سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: پٿر تي ليڪو ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :9

 

 

 

ڀوت

 

٭

          هن جا ڪجهه اهڙا دوست هئا، جي جڏهن هن سان ملڻ ايندا هئا، تڏهن هن کي ”ڀوت“ سڏي، پاڻ ۾ کلڻ لڳندا هئا. ڪمپائونڊر وري هنن کي ”اچو ڀاڙيا خان!“ چئي، کيڪاريندو هو.

          مون کي ڪيترائي دفعا خيال آيو ته هن کي ڀوت ڇو ٿا سڏين؟ شڪل شباهت مان ته اهڙو ڪو نه ٿي لڳو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو واقعو ٿيو هجي، جو هو ڪنهن شئه کي ڀوت سمجهي ڊنو هجي ۽ سندس سنگتين کي سُڌ پئجي وئي جي، جن اها چيڙ ٺاهي هجيس.

          هڪ ڌينهن پڇيومانس ”هي توکي ڀوت ڇو ٿا سڏين؟“

          جواب ڏنائين ”سائين، ان جو سبب هڪ ڏاڍو مزيدار واقعو آهي.“

          پوءِ هن اها گهٽنا ٻڌائي.

          هو ڪمپائونڊري سکڻ کان اڳ ۾، هڪڙي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو. ان ڪارخاني ۾ هندستان مان آيل هڪ پوڙهو به ملازم هو. هو هتي اڪيلو ئي آيو هو. هن جا ٻيا سڀ ويجها مائٽ، هندستان ۾ هئا. هڪڙي ڀيري پنهنجي ساٿين کي ٻڌايائين ته سندس پٽ هندستان مان پهچي رهيو آهي. هو پٽ جون ڏاڍيون ڳالهيون ڪندو هو. هن کي ان وقت ڇڏيو هئائين، جڏهن هو اڃا ڏهن سالن جو هو ان وقت کي ڏهه ورهه گذري ويا هئا. هاڻي هو ويهن جو ٿي ويو هوندو. هو پنهنجي پٽ جي هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي تصوير ضرور گهرائيندو هو. اها تصوير سڀني سنگتين ۽ مزورن کي ڏاڍي فخر سان ڏيکاريندو هو.

          چوندو هو ته پٽ اچي هاڻي ڪمائي کارائيندم، ۽ منهنجي پيري آرام سان گذرندي. هو هاڻي سچ پچ ڏاڍو خوش نظر اچڻ لڳو هو.

          ائين به چوڻ لڳو ته ”ڏسجو متان منهنجي پٽ کي نظر هڻو، منهنجي ڌيءَ کي به نظر لڳي هئي، ۽ ڀوت اچي هن جي بت ۾ واسو ڪيو هو.“

          هن جي ڌيءُ کي ڀوت لڳڻ جو قصو هن طرح هو ته هوءَ جوان ۽ سهڻي هئي. اوچتو اچي دورا پوڻ لڳس. ڪڏهن کلڻ لڳي، ڪڏهن رئڻ. ڪڏهن گهر مان وٺيو جو ڀڄي ته سڌو مقام ۾ وڃيو نڪري. سڀني جو رايو اهو هو ته ڪنهن ڀوت پريت جو پاڇو پيو اٿس. ڏاڍا تعويذّ ۽ ڦيڻا ڪرايا ويا. هن جا دورا ختم تڏهن ٿيا، جڏهن هن  کي پرڻايو ويو.

          نيٺ هن جو نينگر اچي پهتو. پر پهچڻ سان ئي بيماريءَ جو حملو ٿيس گردن ٽوڙ بخار ۾ وٺجي ويو. هن بيماريءَ ۾ مريض ڇڙيون به هڻندو آهي، ڳچي اڪڙجي پوندي اٿس، ۽ بدن رکي رکي ڪمان وانگر سيٽجي ويندو آهي. هو وڦلجي به پيو. علاج به ڪراينس، پر پوڙهي جو خيال هو ته جن ڀوت جو سايو اٿس، ۽ اهي علامتون جسماني بيماريءَ جي ناهن. اهو پئي هنجون هاريائين، ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پئي پڇيائين ته ”انهيءَ ڀوت الائي ڇو اسان جي ڪٽنب سان وير وڌو آهي؟“

          خير خيرات به ڪيائين.

          نيٺ نه دوا اثر ڪيو ۽ نه دعا. هتي پهچڻ جي پنجين ڏينهن، پوڙهي جي اميدن جا محل پاش پاش ڪري، هن کي خوشين جي اُڀ تان ڪيرائي، هن جي سهاري جا ساز ٽوڙي، هو موت جي ماٿريءَ ۾ هليو ويو.

          ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن هن سان دلي همدردي ظاهر ڪئي. ڪفن ۽ دفن جو انتظام به هنن ڪيو.

          هن ڪمپائونڊر تي قبر کوٽڻ ۽ مقام ۾ ٻيو بندوبست ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو. هو ۽ ٻه ڄڻا ٻيا وڃي قبر کوٽڻ لڳا.

          ڇوڪري جو موت سانجهيءَ جو ٿيو هو. قبر کوٽائي جو ڪم پورو ٿيڻ تائين، رات جا يارهن لڳي ويا. ٻيا ويا اطلاع ڏيڻ ته هاڻي ميت آندو وڃي، ۽ هي ڪمپائونڊر اتي ئي ترسيو.

          اونداهي رات هئي. گولو آندو هون، جو ڀرسان ئي پئي ٻريو. سياري جي موسم، سخت سردي، مٿان وري هوا به ڏاڍي تکي لڳي رهي هئي. هوا جي ڪري کٻڙ، ڪرڙ ۽ ڪنڊيءَ جي وڻن مان ”سون،سون“ جا آوزا بيقرار روحن جون آهون پئي محسوس ٿيا. ڪڏهن وري، اوچي گنبذ واري ديول ۾ گيتن جي پڙاڏي جهڙو آواز ٿي پيدا ٿيو. ڪڏهن صفا ماٺ ٿي ٿي وئي. هڪ مال گاڏي، جا ان سمي، ڏند ڪٿائن وارو هڪ اکيو راڪاس لڳي رهي هئي، سا شور مچائيندي لنگهي وئي. آسمان تي ٽمڪندڙ تارا، دوزخي ٽانڊا لڳي رهيا هئا. پري کان اسٽيشن جون ڳاڙهيون بتيون، ديون جي خونخوار اکين وانگيان ٿي ڀاسيون، بعضي بعضي ڪن جيتن جي ”جهين جهين“ جو آواز ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. اونداهي،  ادس ۽ سنسان وايومنڊل ۾ هر چيز ڀوائتي ٿي معلوم ٿي.

          مگر هو ڊنو نه ٿي، ڇو ته هن جو گهر ئي اهڙي هنڌ هو، جو هن کي ڏهاڙي ان قبرستان جو وچ مان لنگهڻو پوندو هو ۽ هو ننڍي هوندي کان ان ماحول تي هريل هو.

          البت سيءَ ڏاڍو تنگ ڪيس. قبر کوٽڻ وقت، ڪم ڪرڻ ڪري، عضوا گرم ٿي ويا هئس، ان ڪري سيءَ جو پتو ڪو نه پيو هوس؛ پر هينئر واندو وهڻ وقت بيحد سردي محسوس ٿيس. قميص ۽ ڪوٽ پهريل هئس ۽ مٿان اجرڪ به ويڙهيل هوس؛ پر هئڙي ٿڌ کي، اهي ڪٿي ٿا روڪي سگهن. ٿڙ ٿڙ ڪنبڻ لڳو ۽ ڄاڙي وڄڻ لڳس. وڃي سو وڃي ڪيڏانهن. ڪا پناهه جي جڳهه نظر ڪا نه آيس. ڪرنڊڙو ٿي، هڪ ٿلهي وڻ جي ٿڙ وٽ وڃي ويٺو، پر سيءُ ڪٿي ٿو جند ڇڏي! اتر جو واءُ تيز تر بڻجي، هن جي سيني ۾ چڀندو رهيو.

          مقام، شهر کان چڱو پري هو، ان ڪري ميت جي پهچڻ ۾ اڃا ڳچ دير هئي. گهر ويجهو هوس، خيال ڪيائين ته گرم هنڌ ۾ وڃي آسودو ٿيان. پر ائين ڪرڻ به مناسب نه ڄاتائين. نيٺ ٻي واهه نه ڏسي، ان کوٽيل قبر ۾ گهڙي ويو. اهڙي سمي ۽ اهڙي جڳهه تي هيءَ قبر، بجليءَ جي هيٽر سان گرم ٿيل ڪوٺيءَ کان گهٽ نه هئي. همراهه حالي ته گرم ٿي ويو، ۽ هڪ پاسي ٽيڪ لڳائي، سولو ٿي ويٺو. ننڊاکڙو هو، سو جهٽڪو اچي ويس.

          ميت وارن، جنازي جي نماز پڙهي، جنازو اچي قبر جي قريب رکيو. گولو ٻريو پئي. ڪمپائونڊر کي نه ڏسي، سمجهيائون ته هيڏانهن هوڏانهن ڪٿي ويو هوندو. ماڻهو اچي قبر جي چوڌاري بيٺا.

          گوڙ تي جيئن ئي ڪمپائونڊر جي اک کلي ته هو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو. ماڻهن جو اوچتو ائين قبر مان ويڙهيل سيڙهيل سسي ظاهر ٿيندي ڏٺي، سو لاش اتي ئي ڇڏي، ”ڀوت.... ڀوت!“ ڪندا وٺي ڀڳا.

          پوڙهو ڀڄڻ سان گڏ چوندو ٿي ويو ”اڙي، مون ته چيو ٿي ته منهنجي پٽ تي جن ڀوت جو پاڇو آهي.“

          ماڻهو ڀڄي رهيا هئا. ڪي ٿاٻڙجي ڪريا ته وري جلدي اٿي وڌيڪ زور سان ڊوڙڻ لڳا. مٿان مزو اهو ٿيو جو ڪنهن جو ٿڏو لڳڻ ڪري، گولو اونڌو ٿي پيو ۽ وسامي ويو. گهگهه اونداهي ٿي وئي، ۽ وايومنڊل بيحد ڀيانڪ بڻجي ويو.

          ڪمپائونڊر خيال ڪيو ته جي مان هنن جي پٺيان نه ٿو وڃان ته هنن مان ڪو به واپس ڪو نه ٿيندو، ۽ مڙهه ائين ئي پيو هوندو. سو هنن کي پهچڻ ۽ حقيقت ٻڌائڻ لاءِ هو به وٺي هنن جي ڪڍ ڀڳو، ۽ رڙيون ڪندو ويو ته مان فلاڻو آهيان. پر اڳيان، هن کي پٺيان ايندو ڏسي، وڌيڪ تکو ڀڄڻ لڳا.

          آخر اڌ منو ميل ڀڄڻ کانپوءِ، مس مس وڃي هڪ ٻن ڄڻن هن کي ۽ هن جي آواز کي سڃاتو ۽ بيٺا.

          سڀئي سهڪي رهيا هئا. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيا، تڏهن هن کان اصل حقيقت ٻڌي، هو ڏاڍا شرمندا ٿيا، ۽ موت جهڙي موقعي تي به ڏاڍو کليا.

 

 

٭

 

حيدرآباد، 72– نومبر 1962ع

بادل: جون 1966ع

 

ڪرامت

 

٭

        هو نئين سال نذرانو ڏيڻ کان ننو اکر واري ويٺو.

        اڳي ته پوري پابنديءَ سان، پاڻ ئي اها پونجي اچي پير جي پيش ڪندو هو، پر  هينئر يادگيري ڏيارڻ ۽ نياپا موڪلڻ تي به آڏو ابتو جواب ڏيئي، ماڻهو موٽائي ڇڏيائين. پير پڻ اهڙي سڻڀي رقم سولائيءَ سان سهسائڻ وارو نه هو.

        آخر لحاظ کان، پير جي ڪوٺ تي، سيٺ هڪ ڏينهن هن جي ڪچهريءَ ۾ آيو.

        پير هن کي ڀاڪر پائي گڏيو، ۽ پنهنجي پاسي ۾ ڪري وهاريائينس. اڄ سيٺ جي سلوڪ ۾ گهڻو ڦيرو هو. هو اڳي وانگر پير کي پيرين پئي ڪو نه مليو، ۽ نه وري هن جو هٿ چميائين. پير هيءَ تبديلي تاڙي ته ويو، پر تڏهن به معمولي مرڪ سان ڳالهائيندو رهيو. اوڀاريون لهواريون ڪندي، نيٺ پنهنجي مطلب تي آيو.

        سيٺ، جنهن ساري ڄمار پيرن اڳيان پيشاني گسائيندي گذاري هئي، سو هينئر پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو، چي: اڳي ته هوس اوندهه ۾، مس مس روشن راهه تي رسيو آهيان، وري پويان پير مور نه پائيندس.

        پير به شڪار هٿان ويندو ڏسي، آپي مان نڪري ويو. خيال ڪيائين ته ڌيرج سان نه، ته ڌمڪيءَ سان ئي سهي. ڪڙڪو ڪري چوڻ لڳو ”ڇا تون ايتري قدر گستاخ ٿي ويو آهين، جو ڏن ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪرين؟ ڇا تون اسان جي قهر ۽ غضب کان غير واقف آهين! توکي ان جو جلد ئي مزو چکايو ويندو.“

        ان مهل پير جو جوش ۽ جلال جاچڻ وٽان هو. اڳي، سيٺ صاحب، جي پير جي واتان اهي ٻول ٻڌي ها، ته هوند رعب ۽ خوف وچان ڏڪڻي وٺي وڃيس ها، ۽ هن جي قدمن تي ڪري، معافي معافي پڪاري ها. پر هينئر هن جي دل کي لوڏو ئي ڪو نه آيو. سندس نرڙ تي ندامت جو ڪو به نشان نمايان نه ٿيو. هن وات مان ٻڙڪ به نه ٻولي، ڇو ته سمجهائين ته هتي ”ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تا ڪافر“ وارو قصو آهي. انهيءَ ڪري مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ. گنڀير بنيو ويٺو رهيو.

        پير، تير نشان تان گسندو ڏسي گويا پاڳل ٿي پيو، ۽ وري رنڀ ڪري چيائين ”بي سمجهه! تون اسان جي معجزن کان منهن ٿو موڙين، تَڙَ تي رهي واڳن سان وير ٿو رکين، اسان توکي تنهنجي گهر جو گهر ۾ ڪرامت ڏيکارڻ ٿا چاهيون. ڏاڏا سائين ڪندو ته تنهنجي ٽجوڙي تنهنجو سڀ سون ۽ ڳهه ڳهي ويندي. قلندر ڪندو ته پائي پائي پنندو وتندين.“

        سڀني ويٺلن جي وات مان ”حق، حق“ جو نعرو نڪري ويو. هو سيٺ جي حال تي افسوس ڪرڻ لڳا ته ڏسي وائسي ٿو باهه ۾ ٽپو ڏئي. جن مرشدن سان مهاڏو اٽڪايو، اهي ڪڏهن به سنئين لڱين ڪين ٿيا. جو هنن کان ڦِريو، سو ڦُڙيو. انهن جو جهڳوئي جهڻ. ويڙهي ئي ختم. اهڙا سوين مثال، اسان پنهنجي هنن گنهگار اکين سان ڏٺا، ۽ ڪنين ٻڌا.

        پر سيٺ صاحب دل ئي دل ۾ کليو. هن پير جي ڏاڏي جي ڏمر ۽ قلندر جي قوتن کي صحيح نموني سڃاتو ٿي. وڌيڪ ويهي، وقت وڃائڻ فضول سمجهي، هو ٻاهر نڪري ويو.

(٢)

        ”چور...... چور.....!“ جا آواز ماٺيڻي ماحول کي چيرڻ لڳا. يڪايڪ، پاڙي مان به پڪارون ٻڌڻ ۾ آيون: ”پهتو ، پهتو... نه ويندو، نه ويندو ..... پڪڙيو، پڪڙيو!“

        ماڻهن جي ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي ويئي. هر ڪنهن کي هٿ ۾ هڪ نه ٻيو هٿيار هو. ڪن کي ڪهاڙي هئي، ڪن کي لٺ ۽ ڪن کي لوڙهه.

        چور پڪڙجي پيو. هو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. هن جي مغز مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو. چانڊوڪيءَ ۾ هن جو چهرو ڏسي، ڪيترن ئي ماڻهن جي وات مان هڪ ئي وقت حيرت جي دانهن نڪري ويئي.

        چور کي سڃاڻي، سڀني جا طاق لڳي ويا. هر ڪنهن کي سُڌ پئجي ويئي ته هي شريف ڊاڪو، چوريءَ جي ارادي سان سيٺ جي گهر ۾ گهڙيو هو، مگر سڳ سوڌو جهلجي پيو. هن کي پوليس جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ، سڀ ماڻهو سيٺ کي وڪوڙي ويا ته اسان کي سموري واردات کان واقف ڪر.

        سيٺ هنن کي ٻڌايو ته هن جو پهرين پيرن ۾ ڪيترو ويساهه هوندو هو، ۽ پوءِ ڪيئن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين، ۽ پير سان پوئين گڏجاڻيءَ ۾ ڇا ڇا وهيو واپرايو.

        هن وڌيڪ چيو : ”ٿورا ڏينهن ٿيا، هڪڙي ڪاليجيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيم. هونءَ ته آءٌ پيرن تي ڪک پيو نه سهندو هوس، پر خبر ناهي ته هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو جادو هو، جو سڀ ڪجهه صبر سان ٻڌندو رهيس. سچ پچ ته هن منهنجا ڪپاٽ ئي کولي ڇڏيا. هن مون کي مرشدن جي مڪارين ۽ درويشن جي دوکيبازين بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو؛ ۽ هر ڳالهه صاف ثابتين ۽ مثالن سان. پڇاڙيءَ ۾ مون کي ٻه چار ڪتاب پڻ ڏنائين؛ جن جي پڙهڻ سان منهنجا رهيل کهيل شڪ به دور ٿي ويا؛ ۽ جيئن ئي مون سوچڻ شروع ڪيو، تئين ئي پيرن جو پست اخلاق، ڪوڙيون ڪرامتون ۽ ٺڳيءَ جا ٺاهه، فلم جي تصويرن وانگر منهنجي آڏو ڦرڻ لڳا. مون کي پنهنجي گذريل حياتيءَ جي بيوقوفين تي ارمان ٿيو، ۽ آئيندي واسطي اهڙي وهم پرستيءَ کان پري رهڻ جو پڪو پهه پچايم.

        ”پير جي هن پوئين گفتگوءَ کانپوءِ مان غافل ڪو نه رهيس. هن جي دڙڪي جو مطلب منهنجي ذهن ۾ هو. گهر ۽ دڪان جي چڱيءَ طرح چوڪسي ڪرڻ لڳس. اڄ، اڌ رات ڌاري، مان پنهنجي هنڌ تي ليٽيل هوس، مگر ننڊ خير ڪانه هئي، ته ڪجهه سراسراهٽ جو کڙڪو ٿيو. ڀت مٿان ڪنهن کي چڙهندو ڏٺم. منهنجي تيز نظر هن کي سڃاڻڻ ۾ دير نه ڪئي. مون چاهيو ته ڀلي ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي ته ٻين لاءِ به سبق ٿئي. ڀل ته پير ۾ عقيدو رکندڙ، هن جي ڪڌن ڪرتوتن کي پنهنجي اکين سان ڏسن. هو ٽجوڙيءَ تائين اهڙو تڪڙو پهچي ويو، ڄڻ ته گهر جو ڀاتي آهي. پڪ اٿم ته ٽجوڙيءَ جا پار پتا پير ئي هن کي ڏنا هوندا، جو هو اسان جي گهر ۾ پئي آيو ويو آهي، ۽ سامان سڙي جو چڱيءَ ريت واقف آهي. اتي مون مناسب موقعو سمجهي ”چور، چور“ پڪارڻ شروع ڪيو. هو بدحواس ٿي ڀڄڻ لڳو. انهيءَ ڀاڄ ۾ ٻه چار دفعا کوپري وڃي ڀت سان ٽڪريس ۽ رت ايترو ٿي وهيس، جو ڪتا نه چٽين. مون هن کي جهلڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر هٿ ڦٻي نه سگهيا، ۽ هو ڀت ٽپي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هينئر منهنجو هٿيار وڃي رهو هو فقط دانهون ڪوڪون ڪرڻ، ۽ مون پورو زور لڳائي هُل مچايو. توهان ڀائر پهچي ويا، ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو.“

        هي ٻڌي هڪ همراهه چيو ”هي جو ڏيڍ سال اڳ، هن تنهنجي ڪاليجيءَ جي جاءِ مان چور ڀڄايا هئاسون، انهن مان هڪ چهرو مان ٿورو ٿورو ڏسي سگهيو هوس، ۽ مون کي هڪدم خيال آيو ته هي پير جو خاص خليفو ته نه آهي؟ پر وري اهو ويچار پنهنجي دل ۾ مون اچڻ ئي نه ڏنو، ڇو ته اهڙي ڳالهه جو خيال ڪرڻ به گناهه ٿي ڀانيم. پر هاڻي مون کي پڪ ٿي ٿئي ته انهن ٻن ڄڻن مان هڪ اهو ساڳيو خليفو هو.

(۴)

        ٻئي ڏينهن، ننڍي وڏي جي وات اها وائي هئي ته پير جو خاص خليفو چوري ڪندي پڪڙجي پيو. سڀئي ڏندين آڱريون ڏيئي رهيا هئا. ويچارا مريد ۽ عقيدتمند، جيڪي پيڙهين کان وٺي، هن جي ڪرامتن جا قائل هئا، اهي انهيءَ شش پنج ۾ هئا ته پير کي هاڻي پير سمجهجي يا نه!

        هوڏانهن سيٺ اعلان ڪيو ”ڪاليجي شاگرد ئي هن ڳوٺ جو پهريون شخص آهي، جنهن وهم پرستيءَ کان ڇوٽڪارو پاتو آهي. ائين رڳو تعليم حاصل ڪرڻ ڪري ٿيو آهي. اها تعليم جي جيئري جاڳندي ڪرامت آهي. ان ڪري هاڻي اسين تعليم ڏي پورو توجهه ڏينداسين. سنڌي اسڪول هتي اول ئي آهي، هاڻي انگريزي اسڪول پڻ شروع ڪرايو ويندو. ان لاءِ مان پنهنجي هڙئون اسڪول جي عمارت لاءِ ٽيهه هزار رپيا ڏيندس.“

٭تي ارمان ٿيو، ۽ آئيندي واسطي اهڙي وهم پرستيءَ کان پري رهڻ جو پڪو پهه پچايم.

روع ڪيو، تئين ئي پيرن جو پ

 

        خانواهڻ، ٩– جون 1948ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com