وسيم گبول
غزل
انسانيت- پوڄاري آهيان،
سچ ته وڏو ڏوهاري آهيان.
جنهن ۾ ساڃهه سونهن پلي ٿي،
سوچ وڏي ساڀاري آهيان.
آءٌ دنيا جو ان داتا،
مان پورهيت مان هاري آهيان.
پيار- نگر ۾ خوشبو بڻجي،
ڦهليل مان چوڌاري آهيان.
جيڪو درد کان خالي آهي،
آءٌ انهيءَ کان عاري آهيان.
وائي
اڳيان پويان سونهن جي،
ڦيرا روز ڏين،
اکڙيون ڳاڙهيون لال ٿيون.
راتيو ڏينهان روح مان،
هڪڙو طرف تڪن،
اکڙيون ڳاڙهيون لال ٿيون.
پنهنجيءَ ۾ مستان هي،
ڪنهن کي ڪونه کنگهن،
اکڙيون ڳاڙهيون لال ٿيون.
ڪڏي پونديون ڪاٺ ۾،
ڪنهن کان ڪونه ڊڄن،
اکڙيون ڳاڙهيون لال ٿيون.
پنهنجي يار ”وسيم“ جو،
اوسيئڙو ٿيون ڪن.
اکڙيون ڳاڙهيون لال ٿيون
سليم سهتو
نثري نظم
اي نوجوانو!
منهنجي ويجهو اچو،
ڌيان سان ٻڌو،
جيڪو ڪجهه،
مان توهان کي ٻڌائڻ
گهران ٿو،
ڏاڍو دلچسپ آهي قصو،
اسان پنهنجي ڄمڻ واري ڏينهن کان
وٺي گذاريون ٿا.
زندگي،
هڪ مهمان وانگر،
اچون ٿا،
هن جڳ ۾،
پنهنجي واري سان،
۽ گذاريون ٿا،
زندگي،
هڪ مهمان وانگر،
۽ پوءِ،
هڪ ڏينهن
اسان جو
وقت پورو ٿي وڃي ٿو،
۽
اسان هن جڳ مان لڏي ٿا وڃون،
هن جڳ ۾،
رڳو اسان جا عمل،
سٺا يا خراب،
رهجي وڃن ٿا باقي،
هجي رحمت،
اهڙن انسانن تي،
جيڪي،
هن فاني دنيا مان،
جهڙا معصوم،
پيدا ٿيا هئا،
اهڙائي،
واپس موٽي ويا.
ڪاش!!
ڪاش تون منهنجي هجين،
مان تنهنجو هجان.
تون سمنڊ هجين،
مان ڇولي هجان.
تون شمع هجين،
مان پروانو هجان.
تون شعر هجين،
مان شاعري هجان.
تون پرهه هجين،
مان پرڀات هجان.
تون ساز هجين،
مان گيت هجان.
ڪاش تون منهنجي هجين،
مان تنهنجو هجان.
غزل
قربان ٿيان، پنهنجي يار تان،
سندس مٺڙي، گفتار تان.
اکين ۾ ڪجل، ڳلن تي لالاڻ،
صدقي ٿيان، سندس سينگار تان.
دور حاضر جو مجنون سڏين ٿا،
سڀ ڪجهه لٽايان، سهڻي يار تان.
ماڻهو ٿين فدا، دولت تان،
مان ٿيان قربان، اقرار پيار تان.
شاعر مرن، شهرت ڪاڻ ”سهتا“،
مان ٿيا فنا، وصال يار تان.
رخسانه ”پريت“
غزل
ساٿ ڪو ڏئي، نه ٿو ڏسي تنها،
ايئن ئي گذري پئي، زندگي تنها.
ڪجهه ته تنها گهڙيون، ڪٽي وڃبيون،
شل نه ٿئي، ڪوئي دائمي تنها.
عڪس ڪيڏا، اندر ۾ سانڊي ٿي،
خود ۾ ڪيڏي آ، آرسي تنها.
ڪجهه حصو تنهنجو، ڀي پرين هوندو،
ڪيئن ڀلا ٿيندي، دل لڳي تنها.
آ خوشي سچ، ونڊڻ ورهائڻ لئه،
ڪيئن خوشي، ڪائي چاهبي تنها!
ننڊ آهي ته، ساٿ سپنن جو،
ڇا ڪنداسين، سجاڳ ٿي تنها!
آ هلي ايندي، من جي آڳنڌ تي،
جيئن ئي ڏسندي، آ شاعري تنها.
حسين مسرت شاهه
نثري نظم
حيثيت
گهر جي ڪنڊ ڪنڊ کي
چمڪائيندي......!
هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي رکندي
هلندي گهمندي
سوچيان ٿي......!
هر شيءِ مناسب جاءِ تي رکڻ کان پوءِ
لوچيان ٿي،
هن ترتيب جي تشڪيل ڪندي
منهنجو موجود بي ترتيب بڻجي ٿو وڃي.
هن منتظر گهر ۾
ڳولهيان ٿي.
پنهنجي مناسب جاءِ....!
رشتن ناتن ۽ گهر کي ڳنڍيندڙ
صرف هڪ حرفِ جر......!
يا فقط حرف جملو....!
ثمينه ميمڻ
نظم
خاموشيءَ جو سبب ڪو ته هوندو!
هُن جي بيزاريءَ
۽ بيقراريءَ جو
ڀلا ڪهڙو ڪارڻ هوندو!
ايڏي چُپ جهڙي خاموشيءَ جو
ڪو ته سبب هوندو
ڀَلي ڪهڙا به جواز هُجن
۽ آرگيومينٽس به سوچيا وڃن
پر هيءَ خاموشي
اُن ساهه مُنجهائيندڙ خاموشيءَ
۽
دل ٻوساٽيندڙ خاموشيءَ جو ڪو ته سبب هوندو
ها ضرور ڪو ته سبب هوندو
اُن خاموشيءَ جو
بيزارگيءَ ۽ هُن جي اکين ۾ ويرانيءَ جو
ها
جڏهن هر هَٿ
ڪنڊا ۽ پٿر
ڏِسجن ۽ پَسجن ٿا
تڏهن هر عورت
جنهن جي رشتن جا ڪيئي نانءَ آهن
ماءُ به آهي
ڀيڻ به
ڌيءَ به آهي ته
زال ۽ گهر جي عزت
۽ ڪيترا ٻيا به رشتا
پر کَن پَل ۾ وڃن منهن ڦيري ٿا
هُن سان جُڙيل سڀ رشتا
جڏهن ڪوئي
ڪو الزام هَڻي
ان عورت جي جذبن
۽ پاڪ رشتن ۾
ڏار وجهي ٿو
زنگ هڻي ضرب ڏئي ٿو
تڏهن ئي ته ڪائي عورت
ڏک مان ۽ درد مان لُڙڪَ وهائي
خاموش ٿئي ٿي
هوءَ جيڪا اڄ خاموش آهي
سا هڪ ماءُ به آهي
ڀيڻ به آهي
جيڪا ڌيءَ به آهي ۽
عزت به
پر ڇا! سڀ چوڻ جون
۽ لکڻ جون ڳالهيون آهن
پر هيءَ خاموشي
جنهن جا ڪيئي جواز به آهن
ڪيئي سبب به آهن
پر وري به هُن جو مرڪز
پر وري به اُن جي اُميدن
سمورين آسُن ۽ محبتن
دُعائن ۽ خواهشن
جو مرڪز
وري به سندس ئي گهر ته آهي!
نادر علي شاهه فراق
غزل
بي سبب تنهنجو رسڻ افسوس آ،
منهنجي غربت تي کلڻ افسوس آ.
اهل دل هوندي اي منهنجا مِٺا،
معرفت مونکان پڇڻ افسوس آ.
يار ڀي آهي وساريو وقت کان،
تنهنجو اي جيئڙا جيئڻ افسوس آ.
پيار ۾ نقصان به سهبا آهن،
پيار ۾ پٺتي هٽڻ افسوس آ.
ربطه جنهن ۾ ڪين آهي دوستو،
شاعري اهڙي ٻڌڻ افسوس آ.
هن جي زلفن جو ڪيان مان ذڪر ڇا؟
دل فراق آخر ڦٽڻ افسوس آ.
غزل
پنهنجي معذوري اڳيان مجبور هان،
زندگي جي لطف کان معذور هان.
گلن جي خوشبو کان هتي مايوسيون،
پوءِ به پنهنجي پر ۾ مان مسرور هان.
شاعري آ مشغلو منهنجو سدا،
شاعري جي مي کان مخمور هان.
نفرتن ۾ ڀي محبت جو ڪيو اظهار مون،
پوءِ ڀي مفلس نه مان معمور هان.
تو فراقن تي ڏنا مون کي فراق،
پوءِ به تنهنجي ذات جو مشڪور هان.
غزل
اوهان جي محبت ۾ سهڻا گنهگار آهيون،
يقين ڪر زياده سڀني کان وفادار آهيون.
نه شعر و سخن جو فنڪار ڪو سمجهه رندن کي،
گڏوگڏ اسان پيار و الفت جا فنڪار آهيون.
ڀلا حڪيمن کي خبر مرض جي ڪهڙي مٺڙا،
دل زار کان پڇجو ڇاڪاڻ بيمار آهيون.
سندم دل سندو گلستانو ڀلا ڪو ماڻو ڇو؟
خزان جي ڪري بس گلڙن کان ڇنل ڌار آهيون.
اسان جو ذرا ساقي ڏس شوق جو من ٿيو پر آ،
ٿيا ديد مٽي جي ۾ شب و روز سرشار آهيون.
فراق ٿيو منصوري ڪيو راز جنهن ظاهر،
ڪيو سنگسار ڀل مون کي جو خاطي ياد آهيون.
الطاف حسين باگراڻي
غزل
الاهي آس جي ٻيڙي، جي تاريندين ته ڇا ٿيندو،
وفا جا وهٽ وطن ڏي، جي واريندين ته ڇا ٿيندو.
نظر ڪا سرت واري ڌَرِ، اسان جي خاص عيبن تي
ڏکايون ڏيهه تان ڏاتر، جي ٽاريندين ته ڇا ٿيندو.
گولي، بم ڌماڪن سان، ڀرجي آسمان ٿيو ڪارو،
ٻرن پيا خوف جا ڏيئا، جي ٺاريندين ته ڇا ٿيندو.
بکن جي ڀيڄ ڀِني برسات، بدحالي جي بوند آ برسي،
مهانگائيءَ جي موت جا پاڇا جي ٽاريندين ته ڇا
ٿيندو.
مفاد جا منهن کُلي ويا، کنئي ملائڪن ماٺ جي تسبيح،
هي کريل ڀي خلق تنهنجي آ، جي سڌاريندين ته ڇا
ٿيندو.
جيئڻ تان روح ويو کڄي، ڏسي عمل ۽ ايمان جو تڪرار،
سڪي ويو پيار جو پاڻي، جي واريندين ته ڇا ٿيندو.
لهي اڄ هيٺ خدايا تون، ڏسي حال ڏيهه جو سارو،
سادا سودا سڀ سانگي، جي سنڀاريندين ته ڇا ٿيندو.
احساس جا پَرَ زخمي ٿيا، ۽ سوچون ٽياس تي ٽنگيل،
دٻيل جذبا جوانن جا، جي اڀاريندين ته ڇا ٿيندو.
ٻولڻ لاءِ اکر ٻه تون، هلي ڪونه آئين منهنجي گهر،
پڄاڻا مئي قبر تي تون، اُڇنگاريندين ته ڇا ٿيندو.
سمهن سکڻا غريب ٻچڙا، اوگهاڙي
لڱ اوڍي اوڇڻ،
جنين جو ڪوئي نه سهارو آ، جي سنڀاريندين ته ڇا
ٿيندو.
مهانگائي جو گهمي راڪاس، ماڻهن ماس کائي ٿو پيو،
جيئڻ مشڪل ٿيو ماڻهوءَ جو، جي جياريندين ته ڇا
ٿيندو.
ڪري احسان ”الطاف“ تي، تون ڪر بخش بديون باري،
روضو پاڪ پيغمبر جو، ڏيکاريندين ته ڇا ٿيندو.
غزل
جلائي هن جان منهنجي کي، ٺاريندين ته خوش ٿينديس.
منهنجي هن پاڪ محبت کي، جياريندين ته خوش ٿينديس.
جيئن تون ٿو سمجهين، ائين هرگز ڪونهي ڪو،
وفا کي تون نڀائڻ لاءِ، او ساريندين ته خوش
ٿينديس.
دنيا جي بي رحم ماڻهن ۾، ذرو ڀي رحم رهيو ناهي،
پٿر دليون دلبر تون، پگهاريندين ته خوش ٿينديس.
ستايل کي ستائڻ مان، وري ڀي ڪجهه نه ملندو تو،
هاءِ هن درد جي ماريل کي، سنڀاريندين ته خوش
ٿينديس.
چئني پاسان بگهڙن جا، کائڻ لاءِ آهن هت ڦيرا،
خدا جي واسطي مون کي، جي والاريندين ته خوش
ٿينديس.
شڪوا جي شڪايت آهه، آءُ ويهي ڪريون ڳالهيون،
”الطاف“ چئي اڱڻ پنهنجي، ويهاريندين ته خوش
ٿينديس.
وائي
نينهن جا ڪِ نشتر،
پيار جا ڪِ پٿر.
ڀري نه هڻ.
الفت جي اسپتال ۾،
نظرن جا ڪِ نيرَ،
ڀري نه هڻ.
چاهه واري چانهه ۾،
ڪلفت جا ڪِ ڪنڪر،
ڀري نه هڻ.
ڪچاين جي ڪوٽ ۾،
بي وفاين جا پتر،
ڀري نه هڻ.
برهه جي بارود سين،
ميزائيل جا ڪِ منظر،
ڀري نه هڻ.
الطاف چئي گهٽيءَ ۾،
خوف جا ڪِ خنجر،
ڀري نه هڻ.
ڀري نه هڻ.
ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
غزل
ڪو چين قرار نه آ، بي چين نگاهن وٽ،
دردن جو شمار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
ڳوڙها ئي وهائن ٿيون، غم درد ۾ جانان ڏس،
سک ليل نهار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
پرڙا به سدا زخمي ۽ پير به ڦٽيل هِنِ،
طاقت جي اڏار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
هر دور خزان وارو، هر جاءِ پيو پسجي،
موسم به بهار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
ڀل سور سندا جاني، هر وقت ڏيو تحفا،
ڪنهن لاءِ ميار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
سچ پچ ته رهن گهائل، بي نور ۽ مرجهايل،
هرگز به نکار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
”عادل“ به ڏسو پنهنجو، رستو ئي مٽائي ويو،
خوشين جو انبار نه آ، بي چين نگاهن وٽ.
غزل
بي اعتبار ناهيان، با اعتبار آهيان،
ڪر تون يقين ساجن، تنهنجو پيار آهيان.
ڀل تون اچين نه دلبر، تنهنجي سڄڻ آ مرضي،
تنهنجو ڪندو سدائين، مان انتظار آهيان.
تازا گلاب جا گل، ٽڙندا رهن ٿا دل ۾،
مُند مان خزان جي ناهيان، موسم بهار آهيان.
وعدا وچن به هرگز، ٻي سان ڪرڻ نه ڄاڻان،
توسان ڪندڙ مِلن جا، قول و قرار آهيان.
سڪ قرب سان اوهان کي، پنهنجو پرين بڻايان،
سچ پچ دنيا ۾ مٺڙا، مان قربدار آهيان.
هر پهريل گهڙي دم، توکي پيو سنڀاريان،
توکان سواءِ جڳ ۾، مان بيقرار آهيان.
”عادل“ کي يار پنهنجو ڀل، تون مڃين نه جاني،
مان تنهنجي هر ادا، تان ٿيندڙ نثار آهيان.
غزل
دوستي ٿي پئي، هاڻ وقتي ڏسو،
ڪٿ به سنگت نه، نظري ٿي پختي ڏسو.
ناهه ڪنهن وٽ، روين ۾ ڪائي لچڪ،
هاڻ هر ڪنهن جي، صحبت ۾ سختي ڏسو.
چاهتن ۾ ٿيا، سڀ اڪيلا هتي،
ان سفر ۾ نه، گڏ ڪائي هستي ڏسو.
قرب، سڪ، نينهن سڀ، اوپرو ٿو لڳي،
من ۾ ساڳي نه ڪا، هاڻ مستي ڏسو.
دوستن مان سهپ، موڪلائي وئي،
محبتن کان به خالي، ٿي وستي ڏسو.
خوب دوکو، دغا، دوست ڪن ٿا پيا،
بيوفائن جي سچ، ٽيم گشتي ڏسو.
دوستن کي سگهياسون، نه پنهنجو ڪري،
ايڏي ”عادل“ زماني ۾، سستي ڏسو.
غزل
نگاهه توتي، جڏهن پئي آ،
خوشي امر ٿي، تڏهن وئي آ.
نه سونهن ۾ ڪو ڏٺو تو جهڙو،
ثنا اوهان جي، تڏهن ڪئي آ.
رڳو اوهان کي، ٿي دل پڪاري،
زندهه اڃا آ، نه دل مُئي آ.
پرين نه ماپي، ڪڏهن تون سگهندين،
اوهان لئه چاهت، ته اڻ مَئي آ.
جڏهن تو پاتو، کِلي آ ڀاڪر،
لٿي ته دل تان، پرين رئي آ.
نگاهه منهنجي جو، تون ئي مرڪز،
هي ڳالهه، ”عادل“ سچي چئي آ.
قطع
اوکا پنڌ ڪري مان آيس،
يار ملڻ سچ توسان نه آيس،
حالت تنهنجي ابتڙ ٻڌندي،
حال پڇڻ مان توکان آيس.
احمد
گل جوڻيجو
نظم
ڪير جيئي.....!؟
ڌرتي منهنجي ماءُ جيئي،
سنڌڙيءَ ۾ آ ساهه جيئي!
لال قلندر، سيوهڻ وارو،
ڀٽ جو سهڻو شاهه جيئي!
شال سدائين موجون ماڻي،
ڌرتيءَ تي درياهه جيئي!
سچل سنڌ جي، سونهن درازا،
دولهه جي درگاهه جيئي!
چوڏهينءَ جو چنڊ چانڊوڪيءَ سان،
منڇر تي مَنُ ماهُه جيئي!
”احمد گل“ هن ڌرتيءَ تي هر،
هيڻن جو همراهه جيئي!
غزل
سهڻي سنڌ سلامت هوندي،
قائم تائين قيامت هوندي.
سنڌ امڙ جي دشمن سان ئي،
منهنجي يار عداوت هوندي.
جيجل سان جو پيار ڪري ٿو،
ان سان منهنجي الفت هوندي.
ننڊ ۾ ٿوڙي جاڳ ۾ هر دم،
ورد وطن جو عادت هوندي.
سنڌ جو پيارو نانءُ وٺڻ ئي،
منهنجي عين عبادت هوندي
شاهه ڀٽائي ڀرجهل منهنجو،
سچل سڪ صداقت هوندي.
”احمد گل“ سنڌ شاد رهي شل،
پرور توکي پارت هوندي.
فقير محمد سنڌي
وائي
ڪر وري اڄ، سنڌڙي سائي،
اچ ڀٽائي اچ ڀٽائي!
ڪوبه هت محفوظ ناهي،
وئي وڌي اڄ بي حيائي،
اچ ڀٽائي اچ ڀٽائي!
ڪوڙ تي ڪاري ڪئي آ،
موت ماري سچائي
اچ ڀٽائي اچ ڀٽائي!
ڏيهه سارو وحشين جي،
ور چڙهي ويو اڄ اجائي،
اچ ڀٽائي اچ ڀٽائي!
شاهه ”سنڌي“ سورمي جي،
اڄ اچي ڪر رهنمائي،
اچ ڀٽائي اچ ڀٽائي.
وائي
ڳوٺ جا پيچرا،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
هي پکي پيارڙا،
سي هتي اوپرا،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
شام جي شفقت ۾،
شهر جا ڇوڪرا،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
سونهن ۾ سڀ حَسين،
تن منجهان سانورا،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
منهه مارن سندس،
صحن سڀ ويڪرا،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
تون امان کنڊ سان،
گڏ ڏنا ڌونئرا،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
گڏ سنڌي جي اڱڻ،
سنڌ جا سورما،
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
اڄ عجب ٿا لڳن؟!
وائي
مورت نه منهنجي ٺاهه،
او سنگتراش!
مان آزاديءَ جو هيراڪ،
مٺ ۾ نه ڪر منهنجو ساهه،
او سنگتراش!
مان ته مٽيءَ جو انسان،
ڪر نه پٿر ۾ تون پاهه،
او سنگتراش!
مان هن ڌرتيءَ جو،
رول نه منهنجو ماهه،
او سنگتراش!
او سنگتراش!
نظم
مٽي منهنجي ماءُ
تون آن منهنجو ڀاءُ
اوري اوري آءٌ
سنڌي ماڻهو مَورَ
ڌرتي جا شهزور
آهيون خوب غريب
تون مان ڇاجي ڪاڻ
سوچون گڏجي هاڻ
ڄاڻون اها ڄاڻ
گهر گهر آهي اماس
آهي نينهن نراس
سنڌي ماڻهو خاص
آهي قوم غلام
آ ته پڙهي اتهاس
ڪريون ڪو پڙلاءُ
ڌرتي منهنجي ماءُ
نعرو هڻندو ڀاءُ
آزادي ڏانهن آءٌ.
عبدالرزاق ڪلهوڙو
نثري نظم
تنهن سمي
ڪجهه دوريءَ کان
ماٺ ميٺ ۾ اڇاتري مسڪراهٽ سان
چهري کي هوا ۾
وائکوڪندي
نقاب پوش ٿي وئينءَ
هجر ۽ فراق جون منزلون
طئي ڪندي
اکين ڪجهه وساريو ناهي،
پاڪ ۽ پوتر نگاهن ۾
اڄ به سميٽيل آهين
دل چوي ٿي
هوا هجان
جهڙالي شام هجي
شهر شهر وڃان، توکي ڳوليان
آس ٿي تو وٽ اچان ۽ پو
زخمي سڏڪو وکيري
غائب ٿي وڃان، توکان
تو وانگر
تو وانگر......
نثري نظم
اڄ ويران رڻ تي
ڪنهن جي خوشبو
برسي ٿي
اي فضا....
هونديون حياتيون سکن ۾
ڪي ڪوڙڪن جان
ڦاٿل،
آءٌ ته لڙڪن سان آهيان
بڻايل،
پيار ۽ خوشي ڀريل
گيتن کي
سلجهائي رک
سجهنديون آب و تاب
سان آهن سختيون
هر پل
جنهن ڏينهن هوندو
ڪفن منهن تي،
عظمت جو اعلان ڪنديون
اڄ ويران رڻ تي آ
ڪنهن جي خوشبو
برسي........
رحمت سومرو
غزل
ٿي ڏور پهر پوکي خنجر ڪري ويو،
منهنجو ته زخم زخم ڄڻ اندر ڪري ويو.
هو شخص جنهن جي مرڪ تي شامن جيئڻ سکيو،
سڏ ڪيو ته هر گهڙي کي ڄڻ پٿر ڪري ويو.
آسون رکي اکين ۾، کڻي هٿ پنڻ سندس،
مون لاءِ درد، درد هر منظر ڪري ويو.
ڀلجي نه پير تو رکيا دل جي زمين تي،
هڪڙو اهو ئي غم هيو، جو گهر ڪري ويو.
غزل
بي وسي، لڙڪ، رڙندڙ نهارون رکان،
ڪي ته تو لئه دڳن ۾ ميارون رکان.
ٿي سنيهو متان واءُ تو وٽ اچي،
ان ڪري ٿو هوا ۾ پڪارون رکان.
ديس منهنجي کي ورثي ۾ پن ڇڻ مليو،
تو لئه آڻي ڪٿان مان بهارون رکان.
دل جي ڌرتي به دردن جي آڌر تتي،
تنهنجون معصوم ڪاٿي سنڀارون رکان.
ڪو ته جيئري هجڻ جو حوالو ٿيان،
گيت ناهن ته ڪي اوڇنگارون رکان.
منير سولنگي
گيت
سورن لاتو دل ۾ ديرو،
ڪين ڪيو تو ساجن ڀيرو،
ڪانگ اڏايان سانجهه سويرو،
مونسان مل تون هڪڙو ڀيرو.
ڇاکون جاني آئين ڪونه، منهنجي اڱڻ تي پهتين ڇونه.
نيري اُڀ تي تارا ٽمڪن،
ٿا هر هر مون تي چٿرون ڪن،
رات لڙيءَ جو ڪونجون ڪرڪن،
ڍول وڌي دل جي ڌڙڪن.
ڇاکون جاني آئين ڪونه، منهنجي اڱڻ تي پهتين ڇونه.
تنهنجو منهنجو پيار پراڻو،
تون ته پرين آن موتيءَ داڻو،
تون ئي ساجن تون ئي راڻو،
ڪين ٺهي ٿو ايڏو ماڻو.
ڇاکون جاني آئين ڪونه، منهنجي اڱڻ تي پهتين ڇونه.
چنڊ جڏهن چانڊاڻ ڪري ٿو،
منهنجي من ۾ درد ڀري ٿو،
ڪير جيئي ٿو ڪير مري ٿو،
هتڙان ويندڙ ڪين وري ٿو.
ڇاکون جاني آئين ڪونه، منهنجي اڱڻ تي پهتين ڇونه. |