نادر بيگ مرزا ۽ سندس زال گريسي مرزا (1914-03-19) لو مئرج کان
اَٺ ڏينهن اڳ نڪتل فوٽو.
ٻئي چيو، ”هاڻ ته انڌا به ڏسي سگهيا هوندا.“
بس ايترو ٻڌندي وري ٻئي عينڪون لاهي صفا ڪري وري نڪ تي رکي ۽
نظر ڄمائي ڏسڻ لڳا. مرزا فرمايو، ”ڏسجي ڇا ڌوڙ!
نڀاڳي هڪڙي هنڌ ته بيهي ئي نٿي.“
”مرزا،“ مير صاحب چيو، ”نچي نٿي اڏامي ٿي، اڏامي.“
”نچي ٿي ڪي اڏامي پر اسان کي ته پائي به پلئي نٿي پوي.“
”بس، ڄنگهيون اڳتي پٺتي پئي هلائي.“
ايتري ۾ وري پٺيان ڪنهن چيو، ”ڇو سائين هاڻ آهي ڪا ڪسر؟“
اهو ٻڌندي ئي وري مرزا ۽ مير جهٽ کڻي عينڪون لاٿيون. پر انهن
اڃا عينڪون ملي ملي صفا پي ڪيون ته مس ماڊلين،
ماڻهن کي آخري سلام ڪري ويندي رهي.
هاڻ ذرو ڪن لائي ٻڌجو. مرزا صاحب مس ماڊلين جو ناچ پي ڏٺو ۽
بيگم صاحب گهر ۾ جواهردار ڪنگڻ جي اميدن ۾ هئي ته
ايتري ۾ ڪنهن در کان اچي هڪل ڪئي، ”مرزا صاحب!
مرزا صاحب!
ڇو سائين اڄ سنجهي کائي سمهي پيا آهيو ڇا؟“
بيگم صاحب نوڪرياڻيءَ کي چيو، ”چئينس، ته راڻيءَ جي باغ ۾
سوديشي بازار گهمڻ ويو آهي.“
بيگم چيو، ”چئينس حليم جو پيءُ.“
ته ٻاهر واري چيو، ”سوديشي بازار وري ڪهڙي، هو ته فرنگڻ جو ناچ
ڏسڻ ويو آهي، جا اگهاڙي ٿي نچي.“ ۽ پوءِ
نوڪرياڻيءَ کي، جا در تي بيٺي هئي، ”پر، مائي، ڏس،
بيگم صاحب سان ڳالهه نه ڪجانءِ.“
هاڻ هيڏانهن مرزا صاحب گهر پي موٽيو ته دل ۾ خيال ڪندو آيو ته
ڪهڙو بهانو ڪريان. انهن خيالن ۾ 11 بجه ڌاري اچي
گهر سهڙيو، ۽ زور زور سان ڪڙو کڙڪائڻ لڳو، بيگم
صاحبه اٿي در لاٿو. پاڻ اندر گهڙنديئي چيائين، ”ڇو
بيگم، مردن سان پي شرطون پڄايئي ڇا؟ رڙيون ڪري ڪري
ٻه ڪلاڪ گذري ويا آهن ۽ در کڙڪائيندي کڙڪائيندي هٿ
ئي سڄي پيو اٿم،“ ۽ وري ”چڱوڀلا، پاسي ٿي، رستو
ڏي، منهنجي طبيعت پئي خراب ٿئي.“
ائين چوندو هو ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو، پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ۽
بيگم به پٺيان لڳي آئي.
”ٻڌايو ته سهي، مون لاءِ ڇا آندو؟“
”ڇا آڻيان، ڌوڙ!“
مرزا صاحب بيزاريءَ سان چيو، ”خدا ڄاڻي ڪهڙي نيت
سان مون کي پئسا ڏنا هيئي، جنهن کوکي ۾ هٿ وڌم سو
خالي نڪتو.“ ۽ پوءِ پنهنجي ڪوٽ جا ٻيڙا
لاهيندي،”پنهنجن پنجن پيسن جو ته ڪيترو خيال اٿس،
۽ مون جا ايتري تڪليف ۽ نااميدي سٺي، انهي جو ته
پائيءَ جو به خيال ڪونهيس!
ويچاري مير صاحب جا پنڌرهن رپيا ٻڏا.“
مير صاحب جو نالو ٻڌندي ئي بيگم اچي بگڙي، چي، ”اهوئي مئو ته
اوهان کي خوار خراب ٿو ڪري نه. غضب خدا جو، ڪوڙ
ڳالهائيندي شرم به ڪونه ٿو اچيو. هيڏا سارا، اڇين
ڏاڙهين سان، پنجن نياڻين جا پيءُ فرنگڻ جو اگهاڙو
ناچ ڏسندي شرم ڪونه ٿي آيو.“
ويچارو مرزا صاحب سمجهي ويو ته ڪنهن ته مڙيئي ڦڪڙ ڦاڙيو آهي.
ٻڏل ٻليءَ وانگر، ڇپ هڻي کٽ تي چڙهي ويٺو. ڪنڌ هيٺ
ڪري ايترو چيائين، ”مون مير صاحب کي چيو به ته
نه.. “
پر مير صاحب جو نالو ٻڌي بيگم وري ڀڙڪي کاڌي. ڀري ته اڳي ئي
ويٺي هئي، هاڻ گجڻ لڳي، ۽ تمام آزاد زبان سان هڪڙي
ئي بحر ۾ مرزا صاحب کي اهڙيون ته صلواتون سڻايائين
جو ميان جا ڍاڪونئان ئي ڍرا ٿي ويا. جي مرزا سودا
مرحوم حيات هجي ها ته ويچارو بيگم جون ڳالهيون ٻڌي
اهڙي نالائق فرزند کي گهٽ ۾ گهٽ لادعويٰ ته ضرور
ڪري ڇڏي ها.
نيٺ جڏهن بيگم صاحب جو جوش گهٽجڻ لڳو تڏهن مرڪي چيائين، ”ٺهيو،
ٿي گذري، هاڻ معاف ڪريو، اڳتي توبه ڪئيسين.“
گهر موٽڻ مهل مرزا صاحب جي دل ۾ خيال ته برابر هو ته وري ٻيءَ
رات به مس ماڊلين جو ناچ ڏسڻ وڃان، پر بيگم صاحب
جي ڳالهين مان يقين ٿيس ته وري ڪنهن به بهاني ٽڪيٽ
جا پئسا ملڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهن، ۽ لاچار افسوس
جي سرد آه ڀري، سوڙ تاڻي سمهي پيو.
مس رستمجي
]پارسيءَ
۾ پهاڪو آهي ته، قرض مقراض محبت است يعني قرض محبت
کي وڍيندڙ آهي. سنڌيءَ ۾ به چوڻي آهي ته، ناڻو
نينهن ٽوڙ آهي، پر هن آکاڻيءَ ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ناڻو نينهن توڙ ته نه، بلڪ،
ناڻو نينهن جوڙ آهي، يا، قرض بنياد محبت است.[
هڪڙي ڏينهن جو ذڪر آهي ته، آءٌ صدر کان پنهنجي گهر ڏي پي آيس ته
ڏٺم ته هڪڙو پير مرد رستي تي ڪرسيءَ تي چڙهيو
ويٺوهو. پنهنجن هٿن سان هڪڙي وڏي قينچي، قريب ڏيڍ
هٿ جيڏي پي کڙڪايائين ۽ کليو پي هوڪو ڏنائين ته
قرض مقراض محبت است، يعين قرض محبت لاءِ قينچي
آهي. هن جي چوڌاري جيڪي ماڻهو بيٺا هوا تن به پي
کليو. مون کي پري کان ڏسي رڙ ڪيائين، ”مس صاحبه!
ذرو هيڏانهن قدم رنج فرمايو.“
مون هن ڏي خيال سان ڏٺو. پرئي مڙس جي شڪل ئي کل جهڙي هئي. مون
کي هن جي شڪل ڏسي کل آئي، جو هن ڳالهائيندي به
قينچيءَ جا ڏاٽن جيڏا ڦر ٿي کڙڪايا. آءُ مرڪندي هن
تائين وڃي پهتيس، ۽ چيم، ”فرمايو!“
”مون کي پنهنجي اسم شريف کان واقف ڪرڻ ۾ اوهان کي ڪو اعتراض
آهي؟“ پرئي مڙس مون کان ڏاڍو اٻوجهه ٿي پڇيو. مون
نالو ٻڌايومانس ۽ چيم، ”مون کي مس- اي- رستمجي ڪري
ڪوٺيندا آهن.“
”مهرباني!
مهرباني!
احسان!“
پرئي مڙس قينچي کڙڪائيندي چيو، ”ضرور، ضرور... مسي
صاحبه ضرور اوهين ڪنهن اسڪول ۾...“
”جي نه، مون جواب ڏنو. آءٌ ليڊي ڊاڪٽر آهيان. ڊاڪٽر مس رستمجي.
پر فرمايو، اوهان کي ڇا چوڻو هو.“
”اهُو!“
هڪڙي خوشيءَ جهڙي آواز سان چيو، ”اوهو!
بس، سائين، پڇوئي نه ته مريضن جو ڪهڙو حال آهي.
هڪٻئي کان وڌيڪ بي ايمان دنيا ۾ ڀريا پيا آهن. في
جو چئون ته چوندا سڀاڻي ڏينداسون، چي دوا جا پئسا
ٻئي مهيني ڏينداسون. اهو سمجهن ئي نٿا ته اسان جي
مسي صاحبه وٽ ڪو خزانو ڪونه رکيو آهي، نڪا لاٽري
کٽي اٿس. نيٺ دنيا جو ڪم به ته ضرور هلائڻو آهي،
پر مريضن کي ڪوبه خيال ڪونهي. مروت ڪرڻ سان ته
هيڪاري ڪم بگڙيو وڃي. غريب پنهنجي عزت جو بهانو ڪن
ته امير پنهنجي فرصت جو. نتيجو ڳالهه جو اهو ته
دوا جا پئسا نڪي اڄ ٿا ملن، نڪي سڀاڻي...“ ايترو
چئي پير مرد مون ڏي مخاطب ٿي چيو، ”ڪيئن مسي
صاحبه، آءٌ سچ ٿو چوان نه؟“
مون کان کل ڇٽي وئي. ڇو جو اهڙي صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان آءُ
پنهنجي حالت پاڻ به بيان ڪري ڪانه سگهان ها، ۽
چيم، ”پريا مڙس اوهين جيڪي پيا فرمايو سو بلڪل
صحيح آهي. پر نيٺ انهي جو ڪو علاج به آهي؟“
”اوهو!“
پرئي مڙس وري قينچي کڙڪائي جواب ڏنو، ”بس، علاج جي
ته ڳالهه ويٺو ڪريان نه. انهي جو مون وٽ شرطي علاج
آهي. پر ساڍا ست روپيا خرچڻا پوندو- ۽ سي به هينئر
جو هينئر. ها، مسي صاحبه، انهي جو علاج اوهان مون
کان لهڻو.“ ائين چئي هن پنهنجا هٿ هڪڙي سهڻي
پيتيءَ ڏي ڊگهيڙيا، جا سندس سامهون هڪڙي ميز تي
رکي هئي، ۽ چيائين، ”وري انهيءَ جي خوبي اها ته جي
پسند اچيو ته رکجو نه ته ڪو زور ڪونهي.“
ايترو چئي هن قينچي ميز تي رکي ۽ پيتي کولي انهي مان هڪڙو فريم
ڪڍيائين جنهن ۾ آرسيءَ تي سونهري اکرن ۾ ڏاڍي
صفائيءَ سان هيءَ عبارت تحرير ٿيل هئي:
”قرض مقراض محبت است“
مون اڃا انهي فريم کي غور سان پي ڏٺو ته پرئي مڙس چيو، ”بس هي
کڻي وڃو ۽ پنهنجي دواخاني ۾ ٽنگي ڇڏيو. انهي مان
ٿوري گهڻي بچت ته ضرور ٿيندي.“
اها اٽڪل به مون کي وڻي ۽ تنهن کان سواءِ هونئن به فريم ۽ مٿس
اکر اهڙا سهڻا هئا جو فريم خريد ڪرڻ جي لائق هو، ۽
مون کيسي مان ڏهين رپئي جو نوٽ ڪڍي هن کي ڏنو. هن
چيو ته ”مون وٽ ڇٽا ته ڪونهن.“ پاسي ۾ هڪڙو سنڌي
جنٽلمن بيٺو هو انهي کان پڇيائين ته انهي پنهنجو
ٻٽون کولي ڏٺو ۽ چيائين، ”مون وٽ به رڳا پنجين
رپئي جا نوٽ آهن.“
پريو مڙس ته اڳي ئي مسخري لائي ويٺو هو، انهيءَ چيو، ”هڪڙو نوٽ
مون کي ڏيو.“ هن جنٽلمن هڪڙو نوٽ ڪڍي پرئي مڙس کي
ڏنو، تنهن تي يڪدم پير مرد پيتيءَ مان ٻيو اهڙو
ساڳيو فريم ڪڍي هن کي ڏنو ۽ پنجين جو نوٽ مون کي
ڏئي چيائين، ”سائين مسي صاحبه کي ۽ اوهان کي اڍائي
رپين جو فائدو ٿيو ۽ مفت ۾ مون کي پنجن رپين جو
نقصان پيو.“
جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن اهو حساب ٻڌي کلي ڏنو، ته وري پير
مرد چوڻ لڳو، ”ميان اوهين کلو ڇا تي ٿا؟ هي ٻئي
اهڙا ته ڪينهن جو منهنجا اڍائي روپيا کائي ويندا.“
”پر مون کي ته هن جي گهرج ئي ڪانهي،“ هن سنڌي جنٽلمن چيو.
”اڙي“، پرئي مڙس اکيون ڇنڀي چيو، ”مسٽر، اوهين به عجيب انسان
آهيو، اوهين پنهنجي گهرج ڏي ڏسندئو يا پنهنجي نفع
ڏي؟ جي اوهان فريم نه ورتو ته اوهان کي اجايو
اڍائي روپين جو نقصان پئجي ويندو. هڪڙي فريم جو
اگهه ساڍا ست روپيا ۽ ٻن جو فقط ڏهه.“
ماڻهو وري کلڻ لڳا. اتي جو اتي ٻه ٽي فريم به وڪاڻا ۽ آءٌ اتان
کلندي هلي ويس. فريم مون وڃي انهيءَ ڪوٺيءَ ۾
ٽنگيو جنهن ۾ مريض اچي ويهندا هئا. حقيقت ته اها
آهي ته منهنجو خرچ ڳرو هو. نئون ڌنڌو شروع ڪيو هوم
۽ آمدنيءَ جو اهو حال هو ته خرچ ڇڪي تاڻي مس پورو
ڪندي هيس، بلڪ ڪڏهن ته وقت تي في نه ملڻ ڪري قرض
به چڙهي ويندو هوم.
(2)
ڊاڪٽر وياز ڪراچيءَ جو مشهور سول سرجن هو. پر منهنجي ته سڀني
ڊاڪٽرن سان اٿ ويهه هئي. هڪڙي ڏينهن ڊاڪٽر وياز وٽ
ڊاڪٽرن جي ميٽنگ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ مون کي به خاص
طور اچڻ لاءِ چيو ويو هو.
جڏهن آءٌ اتي پهتيس تڏهن ڏٺم ته گهڻا ئي ڊاڪٽر اتي اڳيئي موجود
هئا ۽ هڪڙي عجيب مٿي جي سور جي مريض جو ذڪر پي
هليو. اهو مريض شهر جو هڪڙو معزز نوجوان ٿي ڏٺو،
جنهن کي اها عجيب مٿي جي سور جي شڪايت هئي. هن کي
ڪاليج ۾ وڃڻ جي ڪري مٿي ۾ سور پوندو هو، ۽ جي
ڪاليج ۾ نه وڃي ته هيڪاري مٿي جو سور وڌيس. ٿور
محنت ڪري ته به ساڳيو مٿي جو سور لڳو اچيس. جي
ڪلاس ۾ ويهي ته مٿي جو سور اچيو پويس، ۽ جي راند
ڪرڻ وڃي ته مٿي جو سور پاڻ وڌيو وڃي. مٿي جي سور
جي ڪري هو امتحان به ڪونه ڏئي سگهيو ۽ امتحان نه
ڏيڻ جي ڪري مٿي جو سور هيڪاري وڌڻ لڳو. مطلب ته هي
مٿي جو سور به ڪو نرالو مٿي جو سور هو. پر حقيقت
ڪري انهي مريض جي هتي ڏاڍي تعريف پي ٿي. هو گهڻو
ڪري سڀني ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي چڪو هو ۽ سڀني کي
وڏيون وڏيون رقمون کارائي چڪو هو. سڀئي انهي ڳالهه
تي يڪراءِ هئا ته اهو مريض نهايت خوش خلق ۽ تهذيب
وارو انسان هو، ۽ ڊاڪٽرن کي نهايت فراخدليءَ سان
في ڏيڻ وارو مريض هو. هن کان جيڪي گهربو هو سو
ملندو هو، بلڪ مقرر ٿيل في کان جيڪي سو وڌيڪ ڏيندو
هو.
اهڙا مريض ڪي ڳولهيا لڀندا. انهيءَ جي مرض تي گهڻي دير تائين
بحث هليو ۽ نيٺ اها راءِ قائم ڪئي وئي ته انهي مرض
جو باعث سوداءُ، بيڪاري ۽ ورزش نه ڪرڻ هو. هن کي
ڪو خاص سنگتي به ڪونه هو، نه ڪو اهڙو ويجهو مٽ
مائٽ هوس جنهن جي صحبت ۾ هو پنهنجي دل وندرائي.
مطلب ته انهي عجيب مريض جو ذڪر دير تائين هليو ۽
هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي تجربي موجب پنهنجي راءِ
ڏني. پر نيٺ سڀ انهيءَ ڳالهه تي اچي شامل راءِ ٿيا
ته انهي مريض جو مٿي جو سور لاعلاج ٿي رهيو آهي.
(3)
انهيءَ ميٽنگ کان اٽڪل مهينو کن پوءِ، هڪڙي ڏينهن آءٌ پنهنجي
ڊريسنگ روم ۾ هيس ته ٻاهران نوڪر گهنڊڻي وڄائي،
يعني اطلاع ٿي ڏنائين ته ڪو مريض آيو آهي. مون
چيومانس ته ”چڱو ڊرائنگ روم ۾ ويهاريوس، آءٌ اچان
ٿي.“ ڊرائنگ روم ۾ پردي جو به پورو بندوبست هو ۽
ڪا به مريض زال بند گاڏيءَ يا ڏوليءَ ۾ ايندي هئي
ته آءٌ انهيءَ کي ڊرائنگ روم ۾ گهرائيندي هيس.
دواخانو ٻاهر ورانڊي جي ڪنڊ ۾ هو.
”آءٌ ڪپڙا ڪري ڊرائنگ روم ۾ آيس ته، ڏٺم ته هڪڙو ماڻهو اوور ڪوٽ
پايو، پنهنجو منهن ۽ مٿو گلابند ۾ ويڙهيو، ٻئي
پاسي منهن ڪيو، منهنجي وڏي، رنگين تصوير کي پيو
ڏسي. مون ڀانيو ته ڪنهن مريض زال جو مائٽ آهي، جو
مون کي ڏسڻ يا مون کان دوا وٺڻ آيو آهي. پٽ تي
هڪڙو ٿلهو، نرم گلم وڇايل هو جنهن ڪري منهنجي پير
جو کڙڪو به ڪونه ٿيو. جڏهن مون هن جي ڌيان ڇڪائڻ
لاءِ ڪرسي گهلي تڏهن هو به مون ڏانهن مڙيو.
انگريزيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ”گڊ مارننگ“ ڪري مون هن کي
ويهڻ لاءَ چيو ۽ پاڻ به ويهي رهيس. انهي مهل هن جو
منهن ڪوٽ جي ڪالر ۽ گلابند ۾ اهڙيءَ ريت لڪل هو،
جو سواءِ نڪ ۽ اکين جي هن جي شڪل جو ڪوبه خاص حصو
نظر نٿي آيو، هو به ويهي رهيو. آءٌ منتظر هيس ته
هو ڪجهه چوي ته ڪير آهي ۽ ڇو آيو آهي، پر هو ماٺ
ڪيو، آڱر سان سامهون ٽپائي کنهندو رهيو. مون کي
ڪاوڙ اچڻ لڳي ۽ چيم، ”فرمايو، اوهان جو ڪهڙو ڪم
آهي؟“
”تنهن تي چيائين، ”اوهين ڊاڪٽر رستمجي صاحب جي صاحبزادي آهيو؟“
مون چيو، ”ها، سائين فرمايو.“
چيائين، آءٌ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ڪرڻ ٿو گهران.“
مون ته سمجهيو ته هي ڪو چريو آهي. غور سان هن جي اکين ڏانهن ڏٺم
۽ ٿوري کل اچڻ لڳيم. مون کي به من ۾ شرارت سجهي
آئي ۽ تمام سنجيدگيءَ سان ڪنڊ ۾ هڪڙي ننڍي ميز تي
هڪڙو ننڍڙو ڪٻٽ رکيو هو جنهن تي وڏن اکرن ۾ لفظ
“POISON”
يعني ”زهر“ لکيل هو. انهي ڏي اشارو ڪري چيم، ”جي
اوهان کي منهنجي والد صاحب سان ملاقات ڪرڻ جي
خواهش آهي ته اوهان کي هن ڪٻٽ مان ڪنهن دوا جي
هڪڙي خوراڪ کائڻي پوندي.“
”معاف ڪجو،“ هن چيو، ”پر آءٌ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ڪرڻ ٿو
گهران.“
”ڪهڙو ڊاڪٽر؟“ مون پڇيو.
هن آڱر سان ٻاهر اشارو ڪري چيو، ”ڊاڪٽر رستمجي جنهنجو نالو مون
ٻاهر بورڊ تي پڙهيو، پر شايد تڪڙ ۾ پورو نالو نه
به پڙهيو هجيم.“
”پر انهيءَ بورڊ تي ته منهنجو نالو اڪريل آهي... ڊاڪٽر مس
رستمجي، ۽ انهيءَ سان اوهين هينئر ملاقات پيا
ڪريو. اوهين شايد ڪنهن دوا لاءِ آيا آهيو. مريض جي
ڪا زال آهي ته آءٌ حاضر آهيان.“
”آءٌ خود مريض آهيان.“
”معاف ڪجو،“ مون چيو، ”مون ڀانيو ته اوهين ڪنهن مريض پاران آيا
آهيو. آءٌ رڳو زالن جو علاج ڪندي آهيان.“
هن چيو، ”معاف ڪجو، مون کان ڀل ٿي.“
هاڻي هن پنهنجي منهن تان گلابند هٽائي ڇڏيو. چڱي خاصي ڏاڙهي
هيس. هونئن ته اڃا نوجوان هو ۽ چهرو به صاف هوس.
پر البت زرديءَ ڏي مائل هو.
مون چيو، ”ڪا حرڪت ڪانهي، اوهان شايد بورڊ پورو نه پڙهيو
هوندو...“
”ها، ها،“ هن چيو، ”اها ئي ڀل ٿي، مون برابر خيال ڪري ڪونه ڏٺو
هوندو. توهين رڳو زالن جو علاج ڪندا آهيو.. پر جي
اوهين پنهنجي ڪمپائونڊر کي کڻي حڪم ڪريو ته دوا جي
هڪڙي خوارڪ مون کي ٺاهي ڏئي ته انهي ۾ ڪا... ڪا...
حرڪت آهي؟“
مون چيو، ”معاف ڪجو، آءٌ فقط زالن جو علاج ڪندي آهيان.“ ائين
چئي آءٌ اٿي کڙي ٿيس ۽ هو به اٿي بيٺو ۽ چيائين،
”پر انهي ۾ شايد ڪو نقصان ڪونه ٿيندو جي اوهين
ڪمپائونڊر کان هڪڙو وزن دوا جو مون کي کڻي ڏياريو.
مون کي هن مهل دوا جي سخت ضرورت آهي. منهنجو نهايت
برو حال آهي.“
مون چيو، ”چڱو، ته اوهان کي جيڪا دوا کپي سا ٻاهر دواخاني مان
وٺي سگهو ٿا. انهي ۾ مون کان پڇڻ جو ڪهڙو ضرور
آهي.“
چيائين، ”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي دوا وٺان. اوهين کڻي چئوس ته
ڪا اهڙي دوا ڏئيم جنهن کان مٿي جو سورلهي وڃي. آءٌ
مٿي جو سور جو جهونو مريض آهيان ۽ اڄ، غير معمولي
طرح صبح جو سوير ڪنهن سنگتيءَ کي اسٽيشن تي ڇڏڻ
ويو هوس ته اتي اچي مٿي ۾ سور پيم. اتان هاڻي پنڌ
ڪري پيو موٽان ۽ واٽ تي واجهائيندو آيو آهيان ته
ڪنهن ڊاڪٽر جي تختي لڳل هجي ته پنهنجو علاج
ڪرايان.“
مون اشاري سان هن کي ويهڻ لاءِ چيو، جو آءٌ سمجهي ويس ته هي
سائين لوڪ ڪير آهي. جڏهن ويهي رهيو تڏهن مون
پڇيومانس، ”سائين اوهان جو نالو مسٽر محسن ته
ڪونهي؟“
”جي ها،“ هن تعجب سان چيو، ”پر انهيءَ جي اوهان کي ڪيئن خبر
پئي.“
مون مختصر هن کي احوال ڪري ٻڌايو ته ڪيئن مون کي سندس نالي جي
خبر پئي هئي ۽ چيومانس، ”اوهان جو مرض اهڙو پراڻو
آهي جو اوهان کي تپاسڻ کان سواءِ دوا ڏيڻ ڊاڪٽريءَ
جي اصولن کان بلڪل برخلاف ٿيندو.“
ته تمام اٻوجهائيءَ سان چيائين، ”ته اوهين مون کي تپاسي وٺو.“
مون چيو، ”آءٌ ته اڳي ئي عرض ڪري چڪي آهيان ته آءٌ رڳو زالن جو
علاج ڪندي آهيان.“
”ته مون کي دوا ڪيئن ڏيندئو؟“
”آءٌ تپاسڻ کان سواءِ دراصل ڪين ڏئي سگهنديس.“
”ته اوهين کڻي تپاسيوم. انهي ۾ ڪهڙي حرڪت آهي. آءٌ اوهان کي ڊبل
في ڏيندس.“
ڊبل في جو نالو ٻڌي منهنجو وات پاڻي ٿيڻ لڳو، ۽ دل ۾ ڪو خيال
ڪيم ته جي صبح مردان جو ڊبل في ملي وئي ته ڪيترائي
ڪم ٿي پوندا. نيٺ به انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت هئي. اها
ته اڳي ئي خبر هيم ته هي شخص بلڪل فضيلت وارو،
اشراف انسان آهي ۽ چيم، ”ٻٽيهه روپيا في ڀرڻي
پونديو.“
چيائين، ”تمام چڱو اوهين تپاسڻ شروع ڪريو.“
مون ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي ڪڏهن تپاسيو ڪونه هو، پر پيٽ بري بلا
آهي. مون هن جي زبان ڏٺي، سينو تپاسيومانس، پٺي
ٺوڪي ڏٺيم، جگر ڏٺم، دل تپاسيم... مطلب ته تمام
چڱيءَ طرح سان تپاس ڪري مون پنهنجي راءِ قائم ڪري
نسخو تيار ڪيو. کائڻ جي دوا ڏني مانس، ٽي وزن روز:
هڪڙو صبح ناشتي کان پوءِ، ٻيو ٻنپهرن جو ۽ ٽيون
رات جو مانيءَ کان پوءِ. تنهن کان سواءِ ڳچي ۽ مٿي
کي مالش ڪرڻ جو تيل ڏنومانس ۽ مالش ڪرڻ جو رستو
ڏسيومانس ته مالش ڪيئن ڪجي. رت جي دوري جو سرسري
طرح اصول ٻڌايومانس ۽ سمجهايومانس ته مالش ڪرڻ سان
ڪهڙو فائدو ٿو ٿئي. تنهن تي هن گهٻرائجي چوي،
”مالش ڪرڻ جو رستو ته منهنجي سمجهه ۾ اصل نٿو اچي.
مون وري ٻڌايومانس پر وري به ڪونه سمجهيائين. تنهن
تي مون چيو، ”جي چئو ته اڄ آءٌ پاڻ اوهان کي مالش
ڪري ڏيکاريان، پوءِ اوهين پاڻهي سمجهي ويندئو. پر
اوهان کي انهي جي في جدا ڏيڻي پوندي.“ هن قبول
ڪيو، تنهن تي مون هن کي ٺاهي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽
گرم اسپنج سان ڳچيءَ کي ٽاڪوڙ ڪري، ڳچيءَ ۽ مٿي کي
مالش ڪيم؛ ڪرسيءَ تي هن کي بي آرامي ۽ تڪليف پي ٿي
۽ مون اونهئين هن کي چيو، ”هيءَ ڪرسي انهي ڪم جي
ناهي. مون اڍائي سئو رپئي هڪڙي خاص ڪرسي اهڙي مالش
لاءِ گهرائي آهي.“ آءٌ مالش به ڪندي ويس ۽ هن
سودائي مريض جي دل وندرائڻ لاءِ خيالي ڪرسيءَ جو
ذڪر به ڪندي ويس. مون اهڙي ڪرسي نڪا گهرائي هئي نه
مون ۾ اهڙي ڪرسي گهرائڻ جي طاقت هئي، تنهن هوندي
به بيخياليءَ سان چوندي ويس، ”ڪرسي اچي سهڙي آهي ۽
اڄ ٻلٽيءَ جا پئسا ڀري اسٽيشن تان گهرائڻي آهي.“
اهو وري انهي خيال سان چيم ته ڀل سمجهي ته مون کي
پئسن جي گهرج آهي ۽ في نقد ڏئي.
مالش ڪرڻ کان پوءِ مون چانهه جو ڪوپ، بيدا ۽ ٽوسٽ تيار ڪرايو جو
اهي به نسخي ۾ لکيا هئم. پوءِ چڱي طرح ڳچيءَ ۽ مٿي
کي گلابند سان ويڙهي، پنهنجو بل پيش ڪيم. ٻٽيهه
روپيا تپاسڻ جي في ڏهه روپيا مالش جي في ۽ ست
روپيا دوا جي: مڙئي اڻونجاهه روپيا هن جي کيسي مان
ڪل ويهه روپيا نڪتا باقي اڻٽيهه روپيا چيائين ته
گهران وڃي ٿو موڪليان. مون ٿورو منهن ڍرو ڪري انهي
فريم ڏي ڏٺو جنهن تي ”قرض مقراض محبت است“ لکيل
هو. هن به انهي پاسي ڏٺو ۽ منهنجو مطلب سمجهي ويو،
۽ چيائين،”مون وٽ به هڪڙو بنهه اهڙوئي فريم آهي،
پر... شايد... مون اوهان کي اڳي ڪٿي ڏٺو ته
ڪونهي...“
آءٌ يڪدم هن کي سڃاڻي ويس ۽ چيم، ”اوهو!
مون ۽ اوهان اهي فريم گڏجي نه خريد ڪيا هئا. پر
اوهان پنهنجي شڪل بدلائي ڇڏي آهي. تڏهن اوهان کي
ڏاڙهي ڪانه هئي.“ ۽ اهو قصو ياد ڪري اسين ٻئي کلڻ
لڳاسين. وڃڻ مهل تمام اخلاق سان مون کان موڪلائي
ويو. هن کي وئي ڪلاڪ مس گذريو هو ته سندس نوڪر بل
جا باقي پئسا پهچائي ويو. ٻئي ڏينهن هن جو خط آيو
جنهن ۾ لکيو هيائين، ”اوهان جيڪا مالش ڪئي انهيءَ
مان مون کي تمام گهڻو فائدو ٿيو، پر هتي ڪو نوڪر
اهڙِ طرح مالش ڪري نٿو سگهي. مطلب ته جي اوهين روز
مالش ڪرڻ قبول ڪريو ته في ڀرڻ لاءِ تيار آهيان.“
مون جواب لکيومانس، ”چڱو، آءَ مالش ڪنديس، اوهين ڀلي اچو، پر
روز ڏهن جي بدران اوهان کان ست روپيه في وٺنديس.“
في مون انهي ڪري گهٽائي جو دل ۾ خيال ڪيم ته اهڙي
شريف ۽ ٻولي ڀالي انسان کي ايترو ڦرڻ به چڱو نه
آهي. ٻئي ڏينهن کان وٺي هو روز اچڻ لڳو ۽ پنجاهه
روپيا هفتي جي في جو بل، اڳواٽ ڏئي ويم.
چوٿين ڏينهن چيائين، ”هوءَ ڪرسي جا گهرائي هئو سا ڪانه ٿي
ڏسجي.“
مون چيو، ”آءٌ دوائون گهائي ويٺي هيس ۽ ڪرسيءَ جي ٻلٽي نه ڀري
سگهيس، تنهن ڪري موٽائي موڪليم.،
”واه!“
هن چيو، ”اها به ڪا ڳالهه آهي!
پئسا مون کان کڻي وٺو ها. هاڻ کڻي تار موڪليو،
پئسا مون کان وٺجو، پوءِ پنهنجي في ۾ پيا مجرا
ڏجو. پاڻ منهنجو سک ٿي پوندو.“
ڳالهه ته ٺيڪ هئي ۽ مون منظور ڪري ورتي. انهيءَ مهل تار موڪليم.
ٽئين ڏينهن ڪرسي اچي وئي ۽ مسٽر محسن يڪدم قيمت
ادا ڪري ڏني. هوبه ڪرسيءَ مان گهڻو راضي هو. جڏهن
ايندو هو تڏهن آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پوندو هو ۽ مون
کي به مالش ڪرڻ ۾ سهوليت ٿيندي هئي.
هڪڙي ڏينهن هو آيو ته آءٌ نين دوائن جو ٻيجڪ کوليو ويٺي هيس.
ٻيجڪ ڏسي چيائين، ”مار!
ايتريون دوائون توهين سڀ اوڌر تي ٿا گهرايو؟ ۽
انهيءَ تي ڪارخاني وارا ايترو وياج ٿا وٺن؟ ڏسان
ڇا!
ٻه سو رپيا رڳا وياج جا؟“
مون چيو، ”لاچار آهي جو اسان جو ڌنڌو هلي ئي ائين ٿو. مريض به
پئسا آهستي آهستي ڪري ٿا پهچائين، پوءِ اسين ڊاڪٽر
به ڇا ڪريون؟“
چيائين، ”ته مون کان پئسا ڇونه کڻي وٺو. پوءِ في مان لاهيندا
وڃجو.“
”ٻاويهه سئو رپيا في جا؟“ مون کلي چيو، مسٽر محسن اوهان جي گهڻي
مهرباني، پر آءٌ پاڻ تي ڪنهن جو به قرض چاڙهڻ نٿي
گهران. اوهان کي ته خبر آهي ته قرض مقراض محبت
است.
هن کلي چيو، ”مون وٽ به ته اهڙو ئي فريم آهي نه. مون کي خبر
آهي. تڏهن ته ڊاڪٽرن جون دوائون ايتريون مهانگيون
ٿيون ٿين. جي اوهان کي وياج نه ڀرڻو پوي ته جيڪر
دوائون سستيون ٿي وڃن ۽ اسان مريضن کي ايترو ڏيڻو
ڪين پوي.“
”ڳالهه ته سچي آهي،“ مون چيو، ”پر مجبوري آهي. ڪم ئي ائين ٿو
هلي.“
هن چيو، ”اوهين بي حجاب مون کان پئسا وٺي ڇڏيو، آءُ اڃا گهڻو
عرصو علاج ڪرائيندو رهندس.“
مون هن جا شڪرانا مڃيا پر پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيم.
انهي ئي هفتي ۾ هڪڙي ڏينهن ٽپال کوليم ته دوائن جي ڪارخاني وارن
جي ٻاويهن سون جي رسيد هڪڙي لفافي مان نڪتي، ۽
انهي سان گڏ هڪڙو شڪرادائيءَ جو خط هو ته دوائن جو
ملهه سڀ چڪتو ٿي مليو. پهرين ته آءٌ عجب ۾ پئجي
ويس ته الائي هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي، پر پوءِ سمجهيم
ته هوندو نه هوندو، مڙئي مسٽر محسن جو ڪم هوندو.
شايد ڪارخاني وارن جو نالو نشان ياد ڪري ويو هو ۽
سڌو انهن کي پئسا موڪلي ڏنا هيائين. ٻئي ڏينهن
جڏهن مسٽر محسن آيو ته مون هن سان شڪايت ڪئي ته هي
توهان ڇا ڪيو!
ڪرڻ کي ته ڪري ويٺو هو، هاڻ شڪرادائيءَ کان سواءِ
ٻيو آءٌ ڪري به ڇا ٿي سگهيس. جڏهن هو مالش ڪرائي
هليو ويو، تڏهن مون هڪڙي ٻاويهن سون جي رسيد تي
ٽڪلي هڻي ڏانهنس موڪلي ڏني. نوڪر جواب کڻي آيو.
لفافو کوليم ته انهي مان منهنجي رسيد جا ڦاٽل ٽڪرا
نڪتا، ٻيو ڪي به ڪين. جڏهن وري ٻئي ڏينهن مسٽر
محسن آيو تڏهن مون پڇيومانس ته هي ڇا، ته البت شوخ
ٿي چيائين، ”مس صاحبه، آءُ ڪو واڻيو ڪونه آهيان،
نه منهنجا ابا ڏاڏا وياج خور هئا جو آءٌ قرض جون
رسيدون لکائيندو وتان. پئسا في ۾ ڪاٽيندا وڃو ۽ جي
بچي پون ته موٽائي ڏجو.
لاچار مون کي اهو قرض به منظور ڪرڻو پيو.
(4)
منهنجي علاج کان مسٽر محسن کي گهڻو فائدو ٿيندو رهيو. مون هن
کي تاڪيد ڪري ڇڏي هئي ته روز مون وٽ پنڌ ڪري اچي ۽
انهيءَ روزاني ورزش به هن جي صحت تي خاص اثر ڪيو.
مسٽر محسن تمام خوش خلق ۽ دلچسپ انسان هو. صبح جو
ته گهڻو ڪونه ترسندو هو پر شام جو اڪثر گهمندي
گهمندي مون وٽ سلام ڀري ويندو هو.
هڪڙي ڏينهن شام جو هو، بنا اجازت اوچتو ڊرائنگ روم ۾ گهڙي آيو.
آءٌ هڪڙو نقشو کوليو ويٺي هيس. هن کي ڏسڻ ساڻ مون
نقشو لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڏسي ورتو ۽ مون کي
زور ڪيائين ته ڏيکار، تنهن تي مون ڏيکاريس. نقشو
”رستمجي زناني اسپتال“ جو هو. منهنجي بيوقوفي به
ڏسجو جو مون ڪلڪتي کان سٺ روپيا خرچ ڪري هڪڙي
مشهور انجنيئر کان نقشو تيار ڪرايو هو. خيال اهو
ڪيو هوم ته ڪنهن ڏينهن هڪڙي اسپتال ٺهرائينديس
جنهن ۾ وڏو اڱڻ هوندو؛ اندر ٻه بنگلا هوندا، ٽينس
ڪورٽ هوندو، ۽ اها اسپتال منهنجي هوندي، جنهنجو
نالو ”رستمجي زناني اسپتال“ رکنديس. مريضن جي رهڻ
لاءِ انهي ۾ جدا جدا جايون هونديون. مطلب ته هڪڙي
اعليٰ درجي جي زناني اسپتال، زمين جي اگهه کان
سواءِ چاليهن هزارن ۾ ٺهي سگهندي. زمين ته مون اڳي
ئي تاڙي رکي هئي، جا بندرروڊ تي، ماما پارسي گرلس
سڪول جي پاسي ۾ آهي، ۽ ارادو ڪيو هوم ته اهو پٽ
خريد ڪري اسپتال انهيءَ تي اڏائينديس. جڏهن محسن
صاحب اها رٿ ٻڌي تڏهن ڏاڍو کليو ۽ چيائين، ”ٺهي هڙ
۾ پائي به ڪانه ۽ هزارن جو رٿون پيون رٿجن!“ مون چيو، تڏهن ته مون اوهان کان نقشو پي لڪايو.
مسٽر محسن منهنجي رٿ گهڻي پسند ڪئي ۽ جنهن انجنيئر نقشو تيار
ڪيو هو تنهنجي ائڊريس مون کان ورتائين جو چيائين
ته کيس به بنگلو ٺهرائڻو آهي ۽ انهي ساڳئي انجنيئر
کان انهي جو نقشو ڪڍائيندو جو هو قابل انجنيئر ٿي
ڏٺو. مون هن کي انجنيئر جو نالو نشان ڏنو پوءِ
اسين دنيا سازيءَ جي ڳالهين ۾ وڃي پياسون.
علاج ڪندي هاڻ ڪي مهينا گذري رهيا هئا ۽ مٿي جي سور جو ته ڪڏهن
ذڪر به ڪونه نڪرندو هو، پر مالش اڃا روز ٿيندي
رهندي هئي ۽ انهيءَ ۾ نه هن ڪڏهن حيل حجت ڪئي نه
مون. انهيءَ وچ ۾ مون کي ڪن ڊاڪٽري اوزارن خريد
ڪرڻ جي ضرورت پئي. مون گهڻن ئي ڪارخانن جو فهرستون
پي جانچيون ته ڪهڙو ڪارخانو سستو پوندو، ۽ جدا جدا
اوزارن تي نشان پي ڪيم، پر پئسي جي تنگيءَ ڪري
اوزارن گهرائڻ جو اڃا ست ساري نٿي سگهيس. هڪڙي
ڏينهن بيڪاريءَ مهل مون وري انهيءَ فهرست جا پنا
پي اٿلايا ته مٿان مسٽر محسن اچي سهيڙيو. اهو به
مون سان گڏجي فهرست ڏسڻ لڳو. مون هن کي مختلف
اوزارن جا اصول ۽ انهن جو ستعمال پي ٻڌايو. جڏهن
وڌيڪ ڳالهه نڪتي تڏهن نيٺ مون کي ٻڌائڻو پيو ته
پئسن جي تنگيءَ ڪري ايترو خرچ ڪري نٿي سگهيس. تنهن
تي چوڻ لڳو، ”ته مون کان نه کڻي قرض وٺو؟ في مان
ڪاٽيندا رهجو.“
مون هيڏي غور سان ڏٺو ۽ مون کان کل ڇٽي وئي. مون چيو، مسٽر
محسن، اوهان جي في نه ٿي هڪڙي مصيبت ٿي. اڳي ئي
اوهان جي ڪا ٿوري عنايت ٿيل آهي. شڪرانا، هزار
شڪرانا!
مون کي وڌيڪ قرض کڻن جي ضرورت
ڪانهي. خدا ٿو ڄاڻي ته الاجي ڪيئن ڪيئن ڪيو آءٌ
اوهان جو اڳيون قرض پئي لاهيان.“
پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري هليو ويو.
پر، سائين ڪي پنڌرهن ڏينهن مس گذريا ته محسن صاحب جو ماڻهو
منهنجي غير حاضريءَ ۾ هڪڙو پارسل کڻي آيو ۽ منهنجي
ڪمپائونڊر کان پارسل کولائي، سڀ اوزارن جون پيتيون
ڪڍي ڪٻٽن ۾ ٺاهي جوڙي رکڻ لڳو. آءٌ جا آيس ته
وائڙي ٿي بيهي رهيس. جڏهن حقيقت کان واقف ٿيس تڏهن
ڪاوڙ آيم. هڪڙو خط لکيومانس، جنهن جو مضمون شايد
سخت هو. مون انهيءَ ۾ مسٽر محسن کي کولي لکيو ته
هي آءٌ هرگز قبول ڪري نٿي سگهان، ۽ سڀ شيون وري
کوکي ۾ بند ڪرائي موٽائي موڪليم. ٻئي ڏينهن پاڻ
آيو ته اوزارن جي هڪڙي ننڍڙي پيتي ڪڇ هيٺ لڪائي
کڻي آيو. پنهنجي گستاخي ۽ غلطي مڃي مون کان معافي
گهريائين ۽ چيائين، ”ٻيو ته سڀ موٽايو هاڻ هيءَ
هڪڙي پيتي ته قرض طور رکو.“ مون هن کي خوش ڪرڻ
لاءِ اها پيتي وٺي رکي جنهن جو ملهه ٽيهه رپيا کن
هو. انهيءَ ريت هڪڙي هڪڙي پيتي ڪري مهيني اندر
مسٽر محسن ساڍي ٽي هزارين جا اوزار مون کي پهچائي
ڏنا.
انهي واقعي کي پنج مهينا گذري ويا هئا ته به اڃا مسٽر محسن زير
علاج هو. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته بيماريءَ جو ذڪر
نه ڪڏهن هو ڪندو هو نه آءُ. نه هو چوندو هو ته آءٌ
هاڻ چڱو ڀلو آهيان ۽ نه آءٌ چوندي هيس ته تون هاڻ
چڱو ڀلو آهين ۽ وڌيڪ علاج جي ضرورت ڪانهي. کائڻ جي
دوا هن البت ڇڏي ڏني هئي. بس هن جو علاج هاڻ اهو
هو. اچڻ ساڻ اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ليٽي پوندو هو ۽
آءٌ اچڻ ساڻ مالش شروع ڪندي هيس. هاڻ مون وقت به
بدلائي ڇڏيو هو، ۽ مالش کانپوءِ اسين اڪثر گهمڻ
نڪري وينداهئاسين. آءٌ دل ۾ خيال ڪندي هيس ته ڪهڙو
نه رلڻو ملڻو ۽ سڌو سادو انسان آهي! هن ۾ ڪو عيب ڪونهي، سواءِ انهي جي جو پنهنجي ڏاڙهي وڃي
وڌائيندو. مالش ڪرڻ مهل مون کي هيءَ ڏاڙهي ڏاڍي
تڪليف ڏيندي هئي. هڪڙو ٻه ڀيرا نموني سان مون هن
کي اهڙو اشارو به ڏنو هو، پر شايد هن کي ڏاڙهي
ضرورت کان وڌيڪ پسند هئي. هن لاءِ هڪڙي مشغولي به
هئي جو سڄو ڏينهن ڏاڙهي پيو کنهندو ۽ کوٽيندو هو.
جيئن مون عرض ٿي ڪيو ته اوزارن واري واقعي کان پنج مهينا پوءِ
مون کي هڪڙي عجيب مصيبت پيش آئي. جنهن گهر ۾ آءٌ
رهندي هيس، اهو گهر وڪامڻ لڳو. ساڍي ستين هزارين
ڄڻ ڪوڏين جي ملهه ٿي وڪاڻو. پر مون کي اميد هئي ته
جي ڪوشش ڪجي ته ستن هزارن ۾ به ملي پوي. دير تائين
پي خيال ڪيم. خدا ڄاڻي ته منهنجو خيال ڪيڏانهن وڃي
نڪتو. خيال آيم ته اهڙو ٺاهوڪو سودو پيو ٿئي سو
ڇونه مسٽر محسن کي چوان ته کڻي جاءِ خريدي. هن جو
به فائدو ٿي پوندو، جو قيمتي ۽ وجهائتي جاءِ سستي
۾ ملي ويندس. پوءِ انهيءِ جي ضرورت هجيس يا نه
هجيس. وري به هن پير مرد جو گفتو ياد آيم ته ”مسٽر
اوهين پنهنجي ضرورت کي ڏسندئو يا پنهنجي نفع کي.“
تنهن ڪري جڏهن شام جو مسٽر محسن آيو تڏهن مون هن
سان اها ڳالهه چوري. چيم، ”گهر اهڙو سستو ٿو وڪامي
جو مون وٽ پئسا هجن ها ته آءٌ يڪدم وٺي ڇڏيان ها.“
چيائين، ”پئسا کڻي مون کان قرض وٺو.“
مون کلي چيو، ”گهڻي مهرباني. پر چرچو چڏيو.“
”چرچو اصل ڪونه ڪريان،“ هن ڏاڍي سنجيدگيءَ سان ڏاڙهي کنهندي
چيو، ”في مان ڪٽيو ويندو.“
مون کان کل ڇٽي وئي ۽ چيم، ”في نه ٿي ڪا چٽي ٿي. سڄي دنيا جو
قرض پيو انهيءَ في ۾ اڳاڙجي.“
چيائين، ”هاڻ سيارو به پيو اچي، مون کي تپ، ليس، ٿڌ، کنگهه به
ضرور ٿيندا. انهن جي به ته في ٿيندي نه؟“
آءٌ هيڪاري وڌيڪ کلڻ لڳيس ۽ چرچي طور چيم، ”مون کي ڊپ آهي ته
اوهان جي مٿي جي سور جو سبب اصل ئي ڪو ٻيو آهي ۽
انهي جو علاج به شايد ٻيو آهي.“
ته ڏاڙهي کنهندي ڏاڍيءَ اٻوجهائيءَ سان چيائين، ”ته ڀلا اهو
علاج ڪڏهن ڪندينءَ؟“
مون چيو اوهين اجايون ڳالهيون پيا ڪريو. موقعو نڪري ويندو ۽ وري
اهڙو گهر ڪونه ملندو.“
چيائين، ”جي اوهان جي صلاح آهي ته کڻي وٺندس. اوهين سودو پڪو
ڪري ڇڏيو، بلڪ خريد ڪري ڇڏيو. سڀاڻي آءٌ وڪرو
رجسٽر ڪرائي ڇڏيندس. اڄ ئي وڃي پنهنجي عام مختيار
کي چئي ٿو ڇڏيان.
(5)
جاءِ جو سودو ستن هزارين ۾ تمام تڪليف سان ڪرائي ڇڏيو. پئسا به
مالڪن کي پهچي ويا. پر پنجين ڏينهن جڏهن رجسٽر جا
ڪاغذ مون کي پهتا تڏهن آءُ وري به وائڙي ٿي ويس،
جو، اعتبار ڪريو، ته جاءِ منهنجي نالي رجسٽر ٿيل
هئي، ڄڻ خريد ئي مون ڪئي آهي. آءٌ ويچار ۾ پئجي
ويس. خيال ڪيم ته ڪٿي هي ميان مون تي عاشق ته ڪونه
ٿي پيو آهي... ڪٿي ائين ته نه آهي ته مون سان شادي
ڪرڻ جي اميد ٿو رکي... پهرين ته سمجهيم ته ضرور
ائي ئي هوندو. ۽ جي ائين آهي ته ڳالهه ڏاڍي ڳوري
ٿي پوندي. محسن هڪڙو چڱو اشراف، معزز دوستي ڪرڻ جي
لائق انسان هو، پر انهي کان وڌيڪ صحبت... شادي...
نه نه، مون کان اهو پير ڀريو ڪونه ٿيندو. آءٌ
ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس. پر ٿوري دير کان پوءِ اهو خيال
لهي ويم. خيال ڪيم ته جي هن کي اهڙو خيال هجي ها
ته ضرور هن کان اڳي هن جي هلت چلت، هن جي اٿ ويهه
۾ هن ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ظاهر ٿي وڃي ها. اسين هڪ
ٻئي سان ايترو گهائل مائل ٿي ويا هئاسون، هڪ ٻئي
سان ايترو آزاد هئاسون جو جيڪر هن کي ڪو اهڙو خيال
دل ۾ هجي ها ته هن کي لڪائڻ محال ٿي پوي ها. جڏهن
خيال ڪري انهيءَ راءِ تي اچي بيٺيس تڏهن مسٽر محسن
ڏي چٺي لکيم، جنهن ۾ صاف صاف لکيومانس ته جاءِ جو
کاتو بدلائي وٺو. هن زباني جواب ڏياري موڪليو ته
شام جو گڌباسون ۽ ڳالهيون ڪنداسون.
شام جو هو آيو ته پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهيس. جيڪي آيم سو چئي
ڏنم. پر هن سڄو وقت پي پنهنجي ڏاڙهي کنهي ۽ کوٽي.
جڏهن نيٺ جواب ڏنائين تڏهن تمام مختصر. چي، ”توهان
پاڻ ته چيو هو نه.“
مون ڪاوڙجي چيو، ”ته ڇا؟ مون ائين چيو هو ته منهنجي نالي
خريدجو؟“
”مون ته اها صلاح بهتر سمجهي.“
”نيٺ توهان صلاح ڇو بهتر سمجهي؟“ مون وري شوخيءَ سان پڇيو،
”مسٽر محسن انهيءَ جي معنيٰ اها آهي ته اوهين مون
سان سڀ تعلق ٽوڙڻ ٿا گهرو؟“
”يا الاهي!“
هن گرم ٿي چيو، ”نيٺ ڳالهه ڪهڙي اچي منجهي آهي جو
اوهين ايترو فساد پيا ڪريو. توهان کي اهو ڊپ آهي
ڇا ته اوهين منهنجا پئسا کائي ويندئو؟ يا توهان جو
اهو ارادو آهي ڇا ته ٿورن ورهين کان پوءِ چئو ته
هي گهر محسن جو ڪونهي، منهنجو آهي؟ هرگز نه. ته
باقي جهڳڙو ڇا تي لڳائي ويٺا آهيو. مون کي ته هيءَ
جاءِ کتي ئي نٿي. گهر توهان کي پسند هو. ۽ هاڻي
گهر حاضر آهي. جڏهن وڻيو تڏهن پئسا ڏئي ڇڏجو. ٻي
وري ڳالهه ڪهڙي. دستاويز به ڀل اوهان وٽ پيا هجن،
يا ڀلا مون کي ڏيو، نه ته ڀلا هي ڪاغذ ۽ قلم کڻو ۽
جئن لکايانو تيئن لکو.“
مون ڪاغذ ۽ قلم کنيو ۽ پڇيم، ”ڇا لکان؟“
چيائين، ”لکو، هي جاءِ جا منهنجي نالي خريد ڪئي وئي آهي، جا
فلاڻي فلاڻي شخص کان خريدي وئي آهي، سا حقيقت ڪري
مون خريد ڪانه ڪئي آهي، پر مسٽر محسن ڪئي آهي.
جاءِ ملڪيت انهيءَ جي آهي. منهنجو نالو رجسٽر ۾
فقط ايتري ڪري داخل ڪرايو ويو آهي جو جاءِ مون کي
پسند آهي ۽ جي، ڪڏهن به مون وٽ ايترا پئسا ٿيا ته
انهيءَ قيمت تي آءٌ مسٽر محسن کان جاءِ خريد
ڪنديس.“
ايترو لکائي چيائين، ”بس، صحيح ڪريو.“ انهي کي پاڻ به تصديق ڪري
ڪاغذ ويڙهي کڻي کيسي ۾ وڌائين، ۽ چيائين، ”بس هاڻ
ته خوش ٿيئو؟“
مون چيو، ”ها، هاڻ ٺيڪ آهي، پر تڏهن به...“
ڳالهه ڪپيندي چيائين، ”هاڻ وري تڏهن به جڏهن به ڇڏي ڏيو، ليکو
صفا ٿي ويو، دستاويز پاڻ وٽ رکو يا مون کي ڏيو...
بلڪ پاڻ وٽ رکو، مون وٽ اوهان جي قبوليت آهي سائي
بس آهي.“
تنهن تي آءٌ به راضي ٿي ويس ته مون کي سمجهائڻ لڳو ته توهين
تعليم يافته، عقلمند ٿي اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريون
تنهن تي مون کي عجب ٿو لڳي. توهان کي جاءِ وڻي ٿي
۽ وجهائتي جاءِ ملي پي، ته پوءِ منهنجي نالي خريد
ڪرڻ فضول هو. ملڪيت منهنجي آهي اڳتي اوهين مسواڙ
مون کي ڏيندا رهجو... بلڪ في ۾ ڪاٽيندا وڃجو.“ ۽
وري چوڻ لڳو ته هاڻ جو هيءَ جاءِ منهنجي آهي ته
انهيءَ ۾ آءٌ مرمت ۽ ڦير گهير ڇو نه ڪرايان. پاڻ
جي اوهان جي مرضيءَ موجب مرمت ۽ ڦير گهير ٿئي ته
تمام بهتر.“ مون چيو، ”اها تمام سهڻي صلاح آهي.
جاءِ جا اڳئين مالڪ اصل مرمت نٿي ڪرائي، ڏاڍو
ستائيندو هو. فرش جتان ڪٿان نڪتو پيو آهي، ڀتين
تان چاپوڙا پيا لهن.“
نتيجو اهو ٿيو جو ٻئي ئي ڏينهن کان وٺي مرمت ۽ ڦير گهير جو
سلسلو جاري ٿي ويو. گهر ۾ عمدا ۽ قيمتي شيشا ۽
آرسيون لڳي ويون. غسل خاني وغيره ۾ چينيءَ جو فرش
وڇائجي ويو، وڏا وڏا چينيءَ جا حوض نلن ۽ ڦوهارن
سوڌا پئجي ويا، ڀتين تي تيل جو روغن چڙهي ويو. خرچ
ته گهڻو پي ٿيو، پر ڪنهن ٻئي جي گهر ۾ منهنجي دست
اندازي ڪرڻ جو واسطو ڪهڙو. پوءِ ڏهه رپيا مسواڙ
وڌائڻ تي مسٽر محسن اهو به مون کي قبول ڪرايو ته
منهنجي گهر جو جيڪو به سامان هو سو سڀ وڪڻي نئون
سامان وجهائي، جو چيائين، ”نئين جاءِ ۾ جهونو
سامان ٺهيئي نٿو.“ مون به اها ڳالهه قبول ڪئي ۽
خيال ڪيم ته منهنجي سامان جي وڪري مان محسن صاحب
کي ڪجهه پئسا يڪمشتا پڄي ويندا. سڄي گهر لاءِ نئون
۽ عمدو سامان اچي ويو. هر قسم جون ميزون، ڪرسيون،
الماريون، ڪٻٽ، گلم، غاليچا: مطلب ته ٻهاريءَ کان
وٺي پلنگ تائين سڀ شيءِ نئين اچي وئي. خرچ تمام
گهڻو ٿي ويو هو پر انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي منهنجو گهر
هاڻ ڏسڻ وٽان هو.
هت آءٌ ايترو ضرور چوڻ ٿي گهران ته انهي زماني ۾ عام خاص ماڻهو
منهنجي ۽ محسن جي نالي الاجي ڇا ڇا پيا بڪندا هئا.
پر مون کي انهن ڳالهين جي ذري به پرواهه ڪانه هئي
۽ نه هن کي. ۽، حقيقت ڪري اهڙين ناجائز ۽ واهيات
ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بلڪل بيوقوفي آهي.
(6)
هڪڙي ڏينهن جو ذڪر آهي ته ڪنهن مريضن کي ڏسڻ لاءِ مونکي بندرروڊ
تان لنگهڻو پيو. واٽ تي اها زمين ٿي آئي جنهن تي
مون اسپتال اڏائڻ جو ارادو ڪيو هو. اتفاق سان ڇونه
منهنجي انهي زمين تي نظر پوي!
شام جا اٽڪل چار کن لڳا هئا ۽ انهي پاسي منهنجو
اچڻ گهڻن ڏينهن کان ڪونه ٿيو هو. آءٌ وائڙي ٿي
ويس. ڏسان ته سوين مزور لڳا پيا آهن ۽ هڪڙي
عاليشان عمارت، نه، بلڪ عمارتن جو سلسلو موجود آهي
۽ پوري ٿيڻ تي آهي. منهنجي دل کي ايترو صدمو پهتو
ڄڻ سچ پچ ڪو منهنجي زمين مون کان ڦري ويو هجي. مون
ساڻ جيڪوماڻهو هو انهي کان پڇيم ته هي عمارتون ڪير
پيو ٺهرائي ته هن جواب ڏنو ته شايد ڪا سرڪاري
اسپتال پئي ٺهي. آءٌ چڱي طرح ڏسي به ڪين سگهيس.
موٽي گهر آيس ته منهنجي طبيعت تي مايوسي بلڪل گهڻي چڙهي وئي.
ٿڌو ساهه ڀريم ته، افسوس هي سڀ پئسن جي راند آهي.
مون جاءِ اهڙي تاڙي هئي جا اسپتال جي بلڪل لائق
هئي پر مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هيءَ
اسپتال ڪهڙي آهي، جنهن جو ذڪر نه ڪنهن اخبار ۾ نه
ڪنهن جي واتان ڪڏهن ٻڌڻ ۾ آيو.
آءٌ اڃا انهي فڪر ۾ غلطان هيس ته مٿان مسٽر محسن آيو. آءٌ مالش
لاءِ اٿيس ته منهنجي فڪرمند شڪل ڏسي مون کان حال
احوال پڇيائين. پهرين ته خيال ڪيم ته ڳالهه ٽاري
ڇڏيان پر نيٺ چيومانس. چوڻ لڳو، ”اوهين به عجيب
انسان آهيو. اها به ڪا فڪر ڪرڻ جي ڳالهه آهي. رستو
اوهان کي آءٌ ٿو ڏسيان، پوءِ ڪريو نه ڪريو مرضي
اوهان جي.“ مون پڇيو، ”اهو رستو ڪهڙو؟؟“ ته
چيائين، ”مون کان قرض کڻي اها اسپتال خريد ڪريو.
في مان ڪاٽيندا رهجو.“
مون کي امالڪ کل اچي وئي ۽ چيم، تمام چڱو!
اوهين سرڪار سان لکپڙهه ڪري اها اسپتال مون کي
وٺائي ڏيو ۽ آءٌ فين ۾ اوهان جو قرض ادا ڪري
ڇڏينديس.“
چيائين، ”سچ چئو!
سچي پچي ڏياري ڏيانو؟“
مون مرڪي جواب ڏنو، ”ته ٻيو ڇا؟ لکو، هينئر ئي لکو.“ مون کي دل
سان ئي نٿي لڳو ته سرڪار ايتري تڪليف ۽ خرچ ڪري
پوءِ ٺهيل اسپتال ڪنهن کي به وڪڻي ڏيندي.
”۽ جي تون ڦري وڃين ته؟“
مون چيو، ”مون کان انجام نامو لکائي وٺو...“
”ها، انجام نامو ۽ قسم نامو... لکو، هڪڙو انجام ڪريو ۽ هڪڙو قسم
کڻو ته آءٌ اها اسپتال اوهان کي سڀاڻڪي سج ۾ وٺي
ڏيان.“ کلي چيائين، ”اچي وٺو مس قلم“.
مون به هن چرچي جو توڙ نڀايو. هو چوندو ويو ۽ آءٌ لکندي ويس.
مون انجام ڪيو ۽ پنهنجي عزت ۽ حرمت جو قسم کڻي
لکيو ته مسٽر محسن مون کي اسپتال قرض کڻائي ڏيندو
ته آءٌ خوشي سان وٺنديس ۽ انهي جو ملهه پنهنجي في
مان ڪاٽي ڪاٽي ڀري ڇڏينديس ۽ انهي ۾ ڪنهن به قسم
جو انڪار ڪونه ڪنديس.
اهو لکي، مسٽر محسن ڏي ڏسي آءٌ زور زور سان کلڻ لڳيس. ”معاف
ڪجو، مسٽر محسن“ مون چيو، ”پر اڄ اوهان جي قرض ۽
في، جي چرچي تي مون کي ايتري کل پئي اچي جو آءٌ
پاڻ کي روڪي نٿي سگهان. بهتر ته ائين ٿئي ته اوهين
مون کي هڪڙو پرڳڻي جو پرڳڻو قرض طور خريد ڪري ڏيو
جنهن جي قيمت آءٌ فين ۾ پاڙيندي وڃان. مون به هاڻ
پڪو ارادو ڪيو آهي ته آءٌ انڪار ڪونه ڪنديس.“
”انڪار ڪري به ڪيئن ٿا سگهو،“ هن چيو، ”مون وٽ اوهان جو انجام
نامو آهي.“
آءٌ جلدي جلدي بيگر جي مالش ٽارڻ لڳيس ۽ چيم، ”هلو ته اڄ انهي
پاسي گهمڻ هلون، ڏسون ته ڪهڙي اسپتال پئي ٺهي. پر
محسن صاحب کي ڪنهن ٻئي پاسي ڪم هو ۽ پهرين هن ٽارڻ
جي ڪئي، پر نيٺ منهنجي زور ڪرڻ تي راضي ٿيو.
(7)
اسين ٻئي اتي وڃي پهتاسين. هڪڙي ئي نظر ۾ مون کي شڪ پئجي ويو.
ڇا؟ ٻه بنگلا؟ هاڻ آءٌ جنهن عمارت ۾ بيٺي هيس اها
بلڪل منهنجي اسپتال جي نقشي جهڙي هئي. مون پڇيو،
”مسٽر محسن هي ڇا معاملو آهي؟“ شام جو وقت هو ۽
ٻيو ڪوئي ڪونه هو. ڪمي سڀ هليا ويا هئا. وري جو
اسپتال جو ڪوٺيون ڏٺم ته اصل هڪي ٻڪي ٿي بيهي
رهيس. مسٽر محسن پڇيو، ”ڇو؟ هاڻ وري ڪهڙي فڪر ۾
پئجي ويا آهيو؟“
مون چيو، ”هي ڪهڙو اسرار آهي جو آپريشن ٿيئٽر، گئلريون،
ڊسپينسنگ روم ۽ ٻيون سڀ جايون منهنجي نقشي مطابق
آهن؟“
چيائين، ”ته انهي ۾ ڪهڙو عجب آهي. توهان ڪمپنيءَ کان پنهنجو
نقشو رجسٽر ته ڪونه ڪرايو هو. اسپتالون اڪثر هڪڙي
ئي نموني جون ٿينديون آهن. جنهن انجنيئر کان اوهان
نقشو ٺهرايون هو انهي ئي انجنيئر کڻي هن اسپتال جو
نقشو ٺاهيو هوندو.“
مون چيو، ”پر منهنجي دل ته ويهندي پئي وڃي. آءٌ ته صدمي کان
ٻڏيو پئي وڃان ته هاءِ!
منهنجي خواهش جو ڪيئن خون پيو ٿئي. منهنجي...“
هن ڳالهه ڪپيندي چيو، ”توهين به عجيب انسان آهيو. نيٺ به هيءَ
اسپتال اوهين قرض پيا کڻو نه؟ توهان کي ته پاڻ
خوشي ٿيڻ کپي ته اوهان جي ئي نقشي مطابق ٺهيل جڙيل
اسپتال ٿي مليو. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو اوهان کي ڇا
کپي؟“
مون ڏاڍي غور سان مسٽر محسن ڏي ڏٺو. اهڙي سنجيدگيءَ سان چرچو
ڪرڻ شايد هن جي رت ۾ هو. مون گهرائيءَ سان چيو،
”ڀلا ماڻهو!
منهنجو خواب خيال ٿي رهجيو پيو وڃي ۽ توکي پنهنجي
چرچي جي لڳي آهي. چڱو ڀلا، اها اسپتال قرض ڏيوم.
آءٌ ته مريو پئي وڃان!“
هن خوشيءَ سان جواب ڏنو، ”ڀلا وٺو نه. توهان کي جهلي ڪير ٿو؟ بس
وٺو!
هيءَ اسپتال پنهنجي ڪري سمجهو. قرض ته قرض ئي سهي.
سڀاڻي جو سڀاڻي سمجهو ته اسپتال اوهان جي آهي.“
”اجايون ڳالهيون ڪرڻ مان اوهان کي الاجي ڪهڙو مزو ٿو اچي،“ مون
چيو، ”منهنجو هيانءُ پيو ڦاٽي ۽ آءٌ هتي هڪڙو منٽ
به وڌيڪ ڪونه ترسينديس.“
ائين چئي آءٌ ٻاهر هلي آيس ۽ مسٽر محسن به کلندو منهنجي پٺيان
آيو. گهڻو ئي چيائين ته آيا آهيون ته اڳو پوءِ چڱي
طرح جاءِ ڏسي وڃون، پر وڌيڪ مون کان سٺو ڪونه ٿيو.
اسين ٻئي گهر آياسون. مسٽر محسن ڳالهيون ڪري ٿوري دير کان پوءِ
هليو ويو. ٻئي ڏينهن آيو ته چيائين، ”دل نه لوڙيو،
اسپتال سگهو ئي اوهان کي ملي ويندي.“ مون چيو،
”ٺهيو مهرباني ڪري هاڻ اهو چرچو بند ڪريو.“ جنهن
تي وري هن اسپتال جو نالو به ڪونه ورتو. ٿورن
ڏينهن ۾ مون کي به اها ڳالهه وسري وئي، ۽ ٿوري
عرصي کانپوءِ اهو خيال ئي دل تان لهي ويم.
انهيءَ ڳالهه کي به ڪي مهينا گذري ويا هئا، پر مسٽر محسن اڃا
زير علاج هو. هميشه ساڳيءَ مهل تي ايندو هو. هڪڙي
ڏينهن هڪڙي نئين موٽر اچي در تي بيٺي ۽ انهيءَ مان
مسٽر محسن لٿو. ڏاڍي خوشيءَ سان مون کي چيائين،
”ڏسو، نئين موٽر ورتي اٿم.“ آءٌ موٽر ڏسڻ آيس،
بلڪل نئين موٽر هئي ۽ تمام سهڻي هئي. چوڻ لڳو،
”مون اڄ اها موٽر ساڍي پنجين هزارين ورتي آهي.“
آءٌ جا موٽر جي ساراه ڪرڻ لڳيس ته مرڪي مون کي چوڻ
لڳو، ”وڻيو ٿي ته ڀل اوهين کڻي رکو.. قرض... في ۾
چڪائي ڏجو... اها به...“
مون به کلي جواب ڏنو، ”ها، ضرور!
پر جيسين هن تي چڙهي سير نه ڪجي تيسين ڪيئن چئي
سگهجي ته قرض وٺڻ جي لائق آهي يا نه.“ چيائين،
”تڏهن ته آندي اٿم. اچو، چڙهو ته گهمي اچون.“ مون
چيو، تمام بهتر ۽ تمام جلدي اندر وڃي ڪپڙا مٽايم.
پوءِ اسين ٻئي گڏجي موٽر ۾ چڙهي ويٺاسين، ۽ موٽر
واري اسان کي پڇڻ بنا ته ڪيڏانهن وڃان، موٽر ڇوٽ
کڻي ڇڏي.
موٽر پوري رفتار سان بندرروڊ ڏي منهن ڏيو پي آئي ۽ سڌو اچي نئين
اسپتال وٽ پهتي. مون پنهنجو خواب اتي مڪمل صورت ۾
ڏٺو. مسٽر محسن موٽر واري کي اشارو ڏنو ۽ هو موٽر
ڦاٽڪ مان اندر ڪاهي ويو. مسٽر محسن چيو، ”ڀلا هيءَ
اسپتال وري به هڪڙو ڀيرو ڏسي ته ڇڏيو.“ آءٌ لٿيس ۽
هن ڀيري سڄي اسپتال ڏاڍي غور سان ڏٺم. ڪوٺي ڪوٺي
ڪري جاچيم. سڀ ڪم تيار هو ۽ قلعيءَ وانگر پي چلڪي.
مون محسن صاحب کي چيو، ”هي ڳالهه ڇا آهي جو اڃا هن
اسپتال جو ذڪر ڪنهن اخبار ۾ به ڪونه پيو آهي. ڪنهن
جي آهي... ڪڏهن ٿي کلي...“ هن ته وري جواب ئي
اونڌو ڏنو. چي، ”مون ڳالهه ڪري ڇڏي آهي...“ ايتري
۾ سامهون هڪڙو چوڪيدار آيو جنهن ڏاڍي تهذيب سان
نوڙي اسان کي سلام ڪيو. مون انهي کان پڇيو، ”ته
ڪنهن جو نوڪر آهين؟“
انهيءَ جي جواب ۾ چوڪيدار چيو، ”حضور اوهان جو ئي ملازم آهيان.“
هن چوڪيدار جي تميز مون کي پسند آئي ۽ پڇيومانس، ”ها، پر تون
نوڪر ڪنهن جو آهين ۽ هيءَ اسپتال ڪنهن جي آهي؟
چوڪيدار وري به ساڳي عزت سان نوڙي جواب ڏنو، ”حضور آءٌ اوهان جو
ئي نمڪ خوار آهيان ۽ هي سڀ اوهان جي ملڪيت آهي.“
”بدتميز!“
مون يڪدم گرم ٿي چيو، ”گستاخ!
تون مون سان چرچا ٿو ڪرين؟ مون توکان پڇيو ته تون
نوڪر ڪنهن جو آهين ۽ هيءَ اسپتال ڪنهن جي آهي؟“
”چوڪيدار گهٻرائجي ويو ۽ هٿ ٻڌي مسٽر محسن ڏي اشارو ڪري چيائين،
”حضور!
منهنجو ڌڻي اوهان جي پاسي ۾ بيٺو آهي. اسپتال جو
مالڪ به پاڻ آهي. اسپتال به انهيءَ جي آهي ۽ آءٌ
به انهي جو آهيان... حضور!
آءٌ ته اوهان سڀني جو ادنيٰ ٻانهو آهيان...“
مون مسٽر محسن ڏي ڏٺو ۽ هن سامهون وڻ ڏي. يڪدم ڄڻ کنوڻ جي تجلي
وانگر سڄي حقيقت منهنجي اڳيان گذري وئي. آءٌ ماٺ ۾
اچي ويس. ڏاڍي مصيبت سان مون مسٽر محسن کان انهيءَ
ڳالهه جي تصديق ڪرائي. نظر هيٺ ڪري مون مسٽر محسن
کي چيو، ”اوهان مون کان بنگلو ٺهرائڻ لاءِ انجنيئر
جي ائڊريس گهري هئي... سو شايد هن بنگلي ٺهرائڻ
لاءِ...“
”اوهين قرض کڻي وٺو،“ مسٽر محسن پنهنجي ڏاڙهي کنهيندي چيو، ”في
۾ ادا ٿيندو رهندو...“
”مسٽر محسن،“ مون تمام شوخيءَ سان چيو، ”انهي مان اوهان جو ڪهڙو
مطلب ٿو حاصل ٿئي... اوهان مون کي ذليل ڪرڻ جو
اردو ڪيو آهي ڇا؟... نيٺ اوهان هيءَ اسپتال ڇو
ٺهرائي... هن تي ڪيترو خرچ ٿيو؟...“
”ٻائيتاليهه هزار، پٽ کانسواءِ. پٽ اڳي ئي منهنجو هو.“ مسٽر
محسن جواب ڏنو. ”ٻائيتاليهه هزار!“
مون وائڙي ٿي چيو، ”پر... آءٌ... آءٌ ته هي بلڪل
ڪانه وٺنديس.“
”نه، نه!
اوهين قرض کڻي وٺجو... في ۾ اوهين ته انجام ڪري
چڪا آهيو... اوهان جو اهو انجام نامو... اهو اوهان
جي عزت ۽ حرمت جو قسم.... شايد اوهان کي ڳالهه
وسري...“
آءُ اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي قابوءَ مان نڪري ويس. سڌو ڀڄندي اچي
موٽر کي پهتيس. مسٽر محسن به اچي موٽر ۾ ويٺو. مون
پنهنجو منهن ٻئي پاسي موڙي ڇڏيو. موٽر به رواني
ٿي. ”قرض کڻي وٺو، پوءِ في پيا ادا ڪجو،“ مسٽر
محسن چيو، پر مون جواب ڪونه ڏنو. موٽر منهنجي گهر
جي اڳيان اچي بيٺي ۽ آءٌ ٽپ ڏئي لهي پيس. ايتري
لاءِ به ڪين ترسيس ته مسٽر محسن لهي منهنجي لاءِ
موٽر جو در کولي. سڌو اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺيس. خدا
ٿو ڄاڻي ته منهنجي دل جو ڪهڙو حال هو. صوفي جي ڪنڊ
تي منهن رکي ويهي رهيس. مون پاڻ کي گهڻو ئي روڪيو
پر مون کان روئڻ جهليو ڪين ٿيو ۽ اچي روئڻ ۾
ڇٽڪيس. پيرن جو کڙڪو ٻڌم. ڏٺم ته مسٽر محسن اندر
گهڙيو ۽ سامهون اچي ويهي رهيو ۽ مون کي ڏاڍي غور
سان ڏسڻ لڳو. مون همت ڪري مسٽر محسن ڏي ڏسي چيو،
”اوهان ته مون سان ظلم ڪري ڇڏيو. اوهان اسپتال ڇو
ٺهرائي...“
هن جواب ڏنو، ”مس صاحبه، پٽ منهنجو هو ۽ منهنجي خيال موجب
هرڪنهن کي اختيار آهي ته پنهنجي زمين تي وڻيس ته
اسپتال ٺهرائي، وڻيس ته پاڳل خانو ٺهرائي. پر مون
ته اسپتال انهيءَ خيال سان ٺهرائي ته اوهان کي قرض
ڏيندس. منڍ کان وٺي آءٌ انهيءَ خيال ئي ارادي سان
اوهان کي قرض ڏيندو پيو اچان ته منهنجي ۽ اوهان جي
وچ ۾ دشمني پيدا ٿئي... قرض مقراض محبت است...
پارسيءَ واري چيو آهي ته قرض محبت جي قينچي آهي.
جنهن ڏينهن کان وٺي مون اوهان کي هن ٻڍي فريم واري
وٽ ڏٺو انهي ڏينهن کان وٺي منهنجي من ۾ اوهان لاءِ
محبت جاڳي ۽ زور وڌندي وئي آهي ۽ آءٌ انهي ئي ڪوشش
۾ رهيو آهيان ته اها قرض جي قينچي ذرو جلدي هلي.
هاڻ آءُ وڃان ٿو. سڀاڻي سڀ دستاويز اوهان ڏي ڏياري
موڪليندس ۽ اوهين ٻائيتاليهن هزارن جي رسيد ڏياري
موڪلجو، ته مون ٻائيتاليهه هزار رپيا محسن کان قرض
کنيا، جي آءٌ في ۾ ادا ڪنديس. زمين جي قيمت اوهان
کان نٿو لکايان جو پٽ ته اونهئين بيڪار پيو هو...
هاڻ گڊ بائي، آءٌ وڃان ٿو... پر... ها... مس
صاحبه... اوهان ڪڏهن به اهو غور ڪيو آهي ته اهو
ٻڍو ڪوڙو نڪتو... بي ايمان....“
”ڪهڙو ٻڍو“ مون پڇيو.
”اهو،“ هن فريم ڏي اشارو ڪري چيو، ”هن اسان ٻنهي کي ٺڳي ڇڏيو.
ڪوڙو!
بي ايمان!
چڱو، هاڻ وڃان ٿو. خدا حافظ!“
ائين چئي مسٽر محسن گم ٿي ويو. آءٌ ڳڻتي ۾ پئجي ويس ته يا الاهي
هاڻ آءٌ ڇا ڪريان. ڏاڍي دير تائين پي خيال ڪيم...
۽ هن جو سڀ ڳالهيون ياد پيم. ڇا چيو هئائين...
انهيءَ ڏينهن کان وٺي محبت جاڳي... زور وٺندي وئي
آهي... ڪوشش ۾ رهي آهيان... يڪدم منهنجي دل ۾ هڪڙو
خيال آيو، ڪرسي ڀت کي ويجهو ڇڪي اهو سهڻو فريم ڀت
تان لاهي ورتم ۽ انهيءَ کي ميز تي رکي اندران هڪڙو
مترڪو کڻي آيس، ۽ هيئن چئي ڏاڍي زور سان هن تي
مترڪي جو ڌڪ هنيم، ”غلط!
غلط... بلڪل غلط!
قرض بنياد محبت است“، چئي ته قرض محبت جو بنياد
آهي.
هيڏانهن مون مترڪي جو ڌڪ هڻي اهي اکر چيا ۽ هوڏانهن اوچتو مسٽر
محسن وري ڊرائنگ روم ۾ گهڙيو، ۽ چيائين ”سچ سچ،
بلڪل سچ!
قرض بنياد محبت است.“
فريم واري آرسي پرزا پرزا ٿي پٽ تي پئي هئي، مترڪو اڃا منهنجي
هٿ ۾ هو ۽ مسٽر محسن منهنجي اڳيان بيٺو هو. آءُ ڄڻ
عرق عرق پي ٿيس. مٿي جو ساهه مٿي ۽ هيٺ جو ساهه
هيٺ رهجي ويو.
تنهن کان پوءِ ڇا ٿيو؟ جيترو اهو سوال پڇڻ اجايو آهي، انهيءَ
کان وڌيڪ انهيءَ جو جواب ڏيڻ اجايو آهي، سواءِ
انهيءَ جي ته بس:
”قرض بنياد محبت است“. |