هٿ يا مٿو لوڏڻ نه گهرجي. اڃ لڳي ته پاڻي نه پيئڻ گهرجي. پاڻ ۾ ڳالهائڻ نه گهرجي. قوال جي فن تي داد نه ڏيڻ گهرجي. شعر سهڻي نموني پڙهڻ جي فرمائش نه ڪجي. دل حق سبحانہ تعاليٰ جي طرف مائل رکڻ گهرجي.(4)

ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته محفل سماع ۾ راز جون ڳالهيون ٻڌائڻ نه گهرجن. مشهور صوفي بزرگ شرف الدين احمد کي سندن مرشد نصيحت ڪئي هئي ته محفلِ سماع جي موقعي تي ڪڏهن به ڳجهيون ڳالهيون ظاهر نه ڪجو. جڏهن به سماع جي محفل ٿيندي هئي ته وجد ۾ اچي ويندا هئا. پوءِ اڪيلا ٿي ويندا هئا ۽ ڪمري جو در بند ڪري ڇڏيندا هئا، اتي ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي.

مشهور بزرگ شيخ احمد عبدالحق نوشه رودلوي جو سماع سان تمام گهڻو شوق هوندو هو. جڏهن سماع جي محفل ۾ هوندا هئا ته سندن ٻئي اکيون هوا جي رخ تي هونديون هيون. ڪڏهن رئندا هئا، ته ڪڏهن وري کلندا هئا. سندن منهن مبارڪ لال ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن هڪ درويش کانئن پڇيو ته: سماع جي محفل ۾ اوهان ڪڏهن اهڙيءَ ريت رئندا آهيو، جو سڄي مجلس رئڻ لڳندي آهي، ڪڏهن وري کِلندا آهيو ته هنن جو مُنهن پيلو ٿي ويندو آهي.“ فرمايائون ته، ”جڏهن سماع وارا سماع جو جمالي صفت ۾ مشاهدو ڪندا آهن ۽ ان جو بي انداز لطف ۽ ڪرم ڏسندا آهن، ته مُرڪندا آهن ۽ جڏهن ان جو جلالي منهن ڏسندا آهن ته پريشان ٿي ويندا آهن ۽ سندن رنگ پيلو ٿي ويندو آهي.“ سماع جي محفل کان پوءِ جيڪو ڪجهه گهر ۾ هوندو هونِ سو قوالن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا.

هڪ ڏينهن جُمن قوال جي ڳائڻ تي مٿن وجد ۽ ذوق واري ڪيفيت طاري ٿي وئي. جُمن جي ڳائڻ کان تمام گهڻو خوش ٿيا. فرمايائون ته: ”جيڪو گهرڻو اٿيئي، سو گهُر.“ هن سندن خَرقو (درويشي لباس) گهريو. فرمايائون ته: ”جمن! تون اهو برداشت نه ڪري سگهندين. ڪا ٻي شيءِ گهُر.“ پر هن وري به اها ساڳي استدعا ڪئي ته ”اوهان جو خَرقو گهرجي.“ جمن جي زور ڀرڻ تي کيس پنهنجو خَرقو ڏيئي ڇڏيائون.

هن ٽي ڏينهن اهو خَرقو پاتو، چوٿين ڏينهن دانهون ڪندو اچي سندن حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته: ”سائين! واقعي اهو پهرڻ جي مون ۾ سگهه نه آهي. ٽي ڏينهن آءٌ ڄڻ باهه جي درياهه ۾ هوس ۽ ڇوٽڪاري جو ڪو ڪنارو نظر نه ٿي آيو.“ اهو چئي اهو خرقو کين موٽائي ڏنائين. تنهن تي فرمايائون ته: ”تون اهو به وڏو ڪم ڪيو آهي جو ٽن ڏينهن تائين هن فقير جو اهو خرقد و برداشت ڪيئي.(1)

 خواجه معين الدين چشتيؒ (وفات 627هه) کي سماع سان گهڻو چاهه هو. سماع جي محفل ۾ مٿن غير معمولي ڪيفيت طاري ٿي ويئي هئي. هڪ ڀيرو خواجه ابو يوسف چشتيؒ جي خانقاهه ۾ ترسيل هئا، اتي مجلس سماع ۾ قوالن هي ٻه شعر ڳايا.

عاشق به هواي دوست بيهوش بَود

وزياد محبت خويش مدهوش بَود

فردا که به حشر خلق حيران مانفد

نامِ تو درونِ سينه و گوش بَود

ترجمو: عاشق دوست جي طلب ۾ بيهوش هوندو آهي ان جي محبت جي ياد ۾ مدهوش هوندو آهي. قيامت جي ڏينهن جڏهن خلق حيران ۽ پريشان هوندي منهنجي دل ۾ تنهنجو نالو موجود هوندو.

 حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪيؒ کان روايت آهي ته حضرت معين الدين چشتيؒ جي محفلِ سماع ۾ شيخ الشيوخ حضرت شيخ شهاب الدين سهرورديؒ، شيخ محمد ڪرمانيؒ، شيخ محمد صفاهانيؒ، مخدوم زاده شيخ برهان الدين چشتيؒ، مولانا بهاؤالدين بخاريؒ، مولانا محمد بغداديؒ، خواجه اجل سجزيؒ، شيخ سيف الدين باخرزيؒ، شيخ احمد بن محمد اصفهانيؒ، شيخ جلال الدين تبريزيؒ، شيخ اوحد الدين‏ؒ، شيخ احمد واحدؒ، شيخ برهان الدين غزنويؒ، خواجه سليمانؒ، خواجه عبدالرحمانؒ ۽ بغداد جا ٻيا وڏا مشائخ پڻ شريڪ ٿيندا هئا(2).

مشهور صوفي بزرگ خواجه بختيار الدين ڪاڪيؒ کي پڻ سماع جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. پاڻ سماع جون محفلون گهڻو ڪري پنهنجي رهائش واري جاءِ تي منعقد ڪرائيندا هئا، ته ڪڏهن وري حضرت خواجه قاضي حميدالدين ناگوريؒ وٽ، ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي درويش وٽ منعقد ٿيندڙ سماع جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. هڪ ڀيرو هڪ مجلسِ سماع ۾ جڏهن قوالن هيءُ شعر پڙهيو ته لڳاتار ست ڏينهن ۽ راتيون بيهوش رهيا. فقط نماز جي مهل اٿندا هئا. نماز پڙهڻ کان پوءِ وري بيهوش ٿي ويندا هئا.

سُرود چیست کہ چندیں فسونِ عشق دَروُست

سُرود محرمِ عشق است و عشق محرمِ اُوست

ترجمو: راڳ ڇا آهي؟ ان ۾ ڪيئي عشق جا جادو سمايل آهن. راڳ عشق جو محرم، ۽ عشق ان جو محرم آهي.

خواجه صاحب جو وصال به سماع جي اثر سبب ٿيو. هڪ ڀيري شيخ علي سجزي جي خانقاه تي محفلِ سماع جي محفل رهي هئي. ان موقعي تي ڪيترائي صوفي بزرگ موجود هئا. قوالن جڏهن شيخ احمد جام جو هيءُ شعر پڙهيو:

کُشتگانِ خنجر تسليم را

هر زمان از غيب جانِ د يگر است

ته مٿن وجد طاري ٿي ويو ۽ اڌ ڪٺل پکيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳا. حضرت شيخ حميد الدين ناگوري ۽ مولانا بدرالدين غزنوي کين انهيءَ ئي حالت ۾ گهر کڻي آيا. جڏهن کين هوش آيو ته وري اهو ساڳيو شعر پڙهڻ جي فرمائش ڪيائون. شعر ٻڌي وري بيهوش ٿي ويا. چار ڏينهن چار راتيون سندن اها ڪيفيت رهي. پر جڏهن نماز جو وقت ايندو هو ته وضو ڪري فرض ۽ سنتون ادا ڪندا هئا ۽ وري ان ساڳي سڪر (بيهوشي) واري حالت ۾ اچي ويندا هئا، تان جو واصل باالله ٿي ويا. تنهنڪري کين ”شهيدِ محبت“ چيو ويو آهي. مير حسن ان شعر تي هڪ غزل چيو آهي، جنهن ۾ حضرت قطب صاحب جي شهادت جي طرف اشارو ڪندي فرمائي ٿو:

جان برين يک بيت داد ست آن بزرگ

آري اين گوهر ز کانِ ديگر است

کشتگانِ خنجرِ تسليم را........

هر زمان از غيب جانِ ديگر است

سندن وصال 14 ربيع الاول سنه 633هه ۾ ٿيو(1).

سنڌ ۾ صدين کان هيءَ روايت موجود آهي ته حضرت بهاؤالدين زڪرياؒ جا مريد ۽ عقيدتمند هر سال عرس جي موقعي تي پيادل ملتان ويندا هئا. هُو مختلف هنڌن تي منزلون ڪندا هئا ۽ اتي سماع جي محفل منعقد ڪندا هئا. سماع جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي مشهور صوفي شاعر شاهه عنايت رضوي (متوفي 1713ع) ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ (متوفي 1752ع) جا توحيد، رسالت ۽ معرفت جي مضمونن وارا شعر پڙهندا هئا. ۽ ان سان گڏ ”ها، ها، هُو“ جو ذڪر پڻ ڪندا هئا. ٻئي مرحلي ۾ شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه اشرف جو ڪلام ڳايو ويندو هو. ٽئين مرحلي ۾ مختلف شاعرن جا مرشد جي مدح ۾ چيل شعر پڙهندا هئا. پر گهڻا شعر شاهه عنايت ۽ شاهه اشرف ڪاماري واري جا پڙهندا هئا. نموني طور شاهه عنايت جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو:

غوثان ختم بهاؤالدين، نبيان ختم رسول

حاضر حضرت پير، مولي در مقبول

قادر ڪج قبول، اگلايون عنات چئي(2).

حضرت قاضي حميدالدين ناگوريؒ جو سماع سان بيحد شوق هو. ۽ ان ذوق جي ڪري علمائي ظاهر سندن خلاف فتوائون ڏنيون، پر پاڻ ان جي پرواهه ڪانه ڪيائون ۽ پنهنجي ان ذوق کي قائم رکيائون. حضرت خواجه بختيار ڪاڪيؒ پڻ ساڻس گڏ سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا هئا.

هڪ ڀيري سلطان التمش جي محلات ويجهو هڪ درويش جي گهر سماع جي محفل جاري هئي. حضرت خواجه بختيار ڪاڪيؒ ۽ حضرت حميدالدين ناگوريؒ ان محفل ۾ موجود هئا. ان زماني جي جيد عالمن مان مولانا رڪن الدين سمرقندي سماع جو وڏو مخالف هو. جڏهن کيس پتو پيو ته خواجه بختيار ڪاڪيؒ ۽ حضرت حميدالدين ناگوريؒ ان محفل ۾ موجود آهن ته ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري ان درويش جي جاءِ تي پهتو ته جيئن اها محفل بند ڪرائي. حضرت حميدالدين ناگوريؒ کي جڏهن ان عالم سڳوري جي اچڻ جي خبر پئي ته گهَر جي مالڪ کي چيائون ته، ”تون ڪٿي لڪي وڃ ته جيئن مولانا رُڪن الدين سمرقندي تنهنجي گهر ۾ اچڻ جي توکان اجازت گهُري نه سگهي ۽ جيڪڏهن هُو بنان اجازت تنهنجي گهر ۾ گهڙي آيو ته اهو شرعي حڪم جي خلاف ٿيندو.“

گهَر جي مالڪ ائين ڪيو. مولانا رڪن الدين ان درويش جي گهر جي در تي اچي اندر اچڻ جي اجازت گهري. جڏهن گهر جي مالڪ کان کيس اندر اچڻ جي اجازت نه ملي، ته در تان ئي واپس موٽي ويو. ٻين موقعن تي به حضرت حميدالدين ناگوريؒ کي سماع کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن، ان ڳالهه جي ڪا پرواهه نه ڪئي(3).

سلطان غياث الدين تغلق هڪ ديندار ۽ حق شناس حڪمران هو. سلطان جي ان دينداريءَ مان فائدو وٺندي علمائي ظاهر کانئس سماع جي ممانعت ۾ هڪ حڪم جاري ڪرايو. پر محبوب الاهيؒ وٽ سماع جي محفل ٿيندي رهندي هئي. مغرور عالمن سندس خلاف گوڙ شور ڪيو. سلطان غياث الدين انهيءَ مسئلي تي هڪ مَحضر جو اهتمام ڪيو ته جيئن سماع جي مسئلي تي عالم ۽ مشائخ هڪ هنڌ گڏ ٿي بحث مباحثو ڪري ڪا فتويٰ جاري ڪئي وڃي.

جڏهن عالمن ۽ مشائخن جو بحث شروع ٿيو ته ٻنهي طرفن کان سماع جي چڱاين ۽ براين بابت دليل پيش ڪيا ويا. محبوب الاهيؒ به ان محضر ۾ موجود هو. صبح پهرين پهر کان سج لهڻ تائين مناظرو ٿيندو رهيو. بَحث مُباحثي ۾ وڏي گرما گرمي رهي. محبوب الاهيؒ نفسِ غنا جي جواب ۾ جڏهن حديثون پيش ڪيون ته حنقي عالمن چيو ته: ”تون مُقلد آهين، تنهنجو حديث سان ڇا وڃي، جيڪڏهن حنفي فقه جي ڪا روايت هجي، ته اها پيش ڪر.“

اهو ٻڌي محبوب الاهيؒ فرمايو: ”اهو ملڪ ڪهڙيءَ طرح آباد رهندو. جنهن ۾ ماڻهن جي راءِ کي احاديث نبوي کان وڌيڪ معتبر سمجهيو وڃي.“ آخر شيخ بهاؤالدين زڪرياؒ ملتاني جي ڏوهٽي مولانا علم الدين، جو پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم هو ۽ سلطان غياث الدين به سندس معتقد هو، تنهن محبوب الاهيؒ جي حق ۾ فتويٰ ڏني، ان کان پوءِ سلطان غياث الدين تغلق محبوب الاهيؒ کي وڏي عزت ۽ احترام سان مجلس مان رخصت ڪيو. محبوب الاهيؒ جڏهن پنهنجي خانقاه موٽي آيو ته ظهر جي نماز مهل ضياء الدين برني، مولانا محي الدين ڪاشاني ۽ امير خسرو کي مخاطب ٿي فرمايائون ته، ”دهليءَ جي فقيهن کي مون سان ڏاڍو بُغض ۽ ساڙ هو، کين موقعو ملي ويو، هنن منهنجي دشمنيءَ ۾ منهنجي خلاف پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍيو. وڏي ساڙ ۽ دشمنيءَ جو مظاهرو ڪيائون، پر مون ان موقعي تي هڪ وڏي تعجب واري ڳالهه ڏٺي ته استدال جي موقعي تي رسول اللهﷺ جن جون صحيح حديثون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ مون کي چئي رهيا هئا ته، اسان جي شهر ۾ فقهي روايتن تي عمل ڪرڻ حديث کان مقدم سمجهيو ويندو آهي ۽ ان قسم جون ڳالهيون اهي ماڻهو چون ٿا، جن کي رسول الله  جي صحيح حديث بيان ڪئي وئي ته مڇرجي پيا ۽ چيائون ته: ”ان حديث مان امام شافعي استدلال ڪيو آهي ۽ هُو اسان جي عالمن جو دشمن آهي، تنهن ڪري اسان ڪجهه به نه ٻڌنداسون.“ حاڪم جي آڏو هُو (شهر جا فقيہ) غرور ۽ تڪبر ۾ بحث ڪن ٿا ۽ صحيح حديث نه ٿا مڃين.

مون ڪوبه اهڙو عالم ڪونه ڏٺو ۽ نه ٻڌو، جو سندس آڏو محمد مصطفيٰ ﷺ جون حديثون بيان ڪيون وڃن ۽ هُو چئي ته آءٌ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. هي ڪهڙو زمانو آهي. هيءُ شهر جنهن ۾ اهڙو غرور سان ڀريل بحث ٿئي. ڪيئن آباد ٿي سگهندو؟ ممڪن آهي ته هيءُ شهر برباد ٿي وڃي.

بادشاهه، امير ۽ عوام، شهر جا قاضي ۽ علماء ڄاڻين ٿا ته هن شهر ۾ حديث تي عمل نه ٿو ٿئي، ڪهڙي ريت نبي سڳوري ﷺ جي حديثن تي پختو يقين ۽ پڪو عقيدو رکي سگهن ٿا. مون کي خوف آهي ته هن شهر جي عالمن جي ان بد اعتقاديءَ جي ڪري هن شهر تي ڏڪار يا ڪنهن وبا جي مصيبت نه اچي وڃي(1).

سيرالاوليا جي مصنف سيد مبارڪ امير خورد جو بيان آهي ته ان واقعي کان چار ورهيه پوءِ دهلي جو شهر واقعي ڏڪار ۽ وبا سبب تباهه ٿي ويو ۽ سلطان محمد تغلق پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ديوگير ۾ منتقل ڪيو ۽ علماء به ڪيترين ئي مصيبتن ۾ اچي ويا(2).

سنڌي ۽ سرائڪي زبان جو مشهور شاعر ۽ لعل شهباز قلندرؒ جو دوست گنج شڪرؒ (وفات 664هه) سماع سان تمام گهڻي دلچسپي رکندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن سندس آڏو هيءَ رباعي پڙهي ته هڪ ڏينهن هڪ رات بيهوش رهيو.

آن عقل کجا کہ در کمالِ تو رسد

وان دیدہ کجا کہ در جمالِ تو رسد

گیرم کہ تو پردہ برگرفتی ز جمال

آن روح کجا کہ در جلالِ تو رسد

هڪ ڀيري هڪ مجلسِ سماع ۾ هيءُ غزل ڳايو ويو:

ملامت کردن اندر عاشقی راست

ملامت کے کند آنکس کہ بینا ست

نہ ھر تر دامنے را عشق زیبد

نشانِ عاشقی از دور پیدا ست

نظامی ناتوانی پارسا باش

کہ نور پارسائی شمعِ دلھاست

ته مٿس بيقراري طاري ٿي وئي ۽ انهيءَ بيقراريءَ سبب ست ڏينهن سڪر بيهوشيءَ جي عالم ۾ رهيا. بيچيني ۽ بيقراريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن رقص به ڪندا هئا. نماز جي مهل عالمِ محو هوش واري حالت ۾ ايندا هئا. نماز کان پوءِ وري بيهوش ٿي ويندا هئا.

هڪ ڀيري سماع جي حلال ۽ حرام بابت بحث ٿي رهيو هو ته پاڻ فرمايائون ته: ”سبحان الله! ڪو سڙي خاڪ ٿي وڃي ۽ ٻيا اختلافي بحث ۾ مشغول هجن.“(1)

سماع ۽ راڳ لاءِ چيو ويندو آهي ته انساني روح جيڪو ”روح ڪل“ کان جدا ٿي هن جهان ۾ آيو ته: ’روح ڪل‘ (اصلي وطن) جي جدائي ۾ نغما ڳائي ٿو. رومي فرمايو آهي.

بِشند ازنی چون شکایت می کند

وز جدائینھا حکایت می کند

رومي رُوح کي ني (بانسري) سڏي ٿو. جنهن کي بانسن جي ٻيلي مان وڍي آندو ويو ۽ بانسري ٺاهي وئي، ته اها بانسري پنهنجي اصلي ماڳ يعني بانس جي ٻيلي جي جدائي ۾ فرياد ڪري ٿي، جنهن کي اسان نَي جو نغمو يا آواز سڏيون ٿا. نَي وارو مذڪوره شعر مثنوي معنوي جو پهريون شعر آهي. ڀٽائي مثنوي رومي جو گهرو مطالعو ڪيو هو.

سندن ڪلام تي مثنوي معنوي جو گهرو اثر آهي. رسالي جي قديم نسخن ۾ جيڪو پهريون بيت نظر اچي ٿو. اهو ڄڻ مثنوي معنوي جي ان پهرين شعر جي هوبهو تصوير آهي، فرمائين ٿا:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري،

هُن پَن پنهنجا ساريا، هُو هنجهون هڏن لئه هاري.

صوفين جو سماع به ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو، تنهن ڪري سماع جي وڏي اهميت آهي. جهڙي ريت شريعت جا حڪم غور سان ٻڌڻ سان سمجهه ۾ اچن ٿا. اهڙي ريت طريقت واري واٽ به سماع جي ذريعي حاصل ٿئي ٿي. ڪن محققن سماع کي ”روح جو رقص“ سڏيو آهي. سماع ڪن صوفين لاءِ روحاني سفر، راهه جو توشو نه بڻيو آهي پر اهو انهن  لاءِ ڪڏهن به منزل مقصود ڪونه هوندو آهي.

اهوئي سبب آهي جو ڪي صوفي سونهارا سماع کي روح جي غذا سمجهن ٿا ته ڪي صوفي سماع جا مخالف به آهن.

اسان جڏهن مولانا روميؒ جي زندگيءَ تي نظر وجهون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته شمس تبريزيؒ جي ملاقات کان اڳ هو وڏو عابد زاهد انسان هو. درس ڏيندو هو ۽ فتوائون لکندو رهندو هو ۽ سماج کان ڪوهين ڏور هو. پر جڏهن شمس تبريزيؒ قونيه آيو ته رومي سندس عاشق بڻجي ويو. شمسؒ کين جو ڪجهه چيو: هُو ان تي عمل ڪندو رهيو.

هڪ ڏينهن شمس کيس چيو ته: ”سماع ٻڌندو ڪر، تنهنجي من ۾ جيڪا خواهش آهي ان ۾ اضافو ٿيندو. سماع ماڻهن لاءِ انڪري حرام آهي جو عام طور ماڻهو دنيا جي حرص و هوس ۾ مبتلا رهن ٿا. اهڙا ماڻهو جڏهن سماع ٻڌن ٿا ته سندن بدڪرداري ۽ بڇڙائي ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اهي وڏائيءَ ۽ دنياوي خواهشن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.

بيشڪ اهڙن ماڻهن لاءِ سماع ممنوع آهي. ٻئي طرف اهي ماڻهو جيڪي جيڪي حقيقت ۽ عشقِ الاهي ۾ مبتلا آهن، انهن لاءِ سماع سندن انهن خواهشن ۾ واڌارو ڪندو ۽ خدا کانسواءِ انهن جي وجدان ۾ ڪو ٻيو گهڙي نه ٿو سگهي، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ماڻهن لاءِ سماع جي اجازت آهي.“

روميؒ انهيءَ هدايت موجب سماع ٻڌڻ منظور ڪيو ۽ پنهنجي اکين سان اها منزل ماڻي، جنهن طرف شمس کيس توجهه ڏياري هئي ۽ هو سڄي زندگي ان تي عمل ڪندو رهيو.

هيءَ حقيقت آهي ته رومي رقص ۽ موسيقيءَ جو عاشق ٿي ويو هو. سماع رومي جي الوهي محبت جي خوراڪ بڻجي ويو. ۽ هُو ان ۾ گم ٿيندو رهيو. انڪري سندس دل کي سڪون مليو ۽ سندس تخليقي تصور جو وهڪرو شروع ٿي ويو ۽ پوءِ هن هزارين شعر تخليق ڪيا. سماع سان لنؤ لائڻ سان رومي هڪ فلسفي ۽ واعظ مان بدلجي تصوف ۽ سرمستيءَ ۾ گم ٿي ويو. هينئر هُو مقبول خطيب نه رهيو هو ۽ نه ئي عالم زاهد ۽ مدرسي جو معلم، پر هُو هڪ اهل دل صوفي بزرگ بڻجي ويو هو.“(1)

بهرحال، مولانا روميؒ جو سماع سان ايڏو عشق هو، جو هُو قونيه ۾ سماع جون محفلون مچائيندو رهيو. سماع جي مخالفن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. هنن قونيه جي قاضي کي درخواست ڏني ته سماع حرام آهي، تنهنڪري سماع جون محفلون بند ڪرايون وڃن، پر هُو هڪ روشن خيال قاضي هو، تنهنڪري هن اها درخواست رد ڪري ڇڏي، پر پوءِ به ڪي تنگ دل ۽ تنگ نظر ملان ۽ مولوي مولانا کي ڏاڍو تنگ ڪندا رهيا، پر هن ان جي ڪا پرواهه نه ڪئي. هن اعلان ڪيو ته هُو دنيا جا سمورا منصب ۽ خواهشون ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، پر سماع ڪونه ڇڏيندو. هن سماع جي حمايت ۾ اهڙا ته دليل ڏنا جو مخالفن پشيمان ٿي کانئن معافي ورتي ۽ واعدو ڪيو ته هُو آئنده انهيءَ موضوع تي ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندا.

مولانا رومؒ وانگر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي رڳ رڳ ۾ راڳ سمايل هو. اهو ئي سبب آهي جو فرمايائون:

رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين

مولانا روميؒ وانگر شاهه لطيفؒ جو به راڳ سان اهڙو عشق هو، جو هُو سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار هو، پر راڳ ڇڏڻ لاءِ هرگز تيار نه هو. هن اُهو نينهن جو ناتو توڙ نڀايو. سندن وصال به راڳ واري محفل دوران ٿيو.

سڄي دنيا ۾ صوفين جون فقط ٻه خانقاهون اهڙيون آهن، جتي هر وقت راڳ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هڪ قونيه (ترڪي) ۾ مولانا رومؒ جي خانقاهه، ٻي سنڌ ۾ ڀٽ شاهه تي شاهه لطيفؒ جي خانقاهه. هن فقير کي مولانا رومؒ جي مزار پُرانوار جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو آهي. اتي چوويهه ئي ڪلاڪ مثنوي جي ڪيسٽ هلندي رهي ٿي. رڳو عرس جي موقعي تي ڪجهه فقير مخصوص لباس ۾ رقص ڪن ٿا، جن کي درويشي رقص سڏيو وڃي ٿو. پر ڀٽائي جي درگاهه تي چوويهه ئي ڪلاڪ راڳ ٿيندو رهي ٿو. رڳو نماز جي مهل وقفو ڪيو ويندو آهي. مولانا روميؒ ۽ شاهه لطيفؒ جو راڳ سان اهڙو عشق ٿي ويو هو، جو ان عشق جو اظهار اڃا جاري آهي جيڪو روح کي راحت ۽ دل کي فرحت ڏيندو رهي ٿو.


(1)  صوفی نامہ، ص ص 23-22 بحوالہ سماع و موسیقی تصوف میں، ڈاکٹر ظہیر احمد صدیقی، تخلیقات لاہور، ص-2

(2)   سماع و موسیقی تصوف میں، ص -1

(1)  مڪتوبات سرحدي، مخدوم الملڪ شرف الدين احمد منيري ص 276

(2)  معدن المعاني، مولانا زين بدر ص 467

(3)  ايضاً، 63-462

(4)  مڪتوبات سه صدي، ص 71-270

(1)  بزم صوفيه، ص 417

(2)  بزم صوفيه، ص 56

(1)  فوائد الغواد، ص 144 ۽ بزمِ صوفيه، ص 86-85

(2)  ميين شاهه عنايت جو ڪلام، ص 90

(3)  بزم صوفيه ص 92-91

(1)  سيرالاوليا، امير خورد، ص 802

(2)  ايضاً، ص 806

(1)  بزم صوفيه ص 136

(1)  ظفر عظيم، ”رومی کے نغمے“ ص 151، لبرٽي بڪس سن 2002ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com