نياز خالدي
غزل
درد آهي ته دوا به آهي،
مرض آهي ته شفا به آهي.
انسان پنهنجي وس آهي ڪٿي،
خوش آهي ته خفا به آهي.
آهي هر ڳالهه جو اصول هِتَي،
ملزم آهي ته سزا به آهي.
گلن سان گڏ ڪنڊا ٿا رهن،
ضد آهي ته رضا به آهي.
ماکي سان مکڻ، کير سان مصري،
ساز آهي ته صدا به آهي.
سيرو ڪِينَ وڻي لوڻ کان سوا،
حسن آهي ته ادا به آهي.
الله ساهه جي رڳ کان ويجهو،
گڏ آهي ته جدا به آهي.
ماءُ، پيءُ، گهرواري ۽ اولاد،
ڀيڻ آهي ته ڀاءُ به آهي.
مايوس نه ٿي نياز مرڻ تائين،
شيطان آهي ته خدا به آهي.
غزل
نفرت کي محبت ۾ تبديل ڪريو،
محرومي کي همت ۾ تبديلي ڪريو.
نه ٿيو مايوس ڪڏهن رب کان،
ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪريو.
هر بيماري کي ملي ويندي مات،
حوصلي کي صحت
۾ تبديل ڪريو.
نه رهو نصيب جي آسري ۾،
محنت کي بخت ۾ تبديل ڪريو.
خوش حال رهڻ ٿا چاهيو اگر،
سستي کي محنت ۾ تبديل ڪريو.
بڇڻ ٿا گُهرو اگر زوال کان،
تڪبر کي نوڙت ۾ تبديل ڪريو.
رب کي راضي ڪرڻ لاءِ دوستو،
فرض کي عادت ۾ تبديل ڪريو.
دنيا ۽ آخرت جو آهي فائدو،
معمول کي سنت ۾ تبديل ڪريو.
عمل جو پورو اَجرُ تڏهن ملندو،
خيرخواهي کي حقيقت ۾ تبديل ڪريو.
اکين جا تارا ٿي ويندا ليڪن،
خوش خلقي کي عزت ۾ تبديل ڪريو.
نياز مشڪلاتون سڀ دور ٿي وينديون،
غم کي دولت ۾ تبديل ڪريو.
غزل
دنيا ۾ غريب هجڻ، ڏوهه بڻجي ويو،
اديب ۽ شاعر ٿيڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
گلا ۽ خوشامد سڀني کي ٿي وڻي،
سچ چوڻ، سچ ٻڌڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
نه چئو ڪنهن کي ڪجهه به ڪري،
ڪنهن کي نصحيت ڪرڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
ڏاڍيان گهڻو ڳالهائڻ ڪاميابي جي ضمانت،
گهٽ ڳالهائڻ، ٿورو ٻڌڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
چڱائي ۾ چڱن جا هٿ ٿا سڙن،
ڪنهن جو ڀرم رکڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
ڪوڙ، تڪبر، گلا، حسد ويو آهي وڌي،
ڪاوڙ کائڻ، سادو رهڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
نياز گهڻا چور دروازي مان اڳتي ويا،
محنت، اخلاق سان وڌڻ، ڏوهه بڻجي ويو.
شيخ فرازي
غزل
لڙڪ هر ٻوٽي ۾ ها،
گل پٽڻ جي پيڙ جا.
اچ وڃائن وار ٿا،
ڌار ٿيڻ جي پيڙ جا.
هوءَ ملي ۽ واسطا ويا،
ڪجهه نه ٿيڻ پيڙ جا.
هن جي گهرَ جا ٿانوَ نوحا،
چُلهه وِسڻ جي پيڙ جا.
رات نُهنڊان ٿي فرازي،
ڪجهه نه ٿيڻ جي پيڙ جا.
غزل
خود ثنائي خود فنائي زندگي،
خود فنائي خود بقائي زندگي.
ڪنهن ڏسي جلوي برائي زندگي،
ڪنهن ڏسي جلوي حيائي زندگي.
تو اڳيان عاجز رهياسي هر جڳهه،
پاڻ وٽ اُهي وفائي زندگي.
مان وڃان ٿو ديس جي خدمت ڪندو،
ساڻ آ مون سان دعائي زندگي.
دل فرازي شيخ ٿي چوندي وتي،
خود گهٽائي خود وڏائي زندگي.
غزل
تُنهنجو حال ٻڌائي مون کي،
ڪير اچي مهڪائي مون کي.
تنهنجي چاهت، چاهت وارا،
گيت پئي لکرائي مون کي.
تنهنجي آهيان هر حالت ۾،
رات پئي سمجهائي مون کي.
ويس خوشيء جو غم جي گهرَ ۾،
شام وئي پارائي مون کي.
تنهنجي آهيان شيخ فرازي،
هن چيو ڳل لائي مون کي.
غزل
شاعري منهنجي پئي مون کان کسي،
زندگي منهنجي پئي مون کان کسي.
سونهن پنهنجا گيت مون کان ٿي کسي،
تازگي منهنجي پئي مون کان کسي.
منهن مٽڻ جي ڪوشش ۾ هوءَ رهي،
روشني منهنجي پئي مون کان کسي.
جا ڪئي مون ويجهڙو ٿي چاهه سان،
بندگي منهنجي پئي مون کان کسي.
خوش رهڻ جو مَسَ وڃي رستو لڌو،
عاجزي منهنجي پئي مون کان کسي.
غزل
محبت جو آ موهه ميان،
منهنجو ڪونهي ڏوهه ميان.
ڌڪ هڻو ڀل دانهن نه ٿيندي،
آءٌ آهيان لوهه ميان.
اوندهه جو هي دردُ اٿئه،
پيسي وارو موهه ميان.
منهنجو نالو پيار محبت،
مون سان ڇا لئه ڊوهه ميان.
شيخ فرازي پيار سان سمجهايو،
نفرت ايڏي ڪوهه ميان.
فراخ جانوري
غزل
ڪائي منزل نه ماڳ جوڳن جو،
آهي صحرائي ڀاڳ جوڳن جو.
درد جي باهه آ ڀريل ان ۾،
تون نه ٻُڌجانءِ راڳ جوگن جو.
سوچ ۾ ٿا سدا وتن ويڙهيا،
ڪا خوشي ۽ نه چاڳ جوڳن جو.
هو فقيريءَ جي سونهن اوڍن ٿا،
وڙ نه ميندي مُساڳ جوڳن جو.
پاڻ ٻاري ٿا روشني ارپن
فڪر آهي سجاڳ جوڳن جو.
غزل
منهنجي من جي هر خوشي ڪنڊن مٿان،
دوست اُڇلي آ ڇڏي ڪنڊن مٿان.
مون رکيا گل جنهنجي قدمن ۾ سدا،
تنهن سزا آهي ڏِني ڪنڊن مٿان.
وقت ان تي ڌوڙ ويندو آ وِجهي،
جا نه سگهندي آ هَلي ڪنڊن مٿان.
دل گلن تي ڀي ڏُکي آ تو سوا،
توسان گڏ هُس مان سُکي ڪنڊن مٿان.
هُن وِڇائي امتحاني سيج آ،
مان به پيو آهيان سُمهي ڪنڊن مٿان.
جيڪو مون تي ڪَکُ نه سهندو هو، اُهو!
مرڪندو ويو اڄ ڏِسي ڪنڊن مٿان.
دل ٿي ساري پيار تنهنجو، جا ملڻ،
مونڏي ايندي هئي ٽپي ڪنڊن مٿان.
معجزو آ تنهنجي چاهت جو فراخ،
رقص ۾ آ زندگي ڪنڊن مٿان.
دنيا جو هر هڪ قومي سماج هڪ زنده ايڪو (Organic
Unit)
هوندو آهي، جنهن جو جياپو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي
ٻوليءَ کان سواءِ ممڪن نه هوندو آهي. ان ئي ڪري
ڪنهن قومي سماج لاءِ اُن جي ڌرتي (وطن) کان پوءِ
اُن جي ٻولي ئي سندس خاص اڪيلي قومي سڃاڻپ، هن جو
حقيقي روح ۽ گڏيل قومي سوچ هوندي آهي.
اِها ٻولي ئي آهي جا ڪنهن سماج منجهه ايڪو ۽ ٻڌي
پيدا ڪرڻ وارو واحد، مستقل ثقافتي جـَـز، مک عنصر،
اوزار ۽ وسيلو هوندي آهي. جيڪا سماج جي هر سطح تي
وسندڙ سمورن ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطي، ڳانڍاپي، گڏيل
جياپي جو هيڪلو حيلو ۽ وسيلو پڻ هوندي آهي.
دنيا جي هر هڪ قومي سماج کي يڪ جان ۽ هڪ مـُـٺ
بڻائيندڙ انهيءَ ٻوليءَ وسيلي، اهو سماج نه رڳو
پنهنجي ثقافت جو ڀرپور اظهار ڪندو آهي، پر اِها
ٻولي ئي آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن قومي سماج جي،
سموري ثقافتي تاريخ، سرويچي، سورهيائيءَ ۽ اڏول
پڻي وارا جنگي داستان، روايتون، ريتون، رسمون،
رواج، رهڻي ڪهڻي هـُـنر، سنگيت، ڪلا ۽ جياپي جو
ٻيو سمورو ثمر اچي گڏ ٿيندو آهي. اِهو (سمورو ثمر)
ئي هوندو آهي، جيڪو گهگهه اوندهه رات ۾ ســُـهائي
۽ سوجهرو پيدا ڪري پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ۽ ساڃاهه
ڏيڻ سان گڏ پاڻ وسارڻ، لساني ۽ ثقافتي طرح سان پاڻ
وڃائڻ ۽ گم ٿيڻ کان بچائيندي، ترقي ۽ بقا کي هٿي
ڏيندو آهي.
ٻولي ۽ ثقافت واري انهيءَ گڏيل قومي ثمر ۽ اباڻي
موڙيءَ کي قوم جي هر لائق پيڙهي وڃائڻ بدران
سانڍيندي، سنڀاليندي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي
وڌائيندي، ويجهائيندي سموري سونهن ۽ سوڀيا ساڻ
پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ تائين رسائيندي آهي. اِها
پيڙهي وري ساڳيءَ ريت اُن کي وڌيڪ اُجاري ۽ سنواري
ٻي ايندڙ پيڙهيءَ تائين پهچائيندي آهي، دنيا جا
تمام زنده سماج ۽ زنده قومون ان ئي ريت جيئنديون ۽
پنهنجي وجود کي امرتا ڏينديون رهنديون آهن. ڌرتيءَ
جي سمورن انساني سماجن جي اوسر ۽ ترقيءَ جو اهو
سلسلو ان ريت تاريخ جي شعور واري اک پٽجڻ کان به
اڳ جاري هو، جاري آهي ۽ جاري رهندو.
(ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ جي مهاڳ تان ورتل)
سانول
وڻجارو
اڄ به ڪراچيءَ ۾ هٽ تاڙ هئي. ڪالهه وانگر.
اڄ به وجدان آفيس نه وڃي سگهيو هو. ڪالهه وانگر.
اڄ به هُو رابيل سان ملي نه سگهيو هو. ڪالهه
وانگر.
۽ وجدان کي ڪهاڻي لکڻي هئي. رائيٽنگ ٽيبل تي ويٺي
ڳچ دير ٿي وئي هئس، پر لکي هڪ لفظ به نه سگهيو هو.
ڪالهه وانگر.
منجهيل سُٽ جو سِرو هٿ نه پئي آئس. من ۾ آئس ته
سَٽ ڏئي سُٽ کي خنجر سان ڪپي، راڻي جيان، سرخي جي
ڳچيءَ تي جو ڳانو ڪري ڇڏي. پر هُن وٽ خنجر نه هو-
نه ئي هُو راڻو هو ۽ سمئه- سرڪش گهوڙي جيان سِراڙي
۾ هو. ان جي واڳ مُٺين مان نڪتي نڪتي پئي وئي. رت
جي سپڙهه ڪراين کان ٿيندي ٺونٺين ڏانهن وڌي رهي
هئس.
هن ڇرڪي پين پني تي ڇڏي ۽ پنهنجي هٿن کي ڏٺائين.
اُتي رت جو ٽيپو به نه هو!
هُو ٽيبل تان اٿي دريءَ ۾ اچي بيٺو. سنڌ- ساگر
سندس سامهون هو، وشال ۽ اننت، سڄ ٻڏي رهيو هو ۽
سنڌ ساگر کي پنهنجا سونهري ڪرڻا ڀيٽ ڪري رهيو هو،
سنڌ- ساگر سدائين کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ڀاسندو هو.
ڄڻ اُن سان ڪو آدجڳاد کان سڱ هئس. هو اڪثر فليٽ
مان نڪري سنڌ- ساگر تي هليو ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن
رابيل به ساڻس هوندي هئي ۽ هو ٻيئي اگهاڙي پيرين،
ڪناري ڪناري، هلندا ويندا هئا. ۽ وجدان کي اُها
شام ياد اچي وئي جڏهن رابيل ۽ هو، رابيل جي هاسٽل
واري لان جي چبوتري تي ويٺل هئا. بلب
جي جهڪي روشنيءَ ۾، ٻانهن ڊگهير جي وٿيءَ تي.
”ڪهاڻي جو ڇا ٿيو؟“ رابيل پڇيو
”ڪهاڻي تيار آهي.“ وجدان وراڻيو.
”سچي!“ رابيل خوش ٿي ٻارن جيان تاڙيون وڄائڻ لڳي.
”ڪٿي آهي؟“
”هتي!“ وجدان لوڻي تي هٿ رکيو.
”اوهه!“ رابيل ڄڻ وسامجي وئي. وري ڀڙڪو کائي ٻري
پئي. ”اها پني تي ڪڏهن لهندي؟“
”تون اهو ته ٻڌائي ته ڇا ڪهاڻي ۾ سچ ۽ نه- سچ به
هوندو آهي؟ يا ڪهاڻي بس ڪهاڻي هوندي آهي!“
وجدان جي ان ڳالهه تي رابيل جو ٽهڪ ٻريو، روپيون
ٽليون وڃڻ لڳيون.
’ڇا تون اهو ٽهڪ مون کي رڪارڊ ڪري ڏئي سگهين ٿي؟‘
وجدان پڇڻ چاهيو.
”ڇا توهين اها ڪهاڻي، جيڪا اڃا توهان جي دماغ ۾
آهي، اُها مون کي انڪري ته نٿا ٻڌايو ته متان
آءٌ به اها ڪهاڻي پنهنجي نالي سان ڪٿي ڇپائي
ڇڏيان!“
”نه، توکي خبر آهي ته جيئن لکڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
تيئن نه لکڻ جو به ڪارڻ ٿئي ٿو. هريش واسواڻيءَ
به لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ائين مون ٻڌو آهي، پر گوورڌن
ڀارتيءَ جي لکڻ ڇڏي ڏيڻ جو ڪارڻ مون کي
معلوم آهي، اهو ڪارڻ هن نه، پر ٻئي ڪنهن ٻڌايو هو
ته پوپٽيءَ جي ڪنهن ڳالهه کي هن ايڏو ته دل
تي کنيو جو لکڻ ئي تياڳي ڇڏيائين. اجمير ۾ جڏهن
اسين ساڻس ملڻ وياسين، تڏهن مون کانئس پڇيو هو ته
ڇا هن سوچڻ به ڇڏي ڏنو هو؟ پر هُن اُن جي ڪابه
ورندي نه ڏني، هو سڄو وقت چپ ئي رهيو.
مون وٽ به ڪهاڻي نه لکڻ جو ڪارڻ آهي.“
”اهوئي ته توهان هڪ ڪهاڻي ڪنهن کي ٻڌائي ۽ اِها هن
پنهنجي نالي سان ڇپائي ڇڏي.“
”ها.“
”پر توهين هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ بلڪ ڪُماڻهوءَ ۽
ڪُوَڙي جي ڪري ۽.....!“
”رابيل، تنهنجي اها ڳالهه منهنجي من کي ڇُهي وئي
آهي ته ڪهاڻي، شاعري ڇپجي نه ڇپجي، پر لکندو ضرور
رهڻ گهرجي.
تنهنجي اها ڳالهه به اهم آهي ته شاهه سائينءَ
انتهائي ڏکين حالتن ۾ به شعر چوڻ نه ڇڏيو ۽ اڄ
”شاهه جو رسالو“ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ترين لافاني
دستاويز آهي.“ رابيل ڳل تي هٿ رکيو وجدان کي ڌيان
سان ٻڌي رهي هئي
”سو، آءٌ وري ان ٽٽل تند کي اميري ڀائي جوڙيندس.“
رابيل پنهنجي روم جي دريءَ جي فريم ۾ ڪنهن تصوير
جيان بيٺي هئي ۽ چوڏهينءَ جو چنڊ کيس
ٽِڪ ٻِڌي ڏسي رهيو هو.
۽ جڏهن وجدان ڪار ۾ ڪلفٽن جي فليٽ ڏانهن وڃي رهيو
هو ته ڪراچيءَ جي رستن تي ٽرئفڪ
ائين ٿي روان دوان هئي، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو،
اڃا ڪالهه سڄو ڏينهن شهر وڳوڙن
جي ور چڙهيل هو، هڪ سياسي پارٽيءَ پنهنجو ورڪر جي
مارجڻ تي هٽ تاڙ جو سڏ ڏنو هو ۽
ڪلهه رات کان ئي وڳوڙ شروع ٿي ويا هئا. بسون،
ڪارون، ٽرالر ساڙيا ويا هئا. دڪان لٽيا
ويا هئا. ماڻهو ماريا ويا هئا، پر اڄ ائين لڳي
رهيو هو ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو! اڃا
به ڪا سڙيل بس، ڪا سڙيل ڪار رستي تي پئي هئي.
اڄ چوڏهينءَ جي رات هئي. وجدان دري بند ڪئي ۽ هيٺ
لهي ويو. سمونڊ جي ڪناري ڪناري،
اُگهاڙي پيرين هلڻ لڳو، ڇوليون هن جا پير ڇهي وري
ٿي ويون. هو سمونڊ ڏانهن مُنهن
ڪري بيهي رهيو، چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي هو. ويرون
اُن کي ڇهڻ لاءِ اُلري اُڀري
وري ڦان ٿِي ٿي اچي ڪريون.
”ساگر!“ وجدان ڪلهي تي پُوڻيءَ جهڙو ڇهاءُ محسوس
ڪيو ۽ پٺيان ڏٺو.
اڇي ڊگهي، ڀرت ڀرت ڀريل پهراڻ اڇن ڀروون، پٺن تي
پيل اڇن وارن، اڇي سونهاريءَ سان
هڪ پريو مڙس سندس آڏو هو. ڳچيءَ ۾ جواهرن جڙيل
مالهائون. ڪنن ۾ سونا
والا، انهن جي چمڪاٽ ۾ پريي مڙس جو مُک دمڪي رهيو
هو.
”پر....!“ وجدان ڪجهه چوڻ گهريو.
”پر تنهنجو نالو ساگر ناهي ۽ توکي ڪهاڻيءَ جي ڳولا
آهي“. پريو مڙس هلڻ لڳو.
هن جي آواز ۾ ڪو جادو هو. وجدان ڄڻ ڪچي ڌاڳي ۾
ٻڌجي هن جي ڪڍ هلڻ لڳو.
پريو مڙس واريءَ تي، سمنڊ ڏانهن مُک سَڃي، پاٿولي
وجهي ويهي رهيو. وجدان
هُن جي سامهون پاٿولي وجهي ويهي رهيو. پريي مڙس
ڪٿا کنئي. هُن جو آواز پڙاڏجي رهيو هو.
”هتي، سنڌ- ساگر جي ڪنڌيءَ تي وڻجارن جي وسندي
هئي. هو ٻيڙا هاڪاري
ڏيساور ويندا هئا. هتان ململ ۽ آڏاڻن تي اُڻيل
ڪپڙو سوسي، گربي، موٺڙو-
اجرڪون ۽ ڇُريل ڪپڙو، چمڙو، گيهه، تيل، اناج،
داليون، سونا ڳهه کڻي ويندا هئا.
۽ ڏيساوران ريشم، اطلس، گرم مسالا، ڪچو سون، هيرا
جواهر سودي ايندا
هئا. انهن وڻجارن جو راڄ ڌڻي ڌِڱاڻو هو. کيس هڪ
پُٽ هو. ساگر.“
’ساگر؟ ان نالي سان پريي مڙس کيس سڏيو هو‘ وجدان
سوچيو.
”ساگر به ٻين وڻجارن جيان سمونڊ ۾ لُڌڙن جيان
تُڙڳيو هو، ساگر جڏهن ڊوڙڻ جهڙو ٿيو ته
ڏياريءَ جي ڏڻ تي سڄو راڄ وڏي پِڙ تي گڏ ٿيو، وڏي
پِڙ جي چوڌاري پِيها ٺاهيا ويا
هئا. پِيهن تي راڄ پنهنجي پنهنجي مانَ مرتبي
پٽاندر ويٺل هو. پِڙ جي چوڌاري ڏياٽيون
ٻاريون ويون هيون ۽ وچ تي ننڍا وڏا مچ ٻاريا ويا
هئا. راڄ ڌڻي ۽ راڄ ڌڃياڻي ڦُلان،
ساگر جي آڱر جهلي، پڙ ۾ آيا ته هوڪرا پئجي ويا.
سڄي راڄ اُٿي سندن آجيان ڪئي. راڄ ڌڻيءَ سڄي پڙ کي
اک مان ڪڍيو. راڄ ڌڻيءَ اجرڪ ڪلهن مان لاهي
جُهولائي
ته هوڪرن ۾ تيزي اچي وئي. سڀئي پنهنجون اجرڪون
ڪُلهن مان لاهي جُهولائڻ
لڳا، ننڍڙو ساگر ان سڄي ڏيک کي اچرج مان ڏسي رهيو
هو. راڄ ڌڻيءَ اجرڪ ڪُلهن ۾ وجهي هٿ مٿي کنيا ته
سانت ٿي وئي.
راڄ ڌڃياڻي کاٻي ٻانهينءَ ڏانهن هلي ويئي، جتي راڄ
جون نياڻيون ويٺل هيون. راڄ ڌڻي ساگر سان ڇپرکٽ تي
ويٺو ته کاٻي ٻانهينءَ مان مڱڻهارڻين ڳاڄ ڳايو
۽ سڄو مانڊاڻ سندن چيهي جهڙن سُرن جي مَنڊ ۾ منڊجي
ويو:
ڪونج ڪاڏهون آئي ڙي
ڪونج ولر واري
ڪونج ولر واري
وڏي وڳر واري
وڏي وڳر واري
سکر بکر واري
سکر بکر واري
ٺٽي نگر واري
ڪونج ڪاڏهون آئي ڙي
ڪونج ولر واري
ڳاج جا سُر ڌيما ٿي سانت ٿيا ته هوڪرا پئجي ويا.
راڄ ڌڻيءَ سونين مُهرن جي ڳوٿري مڱڻهارڻين کي ڀيٽ
ڪئي. راڄ ڌڻيءَ هٿ مٿي ڪيا ته سانت ٿي وئي ۽
وِيرُو مڱتي ٿال تي هٿ هنيو ۽ تال سان
سُرملايو:
وري ورن ڪينڪي، وِيرَ، ويرَ، ڄمارَ
ڏسندي ڏسندي ٿيو وڃن، ڪَڪا ڪارا وارَ
ڏُڌو وکير ٿڻين نه پئي، جُڙن نه ڀڳل ڏارَ
وري ورن ٿا ڪينڪي، اکر اُچاريل يارَ
ٿال تي تال تيز ٿي ويو. پڙ ۾ ڪيترائي لهي پيا ۽ مچ
جي چوڌاري نچڻ لڳا. راڄ ڌڻيءَ کان به رهيو نه
ٿيو ۽ هو به مچ جي چوڌاري نچندڙن سان نچڻ لڳو.
ساگر به هن سان نچڻ لڳو.
هوڪرا پئجي ويا. تال سان نچ ۾ به تيزي اچڻ لڳي.
هوڪرن ۽ سمونڊ جي ڇولين جي شور کي چيريندي، وِيروُ
مڱتي جا سُر ٻُرڻ لڳا:
پَلَڪَ جَهلَڪَ جو ميلوڙي يارَ
پوءِ هرڪوئي اڪيلوڙي يارَ
چنڊ لڙيو. سُرسانت ٿيا. وجدان ڄڻ سپني مان سجاڳ
ٿيو. هُو نرت انگ ۾ هو. پگهر ۾ شم.
سمونڊ جي ڇولين جو شور ڪنن تي پيس ته هُو سامت ۾
آيو. هن ڏٺو ته اُتي پريو مڙس نه هو. هُو
سمونڊ ڏانهن مُڙيو ته ڀنڀرڪي ۾ ڀاسيس ته سمونڊ ۾
سڙهه ساڄا ڪريو ٻيڙا وڃي رهيا هئا.
هُو فليٽ تي موٽي آيو، ٽيبل تي پنا ائين پيل هئا.
پين جي هيٺان. وجدان کي نٿي لڳو ته هُو
ڪهاڻي لکي سگهندو! نيٺ به لياريءَ ۾ بڪتربند هيٺان
چيياٽيل ٻار کي لفظن ۾ ڪيئن ٿو لکي سگهجي!
اڄ به چوڏهينءَ جي رات هئي. ڪراچيءَ جي رستن تي
دهشت ۽ وحشت جو راڄ هو. ماڻهو ماڻهوءَ
جي رت سان هٿ رڱي رهيا هئا. بسون، ڪارون ساڙي رهيا
هئا. اسپتالن ۾ امرجنسي
لاڳو ڪئي وئي هئي. رابيل وجدان سان سندس فليٽ تي
هلي آئي هئي. وجدان کيس سُتل ڇڏي
سمونڊ تي هليو ويو هو. چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي هو.
وِيرُون چنڊ کي چُمڻ
لاءِ اُلري اُڀري، وري ڦان ٿي اچي ٿي ڪِريون،
وجدان سمونڊ ڏانهن منهن ڪريو بيٺو هو.
”ساگر!“ سڏ هو يا پڙاڏو؟ هن مُڙي ڏٺو. ساڳي ڀيڻيءَ
تي پريو مڙس ويٺو هو.
وجدان سندس آڏو پاٿولي وجهي ويٺو ته پريي مڙس ڪٿا
کي اُميري پائي جوڙيو.
”ساگر اڄ ننڍو سُڀان وڏو ٿي ويو. ننڍپڻ کان
جُواڻيءَ تائين هن ڍور چاريا. ڪاٺيون ڪيون.
وڻ ڇانگيا، ڦَل ڦُل چونڊيا. هڪ عام وڻجاري وانگيا
هن هٿيارن- ترار، ڀالي، تير،
ڪُهاڙي، ڪاتر- هلائڻ جي سکيا ورتي. ٻين کي مارڻ
لاءِ نه، پر پنهنجي بچاءُ لاءِ،
ڪنهن به وڻجاري جيان هُن هُنر ۽ ڪلا به سکي، گهرن
جي اڏاوت جو هُنر ۽ بانسري
وڄائڻ جي ڪلا. هن جي بانسريءَ جا سُر ڄڻ سڄي
وسنديءَ کي
اولاڻا ڏئي مِٺي ننڊ سمهاري ڇڏيندا هئا، پر سونا
جي ننڊ کسي وٺندا هئا ۽....“
”سونا؟! وجدان ڄڻ سُر اُچاريو.
”ها سونا. وِيرُو مڱتي جي ڌيءَ. هڪ رات ساگر
بانسريءَ تان چپ کنيا، اکيون
اُپٽيون ته سندس سامهون هڪ وينگس ويٺي هئي. سُر
سانت ٿيا ته هوءَ به
ڄڻ سڀني مان سجاڳ ٿي ۽ اُتان ڀڄي وئي. ائين هر رات
سونا، بانسريءَ جي
سُرن جي سُهائي ڏور ۾ تاڻبي، ساگر وٽ پُڄي ويندي
هئي ۽ هُن جي
آڏو پاٿولي وجهي، اکيون ٻُوٽي ويهي رهندي هئي.
ساگر بانسريءَ تان چپ کڻندو هو.
سُرسانت ٿيندا هئا ته هوءَ ڄڻ سپني مان سجاڳ ٿيندي
هئي ۽ ڀڄي ويندي
هئي. ’هوءَ ڪير هئي؟ ڪٿان ايندي هئي‘، ساگر
سوچيندو هو. ٻنهي- سونا ۽ ساگر- جي سڀاءُ ۾ ڦيرو
اچي ويو. چُپ چُپ گُم سُم رهڻ لڳا. هڪ رات ساگر
بانسريءَ تان چپ کنيا. سُرسانت ٿيا. ته سونا ڀڄڻ
جي ڪئي. ساگر ڀڙڪو ڏئي سندس ٻانهن جهلي ورتي ۽
هوءَ جهول کائي ساگر جي ڇاتيءَ سان اچي لڳي. ل
اَپل ٻنهي جا ساهه وچڙي سچڙي ويا. سونا ڦٿڙاٽي
سٿڙاٽي پاڻ ڇڏايو ۽ يڪي ڊوڙ گهر ڏانهن لڳي. اتي
پهچي جنڊ پيهڻ لڳي. جنڊ جي گهرڪي تي ويرُو مڱتي جي
اک کلي پئي. هن اُڀ ڏانهن ڏٺو، نکٽ اڃا جهڪا نه
ٿيا هئا. جاري ۾ ڏيئي جي لاٽ اُجاگر هئي.
هوڏانهن ساگر گهرُ ڀڳو ته راڄ ڌڻي جاڳي رهيو هو.
پر ساگر سِڌو وٿاڻ ڏانهن هليو ويو. هُن ڀوري مينهن
جي پُٺيءَ تي هٿ ڦيرايا ۽ اُن جو ڦر ڇوڙي ڇڏيائين.
ڦر ڌائڻ لڳو. ساگر پنهنجي پَتيءَ جا ٿڻ سويا ۽
گوهُا هڻڻ لڳو.
وات ۾ گهٽ ۽ منهن تي وڌيڪ.
”هڪ رات ساگر جيئن بانسريءَ تان چپ کنيا ۽ ٻنهي-
سونا ۽ ساگر- اکيون اُپٽيون ته راڄ ڌڻيءَ ۽ وِيرُو
مڱتي کي پنهنجي مٿان بيٺل ڏٺائون. سونا گهر ڏانهن
لُوهه وڌي ته وِيرُو به سندس ڪڍ وڃڻ لڳو ۽ ساگر
راڄ ڌڻيءَ جي ڪڍ.
”ٻئي ڏينهن راڄ ڌڻي ۽ راڄ ڌڃياڻي، سونا جي سڱ گهرڻ
لاءِ، وِيرُو مڱتي وٽ لنگهي ويا ۽ سونا کي تارن
جڙيل، سونن پلاندن واري پوتي اوڍيائون. ڀير تي
ڏونڪو لڳو ۽ سونا ۽ ساگر جي سُرهي سڱ جي پڌرائي
ڪئي وئي. ٻنهي جو وڏي ڌام ڌوم سان وهانءُ ٿيو، پر
ٻنهي جو ساٿ رڳو ڇهه ڏينهن ۽ ست راتيون رهيو.
ساگر کي پهريون ڀيرو، ٻين وڻجارن جيان، وهانءُ کان
پوءِ ٻيڙا هاڪاري ڏيساور اُسهڻو پيو.“
پريي مڙس ٿڌو ساهه ڀريو ”۽ پوءِ مُندون آيون،
مندون ويون، ٻيا سڀ وريا، ساگر نه
وريو سو نه وريو، پنج ڏياريون آيون ۽ لنگهي ويون.
هڪ وڻجاريءَ وانگر سونا به اکين ۾
آس جي جوت اُجهامڻ نه ڏني. هوءَ ڏينهاڻي پرهه
ڦٽيءَ کان سانجهيءَ توڻي، اُڀي پيرين سمونڊ
ڏانهن مُک سڃيو بيٺي هوندي هئي. هوءَ اکا پائيندي
هئي. ڏيا موهيندي هئي.
”هڪ پرهه ڦٽيءَ جو سونا ائين ئي سمونڊ ڏانهن مُک
سڃيو بيٺي هئي. اُڀي پيرين، هٿ جوڙيو.
اوچتو آڪاس ۽ سمونڊ واريءَ ليڪ تي هن کي هڪ ٽٻڪو
ڀاسيو. هن انهيءَ ٽٻڪي تي اکيون کپائي
ڇڏيون. جيئن جيئن سوجهرو ڦٽڻ لڳو، تيئن تيئن اُهو
ٽٻڪو چٽو پٽو ٿيڻ لڳو. پوءِ وانئٽيون،
جهنڊيون، جهالرون ۽ ٻيڙي جا کُوها پڌرا ٿيا. هاڻي
هوءَ واڳونءَ ڇاپ جهنڊو به ٿڙڪندو ڏسي رهي هئي.
جيڪو سڀ کان اوچو هو. اُتي ئي هڪ هٿ سان کوهو
جهليو، ٻئي هٿ سان ڪو اجرڪ جُهولائي
رهيو هو، ”ساگر!“ سونا ڀڻڪيو، هاڻي هوءَ پاڻ پلي
نه سگهي. لُوهه پاتائين سمونڊ ڏانهن.
۽ پاڻ ڇولين ۾ کڻي ڇڏيائين. هُتان ساگر به ٻيڙي
تان پاڻ سمونڊ ۾ کڻي اُڇليو“. ايترو چئي پريو مڙس
سانت ٿي ويو. هُن پنهنجي کاٻي ٻانهن سڌي ڪئي
۽ اُن ڏِس ڏِسڻي آڱر سڃيائين. وجدان اُن ڏس
نهاريو. اُتي هڪ پاڇو هو.
وجدان اُن ڏانهن وڌڻ لڳو. هاڻي هُو ان جا ڊگها وار
واءُ ۾ اُڏرندا ڏسي پئي سگهيو.
”سونا!“ هُن اُچاريو. اُن وير هن جي ڪنن ۾ ٽهڪ
ٻُريو. روپيون ٽليون وڄڻ لڳيون.
”اوهه، رابيل!“ پوءِ ٻئي ڄڻا فليٽ ڏانهن واپس ورڻ
لڳا. پنهنجي پٺيان سنڌ- ساگر جي ڇولين جو شور ڇڏي.
عبدالحفيظ قريشي
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾
هوءَ سڀني کان اڳيان اڳيان هئي، هن جا نعرا پڙاڏا
ڪندا، ڪبوترن جيان شهر جي اونچين ماڙين مٿان،
اُڏري رهيا هئا!
سارو ملڪ ملير اُٿي پيو هو.
سڀئي هن جي سڏ ۾ وراڻي ڏئي رهيا هئا.
آيا! آيا! محبتي آيا!
رهندي اسان جي، سنڌ سلامت!
امڙ اسان جي جند سلامت!
هي ديس ناهي مال غنيمت،
ڀينڊ نه ڪنهن کي ڏينداسين!
سڏ وراڪو سو ته پري،
پر سينڍ نه ڪنهن کي ڏينداسين!
وطن سان سچي وچن جو هيءُ قافلو وڌندو پئي ويو!
کڏي کان کارادر، کارادر کان ٽاور، اتان اوکائي
ميمڻن جي پاڙي مان لنگهي، هاڻ قافلو وڏيءَ بازار
جي حدن ۾ داخل ٿيو هو… قافلي کي پريس ڪلب تائين
رسڻو هو. مائرن جي ڪڇن وارا ننڍڙا ٻار به نعرن جي
وراڻي ڏئي رهيا هئا!
آيا! آيا، محبتي آيا!
لطيف جو نياپو! محبت وارو.
سچل جو سنيهو. محبت وارو،
آيا! آيا! محبتي آيا!
بازار جي گهڻ ماڙ ماڙين جي ڇتين ۽ گهٽين جي ڪُنڊن
۾، ڀاڙيا ٻوٿاڙا ٻڌيو تاڪ لايو بيٺا هئا!
”بزدلن جي آبرو رائفل جي لام تي،
مرن ٿا بي ڊپا مگر اصول تي ۽ نام تي!“
معصوم ٻارڙن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻڍڙن جي قافلي تي
اوچتو هلان ٿي وئي ۽ هوءَ هئي، جنهن رکي رکي پئي
کين للڪاريو!
”هُن هوڙدنگن کي چيو ”جهليو هنن کي پڪڙيو!“ پوءِ
هُن هڪ هوڙدنگي کان طپنچو ڦريو ۽ دهشت جي رکوالن
جي پويان ڊوڙي!
ڇتين ۽ گيلرين ۾ ويٺل تاڪائوئن کي تاڪ لڳي ويا…
”هيءَ ڪير آهي؟ اسان جي هڪ ٺڪاءَ تي عورتون ته ڇا،
پر مرد به وٺي ڀڄندا آهن!“
پوءِ هڪ تاڪائو، توري تڪي، نشانبر سان نشانو ورتو!
ٺڪاءُ ٿيو. ۽ بازار جو سارو پٽ کهنڀي رَتُ سان
ڳاڙهو ٿي ويو…
سڄو شهر گولين جي مينهن واري وسڪاري ۾ اچي ويو،
گوليون رڳو موهن واسين کي ڳولي ڳولي چِٽي رهيون
هيون.
گولين جي ٺڪائن سامهون، سڀئي ماڻهو ڇاتيون تاڻي
بيهي رهيا!
هوڙدنگا مليل هدايت موجب فون تي ڪنهن کي ڄاڻ ڏئي
رهيا هئا!
”سڀ امن آهي… بس ست ڄڻا! نه نه – اٺ ڄڻا مئا آهن.
پنجٽيهه ڄڻا زخمي… وڌيڪ ڪُل خير آهي… ها عورتون به
آهن… اهي اسان کان هٿيار کسي ماڻهو مارڻ لاءِ
وڏيءَ بازار جي گهٽين ۾ ڊوڙيون هيون، باقي سڀ ڪجهه
ضابطي ۾ آهي.“
ٿلهي هوڙدنگي اِها ڄاڻ ڏيئي ڪري مڇن تي هٿن سان
تاءُ ڏنو…
گولين جي ٺڪائن تي مورڙو هيڪر وري اُتالو ٿي ڪري
پنهنجي مڪان کان ٻاهر نڪري آيو هو…
مورڙو کڏي، ڪلري، شيدي ڳوٺ، بغدادي ۽ ڪلان ڪوٽ کان
ٿيندو هڱورن جي پاڙي ۾ پهتو، اتان اُتاولو ٿي واپس
وريو ۽ روشن شاهه جي بنگلي آڏو اچي بيٺو، پويان سر
عبدالله هارون جو مدرسو اُداس بيٺو ڪجهه سوچي رهيو
هو…
”مورڙا ڇاپيو سوچين…؟؟“
مورڙي ڇرڪ ڀريو ۽ ڪنڌ ورائي پويان نهاريو…!! سڄو
شهر رت ۾ وهنتل ۽ ڪرفيو ۾ سُڪ لڳو پيو هو. ماڻهوءَ
جتي هئا، اُتي بند ٿي گهرن ۾ ويهي رهيا… رڳو شهر ۾
گولين کي آزادي مليل هئي… اهي ڪيچ کان سڄي سنڌ ۾
پُنهل جا پيرا کنيو کيس ڳولينديون پيو وتن…… سَسُي
اڃا ڀنڀور ۾ گهري ننڊ ۾ ستل هئي… پُنهل کي گوليءَ
گهائي وڌو هو.
”اڃا ڪي آهين، سزا وارسگُين جا،
ويٺا وڄائين، جي تون سڻياسي سڻئين.“
مورڙو هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي نهاريندو، پنهنجي
جڏن پيرن کي گسڪائيندو تڪڙو تڪڙو هاڻ يوسف خيراڻي
واري ماڙيءَ وٽ اچي بيٺو… خيراڻين جي مسيت ۾ حافظ
عبدالحق، درس قرآن ڏئي رهيو هو، مورڙو در وٽ بيهي
درس ٻڌندو رهيو…
”الله سائين! اوهان تي اوهان جي (مسلمان) ڀائرن جي
جان، مال ۽ ملڪيت حرام قرار ڏني آهي…“
”کاري در کان وٺي مٺي در تائين، ڄڻ راڪاس ڦري ويو
هجي… رکي رکي گوليون ئي هيون، جيڪي گهٽين ۾ بنا
ڪنهن کٽڪي جي ڊوڙي رهيون هيون…
شام جو وڳڙو، ميرانجهڙي شام جي پاڇن شهر جي گهٽي
گهٽيءَ کي دونهاٽي ڇڏيو هو… گهرن، ماڙين جي ڇڄن،
پلويڙن گيلرين، ۽ جهروڪن جا پاڇا، هڪ ٻئي سان ائين
ٻکجي، ڀاڪرين پئجي ويا هئا، ڄڻ وحشت جا راکا ابهمن
جي ڪوس تي جشن ملهائي رهيا هجن…
گوليون هاڻ موهن بو! مُوهن بو! ڪندي موهن واسين کي
ڳولي رهيون هيون…“
مورڙي سوچيو ته: ”هو حسين سيٺ جي ماڙيءَ کان
بغدادي ويندو ۽ اُتان موسيٰ لين تائين وڃي ۽ کجور
بازار جو ڦيرو ڏئي ڪري، لي مارڪيٽ جو جائزو وٺي
اچي… شهر تي ڪهڙي آپڌا آئي آهي…“
اوچتو سڄي شهر ۾ پڙاڏجندڙ روڄ ۽ سُڏڪن تي مورڙو
سراپجي کاري در وٽ ئي بيهي رهيو هو…
هن ويچاريو ته هي ته ڄڻ ڪلاچي ماءَ جون اوڇنگارون
آهن، جيڪي هن منهنجي ستن ڀائرن تي اوساريندي ڏنيون
هيون…
سڄو شهر سُڏڪن سان ڀرجي ويو هو. هڪ سُڏڪو، وڏي سَر
سُڏڪندي، مورڙي ڀرسان تيزي سان لنگهي ويو… مورڙي
تڪڙ ۾ ڪنڌ ورائي ڏانهس نهاريو، پر هو سنڌوءَ ڏانهن
رڙندو ۽ ٻاڪاريندو وڃي رهيو هو…
مورڙو کاري در کان ٿيندو گهڻي زماني کان پوءِ
پهريون ڀيرو شهر ڏانهن نڪتو ته حيران ٿي ويو…
هن شهر کي ڇا ٿي ويو آ…؟
هتي بارود ڪنهن پوکيو آ…؟
شهر جي گهٽي گهٽي، ڳاٽ وريو بندوق تاڻيو ائين گهات
لايو بيٺي هئي، جيئن هزارين ڪاريهر پنهنجا وِهُه
گاڏئا ڪَرُ اُڀا ڪيو، ڏنگڻ لاءِ آتا هجن…
مورڙي ٿڌو ساهه ڀري گمان ڪيو ”ڏانگين ڏنگُ ته نه
چيٺيا ويتر کڻي نانگ چهٽايا آهن… اهي ڏانگي ڪين
آهن، ڪويچ آهن… جن کڻي ويتر جيءَ اگهو ڪيو آهي!“
سڄي شهر ۾ بارود جي بُو ڇانيل هئي…
ملير جي مينديءَ جي خوشبو گلاب جي گُلن، مُگرن ۽
موتين جي گُلن جو هڳاءُ ۽ واس ڪٿي پولار ۾ گُم ٿي
ويا هئا…
موکي پنهنجي وشال مندخاني ۾ مَٽنُ وٽ ساڄو هٿ ڳل
تي ڏيئي، اُداس ويٺي هئي… ”مِتارا مري ويا“.…
موکيءَ ڀڻڪيو…
موکيءَ جي منڌ خاني ۾ سڃ ڇانيل آهي، ”هاڻ هت منڌ
پياڪ ڪڏهن به نه ايندا!!!“
”سي ڪوهيارا ڪن نيا، ماريا جن ٿي مڇ!“
موکيءَ ويچارڻ لڳي…
”موکي متارن جا ننڍا ڪيم نهار،
ساماڻا سري ڏئي، اڇا اَڱڻ ڌار،
ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.“
مُوکي هيڏانهن نهاريو… ”ڪنهن اِهو بيت پڙهيو؟؟؟“
موکيءَ جي سڀني کان اونچي مَٽُ، منڌ جي واس سان
منڌ خاني جي وانڍ، واسيندي سرٻاٽ ۾ موکيءَ کان
پڇيو.
”تنهنجي خيال م هاڻ هن سَري جو ڪوبه مالڪ نه
ٿيندو؟
موکي، متارن کي ياد ڪندي روئڻهارڪي ٿي وراڻيو:
”شايد…“
”ڀُلي آهين، متارن جا ننڍا ساماڻا آهن، اجهو ڪي
اجهي آيا!!!
”سچ ٿو چئين؟؟ موکي سَرهي ٿيندي پڇيو:
سَري سُرائتي آواز ۾ چيو: ”مون ڪڏهن ڪنهن سان ڪوڙ
ڳالهايو آهي، مون سان ناتو رکندڙ ڪوڙو به سچ
ڳالهائي وجهندو آهي، آءٌ نسورو سچ آهيان!!“
موکي ٽِم ٽِم ڪندڙ نيڻن سان ڏانهس نهاري رهي هئي،
مورڙو موکيءَ جي منڌ خاني وٽان ڳائيندو لنگهي رهيو
هو…
”گهاتو گهر نه آئيا! اَدن ڪئي اوير!“
مورڙو سڄي شهر جي گهٽين ۾ ڳائيندي ڳائيندي، کن پل
لاءِ سوچڻ لڳو!
هيءُ منهنجو شهر آ؟؟؟
يا ڪنهن ويريءَ جو واهڻ آ؟؟؟
مورڙو پراڻي ڪراچيءَ کي ساريندي سوچڻ لڳو:
ڌرتيءَ هڳاءُ هوريان چيو! ”هيءُ سمورن موهن واسين
جو شهر آ. رت جي واس مان نه پيو سڃاڻين ڇا؟“
سامونڊي هير ٿڌا ساهه ڀريندي مورڙي جي ڀرسان لنگهي
وئي…
سنڌ جي وشال سمنڊ مٿان بيٺل چوڏهين جي چنڊ بادلن ۾
پنهنجو منهن لُڪائي ڇڏيو! شايد هُو پنهنجا ڳوڙها
ڌرتيءَ واسين کي ڏيکارڻ نه پيو گهري…“ سامونڊي
لهرون، ڪراچيءَ جي زمين کي چميون ڏئي ڪري واپس وري
رهيون هيون…
سمنڊ وڏا شوڪارا ڀري رهيو آهي!
اوچتو مورڙي جي ڪُلهي تي ڪنهن هٿ رکيو! هن هٿن جي
ڇهاءُ ۾ سڃاڻي ورتو، ڪلاچي ماءَ جا ڪونئرا هٿ اڄ
ڪنهن ويچ جو ڇُهاءُ محسوس ٿي رهيا هئا…
جڏهن منهنجا ست ڀائر مانگر ماري ويو هو، تڏهن به
ته وڏو آٿت ڪلاچي ماءَ جو ئي هو!
”تون ٿڪجي پيو هوندين!… زرساعت هت سمنڊ ڪناري ويهي
ساهي پٽ! ته آءٌ شهر جو گيڙو ڪري اچان ٿو.“
مائي ڪلاچي، مورڙي جي مٿي تي ٻاجهه ڀريا هٿڙا
ڦيريندي چيو…
پوءِ ٻڍڙي ڪلاچي ماءُ شهر ڏانهن رواني ٿي…
سردخانن ۾ پيل لاشن مائي ڪلاچيءَ کي کيڪاريندي چيو
”ڪلاچي ماءُ! اسان جو رت ڏس!! اسان سان هن شهر جي
مانگرن ڇا ڪيو آهي!!“
مائي ڪلاچي اهو سڀڪجهه ڏسي نه سگهي، سُڏڪندي ڳوڙها
اُگهندي گلشن پهچي وئي…
هيءَ ته منهنجي گُلان آهي.“ مون هن جو مڙهه ڏسندي
ئي سڃاڻي ورتو… ڪلاچي کيس ساريندي رهي…
ڪلاچي ته جڳن جي جهوني ماءَ آهي… هن پُراڻ جڳ ۾
جڏهن گُلان کي پرڻايو هو!
”تڏهن منگهي پير کان خيراڻين جي ٻيٽ تائين ٻيڙن ۾
ڄڃ آئي هئي… ٻيڙي ٻيڙيءَ تي جهاٻن جهوڙن جي
سُغلات ڏسڻ وٽان هئي.“
”چمڪيون چوڌار، ڌڄون ڌاريچن جون،
ماءَ سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
انهن جي پچار، ڪالهونڪر، ڪانگ ڪري.“
مهالوءِ سوڌو ۽ ٻين ننڍن وڏن ننگرن کان هزارين
مهمان آيا هئا. انهيءَ وهانءَ واري ڪاڄ ۾ دلمون ۽
مهلوا جي نرتڪين اهڙو ناچ ڪيو جو آسمان تي اُڀري
آيل سمورا نکٽ، وائڙا ٿي ويا ۽ پهر سج تائين ائين
ئي حيران پريشان ٿي اُڀا بيٺا رهيا، هڪڙي نکٽ ٻئي
کي چيو ”ڌرتي ڏاڍي گنوان آهي.“
”اون هون! سنڌو گنوان آهي.“ ٻئي نکٽ وراڻيو:
”تو ڪڏهن اهڙو ناچ ڏٺو؟“
”نه نه ڪڏهن به نه…“
”اهي اپسرائون ڌرتيءَ جون نه ٿيون لڳن اهي ڪنهن
ٻئي گِرِهه تان آيون آهن.“ وهائو تاري… شڪ
ڏيکاريندي چيو…
چنڊ مُرڪيو ۽ صاف چئي ڏنائين! ”اوهان ڌرتيءَ کي نه
ٿا سڃاڻو، آءٌ سڃاڻان ٿو…“
پوءِ گُلان لائون لڌيون ۽ پرڻجي وئي… هڪڙي ڏينهن
وڏي سامونڊي وير وري… ۽ گُلان گم ٿي وئي… ٽن ڏينهن
کان پوءِ سندس لوڙهه ڪاٺ تي ترندي، گذري وٽان
ملاحن کي هٿ آيو.
ڪلاچي، گلان جي پراڻ جنم کي ساريندي روئي رهي هئي،
ڪلاچي جڳ جڳ جي امڙ آهي، هر جڳ ۾ ڪلاچيءَ ئي ته
سٺو آهي…
2500 ق.م ابراهيم حيدري وٽان سنڌوءَ جي ڇاڙ وهي
رهي آهي…!
رام ۽ سيتا ۽ لڪشمڻ ٽئي سنڌو سمنڊ ڪناري واري
مهاديو جي گُڦا ۾ شِوُ جي پُوجا پيا ڪن، شِوُ جيڪو
پريم جو خدا آهي، سکن، سهنجن ۽ سُڪار کي آڻيندڙ
آهي، رقص ۽ موج مستيءَ جي سرپرستي ڪندڙ آهي. رام ۽
سيتا شِوُ کان پريم جو سبق وٺي اُتان پسار ڪندا
اتي پهتا، جتي ڏاڍي وڻڪار هئي، ٽئي اتي رهيا پيا،
انهيءَ جڳهه رام باغ جُڙي پيو.
2000 ق.م ۽ سنڌو سالڪ ’گهور انگيرسَ‘ سُمير کان
سوين ٻيڙن، جي قافلي ساڻ دلمون ڏانهن وڃي رهيو
آهي!
ڪلاچي ماءُ ماڻهن جي وڏي انبوهه سان گڏ سنڌو جي
ڇاڙ تي مهند واري سرواڻ ٻيڙي ۾ ويٺل ’گهور
انگيرسَ‘ جي آجيان ڪري ٿي…
”تون هاڻ ڪلاچيءَ راڻي آهين.“
گهور انگيرس ڪلاچيءَ ماءَ کي سوڌائي ڏني!
ڪلاچي سوچي پئي…
1530ع ۾ جڏهن هن جا ست ڏوهٽا مانگر ماري وڌا هئا،
تڏهن هن وڏي دانهوڙ ڪئي. هن جي دانهن شهباز جيان
اُڏامندي، سون مياڻي کان رني ڪوٽ پهتي هئي، اتان
کيرٿر تان اُڏامندي، رني ڪوٽ کان ٿيندي شِوَ واهڻ
(سيوهڻ) پهچي دلوراءِ کي اهو قهر جو داستان ٻڌائي
ٿي.
دلوراءِ… آروڙجي اُٿيو،
”مورڙا تون مانگر مارڻ ويندين.“
”ها آءٌ ويندس“، پر تون ته جڏو آهين.
پيرن کان جڏو آهيان پر عقل جو نه…“
مورڙي وراڻيو:
دلوراءِ کي مورڙي جو دليري سان ڳالهائڻ وارو انداز
وڻي ويو پوءِ هُن مورڙي کي لوهي، پڃري واري ڪَلَ
ٺهرائي ڏني ۽ پاڻ ڪلاچيءَ جي ڪوٽ ۾ رهي پيو… جنهن
جي پاسي لياري ندي ۽ ٻئي پاسي سمنڊ هو.
اوچتو سون مياڻيءَ کان دڙي مياڻ تائين گوڙ ٿيو…
”مورڙو مانگر ماري آيو آهي!“
دلوراءِ، مورڙي کي ڀاڪر پيو پائي…
”مورڙا! تون پنهنجي ڀائرن کان ٻلوان آهين تو ته
ميڪر ماريو آهي!“
”گهوريندي گهور پيا، اگهور گهوريائون،
ميڪر ماريائون، ملاحن مُنهن سندا.“
ڪلاچي ماءُ سُرهي ٿي راڄ ۾ ڦري پئي، ”منهنجو مورڙو
ٻلوان ۽ عقل جو اڪابر آهي.“
”ڪلاچي ماءُ جيڪا مورڙي ۽ گلان جي وڏي ماءُ هئي…
سا هاڻ جڳت ناني بڻجي وئي هئي، هن جي ڪک ۾ ڪروڙين
ٻچا پلجي رهيا هئا.“
”پر هنن مان ته ڪي، ارڙ بلائون، ڪي نانگ به آهن…“
مورڙي سوچيو:
مائي ڪلاچي جڳن جي سهنجن ۽ اهنجن کي ساريندي
ويچارڻ لڳي. جڏهن هن گلان کي هِن جُڳ ۾ ٽيهر ڄڻيو
هو، ننڍڙي گُلان ساهيڙين سان راند پئي ڪري…!
”بابل کي چئجان ۽ گُڏو گُڏي آڻجانءِ، چانديءَ ۾
مڙهئجانءِ، سون ۾ توراءِجانءِ، آءُ ته گڏيءَ راند
کيڏون! آءُ ته گُڏي راند کيڏون! پوءِ گُڏيءَ کي
گُڏي سان پرڻائبو هو…“
هن کي اهي منظر به چِٽا ياد اچي ويا.
مائي ڪلاچي پنهنجي ڌيءَ جي وهانءُ جي مانڊاڻ ۾،
مُرڪي مُرڪي هلي پئي. ”لياري وارين کي ته وڏي لئي
آهي“ ساڙ سڙي ساهيڙين مان ڪنهن چئي ڏنو.
”آهيون ئي لئي واريون“
”اسين به ملير واريون آهيون.“
اڃان زليخان ۽ ختيجا جي ٽولي ڪانه پهتي هئي، مورڙي
پوٽن جي وڏيءَ ڇت تي تنبو لڳل هو، سامونڊڪي ٿڌڙي
هير گهلي رهي هئي، جنهن رکي رکي ٿي تنبوءَ کي
هلورا ڏنا، هلورن تي تنبوءَ جون بانسن واريون
ٿوڻيون، اُڏري اُڏري ٿي ويون…
مينديءَ جو مانڊاڻ هو… مورڙي پوٽن جي اونچي ماڙي
جي وڏي در تي ڏُوڪريون، گلاب گلن ۽ موتين جا هار
کڻي اوسيئڙو ۾ بيٺيون هيون…
روشن شاهه جي بنگلي کان حُسين سيٺ جي ماڙيءَ
تائين، بتيون ئي بتيون ۽ انهن جي روشني ائين هئي…
ڄڻ آسمان جا سمورا ستارا هيٺ لهي آيا هجن…“
جُلي ماسترياڻي پنهنجي آڪهه سان جيئن در مان داخل
ٿي… مٿس ڏوڪرين گلن جي ورکا ڪئي…
”لئي مايون! ڪوهه پيو ائين ڪريو، اسين ته ڪنواريتن
مان آهيون…“ مائي جُلي ڦڪي کل کلندي مينديءَ جي
مانڊاڻ واري ڏاڪڻ ڏانهن تڪڙو ورندي چيو…
”لئي ماءُ تُوجي سلڇڻي شاگردياڻي جو وهانءُ آهي.“
”اِهو ته آهي پر ورکاڻ ته گهوٽيتن تي ٿيڻ گهرجي“،
چڱو چڱو آئين اُتي هلو، آءٌ ٿورو ساهه پٽيو ٿي
اچان.“ ڏوسي ماءَ سهڪندي چيو…
”اي ڏوسي ماءُ کي ٻانهن مان وٺي، ماڙيءَ مٿي هلو…“
لياري ۾ مورڙي پوٽن جي شادي عيد کان گهٽ نه هوندي
آهي.
”پڌري، مڱڻو، ونواهه، ميندي، ڳانا ٻڌڻ ويندي
شاديءَ تائين سڄو مهينو سَهرا پيا ڳائجن، مُنڍ ۾
پاڙي جو ڇوڪريون روز رات جو دير تائين ڳيچ
ڳائينديون، پوءِ ملير جي ٽولي سهرا ڳائڻ ايندي،
آخر ۾ زليخا ۽ ختيجا: ٻئي ڀينرون ڳائڻ اينديون.“
اها ٽولي جيئن ئي روشن شاهه جي بلڊنگ وٽ بگيءَ مان
لٿي، ٻارن رڙاٽ ڪري گهر ڏانهن ڊوڙندي ٻڌايو،
”زليخان، ختيجا، رَسي ويون.“ ڀلي ڪري آيون! مائي
زليخان ۽ ٻين کي ڪنواريتين کي کيڪاريو.
”لئي ماءُ اوهان جا ڪاڄ سُرها هجن! اسين اوهان جو
پيڙهاتيون مڱڻهاريون آهيون!“
”لئي ماءُ! اَوئين اسان جون ڀينرون آهيو.“ هڪ
وڏڙيءَ کيس کيڪاريندي چيو.
”زليخان ۽ ختيجان واري ٽولي هڪ ڪن تي هٿ رکي ڳائي
رهيون.“
”هٿ رڱي آ مور، ميندي شان واري
ميندي شان واري، ادل مانَ وارو…“
زليخا ۽ ختيجان ڳائي رهيون هيون، لالي ۽ گڏي شيدڻ
ڪنهن مهل ڦيرڙي پائي، ٻانهن لمڪائي ناچ ڪري رهيون
هيون. ايتري ۾ گهوٽيتا ميندي کڻي اچي پهتا،
گهوٽيتن جو راڄ بغدادي واري پاسي لٿو هو، ناٿي کير
واري جي گهر کان مورڙي پوٽن جو گهر ذري گهٽ ٻئي
ڇيڙي تي هو…
”لئي ٿڪائي ڇڏيو…“
ڊگهي گهٽي اورانگهي، ايندڙن مان گهوٽ جي پڦيءَ
هوريان چيو… ”آئين جو گهر ڪيڏو ڏور آ.“
هوريان هوريان گهوٽيتون سڀ وڏي ڏاڪڻ چڙهي مينديءَ
جي مانڊاڻ ۾ پهتيون، زليخا ۽ ختيجان جا سَهرا…
سامونڊي سيگل پکين جيان چوڏسائن ڏانهن اُڏرندا پئي
ويا…
”هٿ ونيءَ جا مينديءَ رتڙا!
گاني سدا رنگ لايو،
گهوٽ گهر آيو…“
پوءِ اوچتو ڀوڳ وارا سهرا شروع ٿي ويا، اِهي سهرا
ڪنوار جي ساهيڙين شروع ڪيا!
”مسقط مان ٻيڙي آئي،
جنهن ۾ اَيا انبُ!
آئون کايان کلي کلي!
توکي ڏيان ڏنڀَ!
چيڻو آءٌ ڇڙيندي سان!“
وري ٻيو سهرو ڳائڻ لڳيون:
”لئي لئي خُشان خشان!
ٻڌ لئي خَشان خشان!
شادي ٿئي ميلي ۾،
ڀت رڌان ڇيلي ۾!
زيبل کي ڇڪو کپي! مارل کي ڪڪو کپي! لئي خشان
خشان!“
تڏهن ڪلاچي ماءَ پڇيو، ”اهو ڳيچ ملير وارين
جوڙيو“، نه ماءَ، اسان ڪين جوڙيو آ، ڪيچ ويو
هيوسين، اتي لسٻيلي جي مڱڻهارين پئي اهي ڳيچ
ڳاتا…“
ڪلاچيءَ ماءُ خوشيءَ وارو زمانو ساريندي، هاڻ ڏکئي
وقت کي سارڻ لڳي، مورڙي پوٽين لاءِ: جن جي رڌڻي ۾
روز سڄا دوٿر، سُرمئي، پاپليٽ رڌبا ۽ تريا ويندا
هئا جيڪي سائي سُوئا ۾ چاڙهيل گانگٽن جو پلاءُ،
ڪِرُ ۾ پڪل مڇيون کينديون هيون سي اڄ لوجرن لاءِ
پيون سڪن!!
هُن سوچيو پئي، انهن پورهيت ڏوسين لاءِ، جيڪي پرهه
مهل مڇيون سوئڻ ۽ گانگٽن ۽ سانن ڇلڻ وارن ڪارخانن
۾ وينديون آهن جن جي چلهه هاڻ ٻه ويلا وساڻل رهي
ٿي.
مائي ڪلاچيءَ جي اکين آڏو، دور ايندا ۽ ويندا
رهيا. پنجاهه، سٺ، ستر، اسي، نوي ۽ هزاري، هزاري
واڌو ڏهاڪي وارا، ڏهاڪا منظر منظر ٿي اکين آڏو تري
آيا.
26 سالن تائين ملڪيتن جون ڪوڙيون دعوائون…
سرڪاري نوڪرين جا جاوا…
هر آمر جي حمايت…
سنڌي جمهوريت گهرن پيا…
موهن نگر جو مهان راڄ پُٽ ٽياس تي لٽڪيو پيو آهي…
جمهوريت گهرجي…
روڊ رستا رت هاڻا آهن…
آمر ڏند ڀيڪوڙي سوچي پيو…
اوهه! هي گنگا جمني!
سمورا گنگا جمني آمر جي کيسي ۾ پيا ٽپا ڏين ۽ پيا
اٽڪيون پتڪيون ڪن…!
ڪلاچي ماءُ سوچي رهي هئي، جن کي جيءَ ۾ جايون
ڏنيون سي ڦري ڦاڏا ٿي بيٺا آهن…!!
هجي ماني ته ٽڪر ڳڀو پٽي ڏيان!
هيءَ ته مَنُ آهي!
هانوءَ ۾ هٿ ٿا وجهن!
ڪلاچي ماءُ هوريان ڀڻڪيو!
”ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري.“
مائي ڪلاچي گلان کي ساريندي، ويچاريندي رهي…
”رات منهنجي ڌيءَ گلان منهنجي ڊيل، منهنجي هرڻ
اکيءَ کي سندس ٻارن چيو ته: ”امان! آکاڻي ٻڌاءِ.“
”ڪهڙي آکاڻي ٻڌايان…“
”امان شينهن ۽ لومڙيءَ واري“
وڏي پٽ چيو:
”نه نه امان اڄ گدڙ واري آکاڻي ٻڌائي.“
ننڍڙي پٽ ضد ڪندي چيو.
گلان پنهنجي پٽن کي آکاڻي ٻڌائڻ لڳي، وچ وچ ۾ جي
امان! جي امان! ضرور چئجو ۽ سمهي نه رهجو!
هڪ ملڪ ۾ گدڙ جا راڄ پيدا ٿي ويا، اهي گدڙ ٻئي
هنڌان آيا هئا…“ ”پٽ ٻڌين پيو“ ها امان!
هاڻ اهي گدڙ وڌي وڏو راڄ ٿي ويا هئا.
ڏرڙن جهڙين سوڙهين گهٽين مان نڪري اوچتو اوناڙون
ڪندا، پورهيتن، مزدورن، ضعيفن، عورتن تي حملا ڪندا
۽ وري انهن گهٽين ۾ گُم ٿي ويندا هئا. امان گدڙ
ائين ڪندا هئا.“ ٽنهي پُٽن گڏجي چيو!
”ها شروع شروع ۾ هو ائين نه ڪندا هئا، رڳو گِدرن
جي واڙين ۾ پيا نُوسيندا هئا.“
پوءِ پوءِ هوريان هوريان هو شهرن کي ويجهو ٿيندا ۽
گڏ ٿيندا ويا، هڪ ڏينهن پنهنجي گهر جي ڀت جي ڀرسان
ويهي اوناڙون ڪرڻ لڳا…
”ڇو امان؟؟“ وچئين پُٽ پڇيو.
”بابلا شهر جا ڪتا جي ڀاڙيا ٿيندا ته پوءِ گدڙ
ضرور گهرن جي ڀرسان پهچي اوناڙون ڪندا ۽ گِرندا…“
”پوءِ امان ڇا ٿيو!“ ننڍڙي پٽ پڇيو.
”پوءِ آءٌ نانا واري ڪهاڙي کڻي پويان لڳس…“
”پوءِ وري امان ڇا ٿيو!“ وڏي پٽ پڇيو!
”هڪڙي گدڙ کي ڪهاڙي لڳي ۽ ٻيا ڀڄي ويا.“
ٻار ڪهاڻي ٻڌي سمهي رهيا… رات جي پوئين پهر ننڍو
پُٽ ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺو!
امان! امان! هُو ڊپ مان هٻڪندي چوڻ لڳو!
”گدڙن جي پويان بگهڙ به آهي، مون ڏٺو ته گدڙ ته
وٺي ڀڳا،
پر بگهڙن اسان تي حملو ڪري ڏنو!“
”ماٺ ڪري سمهي رهو“، گلان ننڍي پُٽ جي پٺيءَ
ٺپيندي چيو…
ڪلاچيءَ ماءُ ويچارڻ لڳي…
”اهي مانگر ڪيترا مورڙي جا ڀائر ماريندا!؟
اهي بگهڙ ڪيترين گُلائن کي رت ۾ وهنجاريندا؟ هاڻ
مورڙي کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو!! ڪلاچيءَ ماءُ وڏي
سر چيو:
”ڌرتيءَ جي مام مُئي ڪانهي، هوءَ اهي دلير پٽ ۽
ڌيئر ڄڻيندي رهندي.“
ڪلاچيءَ ماءُ ڏٺو ته:
اوچتو سڄو شهر گدڙن ۽ بگهڙن سان ڀرجي ويو، گدڙ
اوناڙون پيا ڪن ۽ بگهڙ رومڙ ڪيو موهن واسين ڏانهن
ڊوڙن پيا…!!
سدرة المنتهيٰ
ڪردار
اڄ پراڻو اسٽور ڪنهن بهاني سان کوليو هو ۽ ملاقات
ٿي وئي پنهنجي پراڻين يادن سان، يعني ته پنهنجي
ساهيڙين سان، ڊائرين، ڪتابن ۽ ڪاپين سان، جيڪي
پراڻي اسٽور روم ۾ وقت جي دز ۾ لٽجي ويون هيون. ڪي
ڪهاڻيون رائيٽنگ ٽيبل جي خانن ۾ ته ڪي ليٽر پيڊ،
ٽيبل جي سيرانديءَ کان اٻاڻڪا ستل هئا. ڪي ڪاغذن
جا ڍير فرش تي وکريل پنهنجو داستان ٻڌائي رهيا
هئا، مون کي ڪجهه وقت پهرين فوٽ پاٿ تي ستل ٻار
ياد اچي ويا، ڪاغذن جا ڍير ڪٺا ڪري ميڙڻ چاهيم،
ائين لڳو ڄڻ فوٽ پاٿ تان ٻارن کي پنهنجي ٻانهن جو
سهارو ڏئي اٿاري رهي هجان، ڪاغذن تان دز هٽائيندي
ائين لڳو ڄڻ ٻارڙن جي ڳلن تي پيار سان هٿ ڦيريو
هجيم، ڪاغذن جي اٻاڻڪن لفظن مان اداس احساس ائين
ڇڻي ڪِريا، جيئن ٻارڙن جي اکين مان ڳوڙها ڪري
پوندا آهن.
ڪاغذن کي پنهنجي سيني سان لڳايم ته عجيب قسم جو
احساس جاڳيو. ڪاغذن تي وڇايل لفظ مون سان ملي ڪري
روئي رهيا آهن. ڊائري کوليم، جنهن ۾ گهڻيون
حقيقتون ساهه کڻي رهيون هيون، ڪتاب پٽيندي احساس
ٿيم ته ڪيڏو نه وقت ٿي ويو ڪتاب ناهي پڙهيو. شايد
شادي کان پوءِ هڪ ٻه دفعو ئي پڙهڻ جو وقت مليو هو.
سوچيم ڪو وقت هو جڏهن منهنجي دنيا انهن تائين ئي
محدود هئي. ان کان پوءِ......
۽ هاڻي انهن سان ملندي ڪئين سال گذريو وڃن.
ڪيترين مصروفيتن جا بهانا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کان به
وڇڙي وڃڻ جو ڏک آهي. اڌورين ڪهاڻين ڏانهن نهاريم،
پنهنجن اڌورن افسانن جو حال پڇڻ چاهيم ته سمورا
ڪردار اٿي زندهه ٿيا، ۽ مون سان ملي زاروزار روئڻ
لڳا، منهنجا پيارا ڪردار جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ذهن تي
دستڪ ڏيندا هئا. شايد مون کي جاڳائڻ جي ڪندا هئا.
پوءِ بيزار ٿي اچي پاڻ ئي سمهي پيا!
هاڻ جي جاڳيا هئا ته سڄو اوٻر نڪري رهيو هو. هو سڀ
روئي ۽ مون سان ڪيڏيون نه شڪايتون ڪري رهيا هئا.
ڏک هئن منهنجي بيوفائيءَ جو، منهنجي خود غرضيءَ ۽
لاپرواهيءَ جو. ڪيڏو نه مياري ڪري ڇڏيائون، آءٌ به
روئي پيس. سندن جدائي تي، يا ته پنهنجي لاپرواهيءَ
تي!
منهنجا پيارا ساٿي جيڪي سدائين اڪيلاين جا ساٿي ٿي
رهيا هئا. جن کي مون زندگي سيکاري يا جن مون کي،
اسان سڀ ملي ڪري پنهنجي موت تي روئڻ لڳاسين. جڏهن
خوب رناسين تڏهن سهولت سان پاڻ کي ۽ هنن کي الڳ
ڪيم. ڪاغذن جا ڍير ٻڌي رکيم، ڊائري خاني جي حوالي
ڪيم.
ڪتابن کي ترتيب ڏئي رکيم، هڪ خالي ڪاغذ کنيم ۽
معذرت نامو لکڻ ويٺس پنهنجي پيارن کي. انهن جي
شڪايتن، محبتن ۽ خواهشن جي جواب ۾ مون وٽ فقط
دلاسا ۽ بهانا هئا ۽ ڍير ساريون مجبوريون! ٻڌايو
مانِ، منهنجا پيارا ساٿيو، منهنجا ڪردار، سڀ کان
پهرين منهنجو معافي نامو قبول ڪريو. ان کان پوءِ
آءٌ توهان کي ڇا ٻڌايان ته اڻپورين ڪهاڻين کي لکڻ
لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ زندگي ته ڪافي ناهي، ڪيتريون
زندگيون کپن... ۽ منهنجا پيارا ساٿي منهنجي
مصروفيتن جي ته توهان کي خبر ئي آهي. منهنجن ڪمن ۽
ذميدارين کان ته توهان خوب واقف آهيو، جي نه ته
آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿي ته منهنجي مصروفيتن جو ڇا
عالم آهي. ڪيڏا نه ڪم ٿين ٿا روز جا، منهنجا ساٿي
ڪردار توهان کي ڇا خبر ته هاڻي مون کي آئيني ڏسڻ
جو به وقت نٿو ملي، خبر ناهي وقت ايڏو تيز ٿي ويو
آهي يا ڪم وڌي ويا آهن. جو اهڙي حالت ۾ پنهنجو پاڻ
به پاڻ کان ويڳاڻو آهي. زندگي عجيب افراتفري جو
شڪار ٿي وئي آهي. صبح کان رات تائين مشيني پرزن
وانگر چرپر جي مشين ٿي رهجي ويا آهيون.
ڇا ٻڌايان ۽ ڪيئن صبح ٿيندي ئي ڪمن ڪارين جي فهرست
کليو وڃي. اٿڻ ساڻ ئي ٻارن کي تيار ڪري، ناشتو
ڪرائي اسڪول موڪلڻ جي ذميداري مان آجي ٿي، گهرواري
جي ذميداري ۾ لڳي ويندي آهيان. عليءَ جي آفيس وڃڻ
کان پوءِ به ڪيترا ڪم اڌورا ڇڏي آفيس وقت تي پهچڻو
هوندو اٿم. پاڻ ته ناشتو ڪرڻ جو وقت به مشڪل سان
ملندو اٿم.
آفيس پهچندي پهچندي به الائي ڪيترن چهرن جي حوس
جون اکيون نشانو بڻبيون آهن ۽ آفيس پهچي جلاد جهڙي
باس جو ٽڪراءُ جيڪو هاڻ، مجبوري ٿي پيو آهي. هر
لمحو پنهنجي حفاظت جو خيال ڪڏهن ٿڪائي ڇڏيندو آهي،
روز صبر ۽ جبر جي پاڻ کي پٽي پڙهائيندي رستو گهٽبو
آهي. گهر پهچي سڀ اڌورا ڪم خيالن کي مصروف ڪري
ڇڏيندا آهن. گهر جي حالت ڏسڻ واري هوندي آهي. ڪِچن
۾ ٿانون جو ڍير، ڊائيننگ ٽيبل تي شيون وکريل جيڪي
فوري سيٽ ڪرڻيون هونديون آهن. ٻارن جي اسڪول کان
موٽڻ جو به اهوئي وقت هوندو آهي ۽ علي جي واپس ورڻ
جو به، منجهند جي ماني ٺاهڻ جو الڳ ٽينشن..... ڇا
ٻڌايان توهان کي ائين ئي ڪمن ڪارين ۾ رات به ٿي
ويندي آهي وري ٻارن جا ڪپڙا پريس ڪري مس ئي سمهڻ
جو وقت ملندو آهي. ڪڏهن ته ننڊ منهنجي ئي تلاش ۾
پئي گهمندي آهي ته ڪڏهن آءٌ ننڊ کي سڏيندي سڏيندي
بي حال ٿي پوندي آهيان. دماغ ۾ فقط حالتون حاجتون،
ضرورتون ۽ ذميداريون پيون ڦرنديون آهن، ۽ شڪايتون
جيڪي عليءَ کي مون سان آهن سڄو ڏينهن چڪيءَ ۾
پيسجڻ ۾ تمام ٿيو وڃي ۽ رات جو هن جون شڪايتون وقت
نه ڏيڻ جون ڪيتريون ئي شڪوه شڪايتون، ڏينهن جو
ٻارن جو موڊ آف، ڊنر ۾ ڪجهه سٺو نه ٺاهيو ته بک
هڙتال ۽ نيرن ڪرڻ کان ته هنن ٻارن کي الائي ته
ڪهڙي چڙ آهي ۽ منجهند جي مانيءَ جي وڏي فرمائشي
لسٽ، عليءَ جي جدا پسند، ٻارن جي جدا، مدد لاءِ
ڪئين ڪوڪنگ مئگزين ڍير ڪري ڇڏيا اٿم، ايڏي محنت
کان پوءِ اگر ٻارن جي مُنهن تي مرڪ ايندي آهي ته
ڄڻ سڄو ٿڪ لهي پوندو اٿم پر، جي اها پيشڪش به قبول
نه پئي ته هنن کان ڇا پنهنجو پاڻ کان بيزار ٿي
پوندي آهيان، ۽ صبح، وري ڪو نئون ٽينشن کڻي ايندو
آهي، سڀاڻي ڪٿي پارٽي آهي يا شادي جو فنڪشن يا ڪا
ٻي گڏجاڻي، يعني هڪ نئون سيڙاپو، فضول خرچي الڳ،
هڪ نئون سوٽ ميچنگ، نيون شيون ٻارن لاءِ، فيشن جا
تيزي سان بدلجندڙ ڊيزائين ۽ چمڪندڙ دڪان جنهن تي
نت نيون شيون ڏسي خواهش طلب کان به اڳيان نڪريو
وڃي. مختصر بجٽ بچائڻ جا سمورا پلان اتي جو اتي
رهجيو وڃن، هر واٽ تي کليل سيلون پاڻ کي ريپئر
ڪرائڻ جي خواهش وڌائي پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺي.
روز ڪو نئون خرچ، نئون فڪر، جنهن لاءِ مشين وانگر
ڪم ڪرڻو پوي ٿو، تڏهن به الائي ڇو اسان جون
ضرورتون وڌنديون ٿيون وڃن. اهڙي حالت ۾ ڄڻ
بيماريون به ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اسان سان گڏ شامل
هجن. هتي هُتي هلندي ويهندي خبرناهي ڪٿان چهٽيو
ٿيون وڃن ۽ ائين ٿيون چنبڙي پون جيئن ڪو وڇڙيل
ساٿي ملندو آهي. جيستائين اسپتالن جا بل ڀرائين،
ڊاڪٽرن جا کيسا گرم ٿين، دوائن جون فيڪٽريون هلن،
تيستائين جان ئي نه ڇڏين پوءِ به ڇڏينديون ائين
آهن ڄڻ وري ملڻ جي اميد ڏيو وڃن، عجيب ڪيفيتون آهن
۽ اسان جيئن بهتر ٿيون کوڙ سارا ڪم اٿيو کڙا ٿين.
هاڻي اهڙي صورتحال ۾ منهنجا پيارا ڪردار توهان ئي
ٻڌايو ته اڻپورين ڪهاڻين کي مڪمل ڪرڻ جو وقت ملي
به ته ڪيئن؟
مڃان ٿي ته اڻ پوريون ڪهاڻيون ڏاڍو ئي اتساهين
ٿيون..... پاڻ ڏانهن ڇڪين به ٿيون ڪڏهن خواب ته
ڪڏهن خيالن ۾ ملن ٿيون... پريشان به ڪن ٿيون ۽
سڪون به ڏين ٿيون پر سچ ته اهو ئي آهي ته ٻيون
سڄيون ذميداريون ۽ ڪم بازي کٽيو وڃن. هاڻي اهڙي
حالت ۾ ڪا سچي ڪهاڻي لکان به ته ڪيئن، ان ڪري اي
منهنجا ساٿيو منهنجون مجبوريون سمجهي مهرباني ڪري
منهنجي معافي نامي کي قبول ڪريو. اها منهنجي توهان
کي درخواست آهي.
توهان جي ساٿي، توهان جي پنهنجي توهان جي ليکڪا
معافي نامو پنهنجي پراڻي فائيل ۾ رکيم، فائيل
ڪتابن ۽ ڪاغذن جي وچ ۾ محفوظ ڪيم، غير ضروري شيون
اسٽور ۾ بند ڪيم.
هڪ الوداعي نگاهه پنهنجي ڪردارن ڪهاڻين، ڪتابن،
ڪاپين ۽ ڊائرين تي وڌم، ۽ دروازنو بند ڪيم، يادن
جو باب بند ٿي چڪو هو، سوچيم منهنجو معافي نامو
قبول ڪيو ويندو. سڀ ڪجهه ڪردارن سان شيئر ڪري هلڪي
ٿي ويس، سوچيم هاڻي نه روئيندا، نه شڪايت ڪندا، ۽
پنهنجي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندا ۽ مان روز جي ڪمن ۾
گم ٿي ويندس. وقت ڏٺم منجهند شام ۾ مٽجڻ تي هئي.
اڄ جي موڪل پنهنجي يادن سان گهاريم، ڪمري مان ٻارن
جا آواز اچي رهيا هئا. مون يادن کي سمهاري پنهنجو
ذهن جاڳائي ٻارن کي سڏيو. اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ
هفتي جي شام ايڏي اجري اجري ۽ فريش فريش پئي لڳي،
گهڻن ڏينهن کان پوءِ علي ۽ ٻار خوش خوش ٿي لڳا ۽
هوا به ايڏي ٿڌي ٿڌي..... سمورا ٿڪ وساري شام ۾ گم
ٿي ويس.
رات جو ڪو پهر هو، شايد پويون پهر... مون کي شايد
اڃ لڳي هئي پاڻي پيئڻ لاءِ اٿيس، علي ۽ ٻار گهري
ننڊ ستل هئا، ڪمري کان ٻاهر هُو سڀ ڪنهن اٽل حقيقت
جيان منهنجي آڏو اچي بيٺا هئا، اهي سڀ ته منهنجي
اڌورين ڪهاڻين جا ڪردرا هئا، مون سوچيو شايد
منهنجي ذهن تي ننڊ جو خمار آهي يا وري ڪو خواب ڏسي
رهي آهيان، ۽ جيئن سمهڻ لڳيس ڪجهه آوازن وري ڌيان
ڇڪايو مون ته دروازو به بند ڪيو هو، پوءِ هي سڀ
اندر ڪيئن آيا. مون اڃا اهوئي سوچيو هو ته هُو سڀ
منهنجي اوسي پاسي کان جاءِ ٺاهي ويهي رهيا ۽
ڳالهائڻ لڳا.
ساٿي: اسان تنهنجو معذرت نامو پڙهيو آهي، اسان
پنهنجي موت جو توسان افسوس به ڪرڻ آيا آهيون، ٻي
صورت ۾ توکان زندگي جي خيرات به وٺڻ آيا آهيون!
سڀ افسوس مان مون ڏانهن نهارڻ لڳا. پهرين ته انهن
منهنجي مسئلن تي افسوس ڪيو. حالتن جي تنگي ۽
مهانگائي تي افسوس ڪيو، پوءِ منهنجي حالت تي
همدردي ظاهر ڪئي، ان کان پوءِ مون کي احساس
ڏياريائون پنهنجي هئڻ جو، توکي خبر آهي ساٿي اسان
هر وقت توسان گڏ رهندا آهيون. تون جڏهن صبح جو
جاڳندي آهين توسان گڏ جاڳندا آهيون، ڪم ڪرڻ وقت
تنهنجو ڌيان مٽائيندا آهيون، ڪپڙا پريس ڪندي آهين
تڏهن به توسان ئي گڏ هوندا آهيون، شام جي چانهه
توسان گڏ پيئندا آهيون، رات جي مانيءَ ۾ تنهنجي
مدد ڪندا آهيون ۽ جڏهن تون واندي ٿي ليٽڻ لڳندي
آهين تڏهن به توسان ئي گڏ هوندا آهيون، تنهنجي
اوسي پاسي ويهي رهندا آهيون، سمهي پوندي آهين ته
خوابن جي رستي تان توکي سڏيندا آهيون... هر وقت
تنهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.
توکي آواز ڏئي سڏيون ٿا، پر تون اسان کان ويڳاڻي
ٿي رهين... تون الائي ڪهڙن خيالن جي دنيا ۾ ٿي
رهين... اسين ته تو وٽ ئي ٿا رهون. توسان گڏ کلون
۽ روئون ٿا.... تون سمجهين ٿي ته اسان کي اسٽور جي
خانن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ته اسان توکان پري ٿي
وينداسين. پر توکي خبر ناهي اسان توسان ڪيڏو نه
پيار ڪريون ٿا! اسان ائين ئي توکي چاهيو آهي جيئن
تون ڪڏهن اسان سان پيار ڪندي هئينءَ.
ڪردارن جون اکيون آليون هيون منهنجون به ٿيڻ
لڳيون. توکي ياد آهي پياري ساٿي! جڏهن تو نئون
نئون لکڻ شروع ڪيو هو ۽ تون لکندي هئين انقلاب جون
ڪهاڻيون، خوابن جون ڪهاڻيون... ڪيڏا نه ستارا
سجايا هئا تو ادب جي آسمان تي.
ڪيڏيون روشنيون وکيري ڇڏيون هيون تو لفظن جا ڏيئا
ٻاري... پهرين ڪهاڻي جڏهن لکي هئي جڏهن اڃان توکي
ڪهاڻي لکڻ نه ايندي هئي. ڪهاڻي هئي زمين جي.....
ان تي رهندڙ ماڻهن جي... ماڻهن جي ڏکين مسئلن
جي.... ۽ تو انهن مسئلن جا سمورا حل پيش ڪيا هئا.
ڪهاڻيون رنگ وکيرينديون ويون..... ۽ اسان جو جنم
ٿيندو ويو... اي اسان جي عظيم تخليق ڪار.... اي
اسان جي امڙ، تو اسان کي هٿ کان جهلي وقت جي
سرزمين تي قدم ڄمائڻ جو گُر ڏنو، تو اسان جي اکين
۾ ڪيترا نه اميد جا ڏيئا روشن ڪري ڇڏيا هئا....
اسان جي ننڊن ۾ ڪيڏا نه خوبصورت خواب رکي ڇڏيا.
اسان کي آزاديءَ جو احساس ڏنو ۽ احساس ڏنو زندگيءَ
جو، اسان کي تڏهن ئي پنهنجي صلاحيتن جو احساس ٿيو
هو.....
تو اسان کي اسان جي سڃاڻپ ڏني، اسان جي هٿن ۾ عزم،
دلين ۾ حوصلا، ذهن کي پختگي، سوچن کي روشني ۽ پٿرن
کي هٽائڻ جو هنر ڏنو:
ان کان پوءِ تون اسان جي سڃاڻپ هئينءَ اسين
تنهنجي.... زندگي ڪاغذن تي جاڳي پئي هئي.....
اي اسان جي تخليقڪار جيڪڏهن توکي ياد هجي ته.....
پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو آيو اسان جي امان... جي تون
اسان کي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو، منزل ته ڏور... پر
راهون ڪيڏيون نه ڏکيون هيون جڏهن تو اسان کي ڇڏيو
هو.
اسان توکي ڳوليندي رستا ماپيندي اٿندي، ڪرندي،
ٿاٻا کائيندي ۽ پٿر ڍوئيندا رهياسين.
امڙ اسين ته توکي ڳوليندا رهياسين پر تون نه
ملينءَ.... ۽ نه ئي مليو تنهنجو ڪو ڏس پتو. ائين
ته پنهنجي دنيا ۾ غائب ٿي وئي هئينءَ جي وري به نه
ڏٺئي.
رستي ۾ ڪيترن دغا بازن جي ور چڙهياسين... وڏيرن
ظالمن جو نشانو ٿياسين، هٿ لڳاسين منافق ماڻهن جي،
جن اسان جون دليون ته ڇا پر شڪليون به ڦيرائي
ڇڏيون، ڇا هئاسين... ۽ ڇا ٿي ويا هئاسين.
پوءِ ائين ٿيو جو تو پڪڙي هڪ قيد جي حوالي ڪيو،
ڪڏهن ميز جي خانن ۾ ڪڏهن فرش تي بي حال ٿي ڏک ۾
روئيندا رهياسين. ڪڏهن ڪتابن سان گڏجي اڪيلائي
ونڊيندا رهياسين... سالن کان پوءِ ائين ٿيو... جو
تون ملينءَ. باغ بهار ٿي پياسين.... توسان ملي
ڏاڍو رناسين.
تو دلاسو ڏنو ته ڄڻ سمورا غَمَ درد لهي ويا اسان
جا.
پر معافي نامو اسان کي ڏئي تون وري پنهنجي دنيا ۾
مگن ٿي وئينءَ.... شام ڪيئن گذري... رات ٿي
توڏانهن موٽيا آهيون...
مون هنن کي پاڻ سان لڳائي وري کين تسلي ڏيڻ
چاهي....
اسان جي ماءُ اسان کي تنهنجي سخت ضرورت آهي، هاڻي
اسان کي نظر انداز نه ڪجانءِ.
ڪردارن جا ڳوڙها اگهي پرچايم ۽ چيومانِ ته هاڻ
ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندس، هاڻي توهان آرام ڪريو
۽ مون کي به سمهڻ ڏيو. سڀاڻي ڪنهن ڪاغذ قلم جي
ذريعي ملنداسين. پنهنجو خيال ڪجو، هُو مون کي
پنهنجو خيال ڪرڻ جي تلقين ڪري راضي ٿيا!
صبح، معمول جي افراتفري ۾ گذريو... شام ٿي وئي
ڪجهه ذهن ۾ هرندو رهيو پر ياد نه آيم... ڪو خيال
پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهيو، پر ڪمن سوچڻ نه ڏنو، رات
ٿي وئي. سمهڻ جو وقت ٿيو، ٿڪ انگ انگ ۾ رچي ويو هو
ڪالهه رات جو اوجاڳو به هو. سمهڻ چاهيم ته ساڳيا
ڪردار جاڳي پيا منهنجي اوسي پاسي اچي جمع ٿيا.
۽ ورجائڻ لڳا ساڳيو ئي داستان..... ڪجهه دير لاءِ
اکيون آليون ٿيون، پنهنجي ۽ هنن جي بيوسيءَ تي
روئڻ به آيو... پر ٿڪ سڀني شين تي غالب اچي ويو ۽
ڪجهه صبح اٿڻ جو خيال، ذميدارين جو ويچار به هو.
ڳالهيون پاڻ ۾ منجهڻ لڳيون هيون......
ڪردار منهنجو هٿ پڪڙي ڳالهائيندا رهيا خبر ناهي
ڪيستائين......
۽ مون کي سدائين جيان ڪردارن سان ڳالهيون ڪندي
ڪندي ننڊ اچي وئي! |