سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :12

ريحانه نظير

برصغير ۾ جديد سنڌي افساني جي ابتدا

سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا 1953ع ۾ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي جديد تعليم کان متعارف ڪرائڻ لاءِ پڙهيل لکيل سماجي خدمتگارن (جن ۾ گهڻي اڪثريت هندو برادري جي هئي) پنهنجي ذاتي خرچ مان ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ڌرم سنٿائون قائم ڪيون ته جيئن عام ماڻهوءَ کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا جن ۾، درسي ڪتابن سان گڏ ماڻهن جي وندر لاءِ ادبي ڪتاب پڻ ڇپايا ويا. جن ۾ داستان، قصا ۽ شاعري وغيره جا ڪتاب شامل هئا. پر وقت جي تيزرفتاري ۽ صنعتي ترقي ۽ بدلجندڙ سماجي قدرن اندر عام ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪونه هو جو وڏا قصا يا داستان پڙهي سگهن. معاملي جي نزاڪت کي سمجهندي ان وقت جي باشعور ليکڪن ادب ۾ نين صنفن ناول، ڊراما ۽ آکاڻين جا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن پڙهندڙن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. بقول ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو جي ته ”انگريز سرڪار سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ۾ ورهايو: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. جنهنڪري اهي ٽيئي شهر ضلعي هيڊڪواٽر جي حيثيت ملڻ ڪري وڌيڪ ترقي ماڻي سگهيا. نئين تشڪيل ڏنل آئيويٽا کان پوءِ اهي ٽيئي شهر جديد تعليم ۽ ادب ۾ اڳڀرا ٿيڻ لڳا. ڪراچي ۽ حيدرآباد کان علاوه شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾ جيئن پوءِ تيئن نيون رونقون رونما ٿيڻ لڳيون. جديد تعليمي ادارا قائم ٿيڻ سان گڏ اشاعتي ادارا به وجود ۾ اچڻ لڳا. جنهنڪري قلمڪارن جو قلمي پورهيو به شايع ٿيڻ لڳو. ان وقت جي تقاضا موجب ماڻهو روح جي راحت ۽ دل جي وندر لاءِ قصن ۽ داستانن جو مطالعو ڪندا هئا. جنهنڪري اديب، قصن ۽ داستانن جي لکڻ ۽ ڇپائڻ طرف توجهه ڏيڻ لڳا. اڳتي هلي اهي قصا ۽ داستان ئي افسانوي ادب جو بڻياد بڻيا. انگريزن جي دور ۾ ادب جي مختلف صنفن کان سواءِ نثري صنف ڪهاڻي پڻ ترقي ڪئي. قصن ۽ داستانن جي دور ناول، ڪهاڻي ۽ افساني جي دور ۾ پاسو بدلايو.(1)

سنڌي اديبن، طبعزاد ڪهاڻين سان مختلف پرڏيهي ٻولين جي ادبي صنفن جا ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪري نه صرف پڙهندڙ کي اعليٰ ادب کان متعارف ڪرايو، پر ان سان گڏ هنن نئين دنيا جي نون خيالن ۽ بدلجندڙ ماحول جي سياسي ۽ سماجي قدرن کان پڻ آگاهه ڪيو. عام ماڻهن ۾ انهن ترجمن عجيب ڪشمڪش پيدا ڪئي. سندن سوچ آس پاس جي ماحول مان نڪري سرحدون پار ڪري ٻاهرين دنيا جي تهذيب ۽ تمدن جي نون رنگن ڍنگن کان متعارف ٿي. اهڙن ترجمن ۾ راسيلاس، ايسپ جون آکاڻيون، دلپسند قصا، چاردرويش، امير حمزا، طوطي نامه، وغيره شامل آهن. ساڌو هيراند 1880ع ۾ ”سرسوتي“ نالي هڪ تعليمي ۽ سماجي مخزن جاري ڪيو، جنهن ۾ بوچند ڪوڏومل جون ترجمو ڪيل آکاڻيون جن ۾ ”اماڙي جي ڳالهه“ (جيڪا سندريلا تان ورتل) شايع ٿي. ائين گهڻي ڀاڱي شروعاتي دور جو ادب بنيادي طرح سکيا، وندر ۽ سماج سڌارڪ خيال جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿو، پر جتي جديد دور پاڻ سان گڏ ڪيترائي انقلابي تصور کڻي آيو بجلي ۽ مشيني ايجادن جتي وقت جي بچت ڪئي، اتي ڪيترا ماڻهو بيروزگار پڻ بڻجي ويا. صنعتي ترقي ڪارخانن جي قيام هٿرادو ڪم ڪندڙن پورهيتن کي محتاج بڻائي ڇڏيو. ان سان گڏ جديد تعليم نه هئڻ سبب سرڪاري ادارن ۾ به سندن شموليت نه هئڻ جي برابر هئي. انهن حالتن سنگين مادي ۽ اقتصادي مسئلن کي جنم ڏنو، جنهن سان ماڻهن ۾ انگريزن جي خلاف نفرت جي جذبي جنم ورتو. بنگال جي ورهاڱي 1905ع عام ماڻهن ۾ قوميت ۽ آزادي جي جذبي لاءِ راهه هموار ڪئي. اديبن بنگالي جاڳرتا کان متاثر ٿي ادب ۾ ”سماج سڌارڪ“ لاڙي کي ادب جو حصو بنايو. ديوان ڪوڙومل سڀ کان پهرين سماج جي سڌاري جي پيش نظر بنڪئم چئٽرجي جون پنگتي ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايون جن ۾ ”راڌا راڻي“ ”انڌيرا“ٻه ”منڊيون“ وغيره شامل آهن.
هن کان علاوه ڪجهه ٻين تحريڪن پڻ افسانوي ادب ۾ شموليت بڻائي، جنهن ۾ راجا رام جي سماجي تحريڪ. جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ خاص طور تي عورتن ۾ جديد تعليم سان گڏ هندو سماج جي فرسوده ريتن رسمن خلاف، ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ هو. رشيد ملڪ ان تحريڪ جي پس منظر کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”
انگریزوں اور ان کے تقاضائوں کے پیش نظر ہندو ازم میں اصلاحات کرکے عیسائیت کا راستہ بڑی کامیابی سے روکا چیلینج خارجہ سے آیا جس کے پیچھے چرچ کے آہنی تنظیم اس کا تبلیغی مشن، عیسائیت اختیار کرنے والوں کے لئے سیاسی اور اقتصادی، تعلیمی اور دیگر مراعات بھی شامل تھیں۔ لیکن اس کا مقابلہ ہندو درہم میں زمانے سے ہم آہنگ اصلاحات کرکے کیا گیا۔“ (2)

ان کان علاوه سنڌ ۾ ”سناتن ڌرم“ جي لهر پيدا ٿي، جنهن ماهوار ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو. جنهن ۾ ڪيترائي پنگتي ۽ سماجي ناول ۽ افسانا لکيا ويا، جن ۾ گهڻو تڻو سماجي اوڻاين جي اپٽار ٿيندي نظر ايندي. مثلاً عورتن جي تعليم، بيواهه جي شادي، ڏيتي ليتي، ننڍپڻ جي شادي، زوريءَ شادي، وغيره تي ٻڌل هئي. نوان لاڙا ۽ نوان رجحان جديد ادب جو حصو بڻيا، جن ۾ عام رواجي ماڻهن جي زندگي جو چتر چٽيو ويو، جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح عام ماڻهن جي جيوت سان واسطو هو. انڪري انهن (ڪهاڻين) عام ماڻهن ۾ جلدي مقبوليت ماڻي. بنيادي طور تي مختصر ڪهاڻي 19 صدي جي جديد ادبي صنف آهي، جيڪا آڳاٽي زماني جي داستانن، جنگجو سورمن جي قصن رومانوي ۽ تمثيلي آکاڻين جي هنج مان نڪتي آهي. جنهن جي مقبوليت جو وڏو سبب هڪ ته ان جو مختصر هئڻ ۽ ٻيو ته هن ۾ عام انساني زندگي جي وهنوار جو عڪس چٽيل هوندو آهي. بقول ع.ق شيخ جي ته ”افساني نگاري خود اڻويهين صدي جي پيداوار آهي. علم جي ترقي ڇاپاخانن ۽ آمدورفت جي آسانين ان کي يورپ مان اسان تائين پهچايو. افساني جي ارتقا وارا اسباب: قديم ڏند ڪٿائون، رزميه داستان، مذهبي روايات، رومانوي ڪهاڻيون ۽ انهن سان گڏ اديب، شاعر، سمجهو ۽ سياڻا انسان ته اسان وٽ به موجود هئا.“ (3)

هيٺ مختلف ٻولين جي ليکڪن جي ان بابت مختصر وضاحت پيش ڪجي ٿي.

Encylopedia funk and venglas ۾ مختصر ڪهاڻيءَ بابت هيءَ وصف ڏنل آهي ته:

Short story, condensed fictional narrative usually in prose.

Typically concerning a relatively small number of characters involved in a single with one thematic focus, short stories are aimed at exciting in the reader a single emotional response, (4)

واليوم 23-1993ع

جڏهن ته وليم هينري هڊسن ان جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي ته:

Short story must contain one and only one informing idea and that idea must be worked out of its logical conclusion with absolute singleness of aim and directness of method. (5)

Edgar Allan Poe

A short story is a prose narrative requiring from half an hour to one or two hours in its perusal. Putting the same idea in to different phraseology, we may say that a short story is a story that can be easily read at a single sitting. (6)

 مختصر ڪهاڻي ايتري ته مختصر هوندي آهي جو ماڻهو ان کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي سگهي ٿو. افساني جي باري ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن اديبن جي راءِ ڪافي تضاد رکندڙ آهي. هيٺ ڪجهه اردو ادب جي مشهور ليکڪن جي ان (افساني) بابت راءِ پيش ڪجي ٿي.

سڀ کان پهرين هندي ۽ اردو جي بنيادي ڪهاڻيڪار، منشي پريم چند جي افساني جي متعلق راءِ پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”زندگي جي ڪنهن هڪ پهلو ۽ جذبي کي افسانو ظاهر ڪري ٿو.“ (7)

ڪرشن چندر ان جي تشريح هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:

"Any slice of life can be called story."

ہوسکتا ہے دل کا ایک ٹکرا ہو آپ وہی پیش کرکے کسی ایک تار کو پکڑ کر آخر تک پہنچادیا ایک کہانی ہے۔ وہ تار کردار کا ہو، واقع کا ہو، زندگی کا کوئی لمحہ ہو اس میں کلائمکس کا ہونا ضروری ہے، چاہے وہ فزیکل ہو یا مینٹل"۔ (8) ص 380  صبح ہوتے ہی کرشن چندر ایک رپورتاز

جڏهن ته افساني جي باري ۾ شبلي لکي ٿو ته: ”اهو بياني نثري نمونو جنهن کي اڄڪلهه افسانو سڏجي ٿو سو 19 صدي ۾ ئي پيدا ٿيو. اڳتي افسانو اها شيءَ آهي جنهن جي ترقي مستقل طور تي، پر مصنوعي نموني سان آهي. افسانو ناول جي گهڻن عنصرن مان رڳو هڪ تي ئي زور ڏيئي ٿو. افساني ۾ ڪردار جو ته رڳو ذڪر ڪيو ويندو آهي، پر ناولٽ ۾ ڪردار کي تفصيلي طور پيش ڪيو ويندو آهي. ڪهاڻي هڪ مختصر نثري بيان آهي.“ (9)

راجندر سنگ بيدي جي افساني متعلق هيءَ راءِ آهي ته: ”افسانے اور شعر میں کوئی فرق نہیں، ہے تو صرف اتنا کہ شعر چھوٹے سے بحر میں ہوتا ہے اور افسانہ ایک ایسی مسلسل اور لمبے بحر میں جو افسانے کی شروع سے لیکر آخر تک چلتی ہے۔ متبدی اس بات کو نہیں جانتا اور افسانے کو بحیثیت فن شعر سے زیادہ سہل سمجھتا ہے، پھر شعر بی الخصوص غزل میں آپ عورت سے مخاطب ہوتے ہیں لیکن افسانے میں کوئی ایسی قباحت نہیں۔ آپ مرد سے بات کر رہے ہیں اس لئے زبان کا کوئی رکھ رکھاءُ نہیں غزل کا شعر کسی کھردی پن کا متحصل نہیں ہوسکتا لیکن افسانا ہو سکتا ہے بلکہ نثری نزاد ہونے کی وجہ سے اس میں کھردراپن ہونا ہے چاہے۔ جس سے وہ شعر سے ممیز ہوسکے.“ (10)

عزيز احمد جو هيءُ خيال آهي ته ”افساني مين جو چيز اهم هي اور اس کي جان هي اور جو ڪسي تکنيک کي پابند نهين وه واقعه محض واقعه هي.“ (11)

جڏهن ته اردو جي مشهور اديب احمد علي جو ان باري ۾ هيءُ چوڻ آهي ته ” افسانے میں وسعت نہیں ہوتی۔ افسانے میں انسانی زندگی اس کے اثرات اور تاریخ کے بدلتے ہوئے رُخ کو ایک حد تک پیش کرسکتا ہے اور اس لئے لکھنے والے میں تشنگی کا احساس باقی رہ جاتا ہے۔ گویا افسانہ ایک کڑی ہے جو اپنی جگہ معنیٰ خیز ہونے کے باوجود محض ایک کڑی رہتا ہے اس زرہ بکتر نہین بنتا.“ (12)

اردو افسانه نويس غلام عباس ان باري ۾ هيءُ راءِ رکي ٿو ته ”افسانہ نگاری ادب کی سب سے زیادہ آسان صنف ہے۔ ایک معمولی پڑھا لکھا آدمی جو خط لکھنا جانتا ہو تھوڑی سی کوشش سے افسانہ لکھ سکتا ہے بشرطیک وہ یہ جانتا ہو کہ زندگی کی حقیقتوں کو کم سے کم لفظوں میں کس طرح پیش کیا جاسکتا ہے۔ اور افسانہ نثر کی تمام اصناف میں اس لیئے برتری رکھتا ہے کہ وہ چند صفحات میں لکھا جاسکتا ہے اور زندگی کی حقیقت کو پیش کرسکتا ہے۔“ (13)

افساني بابت مختلف سنڌي نقاد پڻ پنهنجو جدا جدا موقف رکن ٿا، هيٺ انهن جي راءِ پيش ڪجي ٿي.

سنڌ جي مشهور اديب ۽ نقاد محمد ابراهيم جويو جو ان لاءِ هيءُ چوڻ آهي ته ”مختصر افسانو نثري ادب جو معراج آهي، ۽ نثر اتي پهچي شعر ۽ تغزل سان وڃي همدوش ٿئي ٿو. ڪامياب مختصر افسانو پنهنجي جاءِ، لفظن جي چونڊ، معنيٰ ۽ مطلب جي وسعت، جذبات جي لطافت ۽ گهرائي ۽ آخري تاثر جي لحاظ کان نثري شعر آهي.“ (14)

ڊاڪٽر عبادت بريلوي ان جي وضاحت هن طرح ڪئي آهي ته ”مختصر افسانو اهو نه آهي جيڪو رڳو مختصر نه هجي منجهس اختصار کان سواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿئي ٿو. اختصار بنيادي خوبي ضرور آهي، پر ان سان گڏ جيستائين ان ۾ ٻيون ضروري خوبيون نه هونديون تيستائين ان کي ”مختصر افسانو“ چئي نٿو سگهجي. مختصر افسانو هڪ فن آهي جنهن کي پنهنجا جمالياتي ۽ فني اصول آهن. افسانو جيستائين انهن اصولن کي پورو نه ٿو ڪري تيستائين ان کي مختصر افسانو چوڻ غلط آهي.“ (15)

پروفيسر وقار عظيم جو ان بابت هيءُ خيال آهي ته ”اڄ جو افسانو فن جي حيثيت کان ته برابر اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ اڄ جيڪا ان جي تعريف ڪئي وڃي ٿي ان ۾ شايد سڀاڻي خامي نظر اچي ان جو سبب اهو آهي ته افساني جي هر پهلوءَ تي نفسيات جي نون نون نظرين جو اثر پوندو وڃي ٿو.“ (16)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو به مختلف عالمن طرفان ڪيل افساني جي وصف سان اختلاف رکندي هيءُ لفظ چيا آهن ته ”افساني جي اڀياس مان اها ڳالهه تمام مشڪل آهي ته اسان سنڌي افساني جي ڪن ادبي روايتن جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪري سگهون. عمومي طور هن ڳالهه تي اڳ ۾ بحث ڪونه ٿيو آهي ۽ خصوصي طور تي ادبي روايت جي باري ۾ سوچ جو بنياد به اسان پاڻ رکي رهيا آهيون. ان ڪري اسان جي لاءِ هن جاءِ تي فقط ايترو ئي چوڻ ممڪن آهي ته افسانو به تصوراتي ادب جو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ تصوراتي ادب اهو آهي جيڪو.

(1) خيال اڀاري ٿو.

(2) عورت ۽ مرد جي تعلقات تي روشني وجهي ٿو.

(3) ادبي آرٽ جي خيال کان هڪ سڌريل آرٽ بڻجي ٿو.

(4) سماجي ۽ تهذيبي مسئلن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

(5) عمومي طور تي زندگي جي مختصر پر اونهي تنقيد ڪري ٿو.

اهڙي طرح افساني جو روايتون ڪل ٽي ٿي سگهن ٿيون.

(1) ادبي آرٽ (2) زندگي جي تنقيد (3) سماجي ۽ ڪلچري وٿون. (17)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ان لاءِ هيءُ چوڻ آهي ته ”جنهن صنف کي افسانو يا ڪهاڻي سڏجي ٿو سو جديد زماني جي هڪ مقبول ترين نثري صنف آهي.“ (18)

محمد اسماعيل عرساڻي مطابق ”مختصر افسانو اسان جي پنهنجي زماني جي پيداوار آهي. ان جي بناوٽ تي نظر وجهبي ته اختصار ان جي سڀ کان زيادهه نمايان خصوصيت آهي.“ (19)

جڏهن ته شمس الدين عرساڻي جو هيءُ چوڻ آهي ته ”افسانو هڪ اهم تخليقي ۽ عظيم آرٽ آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ظاهري طرح فرضي ڳالهيون ٿين ٿيون، تاهم اهي ڪن صداقتن تي مبني آهن، جن جو اختراع هڪ روشن آئيني وانگي معلوم ٿئي ٿو ۽ جنهن مان زندگي جي گذريل واقعن ۽ زماني جي حادثات کي بخوبي ڏسي سگهجي ٿو.“ (20)

ڊاڪٽر قاضي خادم پنهنجي مضمون ”ادب ۽ روايتون“ ۾ افساني جي تشريح هنن لفظن ۾ ڪئي آهي ته ”مختصر ڪهاڻي ادب جي هڪ نهايت مقبول صنف آهي. جديد دور ۾ هن ادبي صنف کي جيتري مقبوليت حاصل ٿي آهي، تنهن جو ڪو ٻيو مثال ورلي ملندو.“ (21)

پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي جي راءِ هيءَ آهي ته ”افسانو ادب جي سڀ کان اهم شاخ آهي. ناول کان پوءِ فقط افسانو ئي آهي جيڪو زندگي جي غم ۽ خوشي، مرڪن ۽ لڙڪن، جدوجهد ۽ ڪشمڪش، ڪاميابين ۽ ناڪامين جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو.“ (22)

جڏهن ته نجم عباسي جو ان لاءِ هيءُ رايو آهي ته ”منهنجي خيال موجب ننڍي ڪهاڻي جي وصف هيءَ آهي ته زندگي جي ڪنهن اهم پهلو يا غير معمولي واقعي جو دلچسپ پيرا ۾ ۽ ٿوري ۾ ٿوري لفظن ۾ بيان ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ.“ (23)

حوالا

1.      ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو: شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو انسٽيٽيوٽ آف سنڌياالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2009ع ص 411.

2.                 بگهتي تحريک: رشيد ملک پاکستاني ادب 1993ع حصه نثر مرتب: ڊاکٽر سليم اختر مسعود اشعر اکادمي ادبيات پاکستان ص 311.

3.     ع.ق شيخ ”سنڌ ۾ افسانه نگاري“ ادبي جائزو روح رهاڻ ص: 11ع.

Encyclopedia funk and venglas volume 23-1993.

4.     The study of the short story

5.     An introduction to the study of literature william henry hudson page 339

6.     The study of the short story

7.     An introduction to the study of literature william henry hudson page 337

8.     پريم چند.

9.     صبح هوتي هي کرشن چندر کا ايک رپورتاز شميم احمد کرشن چندر تنقيدي مطالعه.

10. ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج (افسانو) ص 147.

11.  افسانوي تجربه اور اظهار کي تخليقي مسائل: راجندر سنگ بيدي کهانيان ص 6.

12. مرزا حمد بيگ ڊاڪٽر: اردو افساني کي روايت 1903ع سي 1990ع تک ڏسو ص 384.

13. ايضاً.

14. جويو محمد ابراهيم: مهاڳ، جمال ابڙو ڪهاڻيون مضمون شخصيت.

15. ڊاڪٽر عبادت بريلوي: مختصر افساني جو فن (مراد علي مرزا اختر ص 172 (1957ع).

16. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (افسانو) ص 167.

17. ٻوهيو الهداد: سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج ڪي ٻيون ادبي صنفون (افسانو) ص 149.

18. جوڻيجو عبدالجبار: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (افسانو).

19. عرساڻي: محمد اسماعيل جا مقالا سنڌي افسانو ص 157.

20.            عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر: آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر ص 71.

21. ڊاڪٽر قاضي خادم: ادب ۽ روايتون، سنڌي مختصر ڪهاڻي جي ابتدا.

22.            پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي سنڌ جي ٽن مشهور رسالن ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ گل ڦل جي ذريعي سنڌي افساني ۽ ڪهاڻي جي اوسر ص 33.

23.            ”طوفان جي تمنا“ سنڌ يونيورسٽي رائيٽرس ڪلب سنڌي سيڪشن حيدرآباد سنڌ 1969ع ص 7.

استاد لغاري

مولوي محمد حسن پهوڙ  ؒ

 

کپري جي علمي ادارن جو باني ۽ تعليمي اڳواڻ، مولوي محمد حسن پهوڙؒ 20 نومبر 1912ع تي، ڳوٺ جهنڊو مري تعلقي ٽنڊوالهيار ۾ پيدا ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو عبدالرزاق پهوڙ هو. جو بعد ۾ لڏي اچي ڳوٺ ”ولوارِيءَ“ ۾ ويٺو. جيڪو هنڱورني شهر جي ويجهو، تعلقي کپري ۾ موجود آهي.

مولوي محمد حسن اڃان ستن- اٺن سالن جو مس هو ته لُوس واري بيماري سبب سندن والدين وفات ڪري ويا. پاڻ مسڪيني ۽ يتيمي جي حالت ۾ علم پرائڻ ويٺا. عربي، فارسي ۽ سنڌي کانسواءِ، سنڌي فائنل جو امتحان به پاس ڪيائون. شروع ۾ ڳوٺ ”ولوارِيءَ“ ۾، حاجي محمد ملوڪ پهوڙ ۽ جان محمد پهوڙ وارن جا ٻار پڙهائڻ شروع ڪيائون، ان کان پوءِ هنڱورني شهر ۾، ”مُلان اسڪول“ جي برانچ کولي، ان ۾ آس پاس ۽ علائقي جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لڳا. مولوي صاحب جي هٿ اکر لکيل ڊائري مان هيٺيون احوال پڙهڻ لاءِ مليو، جيڪو هوبهو هتي نقل ڪجي ٿو.

”منهنجا مائٽ، جمڙائو ڪَسِي، حاجي قيصر خان مري بلوچ تعلقي ميرپورخاص جا ويٺل هئا. جيڪي مڪمل لُوس جي بيماري ۾ 1920ع ڌاري فوت ٿي ويا. اُن بعد 22/1921ع ڌاري آءٌ ڳوٺ فتح خان مري ۾ رهيو آهيان. 23/1922ع ڌاري ڳوٺ ولواريءَ ۾ بابا سان گڏ ٻڪريون ۽ مينهن چاريندو هوس. (ايستائين سندن والد صاحب شايد حياتي هئا؟) 1923ع کان 1925ع تائين، ٻه سال مرحوم حافظ منٺار پهوڙ وٽ، وڏيري سلام الله جي ڳوٺ ولواريءَ ۾ قرآن شريف، ٿوري اسلامي سنڌي، نُورنامو، سنڌي ابوالحسن به پڙهيو آهيان. ان عرصي دوران حافظ صاحب (منٺار پهوڙ) جي گهوڙِي به چاريندو هوس.

1926ع ۾، هڪ سال مرحوم حافظ محمد رحيم دائود پوٽي وڪيل مسٽر محمد عمر جي والد صاحب وٽ، پڙهڻ لاءِ ويو آهيان. فارسي باب شروع ڪيم. 1926ع کان 1928ع تائين ٽي سال خان صاحب غلام قادر ناريجي جي ڳوٺ ۾ مولوي محمد حسن سمون ۽ حافظ عبدالغفور صاحب رونجهو وٽ فارسي کان ابتدا ڪيم ۽ شرح ملا تائين پڙهيم. حاجي غلام قادر ناريجي جي مدرسي واري عرصي وچ ۾، مولوي محمد حسن سمون وسڪاري وقت، ٻن مهينن جي موڪل تي ٿر ڳوٺ ويندو هو.

28/1927ع دوران آءٌ ڳوٺ جيئندو هاليپوٽو، ڳوٺ گل محمد هاليپوٽو، مٽياريون، پُراڻا هالا، سجاول ۽ ماتلي جي مدرسن ۾ به پڙهيو آهيان. اهو عرصو ٻه سال آهي. 1928ع ڌاري، مرحوم استاد مجنو، جيڪو ڳوٺ وڏيري سلام الله ”ولواري“ جي نزديڪ هنڱورني ۾ پڙهائيندو هو، جڏهن هُن ٻُڌو ته ”پير صاحب پاڳاري سيد صبغة الله شاهه کي انگريزن قيد ڪيو آهي.“ ته هُو چريو ٿي پيو.

مون کي مرحوم حاجي عبدالرشيد جي والده، ماسِي فتح، پنهنجي ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ، پنج روپيا ماهانه پگهار تي ويهاريو. هاڻي آءٌ هنڱورني ۾ پڙهندو به هوس ۽ ڳوٺ ۾، ڇوڪرِي سان گڏ، ٻين ٻارن کي پڙهائيندو به هوس. جن جا نالا ڪجهه هن ريت هئا. 1. عبدالواحد ولد محمد شريف، 2. عبدالعزيز ولد گلاب پهوڙ، 3. جان محمد ولد محمد بخش،
4. اشرف ولد علي بخش، 5. احمد، 6. حاجي عبدالرشيد وغيره. اهو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو عرصو 1932ع تائين رهيو.

مئي 1932ع ۾ وڏيري سلام الله وارا، ڳوٺ ولواريءَ ڇڏي، سرهل اچي ويٺا ۽ مون کي به گڏ وٺي آيا. جتي مون هڪ سال خانگي طور ساڳين پنج روپين تي ڪم ڪيو. سرهل ۾ اچڻ کان پوءِ، هڪ سال بعد مرحوم حاجي محمد بچل ولد سالار، محمد الياس ولد اسماعيل، علي محمد ولد پيراڻو، محمد علي ولد محمد تماچي، غريب نواز ولد محمد موسيٰ، حاجي محمد صالح ولد جعفر، محمد عالم ولد شاد محمد وارن وٽان مون کي 20/25 روپيه پگهار ملڻ لڳو.

سال 1933ع ۾، منهنجو اسڪول گورنمنٽ رجسٽرڊ ڪيو، جيڪو منهنجي زير نظر سان 1952ع تائين رهيو.

1950ع ۾ تعليم کاتي، منهنجو قائم ڪيل ”اسلاميه اسڪول کپرو“ رجسٽرڊ ڪيو. جيڪو سال 1972ع تائين، پورا ٻاويهه سال منهنجي نظرداريءَ هيٺ رهيو. تنهن کانپوءِ، ڀُٽي صاحب جي حڪومت سڀ خانگي اسڪول توڙي ڪاليج پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. اهڙي طرح هيءُ جيڪو آءٌ اسلاميه اسڪول هلائيندو هوس، اهو به گورنمينٽ وٺي پنهنجي حوالي ڪيو. پهريان ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هاڻي حالتون ڏيکارين ٿيون ته اهي اسڪول پوءِ هلائڻ ڏاڍا مشڪل ٿي پون ها. ڇو ته مهانگائي وڌيل آهي. ماسترن جا پگهار وڌيل آهن. ماڻهو هاڻي چندو شايد نه به ڏين ها. هِن اداري (اسلاميه هاءِ اسڪول) هن تعلقي نه، پر ساري ضلعي خواهه ٻين ضلعن جي عوام جي، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمت ڪئي آهي. پهريان پنج- ڏهه سال پرديسي شاگردن کي کاڌي پيتي ۽ رهڻ جو انتظام به ڪري ڏنو ويندو هو.

هن اسڪول جا معاون:

1. پير صاحب پاڳارو، 2. حاجي محمد حيات جوڻيجو، 3. حاجي محمد ملوڪ پهوڙ، 4. جملي جماعت پير صاحب پاڳارو. غير جماعت جي ماڻهن مان جنهن ماڻهو خدمت ڪئي، انهي جو نالو آهي، حاجي محمد عثمان چانيهون. (جيڪو) هن اسڪول جو شاگرد به آهي.

جڏهن کان (پهرين آڪٽومبر 1972ع) ادارا کنيا (قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا) ان وقت آءٌ عربي ٽيچر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هوس. آخر 26 نومبر 1972ع تي منهنجي عمر جا 60 سال پُورا ٿيا ۽ مون کي رٽائر ڪيائون. ٽي سال، هڪ مهينو ۽ اوڻيهه ڏينهن، مون بنا ڪنهن اُجوري جي گورنمنٽ مڊل اسڪول کپرو ۾ رضاڪارانه نموني ڪم ڪيو آهي. ان سان گڏ حاجي محمد عثمان چانيهون جي نياڻي کي به، مئي 1972ع کان پڙهائيندو رهندو آهيان.

مرحوم حاجي محمد ملوڪ پهوڙ جي ڳوٺ واري اسڪول جي سوانح- حيات هڪ عجيب و غريب وقت رهيو آهي. اهو اُهو وقت هو، جنهن وقت هڪ طرف انگريزن کان آزادي وٺڻ جي ڪوشش هلي رهي هئي. ٻئي طرف اها به ڪوشش هلي رهي هئي ته پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ، مسلمانن لاءِ نهايت ضروري آهي. ڇو ته انهي کان سواءِ مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن ۽ مذهب ترقي ڪري نه سگهندو. خبر نه آهي ته ڪيئن مون کي تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ جو اهو ايترقدر خيال آيو. ڇو ته جنهن سوسائٽي جو آءٌ فرد هوس، اهي ته بلڪل جاهل هئا. منهنجي هٿن جا غريب شاگرد پنهنجن ڌنڌن ڪري، تمام گهڻا شاهوڪار ٿيا ۽ آءٌ 40-42 سال ڪم ڪار ۾ گذارڻ جي ڪري، هيل تائين رهڻ لاءِ هڪ گهر جِي جاءِ به ٺاهي نه سگهيو آهيان. شال! الله تعاليٰ، مون غريب کي نيڪ راهه تي هلڻ جي توفيق ڏي. آمين.

مٿيان ڊائري جا پنا پڙهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته، پاڻ شروع کان ئي ڏاڍا محنتي ۽ جفاڪش انسان هيا. ماڻهن کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ، منجهن سوچ، سمجهه ۽ شعور وڌائڻ لاءِ وڏي جدوجهد جاري رکيائون. بي سرو ساماني جي حالت ۾، موجوده ملوڪ پهوڙ جي ڳوٺ ۾، ”مُلان اسڪول“ منظور ڪرائي، ان ۾ وڏي پئماني تي، ”سنڌي ورنيڪيوئر فائنل“ جي امتحان لاءِ، شاگردن کي تيار ڪري، هر سال 30 کان 40 تائين ٻار سالياني امتحان لاءِ مٿي موڪليندو هو. جيڪي گهڻو ڪري سڀ جا سڀ پاس ٿيندا هئا.

انگريزن اُن وقت، سنڌي الف-ب ٺاهي، سنڌ جي ماڻهن کي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني ٿي ته جيئن کين ملڪ ۾ بنيادي لوڪل ملازم ملي سگهن. مولوي صاحب ان ڏس ۾ وڏي ڪوشش وٺي، پنهنجي برداري جي ڳوٺن ۾ وڃي، ماڻهن کي، اسڪولي ٻارن لاءِ لسي ماني ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو.

ٿر، حيدرآباد، دادو ۽ سنڌ جي ٻين مختلف علائقن جا نوجوان ٻار هن اسڪول ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، جن کي مفت رهائش ۽ مفت کاڌو ملندو هو. ان ڪري ان وقت سَوَن جي تعداد ۾، هن اسڪول ۾، شاگرد اچڻ لڳا. هن ننڍڙي ڳوٺ جي ”مُلان اسڪول ۾“ هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ٻن سَوَن جي تعداد ۾ شاگرد پڙهندا هئا. اسڪول ۾ استادن جو تعداد 10 کان 12 تائين هوندو هو. ان وقت به استاد پيرڊوائيز پڙهائيندا هئا. مولوي صاحب شاگردن توڙي استادن کان، صبح جو 8 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين مسلسل محنت ڪرائيندو هو. ان ڪري ٻارن ۾ سمجهه ۽ شعور بهترين انداز ۾ اجاگر ٿيندو هو. ٻارن ۾ چٽا ڀيٽي هفتيوار ۽ ماهوار ٿيندي هئي. انڪري هن اسڪول جو ڳاڻيٽو سنڌ جي مشهور اسڪولن ۾ ٿيندو هو.

1945ع ڌاري، هن اسڪول ۾ ٽي ڪلاس انگريزي جا ٻيا وڌايا ويا. انڪري تعليمي سرگرمي ويتر وڌي ۽ اسڪول جو نالو بهترين اسڪولن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. مولوي صاحب جي مالي مدد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالقادر هاليپوٽو (جو پوءِ سنڌ جو گورنر ٿيو) ۽ ٻيا نالي وارا تعليمي ماهر ۽ قدردان ماڻهو ڪندا هئا.

جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو ته مولوي صاحب پنهنجي اسڪول ”ملوڪ پهوڙ“ جي شاخ کپري شهر ۾ کولي، جنهن جو نالو ”اسلاميه مڊل اسڪول“
رکيائين. هيءُ اسڪول سڀ کان اول سيٺ شيوڪ رام واري ڇڏيل جاءِ ۾ شروع ٿيو. سيٺ شيوڪ رام ورهاڱي سبب ڀارت هليو ويو هو. اُن بعد هٿونگي روڊ تي، موجوده ”الفلاح مسجد“ جي ڀرسان، مرحوم حاجي بانڪو چانيهون کان گهر جي جاءِ بنا مسواڙ جي وٺي، اُن ۾ اسڪول هلايائين. جنهن ۾ محمد عمر دائود پوٽو، گل بيگ لغاري، محمد هنڱورو ۽ احمد خان بوزدار استاد رکيائين. جتي محمود هنڱورو ۽ احمد خان بوزدار ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندا به هئا ته پهرين ڪلاس وارن ٻارن کي پڙهائيندا به هئا. ٻيا سنڌي عربي سبجيڪٽ مولوي صاحب پاڻ وٺندو هو.

ان اداري کي هلائڻ لاءِ کپري ۽ سانگهڙ جي مُخير حضرات کان مدد حاصل ڪرڻ خاطر، حضرت پير سائين پاڳارا سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) کان لسٽ ٺهرائي، اُن تي حڪم ورتائين ته ”ڪهڙو ماڻهو ڪيتري ڪڻڪ ۽ ڪهڙو ماڻهو روڪ رقم ڏي“ ۽ پاڻ به مولوي صاحب کپري شهر ۾ هر سال اسٽيج ڊراما ڪري، اداري لاءِ رقم حاصل ڪندو هو. پاڻ اداري جا (آنري) سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏيندو هو. باقي سمورن استادن کي مقرر پگهار ڏيندو هو.

هاڻي هي ادارو (اسلاميه مڊل اسڪول) وڌي سَوَن شاگردن تي پهتو. ته پاڻ ڪوشش وٺي، سانگهڙ جي، اُن وقت جي ڪليڪٽر مسٽر انور عادل صاحب کي اسڪول وزٽ لاءِ گهرايائين. کيس سپاسنامون استاد گل بيگ لغاري ڏنو. جنهن جي تقرير ايتري ته موثر هئي، جو ڪليڪٽر صاحب کپري ۾ هندن جي ڇڏيل وڏي مندر واري عمارت، اسلاميه اسڪول لاءِ عطيئي طور ڏني ۽ حُرن جي لوڙهي تي نظرداري ڪندڙ، انگريزن واري بلڊنگ، جيڪا حاجي محمد عثمان چانيهون جي فيڪٽري کان اُلهندان هئي، اُها ۽ اتي حُرن جِي جيل (لوڙهي واري زمين) به هِن اسڪول لاءِ وقف ڪئي، هاڻي سوين شاگرد پرديسي هئا، انهن لاءِ هاسٽل، حُرن مٿان مقرر مليٽري جي ڪوارٽرن ۾ منتقل ٿيو.

هاڻي اسلاميه اسڪول، مندر واري عمارت ۾ ڪجهه ردوبدل ڪري، ست- اٺ ڪلاس ۽ آفيسون ٺاهي، هلائڻ لڳو. مولوي صاحب جي نظرداري ۽ ڪوشش ايتري ته بهتر هئي جو هر سال هن اسڪول جو مئٽرڪ جو نتيجو فرسٽ ڊويزن (اي ون توڙي اي) ۾ اچڻ لڳو. انڪري سڄي سنڌ جا غريب ٻار هن اداري ۾ اچڻ لڳا. جو هت کاڌو پيتو ۽ رهائش مفت هئي. وري هن اداري جي شاگردن کي، پير صاحب پاڳاري جي ڇڏيل رقم، جا انگريزن، پاڪستان سرڪار تي اُڻونجاهه ڪروڙ ڪئي هئي. اُن مان، پير صاحب حڪومت کي چيو ته ”منهنجي اوهان تي واجب رقم آهي، جيڪا اوهان نٿا ڏيئي سگهو ته منهنجي مُريد شاگردن کي حُر اسڪالرشپ جي صورت ۾ ڏيو.“ اُها اسڪالرشپ هن اسڪول کي خصوصي ملندي هئي. انڪري هن اسڪول جا شاگرد، اُها رقم حاصل ڪري، ڪتاب وغيره به آساني سان وٺندا هئا. ان ڪري شاگردن کي وڏي سهولت ۽ آساني ٿي.

سچ پچ ته مولوي محمد حسن پهوڙؒ هن علائقي واسين لاءِ سر سيد احمد خان، حسن علي آفندي يا سيد الهندو شاهه کان گهٽ نه هئا. سندس محنت، جفاڪشي، مفت تعليم ۽ تربيت، کاڌ خوراڪ ۽ رهائش وغيره. هن علائقي جي ماڻهن ۾ ايڏو ته اُتساهه ۽ شوق پيدا ڪيو جو ڪپري موري جو عبدالحڪيم ڪپري سنڌ جو وڏو آفيسر بنيو. چوٽيارين جو محمد حسن راڄڙ سنڌ جو ڊي- جي سنڌ بنيو. محمد مبارڪ هنڱورجو سنڌَ جو ڪَمشنر بنيو. اها سندس وڏي محنت هئي جو غريب ۽ مسڪين جن وٽ نه اجهو هو نه آسرو، اُهي به هن تعليمي اداري مان پڙهي، مڇي ماني وارا ٿي ويا.

پاڻ پنهنجي نياڻي کي، ٻين شاگردن سان گڏ ويهاري تعليم ڏني، جا پوءِ کپري تعلقي جي S.D.E.O (فيميل) ٿي. نياڻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ پاڻ گڏيل ڪوششن جا حامي هئا. هُو چوندو هو ته ”اگر هڪ نياڻي بي پرده ٿئي، ته ٻين سَوَن نياڻين جو پردو بچندو.“

آخر ۾ سرڪار کان مليل حُر ڪئمپ (لوڙهي) واري زمين تي ڪاليج جو بنياد رکي، پرائيويٽ ڪاليج انٽر تائين هلايائين. جنهن جو نالو ”ڊگري ڪاليج کپرو“ آهي. ڏُک ان ڳالهه جو آهي ته سندس قائم ڪيل، ”اسلاميه هاءِ اسڪول“ توڙي”ڊگري ڪاليج
کپرو“ مان ڪنهن به هڪ اداري تي يادگار طور مولوي محمد حسن پهوڙؒ جو نالو مقرر ٿيل نه آهي. توڙي جو مولوي صاحب شهر جي ايڏي وڏي عاليشان تعليمي ادارن جو باني ۽ تاريخ ساز شخصيت رهيو.

مولوي صاحب سخت محنت ڪندڙ ۽ جفاڪش انسان هيو. سندس نيڪ نيتي، مجاهدن ۽ بي لوث خدمتن جو مثال هن ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجي اولاد لاءِ گهر جي جاءِ به ڪونه ٺاهيائون. سندس لائق شاگردن مان حاجي فقير محمد راڄڙ به هڪ آهي، جيڪو سابق S.P.E سانگهڙ ۽ رٽائرڊ پرائمري استاد آهي. مولوي صاحب جي وڏي فرزند جو نالو عبدالرزاق پهوڙ آهي، جو سروس جي پڇاڙي ۾ ”اسلاميه (نيشنل) هاءِ اسڪول کپري“ جو هيڊماسٽر ۽ کپري تعلقي جو S.D.E.O (ميل) به ٿيو ۽ اُن تان ريٽائر ڪيائين. جو هاڻي حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

مولوي محمد حسن پهوڙؒ جا قائم ڪيل تعليمي ادار نيشنلائيزڊ ٿي ويا. پر پوءِ به پاڻ ماٺ ڪري ڪونه ويٺا. وري کپري ۾ ٻيو سابق مندر هندن کان خيراتي وٺي، ان ۾ مثالي ماڊل اسڪول کوليائين. جنهن ۾ استاد محمد اسماعيل راڄڙ (مرحوم) پڙهائيندو هو. مطلب ته آخر وقت تائين، تعليم لاءِ جُستجو جاري وساري رکيائين. هيءُ نڊر، بهادر، مخلص ۽ تعليمي اڳواڻ 18 ڊسمبر 1977ع تي راهه رباني وٺي وڃي ابدي آرامي ٿيو، سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ عبدالواحد پهوڙ لڳ ”منگلان چاڙهي“ جي مقام ۾ آهي. سندس نالو، علمي، اخلاقي ۽ سماجي خدمتن جي ڪري، هميشه ياد رکيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com