ڪهاڻيءَ جي تلاش
٭
هو ڪهاڻيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.
صبح ئي هن کي اطلاع پهتو هو ته ڪهاڻين جي چٽاڀيٽيءَ ۾،
هن جي ڪهاڻي ”ساران“ بهترين قرار ڏني وئي هئي، ۽
هن کي پهريون انعام مليو هو. ان ڪري خوشيءَ ۾
ڦوليو نه ٿي سمايو.
اڄ هو هڪ نئين ڪهاڻي لکڻ لاءِ سوچيندو رهيو. آفيس مان
موٽي، تڙتڪڙ ۾ ٻه گرهه ڀريائين، ۽ اڪيلائيءَ ۾ هڪ
مَنو ويهي، ذهن ۾ پلاٽ ٺاهڻ لڳو. هن سوچڻ شروع
ڪيو: ڪهڙو موضوع چونڊيان، ڪهڙي قسم جو ڪردار پيش
ڪريان، ڪهڙي گهٽنا جو سهارو وٺان... پنهنجي
حياتي، پنهنجو ماحول، آسپاس جا انسان، ڪو اخباري
واقعو، ڪو راڄنيتي، پنگتي يا گذراني مسئلو، سماج
سندو ڪهڙو ناسور، جيون جو ڪهڙو پهلو؛ انهن سڀني
پٺيان خيال جو گهوڙو ڊوڙايائين، پر ڪنهن به ماڳ تي
پهچي ڪو نه سگهيو. ڪو به من پسند مضمون ۽ موزون
پلاٽ ڌيان ۾ ڪو نه آيس.
ويهي ويهي ٿڪو ٿي ته وري ڪوٺيءَ ۾ هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ
تائين اچ وڃ ٿي ڪرڻ لڳو. وچ ۾ ننڍو ڀاڻس ”ادا،
ادا“ ڪندو اچي ڀرسان بيٺس، پر ان کي اهڙو ڇڙٻ
ڏنائين، جو هو هيٺيون چپ ڪڍي، رئڻ جهڙو ٻوٿ بنائي،
پوئين پير موٽي ويو.
هڪ ٻه دفعو لکڻ به شروع ڪيائين، ۽ چار پنج سٽون قلمبند
به ڪري ويو، پر وڌيڪ دل ۽ دماغ ساٿ ڪين ڏنس. سوچي
سوچي هن جو دماغ ٿڪجي پيو پر ڪا ڪهاڻي پيدا ڪا نه
ٿي، جئن سُنڍ عورت کي ٻار نه ٿيندو آهي.
سج لهڻ کي اچي ويجهو ٿيو. نثار ميمڻ گهر کان ٻاهر نڪرڻ
جو خيال ڪيو. رستي ويندي.... سارو ڏينهن ٻنيءَ تي
ڪم ڪري سانجهيءَ جو مٿي تي ڪاٺين جي ڀري رکي،
پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن موٽندڙ هاريءَ جو مصعوم
پٽ..... بوڻينڊو وڄائيندو ۽ پنهنجي ڌڻ کي هڪليندو
ويندڙ ٻڪرار..... ڪو ٿڪل ۽ بکايل مسافر...... ڀلي
گهوڙي تي سوار ۽ پنهنجي نوڪرن چاڪرن سان، مينهن
واچ ڪندو، مٽي اڏائيندو، شڪار تان واپس ايندڙ
زميندار..... شهر مان سودو سلف ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ
شيون خريد ڪري ڳوٺن ڏانهن موٽندڙ سادا
ڳوٺاڻا...... گاهه جون ڀريون کڻي ويندڙ ٻهراڙيءَ
جون ضاعفون........ سج جو پهاڙن پٺيان لهڻ ۽ لڪڻ،
۽ وڻن جي اوٽ مان اڀرندڙ چنڊ جا نظارا، ٻهراڙيءَ
جون سايون سايون پوکون، کليل ۽ فرحت بخش ماحول
وغيرهه وغيرهه ڏسي، شايد ذهن ۾ ڪو پيارو پلاٽ پيدا
ٿي وڃي.... هلندي هلندي، ڪڏهن ته هو هر وٿ کي
اکيون ڦاڙي غور سان ڏسڻ ٿي لڳو ۽ ڪڏهن ته وري
پنهنجي خيالن ۾ اهڙو مگن ٿي ٿي ويو، جو ڀرسان
لنگهندڙ واٽهڙوءَ جو به سماءُ ڪو نه ٿي رهيس.
هو اڪثر پيشن جو پسار ڪرڻ لاءِ ان طرف نڪري ويندو هو.
رستو وٺي شاخ تي اچي چڙهندو هو، ۽ شاخ جي ڀر ڏيئي
ڪوهه کن هليو ويندو هو.
سج غائب ٿي ويو هو. چانڊوڪي رات هئي. جو پنهنجي خيالن
جي دنيا ۾ مست، شاخ جو ڪپ ڏيئي، هلندو ٿي ويو. هن
جو دماغ، هن جي ٽنگن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز هلي
رهيو هو. اوچتو هڪ آواز هن کي ڏڪائي ڇڏيو. هن تي
دهشت ۽ هيبت ڇانئجي وئي. هو ڊپ ڀريل اکين سان آواز
جي طرف نهارڻ لڳو.
”اڙي، جتي بيٺو آهين، اتي بيٺو هج!“ وري آواز آيو. ”ڇٽل
جلدي اچ! پنهنجو شڪار اچي ويو.“ هن ڪنهن ٻئي
همراهه کي سڏي چيو.
ٻُوڙن پٺيان ٻه پاڇا نڪري هن ڏي وڌيا. هن ويچاريو ته
چور هوندا ۽ مون کي ڦرڻ جي نيت اٿن.
”نثار احمد تنهنجو نالو آهي؟“ هڪ ڄڻي اڍنگائي ۽ رکائيءَ
سان پڇيو.
”ها، پوءِ ڇا ٿيو، توهان کي ڇا گهرجي؟“ هن همت کان ڪم
وٺي جواب ڏنو. پنهنجو نالو هن جي واتان ٻڌي، هن کي
حيرت به ڏاڍي لڳي. هو ته هنن کي صفا ڪو نه
سڃاڻيندو هو.
”چڱو، سڌو ٿي هل وڏيري وٽ!“ هنن حاڪماڻي لهجي ۾ چيو.
”مان ڇو هلان وڏيري وٽ، توهين ڪير آهيون، وڏيري جو مون
۾ ڪهڙو ڪم، مان هن کي سڃاڻان به ڪونه!“
”جيئن اسين چئون ٿا، ائين توکي ڪرڻو پوندو.“
”زبردستي ٿورو ئي آهي، مان نه هلندس.“
”چڱو ڏسون ته ڪيئن نه ٿو هلين.“ ائين چئي، ٻئي هن کي ڀر
واري ڳوٺ ڏانهن گهلڻ ۽ ٿيلها ڏيڻ لڳا. هو ڀلا
شينهن مڙس، ۽ هي ڪمزور ڪلارڪ. هن جي خود داريءَ کي
چوٽ رسي آخر مون وڏيري جي ڪهڙي چوري ڪئي آهي، جو
هي مون سان ههڙي حيواني هلت ڪن ٿا. وري بيهي رهيو.
هنن مان هڪ شخص ڀَرُ ڪري لوندڙيءَ تي ٺئنشو وهائي
ڪڍيس. هن کي ڀنواٽي اچڻ لڳي. هو هن کي گهليندا
وڏيري جي اوطاق ۾ پهتا.
وڏيرو کٽ تي وهاڻي سان ٽيڪ ڏيو، حقو ڇڪي رهيو هو. ٻه
چار ماڻهو موڙن تي ويٺا هئا، ۽ ٻه چار نوڪر بيٺا
هئا. ڪي ماڻهو پٽ تي پلٿي ماريو ويٺا هئا.
”سائين! اسين نثار احمد کي پڪڙي آيا آهيون.“ انهن ٻن
شودن مان هڪ چيو.
وڏيرو ته ڪو ڀريو ويٺو هو. گجگوڙ ڪري وسڻ شروع ڪيائين.
” اڙي تون آهين نثار احمد..... ڪوري ڪوريءَ جا پٽ،
ڪمذات.... ڪميڻا.... سوئر......“
”وڏيرا سنڀالي ڳالهاءِ، مان عزت وارو ۽ پڙهيل ڪڙهيل
آهيان، ڪو ڄٽ ڄاموٽ ڪو نه آهيان، جو ائين ٿو
ڳالهائين.“
اهم ٻڌي وڏيري کي مرچ لڳي ويا. زور سان پنهنجي جسم کي
جنبش ڏئي، جيئن ڪڪڙ ٻانگ ڏيڻ کان اڳ پنهنجا پر
ڦڙڪائيندو آهي، هو سڌو ٿي ويٺو: ”تنهنجي ماءُ.....
تنهنجي ڀيڻ.....“ وڏيري جي وات مان ڪچين گارين جو
گٽر اٿلي پيو. هن جي واڇن مان گڦ ٿي وهي.
”اڙي ڪمو! پٽينس ڄُنڊا ۽ هڻينس ٻه پادر ته پتو پويس ته
ڪنهن سان ٿو ڳالهائي..... وڏو آيو آهي عزت وارو،
اڙي تو جهڙا پڙهيل ته منهنجون جتيون پيا اگهن.“
ٻه شودا، جي هن کي جهليو بيٺا هئا، انهن مان هڪ ڄڻي هن
جي وارن کي پڪڙي پوري زور سان ٻه ٽي لوڏا ڏنا. سور
جي سختيءَ کان هن جي وات مان چيٽ نڪري ويئي. وري
هن جي کوپريءَ تي موچڙن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. هن جي
اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها وهڻ لڳا. بيوسيءَ جي حد هئي!
غصي کان هن جي اکين مان ٽانڊا ٿي نڪتا، پر اهي خود
کيس ئي جلائي رهيا هئا. هو ڇا ٿي ڪري سگهيو.....
هيءَ ساري ڪارروائي اهڙي تيزيءَ سان ٿي رهي هئي،
جو هن کي اهو به سوچڻ جو موقعو نه مليو ته آخر
ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟
وڏيرو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. ”اڙي حرامي، هاڻي ڪجهه خبر پئي
ته ڪنهن سان مهاڏو اٽڪايو اٿئي؟“
”آخر منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟ مون تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟“
”ڏاڍو اڻ ڄاڻ ٿو بڻجين. ڏسي وائسي الي ٿو وڃين، بدمعاش
ڀڙوا ڪٿي جا.“
”وڏيرا مهرباني ڪري شرافت سان ڳالهاءِ.“
”اڙي لونڊا، توکي اڃا خبر نه پئي ته ڪنهن جي سامهون
بيٺو آهين.“
”ها، خبر اٿم ته هڪ جاهل، ظالم ۽ شيطان صفت درندي جي
سامهون بيٺو آهيان.“
هاڻي ته حد ٿي چڪي. وڏيري، ”وڏيري، ”ٿڪون هجني!“ چوندي،
هن جي منهن ۾ ٿڪ اڇلائي، ۽ چهبڪ کڻي، ڇتي ڪتي
وانگر هن ڏي الر ڪري آيو... سٽ، سٽ...... ٺاٺا....
نثار گهڻو ئي هٿ پير هلايا، پر هو ٻن شودن جي
قابوءَ ۾ هو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. ڪيترا ماڻهو
اتي موجود هئا. سڄي ڳوٺ ۾ هن جون دانهون ٻڌڻ ۾ پئي
آيون. پر اها ته رواجي ڳالهه هئي. اهڙي مار ته
ٻيءَ چوٿينءَ ڪنهن نه ڪنهن کي پئي ملندي هئي. نثار
بيهوش ٿي ڪري پيو. تڏهن مس مس وڏيري هٿ روڪيو، ۽
حڪم ڪيائين ته هن جا هٿ پير ٻڌي، هن کي ڪوٺڙيءَ ۾
ڦٽو ڪيو وڃي، صبح جو هن کي سؤ ڏهين ۾ پوليس جي
حوالي ڪيو ويندو. هڪ هاريءَ کي چيائين ته ڪوٺڙي
ٻاهران ننڊ ڪري، دروازي وٽ سمهي پئي. وڏيرو پاڻ
حويليءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو.
نثار هوش ۾ آيو ته پاڻ کي اوندهه ۾ پيل ڏٺائين. هن جا
هٿ پير ٻڌل هئا. هن جي سڄي سرير مان سور جون سوٽون
اڀرن لڳيون. پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، ۽ هن جا ڪپڙا
ڀڄي ڀت ٿي ويا هئا. اڃ ۽ بک کان بيحال ٿي رهيو هو.
سخت گرمي ۽ ٻوسٽ ٿي رهيو هوس. ڪوٺڙيءَ کي ٽي چار
ننڍيون ڳڙکيون هيون، جن مان ٿوري ٿوري چنڊ جي
روشني اچي رهي هئي. ان روشنيءَ جي آڌار تي رڙهندو
رڙهندو، در وٽ پهتو، ۽ هوريان هوريان کڙڪائڻ لڳو.
در تي جو هاري مقرر هو، ان کي هن نوجوان سان پوري
همدردي هئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته هي به ٻين
مظلومن وانگر، جي وڏيري جي عتاب جو شڪار ٿيندا
آهن، هر طرح بيگناهه هوندو. هن هيڏانهن هوڏانهن
نهاري، تسلي ڪري، آهستي در کوليو ۽ هن کان پڇائين
”ڇا گهرجي؟“ نثار جواب ڏنو ”پاڻي.....“ عين ان وقت
هڪ ٻيو ماڻهو وارد ٿيو.
هيءُ هو وڏيري جو منشي.
منشي، نثار کي ٿورو گهڻو سڃاڻيندو هو. هن لاءِ عزت به
هوندي هئس، ڇو ته هن کي هن جون ڪهاڻيون ڏاڍيون
وڻنديون هيون.
پهرين ته هو ٻئي هراسجي ويا، پر منشيءَ هڪدم ”مان توهان
جو سڄڻ بڻجي آيو آهيان.“ چئي، هنن کي خاطري ڏياري.
پوءِ منشيءَ هاريءَ کي پاڻي، کير ۽ ماني کڻي اچڻ
لاءِ چيو. ٻي به هر قسم جي سهوليت هن کي ڏني وئي.
نثار کي، منشيءَ کان اصل واقعي ۽ وڏيري جي بغض ۽ ڪاوڙ
جي اصلي ڪارڻ جي خبر پئي.
وڏيرو اخبار گهرائيندو هو. هو پاڻ ته ڪورو ڄٽ هو، پر
منشي روز هن کي اها پڙهي ٻڌائيندو هو. ان جا ليک ۽
ڪهاڻيون به هن جي خواهش تي هن کي پڙهڻيون پونديون
هيون. نثار ميمڻ جون ڪهاڻيون پڻ ان اخبار ۾ ڇپيون
هيون. وڏيرو اهي به ٻڌندو هو. هن جون ٻه چار
ڪهاڻيون زميندارن جا هارين تي ظلم جي موضوع تي
هيون. اتفاق سان انهن ڪهاڻين ۾ اهڙيون گهٽنائون
بيان ڪيون ويون هيون، جي هن وڏيري جي حياتيءَ جون
حقيقتون هيون. هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي ويئي ته
نثار ميمڻ رڳو نالا مٽائي، هن کي اخبار ۾ بدنام ٿو
ڪري. هن کي اها به سُڌ پئجي وئي ته هو ڀر واري شهر
جو رهاڪو آهي.
گذريل هفتي ته بس حد ٿي چڪي. نثار جي انعامي ڪهاڻي
”ساران“ اخبار ۾ شايع ٿي، جا وڏيري کي منشيءَ پڙهي
ٻڌائي. ان جو سٽاءُ هو ته هڪ زميندار، پنهنجي
ملڪيت بچائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءُ جو حق بخشايو. هن جي
عمر ٢٥، ٢٦ سان ٿي وئي، پر هن کي ڪو نه پرڻايائين.
اوچتو ان ڇوڪريءَ کي پيٽ ٿي پيو. پوءِ ته ٻار
ڪيرائڻ لاءِ داين ۽ ڊاڪٽرن وٽ ڊڪون ڊوڙون پائيندا
رهيا.......
اتفاق سان اهو واقعو وڏيري جي ڌيءُ سان به ٿيو هو. هاڻي
ته اهو همراهه حدون ٽپي ويو هو. وڏيري جي غيرت کي
کليل للڪار هئي. هن جي صبر جو پيالو ٽمٽار ٿي چڪو.
نثار جي ٿوري گهڻي جاچ تي هن اول ئي ڪرائي هئي، پر
هينئر ٻه شودا خاص ان ڪم تي رکيائين. انهن سموري
جاچ ڪئي ته نثار ڪير آهي، ڪٿي ٿو رهي، ڪيڏانهن ٿو
اچي وڃي..... نيٺ هو هنن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيو.
صبح جو منشي ۽ ڪمدار جي سفارش ۽ منٿ ميڙ تي نثار کي
آزاد ڪيو ويو. ”اهو اٿئي اسان جي خلاف ليک لکڻ جو
انعام.“ وڏيري جا آخري اکر هئا.
ان ڪهاڻيءَ تي هن کي ٻه انعام مليا هئا. پهرين انعام هن
کي خوشيءَ جو مٺڙو احساس بخشيو هو، ۽ ٻئي انعام
زندگيءَ جو تلخ تجربو.
هو تمام آهستي هلي رهيو هو. هينئر به هن جي بدن ۾ سخت
پيڙا هئي ..... پر دل ۾ هو مٺي مٺي خوشي به محسوس
ڪري رهيو هو، ڇو ته هن کي ڪهاڻي لکڻ لاءِ مواد ملي
ويو هو، هڪ بهترين مواد!
٭
ڄامشورو، ٥ – جون 1955ع
ماهوار هلال پاڪستان: مئي
1957ع
جٺ
٭
عورتن پڪنڪ جي تياري ڪئي.
سارو ڏينهن گهر جي چوديواريءَ اندر ڇنڊ ڦوڪ، رڌ پچاءَ،
ٻارن جي پَٽ کوهه ۽ مڙس جي خذمت چاڪريءَ ۾ چَٽُ
ٿيو وڃي. مٿي کنهڻ جي فرصت به ڪا نه. آخر ته انسان
آهي، ڪڏهن ڪڏهن تفريح به ته هجي.
بيراج ڪالونيءَ ۾ فقط ”عورتن جو باغيچو“ ئي هو،
جتي سانجهيءَ جو ستين – اٺين بجي عورتون ڪٺيون
ٿينديون هيون. ڪلاڪ – ٻه ڳالهين ٻولهين، کل ڀوڳ ۽
ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۾ ڏاڍي مزي سان گذرندو هو.
براج جي پل، جا ميل کن پري هئي، اتي پڻ وڻندڙ وايو منڊل
۽ نرمل نظارو هو. سير ۾ ڏاڍو لطف ايندو هو. مگر
اوڏانهن وڃڻ واسطي مهلت ڪٿي. ڪڏهن ڪڏهن مرد موج ۾
اچي ويندو هو ته برقعي جو ڪارو ڪفن پارائي ٽهلڻ
لاءِ گڏ گهليندو هو. ان ۾ تفريح وري ڌوڙ هئي.
مرڳوئي تازي هوا جي ڪميءَ ڪري، برقعي جي ستن پردن
پٺيان ساهه گهٽجڻ لڳندو هو.
پر مڙس جي سنگت ۾ اهو مزو ڪٿي! هو ته پاڻ کي عورت کان
وڌيڪ عقل وارا سمجهن ٿا، ۽ پنهنجون سياست جون ۽
الائي ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون شروع ڪري ڏيندا؛
جي ٻڌي دل ئي ڪچي ٿيڻ لڳي. يا وري ڪندا نصيحتون
...... ”گهر جو خرچ گهٽاءِ، پيسو ڪو نه ٿو بچي،
ٻارن جي صفائيءَ جو ڌيان رکندي ڪر.....“
جتي پنج – اٺ مايون ويٺيون هونديون آهيون، اتي جو ته
لطف ئي ٻيوهوندو آهي. ڪچهري ڪندي اونده تي وڃي ته
به پتو ئي ڪو نه پوي. رات کٽي وڃي ڳالهيون نه کٽن!
ها، سو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي عورتن جي دل ۾ اهو خيال
جاڳيو ته ڇو نه ڪيڏانهن پڪنڪ ڪجي؟ هڪ شام جو
”عورتن جي باغيچي“ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پڪنڪ ضرور
ڪبو. گهڻي بحث مباحثي بعد ٺهراءُ پاس ٿيو ته
حيدرآباد جي ”راڻي باغ“ ڏانهن هلبو، ۽ سارو ڏينهن
اتي بسر ڪبو.
راڻي باغ هر مهيني جي پوئين جمعي تي رڳو ضاعفن واسطي
کليل هوندو آهي. مردن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڪا نه
هوندي آهي. هنن به اهو ڏينهن پڪنڪ خاطر مقرر ڪيو.
اڃا ته مهيني جو پهريون جمعو گذريو هو. مڙئي
عورتون بيچينيءَ سان ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ
لڳيون.
ان ڏينهن لاءِ وڏا وڏا پروگرام رٿجڻ لڳا. فلاڻي تفريح
ڪبي، فلاڻيون رانديون ڪبيون، فلاڻي شرارت ڪبي. رات
جو عورتن جي باغيچي ۾ ڏاڍي چاهه سان ان عظيم ڏينهن
کي ياد ڪيو ويندو هو، جهڙي طرح ٻهراڙيءَ وارا
ايندڙ ميلي يا ملاکڙي جون ذوق شوق سان ڳالهيون
ڪندا آهن.
خدا خدا ڪري اهو ڏينهن به آيو. رات جو سڀني زالن کي
آخري اطلاع ڏنو ويو ته سڀاڻي صبح جو سوير ئي هلبو.
ڪو خاص انتظام ڪرڻو ڪو نه هو. کاڌي پيتي لاءِ هنن
جو فيصلو هو ته سڀڪا پنهنجو کاڌو پچائي پاڻ سان
کڻي هلي. باغ ۾ هلي هڙئي گڏجي طرحين طرحين طعام
کائينديونسين. باقي رهي اسان کي اوڏانهن کڻي هلڻ
لاءِ گاڏي، سا وري ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي. ايس-ڊي-اوز
۽ انجنيئرن وٽ لائيٽ وينس آھن. ڪنهن نه ڪنهن وٽان
ضرور ملي ويندي. نه ته به لٿي پٿي اسپتال ۾
امبيولنس ته ٻيٺي آهي. هڪ ڇا، ويهه عورتون سخت
بيمار بڻجي پونديون، جن کي حيدرآباد پهچائڻ لاءِ
اسان کي گاڏي ملڻ گهرجي.... چڱو، هاڻي ٽڙي پکڙي
وڃو!
زالن پنهنجي مڙس کان اجازت ورتي. جن کي ڪنهن ضرورت يا
مجبوريءَ ڪري مڙس موڪل نٿي ڏني، تن به ٻه ڳوڙها
ڳاڙي اهو حق حاصل ڪيو.
صبح جو گهرو ڌنڌي ۽ رڌ پچاءَ ۾ ساڍا ست وڄي ويا،
حالانڪه هنن جو ساڍي ڇهين روانو ٿيڻ جو پڪو
پروگرام هو. سڀ باغيچي ۾ گڏ ٿيڻ لڳيون. ڳالهيون
شروع ٿيون..... فلاڻي اڃا چلهه تي ويٺي آهي،
فلاڻيءَ جو خاوند بستري داخل آهي، هوءَ ان جي ٽهل
ٽڪور ۾ رڌل آهي؛ فلاڻيءَ جا مزمان اچي ويا نه
هلندي؛ فلاڻيءَ تي سخت بخار حملو ڪيو آهي، نه هلي
سگهندي؛ فلاڻي ڪپڙا بدلائي رهي هئي، ايندي
هوندي.... ڪن ڏي ماڻهو موڪليا ويا ته جلدي پهچي
وڃن.
اوچتو هڪ ڄڻيءَ رڙ ڪري پڇيو ”ڪنهن کي گاڏيءَ واسطي به
چيو ويو آهي يا نه؟“
ٻيون ته هزارين ڳالهيون پئي ٿيون، پر صبح کان وٺي ان
طرف ڪنهن جو به ڌيان ڪو نه ويو هو، حالانڪه پهرين
ان ڪم جو خيال رکڻ کپندو هو. بهرحال، هڪدم ماڻهو
ڀڄايا ويا. مگر جتان ڪٿان ناڪامي نصيب ٿين. ٻه –
ٽي گاڏيون اول ئي حيدرآباد وڃي چڪيون هيون. هڪ –
ٻه گاڌي ڊٺي پئي هئي، ۽ ٻن – ٽن جا ڊرائيور غائب
هئا، ڇو ته اڄ جمعو هو ۽ هتي جمعي جي موڪل هوندي
آهي.
مڙني جا مکڙا مرجهائجي ويا. هاڻي ڇا ٿيندو؟...... پر
اڙِي امبيولنس ..... ڀڄ ڊاڪٽر جي بيگم!
هن ڊاڪٽر کي اچي چيو ”هڪ مائي سخت بيمار آهي. هن کي
زناني تڪليف آهي، جا توهان کي نه ٻڌائي ۽ نه
ڏيکاري ٿي سگهجي. هن کي امبيولنس ۾ حيدرآباد
ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ پهچائڻو آهي. اسين پڻ هن سان گڏ
وينديونسين.“ ڊاڪٽر مشڪي ڏنو. امبيولنس ته خود
بيمار هئي، ۽ ٻن ڏينهن کان علاج واسطي ورڪشاپ ۾
بيٺل هئي. ڊرائيور کي گهرائي چيائين ته ڪنهن به
نموني گهلي سهلي گاڏي ڪاهي وڃ. ڊرائيور جواب ڏنو
ته ورڪشاپ اڄ بند آهي ۽ گاڏيءَ ۾ فلاڻي فلاڻي
خرابي آهي ۽ ان جو هلڻ ته هڪ طرف پر چرڻ به ناممڪن
آهي.
عورتن ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو هو. ڀڄ ڀڄان شروع هئي.
ڪانفرنسون ٿي رهيون هيون. هنن ڊرائيور کي سڏائي دٻ
ڪڍي ته تون سچو ٿين ته ڪم ٿي سگهي ٿو. ٻڪرار
سچائيءَ تي چڙهي ته کڙهه تي کير پياري.....
ڊرائيور جي زال کي گهرائي هنن کي پڪنڪ تي هلڻ جي
نينڍ ڏني وئي، حالانڪه پهرين هوءَ ڪنهن ڳاڻاٽي ۾
ڪو نه هئي. ساڳئي وقت هن تي اهو به ڪم رکيو ويو ته
هوءَ پنهنجي مڙس جي ڪن-مهٽ ڪري.
ڊرائيور وري ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ اچي چيائينس ته جيڪڏهن هو
ايس.ڊي.او ڏانهن ليٽر لکي ڏئي ته هڪ سخت بيمار
لاءِ امبيولنس گهرجي ۽ هو ورڪشاپ (ڪارخانو) کولائي
مسترين کي ڪم ۾ لڳائي، ته ڪلاڪ ڏيڍ ۾ گاڏي هلڻ
جهڙي ٿي ويندي.
ڊاڪٽر جي چٺي پهچائڻ ۽ مڙس جي ڪن- مهٽ ڪرڻ لاءِ
ايس.ڊي.او جي زال کي موڪليو ويو. ”امبيولنس ۾
منهنجي ساهيڙي وڃڻي آهي، اُٿو جلدي ڪريو!“.....
ايس.ڊي.او مرڪندو، مسترين سميت، اس ۾ ميل پنڌ ڪري
ڪارخاني ۾ پهتو.
امبيولنس جو هوائي جهاز جهڙو مخصوص شور ٻڌي، عورتن جا
چهرا چمڪي اٿيا. ڪي چنچل ۽ چلوليون ته مستيءَ ۾
ڀرجي نچڻ لڳيون.
يارهن وڄي ويا هئا. ڏينهن به ڏاڍو تپي ويو هو، پر عورتن
جا ارادا پهاڙ وانگر اٽل هئا.
پراڻي سلهه جي مريض وانگر کنگهندي ۽ بدهاضمي جي بيمار
وانگر پٺيان گئس ڪڍندي، امبيولنس چالو ٿي.
ڄامشوري ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ گاڌي ٻه دفعا خراب ٿي پئي.
ڪلون ۽ پرزا ٺيڪ ڪندي، ڊرائيور دل ئي دل ۾ انجڻ
بڻائيندڙن ۽ شايد عورتن کي به گهٽ وڌ ڳالهائيندو
رهيو. کليل پٿريلو ميدان، نه وڻ نه ٽڻ، سج به
چوٽيءَ تي، لُک اهڙي پئي لڳي جو چمڙي ساڙيو ٿي
ڇڏيائين. امبيولنس بَٺي بڻجي وئي. عورتن منهن تي
کڻي کولي ڇڏيو، پر باقي بدن ته برقعي ۾ بند هو.
گرمي هنن نازڪ جسمن کي نپوڙي، پگهر جي صورت ۾ پاڻي
ڪڍي رهي هئي.
گاڏي چُري پئي ته هوا به لڳي ٿي ۽ ڪجهه آٿت به پئي ٿيو
ته اجهو ڪي منزل تي پهتاسين، بيهي ٿي ته دوزخ هو.
هڪ مائي، جنهن جا ٻين سڀني کان گهڻا ٻار هئا، تنهن
پاڻيءَ جي گهگهي کنئي هئي. انهيءَ ته سٽ به ڪا نه
جهلي. خشڪي ۽ اڃ کان سڀني جون نڙيون سُڪي ٺڪر ٿي
ويون. عورتن جا ٽهڪ ۽ مذاق گهٽجي ويا، ۽ ٻارن جو
روڄ راڙو وڌي ويو.
گاڏي ڪوٽڙيءَ پهتي. سڀني هوٽل تان پاڻي پيتو. هنن جي
پيٽ ۾ وري ساهه پيو. هو وري تازگي محسوس ڪرڻ
لڳيون. منزل به ويجهي هئي. جسم سان گڏ هنن جي دل
به اڇلون ڏيڻ لڳي.
ڄامشوري کان، ڪوٽڙيءَ رستي، راڻي باغ تائين اڌ ڪلاڪ جو
پنڌ هو. پر گاڏي خراب ٿيڻ ڪري ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو.
گاڏي، باغ جي دروازي وٽ اچي بيٺي. سڀ کلنديون، خوش
ٿينديون هيٺ لٿيون، ڄڻ ته جنت جي در وٽ پهتيون
هيون. سڀڪا پنهنجي پنهنجي بِدڙي سنڀالي دروازي
ڏانهن وڌڻ لڳي.
اتي ٻه پوليس وارا بيٺا هئا. هڪ ڄڻو هنن ڏي وڌي آيو ۽
چيائين:
”اڄ گورنر صاحب جي ميونسپالٽيءَ هن باغ ۾ پارٽي ڪئي
آهي، ان ڪري ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ڪانهي.“
هنن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هڪدم گرمي ٻيڻي ٽيڻي
ٿي وئي هئي، ۽ هو پگهر جي درياهه ۾ غوطا کائي
رهيون هيون.
٭
ڄامشورو، ۸ – جون
1955ع
مارئي: آگسٽ
1957ع |