سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: پٿر تي ليڪو ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :5

 

جمن موچيءَ جي شادي

 

٭

        جمن جي پيءُ ان وقت وفات ڪئي، جڏهن جمن اڃا هڪ سال جو مس هو. هنن جو ڪو به اوهي واهي ڪو نه هو، انهيءَ ڪري مجبور ٿي، ماءُ کي هٿ پير هلائڻا پيا. هوءَ، پاڙي وارن جو اٽو پيهڻ، ڪپڙا سبڻ ۽ ٻيو گهرو ڪم ڪندي هئي. انهن وٽان جي چار ڏوڪڙ ملندا هئس، تن مان پئي پورت ڪندي هئي.

        اڃا ٻه سال به ڪين گذريا ته مائيءَ کي سلهه اچي سوگهو جهليو، ۽ جنهن کي هن نهوڙي نيو. هوءَ ٽن ورهين جي معصوم ٻار کي ڇورو ڇڏي رمندي رهي. مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، پنهنجي پاڙي واري رحمت ماءُ کي سڏائي چيو هئائين ته: ”ادي، رحمت ماءُ! منهنجو وقت اچي ڀريو آهي، ڏينهن ٻه مس ڪڍان. منهنجو جمن توکي پرتو اٿئي. هن ڇورڙي ٻار جو ٻيو ڪير به ڪونهي. ڌڻي توکي درجا ڏيندو. ڇڏي نه ڏجانس.“

        ڪا ٻي مهل هجي ها ته رحمت ماءُ اصل ڪين قبول ڪري ها، پر مرندڙ ماءُ کي آٿت ڏيڻو ئي پيس.

        جيتوڻيڪ هوءَ مڇيءَ مانيءَ واري هئي، پر پرائي ننڍڙي ٻار کي پالڻ، هن جي طبيعت گوارا نه ٿي ڪيو.

        جمن يتيم ٿي ويو. پيءُ جو سايو ته اول ئي کڄي چڪو هو، هينئر ماءُ جي گود کان پڻ محروم ٿي ويو.

        هن جو پيءُ جيئرو هجي ها ته اسڪول کڻي نه به موڪليس ها، ته به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پاسي ۾ وهاري، اباڻو ڏاڏاڻو ڌنڌو ته سيکاريس ها، ۽ هو پيٽ قوت ڪمائڻ جي لائق ٿي وڃي ها.

        اڃا هو هلڻ چلڻ جهڙو مس ٿيو ته رحمت ماءُ، هن کان گھر ۽ ٻاهر جو ڪم وٺڻ شروع ڪيو. ڪاٺيون ڪري اچڻ، پاڻي ڀرڻ، ٻهاري ڏيڻ، سودو سلف وٺي اچڻ ۽ ٻيا اهڙا سنها ٿلها ڪم هن کي ڪرڻا پوندا هئا. ماني ٿوري ملندي هئس، ۽ ڪم گهڻو ڪرڻو پوندو هئس. ان سان گڏ وري چار ئي پهر پوڙهيءَ جو پٽ پاراتو، ڇڙٻون ۽ مارڪٽ. ويچارو گڏهه وانگر پيو وهندو هو.

        هن جي عمر ٻارهن سال اچي ٿي. ٻڍي رحمت ماءُ جو وهنوار، هن جي سهڻ کان ٻاهر ٿي چڪو هو، ۽ هڪ ڏينهن، هو ڀڄي نڪتو.

        ڪنهن ٻئي پاسي ڪو نه ويو. ان ڳوٺ جي وڏيري وٽ وڃي ٻيلي ٿي بيٺو. هو وڏيري جي اوطاق جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندو هو، ۽ ايندڙ ويندڙ مهمانن جي ٽهل ٽڪور پڻ. ان کان سواءِ حويليءَ جي نوڪري پڻ ڏيندو هو، ۽ وڏيري جي ننڍي نينگر کي گهمائڻ ۽ پرچائڻ به هن جي بلي هو. ان جي اجوري ۾ وڏيرو هن کي رکي سڪي ماني به ڏيندو هو، ۽ پراڻا لاٿل ڪپڙا به عنايت ڪندو هو، تنهن کانسواءِ مهيني ۾ چار رپيا کيسي خرچي پڻ.

        جمن جوانيءَ ۾ قدم رکيو. نوان امنگ، نيون خواهشون ۽ نوان جذبا ڇوليون مارڻ لڳا. مگر هو غريب هو. هي جو ٿورو گهڻو اٽو ۽ لٽو ميسر ٿي ٿيو، اهائي نعمت هئي. وڌيڪ جي آرزو ڪيئن ڪري؟ مگر جوانيءَ جو جوش ڪٿي ٿو وهڻ ڏئي!

        هن چوڌاري نظر ڊوڙائي. ڪو به هن جو همراز ۽ همدرد ڪو نه هو. ڪنهن کي به هو پنهنجو چئي نه ٿي سگهيو. پوءِ ڇا هو ساري عمر اڪيلو ۽ بي يار گذاريندو؟ ڇا هو ڪڏهن به پنهنجو گهر وسائي ڪين سگهندو؟ ڇا ڪڏهن به هن کي زال ۽ اولاد حاصل نه ٿيندا؟

        هن کي ڪا به واهه نظر نه آئي. پر هو نوجوان هو، ۽ گهير ۾ گهڙي، قسمت سان لڙڻ کان نه ٿي ڪيٻايائين. ”ڇو نه ڪو اهڙو رستو اختيار ڪريان، جو مون وٽ ڪجهه پيسا گڏ ٿي سگهن. زماني جو ڏِيو سون چانديءَ جي تيل سان ٻري ٿو.“ هن سوچيو.

        ٻئي ڏينهن هو وڏيري جي نوڪري ڇڏي، وڃي مزوري ڪرڻ لڳو. محمود رازي هن کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ جي موڪل ڏني. هو تگاري کڻڻ لڳو. پهرين هن کي ٻارهن آنا روزاني اجرت ملندي هئي، ۽ پوءِ پورو رپيو ملڻ لڳي. هو مهيني ۾ پنجويهه ڇويهه رپيا ڪمائيندو هو. ڪفايت ڪرڻ سان به هو مهينن ۾ چئن پنجن رپين کان وڌيڪ بچائي ڪو نه سگهندو هو. مهانگائي به ڏاڍي هئي. روز ٻه چار ٻيڙيون به پيئندو هو. بعضي بعضي بيمار به ٿي پوندو هو، ۽ دوا درمل تي ٻه چار رپيا خرچ ٿيندا هئس. هڪ ڀيري ته ڪم ڪندي، پڪي سر اچي ٽنگ مٿان ڪريس، ۽ ٽنگ وارو هڏو ئي ڀڄي پيس. ان ڪري ٻه مهينا ساندهه ڪم ڪري ڪو نه سگهيو. ان  عرصي اندر ميڙي چونڊي به ختم ٿي ويس. انهيءَ هوندي به پنجن ڇهن سالن ۾ ڏيڍ سو رپيا ڪٺا ڪري ورتائين.

        ڦوهه جوانيءَ جو زمانو. ڏينهن ته جيئن تيئن مصروفيت هجڻ ڪري گذري ويندو هو، مگر رات اڻ کٽندڙ ۽ بيقرار هوندي هئي. ڳپل رات تائين، پاسا ورائيندو رهندو هو. تصور ئي تصور ۾ هوائي قلعا جوڙيندو هو. پنهنجي گهر ٻار جا نوان نقشا چٽيندو هو. ڏينهن جو ڏٺل عورتن سان بغلگير ٿيندو هو. ڪڏهن ڏسندو هو ته هڪ حسين محبوبڙي هن کي اک جي اشاري سان سڏي رهي آهي؛ ڪڏهن بادشاهه بڻجي دنيا جي سهڻي ۾ سهڻين عورتن جي وچ ۾ وهندو هو؛ ڪڏهن جادوءَ جي ٽوپي پائي (جنهن ڪري ڪو به ڏسي نه سگهي) خوبصورت ڇوڪرين کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائيندو هو. اهڙيءَ ريت خيال ڊوڙائيندي ۽ عجيب غريب حرڪتون ڪندي، هن جو دماغ ۽ جسم ٿڪجي پوندا هئا. انهيءَ ٿَڪَ ۾ ئي ننڊ جي آغوش ۾ پهچي ويندو هو. ننڊ ۾ به اهي ئي حورون ۽ پريون پيو پسندو هو.

        هڪ اهڙي ئي اداس ۽ بيچين رات جو، هو سوچڻ لڳو ته: ” آخر منهنجي هيءَ حالت ڪيستائين هلندي؟ ڇا هي منهنجو تمنائون اڌوريون رهجي وينديون؟ ڇا آءٌ اهڙي طرح ڦٽڪندي ڦٽڪندي مري ويندس! ...... نه، نه، ائين ڪيئن ٿيندو! ڪوشش ته ڪري ڏسان، ڪنهن کي چوان ته سهي.“

        ڳوٺ ۾ هڪ چاچو ٻڍل ئي هو، جو هن کي شفقت جي نظر سان ڏسندو هو. چاچي ٻڍل جي، جمن جي پيءُ سان گهاٽي ياراني هوندي هئي. اهوئي سبب هو، جو هو ڪڏهن ڪڏهن جمن وٽ ايندو هو، ۽ بيماري سيماريءَ ۾ سار سنڀال لهندو هو.

        چاچو هن جو احوال ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه سوچ ويچار بعد چيائين ”پٽ، ڪم ته ڏاڍو اؤکو ٿو نظر اچي. تو کي ته پنهنجي برادري آهي ئي ڪا نه. اڄ ماڻهو ڌارين ۾ ڪٿي ٿا ڌيءُ ڏين. پيسو پنجڙ به ته تو وٽ ڪو نه هوندو. خير، پٽ! مان ڪوشش ڪندس. ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو.“

 

(2)

        ٻڍل، سائين ڏني حجم وٽ ويو. سائين ڏني حجم جي ڌيءُ ساماڻي ويٺي هئي. پر چاچي ٻڍل کي کتو جواب ڏنائين ته: ” پنهنجا مري کپي ويا آهن ڇا، جو ڌارين ۾ ڏيندس.“

        چاچو نا اميد ٿي موٽيو. مهيني کن کانپوءِ، سائين ڏني پنهنجي برادري جي هڪ پوڙهي سان پنهنجي نوجوان ڌيءُ پرڻائي ڇڏي. پوڙهو هو ته ڇا ٿيو، پنهنجي برادريءَ جو ته هو!

        علي خان ميمڻ وٽ پنهنجي ڀائٽيءَ جو سڱ هو. چاچي ٻڌو ته هو ڪنهن موزون ڇوڪري جي ڳولا۾ آهي.هن وٽ لنگهي ويو، ۽ جمن واسطي سڱ گهريائين. هن جون خوبيون ٻڌائيندي چيائين ته: ”جمن سٺن لڇڻن وارو ڇوڪرو آهي، ڪمائيندڙ ڪرتيندڙ، جانٺو جوان آهي.“ مگر علي خان کي انهن ڳالهين جو اونو ئي ڪو نه هو. هو ته جمن جو نالو ٻڌي، باهه ٿي ويو. جواب ڏنائين: ”چاچا، ڇو اچي اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيو اٿئي. شرم نه ٿو اچيئي جو هڪڙي ڪمذات موچيءَ واسطي مون کان ٻانهن گهرڻ آيو آهين0هن ل عورتن سان بغلگير ٿيندو هو.  هو.  هو، مگر رات اڻ کٽندڙ ۽ بيقرار هوندي هئي. ؟ ڇا ڪڏهن به هن کي زال ۽.

        چاچو موٽي آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، علي خان پنهنجي ڀائٽي هڪ همذات ميمڻ سان پرڻائي ڇڏي. هيءُ هڪ رولو ۽ نڪمو ڇوڪرو هو. ڇوڪريءَ مڙس سان هڪ ڏينهن به سک ڪو نه پاتو.

        خبر ناهي ته ساجن کٽيءَ کي ڪيئن دل ۾ رحم پيو، جو ڌارين ۾ ڌيءُ ڏيڻ جي هام ڀريائين. مگر جڏهن وڌيڪ ڳالهيون ٻوليون هليون. تڏهن اهو اِٽَ هڻي بيٺو ته هزار کان گهٽ ۾ سڱ نه ڏيندس. ايتري رقم جو ٻڌي، ٻڍي جي دل وري هارجي وئي. هن کي پڪ هئي ته جمن ڪنهن به صورت ۾ ايڏي رقم مهيا ڪري نه سگهندو.

        ساجن کٽيءَ جي ڌيءُ ڏاڍي سهڻي هئي. جڏهن وڏيري جي ڪن هيءَ ڳالهه پهتي، تڏهن هزار جا به ٻارهن سئو ڏيئي، ساجن جي ڇوڪريءَ سان شادي رچايائين. ساجن کٽي هٻڪيو اصل ڪو نه؛ جيتوڻيڪ وڏيرو سٺ سالن جو ٻڍو هو ۽ هن جي حويليءَ ۾ اول ئي ٽي پهاڄون موجود هيون.

        چاچي ٻڍل اڃا همت نه هاري هئي. هو ووڙ ڏيندو رهيو. عثمان ميربحر وٽ به ويو. پر هن مرڳوئي نرالو شرط وڌس. چيائين: ”چاچا، منهنجو پٽ به جوان جماڻ آهي، ان جي ڳڻ به ڪرڻي آهي. انهي ڪري مان ”ڏي وٺ“ جو معاملو ڪندس. منهنجي پٽ واسطي سڱ پيدا ڪريو ته آءٌ اوهان کي پنهنجي نياڻيءَ جي ٻانهن ڏيان.“

        چاچو هتان پڻ ماٺ ڪري موٽيو. عثمان،نيٺ پنهنجي ساماڻل ڌيءُ، بچو ڍکڻ جي ننڍي پٽ سان مڱائي ڇڏي. بدلي ۾ بچوءَ جي ڌيءُ سان پنهنجي پٽ جو نڪاح پڙهايائين. ڪنوار جي عمر هئي ست سال ۽ گهوٽ جي ايڪيهه سال.

        ٻڍل ۽ جمن دير دير تائين پيا ڪچهري ڪندا هئا، ۽ اهڙن واقعن تي رائزني ڪندا هئا. وڏن خاندانن ۽ شاهوڪارن کان رشتي گهرڻ جو ته هي مسڪين پورهيت دل ۾ خيال به آڻي نه ٿي سگهيا. حالانڪه انهن وٽ ڪيتريون حق بخشايل ۽ وڏور ڌيئر ويٺيون هيون.

 

(3)

        اهڙي طرح ڏينهن بدلجي هفتا ٿيا. هفتا بدلجي مهينا ٿيا، ۽ مهينا بدلي سال ٿيا. وقت پهاڙ تان وهندڙ درياهه وانگر، تيزيءَ سان گذري رهيو هو. ڪيتريون ئي شاديون ٿيون، ڪيترائي گهر آباد ٿيا، پرڻيلن جا گهر ٻارن جي شور ۽ غل سان گونجي اٿيا. ٻار جوان ٿيا ۽ جوان ٻڍا. سلا وڌي وڃي وڻ ٿيا. هر چيز وڌندي ٿي ويئي. مگر هيءَ واڌ ۽ اوسر جيڪڏهن اڻ لڀ هئي ته رڳو جمن موچيءَ جي اڱڻ ۾. هن زندگيءَ جا پنجٽيهه بهار نه، پر خزان ڏٺا هئا، مگر هو اڃا تائين اڪيلو هو، هن جي جهوپري اڪيلي هئي، هن جي دنيا اڪيلي هئي. اهي ئي بيقرار ۽ ڊگهيون راتيون ۽ ٿڌا شوڪارا. اڄ تائين نه هن جي گهر ۾ زال آئي ۽ نه ٻارن جو چهچٽو ٿيو. نه هو بادشاهه بڻجي پري جمال راڻين جي وچ ۾ ويٺو، ۽ نه ڪنهن جوانڙيءَ هن کي اکين جي اشاري سان پاڻ وٽ سڏايو، ۽ نه وري جادوءَ جي ٽوپي ئي ملي. خواب، خواب ئي رهجي ويا. هن جي حياتي ته ڪنهن شاعر جو ”نه کٽندڙ مرثيو“ هئي.

        چاچو ٻڍل به مٿا مونا هڻي، ماٺ ڪري ويهي رهيو، هينئر ته هو صفا ڪُراڙو ٿي ويو هو.

        جمن کي اميد جو هڪ نئون ڪرڻو نظر آيو. ارباب موچيءَ جي ڌيءُ رَني هئي. هن جو مڙس ڇهه مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو. هن ويچاريو ته ارباب جي برادريءَ مان کڻي نه آهيان، پر ته به ذات ڀائي ته ضرور آهيان. ڪجهه ننگ پوندس، ۽ تنهن کانسواءِ ته ڌيڻس رنڙ آهي؛ مون وٽ هن وقت ڏوڪڙ به چڱا گڏ ٿي ويا آهن. هي ڳالهيون ڳڻي، هن کي پڪ ٿيڻ لڳي ته بس هاڻي منهنجي جهوني آرزو پوري ٿيڻ واري آهي.

        هن اٿي ڏوڪڙ ڳڻيا. اٺ سئو ويهه رپيا هئا. هو مرڪيو. هنجي ڪنن ۾ دهلن ۽ شرناين جو شيرين آواز گونجڻ لڳو، ۽ هو ڪا فلمي ڌُنَ جهونگاريندو، چاچي ٻڍل جي گهر ڏانهن راهي ٿيو.

        ارباب موچيءَ صفا انڪار ته ڪو نه ڪيو، پر هن جو جواب زياده اميد ڀريو به ڪو نه هو. هن کي جمن گهڻو پسند نه هو، ڇو ته هو گهر ۾ اڪيلو ۽ ڇنو ڇورو هو. ان کانسواءِ هن جي ناٺيءَ کي وفات ڪئي اڃا گهڻو وقت ڪو نه ٿيو هو، ۽ هن کي آسرو هو ته شايد ڪا بهتر مائٽي اچي وڃي. ان ڪري ٻڍل کي چيائين : ”اسان کي تڪڙ ڪونهي، ڇوڪري اڃا غم ۾ آهي، ٻيا پيغام اچڻ جي به اميد آهي، اسان جڏهن آخري فيصلو ڪيو تڏهن توکي سڏائي ٻڌائيندس.“

        چاچي کان احوال ٻڌي، جمن کي سخت صدمو رسيو. هنجا سڀ حيلا بيڪار ثابت ٿيا هئا. هو اڪثر سوچيندو هو ته ”هن طرح جيئري رهڻ مان ڪهڙو مقصد؟ منهنجي حياتي ۾ نه خوشي  آهي ۽ نه دلچسپي. هيءَ شرافت ڪهڙي ڪم جي!“

        ڇهه مهينا ٻيا به گذري ويا. هڪ صبح جو، چاچي ٻڍل کي، ارباب موچيءَ جو نياپو مليو ته سانجهيءَ جو مون وٽان ٿي وڃجانءِ. ٻڍل کي ٻڌي ڏاڍي سرهائي ٿي. هن کي پڪ ٿي ته جنهن چيز لاءِ، هن سالن جا سال جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي هئي، ان ۾ هن کي اڄ ڪاميابي حاصل ٿيندي.

        سانجهيءَ جو، جنهن وقت ٻڍل، ارباب ڏانهن وڃڻ لاءِ پراڻو بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي رهيو هو، تنهن وقت هن جو پٽ سهڪندو گهر آيو ۽ اچڻ سان چيائين: ”بابا، ڪجهه ٻُڌَوَ .....  پوليس جمن کي پڪڙي ويئي. هن ابراهيم سوناري جي ڌيءَ سان زوريءَ ڪارو منهن ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي!“

        اهو ٻڌي، چاچو غمگين ضرور ٿيو، پر هن جي چهري تي حيرت جو ڪو به اهڃاڻ ڪو نه اڀريو، ۽ هن بوسڪيءَ جو پٽڪو لاهي، وري صندوق ۾ سانڍي ڇڏيو.

 

٭

 

خانواهڻ، ٢٠ – مئي ١٩52ع

ماهوار هلال پاڪستان: ڊسمبر ١٩57ع

 

 

 

توکي مرڪندو ڏسان

 

٭

        اوچتو هڪ ڏينهن لالي گم ٿي ويئي.

        مون هن جو نالو ”انٽرنيشنل معشوق“ رکيو هو. جڏهن مون کي پنج ماڙ هاسٽل جي اولهه واري پاسي ۾ ڪمرو مليو، ۽ مان بالڪنيءَ ۾ بيهي، آسپاس جي دنيا جو ديدار ڪري رهيو هوس، ان وقت منهنجي نظر هيٺ هڪڙي ڪچي گَهرَ جي اڱڻ ۾، بيٺل ڇوڪريءَ تي وڃي پيئي. هن جي عمر سورنهن سترهن سال هئي. هوءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، ۽ هن جو انگ انگ جوڀن وچان جرڪي رهيو هو ..... هوءَ مون ڏانهن گهوري نهاري رهي هئي، ۽ منهنجي ڏسندي ڏسندي، هڪ ملٽري سئليوٽ (سلام) به ڪري ورتائين، ۽ هٿ سائين ائين اشارو ڪرڻ لڳي، ڄڻ ته پڇيائين ته خوش چڱو ڀلو ته آهين نه، ٻيو ته مڙئي خير آهي!

        منهنجون واڇون ٽڙي ويون، ۽ بي اختيار، چهري تي مسڪراهٽ ناچ ڪرڻ لڳي. هر نوجوان وانگر هڪدم خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويس. مون کي پنهنجي حسن تي ناز ٿيڻ لڳو ته، ڪيئن نه عورتن کي بنا دير گهائل ۽ مائل ڪري ٿو وجهي. مون سمجهو ته لَو اِئٽ فرسٽ سائيٽ (پهرين نظرن ۾ ئي عشق) جو جيئرو جاڳندو مثال قائم ڪيو اٿم. هن هيترن نوعمر شاگردن ۾ جو منهنجو انتخاب ڪيو آهي، ان ۾ به ڪو ته راز  آهي!

        پر لاليء (اهو ئي سندس نالو هو) مون کي گهڻو وقت ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ نه ڏنو. آءٌ اڃا انهيءَ روحاني لذت مان لطف ماڻي رهيو هوس، ته هن کي وري سلام ڪندي ڏٺم. مگر هن دفعي هن جو رخ ٻي بالڪنيءَ طرف هو. مون نِوڙي ڏٺو. هوءَ سعيد احمد کي سلام ڪري رهي هئي. هو به هن سان ڏند ٽيڙي، اشاري بازي ڪري رهيو هو.

        اندر جلي ويم، رقابت جي آگ ڀڙڪڻ لڳي. منهنجو سارو غرور غائب ٿي ويو، ۽ منهنجا بڻايل هوائي قلعا هڪ لحظي ۾ لٽجي ويا.

        الاهي بخش ٻاهر بالڪنيءَ ۾ نڪتو، ته وري هن سان نخرا ڪرڻ لڳي. مون کي قصو ڪجهه عجيب واهيات نظر اچڻ لڳو، ۽ غصو پڻ سخت اچي رهيو هوم. (خبر ناهي ته ڪنهن تي ۽ ڇو؟)

        نهايت دلچسپ معاملو هو. لالي سڀني شاگردن جي هئي، ۽ سڀ شاگرد لاليءَ جا هئا. جو به هن ڏانهن نهاريندو هو (۽ جيڪڏهن ڪو ڏانهس نه نهاريندو هو ته ڪنهن  نه ڪنهن نموني هن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي هئي) يا هن سان حرڪت ڪندو هو، ته هوءَ پڻ فراخدليءَ سان ان جو جواب ڏيندي هئي. ڪڏهن هوءَ ويچارا ڪڍندي هئي، ڪڏهن آهستي آهستي راڳ جهونگارڻ لڳندي هئي، ڪڏهن چپن ئي چپن ۾ الائي ڇا بڙ بڙ ڪري مصنوعي غصي جو مظاهرو ڪندي هئي، ناچ ڪري ڏيکاريندي هئي، آرسي سامهون جهلي بيهندي هئي يا ان سان اولڙو ڪندي هئي، يا ڪنهن اخبار مان ڪٽيل مورت ڏيکاريندي هئي.

        هوءَ گهر جو ڪم ڪار (صفائي ڪرڻ، ٿانو ٿِپا ملڻ، ڪپڙا ڌئڻ، کاڌو پچائڻ وغيره) به برابر ڪندي رهندي هئي، ۽ بالڪنين ۾ بيٺلن سان به منهن ڏيندي رهندي هئي.

        هوءَ ڪافيءَ کان زياده معصوم هئي، جهڙو بي سمجهه ٻار. نوجوان شاگردن کي نهاريندو ۽ دلچسپي وٺندو ڏسي، هوءَ ايترو خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندي هئي، جيترو ننڍو ٻار نئين رانديڪي کي ڏسي.

        سچ پچ ته لالي اسان واسطي هڪ وڏي وندر هئي. جڏهن ڪتاب پڙهي پڙهي ٿڪبا هئاسين، ته اچي بالڪنيءَ ۾ بيهندا هئاسين. جيڪڏهن لالي پنهنجي گهر جي پڌر ۾ نه هوندي هئي، ته اسين ڪنهن جو نالو پڪاري واڪو ڪندا هئاسين ”او فلاڻا“ ۽ لالي ٻاهر نڪري ايندي هئي. هوءَ به اسان جا اهي اشارا ڄاڻندي هئي. اهڙيءَ ريت بيمارين ۽ دوائن جي ڪتابي دنيا مان نڪري اچي صحت ۽ سونهن، مسڪراهٽن ۽ معصوميت جي فرحتي فضا ماڻيندا هئاسين.

        انهن ڳالهين ڪري ئي مون هن کي ”انٽرنيشنل معشوق“ جو لقب ڏنو هو.

        شام جو بالڪنين ۾ رونق لڳي ويندي هئي. جيڪي شاگرد راندين ۾ بهرو وٺڻ يا شهر ۾ گهمڻ نه ويندا هئا، سي بالڪنين ۾ نڪري ايندا هئا، ڪي ڪرسيون ڪڍي وهندا هئا، ۽ ڪي ريڊيا ٻاهر آڻي، ان جو آواز بلند ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ لاليءَ سان مستيون پيون ٿينديون هيون. هوءَ پنهنجي اڱڻ ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي يا ويهي يا بيهي رهندي هئي ڪي ڇوڪرا شيون وٺي پاڻ وٽ رکندا هئا، ۽ ان مهل لاليءَ جي آڏو، هن جي پڌر ۾ اڇلڻ شروع ڪندا هئا. اهي چيزون گهڻو ڪري کائڻ جون هونديون هيون، خاص ڪري کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.

        اهو به ڏاڍو مزيدار ڏيک هوندو هو. لالي هڪ هنڌ ويٺي هوندي هئي، يا بيهي رهندي هئي ۽ ڇوڪرا جدا جدا بالڪنين مان، جدا جدا طرفن کان، هڪ هڪ ڪري کٽمٺڙو اڇلائيندا ويندا هئا. بلڪل ائين، جيئن مداري کيل ختم ڪرڻ کانپوءِ وچ ميڙ ۾ چادر وڇائيندو آهي، ۽ ان تي ماڻهو ڏوڪڙا اڇلائيندا ويندا آهن.

        اڇلائڻ وقت هر ڪو ڇوڪرو، ڪو نه ڪو رومانوي ۽ محبت ڀريو لفظ يا جملو به چوندو ويندو هو: ”اچئي ٿو منهنجي پيار جو خزانو.“، “تون به هن ٽافيءَ جهڙي مٺي آهين.“، ” اُڏامي وڃي تون پياريءَ جي لبن سان لڳ.“، ”جيڪر مان به کٽمٺڙو هجان ها.“، ”تنهنجي مرڪ تان قربان.“ وغيره.

        لالي هڪ خاص انداز سان کٽمٺڙي کي ڏسندي هئي، ۽ اڇلائيندڙ ڏي ڏسي مرڪندي هئي. هن جي مرڪ ڏاڍي پياري ۽ دلڪش هوندي هئي، ڄڻ ته وايو منڊل ۾ هڪ ئي وقت هزارين لکين مکڙيون ٽڙي پونديون هيون. هن جي مرڪ، اندر ۾ اهڙي مٺڙي احساس کي جنم ڏيندي هئي، جو مرڪ جي مالڪياڻيءَ کي، دنيا جهان کان بي نياز ٿي، سيني سان لڳائڻ لاءِ دل تڙڦي اٿندي هئي.

        پوءِ جڏهن ڇوڪرا شيون اڇلائڻ بند ڪندا هئا، تڏهن لالي اهي ميڙي گڏ ڪندي هئي، ۽ شڪريو مڃڻ طور سلام ڪندي هئي، مُرڪن سان گڏ، معصوميتن سان ڀريل.

        ڪن موقعن تي هڪ ٻن شاگردن، سُرخيءَ جي شيشي، ڪنن جون واليون، پائوڊر جي دٻي وغيره جهڙيون شيون اڇلايون. لاليءَ پهرين ٻانهون ٻڌي، مرڪي، ڄڻ معافي ورتي ته هي شيون مان پاڻ وٽ رکي نه ٿي سگهان، ۽ پوءِ اهي شيون ڀت کان ٻاهر رستي تي اڇلائي ڇڏيائين.

        مهينن جا مهينا ائين ٿيندو رهيو، پر مون ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو ته لاليءَ ڪنهن ڇوڪري سان سڌي گفتگو ڪئي هجي يا سوال جواب ۾ ڳالهايو هجي. سڀ مستيون اشارن ۽ اڻ سڌن واڪن ذريعي ٿينديون هيون.

        جنهن ڏينهن هن کي مٿي تي ڀنڊي ٻڌل هوندي هئي، ان ڏينهن اسين سمجهي ويندا هئاسين ته هوءَ بيمار آهي. جو به ڇوڪرو هن کي پهرين اهڙي حالت ۾ پسندو هو، ته هٿ جي اشاري سان هن کان پڇندو هو ته ڇا ٿيو آهي؟

        لاليءَ کي ڄاڻ هئي ته هي ڇوڪرا ڊاڪٽر ٿا پڙهن. پوءِ هٿن جي اشارن سان پنهنجو مرض ٻڌائيندي هئي. جي ڪَڻس هوندي هئس ته نبض ڏسڻ وانگر پنهنجي ٻانهن تي هٿ رکندي هئي. مٿي ۾ سور هوندو هوس ته مٿي ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي هئي. مٿي ۾ ڦيريءَ جي حالت ۾ مٿي تي هٿ رکي، هٿ هوا ۾ ڦيرائي ڏيکاريندي هئي. دست هوندا هئس ته پيٽ تي هٿ رکي، پوءِ هٿ هيٺ زمين ڏانهن ڇنڊيندي هئي. کنگهه هوندي هئس ته کنگهي ڏيکاريندي هئي.

        اشاري مان بيماري سمجهي، پوءِ اهو ڇوڪرو،جي کيس ڪا دوا سجهندي هئي، نه ته ٻين سان مشورو ڪري، اها دوا پاڻ وٽان يا ٻئي ڪنهن شاگرد وٽان، نه ته ڊوڙ پائي بزار مان وڃي وٺي ايندو هو. پوءِ اها ڪاڳر ۾ ويڙهي، بالڪنيءَ مان لاليءَ جي پڌر ۾ اڇلائيندو هو. لالي مٿي نهاريندي هئي، ۽ هو آڱرين جي اشارن سان، هن کي دوا جو وزن سمجهائيندو هو، ته هڪ گولي ٽي دفعا، يا ٻه ٽڪيون ٽي ڀيرا. ان تي لالي هٿ لوڏي ۽ مرڪي شڪريو ادا ڪندي هئي. اها ئي دل لڀائيندڙ مرڪ. دوا ڏيندڙ جي دل بهار بهار ٿي ويندي هئي. ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي درد جي دوا ملي ويندي هئي. ٻئي ساڳئي وقت هڪ ٻئي واسطي ڊاڪٽر به هئا ۽ پيار به!

        هن جي گهر ۾ فقط ٻه ڀاتي هئا. هڪ پاڻ ۽ ٻيو سندس مڙس. هن جو مڙس 45 ورهين جو پوڙهو هو، ۽ اها لاليءَ جي حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي هئي.

        پوڙهي کي شهر ۾ پان جو دڪان هو. هو سارو ڏينهن گهر مان غير حاضر رهندو هو. هو موالي هو ۽ چرس جام پيئندو هو. جيترو لاليءَ ۾ ڦڙتائي ۽ زندهه دليءَ جا اهڃاڻ هئا، اوترو ئي سندس مڙس ڪُند ذهن، چرندڙ پرندڙ بوتو، ۽ زندگيءَ کان خالي خالي نظرايندو هو.

        جنهن ڏينهن، يا جنهن وقت، هن جو مڙس گهر ۾ هوندو هو ته هوءَ يا ڪم ڪندي رهندي هئي، يا اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃي وهندي هئي. جي پڌر ۾ وهندي هئي ته به ڪنڌ هيٺ ڪيو، ماٺ ۾ مُوڙهي ويٺي هوندي هئي. وڌ ۾ وڌ مڙس جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هئي. مڙس، گهڻو ڪري کٽ تي ويٺي، سلفي ڇڪيندو ۽ کنگهندو يا گهيرٽ کائيندو ڏسبو هو.

        بعضي بعضي، اوچتو هيٺان رڙين ۽ گارين جو گوڙ ٻڌبو هو، ۽ اسين ڀڄندا ڀڄندا بالڪنين ۾ پهچي وندا هئاسين. هيٺ نهارڻ سان نظر ايندو هو ته لاليءَ جو مڙس، هن کي ماري، لتون هڻي، ۽ گاريون بڪي رهيو آهي، ۽ هوءَ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪو نه ٿي ڪري.

        ان تي ڇوڪرا وڃي هوڪرا ڪندا هئا، ۽ مڙس تي ڌمڪين ۽ لعنتن جو وسڪارو لڳائي ڏيندا هئا: ”اڙي بي غيرت، عورت ذات تي ٿو هٿ کڻين!“، ”اڙي پڪڙيو مواليءَ کي، سڏي اچو پوليس!“،”اڙي متان، متان، نامراد!“،”ڇڏينس ٿو نه ته اسين سڀ اچي تو کي بُج بُج ڪري ڇڏينداسين!“

        پوءِ شاگردن جو شور ايترو وڌي ويندو هو، جو مواليءَ جا نشا ٽٽي پوندا هئا، ۽ هو لاليءَ کي ڇڏي، اندر گهر جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندو هو؛ ۽ لالي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه ساعتون ويهي رهندي هئي، ۽ پوءِ نگاهه مٿي ڪري ڇوڪرن جو ڄڻ احسان مڃڻ لاءِ مرڪندي هئي..... اهائي سڄي دنيا ۽ حياتيءَ سندا غم وساري ڇڏيندڙ، لکين ٽڙيل مکڙين جي بنيل مرڪ. ان وقت هن جو منهن سڄيل ۽ نيڻ نماڻا هوندا هئا. اسين به سڀ خاموشي اختيار ڪري، پنهنجي همدردي جتائيندا هئاسين.

        لالي نوجوان هئي، ۽ هن کي هر نوجوان سان محبت هئي. هوءَ نظرن ئي نظرن ۾ چوندي هئي ته مون کي توهان جا جوان ۽ خوبصورت چهرا وڻن ٿا، توهان جا ڪوٽ ۽ سوٽ مون کي پسند آهن، مون کي ڪارا وار پيارا آهن، مون کي اڇن وارن کان نفرت آهي، مون کي پنهنجي مڙس جي ڪوجهي ۽ گهنجيل چمڙيءَ واري چهري کان نفرت آهي، هن جي پان جي پڪن ڀريل ڪپڙن کان نفرت آهي ..... ٻار، ٻار سان راند کيڏندو آهي. مان جوان آهيان ۽ جوان سان ئي هم آغوش ٿيڻ جي تمنا اٿم ..... اچو، مون کي اهڙي دنيا ۾ وٺي هلو، جتي رڳو جوان ئي جوان هجن.....

        اوچتو هڪ ڏينهن لالي گم ٿي ويئي. خبر ٻڌيسون ته هوءَ ڪنهن سان ڀڄي ويئي. پوڙهي مواليءَ ان لاءِ ڇا ڪيو، سا اسان کي سُڌ ڪانهي. اسان ڪي ڏينهن پوءِ بالڪنيون ويران ۽ اداس ٿي ويون. وقت گذرندو ويون، ۽ اسان به هن ”انٽرنيشنل معشوق“ کي وساري ڇڏيو.

 

(2)

        ڊگري پاس ڪري، ڪراچي ڇڏي، وڃي نوڪريءَ ۾ لڳس. ڪيترائي ورهيه گذري ويا. هڪ ڀيري پنهنجي پراڻي هم ڪلاسي الاهي بخش جو حيدرآباد ۾ اچي مهمان ٿيس. تلڪ چاڙهيءَ تان لنگهندي، هن مون کي هڪ عورت ڏيکاريندي پڇيو ته هن کي سڃاڻين ٿو؟ هوءَ وچولي عمر واري هڪ سڪل سڙيل عورت هئي. هن کي ميرا ڪپڙا پهريل هئا ۽ بيک پني رهي هئي. مون کي مهانڊو ڏٺل ضرور معلوم ٿيو، پر وڌيڪ ياد ڪري ڪو نه سگهيس.

        پوءِ هن چيو ”هوءَ پاڻ واري ”انٽرنيشنل معشوق“ ياد ڪا نه اٿئي؟“

        اتي مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو، ۽ مون هن کي سڃاتو. هوءَ اهائي لالي هئي. پهرين نظر ۾ ئي پروڙي ورتم ته هن جي چهري تي نه اها رونق ۽ چمڪ هئي، ۽ نه اهو جوڀن ۽ جذبو. لاليءَ جي لعلائي وقت کان اڳي ختم ٿي چڪي هئي.

        الاهي بخش چيو ” هن عورت جي حياتي به مون ئي خراب ڪئي.“ هو ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو ”پر هوءَ ته موجوده زندگي کي ئي بهتر ٿي سمجهي.“

        الاهي بخش، هڪ دولتمند زميندار جو شوقين پٽ هو. ڪاليج جي زماني ۾ به هن وٽ موٽر هوندي هئي.

        ”مان ئي هن کي موٽر ۾ چاڙهي، ڪراچيءَ مان ڀڄائي آيو هوس. اسين ملير وٽ هڪڙي عاليشان هوٽل ۾ اچي رهيا هئاسين. اتي هفتو کن ڏاڍي عيش سان گذريو. پوءِ هن کي ملير جي گهٽين ۾ اڪيلو ڇڏي، آءٌ واپس ڪراچي کسڪي آيس، ۽ ڪنهن کي به مون ۾ شڪ ڪو نه پيو.“ هن سارو واقعو بيان ڪيو.

        ”ان بعد هن سا ڇا وهيو واپرايو ۽ هتي ڪيئن پهتي؟ مون دلچسپي ۽ حيرت سان پڇيو.

        هن وراڻيو ”مون اوچتو هن کي هڪ ڏينهن هتي ڏسي ورتو. هن به مون کي سڃاتو. هن کي پنهنجي گهر وٺي ويس، ۽ رات رهايومانس. هن مون کي ٻڌايو ته جڏهن مان هن کي دغا ڏيئي اڪيلو ڇڏي آيس، تڏهن هوءَ موٽي ساڳي هوٽل ۾ ويئي. اتي هن کي رنڊيءَ وانگر استعمال ڪيو ويو. هر رات هن کي ڪنهن نه ڪنهن مسافر جي بستري جي زينت بڻجڻو پوندو هو.“

        ”يعني اتي به هوءَ انٽرنيشنل معشوق ٿي رهي.“ مون وچ ۾ ئي چيو.

        ”هائو، اهڙي نموني ڪي سال اتي رهي. آخر اتان لاڙ جو هڪ زميندار، جو ان هوٽل ۾ اچي رهيو هو، ۽ جنهن کي هوءَ ڏاڍي وڻي ويئي، سو ريهي ريبي، ڀڄائي، پنهنجي ڳوٺ وٺي آيس. اتي ڏيڍ سال کن هن جي جوانيءَ جو رس چوسيائين. پوءِ ڪڪ ٿي، پنهنجي ٻيلين کي حڪم ڪيائين ته وڏي شهر حيدرآباد ۾ هن کي گهٽين ۾ هيڪلو ڇڏي اچو. ٻيلين هڪدم ائين ڪو نه ڪيو، پر جيئن هو زميندار جي اوبر کائڻ تي هريل هئا، تيئن هن جوڀن جي اوبر مان به پنهنجي جنسي پياس اجهائيندا رهيا، واري وٽيءَ تي. ٻن مهينن کانپوءِ ايئن ڪيائون جيئن مالڪ حڪم ڪيو هون. هاڻي هوءَ حيدرآباد ۾ رهندي آهي، ۽ بيک پنندي آهي. ان سان گڏ هوءَ هينئر به انٽرنيشنل معشوق آهي.“

        ”ڇا هن جا ماءُ پيءُ ڪو نه آهن؟“ مون دريافت ڪيو.

        ”هن جو دنيا ۾ ٻيو ڪو به مٽ مائٽ ڪونهي، سواءِ هڪ چاچي جي، جو هن کي هندستان مان هيڏي وٺي آيو هو، ۽ ڪجهه رقم وٺي لاليءَ کي ان ٻڍي مواليءَ جي حوالي ڪيائين، ۽ وري هن جو منهن ڏسڻ به ڪين آيو.“

        ”هوءَ پوڙهي مواليءَ ڏي موٽي ڇو نه ٿي وڃي؟“

        ”مون چيومانس ته هل ته توکي تنهنجي مڙس وٽ ڇڏي اچان. تنهن تي چيائين ته نه آءٌ هتي وڌيڪ خوش آهيان. پوڙهن کان مون کي سخت نفرت آهي.“

        منهنجي اندر ۾ ان وقت اها اجهل خواهش پيدا ٿي ته آءٌ هن جي اها مرڪ وري ڏسان، جنهن کي مان لکين ٽڙندڙ مکڙين جي بڻيل چِئي چڪو آهيان. ان ڪري بهانو بڻائي، الاهي بخش کان موڪلائي، پوئتي تلڪ چاڙهيءَ طرف موٽيس ...... مگر ٿورو اڳتي هلڻ سان احساس ٿيم ته اها مرڪ هاڻي مان وري ڪڏهن به ڏسي ڪو نه سگهندس. مون کي پڪ ٿي ته اها ڪوشش بيسود آهي .... انهن مرڪن کي جي امر بڻائڻو آهي، ته پهرين انهن طاقتن ۽ تهذيبن کي ختم ڪرڻو پوندو، جي اهڙين سونين مرڪن، لکين ٽڙيل مکڙين جهڙين مرڪن ۽ خود مکڙين کي ناس ڪن ٿيون!

 

٭

ڪراچي، ٣١ – مئي 1953ع

ٽماهي مهراڻ: ٢ – 1972ع

 

 

يارهن ٽڪيون

 

٭

        ڪرامت علي، حيدرآباد مان سامان سڙو وٺي واپس آيو. ٻين شين سان گڏ، هڪ ننڍي شيشي به پنهنجي زال عصمت کي ڏيندي چيائين ته ”هان، هيءَ به لڪائي رک، رات جو ڪم ايندي.“ هو کاڌو کائي ٻاهر نڪري ويو.

        رات جو دستور کان ڪجهه دير سان گهر موٽيو. عصمت کي ڏسڻ سان ئي هو تاڙي ويو ته اڄ ضرور ڪو ڀنڻ  مچڻ وارو آهي. هن جو چهرو ٻڌائي رهيو هو ته هوءَ رُٺل آهي ۽ غم۽ غصي سان ٽمٽار.

        چيائين ”عصي!“

        جواب ڪو نه مليو.

        ”عصي! ڇو، ناراض آهين؟“

        هن منهن ڦيري ٻئي پاسي ڪيو.

        ڪرامت اڳتي وڌي، هن کي ڳراٽڙي پائي ڳٽي تي چمي ڏني. ڀريل پيالو ڇلڪي پيو. عصمت ڦٽي هيانءِ رئڻ لڳي. ڪرامت، جيئن هن کي پرچائڻ جو جتن ڪرڻ لڳو، جيئن وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳو، تئين عصمت جي ڳوڙهن جو درياهه تيز ٿيڻ لڳو، ۽ هن جي سڏڪن ۾ واڌارو اچي ويو. هن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو. گهڻو ئي پڇيائين ”بابا توکي کهرو ڳالهايو آهي؟“ ”اما سان جهيڙيو ٿيو هو ڇا؟“ ”ڪنهن کان شڪايت آهي؟“ پر عصمت پنهنجو رئڻ نه روڪيو، ڄڻ ته وري رئڻ جو وجهه ئي نه ملندس.

        جڏهن طوفان جي تيزي گهٽ ٿي، تڏهن سُڏڪن وچ ۾ چيائين ”تون دغا باز آهين، ظالم آهين، بيوفا آهين!“

        هي ٻڌي، ڪرامت ڏاڍو ششدر ۽ حيران ٿيو، ”عصي ٻڌاءِ ته سهي ڳالهه ڪهڙي آهي؟“

        نيٺ، عصمت وهاڻي هيٺان اها شيشي ڪڍي، جا ڪرامت صبح حيدرآباد مان آندي هئي، ۽ هن ڏانهن وڌائيندي، چيائين ”هن شيشيءَ مان هڪ ٽڪي کٽل آهي، اها ڪيڏانهن وئي؟“   

        ڪرامت وائڙو ٿي ويو. هن کي کٽڪو ٿيو ته ڪٿي عصمت جي ڪل نه ٿڙي ويئي هجي. هي اڄ ڪهڙيون ڳالهيون بڪي رهي آهي!

        ڪرامت علي، مختيار ڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشي هو. هن کي شادي ڪئي ٻه سال ٿيا هئا. ان ٿوري عرصي ۾ هن کي هڪ ٻئي پٺيان ٻه ٻار ٿيا هئا. ان جو عصمت جي سگهائيءَ تي ڏاڍو خراب اثر پيو هو. هوءَ گهڻو ضعيف ٿي ويئي هئي. ٻارن جي پرداخت ۽ پٽ کوهه به هن کي بيحد مصروف ۽ مجبور بڻائي ڇڏيو هو.

        ٻنهي زال مڙس ويهي صلاح مشورو ڪيو. عصمت پڻ پڙهيل ۽ سمجهو عورت هئي. ڪرامت جو خيال هو ته جيڪڏهن اها رفتار رهي ته ڪجهه ئي سالن ۾ هتي ٻڪرين وارو ڌڻ ٿي ويندو. انهي حالت ۾، اولاد کي نه عزت وارو لٽو ڪپڙو ۽ کاڌو خوراڪ نصيب ٿيندو ۽ نه وري هنن جي تربيت ۽ تعليم جو مناسب انتظام ڪري سگهبو. اهڙن انسانن پيدا ڪرڻ کان بهتر آهي ته ٻه چار ٻار هجن، جن کي هر لحاظ کان اوج تي پهچائي سگهجي. عصمت چيو ته اها رفتار نه رڳو منهنجي تندرستي تباهه ڪندي، بلڪه جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيندي. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته ايترا ٻار هجن جن کي پوريءَ طرح پالي سگهجي ۽ پاڻ به چڱي حياتي گهاري سگهجي.

        هنن پيدائش تي روڪ (برٿ ڪنٽرول) استعمال ڪرڻ جو نبيرو ڪيو. اڄ، ڪرامت، حيدرآباد مان پيدائش تي روڪ جي ٽڪين جي شيشي خريد ڪري آيو هو. هو اها شيشي عصمت جي حوالي ڪري، ٻاهر هليو ويو.

        واندڪائي هجڻ ڪري، عصمت اها شيشي کولي هيٺ مٿي ڪري ڏسڻ لڳي. ڏسندي  ڏسندي، هوءِ ان ۾ پيل ٽڪيون ڪڍي ڳڻڻ لڳي. ائين ئي هن ڇرڪ ڀريو. اهي يارهن ٽڪيون هيون، حالانڪه شيشيءَ مٿان لکيل هو ”ٻارهن ٽڪيون“. هن وري ڳڻيون، ٻيو دفعو، ٽيون دفعو. هن جو ذهن عجيب غريب ڳالهيون سوچڻ لڳو. هن کي شڪ کائي ويو .... اها هڪ ٽڪي ڪيڏانهن ويئي؟ ضرور ڪرامت اها ڪنهن تي استعمال ڪري چڪو آهي، يا استعمال ڪرڻ ويو آهي. اهو خيال ايندي ئي هوءَ بيحد بيچين ٿي ويڻي هن جو منهن ڪاوڙ کان لعل ٿي ويو ۽ هوءَ تکو تکو ساهه کڻي لڳي.....

        گذريل حياتيءَ جون گهٽنائون هن جي اکين آڏو ڦرڻ لڳيون. هو ۽ ڪرامت پاڙيسري هئا. ٻنهي گڏ جوانيءَ ۾ پير پاتو. پهرين اتفاقي ملاقاتون ٿيون. ٻنهي نيڻن نيڻن ۾ هڪ ٻئي کي پسند ڪيو. پوءِ لڪي لڪي ملڻ لڳا. انهن اڪيلاين ۾ هو محبت جا مختلف ڏاڪا طئه ڪندا ويا، ۽ آخري ڏاڪي تي به پهچي ويا. ان وقت، ڪرامت ٿورو سمجهه کان ڪم ورتو هو. ان آّخري ڏاڪي تي قدم وڌائڻ کان اڳ هن پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي شاگرد سنگتيءَ سان صلاح ڪري، انهن پيدائش تي روڪ وارين ٽڪين جي ٽيڪ ورتي هئي. هنن جي پيار جي اهڙي نموني پردي پوشي ٿي هئي. پوءِ خوشقسمتيءَ سان هنن جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.

        هن کي هڪ واقعو دل تي تري آيو. ڪجهه سال اڳ، هنن جو ڳوٺ جي هڪ اوچي ذات واري زميندار، پهرين پنهنجي ڌيءَ کي پستول سان ماريو ۽ پوءِ پاڻ کي به ختم ڪيو هئائين. ان جو ڪارڻ هيءُ هو جو ان اوچي ذات واري زميندار جي ڌيءُ، جنهن جو هن حق بخشارايو هو، يعني ان ڇوڪريءَ کي ساري عمر ڪنوارو گذارڻو هو، تنهن کي پيٽ ٿي پيو. جڏهن هيءَ خبر عام ۾ پکڙجي ويئي، تڏهن بدناميءَ کان بچڻ ۽ خانداني عزت بچائڻ خاطر، هن ڌيءَ جو به خون ڪيو، ۽ پاڻ به خودڪشي ڪئي. انهيءَ موقعي تي، ڪرامت، عصمت کي کلي چيو هو ته جيڪڏهن ان ڇوڪريءَ جو عاشق ٿوري سمجهه کان ڪم وٺي، اها پيدائش تي روڪ واريون ٽڪيون ڪتب آڻي ها، ته هن جي محبوبڙيءَ جي اهڙي دردناڪ پڇاڙي نه ٿئي ها.

        هن کي پنهنجي ساهيڙي ايمڻا به ياد آهي. هن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ ستن ورهين جي ابهم ٻار سان پرڻايو ويو. هن هڪ ٻئي جوان مائٽ سان عشقبازي شروع ڪئي. نتيجي ۾ هن جو پيٽ فوٽ بال وانگر ڦوڪجڻ لڳو. هن جا ساهرا ڏاڍو پريشان ٿي ويا، ۽ داين ۽ ڊاڪٽرن وٽ سوين رپيا هاري، ان گناهه کي لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جڏهن به عصمت هي قصو ڪرامت کي ٻڌائيندي هئي، تڏهن کلي، هو هن کي اهو دسوتري جواب ڏيندو هو، يعني ٽڪيون ڪتب آڻڻ وارو.

        تازا ڄاول ٻارن جي ويران گهٽين يا گٽرن مان هٿ اچڻ جون وارداتون، جڏهن اخبار ۾ اينديون هيو، تڏهن به ڪرامت اها ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو ته جڏهن اهي ماڻهو اهڙو جوکم کڻڻ لاءِ تيار ٿين ٿا، ته پوءِ ٿوري خبرداري به ڪن ته جيڪر نه کين ئي تڪليفون اچن، ۽ نه نردوش زندگي ئي ضايع ٿئي.

        اڳ ته انهن ڳالهين کي رواجي سمجهي، عصمت ڪڏهن به انهن تي غور نه ڪيو هو، ۽ نه ڪا اهميت ڏني. پر اڄ هوءَ انهن کي ياد ڪري ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪڙهي رهي هئي. هن کي ايئن ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ ته ڪرامت سارو وقت ڪيترين ئي ڪنوارين تي اهي ٽڪيون استعمال ڪندو رهيو آهي. هو دغاباز آهي، بيوفا آهي، فريبي آهي. هن جي نظرن ۾ هن کي يقين هو ته اڄ به هو هڪ ٽڪيءَ سميت، ڪنهن ڪنواريءَ سان ملڻ ويو آهي. وري جو ڪرامت موٽڻ ۾ دير ڪئي ته هيڪاري پڪ ٿي ويس.....

        ڪرامت جي سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو. هو عصمت کي زور سان سيني سان لڳائي پيار ڪرڻ لڳو. اچانڪ عصمت چيو ”هن شيشيءَ ۾ ٻارهن ٽڪيون هجڻ گهرجن ها، انهن مان هڪ کڻي تون ضرور ڪنهن سان ڪارو منهن ڪرڻ ويو هئين؟“

        هي ٻڌي، ڪرامت حيران به ٿيو ۽ منجهي به پيو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته معاملو نازڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي.

        چيائين ”عصي! تون هي ڇا چئي رهي آهين؟“

        ”پنهنجي ڪرتوتن کي ڏس.“ عصمت وراڻيو.

        ڪرامت کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر موقعي  جي نزاڪت محسوس ڪري، اها ظاهر ڪين ڪيائين. شيشيءَ مان ٽڪيون ڪڍي، ڳڻي ڏٺائين ته برابر يارهن هيون.

        ”عصي! خدا جو قسم، نه مون اها ٽڪي تڳائي آهي ۽ نه مان ڪنهن عورت وٽ ويو هوس. مون ته منصور ۽ ٻين سان تاس ويٺي کيڏي.“

        ”مون کي تنهنجي قسمن تي ڪو به اعتبار ڪونهي. ياد اٿئي ته شاديءَ کان اڳ، تون پنهنجي دوستن ۽ عزيزن کي چوندو هئين ته خدا جو قسم ڪنهن سوئر عصمت سان هٿ چراند ڪئي هوندي، ڇا اهو سفيد ڪوڙ نه هو!“

        ڪرامت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.

        ”عصي! مون کي تنهنجي سر جو قسم جنهن تي هي سهڻا زلف لڏي رهيا آهن، تنهنجي هن چهري جو قسم جو بيحد دلڪش آهي، تنهنجي هن خوبصورت ڇاتيءَ جو قسم، تنهنجي زندگيءَ جو قسم، جا مون کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پياري آهي.“ ڪرامت پنهنجو آخري هٿيار استعمال ڪيو.

        صبح جو سوير ئي هن منصور، ڪرامت جي سوٽ، کان وڃي آڏي پڇا ڪئي. هن ٻڌايس ته مان حيدرآباد به ڪرامت سان گڏ هوس، ۽ پتن جي راند ۾ به ٻئي شريڪ هئاسين.

        ڪرامت آفيس وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. باقي ڪوٽ پائڻو هوس. عصمت، اهو ڪوٽ، جيڪو ڪرامت اڳئين ڏينهن تي حيدرآباد کان واپس اچي لاٿو هو، سو ڪٻٽ مان ڪڍي، اچي هن جي سامهون بيٺي. اهو جاچڻ لاءِ ته رومال آهي يا نه، عصمت ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو. هن جي هٿ کي ڪا ننڍڙي سخت شئه لڳي.

        ”اڙي هيءَ ٽڪي ته هتي پئي آهي.“ عصمت رڙ ڪري چيو.

        اتي ڪرامت کي ياد اچي ويو ته اڳئين ڏينهن تي، حيدرآباد ۾، هن منصور کان نظر بچائي، دڪان تي چڙهي، تڙتڪڙ ۾ اهي ٽڪيون خريد ڪيون هيون، ۽ جڏهن هو پنهنجي دوست اياز سان ملڻ ويو ۽ ٻه چار منٽ اڪيلائي مليس، تڏهن اها شيشي کولي، اهي ٽڪيون ڏسڻ لڳو. پر اڃا شيشيءَ جو ٻوچ مس کوليائين ته ٻاهران ڪنهن جي اچڻ جو کڙڪو ٿيو. تنهنڪري هڪدم اها کليل شيشي کيسي ۾ ڪري وڌائين. وري جڏهن اڪيلو ٿيو، تڏهن اهي ٽڪيون کيسي مان ڪڍي، شيشيءَ ۾ وجهي اها بند ڪري ڇڏيائين. انهيءَ وِجههُ ڪَڍَ ۾ ئي هڪڙي ٽڪي کيسي ۾ رهجي وئي هئي.

        عصمت کي به ٻڌايائين. هن جو چهرو ٻهڪي اٿيو. هن پنهنجو مٿو، ڪرامت جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. هنن ڳوڙهڻ ۾ پشيماني ۽ پيار هو ...... عورت جي شڪي سڀاءَ هڪبار وري شڪست کاڌي هئي.

 

٭

ڄامشورو،  ٢٣ – جنوري 1955ع

فردوس: مئي 1955ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com