سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :19

بخشل باغي

ديوانِ گُل

(خليفي گُل محمد ”گُل“ هالائي جي غزل تي هڪ نظر)

سنڌ کي ڀٽائيءَ جي لازوال شاعريءَ، نئين زندگي ڏيئي، فڪر ۽ فهم، اعليٰ شعور ۽ اُتم آرٽ سان سلهاڙي ڇڏيو. اُها شاعراڻي لاٽ صدين جو سفر طيءِ ڪندي، دلين ۽ دماغن کي روشن ڪندي، پنهنجو منطقي معراج ماڻيندي پئي آئي آهي. ڀٽائي پنهنجي شاعراڻي اسلوب، ٻولي ۽ ٻين شاعريءَ جي اهم مُحرڪن کي پنهنجي وشال ۽ اُتم اظهار، مُشاهدي ۽ مطالعي جي رنگ ذريعي اهڙو ته پنهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو، جو پاڻ کان اڳ توڙي پوءِ وارو شاعرن جي شاعراڻي اظهار واري اسلوبي سُڃاڻ سندس نالي سان جُڙي سون تي سهاڳو بڻجي پئي آهي. مطلب ته سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل دؤر تي ڀٽائي پنهنجي مُنفرد شاعراڻي مُهر ثبت ڪري، اُن تي ڇانئجي ويو آهي. ڀٽائي کان اياز تائين واري عرصي دوران ڪيترائي شاعر آيا ۽ ويا، جن مان گهڻن شاعرن جو ته مواد به نٿو لڀي، ۽ جي ڪن جو مواد ملي به ٿو ته اُهو به ڪجهه شعرن جي صورت ۾، توڙي جو دنيا جي قديم ادبي تاريخ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب پنهنجي تاريخ جي اعتبار کان انتهائي ننڍڙي ڄمار لڳ ڀڳ پنج سؤ سالن جي عرصي دوران، کوڙ سارن، لاهن ۽ چاڙهن مان گذريو آهي، پر تنهن هوندي به پندرهين صدي عيسويءَ کان تحرير صورت ۾ مليل پندرهينءَ صديءَ جي اهم ۽ وڏي شاعر قاضي قاضن جي ستن بيتن کان سنڌي شاعريءَ ۽ ادب جي هڪ مڪمل تاريخ جنم وٺي اڄ تائين سفر ڪري آئي آهي، توڙي جو 1975ع ڌاري هندستان جي هريانه صوبي جي ڪنهن مَٺ مان هند ۽ سنڌ جي محقق ۽ اديب هيري ٺڪر، قاضي قاضن ۽ ٻين کوڙ سارن شاعرن جو ڪلام هٿ ڪيو هو، ۽ لڳ ڀڳ هڪ سؤ ٻارهن يا سورهن بيت قاضي قاضن جي ڪلام جو حصو ڄاڻايا ويا ۽ اُنهن تي تحقيق هلندڙ آهي. ۽ هاڻ اسان جڏهن اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي جي حيرت انگيز دؤر ۾ جيڪو شاعراڻي ترقيءَ ۽ اُڏام جو سفر ڪري رهيا آهيون ته اُن سفر جون جڙون به هر حوالي سان پنهنجي ڪلاسيڪي سرمايي واري دؤر جي ادبي ريتن رسمن ۾ ئي گهريون کُتل ملن ٿيون. روايتي دؤر جي شاعريءَ کان وٺي جديد دؤر جي شاعراڻي مثبت تبديليءَ تائين ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي اندر جي اظهار کي ڪنهن نه ڪنهن طرح پائيدار ۽ اثرانداز بڻائڻ لاءِ شاعريءَ جا مشڪل کان مشڪل ڪشالا پئي ڪٽيا آهن. ۽ سنڌي ادب کي مختلف صنفن جي زيورن سان پئي سينگاريو آهي، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته، اُهو سينگار اڪثر ڪري سنڌي شاعريءَ جي سُونهن ۾ وقتي جٽاءُ پئي ڪري سگهيو آهي. ۽ گهڻي قدر اُهو وقت جي ورقن ۾ دزجي سٿجي رهجي ويو آهي، پر پوءِ به آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن جو ڪلام پنهنجي روايتي رنگ ۾ به اڄوڪي جديد سنڌي شعري سرمايي ۾ پنهنجي اهميت ۽ آفاديت ضرور رکي ٿو، اُنهن شاعرن ۾ خليفي گُل محمد ”گُل“
هالائيءَ جو نالو به پنهنجي الڳ خوشبوءُ سان حواسن کي معطر ڪري ڇڏي ٿو.

”خليفو گُل محمد- هالن پُراڻن جي ”سانوڻي آخوندن“ جي خاندان مان هو. پاڻ 1226هه/1811ع ۾ پيدا ٿيو. سندس گهراڻي جا وڏڙا، پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن. خليفي صاحب جي ابتدائي، ننڍپڻ جي زندگيءَ جو ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي. ليڪن سندس شاعريءَ کي ڏسي، اهو چئي سگهجي ٿو ته، سندس تعليم ۽ تربيت عُمدي نموني ۾ ٿي هوندي. پاڻ عربي، پارسي ۽ سنڌي ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو، علم تصوف جي رازن ۽ رمزن کان به گهڻو واقف هو، ۽ اُن طرف سندس دلي لاڙو هو. پاڻ ان وقت جي وڏي پير طريقت، ۽ بزرگ ۽ پير صاحب پاڳاري سيد علي گوهر شاهه (اول) جو مُريد هو. سيد علي گوهر شاهه، پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو شاعر هو. ۽ پنهنجي ڪلام ۾ ”اصغر“ تخلص استعمال ڪندو هو.

ميان گُل محمد کي پنهنجي مرشد کان خلافت جو خرقو عطا ٿيل هو. انڪري پاڻ ”خليفي گُل محمد“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

خليفي گُل محمد سنڌي زبان ۾ جديد عروضي شاعريءَ جو باقاعده بنياد رکيو، ۽ پنهنجو ڪلام سنڌي زبان ۾ ”ديوانِ گُل“ جي نالي سان مرتب ڪيائين. خليفو صاحب حجاز مُقدس جي پاڪ سرزمين جي زيارتن جي شوق سان حج لاءِ سنبريو. اُنهيءَ ارادي سان سن 1272هه/1855ع ۾ بمبئيءَ ويو، جتي هن پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو ”ديوانِ گُل“ ليٿو ۾ شايع ڪرائي، سنڌ طرف روانو ڪيو. اُن کان پوءِ پاڻ حجاز مُقدس جي طرف روانو ٿي ويو. جتي هِن 47 سالن جي عمر ۾ 1273هه/1856ع ۾ وفات ڪئي ۽ مڪي مُعظم ۾ مدفون ٿيو. سندس اولاد مان خليفو ميان احمد پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سنڌي زبان ۽ ادب ۾ خليفي گُل محمد جي شاعريءَ کي اهو شرف حاصل آهي، جو سندس شعر علم ۽ عروض تي مُبني آهن ۽ سندس مجموعو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ”ديوان“ آهي. هيءُ سمورو ديوان الف – ب وار ترتيب ڏنل آهي، سندس شعر علمي ۽ ادبي لحاظ کان بهترين آهن، خليفي گُل محمد فارسي زبان ۾ پڻ شاعريءَ جي مشق ڪئي آهي.“ (وکريل وَٿون) (1)

”سنڌيءَ ۾ غزل ڪهڙي شاعر آندو، تنهن تحقيق جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته وقت جي وَهڪ سان ڪلام به وَهي هليو ويو آهي، محمد خان غنيءَ 1936ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي جديد شاعري“ ۾ ارڙهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ حيات (1717ع) نُورمحمد ٽِکڙائي (خسته) کي سنڌ جو پهريون غزل گو شاعر سڏيو آهي. مرزا تقي، حافظ عالي (وفات 1778ع) جن جو ڪوبه غزل مُيسر ڪونهي ۽ ميان ڇَتن اُن دؤر جي غزل جا شاعر ليکيا ويا آهن. يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾ (1784-1700ع) غزل لکڻ جي شروعات ٿي چڪي هئي. سچل سرمست (1827-1739ع) به غزل لکيو آهي. سچل، عربي ۽ پارسي جو عالم هو. اُن ڪري عربي، پارسي غزل جي رمزن کان پوريءَ طرح واقف هو، علم عروض تي هن جو عُبُور هو ۽ ائين چوڻ  غلط نه ٿيندو ته سنڌيءَ ۾ ڀرپور نموني غزل سچل ئي آندو. ڀلي پوءِ ڪٿي ڪٿي غزل تي ”ڪافيءَ“ جو سَرو ڏنو ويو آهي. هن جا چڱا غزل مُيسر آهن. جن ۾ ڪٿي نِج سنڌي ٻوليءَ جو هُڳاءُ اچي ٿو ته ڪٿي وري پارسيءَ جو اثر نمايان آهي، پر سنڌيءَ ۾ پهريون غزلن جو ديوان (175 غزل) خليفي گُل محمد گُل جو آيو. گُل سنڌي غزل کي پُختو بنياد ڏنو. هُن جي ٻولي به سچل جي ٻوليءَ جيان ڪٿي نج سنڌي ته ڪٿي پارسي زده آهي، پر غزل جي مواد ۾ هُو ايراني اثر کان آجو آهي. هُن سنڌي غزل کي سنڌي تهذيب جو جامو پهرايو. ”گُل“ کان پوءِ غزل ڪڏهن پُٺيان ڪونه نهاريو. لڳاتار اڄ تائين غزل حد مقبول صنف رهي آهي. اياز قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ (ڀاڱو ٻيو) ۾ صحيح نموني غزل جو اُهو وقت گُل جو دور“ ڪري مڃيو آهي. حالانڪ ٻين ڪيترن شاعرن، غزل لکيو آهي. جيئن سيد غلام علي شاهه، مير صوبدار خان ”مير“ (1846-1802ع)، مير نصير خان جعفري (1845-1804ع)، مير شهداد خان ”حيدري“، مير حُسين علي خان ”حُسين“ وغيره.“ (ورهاڱي کان پوءِ غزل) (2)

سنڌي شاعريءَ ۾ غزل کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي ۽ هاڻ غزل سنڌي شاعريءَ لاءِ لازم ۽ ملزوم ۽ اهم ترين صنف بڻجي چڪو آهي. بلڪ هڪ شاعر لاءِ غزل ۾ پنهنجو اظهار ڪرڻ ۽ اُن جي ٻين مِڙني ضرورتن کي ڀرپور انداز سان پيش ڪرڻ ڄڻ ته شاعر لاءِ هڪ امتحان بڻجي پيو آهي. ۽ وري جي ڪو شاعر غزل کي دسترس رکندي، اُن جي فارسي زده مزاج کي تبديل ڪري پنهنجي ديس جو ون ۽ واس سمائي ڇڏي ته اُهو ڪارنامو، ۽ تجربو اُن شاعر جي تخليقي صلاحيتن جو ڪرشمو بڻجي پئي ٿو. ۽ اهڙا تجربا خليفي گُل محمد هالائي کان وٺي شيخ اياز، نارائڻ شيام، وغيره تائين سنڌي شاعريءَ جي فني، تخليقي ۽ ڀرپور شاعري هُجڻ جي ساک ڏين ٿا.

خليفي گُل محمد ”گُل“ هالائي جو ”ديوان گُل“ ۾ ڏنل غزل هڪ نئين سفر جي نشاندهي ڪري ٿو. اهڙي نشاندهي جيڪا ان کان اڳ سنڌي غزل جي ڪئنواس تي ڪڏهن به ثابت نه ٿي سگهي هئي. ڇاڪاڻ جو ”گُل“ غزل جهڙي ٻاهران آيل اوپري صنف کي پنهنجائپ جي رنگ ۾ رنگڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اُها مان سمجهان ٿو ته سنڌي غزل جي مختصر تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿي. اڄ جو پڙهندڙ ڀلي ڇو نه اُن غزل کي روايتي غزل جو چرٻو چوي، پر شيخ اياز جهڙي سنڌي شاعري جي اهم ترين شاعر به ”گُل“ جي غزل کي نظرانداز نه ڪيو آهي. بلڪ اياز چوي ٿو ته ”گُل کان سواءِ سانگيءَ ۽ گدا کان ابراهيم ”خليل“ ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چار شعر چڱا به نه چئي سگهيا آهن.“ (ڏيئا، ڏيئا لاٽ اسان، ص 31)

شيخ اياز، ”گُل“ جي غزل کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڇاڪاڻ جو ”گُل“ غزل ۾ ترڪيبون، ٻولي، تشبيهون، استعارا پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي مان کنيا آهن. هُن ٻوليءَ جي نِج ۽ ڀرپور استعمال ڪري، غزل مان اوپرائپ جو احساس مٽائي ڇڏيو آهي. گُل جي غزل تي ڪافي ۽ بيت وارو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. هُن جي شاعريءَ ۾ مُحرڪ خدا جي ذات صفات ۽ ساڻس عشق ۽ محبت جو مُقدس جذبو نمايان آهي. هُن جي غزل ۾ اهم خوبي نج سنڌي ٻوليءَ جو ڀرپور استعمال آهي. اُن کان علاوه ڪٿي ڪٿي اڄ جي دؤر جي جديد رائج شعري ٻولي پڻ ملي ٿي. مثال!

پيالو مي سَندو ڏي، پُر ڪري محبُوب مَتوالا،

ته مَستيءَ ۾ مُحبت جي، ڪڍون هِن هوش کي هالا.

--

جنين کي سِڪ دلبر جي، سدا ڏونگر وتن ڏوريون،

پِٿون ٿيا پير پَهڻن ۾، ڇپر ۾ پيا ڇُلي ڇالا.

”ديوان گُل“ جي پهرين غزل جو مقطع ۽ هڪ شعر سنڌي شعري روايت جا خوبصورت شعر آهن. پڙهڻ ۾ رواني ۽ معنوي اعتبار کان مڪمل طور تي آسان ۽ ڪن رس پيدا ڪندڙ آهن. پيالو، مي، پُر، محبوب، مَتوالا، مَستي، محبت، هوش، حالا/حال کان، جنين، سِڪ، دلبر، سدا، ڏونگر، ڏوريون، پِٿون، پير، پهڻ، ڇپر، ڇُلي ۽ ڇالا، اهڙا لفظ آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ سڀئي لفظ ڀٽائي کان اياز تائين تخليقي، فني، فڪري ۽ رومانوي شاعريءَ جي اظهار جو آواز بڻجي پئي استعمال ٿيندا رهيا آهن.

آيو اڄ يار گهر پيهي، وِئا ڏُکڙا، وريا سُکڙا،

مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، وِئا ڏُکڙا، وريا سُکڙا.

--

ڪرم ڪيئڙو ڪمينيءَ سان، لائي دل دوست سيني سان،

ڳجهاندر ڳالهه ڪي ڪيهي، وِئا ڏُکڙا، وريا سُکڙا.

”ديوان گُل“ جو پنجون نمبر غزل قافيي ۽ رديف جي استعمال سان پنهنجي هيئت ۾ توڙي جو غزل آهي. پر ان ۾ مواد/خيالن جو سٽاءُ ”ڪافي“ وارو آهي. جنهن ڪري هي ڪافي نُما غزل ٿي پيو آهي. پر، ڏيهي، پرڏيهي، ڪيهي، ويهي، ريهي، نرنهي، قافيو پُختو ۽ مُترنم آهي، جنهن جي استعمال سان رديف ملي ڪري پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪري ٿو. توڙي جو خيال جي حُسنِ سادگي ظاهر اچي ٿي، پر اُن سادگيءَ جي سونهن جي بي ساختگيءَ جو پنهنجو خُمار آهي. ”ديوان گُل“ ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آيل آهي، سا بلڪل به نِج ٻهراڙي جي ۽ لفظ پراڻا استعمال ٿيل آهن. هونئن به شاعر کي وفات ڪئي ڏيڍ سؤ سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. اُنهيءَ ايتري عرصي ۾ ٻولي به ڪيتري نه مٽي، سٽي آهي. ان ڪري ”گُل“ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ وقت اهو خيال ذهن ۾ رکڻ تمام ضروري آهي ته ”گُل“ کي جديد دؤر جي عينڪ پائي نه پڙهڻ گهرجي. بلڪ اُن کي اُن دؤر واري رنگ ۾ رهي ڪري ئي پڙهبو ته ”گُل“ جي غزل جي خوشبو پنهنجي ڌيمي، ڌيمي احساس سان پاڻ ڏانهن مُتوجهه ڪندي ويندي. حقيقت اها آهي ته مون جڏهن ”ديوان گُل“ اڻلڀ هئڻ ڪري حيدرآباد وڃي سائين تاج جويي جي ٿورن سان کانئس ورتو ۽ پنهنجي مطالعي هيٺ آندو ته انتهائي ڪوشش ۽ ڌيان ڏيڻ جي هوندي به اُن ۾ ايڏي دلچسپي پيدا نه ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ ته گُل جي غزل جي دنيا موضوعاتي اعتبار کان انتهائي محدود آهي ۽ ٻيو ته اُن ۾ استعمال ٿيل ترڪيبون پڻ روايتي ۽ فارسي زده هئڻ ڪري ايتريون توجهه طلب ڪونه پئي بڻيون، پر غزل جي بنيادي شاعر ۽ فارسي زده غزل ۾ سنڌي لهجو آڻيندڙ شاعر هئڻ جي ناتي گُل جي غزل جي مطالعي ۾ هڪڙو گهرو احساس ڪرموڙي جاڳي پيو ته گُل سنڌي غزل جي اوسر ۾ جيڪا غزل گوئي ڪئي آهي، اُن کي سنڌي غزل جي تاريخ مان ڪڏهن به خارج ۽ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ٻيو ته پُراڻي ڇپائي هئڻ جي ڪري مطالعي جو مزو ڪِرڪِرو ٿي وڃي ٿو، انڪري انتهائي غور ۽ فڪر سان گُل جي غزل جو مطالعو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ائين جيئن پنير جو انتهائي ڪڙو ۽ اُگرو ذائقو محسوس ڪري به اُن جي تاثير ۽ فائدي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

آءُ پيهي محُب مٺا! منهنجي اڱڻ مهر منجها،

ناهي ڪو ٽول منهنجي گهر ۾ تنهنجي سور سوا.

مٿيون غزل جو مطلع پڙهندي ئي منهنجو ذهن غالب جي هڪ اردو شعر ڏانهن اُڏامڻ لڳي ٿو ته:

گھر میں کیا تھا کے، تیرا غم اُسی غارت کرتا،

وہ جو رکتی تھی ہم اک حسرتِ تعبیر سو تو ہے۔

غالب جي شعري عظمت پنهنجي جاءِ تي پر گُل جي غزل جي غُنايت جو لطف به پنهنجي ڏيهي احساساتي هڳاءُ سان واسيو پيو آهي.

ڪيف هڻن تند طنبوري جي او هٿ تي کڻي،

جان جو سَنڌ، سَنڌ، رڳ، رڳ انهيجي ئي رباب.

--

پُنهون ٿيا پاڻ، سَسئيءَ جيئن نه رُلن روهه ۾ هرگز،

منجهيئي ڪيچي،مَنجهيئي آتڻ، مَنجهيئي ويڙيون، مَنجهيئي هَب.

--

آءُ منهنجي مَن ۾ دلبر، تنهنجي تاري، تنهنجي تات،

ٻي نه ٻولي ڪائي اُڄهي ووءِ، ووءِ، ووءِ وائي وات.

--

مُئا جي محبت ۾ ماريا نه موت،

وَتن اجال جيئرا، فنا ڪيا نه فوت.

--

اُن جي مَڪتب ۾ رهي، ويراڳ ۽ بيراڳ ٿو،

اَلف آين اڳ ۾ هوءَ جا پڙهيائون پهرين سِٽ.

--

”جي ڀائين جوڳي ٿيان“، ”گُل“ ڇڏ تعلق پاءِ جوڳ،

دل ۾ لوڙهج مُڙس ٿي، ڇڏ ڪوڙا کيٽا ۽ کٽ.

--

سُور ٿيو سينگار جنجو، ڏُک تني جو جو آهه ڏيج،

ورهُه ووءِ، ووءِ ٿئو، او، روهڻ هاءِ! هي هي آهي هيج.

مٿي ڪجهه پيش ڪيل ۽ ٻيا به گُل جي مختلف غزلن جا شعر ۽ مطلع ڀٽائي جي ٻاجهاري فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙيل آهن ۽ جيڪي شعري صورت ۾ نماڻا ۽ نيارا پڻ آهن. گُل پنهنجي شعري روايت کي پنهنجي ڪلاسيڪل شعري دؤر سان روحاني طور تي گهرو ڳنڍي ڇڏيو آهي. ۽ پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ جي سرلتا کي نڀائڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. گُل پنهنجي مزاج ۾ شريعت جو پابند ۽ تصوف جو بيحد تمنائي آهي. ۽ هو جڏهن ڀٽائي جي اعليٰ شاعراڻي رستي تي هلندي پنهنجي  ڪويتا جي جهول، جهَلي ٿو ته اُن ۾ مٿيان فڪري شعر کيس ڀٽائي کان دان ۾ ملن ٿا. جن تي گُل پنهنجي سادي، سودي اظهار ۾ نمايان ٿي اچي ٿو.

گُل، سنڌي شعري روايت ۾ سنڌي غزل لکي، ۽ وري اُن کي ديوان جي صورت ۾ ترتيب ڏئي هڪ تاريخ ساز ادبي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو.  هُن غزل ۾ پيش ٿيندڙ عربي ۽ فارسي مزاج سان سخت بغاوت ڪندي پنهنجي سنڌيت واري مزاج کي اُن جي هيئت ۾ جڏهن بدلايو ته سنڌي غزل جي روايت پڻي مان هڪ نئين رُخ ۽ تبديلي جو عالم جُڙي پيو. جنهن گُل کي پاڻ کان اڳ توڙي پوءِ يا پنهنجي دؤر جي شاعرن ۾ هڪ الڳ مَقام ڏنو. گُل جي غزل جي ٻولي جڏهن کنڀو ويس ڍڪي شاعريءَ جي منچ تي نمودار ٿي ته غزل جهڙي اوپري صنف، پنهنجائپ جي احساس سان مخمور ٿي پئي. گُل جي غزل ۾ قافيي جي پختگي ۽ نج ٻوليءَ جو اُجرو استعمال غزل کي سنڌ جي سرزمين ۾ پختو پيوست ڪيو هو. اڄ جي جديد سنڌي غزل جا پيرا کڻبا ته اُهي وڃي گُل جي غزل جي دنيا ۾ داخل ٿيندا. جيڪي اُتان کان اڄ تائين وڏي حيثيت ۽ اهميت سان نروار ٿي پهچن ٿا. اِهوئي ڪارڻ آهي جو هت سنڌ ۾ اهڙي غزل جي اهم ۽ بنيادي شاعر جو ڪوبه يادگار پروگرام نٿو ڪيو وڃي، پر هتان کان پنهنجي ڌرتي تان زوري ڌڪجي ڌار ڪيل، پنهنجي ديس مان جلاوطن ٿي پرديس ۾ دربدريءَ جي زندگيءَ گذاري، پنهنجي شناخت ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ زندگي جي جنگ لڙندي، لڙندي نيٺ اُن ۾ ڪامياب ٿي ويل انهن هند جي سنڌين کي جَس هجي، جيڪي هندستان جهڙي گهڻ قوميائي ۽ ٻوليائي ملڪ ۾ اقليت ۾ هوندي به هُو پنهنجي خوابن جي هڪ ننڍڙي سنڌ اَڏي جيئن پيا. جن سنڌ سان عشق واري جذبات کي ڏينهون، ڏينهن جوان ۽ سگهارو پئي بڻايو آهي. اڄ انهن سنڌ جي اهڙي اهم شاعر خليفي گُل محمد ”گُل“ هالائي جي ٻه سؤ ساله جنم ڏينهن جي نسبت سان هي هيڏو سارو پروگرام هندستان جي گاديءَ واري هنڌ ۽ شهر دهليءَ ۾ ملڪ جي وڏي ادبي اداري  ساهتيه اڪيڊمي پاران ترتيب ڏئي، سنڌ جي ڪجهه اهم شاعرن کي اُن ۾ شامل ڪري، گُل جي غزل جي مختلف پهلوئن تي مقالا لکرائي، کيس وڏي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جيڪا اهڙي خوبصورت ۽ صحتمند روايت آهي، جنهن سان سنڌيت جو ڳاٽ اوچو ٿي وڃي ٿو ۽ اُن تي فخر پڻ ٿيڻ لڳي ٿو.

 

مددي ڪتاب

·               وکريل وٿون، سيد عبدالحسين شاهه موسوي

·               ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ، واس ديو موهي

·               ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، مهاڳ، شيخ اياز

·               ”ديوان گُل“، خليفو گُل محمد ”گُل“ هالائي

·               سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري

 

ادل سومرو

عشقُ پنهنجو اَنا کان اڳتي هو.

(روبينه ابڙو جي شاعريءَ جو تاثراتي اڀياس)

 

جڏهن به مُوهن جي دڙي وڃڻ ٿيو آهي  ته دل ۾ هڪ عجيب قسم جي سرشاري محسوس ڪرڻ سان گڏُ، اَڄاتلَ اُٻاڻڪائي واري ڪيفيت وڪوڙي ويندي آهي. روشن ماضيءَ جي شاندار روايتن جو انتُ ۽ حالَ واري بدحاليءَ جوو تصور ڏُکارو بڻائي ڇڏيندو آهي. موهن جو دڙو- جتي رقصَ ۽ راڳَ هئا، شاعر موسيقار، مصور، سنگتراش، اُستادَ ۽ دانشور هئا. ڇا سنڌُ، اُنهيءَ ساڳئي تسلسل ۾ سفر ڪيو آهي؟! ڳالهه اُتي جو اُتيئي هُجي ها ته به بهتر هو. اُنهيءَ ثقافتي، ڏاهپَ ۽ دانائيءَ واري ورثي مان سواءِ ڏاند گاڏيءَ جي، اسان وٽ ٻيو ڇا بچيو آهي؟

ڌرتيءَ جي تقدير بدلائڻ وارين تدبيرن کان وٺي عالمي انساني ڀائيچاري واري سوچَ ويچار جي پسمنظر ۾، باڊهه، بگي، ٻلهڙيجي ۽ ڏوڪريءَ جي ڪامريڊن ۽ قومپرستن جا طبقاتي ۽ جاگيردار نظامَ، سماجي استحصالَ ۽ اڻ برابري پرولتاري انقلاب، جدلياتي ماديت شاهه لطيف جي شاعري، وطن دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ وارن فلسفن تي بحث، تصور ۾ ڦِري اچن ٿا. سياري جي راتين ۾ مچَّ تي ٿيل اهڙنِ فڪري بحثن جا تاڪيا کوليندي، باک ڦٽيءَ تائين، ڪامريڊَ ڪنهن گڏيل نتيجي تائين پُهچي نه سگهندا هئا ۽ صُبح جو منهنجو دين مون سان ۽ تُنهنجو دين توسان، ڳالهه اُتي جو اُتي.

ڳالهه ڏرتيءَ جي هُجي يا عالمي ڳانڍاپي، ڀائيچاري يا انسان دوستيءَ جي هُجي، پنهنجو ڳوٺُ سڀني کي پيارو هوندو آهي. ٻلهڙيجيءَ جي ذڪر تي، انور پيرزادي جي چهري تي سَرهائي جا رنگ ڦهلجي ويندا هُئا ۽ لوههَ جي باغ (گُلشنِ حديد) رهندي، امرَ ۽ زرارَ جي ساهن ۾ ٻلهڙيجيءَ جون هوائون رقص ڪن ٿيون. پنهنجن ڳوٺن يا شهرن جي نسبت سان ڪيترن ئي شاعرن نظم لکيا آهن. بودليئر جو نظم ”پئرس“ امداد حسينيءَ جو شهر (حيدرآباد) رفعت عباس جو نظم ”ملتان“ نند جويريءَ جو شڪارپور ۽ ج ع مُنگهاڻيءَ جو نظم ”ڪراچي“ شاعرن جِي پنهنجن ماڳن سان محبت ۽ اُنسيت کي ظاهر ڪن ٿا. ٽئگور هميشه پنهنجي شانتي نڪيتن ۾ ئي شانتي محسوس ڪندو هو. آوار ٻوليءَ کانسواءِ ٻي ڪابه ٻولي، نه ڄاڻيندڙ بين الاقوامي شهرت يافته روسي شاعر ۽ اديبَ رسول حمزا توف کي پنهنجي داغستان سان تمام گهڻي محبت هئي، جنهن جو مثال سندس ڪتاب ”منهنجو داغستان“ آهي هن داغستان کي پنهنجي محبت ۽ دُعا سڏيو آهي. هُو لکي ٿو ته:

داغستان!

تون ۽ صرف تُون ئي

اُهو موضوع آهين

جو منهنجن سڀني ڪتابن جو

خاص تصور

۽ منهنجي سچي حياتيءَ جو

سرمايو آهي.

پنهنجي ڳوٺ بابت اِنهيءَ محبوباڻي تصور جو اظهارُ، مارئيءَ جي ملير کان وٺي، روبينه ابڙو جي ڳيريلي تائين هڪ جهڙي ڪيفيت رکي ٿو:

منهنجا محبوب ڳيريلا!

پاڻ هڪٻئي کان

جدا ٿيا ئي ناهيون

اڳ ۾

مان تو ۾ وسندي هُيس

هاڻي تون

مون ۾ وسين ٿو.

اِنهيءَ سادي تخليقي اظهارَ ۾ ”ڳيريلو“
ڪنهن ڳوٺَ جي نالي بدران، عاشقيءَ جو استعارو بڻجي وڃي ٿو. اِهو ئي تخليقڪار جو عقيدو ۽ عبادت جو محور به شمار ٿئي ٿو. ڳوٺ سان عقيدت جو اهڙو اظهار، وطن دوستيءَ جو اُهو بنيادي جُز آهي، جتان پهريان پنهنجو ديسُ ۽ پوءِ بين الاقوامي انسان دوستيءَ جو تصور پروان چڙهي ٿو ۽ انسانُ، رنگَ، نسلَ ڌرمَ ۽ ذات پات جون سرحدو لتاڙي، ”ڪُلَّ“ ۾ سمائجي وڃي ٿو. رُوبينه ابڙو جو اسمِ اعظمَ ’ڳيريلوَ‘ به عام ڳوٺن وانگر ئي هڪ ڳوٺ آهي. جنهن جي دريءَ مان هُن سنڌ جي منظرن جا مُشاهدا ماڻيا آهن. ڳيريلي جي آسمان تي اُڀرندڙ انڊلٺ ۾ هُن جي پسند جو رنگ شامل نه به هُجي، تڏهن به اُها کيس موهي ٿي. ديس جي دلبريءَ جو درس به عشق جي مڪتبب مان ئي ملي ٿو ۽ پوءِ محبوب کان مٽيءَ جي موههَ تائين پهچندي پهچندي، ٻئي رنگ هڪٻئي ۾ سمائجي، هڪ نئون رنگ تخليق ڪن ٿا، جنهن ۾ مٽي ۽ محبوب ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. تخليقن جي تجزيي مان پروڙ پوي ٿي ته ڳيريلي جي شاعره جو وجدان
(Intution) حساساتي ۽ جذباتي ڪيفيتن مان گُذرندو اچي ڌرتيءَ تي دنگُ ڪري ٿو ۽ سندس سپنن جا سڀئي رنگ ”سنڌُ“ جهڙا ٿي وڃن ٿا.

مون کي هيءَ سنڌ ٿي رُڳي گهُرجي،

هَو سڄو آسمان تنهنجو آ.

عاشقيءَ جو رُتبو آ سڀن کان مٿي،

۽ اڃا ڀي مٿي ديسَ جي دلبري.

ديس جي دلبريءَ جو رُتبو جڏهن سڀني کان مٿانهون ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ذات جي داخلي اذيتن کان ديس جو اجتماعي ڏُک، وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو. اِهوئي سبب آهي جو روبينه ابڙو جي تخليقي شعور جو وهڪرو سنڌُ ۽ سچَّ کان ٿيندو رومان ۽ تصّوف جي وسڪتن تائين ڦهلجي وڃي ٿو. جڏهن سنڌ جا ڳوٺ ٻڏي ٿا وڃن ته روبينه جي دل به ٻڏي ٿي وڃي ۽ هُن لاءِ سنڌ جا سڀيئي ڳوٺَ ڳيريلو بڻجي وڃن ٿا.

درياههَ جي دهشت ڏسي،

هي هانءُ ٿو ٻُڏندو وڃي،

ٿي فيل مست آهي سنڌو،

برباد پئي سڀڪجهه ڪري.

 

ڪي کيتَ، خوابن وانگيان،

يادن جي ڌرتيءَ تان مِٽيا،

ڪي ميت، گيتنَ وانگيان،

سا هن جي ڏوريءَ مان ڇڳا.

 

اي ديس! تنهنجي ڀاڳَ ۾،

واڪا ڪري ٿي سنڌڙي،

ڪوئي مري ٿو ماڳَ ۾.

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل مصيبتن ۽ تباهيءَ بابت، انهيءَ ساڳئي تخليقي تسلسل ۾ ”منهنجو ڳوٺ هو لوڪو“ جي عنوان سان سندس هڪ گيت به آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جو ذڪر اهڙي انداز سان ڪيو ويو آهي، جو سڄي سنڌ اکين آڏو ڦري اچڻ سان گڏ، عقيدت واري احساس جي لهَر منَ ۾ اُڀري اچي ٿي. سندس اهڙو اِظهار، پنهنجي لوڪ- اِتهاس سان ڳانڍاپي جو اُهڃاڻ به لڳي ٿو. هن گيت جو تاڃي پيٽو لوڪ گيت وارو ئي آهي، جنهن ۾ عوامي انداز واري روايتي سادگي به آهي ۽ هيئت جي لحاظ کان ڪا مڪمل ترتيت به نه رکي وئي آهي. ڪن بندن ۾ قافيي جو استعمال آهي ته ڪِنِ ۾ ناهي. ان کانسواءِ جاگرافيائي حد بندين جي حوالي سان ذڪر ڪيل ڪن شهرن جي پاڻ ۾ نسبت به نٿي جُڙي، پرگيت ۾ سمايل احساساتي بيساختگي ۽ جذبي جي شدت، اُنهن سڀني تي حاوي آهي. ان گيت کي جيڪڏهن لوڪ گيت ئي چئجي ته وڌيڪ مناسب لڳندو.

لاڙڪاڻي کان اڳتي

ڳيريلي کان ڀي پٺتي

باقراڻيءَ جي ڀر ۾

منهنجو ڳوٺ هو لوڪو!

 

ڳوٺ ۾ پير هو

صوفي فقير هو

کنڊُ ۽ کيرُ هو

 

ڳوٺَ ۾ چنگُ به هو

راڳَ ۽ رنگُ به هو

پيار جو سنگُ به هو

 

ٻلهڙيجيءَ کان اڳتي

سِيهڙ کان ڀي پُٺتي

۽ مهين جي ڀر ۾

منهنجو ڳوٺ هو لوڪو!

 

ڳوٺ ۾ واههَ به هو

ويڙهه ۽ ٺاههُ به هو

سڀَ جو الله به هو.

هاءِ لوڪو!

هاءِ لوڪو!

انهيءَ لوڪ گيت ۾ ’صوفي فقيرَ‘، راڳ رنگ جي ذڪر سان گڏ، ويڙهه ۽ ٺاههَ جي به ڳالههَ ڪيل آهي، جنهن مان روبينه ابڙو جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي شعور جي خبر پوي ٿي.

”سڀ جو الله به هو“ واري خيالَ مان آسري ۽ اُميد جو اُتساهه پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو اظهار ”ماندي ٿي نه مارئي تنهنجو الله به آهي.“ واري دلجوئيءَ جهڙو آهي. جنهن مان صوفياڻي آدرش جي سُرهاڻ محسوس ڪري سگهجي ٿي. جڏهن روبينه ابڙو پاڻَ کي لطيف سائينءَ جي فقيرياڻيءَ جي رُوپ ۾ پيرڪرهيلَ ڀانڊاريءَ جي مُريدياڻيءَ، مِرکان شيخڻ سان پنهنجي نسبت جوڙيندي چوي ٿي ته:

مِرکان، جا دل جتڻي آهيان،

هر هر سنڌ ۾ ورڻي آهيان.

ته سندس اِهڙو اظهار عام رواجي پير پرستيءَ يا پيري مريديءَ وارو نه پر فڪري رهنمائيءَ واري آڌار تي آهي. لطيف جي فقيرياڻي جو حوالو به اِهو ئي آهي. سنڌي سماج جي ڪجهه حلقن پنهنجي روايتي ذهني پسماندگيءَ سبب صوفي مرڪزن کي ڌرمي غلافن ۾ ويڙهي، عوامي عقيدتمنديءَ کي اهڙيءَ ريت پنهنجي طابع بڻائي ڇڏيو آهي جو اَها ڏينهون ڏينهن وهمن جي اونداهيءَ ۾ وڪوڙبي ٿي وڃي. اهڙين زوال ڏانهن ويندڙ واٽن تي جڏهن عشق اچي ڌمالَ هڻي ٿو ته نا اُميديءَ جي جهانَ ۾، اُميد جا نوان امڪان پيدا ٿي پون ٿا ۽ صوفيءَ جو روايتي گوشانشينيءَ وارو تصور ميسارجي جهوڪَ جي جاڳرتا واري سڏ سان هم آهنگ ٿي، هڪ للڪار بڻجي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت تنگ نظري ۽ تعصب جي بدبودار سوڙهين گهٽين ۾، روشن خياليءَ جي سُرهاڻ ڦهلجي وڃي ٿي.

صوفين جو سرتاجُ سڏائين،

جهوڪ اندر جهونجهار به تون ئي.

 

سرمد جي سرمستيءَ اندر،

منصوري للڪار به تون ئي.

 

شاهه گدااگر مست قلندر،

رقصم وچ بازار به تون ئي.

 

جادم جکرو ڏونگر ابڙو،

ڄام سخي سردار به تون ئي.

جهوڪ، سرمد، منصور، ’مست قلندر‘، تصوف جي اُنهن استعارن سان گڏ، روبينه سَالڪ، جوڳيءَ وارا رديف ۽ قافيا به پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه بناوتي انداز ناهي ۽ اُهي احساس توڙي لغت جي نسبت سان اصلوڪا (Original) محسوس ٿين ٿا.

باطن ۾ ڪا ٽارَ گُلن جي،

ظاهر ۾ زنجيرَ او سالڪ!

 

تُون سئن تي سئن نه هڻ جوڳي،

هيئن منهنجو چئن نه کڻ جوڳي!

خطيباڻي انداز کان آجي، روبينه ابڙو جي شاعريءَ جو فڪري ڳانڍاپو، سنڌ جي صوفياڻي اِتهاس سان جُڙيل هوندي به معروضي حالتن ۽ انهن حالتن ۾ اذيت سان جيئندڙ انسانن جي ڀوڳنائن کان پري نٿو وڃي. سندس اندر ۾ موجود اهڙي سرمستيءَ واري ڪيفيت جڏهن اکرن ۾ آشڪار ٿئي ٿي ته اها سڄي عالم کي نچائڻ واري ڪلپنا تائين پهچندي، عالمي انسانذات سان پنهنجو ناتو جوڙي ڇڏي ٿي.

مليو جي رقص جو موقعو،

سڄو عالم نچايو سين.

 

تُنهنجو ڀي ايمان اَلستي،

منهنجو عشق به آ اڻمول،

آءُ ڪيون سڀُ ڊانوان ڊولُ.

 

جسمن تان هِي لاههِ زنجيرون،

روحَ جون ساريون رسيون کول،

آءُ ڪيون سڀ ڊانوان ڊول.

روبينه ابڙو تصوف جي لغت ۽ لهجي ۾ فرسوده مدي خارج قدرن جي جاءِ تي، نئين روايتن قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، جتي جسم زنجيرَن ۾ جڪڙيلَ ۽ روحَ رسين ۾ قيد نه هُجن، ۽ اهڙي دنيا جي تشڪيل، حالتن کي ڊانوان ڊول ڪرڻ سان ئي مشروط آهي. سماجَ کي پوئتي ڌڪيندڙ پُراڻ- آلوده روايتن جي خاتمي ۽ انهن کي ڊانوان ڊول ڪرڻ سان ئي اڳتي وٺي ويندڙ نئين روايتن کي رائج ڪري سگهجي ٿو.

تصوف کي هڪ فلسفو چئجي، نظريو يا رويّو اُن جو تعلق ڌرتيءَ سان ئي آهي ۽ روبينه جا اِهي سڀئي موضوع هڪٻئي سان ئي جُڙيل آهن: سنڌ، سچُ، تصوف ۽ عشق- هڪ جو ذڪرُ ڪبو ته ٻئي جو حوالو، اُن ۾ پنهنجو پاڻ ئي شامل ٿي ويندو. اِهي ڳالهيون بار بار ورجايون ويون آهن، پر ڳالهه کي پنهنجو انداز ۽ لهجو ڏيڻ ئي آرٽ آهي ۽ اهڙو آرٽ روبينه ابڙو وٽ آهي. جيڪڏهن سندس ڏاهپَ ۽ آرٽُ پنهنجي ٻوليءَ جي اؤسر ۽ انهيءَ جي بچاءَ واري عمل جو حصو بڻجن ٿا ته اِهوئي سندس تخليق جو اهم قومي ڪارج هوندو. ٻولي جي ماهرن جي راءِ مطابق دنيا ۾ اُهيئي ٻوليون پنهنجو بچاءُ ڪري سگهنديون، جن ۾ تخليقي ادب گهڻو سرجيو ويندو- ٻولين جي فنا ٿيڻ جي تاريخ گهڻي پُراڻي آهي. پنهنجي دؤر جون ڪيتريون عظيم ٻوليون حالتن جي دز ۾ دفن ٿي وينديون. سُميري زبان اَڄُ صرف ماضيءَ جو قصو آهي. طاقت جي زور تي مڙهيل ٻولي لئٽن، سون جي تعداد ۾ ٻين ٻولين کي ڳڙڪائي ويئي. نارائڻ شيام جو سنڌي ٻوليءَ بابت اُلڪو فقط جذباتي سطح جو شاعراڻو اظهار ناهي، پر شاعر جي ايندڙ وقت بابت اڳڪٿي آهي. ٻوليءَ جي تحفظ واري نظريي مطابق جيڪڏهن روبينه جون تخليقون، پنهنجي ٻوليءَ واري بچاءَ بند جو حصو بڻجن ٿيون ته اِهو سندس شاعريءَ جو اهم قومي ڪارج هوندو.

ڪنهن به تخليقڪار جون سڀيئي تخليقون، هُن جي سُڃاڻپ جو حوالو نه بڻبيون آهن. روبينه ابڙو جي شعري پونجيءَ ۾، حوالي طور ڳڻائڻ لاءِ، سوين اهڙا شعر موجود آهن، جيڪي منفرد هئڻ سان گڏُ، سنڌي ٻوليءَ جي ساراههَ لائق حصي بڻجڻ جو معيار رکن ٿا. شاعر يا ته نوان موضوع دريافت ڪري، يا اڳ ۾ مُروج موضوعن کي نئين معنيٰ ڏئي.

هر ملامت کان هو گهڻو اوچو،

عشق پنهنجو اَنا کان اڳتي هو.

 

تُنهنجي ناراضگيءَ جي موسم ۾،

ڄڻ خدا ڀي خفا خفا آهي.

 

تُون رهين يا تباهه کيس ڪرين،

دل اسان جي مڪان تنهنجو آ.

 

شاعريءَ جي لغت ۾ سُونهن، نيڪي، چڱائي وغيره سڀ سچائيءَ جو ئي پرتوو آهن. سُونهن، سچُ آهي ۽ سچَ، سُونهن آهي- پر اهڙو اظهار تمام گهڻو ورجايل آهي. ورجاءَ جي اهڙي وايو منڊل ۾، جڏهن روبينه ابڙو، سچَ جا نوان استعارا بيان ڪري ٿي ته اُهي تخليقي تازگيءَ جو احساس ڏيارين ٿا، ورجاءَ جي شاعريءَ کان، هڪ نئون استعارو تخليق ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

سَچ ڀٽائيءَ جو تنبورو،

جنهن مان سُر سوين نڪرن ٿا،

سنڌ سموريءَ ۾ پکڙن ٿا.

 

سَچُ ڪنورَ جي لوليءَ جهڙو،

گونجي گهٽي گهٽي هر گام،

جنهن ۾ الله، ايشور، رام.

 

سَچُ ته سيدَ جي سمجهاڻي،

آجپو ايمانُ اسان جو،

سنڌ پرستي شانُ اسان جو.

 

سچَ ته سَوڀيَ اجي ارڏائي،

عشقَ اَٽلتا ساڻ هلن ٿا،

دنيا سان جي ڪين ٺهن ٿا.

رُوبينه ابڙو جي تخليق ۾ سُونهن ۽ سچائيءَ سان هم رڪاب ۽ هم آهنگ ٿيندي، پنهنجن آدرشن تائين پهچڻ جي سگههَ آهي، ۽ اِها ئي تخليقي اُڏامَ هن جي انفراديت جو سبب آهي.

منهنجي خيالَ ۾ شاعر هجڻ قابلِ فخر حوالو آهي، جيڪڏهن واقعي ڪو شاعر آهي ته ان کي ڪنهن سَنَد ڪنهن لقب جي ضرورت ناهي. ننڍ وڏائي يا نمبر ڏيڻ جون بدعتون، اسان جي، فيوڊل روسيّي جون پيداوار آهن. روبينه ابڙو هڪ منفرد ۽ اوريجنل شاعره آهي ۽ سندس شعر ۾ موجود جذبي جي شدت اِها شاهدي ڏئي ٿي ته سندس غزلَ، نظم ۽ گيت صرف قافيا پيمائيءَ جو سبب نه پر، اندر جي اُڇلَ جو فطري اظهار آهن. فڪري حوالي سان هُن جا ڪي آدرش ضرور آهن، پر هُوءَ ڪن نظرياتي هدايتن قبول ڪرڻ ۽ ڏيڻ جي قائل ناهي. شاعر مبلغ ناهي هوندو، پر هُو پنهنجي آرٽ جي وسيلي پنهنجي فڪر کي محسوس ڪرائيندو آهي. مجهولن جي منصبن واري دنيا ۾ ادب ۽ آرٽ کي فضول سمجهيو ويندو آهي. انهن حالتن ۾ هڪٻئي جي اهميت محسوس ڪندڙ فرد، مڃتا ڏيڻ جا اهتمام ڪندا. شامون، ڪتابن جون مهورتون، رسالن جا نمبر، مڃتا ايوارڊ وغيره ۽ پوءِ وري انهن جوئي ورجاءُ ٿيندو آهي. اِهي سڀ اُتساهه به ڏيارين ٿا ته ٿڪائي به ڇڏين ٿا تخليق جي هن سفر ۾، اوهان لاءِ ڪجهه ماڻهو ته گُل کڻي بيٺل هوندا آهن، پر رستن تي ڪاوا اُڇلائيندڙ مڪروهه چهرن سان به اوهان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو- انهن حالتن مان اوهان تڏهن پار پئجي ويندا آهيو، جڏهن اوهان جا آدرش پنهنجي ذات کان مٿانهان هوندا آهن. روبينه ابڙو وٽ به انسانذات جي گڏيل خوشين جا گيت ۽ اجتماعي دردن جا نوحا آهن. اذيتن مان آجپي جا خواب آهن ۽ انهن خوابن جي ساڀيان تائين مون کي اُميد آهي ته سندس ڏاتِ جاڳندي رهندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com