ڪراچيءَ جا ميزبان
٭
فلم جي وچ واري انٽرول ٿي. هال ۾ هلڪي
روشني ڦهلجي ويئي. ماڻهو چانهه پيڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ
لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳا. ڪي ٿورا اسان وانگر ويٺا ئي
رهيا. ان وقت هڪ سوٽ بوٽ وارو نوجوان ڇوڪرو ڦري
اسان جي سامهون آيو ۽ حُبَ سان هر هڪ کي ڀاڪر پائي
”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ چئي گڏجڻ لڳو. نه رڳو ايترو،
پر هن اسان کي ويڙهيل اجرڪن کي به ٿي چميو ۽ ساڳئي
وقت چوندو ٿي ويو، ”جيئي اَجرڪ“، ”جيئي پٽڪو“،
”جيئي سنڌ“.
اسين ٽي دوست ڪراچي گهمڻ ويا هئاسين. هن
وقت فلم ڏسڻ آيا هئاسين. سياري جي مند هئي، ان ڪري
اسان سڀني کي اجرڪ ويڙهيل هئا، ۽ هونءَ به سڄو
لباس اسان جو پنهنجو ٻهراڙيءَ واروهو؛ ڪانئچ، قميص
۽ مٿي تي پٽڪو.
هي ڇوڪرو، جو اوچتو اهڙي اوپري هنڌ ۾
اهڙي حُبَ سان اچي مليو ته حيراني وٺي ويئي.
مون به اُٿي بيهي، ڀاڪر پائي، هن کي هٿ
ڏنو. هن ته منهنجا هٿ به چميا ۽ اَجرَڪُ به چميو ۽
جيئي سنڌ وغيرهه چوندو رهيو. پريان ڪجهه ويٺل
ماڻهو عجيب نگاهن سان اسان جي طرف نهارڻ لڳا.
ان سمي، سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي زبان جي باري ۾
هلچل هلندڙ هئي. مان ٻهراڙيءَ جو آهيان، پر پڙهيل
ڳڙهيل آهيان، ۽ اخبارون پڻ باقاعدي پڙهندو آهيان.
ان ڪري سمجهيم ته هي ڇوڪرو به ڪو قومي خيالن وارو
آهي.
چيائين، ”مان پٺيان ويٺو هوس، توهان کي هن
سهڻي سنڌي پوشاڪ ۾ ڏسي دل ڀرجي آيم. هن پنهنجي ديس
۾ جتي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي پهريندڙ سنڌي، قسمت
سان ڏسبا آهن، اتي توهان کي ڏسي خوشيءَ جي لهر
اُڀري آيم:
توهين سنڌ جي سونهن آهيو،
توهين سنڌ جا سپوت آهيو،
توهان تي سنڌ کي ناز آهي،
جيئي اجرڪ، جيئي پٽڪو، جيئي سنڌ.“
هو اهڙي اتساهه ۽ شوق مان ڳالهائي رهيو هو
۽ ايترو خوش ٿي نظر آيو، ۽ اسين هن ساري قصي ڪري
منجهي پيا هئاسين ۽ حيران هئاسين، ان ڪري ڪو اکر
ئي ڪو نه اڪليو.
ايستائين انٽرول پوري ٿي، ۽ وري اوندهه ٿي
ويئي. ماڻهو موٽي اچي واپس وهڻ لڳا هئا.
هن ويندي چيو، ”چڱو ڀائو، جيئي سنڌ.“
هن جي وڃڻ کانپوءِ اسان مان هڪڙي سنگتيءَ
چيو، ”يار، ڪريو خبر، ڪير همراهه هو؟“
اسان مان ته ڪنهن به هن کي نه ٿي سڃاتو.
نه ڏٺل، نه ٻڌل.
ٻئي سنگتيءَ شبهو ظاهر ڪيو ته، ”يار، هي
ڪو شهري لليجو ته ڪونهي، متان اسان کي ٻهراڙيءَ جا
ڄٽ سمجهي ڪو ٺڳيءَ جو ٺاهه رٿيو هجائين.“
هن جي اها ڳالهه مون کي پڻ کُکِي.
ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ڪاليجي شاگرد ٿي آيو. بهترين
انگريزي ڪپڙا پهريل هئس، پٺيان ڪياڙيءَ تي وار
وڌيل، خط اڌي ڳٽي تائين اڻ ڪوڙيل، رنگ جو ڀورو،
بدن ڀريل.
فلم شروع ٿي ويئي هئي، اسين ان جي ڏسڻ ۾
مصروف ٿي وياسين. فلم پوري ٿيڻ تي هجوم سان گڏ
رڙهندا رڙهندا ٻاهر آياسين. رستي جي ڪناري تي اهو
ڇوڪرو، هڪڙي ڪاري پيلي ٽيڪسيءَ جي ڀرسان اسان جي
انتظار ۾ بيٺو هو. ٽيڪسيءَ جو ڊرائيور هڪ ٿلهو
متارو حبشي اندر ويٺل هو.
اسان کي ڏسي، ڇوڪري جي چهري تي مرڪ ڇائنجي
ويئي. ڏاڍي سِڪَ مان چيائين، ”ڀائو اچو، وهو ته
اوهان کي اوهان جي گهر پهچائي اچان.“
هن جي انهيءَ دعوت تي شايد اسان ٽنهي جي
اندر ۾ پنهنجي انديشي جي تصديق ٿيندي نظر آئي. وري
به جواب ڏيڻ لاءِ منجهي پياسين.
هن دهرايو، ”ادا، اچو اچو، حجاب نه ڪريو.“
مون جواب ڏنو، ”نه، توهان کي تڪليف
ٿيندي.“
هن کِلي چيو، ”اها تڪليف نه، پر منهنجي
لاءِ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
مون سوچيو: هو ”ايتري حَبَ ۽ سِڪَ مان
صلاح ڪري رهيو آهي، ڇو نه قبول ڪجي:
قرب جو ڪٽورو پئبو پئبو،
زهر جي آهي، زندگي ڏيندو.
۽ شايد اهو خيال ساڳئي وقت اسان ٽنهي سنگتين جي دل
۾ پيدا ٿيو ته: ”جي هو ٺڳ آهي ته اسين به ڪراچيءَ
جا واقف ۽ ٽي ڊنگ جوان آهيون، هي وات ڳاڙهو ڇوڪرو
اسان کان ڏاڍو ڪو نه ٿيندو.“
مون پنهنجي ساٿين کي چيو، ”اچو وهو.“
هن اسان کي پويان وهاري، موٽر جو دروازو
بند ڪيو، ۽ پاڻ اڳين جڳهه تي ٿي ويٺو.
اسان ڏي مهڙ ڪري پڇيائين، ته ”ڀائو،
ڪيڏانهن هلبو؟“
اسان ڪياماڙيءَ تي رهيل هئاسين. ڊرائيور
کي چيائين، ”ابا هل ڪياماڙي.“
هو ڳالهائيندو رهيو. هو اسان تي حاوي پئجي
ويو هو. اسان کي ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو، ته
ڇا جي باري ۾ ڳالهايون، ۽ ڇا جواب ڏيون، بس. ماٺ ۾
ٻڌندا رهياسين.
”هيءَ ڪراچي آهي، سنڌ جي دل ۽ دماغ، سنڌين
جي رتَ ستَ ۽ پگهر پورهئي مان پليل. جوان ٿي ٻين
جي ور چڙهي ويئي آهي. حالت اها آهي جو هتي سنڌي
سڏائيندي به ڊپ ٿو ٿئي، سنڌي ڪپڙا پائڻ ۾ گهٻرايون
ٿا، پنهنجي گهرن ۽ دُڪانن تي سنڌيءَ ۾ بورڊ هڻڻ جي
همت ڪا نه ٿي ٿئي. هتي جيڪي نيون ڪالونيون ۽ نيون
رٿائون ٺهن ٿيون، اتي سنڌين کي پَٽَ نه ٿا ڏنا
وڃن. هتي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ کي نيڪالي ڏني
ويئي آهي، ۽ سنڌي اسڪولن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڙئي
حيلا هلايا ويا آهن.“
جڏهن ريڊيو پاڪستان وٽان لنگهڻ لڳاسين،
تڏهن چوڻ لڳو: ”هي ريڊيو پاڪستان آهي، جو سنڌ جي
سڳوري سرزمين تي آهي، پر سنڌي پروگرام کي رڳو اڌ
ڪلاڪ ڏنو ٿو وڃي، رڳو اڌ ڪلاڪ! عربي، پارسي ۽ ٻين
غير ملڪي ٻولي کي به ان کان وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ٿو
….. ريڊيو رڳو ٻوليءَ جي ترقيءَ جو ذريعو نه آهي،
پر ٽيليفون ۽ ريڊيو هڪ معاشي حل به مهيا ڪن ٿا. جي
سنڌي ٻوليءَ کي ان جو پوريءَ ريت وقت جو حقي حصو
ڏنو وڃي ته ڪيترن ئي سنڌي اديبن فنڪارن ۽ ملازمن
لاءِ روزگار جو وسيلو ٿي سگهي ٿو.“
ڊوميڊيڪل ڪاليج جي ڀرسان پهتاسين ته
چيائين، ”هي ڪاليج سنڌين شروع ڪيو هو، ان واسطي
هنن کي الائي ڪيترا ورهيه جاکوڙ ڪرڻي پيئي ۽
پنهنجي هڙان پيسن ڏيڻا پيا، پر اڄ ان ۾ سنڌي شاگرد
ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس داخل ڪيا وڃن ٿا.“
جڏهن سنڌ مدرسي جي سامهون ٿي لنگهياسين،
تڏهن چوڻ لڳو، ”مون ٻڌو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت
جڏهن پناهگير هتي پهتا، تڏهن شاگردن کي موڪلون
ڏيئي اسڪول، ڪاليج ۽ هاسٽلون خالي ڪرائي، هنن کي
رهايو ويو. سنڌين جيءَ ۾ جان سان، مال ۽ پيسي سان
هنن جي آجيان ڪئي. ان وقت ڪنهن جو به ايڏانهن خيال
ڪو نه ويو ته هي ”آئي ٽانڊي کي، ٿي ويٺي بورچياڻي“
وانگر ڪندا. جيتوڻيڪ اهو هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو
ڪوڙ آهي، ته ٻاهران آيل، اصل سنڌين کان تعداد ۾
سرس آهن، پر جيڪڏهن ائين هجي به، تڏهن به جي ڪو
پنهنجي پنهنجي گهر ۾ ايترا مهمان ٽڪائي ٿو، جن جو
عدد سندس گهر جي ڀاتين کان وڌيڪ آهي، ته ان جو
مطلب اهو نه آهي ته ميزبان پنهنجو سڄو گهر مهمانن
جي حوالي ڪري ڇڏي، ۽ مهمان ئي ان گهر جو چرخو
هلائين، ۽ ميزبان پنهنجي مادري زبان ۽ قومي سڀيتا
ترڪ ڪري مهمانن واري ٻولي ۽ تهذيب اختيار ڪن.
”اسان جي ملڪ ۾ ته جو پنهنجا حق گهري،
انکي غدار سڏيو ٿو وڃي:
”اگهو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پائي سچ، آڇيندي لڄ مران.“
ڪن رستن تي رکيل نون نالن ڏانهن ڌيان
ڇڪائيندي چوڻ لڳو: ”سنڌ سڳوريءَ جي شهرن جي رستن،
عمارتن ۽ پُلين تي اهڙن شخصن جا نالا رکيا ويا
آهن، جن جو ڪڏهن به سنڌين ۽ سنڌي زبان ۽ سنڌين سان
واسطو نه رهيو، جن ڪڏهن به سنڌين ۽ سنڌي زبان ۽
سنڌ وطن واسطي ڪجهه به ڪين ڪيو. سنڌ جي سرزمين تي
انهن جو ڪهڙو ڪم؟ ڇا اسان وٽ انهن کان به وڌيڪ عزت
۽ مرتبي واريون، خوبين ۽ خصلتن واريون هستيون
موجود ڪين هيون يا ڪين آهن؟ پر ڏسجي ٿو ته سنڌ جي
هر ڪا چڱي شي انهن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي ٿي لڳي. هنن
جي لاءِ ته اهي شخص به سنڌين کان وڌيڪ عزت جي لائق
آهن، جن ساري ڄمار بادشاهي درٻارين ۾ نرڙ گسائيندي
۽ وقت جي حڪومت جي واکاڻ ۾ گيت ڳائي نڙي خشڪ ڪندي
گذاري. هي ته هتي هوندي به اُتي جي اوليائن جا عرس
ملهائيندا، ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ قواليون ڳائيندا آهن.
هنن ڪڏهن به لطيف سائين يا سچل سرمست جو عرس ڪين
ملهايو هوندو. هي ته باس باسيندا ته به اُتي جي
پيرن فقيرن جي، ۽ پوءِ خاص ان مقصد لاءِ هندستان
وڃي انهن جي درگاهن تي باسيل نذرانا ڏيندا ۽ خير
خيراتون ڪندا.“
هو ڳالهائيندو رهيو. اسانجي دماغ جون
دريون کلنديون رهيون، اکيون ڦاٽنديون رهيون. هن
ڇوڪري ۾ ايتري ڪڙاڻ ڇو آهي ؟ هن ڇا ڇا ڏٺو آهي؟ ۽
ڇا ڇا محسوس ڪيو آهي؟ هن کان پڇون ته سهي ته :
ڀائڙا تون ڪير آهين؟ اسان کي هي ڳالهيون ڇا لاءِ
ٻڌائي رهيو آهين؟
ميري ويدر ٽاور وٽ، اسان ڏي منهن ڪري
چيائين، ”يارو، اڃا توهان سان گهڻيون ڳالهيون
ڪرڻيون آهن، هيڏانهن هڪ سنڌيءَ جي هوٽل آهي ۽
ديرتائين کليل هوندي آهي. اتي هلي ويهي ٿا چانهه
به پيون ۽ ڪچهري به ڪريون.“
۽ اسان جي جواب جي انتظار کانسواءِ ئي
ڊرائيور کي اشارو ڪري، ساڄي پاسي هڪ گهٽيءَ ۾ موٽر
موڙڻ لاءِ چيائين. ڊرائيور به بنا دير اوڏانهن
گاڏي ڦيرائي.
اسان جو شڪ هڪ دفعو وري تازو ٿيو، ۽ موٽر
جي اوندهه ۾ ئي هڪ ٻئي ڏي نهاريوسين. منهنجي ڀَرِ
۾ ويٺل سنگتيءَ ٺونٺ هڻي، مون کي ڄڻ ته خبردار ڪرڻ
چاهيو.
اڌ رات جو هڪ وڄي چڪو هو. رستي تي اچ وڃ
گهڻي گهٽجي ويئي هئي. هي گهٽيون ته خالي خالي
هيون. مٿي ماڙين ۾ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ گهرن جي درين مان
روشني چمڪي رهي هئي.
گاڏي ويران گهٽين مان ٿيندي، اچي هڪ
معمولي قسم جي هوٽل وٽ بيٺي. اندر چئن پنجن ميزن
جي چوڌاري ڪاٺ جون بينچون پيل هيون. پنج ڇهه ماڻهو
انهن مان ڪن تي ويٺا هئا، ۽ چانهه جون سُرڪيون ڀرڻ
سان گڏ ڳالهيون به ڪري رهيا هئا. رڪارڊ وڳا پئي.
ڇوڪري چيو، ”مان هوٽل واري کي چئي ٿو
اچان، ته اسان لاءِ چانهه هتي کڻي اچي. موٽر ۾
وهندي ڳالهيون به ڪنداسين ۽ چانهه به پيئنداسين.“
هو در کولي لهي ويو. ڊرائيور ويٺو رهيو.
هوٽل جي در وٽ رکيل ميز ڪرسيءَ تي ويٺل سان ڀاڪر
پائي وڃي مليو، ۽ هن سان ڳالهائڻ لڳو. اسين آواز
سمجهي نه ٿي سگهياسين.
هو مُرڪندو مُرڪندو موٽي آيو.
”مان ڏهن ميلن تان هلي به اچي هن هوٽل جي
ماني کائيندو آهيان. ان ۾ مون کي سنڌي کاڌي جو
سڳنڌ ايندو آهي ۽ منهنجي هيانءَ کي روحاني فرحت
حاصل ٿيندي آهي. خبر اٿو هن هوٽلڙيءَ جو مالڪ
پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي هوٽل جو مالڪ
هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڌمڪائي، ڊيڄاري ۽ فريب
ڏيئي هن کي ان ملڪيت کان محروم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته
هو سنڌي هندو هو.“
اتي اهو هوٽل جو مالڪ به موٽر وٽ اچي
پهتو. هن کي ڪائنچ ۽ قميص پهريل هئي ۽ مٿي تي جناح
ٽوپي. اچڻ سان ئي ٻئي هٿ ٻڌي چيائين، ”ادل ڀلي ڪري
آيا.“
اسان موٽ ۾ چيو، ”ڪاڪا خير هوندءِ.“
سنڌين کي ائين هڪ ٻئي کي کيڪاريندو ڏسي،
ڇوڪرو ٻهڪي رهيو هو. هن جو چهرو مُرڪون ئي مُرڪون،
مسڪراهٽون ئي مسڪراهٽون هو.
پوءِ واڻئي چيو، ”مان وڃي ٿو توهان ڏي
چانهه موڪليان.“
چانهه اهڙي مزيدار هئي جو ڇا ڳالهه ڪجي.
ان ۾ پنن ۽ کنڊ سان گڏ، سنڌي قرب جو ميٺاج ۽ سنڌي
هٿن جي سچائي به گهوٽيل هئي، مون کي وري به شڪ
کائي ويو ته ان ميٺاج ۽ سواد ۾ ڍَڪَ ۾ ڪو نشو ته
ڪو نه ملايو ويو آهي.
چانهه پيئندي مون کان رهيو نه ٿيو ۽
پڇيومانس، ”ڀائو، تو اهو ڪو نه ٻڌايو ته تون ڪير
مڙس آهين؟“
چيائين: ”هينئر اهو ئي ٻڌائڻ ڪافي آهي، ته
مان هڪ سنڌي آهيان. هڪ سنڌيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي
سنڌيءَ سان واقفيت هجڻ ئي وڏي ۾ وڏو ناتو آهي. مان
توهان کي اهو ڪو نه ٻڌائيندس، ته منهنجو پيءُ ڪير
آهي. هو هڪ وڏو آفيسر آهي. هن کي سدائين اهو فڪر
دامنگير رهندو آهي ته هن جو عهدو ڪيئن قائم رهي.
ان لاءِ ٻين ڳالهين سان گڏ، هن جي اها ڪوشش به
هوندي آهي ته هن جا بالا آفيسر اهو ڀانپي نه وڃن،
ته هو ڪو سنڌي آهي، يا جي سنڌي آهي ته سنڌي نواز
به آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ هن جو عهدو خطري ۾ اچي
سگهي ٿو. منهنجو ننڍپڻ ته ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾
گذريو آهي، پر جڏهن کان بابو وڏو عملدار بڻيو آهي،
تڏهن کان ڪراچيءَ ۾ رهون ٿا. هاڻي ته ماحول جو اثر
۽ بابي جي نوڪريءَ جون اهي مجبوريون آهن، جو اسان
گهر ۾ سڀ ڀائر ڀينر ڄائي ڄم کان اردو ڳالهيون ٿا،
بابو ۽ امان به اولاد سان اردو ڳالهائين. بابي جو
ته مون کي خاص چوڻ آهي ته جڏهن ڪو غير سنڌي آفيسر
اسان جي گهر اچي ته هن جي سامهون سنڌي هرگز نه
ڳالهائيندو ڪر. ٻارن تي هندستاني ۽ فلمي طرز جا
نالا رکيا پيا وڃن. پر جڏهن کان مون ۾ سنڌي قوميت
جو احساس اڀريو آهي، ۽ مون سنڌي روشنيءَ ۾ دنيا ۽
پنهنجي حياتيءَ تي سوچيو آهي، تڏهن کان گهر ۾ به
بغاوت شروع ڪئي اٿم. بابي جا اهڙا غير سنڌي مهمان
اچن ته مان ان ڪمري ۾ وڃان به ڪو نه. گهر جا ڀاتي
مون سان اردو ڳالهائين ته مان مان هنن کي سنڌيءَ ۾
جواب ڏيان، ۽ ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهايان، ۽ اوپري
ٻولي ڳالهائڻ تي هنن کي ڇينڀيان ۽ شرمايان. نتيجو
چڱو نڪري رهيو آهي. تنهن کانسواءِ مون پنهنجي گهر
۾ ون يونٽ ٽوڙي، سنڌ قائم ڪئي آهي. اهو هن طرح جو
پنهنجو ڪمرو سنڌي سامان سان سجايو اٿم. اجرڪ، ڇُر
واريون چادرون، رليون، سنڌي ڀرت ڀريل گدين جا پوش،
هالن جون جنڊيءَ تي ٺهيل کٽون ۽ ڪرسيون. سنڌي شيون
استعمال ڪرڻ سان هڪ ته اسين پنهنجي سڀيتا قائم
رکون ٿا، جا سونهن ڀري ۽ وڻندڙ آهي، ۽ ٻيو ته اسين
سنڌي ڪاريگرن ۽ هنرمندر کي وڌيڪ روزگار مهيا ڪرڻ ۽
مدد ڪريون ٿا. سنڌ جو ڀرت جو ڪم، رليون، اَجرڪ،
ڇُر جو ڪم، جنڊيءَ جو ڪم دنيا ۾ نفيس ترين ۽ حسين
ترين شين کي جنم ڏئي ٿو. اسان جي سنڌ ته سونهن ئي
سونهن آهي.
”منهنجي ٻي صلاح آهي، ته سنڌين کي ڏهاڙي
صبح جو شاهه لطيف جي رسالي جو ڪجهه نه ڪجهه حصو
پڙهڻ گهرجي، بلڪل اهڙيءَ طرح، جهڙي طرح ماڻهو
مذهبي ڪتابن جي تلاوت ڪندا آهن. ماڻهو تلاوت طوطي
وانگر بنا ٻولي سمجهڻ جي ڪندا آهن، پر اسانکي شاهه
جو شعر نه رڳو پڙهڻ گهرجي، پر ان کي سمجهڻ جي به
ڪوشش ڪرڻ گهرجي. شاهه، هڪ پڪو سنڌي، سنڌي ٻوليءَ
جو عاشق ۽ معمار، سنڌي قوم جو گهڻگهرو ۽ خوش ذوق
انسان هو. اسان جا بزرگ، لطيف سائينءَ کي صفا غلط
نموني پيش ڪن ٿا. هو هن جي شعرن کي مروڙي سروڙي،
اهڙيون معنائون ۽ مطلب ڪڍي، اهي ڳالهيون ٻڌائين
ٿا، جي مسجد جو ڪو به ٿرڊ ڪلاس ملو توهان کي ساري
عمر ٻڌائيندو رهي ٿو. مارئي، سسئي، ٻيجل، نوري،
ڄام تماچي، ڪونرو، سهڻي ميهار، ڏم وغيره کي روح،
رسول ۽ رب سان مشابهت ڏيڻ ۾ هو ڪو به شرم محسوس ڪو
نه ٿا ڪن. جيتوڻيڪ شاهه صاحب انهن جي صورت ۾ اسان
جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار پيش ڪيا آهن، ۽
انهن مسئلن جو ذڪر ۽ حل ڏنو آهي، جي اڄ به اسان جي
روزمره جي رهڻي ڪرڻي ۾ اسان لاءِ پهاڙ بنيل آهن.
”لطيف سائينءَ اهي ڳالهيون عام ماڻهن لاءِ
ڪيون آهن، پر اسان جا بزرگ انهن کي آسماني ڳالهين
جو رنگ ڏيئي، عام ماڻهن کي، شاهه جي شعر کي سمجهڻ
کان پري ڪري رهيا آهن. شاهه صاحب انهن شعرن ۾
قوميت جي جذبن ۽ وطن جي سِڪَ جو بيان آندو آهي،
سماجي مسئلن، ۽ مرد ۽ عورت جي لاڳاپن طرف ڌيان
ڇڪايو آهي، سنڌي سٻيتا ۽ سنڌي ٻوليءَ جون اَمر
تصويرون چٽيون آهن، پرديسين جي روش جي اڳڪٿي ڪئي
آهي:
ڌريان ئي ڌاريا، مَٽَ مئيءَ جا نه ٿيا،
مدي ڏيرن من ۾، کليو کيڪاريان،
صبح ٿي ساريان ته اُٺ نه اوطاقن ۾.
لطيف سائينءَ جي سنڌين کي بهادر بڻجڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ
جو سبق ڏنو آهي. اهي مڙئي ڳالهيون اسان پاڻ ئي
شاهه جو شعر پڙهي، سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا. ان
ڪري ته مان چوان ٿو ته هر پڙهيل سنڌيءَ کي ڏهاڙي
شاهه جي رسالي جي ڪجهه شعرن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي.
باقي اسان جي بزرگن جي شاهه جي تشريح ته اسان کي
گهمراهه ڪري ٿي ۽ حياتيءَ جي حقيقي مسئلن کان پري
وٺي وڃي ٿي.
”خبر اَٿوَ ته مان سي-ايس-پي امتحان ۾
ويٺو هوس. مون پيپر ڏاڍا سٺا ڪيا ۽ انٽرويو ۾ به
سڏايو ويس. پر مون کي نا اهل ٺهرايو ويو. مان
امتحانن ۾ سدائين فرسٽ ڪلاس ۾ ايندو آهيان، پر هن
چٽا ڀيٽيءَ ۾ منهنجا اهڙا هم ڪلاسي به چونڊيا ويا،
جي صفا ڏَڏُ هئا ۽ ٿرڊ ڪلاس کان ڪڏهن به مٿي چڙهي
ڪو نه سگهيا هئا. انهن جي ڪاميابيءَ جو سبب فقط
اهو هو، ته هو سنڌي نه هئا ۽ هنن جا ڪي مائٽ اول
ئي سي – ايس – پي هئا. ساڳئي وقت، منهنجي رڪارڊ تي
شايد اهو به هو ته مون ون يونٽ جي خلاف نعرا هنيا
هئا، ۽ هڪ دفعي ان سلسلي ۾ بنا پڇا ڳاڇا، هڪ مهينو
جيل ۾ به رکيو ويو هوس.“
بيرو خالي ڪوپ کڻڻ آيو.
ڇوڪري پڇيس، ”گهڻا ڏوڪڙ ٿيا؟“
”سائين، سيٺ چيو آهي ته پيسا نه وٺبا.“
”نه، پيسا ضرور ڏبا، ڪيترا ٿيا؟“
”سائين، مان نه وٺندس. سيٺ کي ٿو
موڪليان.“
سيٺ اچڻ سان چيو، ”بابا، هي مهمان آهن،
هنن کان پيسا ڪين وٺبا.“
”نه ڪاڪا، هي منهنجا مهمان آهن، مان ضرور
ڏيندس.“
”هي منهنجا به مهمان آهن.“
”نه، هنن جي مهماني ڪرڻ تي مونکي وڏي خوشي
ٿيندي.“
اسان هنن جو اهو مزيدار جهيڙو ٻڌي رهيا
هئاسين. نيٺ، سيٺ پيسا ورتا، پر ساڳئي وقت اسان ڏي
مهڙ ڪري، هٿ ٻڌي چيائين، ”ادل، سڀاڻي ماني مون وٽ
اچي کائجو. پر ادل، اوهين آيا ڪٿان کان آهيو؟“
جڏهن اسان ٻڌايس ته راڻي پور کان، تڏهن هن
جو منهن ٽڙي پيو. چيائين، ”سچل سائينءَ جي جُوءِ
کان، منهنجي مرشد جي آستان تان، ڀلي ڪري آيا، جيءُ
آيا.......“ ۽ پوءِ هو سَرَ ۾ سچل سرمست جي هيءَ
ڪافي ڳائڻ لڳو:
”منهنجو پانڌيئڙا! پرين کي ڏيج هي نياپو،
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، هيءَ ڪيچ ڪندي ڪاپو؛
اصل لاڪون آهي، منهنجو ساڻن سياپو؛
آهي اوهان جو سپرين، هن ڇوريءَ تي ڇاپو،
منهنجو محبوبن کي ٻيو ڏيج نه ڏوراپو،
سدا آهين ”سچوءَ“ کي، تون جيءَ جو جياپو.“
موٽر ڪياماڙي طرف رواني ٿي. ڊرائيور ڏي
ڇوڪري منهن ڪري چيو، ”توکي خبر آهي ته هيترين
ٽيڪسين مان مون تنهنجي ٽيڪسي ڇو چونڊي؟“
”جي سائين، الائي!“
”مون چاهيو ٿي ته سنڌي ڊرائيور واري ٽيڪسي
هجي. شڪل صورت مان ڏٺم ته تون سنڌي آهين. ان ڪري
تو کي هلڻ لاءِ چيم.“
”جي سائين، مهرباني.“
”توکي خبر آهي، هوش محمد شيدي ڪير هو؟“
”ها سائين، هو بهادر سپاهي هو ۽ چيو
هئائين: مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“.
ان تي هن ڇوڪري زور سان نعرو هنيو، ”جيئي
سنڌ!“
اسان ڏي مهڙ ڪري چيائين، ”جڏهن سنڌي
ڊرائيورن ۾ ايتري سجاڳي ۽ ڄاڻ آهي، ته هاڻي سنڌ
وري ڦلندي ۽ ڦولندي ۽ سنڌي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کان
پوئتي نه هٽندا.“
ڊرائيور چيو، ”سائين، ”مر ويسين سنڌ نه
ڏيسين“ جو مطلب اڄ ئي مون کي توهان جي ڳالهين مان
سمجهه ۾ آيو آهي، ته سنڌين سان ڪهڙيون ڪهڙيون
زيادتيون ٿين ٿيون ۽ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.“
ڇوڪري اسان ڏي منهن ڪري چيو، ”شهرن ۾ جڏهن
گهڻائيءَ وارن کان زيادتين جو انديشو ٿيندو آهي،
تڏهن اسان هميشه ان خيال سان پاڻ کي تسلي ڏيندا
آهيون، ته سنڌ فقط شهر ناهي، پر ڳوٺ به آهي ۽
سنڌين جي گهڻائي ۽ طاقت ڳوٺن ۾ آهي…. اسين سنڌي نه
رڳو ديانتدار، رحمدل، مهمان نواز ۽ سادا آهيون، پر
ان سان گڏ بهادر پڻ آهيون.
”بيحد بهادر. عربن سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ،
سنڌين هتان چوڏهن ڪاهن ۾ شڪست کاڌي. هيءَ هڪ
تاريخي حقيقت اٿوَ. اڄوڪي دؤر ۾ به حُرن جون
بهادريون، دشمن به مڃن ٿا. سنڌي ڌاڙيل ڪيترن سالن
کان پوليس کي ٽوٽا چٻائي چڪا آهن. ڌاڙيلن جو ڪردار
گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ته ثابت ڪري ٿو، ته سنڌين ۾
بي پناهه طاقت ۽ هوشياري موجود آهي. البت ضروري
آهي ته اها طاقت صحيح نموني قومي ڪمن ۾ استعمال
ڪئي وڃي. اهي ڌاڙيل پنهنجي طاقت غلط ۽ ڪڌن ڪمن ۾
ضايع ڪري رهيا آهن. هنن کي پنهنجون اهي طاقتون
صحيح نموني ڪتب آڻڻ جي تعليم ۽ احساس ڏياريو وڃي.
”غير سنڌين وٽ اخبارون ۽ پريس آهي، انهن
شين ۾ هن زماني ۾ وڏي قوت آهي. انهن جي ئي زور تي
هو پنهنجا جائز ۽ ناجائز مطلب ۽ مقصد پورا ڪندا ۽
ڪرائيندا رهن ٿا، توهان ڏٺو ڪو نه آهي، ته اهي
ديانتدار ۽ همت وارا سنڌي ڪامورا، جي هنن جي
مرضيءَ مطابق نه هلندا آهن يا هنن جي هٿن ۾
رانديڪو ٿي هنن جا ناجائز ڪم نه ڪندا آهن، تن جي
پٺيان ڪيئن هنن جون اخبارون ۽ رسالا ڪات ڪهاڙا کڻي
پوندا آهن، ۽ هنن لاءِ جنسي باهه ٻاري ڏيندا آهن.
توهان کي ياد هوندو ته تازو ئي ڪن مخلص، قابل ۽
ڄاڻو سنڌي عملدارن کي، غير سنڌين جي اخبارن جي
اجاين واڪن ۽ واويلا ڪري، پنهنجن عهدن تان بدلي
ڪيو ويو آهي…. اسان وٽ انهن شين جي ڏاڍي ڪمي آهي.
منهنجي ته دل چوندي آهي ته سنڌيءَ ۾ گهڻي کان گهڻا
ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون شايع ٿين، ۽ انهن کي گهڻي
کان گهڻا ماڻهو پڙهن. مان ته ڪهڙو به سنڌي ڪتاب يا
رسالو يا اخبار ڏسندو آهيان، ته اهو ضرور خريد
ڪندو آهيان…. تازو هڪ سنڌي ناول شايع ٿيو آهي. ان
جو نالو آهي ”پڙاڏو سوئي سڏ.“ اهو پڙهڻ سان ايترو
پسندو آيم، جو دل چاهيو ته هر ڪو پڙهيل سنڌي پاڻ
پڙهي ۽ اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائي. مان سمجهان ٿو ته
هي ڪتاب هڪ سنڌيءَ کي پنهنجو پاڻ ۽ سنڌي قوم کي
سڃاڻڻ لاءِ وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿو. مون ڇا ڪيو آهي،
جو ان ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون خريد ڪري، اهڙن دوستن
کي پڙهڻ لاءِ ڏنم، جن نه پڙهيو هو. هنن کي اهو به
عرض ڪيم ته هو پنهنجن ٻين واقفڪارن کي اهو ناول
پڙهڻ لاءِ هرکائين. منهنجا ڪي دوست جي ڳوٺن جا
رهاڪو آهن، تن ڏي به هي ڪتاب موڪلي تاڪيد ڪيو اٿم
ته گهڻن کان گهڻن ماڻهن کي اهو ڪتاب پڙهائين.
”ڏسو ته ڪراچيءَ جو شهر ڪيترو نه وڌي ويو
آهي. سوسائٽي، ناظم آباد، لالوکيت ۽ ٻين اهڙن
ڪالونين ۾ فقط انهن ٻاهران ايندڙن کي آباد ڪيو
ويو. اتي پاڪستان جا ڀلي ۾ ڀلا بنگلا ۽ شاندار
عمارتون آهن… اهي حال آهن انهن ”ويچارن“ جا، جي
ستايل ۽ مظلوم هجڻ ڪري، ڏتڙيل ۽ خالي کيسي هتي
پهتا هئا…. ٻين به سڀني شهرن ۾ هنن لاءِ ڪالونيون
ٺهرائي، وسايو ويو آهي. پر اسان جا ٿري، ڪوهستاني،
مارو، ميهار ۽ هتان جا اصل رهاڪو صدين کان وٺي اڄ
تائين ڏڪاريل ۽ ڏتڙيل آهن، بي گهر ۽ بي زمين آهن،
بيروزگار ۽ بيوس آهن.“
اسان جو گهر اچي ويو. سڀ لهي بيٺاسين. هو
اڃا به ڳالهائيندو رهيو.
پوءِ ڊرائيور ڏي منهن ڪري چيائين، ”هاڻي
هلون؟“
”سائين توهان جي مرضي. اڄ سنڌ جي صدقي
توهان جي بلي آهيان. سڄي رات هلايو ته به هڪ پيسو
نه وٺندس. هي منهنجا به مهمان آهن.“
ڇوڪري چيو، ”جيئي سنڌ!“
پوءِ اسان مان هر هڪ سان ڀاڪر پائي
موڪلايائين.
موٽر چالو ٿيڻ تي چيائين، ”چڱو ڀائو، هاڻي
جيئي سنڌ!“
اسان کان پهريون ئي دفعو، هڪ ئي وقت ٽنهي
جي واتان ان نعري جو جواب نڪتو: ”سدا جيئي!“ ڇو ته
اسان جا سڀ شڪ دور ٿي چڪا هئا، هن جي روش جي باري
۾، ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي جدوجهد جي ڪاميابيءَ جي باري
۾، هر قسم جا شڪ.
٭
حيدرآباد، ١ – نومبر ١٩۷٢ع
سهڻي: مارچ ١٩۷٢ع |