بابي سائين حاجي الهه آندي خان
جي ياد ۾
جنهن جو تعليم سان عشق هو؛
جنهن ماستريءَ جهڙي معمولي پگهار واريءَ نوڪريءَ هوندي، پاڻ
بکون ڪاٽي به، ستن پٽن ۽ ڀائٽين کي اوچي تعليم
ڏياري، جن مان اڄ هڪ فوج ۾ ڪرنل آهي، هڪ ميجر آهي،
هڪ ڊاڪٽر آهي، هڪ آفيس سپريٽينڊنٽ آهي، هڪ سروير
آهي ۽ ٻه ماستر آهن؛
جنهن جي اڻٿڪ ڪوشش ڪري، اسان جي ڳوٺ خوانواهڻ ۾ انگريزي
اسڪول جو پايو پيو، ۽ جو اڄ هاءِ اسڪول آهي.
جنهن پاڙي وارن ۽ ڳوٺ وارن کي گهڻي کان گهڻيءَ تعليم
حاصل ڪرڻ تي همٿايو، ۽ پاڻ ماستر جي حيثيت ۾ پوري
محنت، محبت ۽ ايمانداريءَ سان شاگردن کي تعليم جي
زيور سان مالا مال ڪيو.
جنهن، منهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻي ”ڪرامت“ جي آخري پئرا
پاڻ لکي، تعليم جي ’ڪرامت‘ کي چوڏهينءَ جي چنڊ
جيان چٽو ڪيو.
- نجم عباسي
منهنجوٻيو ڪتاب
٭
منهنجي هن ٻئي ڪتاب ۾ به ڪهاڻيون آهن.
مان اهڙين ڪهاڻين لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان جي سمجهڻ ۾
سوليون هجن ۽ جن ۾ دلچسپيءَ جي زنجير ڪٿي به نه
ٽٽي.
ننڍيءَ ڪهاڻيءَ جا موضوع ٿين ٿا: عام ماڻهن جي زندگي،
سماج جون ريتون رسمون، ديس وارن جا مسئلا، غريبن ۽
مسڪينن جا احساس ۽ امنگ، مظلومن جون آهون ۽
دانهون، ظالمن ۽ پرمارن جون عام خلق تي ڏاڍايون ۽
عقوبتون ۽ ٻيا.
انڪري، جهڙيءَ طرح تاريخ بادشاهن، سلطانن، راجائن،
حاڪمن، خليفن ۽ نبين جي ذڪر جو دستاويز هوندي آهي،
اهڙيءَ طرح ڪهاڻي ان دور جي ”عوامي تاريخ“ آهي.
بادشاهن ۽ حاڪمن جي تاريخ لکڻ ۾ گهڻو ڪري
پاسخاطريءَ، خوشامد، وڌاءَ ۽ تعصب کان ڪم ورتو
ويندو آهي؛ پر عوامي تاريخ (ڪهاڻيءَ) ۾ حقيقي
حالتون درج ڪيون وڃن ٿيون.
مثال طور، ايندڙ وقت ۾، هتي جي هاڻوڪن وزيرن، گورنرن،
حاڪمن ۽ سياسي اڳواڻن جي حالتن ڄاڻڻ لاءِ ماڻهن کي
”سنڌ جي تاريخ“ پڙهڻي پوندي، پر هنن کي اڄوڪن عام
سنڌين جي احساسن، جذبن، سماجي حالتون ۽ ذهني سوچ
جي صحيح تصوير فقط اڄڪلهه جي ”ڪهاڻين“ ۾ ئي ملي
سگهندي.
مون به ”عوامي تاريخ“ لکڻ ۾ حصو پئي ورتو آهي.
مون کي پنهنجي اڳئين ڪتاب مان آزمودو ٿيو آهي ته سنڌيءَ
جا نقاد اديب تمام ٿورا آهن؛ ۽ جي آهن، سي مصلحتن،
مجبورين يا ٻين سببن ڪري، ڪتاب جي اڀياس تي محنت
ڪري، ليکڪ ۽ ٻين اديبن ۽ عام پڙهندڙن جي رهنمائي
ڪرڻ لاءِ وقت نٿا ڪڍن.
انڪري منهنجو هر پڙهندڙ کي عرض آهي ته هو هن ڪتاب پڙهڻ
بعد، پنهنجي ويچارن کان مون کي واقف ڪري. ان لاءِ
مان پنهنجو پورو سرمانو هيٺ درج ڪري رهيو آهيان.
نجم عباسي
سرنامو
ڊاڪٽر نجم عباسي
ايم. بي . بي . ايس
گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.
مهاڳ
(محمد عثمان ڏيپلائي)
”ادب“ ڇا آهي؟ لغوي معنيٰ کڻي ڪهڙي به هجي، پر عملي طرح
ادب چئبو آهي، اهڙن موزون لفظن کي جي نثر يا نظم
۾، نهايت سهڻي انداز سان، پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي دل ۾
اها ڳالهه چڱيءَ طرح وهارين، جا هن کي ٻڌائڻ ۽
سمجهائڻ گهربل آهي. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته
اهڙي قسم جي اديبن ۽ شاعرن جي هڪ فقري يا هڪ شعر
ڪيترن شخصن ۽ قومن جي زندگي بدلائي ڇڏي هوندي.
سنڌيءَ ۾ اهڙي طرز جي لکندڙن ۾ اسان جو نامور اديب،
ڊاڪٽر نجم عباسي، به هڪ نمايان جڳهه والاري ٿو.
پاڻ پاءُ صديءَ کان وٺي افسانا لکندو رهي ٿو، جي
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڙهندڙن کان تحسين
حاصل ڪري چڪا آهن. انهن جو هڪ مجموعو ”طوفان جي
تمنا“ شايع ٿي چڪو آهي، ۽ هي ”پٿر تي ليڪو“ ٻيو
مجموعو آهي.
هن مجموعي ۾ جيڪي افسانا ڏنل آهن، تن کي موضوع جي لحاظ
کان هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
هڪڙا، مڪار ۽ چالاڪ مرشدن جي خوب قلعي کولين ٿا، ۽ اهو
منهنجو به هڪ سڀ کان اهم ۽ محبوب موضوع آهي، ڇو ته
منهنجي خيال موجب دنيا ۾ اڄ تائين مڪار ۽ چالاڪ
مرشدن جهڙي خطرناڪ ڪا به ٻي مخلوق پيدا نه ٿي آهي.
زهري جيتن ۽ خونخوار جانورن کان ته ماڻهو پاڻ کي
بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي جو هو انهن کي پڪ
سان خطرناڪ سمجهي ٿو، پر مرشدن جي طبقي طرفان اهڙو
ته مڪاريءَ جو ڄار پکڙيل هوندو آهي، جو دل ۽ دماغ
کي انهيءَ حد تائين مفلوج ڪري ڇڏي ٿو، جو ماڻهو از
خود وڃي ٿو سندن ڄار ۾ ڦاسي، ۽ سندن براين کي به
اندروني طرح چڱائي سمجهي ٿو، ۽ هنن طرفان جيڪو
سندن مال، اولاد ۽ عزت تي ڌاڙو لڳندو رهي ٿو، ان
کي به پنهنجي سڀاڳائي سمجهي ٿو، بلڪه ڪڏهن ته اهو
به باور ڪرڻ لڳي ٿو ته اها ظاهر ۾ ڀلي کڻي بدڪاري
هجي، پر باطن ۾ چڱائي هوندي.
هن مجموعي ۾ نجم صاحب جا اهڙا جيڪي افسانا آيل آهن، تن
مان هڪڙو آهي ”قدمن چمڻ لاءِ“ هن ۾ هڪ مجاور يا
خليفو، اول ته اها دعوا ڪري ٿو ته هن شهر ۾ ٻوڏ جو
پاڻي بلڪل نه ايندو، ڇو ته هن شهر ۾ سندس مرشد جو
روضو آهي. پر پوءِ جڏهن شهر ٻڏي ويو ۽ اها وسوڙل
خلق وڏين مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويئي، جنهن کي مرشد
طرفان بچاءِ جو يقين مليل هو، تڏهن وري خليفو صاحب
ماڻهن کي الٽو اها ڪرامت ڪري ٻڌائڻ لڳو ته درياءَ
بادشاهه وعدو ڪيو هو ته آءٌ ڪڏهن نه ڪڏهن مرشد
سڳوري جا قدم ضرور چمندس! ۽ وسوڙل وري به انهيءَ
چڪمي ۾ اچي ويا!
ٻيو افسانو ”پير جو لوڻ“ انهن احمقن جو آهي، جي مرشد جي
پڙهيل لوڻ ۾ بنهه امرت ڌارا وارو اثر سمجهندا هئا،
۽ اهو هر مرض ۾ استعمال ڪندا هئا. پوءِ ڪي معمولي
مرض از خود دفع ٿيندا هئا. نيٺ ان کي نانگ جي ڏنگ
لاءِ به ترياق سمجهي ٻئي علاج کان غافل رهيا ۽
نتيجو ڏٺائون.
ٽيون افسانو ”ڪرامت“ انهيءَ شخص جي احوال بابت آهي،
جنهن جون اکيون ڪاليجي شاگرد جي سمجهائڻ تي کلي
پيون هيون، ۽ هن کي خوب سمجهائڻ بعد آخر اهو دڙڪو
به ڏنو ته تنهنجي ٽجوڙي تنهنجو خزانو اسان جي حڪم
تي ڳهي ويندي. هو ان دڙڪي جي اصليت کي سمجهي سجاڳ
رهيو ۽ آخر مرشد جو موڪليل ڌاڙيل گرفتار ڪري، مرشد
جا خوب پول کولي وڌائين.
چوٿون افسانو ”ڀوت“ اگرچ مرشدن بابت ته ناهي، پر ان وهم
جو پوريءَ ريت پول کولي ٿو ته ڪيئن ماڻهو قبرن
وارن کي ڀوت سمجهي پريشان ٿين ٿا.
ڊاڪٽر صاحب جي افسانن جو ٻيو موضوع آهي، انهن ٺڳ مهاجرن
جو، جي اسلام جو نالو وٺي، وڃي اٻوجهه بنگالين تي
ڪڙڪيا، سندن دولت طرح طرح رستن سان سميٽي، سندن
ڪارخانا، زمينون، جايون، نوڪريون وغيره پنهنجي
قبضي ۾ ڪري، هنن لاءِ رڳي غربت وڃي ڇڏي هائون، ۽
ان کانپوءِ ته کانئن حڪومت ڪرڻ جا حق به کسي پئي
ورتائون. پوءِ جڏهن بنگالين جو رت ٽهڪيو، تڏهن هنن
به ڪهڙي طرح بدلا ورتا. ڊاڪٽر صاحب جا ٻه افسانا
”پٿر تي ليڪو“ ۽ ”نه گهر جو نه گهاٽ جو“ ۾ انهن
واقعن جي اثرائتي تصوير، نهايت قابليت سان چٽي
آهي.
ٽيون افسانو ”سنڌي ساهرا“ وري اهڙن ٺڳ مهاجرن طرفان،
اٻوجهه سنڌين کي ڦاسائڻ جو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جو ٽيون موضوع آهي قوميت. انهن مان هڪڙي
ڪهاڻي آهي ”پٿر تي ليڪو“، جنهن ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي
اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته انسانن جي باهمي رشتي جو
ازلي بنياد آهي، ساڳي زبان، طن، سڀيتا ۽ تاريخ جو
هجڻ. ٻي ڪهاڻي آهي ”ڪراچيءَ جا ميزبان“. ههڙي
ڪهاڻي فقط سنڌ جو سچو درد رکندڙ ئي لکي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جي افسانن جو چوٿون موضوع آهي غلط دينداري.
هن سلسلي جو هڪ افسانو آهي ”ڇوٽڪاري جي واٽ“ جنهن
۾ هڪ شخص پنهنجي بدڪار دوست جي اوچتي موت تي اگرچ
پريشان ٿي پنهنجي نهايت ذليل بدڪارين کي پشيمان ٿي
ڳڻي ٿو، پر پوءِ يڪدم ان جو علاج اهو ئي سوچي ٿو
ته ڪهڙي پرواهه آهي، مون وٽ گهڻئي پيسا آهن، هن
سال کڻي حج تي ويندس ۽ پاڪ ٿي ايندس، اهڙي ذهنيت
ڪيئن نه انسانن کي بدڪارين تي اڀاري ٿي، ان جو
صحيح نظارو هن افساني ۾ ملاحظو ڪري سگهجي ٿو.
پر ٻيو افسانو ”قلب اندر ڪعبو“ اهو تاثر ڇڏي ٿو ته حج
کان به وڌيڪ عبادت آهي، انسان ذات جا دک گهٽائڻ
جون ڪوششون ڪرڻ.
انهيءَ موضوع جو ٽيون افسانو آهي ”امين گل“ جنهن ۾ هڪ
ٻچڙيوال پرديسي پورهيت کي ملان صاحب سخت بيماريءَ
جي حالت ۾ به روزي ڀڃڻ کان روڪي، سندس معصومن کان
ابو کسين ٿا، ۽ پاڻ موجن سان مزيدار طعام هڙپ ڪندا
رهن ٿا.
انهن موضوعن کان سواءِ، باقي رهيل افسانن مان هر ڪو ڪو
نه ڪو تاثر ڇڏي ٿو.
هڪ افسانو آهي ”پيٽ، دل ۽ پيار“ جنهن ۾ ان رواج جو پُر
تاثر نتيجو ڏيکاريل آهي ته جيڪي شخص ڌيءُ ڄمڻ کان
به اڳ ”پيٽ“ کي لکي ڏين ٿا، ان جو آخري نتيجو ڪهڙو
ٿو نڪري.
”اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻي“ اگرچ اڌوري آهي، پر دل جي گهراين جو،
دل جي گهراين ۾ مڪمل تاٿر ڇڏي ٿي.
”جمن موچيءَ جي شادي“ اهو نهايت دکدائڪ تاثر ڇڏي ٿي ته
غريب کي جنسي خواهش جي مجبوري آخر ڪٿي ٿي وڃي
پهچائي، اهو نتيجو در اصل ان جو آهي جو هڪڙا ته
تونگريءَ جي زور تي ڪنئين زالون هٿ ڪن ته ٻين کي
ڪجهه به نٿو ملي.
”توکي مرڪندو ڏسان“ جي آکاڻي ان مرڪندڙ مکڙيءَ جي زندگي
ٿي پيش ڪري، جنهن کي سندس بيدرد چاچو ڪنهن ٻڍي
مواليءَ کي ٿو وڪڻي. هوءَ هر ڪنهن هڪجيڏي وٽ
موهيندڙ مرڪ ٿي پکيڙي، آخرهڪ تونگر جي چڪمي ۾ اچي،
پوڙهي کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڀڄي ٿي. هو به سندس واس
وٺي، کيس نڌڻڪو ڪري ڇڏي ٿو، پوءِ اگرچ هوءَ وڏي
شهر ۾ لاچار ٿي پاڻ وڪڻڻ شروع ڪري ٿي، ته به ٻڍي
مواليءَ وٽ وڃڻ لاءِ تيار ڪانهي.
افسانو ”يارهن ٽڪيون“ هڪ محبت ڀري عورت جي جوش رقابت
عرف زناني غيرت جو واهه جو نظارو پيش ڪري ٿو، ۽ ان
عام اعتقاد کي پرزا ڪري ٿو ڇڏي ته غيرتمند رڳو مرد
آهي، جو زال جو ٻئي سان پيار سهي نٿو سگهي، باقي
عورت انهيءَ تي ڪا به غيرت ڪا نه ٿي ڪري ته سندس
مڙس گهڻيون شاديون ڪري.
افسانو ”ضدي“ زال مڙس جي عجيب ضدن جي مزيدار تصوير پيش
ڪري ٿو، پڙهندڙ کي تفريح جو سامان پيدا ڪري ٿو
ڏئي.
”ڪهاڻي جي تلاش“ ان وڏيرڪي ظلم ۽ ستم جو پورونقشو پيش
ڪري ٿو، جو اسان جي ٻهراڙيءَ جي غريبن تي بري طرح
ڇانيل آهي، ۽ ملن طرفان وري ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش
تي ڪفر جون فتوائون لڳنديون آهن.
”جٺ“ وارو افسانو ڏاڍو لطف ڏيندڙ آهي، جو عورتن جي
زندگيءَ بابت هڪ کلائيندڙ ۽ پُرتاثر نظارو پيش ڪري
ٿو، ۽ ”طوفان ۽ ڏيو“ وري عورتن جي نفسيات جو ٻيو
مزيدار نظارو.
ان طرح ڊاڪٽر صاحب جا سڀ افسانا اهڙيءَ طرح سان لکيل
آهن جو عبرت جي سامان سان گڏ لطف سان به ڀرپور آهن
۽ نهايت سلوڻيءَ سنڌيءَ ۾ آهن.
بلاشبهه ههڙا مجموعا سنڌي ادب کي مالدار بنائين ٿا، ۽
پنهنجن سان گڏ غيرن وٽ به فخر سان پيش ڪرڻ لائق
آهن. سيکڙاٽ اديب ههڙن ئي صاحب طرز اديبن جي ٻاريل
ادبي شمع کان روشني وٺي اڳتي هلن ٿا، ۽ اهي اديب،
جن جو ادب اڪثر بي مقصد ٿئي ٿو، سي به ههڙا مجموعا
پڙهي، پاڻ کي ڪجهه نه ڪجهه بدلائڻ لڳن ٿا.
حيدرآباد سنڌ ڏيپلائي
٢٢ – جنوري
1973ع
قدمن چمڻ لاءِ
٭
گهوگهٽ ڪندي، شور مچائيندي، لڏندي لمندي، لانچ هلي رهي هئي.
پاڻيءَ ۾ سمنڊ واريون ڇوليون هيون. رڳو ڊگهن وڻن
جون چوٽيون، پاڻيءَ جي مٿاڇري کان مٿي بيٺل هيون.
ڪن ڪن وڻن جي ٽارين تي جدا جدا رنگن وارا نانگ نظر
ٿي آيا. پري کان مڪليءَ جا قبا ڏسڻ ۾ اچي رهيا
هئا.
منهنجي ذهن ۾ هڪڙا خيال ٿي آيا، ٻيا ٿي ويا. مون کي
فقير الهه ورايو ياد اچي ويو. هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾
هوندو؟ مون کي خبر هئي ته جنهن پير جو هو مجاور
هو، تنهن جو مقبرو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو هو.
فقير الهه ورايو نهايت نهٺو ۽ خوش طبع انسان هو. ننڍي
وڏي سان نوڙت سان پيش ايندو هو، ۽ غريب غربي جي وت
آهر خدمت ڪندو هو. جو نئون ماڻهو، پير جي مزار جي
زيارت ڪرڻ ايندو هو، ان کي هو مقبرو گهمائيندي،
پير صاحب جي تاريخ، شجرو ۽ هن جون ڪيل ڪرامتون
ٻڌائيندو هو. هن جو گهڻو وقت خدا جي ذڪر فڪر ۾
گذرندو هو. پير جي مريدن ۽ زيارتين وٽان هن کي
نذرانا، خير خيرات ۽ لٽو ڪپڙو پيو ملندو هو، جنهن
مان هن جو ۽ هن جي ڪٽنب جو ڪشادو گذر ٿي ويندو هو.
ٻارهين مهيني پير جو عرس ٿيندو هو. ان موقعي تي
فقير کي هزارن جا نذرانا ۽ تحفا ملندا هئا.
هو ان ڏينهن مون وٽ دوا وٺڻ آيو هو، جنهن رات بچاءُ بند
ڀڳو هو، پر پاڻي اڃا ٺٽي کان گهڻو پري هو. ٻه چار
ڄڻا ٻيا به موجود هئا. ٻوڏ جي باري ۾ گفتگو پئي
ٿي.
هن چيو ”پاڻيءَ کي طاقت ئي ناهي، جو ٺٽي ۾ پير پائي
سگهي. هي پيرن فقيرن جو آستانو آهي. هتي سائين
.... گهوٽ جو روضو آهي. منهنجي عمر سّٺ سال آهي.
ڪڏهن ڪڏهن بند ڀڳو ضرور آهي، پر ٺٽي ۾ پاڻي ڪڏهن
نه گهڙيو آهي. هي لڏ پلاڻ ڪرڻ وارا ماڻهو احمق
آهن، هنن ۾ ايمان ڪونهي، خدا تي ڀروسو ڪونهي. جي
هتي ٻوڏ آئي ته پوءِ نعوذباالله اسان جو مرشد
ڪوڙو!“
هن جي ڳالهائڻ ۾ خود اعتمادي ۽ اطمينان جي جهلڪ هئي.
پاڻي ته ان رات ئي ٺٽي جي گهٽين ۽ گهرن ۾ گهڙي آيو. مون
کي به سخت ڪم ڪرڻو پيو. هينئر به لانچ ۾ بگهاڙ تي
پناهه وٺندڙن کي طبي امداد ڏئي، واپس مڪليءَ وڃي
رهيا هئاسين. لانچ ۾ ڏهه ٻارهن ڄڻا هئا: ڊاڪٽر،
ڪمپائونڊر، پٽيوالا ۽ نيويءَ جا ماڻهو. ڳالهه
ٻولهه جو موضوع اٿل هئي:
”هتي ڪيترا نه پير فقير آهن، پر اهي به هن مصيبت کي
روڪي نه سگهيا.“ هڪڙي چيو.
”هي سڀ اسان جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي. ماڻهن جو آخرت ۾
اعتبار نه رهيو آهي، خدا ۾ ايمان نه رهيو آهي ۽
پيرن اوليائن کي ڇڏي ڏنو اٿن“ ٻئي چيو.
”دوست، اسان جي بدڪاري ۽ گناهن ڪري ٻوڏ ته اچي نٿي
سگهي، البت انجنيري وارن جي بد انتظامي ۽ بيپرواهي
ان لاءِ جوابدار ٿي سگهن ٿيون.“ پهرين مرڪي جواب
ڏنو.
ٽئين چيو ” اها خدا جي سچن ٻانهن ۽ ولين جي ڀلائي آهي،
جو ٺٽي جو گهڻو حصو بچي ويو.“
پهرين وري چيو ” انهن ڳالهين جو مدار فطرت جي قانونن تي
آهي. پاڻي پنهنجي ليول مطابق جتي پهچي سگهيو ٿي،
اتي ويو آهي. جيڪي جايون مٿي دڙي تي هيون، اهي بچي
ويون. هيٺاهين وارين جڳهين کي پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيو.
ايئن ڪو نه آهي ته بدڪارن جا گهر ٻڏي ويا، ۽ ٻين
جي جاين کان پاڻي پاسو ڪري ويو. هيٺاهينءَ وارا
مقبرا، مسجدون ۽ مندر به بچي ڪو نه سگهيا.“
چوٿين چيو ”شهر ۾ ته هيءَ ڳالهه پئي هلي ته هڪ الهه لوڪ
بزرگ، ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڏسي، جامع مسجد ۾ دعا
گهري ته مولا، ٺٽي کي ايترو پاڻي ڏي، جو شهر به
درياهه ٿي وڃي. ان ڪري ئي هي سيلاب آيو.“
مڪليءَ تي پهتاسون ته معلوم ٿيو ته جن سيلاب جي ستايلن،
قبن اندر وڃي ٻارن ۽ زالن سميت اجهو ورتو هو، تن
کي اتان ڪڍيو پيو وڃي؛ ڇو ته ان نموني قبرن جي
بيحرمتي پئي ٿي.
چوڌاري ماڻهو ئي ماڻهو ٿي نظر آيا. ٻوڏ ڪري ماڻهن کي
سخت مصيبتن سان مقابلو ڪرڻو پيو هو.
شروع ۾، جڏهن بند ٽٽڻ جي خبر آئي، تڏهن هراس ۾ ماڻهو
گهر ۾ مال ڦٽو ڪري وٺي ڀڳا، ان گهٻراهٽ جو فائدو
وٺي، لچن ۽ لفنگن خوب ڦر لٽ ڪئي. ٻهراڙيءَ وارن کي
اوچتو اچي پاڻيءَ گهيرو ڪيو، جنهن ڪري هو فقط
جانيون بچائي، مشڪل سان ٻاهر نڪتا. گهر جو سمورو
سامان سڙو، ڍور ڍڳا ۽ فصل پاڻيءَ جو بَکُ ٿي ويا.
ڪن کي پنهنجيءَ حياتيءَ تان به هٿ ڌوئڻا پيا.
مڪليءَ تي پهتا. کيسا خالي، رهيو کهيو کڻي ڪو نه سگهيا،
ڌنڌا ڌاڙي بند، اُپت ڪو نه رڳو کپت. ٻه مکيه مسئلا
هئا، هڪ اجهو، ٻيو اٽو. بارش به پئي پئي. مڇر بي
انت هئا. ڪن وڃي مقبرن ۾ مٿو لڪايو هو، ڪن
جهوپڙيون جوڙيون هيون، ۽ ٻيا وري کليل ميدان تي
مينهن ۽ مڇرن جو مقابلو ڪندي، بيمارين جو شڪار
بنجي رهيا هئا. پردي نشين عورتن واسطي ته هر
معاملو ڪٺن هو. سڀ حيران ۽ پريشان هئا.
اَن ڪو نه مليو، يا مليو ٿي ته تمام مهانگو. کاڌي پيتي
جون ٻيون شيون به اڻ لڀ. دال بصر ملڻ به مشڪل.
آمريڪي کير ۽ گيهه وٺڻ لاءِ ماڻهو ٻارين ٻچين،
ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اچي قطار ۾ بيهندا هئا. ڪالرا ۽
مدي جي تپ جا ٽڪا ماڻهن نه ٿي هڻايا. پوءِ شرط وڌو
ويو ته مفت سرڪاري راشن انهن کي ملندو جيڪي ٽڪا
هڻائيندا. اهو ٻڌي، ڪن ماڻهن ٻيڻو راشن حاصل ڪرڻ
خاطر، ڪوڙ ڳالهائي، ٻه ٻه، ٽي ٽي دفعا ٽڪا هڻايا؛
جنهن جي نتيجي ۾ هو بيمار ٿي پيا ۽ مرندي مرندي
بچيا.
نانگ بلائون به ٻاهر نڪري آيا هئا، ۽ اهي پڻ انسانن کان
ڏاڍا وير وٺي رهيا هئا. مليريا، پيچش ۽ پيٽ جون
بيماريون وڌي ويون هيون.
سوين ماڻهو بگهاڙ بند تي وڃي ڪٺا ٿيا هئا. بند جي
چوڌاري ميلن ۾، پاڻي ئي پاڻي هو. هنن کي مدد
پهچائڻ آسان ڪم نه هو. اسين، جڏهن وياسون، تڏهن
ڪيترن ماڻهن ٻڌايو ته کين ٻن ڏينهن کان مانيءَ جو
گرهه نصيب نه ٿيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن دوائن وٺڻ ۽
ٽڪا هڻائڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته
”اسان جا پيٽ خالي آهن، اسان کي کاڌو کپي، دوائن
کي ڇا ڪنداسون؟ ڀلي ته بيمارين ۾مري وڃون، گهٽ ۾
گهٽ هنن بکن کان ته جان ڇٽي پوندي.“
هڪ ڏينهن، مڪليءَ واري عارضي اسپتال ۾، دوا وٺڻ لاءِ
فقير ورايو اچي نڪتو. ٻيون خبرون چارون به ڪيائين.
جڏهن پاڻي ٺٽي کي ويجهو اچي پهتو، تڏهن هن به
سلامتي ان ۾ سمجهي ته سامان سميت ڪنهن محفوظ هنڌ
ڏانهن لڏي وڃي. هو ٻيڙيءَ رستي مڪليءَ تي پهتو.
هتي مريدن هن کي جهوپڙي بنائي ڏني. مريدن جي مدد ۽
ڪوشش ڪري، هن کي ڪا خاص تڪليف ڏسڻي ڪا نه پئي.
تڏهن به چيائين ”ٻوڏ ڪري ڏاڍا دربدر ٿيا آهيون خدا
اهڙو عذاب دشمن تي به نه آڻي.“
اٿل جو پاڻي هٽي ويو. ماڻهن واپس اچي پنهنجا وٿاڻ وسايا. حالتون
سڌري ويون. هڪ ڏينهن، مان پنهنجي پٽيوالي سان هڪ
گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس ته هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ
ڏٺم. پٽيوالي کان پڇيم ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟
چيائين ته هي ”سائين ...... اولياءِ“ جو عرس
ملهائجي رهيو آهي. مون کي ياد اچي ويو ته هي فقير
الهه ورائي وارو پير آهي. وڌي وڃي ميڙ جي هڪ پاسي
کان بيٺس. فقير الهه ورايو تقرير ڪري رهيو هو. هن
پنهنجي مرشد جي ڪرامتن جو ذڪر پئي ڪيو......
هو چوڻ لڳو ”جڏهن درياهه شاهه جي ڪپ تي، سائين ....
گهوٽ، اسلام لاءِ لڙندي شهيد ٿي ويا، تڏهن درياهه
شاهه قسم کڻي وعدو ڪيو هو ته مان ڪڏهن نه ڪڏهن
ضرور سائين... گهوٽ جا قدم اچي چمندس.... ۽ صدين
کانپوءِ، هن سال درياهه شاهه پنهنجو وعدو پورو
ڪيو، جنهن کي عام ماڻهو ٻوڏ سمجهي رهيا آهن.....!“
ميڙ مان ”حق ! حق!“ جو نعرو بلند ٿيو، ۽ مان مرڪندو
موٽي آيس.
٭
ٺٽو، ٩ – فيبروري
1957ع
ماهوار هلال پاڪستان: جولاءِ
1957ع
|