سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: پٿر تي ليڪو ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :3

 

 

قلب اندر ڪعبو

٭

        پوئين حج واري واقعي کانپوءِ، حاجي صاحب ۾ ٻه تبديليون ڏسڻ ۾ آيون هيون. هڪ ته هو غريبن ۽ خاص ڪري بيمارن جي ڏاڍي مدد ڪندو هو. ڳوٺ ۾ ڪو بيمار ٿيندو هو، ته حاجي صاحب ئي پهريون شخص هوندو هو، جو هن وٽ پهچندو هو. هن جي ٽهل ٽڪور، همدردي، مالي سهائتا، گهڻو ڪجهه ڪندو هو.

        ٻي تبديلي هيءَ هئي ته اهي چار لاڳيتا حج ڪرڻ کانپوءِ، ويهارو سال گذرڻ تي به، ڪڏهن وري حج ڪرڻ جو ارادو نه ڏيکاريو هئائين. حالانڪه هن اهي چار ئي حج غربت جي زماني ۾، پيرين پنڌ وڃي ڪيا هئا، ۽ هاڻي ته هو چڱي دولت جو مالڪ ٿي ويو هو.

        هن جي آخري حج وارو واقعو آسپاس جي ڳوٺن ۾ مشهور هو، پر مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هئائين.

        چيائين: ان سال، مان ۽ هڪڙو شيدي، پيرين پنڌ حج ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪتاسين. واٽ تي، هڪ پنجابي به اچي اسان جي سفر جو ساٿي ٿيو.

        ٽيئي ڄڻا سوين ڪوهه لتاڙي، اچي دمشق کان تيرهن چوڏهن ميلن تي ”البت“ نالي هڪ بستيءَ ۾ پهتاسين. ان کان اڳتي رستو هڪ گهاٽي جهنگ مان هو، جنهن ۾ بگهڙ ۽ ٻيا جهنگلي جانور جام هوندا آهن. اتي ڏينهن جو به اوندهه لڳي پئي هئي. چوڌاري موت جهڙي ماٺ هئي؛ فقط وقتي خبر ناهي ڇا جا سيسراٽ پئي ٻڌڻ ۾ آيا.

        سج به لهي ويو، پر اڃا جهنگل پورو نه ٿيو هو، ۽ اسان تلاش ڪرڻ لڳاسين ته ڪو گهر يا جهوپڙي نظر اچي ته اتي رات ٽڪجي.

        نيٺ مون همت ڪري چپ چوريا. صفا هوريان ۽ هٻڪندي چيم ”آواز ته ڪنهن انسان جو هو!“

        شيديءَ به پاڻ سنڀاليو ۽ وراڻي ڏنائين ”مان پاڻ ايئن ٿو سمجهان.“

        مون چيو ”هو ڪنهن جناور جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. پر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ گيدين جيان گسائي هلڻ به مناسب ناهي. ڪوشش ڪري ڪجهه خبر لهجي.“

        پنجابي پهلوان ٿڙڪندي چيو ”ڇڏيو يار، هروڀرو ٿا موت کي سڏيو. هو ته ختم به ٿي ويو هوندو.“

        اتي مون محسوس ڪيو ته اسان جو اهو ساٿي اسان کان به وڌيڪ ڏڪي رهيو هو.

        مون تيز ٿي چيو ”ايئن هرگز نه ٿيندو. موت اچڻو هوندو ته ڪٿي ڪو نه ڇڏيندو. ٿي سگهي ٿو ته اسين پڻ ساڳي آفت جي چنبي ۾ اچي وڃون. ان ڪري مڙس ماڻهو ٿيو ته جاچ ڪريون، من ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهون.“

        بس ”ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي“ تي عمل ڪري، پنجابي پهلوان ”توهين بيوفا آهيو“ چئي، هڪ ويجهي وڻ ڏي رخ رکيو. ٿڙندي ٿاٻڙندي، وڻ وٽ پهتو ۽ ڪوريئڙي وانگر ست ڪاهون ڪري، مٿي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

        شيديءَ جا به ڍڍر ڍرا ٿي ويا هئا، پر منهنجي غيرت  ڏيارڻ تي، مون سان ٻانهن ٻيلي ٿيو.

        هينئر اسان سوچيو ته هلون ڪهڙي پاسي؟ چوڌاري آهي اوندهه، آواز جي طرف جي به خبر پئجي ڪا نه سگهي آهي. اسين اڃا انهيءَ ويچار ۾ هئاسين، ته وري هن طرح چٽو آواز ٻڌوسين: الله. ڪجهه ڪنجهڻ ۽ بس.

        هينئر نابين کي لٺ جو سهارو مليو، ۽ آواز جو طرف سڃاتوسين. ٻئي ڄڻا، هڪ ٻئي جو هٿ قابو جهلي، وڌياسين. پر ويهه پنجويهه وکون کڻي، بيهي رهياسين.

        مون پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ”تون اها چيز نظر ۾ رک، ته مان ڪک ڪاٺيون ڪٺيون ڪري، باهه ٻاريان. جيڪڏهن ڪو بگهڙ هوندو ته باهه ڏسي ڀڄي ويندو، ۽ ڪا ٻي بلا هوندي ته به قلندري ڏنڊا پاڻ سان آهن. پوءِ کٽن ڀاڳ!“

        شيديءَ کي منهنجي صلاح وڻي. ماچيس موجود هو. هٿ وراڻيون هڻي ڪک ڪانا ۽ گند گڏ ڪيم. بسم الله ڪري باهه ٻاريم. ڀنڀٽ مچي ويو. اکيون منتظرٿيون ته الاجي سامهون ڇا نظر ايندو!

        اها چيز چٽي ڏسڻ ۾ آئي. هيءَ ته ڪو انسان هو. مون شيديءَ کي چيو ”باهه کي مچائيندو رهه ته مان هن کي جاچي وٺان.“

        هوءَ هڪ عورت هئي، ۽ ساهه کڻي رهي هئي. مون هن جا ڪپڙا درست ڪيا. هوءَ بيهوش هئي.

        شيدي به ويجهو آيو. اسان هن کي گهڻو ئي چوريون پوريو، پر هوءَ بي سرت رهي. اسان وٽ پاڻي هو، جو هن جي منهن تي ڇٽڪاريوسين، ۽ هن جي وات ۾ ٽيپو ٽيپو ڪري وڌوسين.

        اتي اها ضاعفان چُري. اکيون کوليائين. پر وري بيهوش ٿي وئي. اسان جو حوصلو وڌيو، ۽ ٻيهر سندس وات ۾ پاڻي وڌوسين.

        هوءَ ڪجهه هوش ۾ آئي، ۽ اکيون کولي چيائين ”مان .... ڪٿي ..... آهيان؟“

        ايئن چئي هوءَ وري هوش وڃائي ويٺي.

        مون کي هن جا ٻول ٻڌي حيرت وٺي وئي. هن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو هو ۽ هوءَ ڪا سنڌي عورت هئي! پوءِ مون غور سان ڏٺو ته هن جا ڪپڙا سنڌ جا هئا، سنڌي نموني سبيل هئا.

        حاجي صاحب مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ”سائين پرديس ۾ ڪو هندستاني ملي ويندو آهي ته خوشي ٿيندي آهي، پر جي ڪو سنڌي ۽ هم زبان ملندو آهي، ته پوءِ ته دل اصل خوشيءَ کان نچڻ لڳندي آهي، ڏاڍو آٿت ٿيندو آهي.“

        هن وري پنهنجو واقعو ٻڌائڻ شروع ڪيو.

        اسان مائيءَ کي ٻيهر هوش ۾ آندو.

        هن چيو ”مون کي اٿاري وهاريو!“

        شيديءَ کيس ٽيڪ ڏئي اٿاريو.

        وهڻ بعد هن عورت سامهون اشارو ڪيو. هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي، ۽ هڪبار وري به هن مٿان نيم بيهوشي طاري ٿي.

        باهه وسامڻ لڳي هئي. مون سامهون نهاريو. ڪا شيءِ نظر آئي. باهه کي تيز ڪيم ۽ ڏٺم ته اڇي ڪپڙي جي هَڙَ هئي. اها کوليم. ڏسڻ سان منهنجا ڏند چپن سان لڳي ويا. ان ۾ جئرو جاڳندو نئون ڄاول ٻار هو.

        نيٺ ڳچ جاکوڙ کان پوءِ، مائي پوري هوش ۾ آئي. ڳالهائڻ جهڙي به ٿي ۽ ٻار کي ٿڃ ڌارايائين.

        اتي مون وچ ۾ ئي حاجي صاحب کان پڇيو ”پر ايترو وقت توهان وارو پنجابي دوست ڪٿي هو؟“

        کلي جواب ڏنائين ”هو اڃا تائين وڻ تي ويٺو هو. نيٺ به ته هن پنهنجي قومي پهاڪي : جان بچي تو لاکون پائي، تي عمل ڪيو هو“

        حاجي چوڻ لڳو: پوءِ هن ضاعفان کان حال احوال ورتوسين، جنهن ٻڌايو ته ”مان جيڪب آباد جي رهاڪو آهيان. هن سال منهنجي مڙس حج ادا ڪرڻ جو ارادو ڪيو. منهنجي به مرضي ٿي ته مان به پنهنجي گهر واري سان گڏ مڪي مديني جي زيارت ڪري اچان. مڙس چيو ته : تون پيٽ سان آهين، ان ڪري تنهنجو هلڻ ٺيڪ نه ٿيندو. پر مون ضد ڪيو ته ضرور هلندس، ۽ اڃا ايترا مهينا آهن جو منهنجو ويم به مدني پاڪ ۾ ٿيندو ۽ اسان جو اهو ٻار، بختاور ٿيندو. منهنجي خاوند نيٺ مڃيو. اسين ڳوٺان راهي ٿياسين. پر مان تڪڙو هلي نه ٿي سگهيس، ۽ ٿڪ ۽ هيڻائيءَ ڪري واٽ تي ڏاڍا ڏينهن لڳي ويا. جڏهن هن جهنگ ۾ پهتاسين، تڏهن مون کي ويم جا سور ٿيا، ۽ اسين پيچرو ڇڏي، اچي هت ويٺاسون. پوءِ مون کي اڃ تمام تنگ ڪيو. مڙس چيو ته تنهنجو ويم ٿي وڃي ته مان وڃي ڪٿان پاڻي هٿ ڪري ٿو اچان. قصو کٽائڻو، مون کي ٻار پيدا ٿيو ۽ مان بيهوش ٿي ويس. ان کانپوءِ ڇا وهيو واپرايو، ان جو پتو ڪو نه اٿم.“

        مائيءَ ڳالهه پوري ڪئي. پڇيومانس اهو ڪهڙو ڏينهن هو؟“

        چيائين ”شايد خميس.“

        اڄ جمعو هو، ان جو مطلب ته هن کي ان حالت ۾ اٺ پهر کن ٿيا هئا. پر مڙس نه موٽيو هو، خبر ناهي هن جو ڇا ٿيو؟

        پيچري تي پريان ڪي واٽهڙو ويندا ڏسي، پنجابي وڻ تان لٿو. مون تجويز پيش ڪئي ته هڪ ڄڻو هن مائيءَ وٽ بيهي ۽ ٻه ڄڻا هن جي مڙس کي تلاش ڪن. جي ملي پوي، ته مائي کي ٿانئيڪو ڪري، پاڻ اڳتي هلون. پر پنجابيءَ هڪدم وراڻيو ته ”توهين اجاين ڳالهين ۾ ٿا وقت وڃايو، انهيءَ ڪري منهنجي الوداع!“

        ائين چئي هو عرب واٽهڙن سان وڃي مليو، ۽ هليو ويو. مائي هلڻ کان هلاک هئي. ان ڪري هن کي پاڻ سان وٺي وڃڻ مشڪل هو. شيدي به وقت تي حج تي رسڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو. مون فيصلو ڪري ورتو.

        شيديءَ کي چيم ”مائي ۽ ٻار کي ”البيت“ ڳوٺ تائين پهچائڻ ۾ مون کي مدد ڏي، پوءِ تون ڇٽل آهين.

        هن ڪر ڪندي، ڪيٻائيندي، قبول ڪيو. اسان واري وٽيءَ سان مائيءَ کي ڪلهي تي کڻي واپس اچي ان وسنديءَ ۾ پهتاسين.

        شيدي وري حج ڏانهن روانو ٿيو. مان مائي ۽ ٻار سميت عرب جي گهر وڃي پهتس. هنن کي احوال ٻڌايم. هيءَ قوم مهمان نواز ته آهي. اسان جي ڏاڍي مرحبا ڪين ۽ همدردي ڏيکارين. هڪ دائي ۽ هڪ حڪيم جي دوا دارون، ۽ منهنجي ٽهل ٽڪور سان مائيءَ جي صحت سڌرڻ لڳي. مهيني کن ۾ هوءَ نوبني ٿي وئي. ٻار جي حالت به سٺي ٿي وئي.

        پوءِ ٻنهي کي ساڻ ڪري، سفر لتاڙيندو، اچي سنڌ ۾ پهتس. مائي کي پنهنجي ڳوٺ مائٽن سان وڃي ملايم.

        اهو واقعو ٻڌي ۽ مائيءَ کي سلامت ڏسي هن جا عزيز ڏاڍو خوش ٿيا. انهن کي خوش ڏسي، مون کي به روحاني خوشي حاصل ٿي.

        مون حاجيءَ کان پڇيو ”ڀلا هن جي مڙس جو ڪو پتو پيو؟“

        چيائين ”هائو، هو به ٿورن ڏينهن کانپوءِ واپس اچي پهتو. هن ٻڌايو ته هو پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو، پر زال جي حالت ڪري، گهٻراهٽ ۾ هوش حواس وڃائي ويٺو، ۽ رستو ڀلجي الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتو. ڪيترائي ڏينهن ڀٽڪندو رهيو، ۽ ستن ڏينهن کانپوءِ وڃي واپس ساڳئي جهنگ ۾ پهتو، پر اتي زال جو ڪو نشان هٿ ڪو نه آيس. هو پوئتي موٽڻ بدران، اڳڀرو وارن ڳوٺن ۾ جوءِ جي پڇا ڪندو رهيو. نيٺ نا اميد ٿي سنڌ جو رخ رکيائين.“

        پڇاڙيءَ ۾ حاجي صاحب چيو ”سائين، مون ان کان اڳ به چار حج ڪيا هئا، پر انهن ۾ ايڏي خوشي ۽ روحاني راحت حاصل نه ٿي هئي، جيڏي هن عورت کي بچائڻ، ۽ ٽهل ٽڪور ڪرڻ ۾ ٿي.“

 

٭

خانواهڻ، ٣ – نومبر 1944ع

مهراڻ : جولاءِ 1947ع

 

پيٽ، دل ۽ پيار

٭

        نصيبان جي شادي هن جي ڄمڻ کان پنج سال اڳي ٿي هئي! ڇو، اوهان کي عجب لڳو؟ ان ۾ ڀلا عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڇا، اوهين پنهنجي سنڌي ماڻهن جي رسمن رواجن کان به غير واقف آهيو؟ ڇا، اوهان کي خبر ڪانهي ته اسان جي پياريءَ سنڌڙيءَ ۾ ڄمڻ کان اڳ ۽ مرڻ کانپوءِ به شاديون ٿينديون آهن؟ خير، مرڻ پڄاڻا شادي ته پيرن فقيرن ۽ قلندر گهوٽ جهڙن ولين جي حصي ۾ آئي آهي، اسان گنهگار بندن کي اهڙي سعادت ڪٿان ٿي نصيب ٿئي، البت ڄمڻ کان اڳ پرڻو اسان جهڙن غريبن جو به ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهي.

        ها، سو مون ڳالهه ٿي ڪئي ته نصيبان اڃا ڄائي ئي ڪا نه هئي جو هن جي شادي ٿي گذري. اهو هن طرح، جو هن جي پيءُ وليداد، سهراب کي پيٽ لکي ڏنو هو. اوهين وري پڇندؤ ته هي ”پيٽ لکي ڏيڻ“ ڪهڙي بلا آهي؟ ائين نه سمجهجو ته وليداد، سهراب جي پيٽ تي ڪجهه لکيو هو، يا ڪنهن ڪاغذ يا وڻ جي پن تي ”پيٽ“ جو لفظ لکي ڏنو هو، جهڙيءَ طرح ملان موسو حج واري ڏينهن گيدوڙيءَ جي پنن تي ڪلمو لکي، ڏهين – ڏهين پيسين ڏيندو آهي. پر اوهين ته سنڌي ڀائر آهيو، اوهان کي ته سڀڪا سڌ هوندي. ها، البت ولائتي صاحبلوڪن جي سمجهه ۾ هيءَ پيٽ جي پرولي نه اچي ته ٻي ڳالهه آهي.

        واقعو هن ريت هو ته وليداد پنهنجي پٽ عثمان واسطي سهراب کان ڌيءَ جو سڱ گهريو. سهراب سڱ ڏنو، پر وليداد کان واعدو ورتائين ته هن کي جا پهرين ڌيءَ ڄمندي، سان هن جي پٽ سومر سان پرڻائيندو. اهو ئي آهي”پيٽ لکي ڏيڻ.“

        سومر ان وقت ٻارهن ورهين جو هو. تنهن وقت وليداد جي گهر واري حمل سان هئي. سهراب کان وڏي اميد هئي ته ڇوڪري ڄمندي، پر ڄائو ڇوڪرو! ان بعد، وليداد جي گهر ۾ ٻيو ٻار ساڍن چئن سالن کانپوءِ پيدا ٿيو، ۽ اها هئي نصيبان. سهراب جي گهر ۾ شادمانو ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن ٻڍي بادشاهه جي گهر ۾ وليعهد جو جنم ٿيو هو.

        هاڻي ته اوهين سمجهي ويا هوندا ته ڪهڙي نموني نصيبان جو رشتو ان وقت طي ٿيو، جنهن وقت هوءَ ڪٿي به ڪا نه هئي؛ نه هن دنيا جي پيٽ ۾ ۽ نه ماءُ جي پيٽ ۾ ...... مگر اها ڪا خراب ڳالهه ٿورو ئي آهي! اها ته هن واسطي وڏي نعمت هئي. اڄ مڙس ملن ڪٿي ٿا! نصيبان کي ته پنهنجن نصيبن تي ناز ڪرڻ گهرجي جو ڄمڻ کان اڳ ئي مڙس ملي ويس. نه ته اسين ڏسون ڪين ويٺا ته عورتون مڙس ملڻ جي اوسيئڙي ۾ چاليهه – چاليهه سال، پنجاهه – پنجاهه سال ڪاٽي چڪيون آهن، وار اڇا ٿي وين، ٻٽيهي ڀڄي پين، سڙي سُڪي ڪنڊا ٿي ويون، پر مڙس نصيب ڪو نه ٿين. جي ڪن لائون لڌيون، ته به قرآن سان. ڪيتريون ئي واجهه واجهائي، تڙپي تڙپي مري کپي ويون. اجهو، منهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ته اهڙيون آهن ___ سائين ڪرڙ شاهه پير جون اٺ ئي ڌيئر اڃا ڪنواريون ويٺيون آهن. وڏي پنجتاليهن ورهين جي آهي، ٻيون درجي بدرجي هن کان عمر ۾ گهٽ، پر ساماڻل سڀئي آهن.

        اها جدا ڳالهه آهي ته پير صاحب پاڻ پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ به چئن زالن جا ڀتار آهن. هو ته آهن ڪانيءَ ڪرامت جا صاحب، سندن جُتيءَ ۾ ڪنهن جو پير پوندو. هي ته چار آهن، جي چاليهه هجن ته به سڀني کي فيض رسائين. باقي ڌيئن جي معاملي ۾ سندن ڪهڙو قصور. مرد ته گهڻيئي آهن، پر کين پنهنجي عالي نسب ۽اوچي مرتبي جو به ته خيال رکڻو آهي. ڪو ڪوري موچي ته ڪونهي جو اکيون ٻوٽي پنهنجون نياڻيون پرڻائي ڇڏيندو!

        هوڏانهن وڏيري کٻڙ خان جي ڌيءَ به ٽيهن سالن جي عمر ۾ اڃا اڻپرڻيل آهي. ڀلا وڏيري جو ڪهڙو ڏوهه، هن کي پنهنجي ملڪيت جو به خيال ڪرڻو آهي. ڪنهن سڃي ڀينگئي سان پنهنجيءَ نياڻيءَ جو پلئه اٽڪائي، گلا ته ڪو نه کڻندو. انسان جي آهي عزت، ڪنهن هاريءَ ناريءَکي به پاڻ جهڙو ڪيائين ته پوءِ وڏيرپ ڪهڙي ڪم جي! هيءَ خبر به ته ڳوٺ جي سڀني رهاڪن کي آهي ته ڪجهه سال اڳي، وڏيري جي اهي ڌيءَ سندن ٻيلي، خميسي سان ڀڄي ٿي ويئي، پر هو ڳوٺ جي ٻاهران ئي پڪڙجي پيا.

        ها، ته جنهن وقت نصيبان ڄائي، ان وقت هن جي هئڻهار مڙس جي عمر سترهن سال هئي، ۽ جڏهن چوڏهين سال ۾ پير پاتائين ۽ ساماڻي، ان وقت هن جو مڙس ايڪٽيهن ورهين جو ٿي ويو پر اها ڪا وڏي عمر ٿورئي هئي. ماڻهو ته پنهنجيون پندرهن سورهن سالن جون نياڻيون، سٺ پنجهٺ ورهين جي پوڙهي سان پرڻائڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا آهن. اجهو، علوءَ جو ئي مثال وٺو. ڌيڻس جي عمر تيرهن سال هئي ۽ اڃا پوريءَ طرح بالغ به ڪا نه ٿي هئي ته سيٺ عمر، ساڳئي وقت زميندار به آهي ۽ شهر ۾ وڏو دڪان پڻ اٿس، عمرسٺ سالن کان مٿي ٿينديس، تنهن کي پرڻائي ڏنائين. اها ٻي ڳالهه هئي ته علوءَ کي سيٺ کان ٻن هزارن جي سڻڀي رقم ملي هئي. ويچارو گهرجائو هو، انهيءَ ڪري ڌيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪري ڪين سگهيو.

        خير، قصو ايستائين پهتو هو ته نصيبان جوانيءَ ۾ قدم رکيو، ۽ هن جو هٿ سومر کي سونپڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا.

        حقيقت هيءَ آهي ته ڄمڻ کان اڳ جي شادي ۽ جوان ٿيڻ کانپوءِ پرڻي ۾ مون کي گهڻو فرق نظر ڪو نه ٿو اچي. ڇو ته هتي مرد ۽ عورت هڪٻئي کي پسند ڪري پوءِ ڪو نه پرڻبا آهن؛ انهيءَ ڪري شادي ڪڏهن به ٿئي، گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ڳالهه ساڳي آهي. اهو رشتوته مائٽ ئي نبيريندا آهن. ڀلا مائٽ پنهنجي اولاد جو مَٺو ٿورو ئي گهرندا. هو ته هر حال ۾ سندن ڀلوئي چاهيندا آهن. البت انسان آهي، ضرور خاندان جي خيال رکڻو پوي ٿو، غريبي اميري ڏسڻي پوي ٿي.آخر عزت به ڪا شئي آهي، پوءِ ان کي سلامت رکڻ لاءِ جي ڌيءَ يا پٽ جي حياتيءَ جي قرباني ڏيڻي پئي ته به گهوريو.

        ها، سو مون ٿي چيو ته سومر سان نصيبان جي وهانءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. پر ترسو ___ مون اوهان کي نصيبان جي ”پيٽ“ جي ته ڳالهه ٻڌائي، پر اڃا سندس ”دل“ جو داستان ڪو نه ٻڌايو اٿم.

        حميد هن جو سڳو سوٽ هو. حميد نصيبان کان ٽي سال وڏو هو. ٻيئي گڏ نپنا هئا، گڏ کيڏيا هئا، ۽ شايد نظرن ئي نظرن ۾ ساري حياتي گڏ رهڻ جو انجام پڻ ڪيو هئائون. جڏهن جوانيءَ ۾ قدم رکيائون ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ تي محسوس ٿين ته هو هڪٻئي جا بنجي ڪين سگهندا، تڏهن هنن جا ڇهه ئي ڇڄي پيا. ”پيٽ“ فولاد جي ديوار بڻجي هنن جي درميان ٿي بيٺو.

        نصيبان جي پيءُ ماءُ کي به اهو احساس ٿيو ته ٻنهي سوٽن جو پاڻ ۾ نڪاح پڙهائڻ ئي چڱي ڳالهه ٿيندي؛ پر ڪڇي ڪين سگهيا. لکئي جا ليک آهن. ڪنهن کي ڄاڻ هئي ته پيٽ لکي ڏيڻ کانپوءِ، حميد پيدا ٿيندو، جو ٺاهوڪو جوان هوندو ۽ نصيبان تي نثار ويندو. هو ته زبان ڪري چڪا هئا، انهيءَ ڪري نصيبان جي ٻانهن سومرجي حوالي ڪرڻي هين، نه ته برادريءَ وارا ڇا چوندا، پنهنجو پرائو ٿڪون هڻندو ته سومر هنن واسطي ويهه سال انتظار ڪيو، ۽ هي عين موقعي تي ڦري ٿا وڃن. بس، هاڻي ڪجهه نه ٿيندو، ڇوڪريءَ جي قسمت ئي اهڙي هئي.

        سومر بدمعاش ۽ رولو بڻجي پيو هو. ڀلا ايڏيءَ وڏيءَ عمر تائين ڇڙي رهڻ جو ٻيو ڪهڙو بهتر نتيجو  نڪرندو. هن جي چال جو کٽڪو وليداد جي اندر کي به کائي رهيو هو، پر هو بيوس هو؛ زبان ڏيئي ويٺو هو، ۽ ڇوڪريءَ جي ڀاڳن ۾ ائين لکيل هو.

        پر حميد ۽ نصيبان هڪٻئي کي پيار ڪندا هئا. هنن قسمت سان ٽڪر کائڻ ٿي چاهيو. هنن سماج سان بغاوت ڪرڻ جي سٽ سٽي. هنن فيصلو ڪيو ته نڪاح کان اول ئي ڀڄي نڪرجي. ان رات، جنهن رات هو ڀڄڻ وارا هئا، ۽ حميد وهٽ جو بندوبست ڪرڻ ويو هو، سو اتان ڪو نه موٽيو. صبح جو سندس لاش لڌائون. ان کان اَٺ ڏينهن پوءِ، نصيبان جي سومر سان شادي ٿي گذري. پهرينءَ رات سومر نصيبان کي جا شاديءَ  جي سوکڙي ڏني، سا هيءَ هئي: اڪيلائي حاصل ٿيڻ سان، هن پنهنجن ٻنهي هٿن کي گهوگهي ڏيڻ جي انداز ۾ ٺاهي، نصيبان کي ڏيکاري چيو. ”تنهنجي يار جو هنن ئي بازن خاتمو آندو هو!“

        نصيبان هاڻي سومر جي نڪاح ٻڌي زال آهي. سومر هن تي ڏاڍيون سختيون ڪندو آهي، ٿوري گهڻي تي ماريندو آهي، ۽ ذري ذري تي حميد جو  طعنو هڻندو آهي، نصيبان جي مائٽن مٽن پيٽ لکي ڏنو هو، ان ڪري هن جو پيٽ ته ضرور سومر جي حوالي آهي، مگر سندس دل سومر سان ڪانهي. اها سومر کي لکي ڪا نه ڏني ويئي هئي.

 

٭

 

        خانواهڻ، 14 – مئي 1955ع

        نئين زندگي : نومبر 1971ع

 

 

 

سنڌي ساهرا

٭

                پنهنجن مان توڙي پراون مان، ڪو به عظيم سان پلؤ اٽڪائڻ لاءِ تيار نه هو. هن جي پيءُ سليمان، پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. جڏهن هن جي ڀائٽي ساماڻي، تڏهن پنهنجي ڀاءُ کان عظيم واسطي گهريائين، پر پنهنجو رت هوندي به هن صفا انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻن ٻين همذات وارن مان ڪوشش ڪيائين؛ پر ڪنهن به هائو نه ڪئي. غير ذات وارن وٽ جتيون گسايائين، مگر کڙتيل ڪو نه نڪتو.

                سليمان، پينشن بردار پوليس جمعدار هو. ٽيهه جريب زمين  ٽڪر هوس ۽ مال متاع به چڱو چوکو هوس. عظيم اسڪول ۾ ماستر هو. هو ڳوٺ ۾ مالدار توڙي معزز ليکيا ويندا هئا. ان هوندي به عظيم سان ڪو شخص پنهنجي نياڻي پرڻائڻ لاءِ تيار نه هو.

                عظيم جو بدن بي ڊولو ۽ ٿلهو هو، رنگ ڪارو ڪوئلو، پيٽ بمبئيءَ جي وياج خور سيٺ وانگر ٻاهر نڪتل ۽ لڙڪيل، مٿيون چپ سهي جهڙو سڄي پاسي کان چيريل، نڪ ائين هو ڄڻ ته ڪنهن مٽيءَ جو چاڻو کڻي چهري تي ٿڦيو هوس: ايتري تي به بس ڪا نه هئي؛ هو هڪ اک کان ڪاڻو هو. اها اک هڪ جهڳڙي ۾ وڃائي هئائين، جڏهن ننڍو هو، تڏهن هڪ ڇوڪر سان تڪرار ٿي پيس. هي ڀلا ٿلهو متارو، هڪدم هن کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ڇوڪر ڏٺو ته هن وهڙي سان سڌي طرح پڄڻ ته محال آهي، سو ڪيائين هم نه تم، کڻي سروٽو ٺڪاءُ ڪيائينس ٻوٿ ۾. سروٽو وڃي کاٻي اک تي لڳس. تارو ئي ٻاهر نڪري آيس.

                هن جي ڀوائتي شڪل جو ويچاري، هر ڪو پنهنجي نياڻيءَ تي ڪهل آڻيندو هو. سليمان، ٻه هزار ٽي هزار روڪ پيسن جي به آڇ ڪئي، پر ڪنهن ڪين مڃيو، عظيم جي عمر وڏي ٿيندي ٿي ويئي.

                پاڪستان ڇا بنيو، هتي جي ڇڙن واسطي رحمت جا دروازا کلي ويا. ڪيترن ئي نڌڻڪن ۽ سماج جي ستايلن جي اجڙيل باغ ۾ بهار جون اميدون جا ڳڻ لڳيون، هندستان مان پناهگيرن جو سيلاب اچڻ شروع ٿي ويو. ڪيترائي ماڻهو، ٿورن پيسن ۾ پناهگير عورتون وٺي پرڻجي ويٺا.

                اسان جي ديس ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون به ته ڍڳن ڍورن ۽ واپار جي وٿ وانگر وڪامنديون آهن. جهڙيءَ ريت ڪنهن شيءِ جي پيداوار وڌندي آهي، يا واپاري کٽي پوندو آهي، ۽ مال جلدي نيڪال ڪرڻ چاهيندو آهي، تڏهن اهو مال سستي ملهه وڪامندو آهي. آيل پناهگيرن ۾ جيئن ته ڪيتريون  بيوهه ۽ يتيم بڻجي آيون، ان ڪري عورتن جي تعداد ۾ واڌ ٿي. تنهن کانسواءِ ڪيترن بدمعاشن اهڙن بيوس عورتن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائي هتي آندو، ۽انهن جو وڪرو ڪري پنهنجا کيسا گرم ڪيا.

                عظيم جي اونداهي سنسار ۾، اميدن جو نئون سج اڀريو. سندن هڪ مائٽ حيدرآباد ۾ رهندو هو. هن کي پنهنجي مطلب جي ڳالهه لکي موڪليائون. هنن جلد ئي جواب ڏنن ته هڪ شخص ڇهن سون ۾ پنهنجي ڪنواري ڌيءُ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، توهين هڪدم هليا اچو. هنن به اتي پهچڻ ۾ دير ڪو نه ڪئي. پر جڏهن ڪنوار جي پيءُ گهوٽ جي شڪل شبيهه ڏٺي، تڏهن وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪيائين.

                عظيم جي هٿن مان ڄڻ ڪجهه ڪري پيو. سڀ اميدون خاڪ ۾ ملي ويس. مگر خدا جي مهربانيءَ سان پناهگير ٿورا ڪو نه هئا. ماڪڙ وانگر ملڪ تي ڇائجندا ٿي ويا. هنن همت نه هاري ۽ ٻين جهوپڙين ۾ تلاش ڪندا رهيا. نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيائون، هڪ همراهه وٽ پنهنجي رنڙ ڀاڄائي هئي. ماستر جي ڀوائتي شڪل ڏسي به هو ڪو نه هٻڪيو. سودو مهانگو نه هو. زال ۽ ڀاڄائي جي ڪلڪل کان به جند ڇٽندي، پنج سؤ روڪ به ملندا ۽ گهر ۾ کارائڻ لاءِ هڪ بيڪار ڀاتي به گهٽ ٿيندو.

                ماستر جو گهر آباد ٿي ويو. هو ڏاڍو خوش هو. پر سگهو ئي گهر وارن جي ڪيفيت عجيب بڻجي پئي. نه هو پيا ڪنيز جي زبان سمجهن، ۽ نه هوءَ هنن جي. ڪنيز هئي طبيعت جي تيز ۽ ڳالهائڻ جي تکي، ٿوري گهڻي ڳالهه، جا سندس مزاج خلاف ٿيندي هئي ته  وٺي وائويلا مچائيندي هئي، ڏاڍيان ڳالهائيندي هئي ۽ پٽ پاراتا ڏيندي هئي.

                عظيم جي ماءُ، اوڙي پاڙي جهيڙا ڪار هئي. جنهن سان لڙائي ٿيندي هئس، ان کي پوپٽيون پڙهائي ڇڏيندي هئي، ان جو تڏو ئي کڻائي ڇڏيندي هئي. مگر ڪنيز آڏو، هن جي دال ئي ڳري نه سگهي. جنهن وقت هن جي زبان قينچيءَ وانگر هلڻ شروع ڪندي هئي، تنهن وقت ڪنهن کي وٺ ڇو ٿي ڏئي!

                بعضي بعضي ته ايئن ٿيندو هو، جو گهر وارن کي اهو به پتو ڪو نه پوندو هو ته ڪنيز ڪاوڙي ڪهڙي ڳالهه تي آهي، ڇا پئي چوي ۽ ڪنهن تي پئي ڇوهه ڇنڊي؟ دٻي ۾ ٺڪريون. سڀئي هڪ ٻئي ڏي نهاريندا رهجي ويندا هئا. عظيم ويچارو ته شرم ۾ ٻڏي ويندو هو. هن کي چُپ ڪرائڻ جا هڙئي حيلا هلائيندو هو؛ پر سڀ اجايا. آخر ٻانهون ٻڌي گاڏڙ ٻوليءَ ۾ چوندو هوس ”ڀلا بات ته آهستي ڪرو، پاڙي  وارا سن لينگي.“ اهو ٻڌي ڪنيز پاڙي وارن کي ٻه چار گاريون ڏئي وٺندي هئي. مشين گن جي سامهون جو ايندو، سو ڪٿي ٿو بچي. مڙني جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيائين.

                ڪنيز کي نئين ماحول جي ڪا به ڳالهه ڪا نه ٿي آئڙي. گهر وارن جي هر چيز تي هوءَ ٺٺولي ڪندي هئي. هتي جي ماڻهن ۽ رسمن کان بڇان ٿي آيس. هر معاملي ۾ چوندي هئي ته اسان جو ملڪ هينءَ، اسان جو ملڪ هونءَ.

                هوءَ گهڻو ڪري مڙني ملڻ وارين کي ٻڌائيندي هئي ته اتي هندستان ۾ اسين لکن جا مالڪ هئاسين، ڏهه ڏهه نوڪر پيا ڦرندا هئا، هن گهر جهڙآ ته اسان جا ڪاڪوس هوندا هئا، ٻاهر سدائين عاليشآن بگين ۾ نڪرندا هئاسين ۽ ڪڏهن به زمين تي پير نه رکيوسين. اسان جي قسمت ڦٽي، جو جهوپڙين ۾ اچي پياسين؛ ۽ پوءِ اچي رئڻ ۾ ڇٽڪندي هئي.

                هڪ ڏينهن هن جي نڻان، پنهنجي ساهيڙيءَ کي ٻڌايو ”اسان ڪنيز کي پنج ڇهه وڳا سبرائي ڏنا آهن، پر هن جا ڪپڙا ڏاڍا ميرا ٿي ويندا آهن، تڏهن به انهن کي مٽائڻ جو خيال ڪو نه ڏيکاريندي آهي. هڪ دفعي مون سندس ڌيان ميرن ڪپڙن ڏي ڇڪايو ته چوڻ لڳي ته اتي اسين جيڪو نئون ڪپڙو پهريندا هئاسين، اهو وري لاهيندا تڏهن هئاسين، جڏهن صفا ليڙون ليڙون ٿي ويندو هو. ان کي ڌئڻ جي تڪليف به ڪو نه وٺندا هئاسين. هوندو ئي جو هڪڙو جوڙو هو.“ ۽ ٻئي ساهيڙيون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون.

                گهر جا سڀ ماڻهو، هن جي لاڏ ڪوڏ کڻڻ، ۽ هن کي راضي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا. مس مس ته سندن پٽ جو گهر آباد ٿيو  هو. هن کي ڳپل ڳهه ۽ ڪپڙا ٺهرائي ڏنا ويا هئا. هن جي هر طلب پوري ڪئي ويندي هئي. گهر جو خرچ پکو هلائڻ هن جي حوالي هو هوءَ گهر ڌياڻي هئي.

                هن جي سس ڏاڍو سڙندي هئي. منهن تي ڪجهه ڪڇڻ جي جرئت ڪا نه هئس، پر پرپٺ ٻين ماين سان هن جي گلا ڪري، اندر جي باهه ڪڍندي هئي.

                ”چوي ٿي ته هتي جا ماڻهو اڻ سڌريل آهن؛ ڀلا پاڻ وري ڪهڙيل سڌريل آهي. مُئي واتراڌي، سڄي ڳوٺ ۾ اسان کي کڻي بدنام ڪيو اٿس. چسيري ۽ کائؤ اهڙي آهي، جو اسان جو گهر کٽائي ڇڏيو اٿائين. ڪنيءَ رن اڳي ته ڪو زيور ڏٺو به ڪو هوندو ۽ هاڻ هر مهيني انگل پئي ڪري ته فلاڻو فلاڻو زيور جوڙائي ڏيو.

                ”چوندي آهي ته اسين محلن ۾ رهندا هئاسين، ۽ ست رشيون کائيندا هئاسين، ڪوڙي ڪنهن جاءِ جي. سنڌي خالص گيهه جي ته بوءِ به نه ٿي وڻيس، ڀاڄي پسند اها اچيس جا سرنهن جي تيل ۾ پڪل هجي ۽ ٻڪ مرچن جو پيل هجيس. صفائيءَ جي ته دشمن آهي. محلن ۾ رهڻ واريون پري پري کان پڌريون. هيءَ ڪوجهي ڇا رهي هوندي محلن ۾!“

                هن کي ڪنيز جي پان کائڻ واري عادت تي ڏاڍي خار ايندي هئي. چوڻ لڳي ”پان کائڻ جي ڪهڙي نه ڪني عادت اٿس، اٺئي پهر ڄاڙيون پيون هلنس. وات هر وقت پڪن سان ڀريو پيو اٿس. ٻن چئن ڄڻين جي وچ ۾ ويٺي هوندي ته به پئي ڳاڙهيون ٿڪون اڇلائيندي. ٿڪون اڇلائي اڇلائي در دريون، ڪپڙا لٽا، کٽون ۽ ڀتيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون اٿائين. پان ڪري ڏند اهڙا ڳاڙها ۽ گدلا اٿس جو ڀرسان وهڻ تي دل پئي ڪچي ٿئي ڪٿان جي کَرڙ اچي اسان جي نصيبن ۾ پئي!“

                شاديءَ کان اٺ مهينا پوءِ، هن جو ڏير اچي سهڙيو، هو ڪنيز کي وٺڻ آيو هو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ هلي وٽن رهي. ماستر وارا ته ڪنوار جي هر ناز برداريءَ لاءِ تيار هئا. هنن خوشيءَ سان موڪل ڏني. ڪنوار تيارين ۾ لڳي ويئي. پنهنجا سمورا ڳهه ڳٺا، جن ۾ ڪي سونا هئا ڪي روپا، سڀئي ڪپڙا ۽ پنهنجي ٻئي سامان سان ٻه وڏيون پيتيون کڻي ڀريائين. گهر وارن سان به ڏاڍو مرڪي پئي ڳالهايائين. چيائين پئي ته ”سمورو سامان انهيءَ ڪري ٿي کڻي وڃان ته پنهنجي برادريءَ وارن کي ريس ڏياريان ته منهنجي سنڌي ساهرن، مون کي ڪهڙا نه سک ڏنا آهن، ۽ ناز نعمت سان رکيو آهي.“

                هوءَ پندرهن ڏينهن جي موڪل وٺي، پنهنجي ڏير سان روانه ٿي.

                پندرهن ڏينهن گذريا، مهينو گذريو، ٻه مهينا به گذري ويا پر نه ڪنوار پيدا ٿي ۽ نه هن جو ڏير ڏسڻ ۾ آيو ۽ نه ڪري ڪا چٺي چپاٽي آئي.

                ماستر وارن جي دل ۾ کٽڪو جاڳيو. پهرين ته هو ويچارڻ لڳا ته شايد بيماري سيماري ڪري ڪو نه آيا، پر تڏهن به ٻه اکر لکي ڇو نه ٿا موڪلين. نيٺ پنهنجي حيدرآباد واري مائٽ کي خط لکيائون ته تون جاچ ڪري جواب ڏي. هن چئن ڏينهن اندر ئي ورندي لکين ته ”مان ڳولا ۾ ويس، مگر ان جڳهه تي نه اها جهوپڙي هئي ۽ نه جهوپڙيءَ وارا“

                جڏهن، اهو خط، عظيم پڙهي پورو ڪيو، تڏهن، هن جي ماءُ، جنهن کي اول ئي پنهنجا ۽ پنهنجي ٻن ڌيئرن جا ڪي ڳهه گم ٿيل نظر آيا هئا، تنهن مرڪي چيو: ”رن ته وئي، پر رلهي به کڻي وئي!“

 

٭

 

ڪراچي، ١١ – آڪٽوبر 1950ع

ماهورا هلال پاڪستان: جون 1958ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com