اسان جي دعا
هڪڙي ڏينهن صبح جو آءٌ گهمڻ نڪتو هوس ته واٽ تي پٽ تان هڪڙو
پئسو لڌم. اهو اڃا هٿ ۾ ئي هوم ته اڳيان هڪڙو فقير
گڏيم. فقير صدا ڪئي ۽ مون به اهو پئسو کڻي هن کي
ڏنو تنهن تي فقير مون کي ۽ منهنجي پٽن پوٽن کي دعا
ڪرڻ لڳو انهيءَ تي مون کي به اچي دعا جو دل ۾ خيال
پيو ۽ پاڻ کان پڇڻ لڳس ته دعا ڇا آهي؟ دعا ڇاکي
چئجي؟ ڪهڙن نمونن جي دعا ٿي سگهي ٿي ۽ سچي دعا
ڪهڙي ۽ ڪوڙي دعا ڪهڙي؟ بلڪ منهنجي حياتيءَ ۾ دعا
ڪهڙا ڪهڙا رنگ اختيار ڪيا هئا، انهيءَ جو خيال ڪرڻ
لڳس تنهن تان منهنجي دل ٿي ته دعا بابت به ڪجهه
لکان ته چڱو.
ٻين ۾ الهجي اهو دستور آهي يا نه، پر اسان مسلمانن
۾ اهو رواج آهي ته ڪو ٻار پڙهڻ جي عمر کي رسندو
آهي ته انهيءَ کي دنيوي تعليم ڏيڻ کان اڳي ڪجهه
وقت ديني تعليم ڏيندا آهن. پهرين پهرين ٻار قرآن
شريف پڙهندو آهي ۽ شريعت جي مکيه قاعدن کان واقف
ٿيندو آهي. اهڙي ريت اسان کي به ڪجهه وقت ڪنهن
مولويءَ صاحب جي حوالي ڪيو ويو هو. مون کي چٽي
يادگيري آهي ته، روز صبح جو ڪلاڪ ڏيڍ قرآن شريف
پڙهڻ سکندا هئاسين، جنهن کانپوءِ اڌ ڪلاڪ مولوي
صاحب جي پٺيان الله کان دعا پنندا هئاسين. اگرچه
انهي زماني کي هينئر 30 يا 40 ورهيه گذري ويا آهن
هت به انهي دعا جو گهڻو ڀاڱو مون کي ياد آهي. هٿ
مٿي کڻي چوندا هئاسين، ”يا خدا! مون کي صالح
ڪجيئين، مون کي نيڪبخت ڪجيئين، مون کي علم نصيب
ڪجئين، منهنجي عمر وڏي ڪجئين، منهنجي ڪمائيءَ ۾
برڪت وجهه جئين، مون کي گناهن کان بچائجئين،
منهنجو ٻيڙو تارجئين.............“ مطلب ته ٻين جو
ٻيڙو ٻڏي وڃي ته ڀلي ٻڏي وڃي، پر منهنجو ٻيڙو
تارجئين ۽ وڌيڪ ته، ”منهنجي عاقبت موچاري ڪجئين،
مون کي بهشت نصيب ڪجئين....... ۽ وڏي ڳالهه ته،
مون کي ست حورون ڏيارجئين!“ انهن ڏينهن ۾ ته ننڍا
هئاسين ۽ اسان کي حورون جي نڪا سڪ هئي نڪو حورن جو
قدر هو پر جڏهن کان وٺي حورن جي قدر ڪرڻ جا لائق
ٿيا آهيون تڏهن کان وٺي دل ۾ اهو ئي ارمان رهيو
آهي ته مولوي صاحب اسان تي فقط ستن حورون جي عنايت
ڇو ڪئي، ڏهه، ٻارهن، پنڌرهن، ويهه حورون ڇو نه ٿي
ڏياريئين. پر، خير! تيسين مولوي صاحب پاڻ دنيا کان
لاڏاڻو ڪري حورن جي هنج ۾ پهچي رهيو هو ۽ اسان کي
کانئس پڇڻ جو ڪو وجهه نه مليو.
آخر قرآن شريف پڙهي پورو ڪيوسين. مولوي صاحب پنهنجو فرض ادا ڪري
ويندو رهيو. پر اها ٻاراڻي عادت اسان کان نه وئي.
ويندي جوانيءَ تائين روز، صبح سانجهي اڪثر جڏهن
امتحانن جا ڏينهن ويجها ايندا هئا ته خدا کي راضي
ڪرڻ لاءِ نماز جا پنج ئي وقت، هٿ مٿي ڪري دعا
گهراندا هئاسين جا اسان کي مولوي صاحب ننڍپڻ ۾
سيکاري هئي. اسان جو انهي ريت گاه بيگاهه دعا جي
ڌم لائي ڏني هئي، سو اسان جي دل ۾ خاطري هئي ته
صالح به ٿينداسين، نيڪ بخت به ٿينداسين، عمر به
وڏي ٿيندي، ڪمائيءَ ۾ به برڪت پوندي ۽ حورن جا ته
اڳ ئي مالڪ بنيا ويٺا هئاسين.
اهو اسان جي دعا جو پهريون رنگ هو.
پر اسين اڃا انهيءَ عمر کي مس رسيا هئاسين جڏهن دعا اسان جي
لاءِ ڪمائتي ٿئي ته ڪن بزرگن اسان کي ڌوتاري
ڌوتاري ٿياسافيڪل سوسائٽي جو ميمبر ڪرايو. وري اتي
جي اسان کي ٻيا بزرگ گڏيا تن ته اسان جا نشائي
ٽوڙي ڇڏيا. چيائون، ميان، هي جو تون دعا ۾، ”مون
کي ڏي، مون کي ڏي“ لڳايو ويٺو آهين، تنهن مان ڪجهه
به ڪين ورندئي. اهڙي مطلب جي دعا خدا ٻڌي ئي ڪين.
بهتر آهي ته ٻين جي حق ۾ دعا گهر، ٻين جو ڀلو گهر
ته تنهنجو ڀلو ٿئي. تون به ٻين سان گڏ ساڳئي ٻيڙي
۾ آهين، جي انهن جو ٻيڙو تريو ته انهن سان گڏ تون
به تري پوندين، جي انهن جو ٻيڙو ٻڏو ته، تون اڪيلو
ئي اڪيلو بهشت ۾ نڪو کلندو سونهندين، نه روئيندو
سونهندين. ”چي“ جي حورن جي لالچ اٿئي ته به اها
دعا گهر ته، سڀني کي ست ست حورون نصيب ٿين. پوءِ
جيڪي به ٿي. ڊزن حورن جا بچي پيا ته، سڀ تنهنجي
حوالي ٿيندا.....“ دل ۾ خيال ڪيوسين ته ٻيلي، آهن
پوڙها پر ڳالهه عقل جي ٿا ڪن. سانده پنجٽيهه ورهيه
اسان، به پي خدا کان دعا گهري آهي، پر نڪي صالح
ٿياسين، نه نيڪبخت، ڪمائيءَ ۾ برڪت به ڪانه پيئي.
نڪو ڪو خاص علم پرايوسين. جي گهلجي، گهلجي عمر
چاليهن سالن کي رسي آهي ته، اها به آزارن لاءِ.
بهشت جي ته اڃا هير به نه ٿي لڳي. باقي حورون،
ماشاءَ الله! وار اچي اڇا ٿيا آهن ۽ حورن جو وقت
به ڄاڻ آيوڪي آيو. سُوٿيءَ طور هڪڙي حُورَ هت، خدا
اسان کي هِتي گهر ويٺي پڄائي ڏني، پر نصيبن ڪاڻ
اها به هڪڙي هنڌ ويٺي آهي ۽ اسين بکئي پيٽ پٺيان،
ٻئي هنڌ پيا ٿاٻا کائون. نه ٻيلي، نه. پوڙهن سچ ٿي
چيو. دعا گهرجي ته ڪنهن عقل ۽ خيال سان جنهن ۾ خود
مطلبي به نه هجي ۽ اهڙي جنهن جي ٿوري اثر مان گهڻو
فائدو ملي.
انهي ڳالهه تان مون کي وري ٻي مزي جهڙي ڳالهه ياد ٿي اچي، جنهن
مان بيخيالي، بي عقلي ۽ مطلب جي دعا جو نتيجو ظاهر
ٿو ٿئي. جي پنج منٽ معاف ڪريو ته وچ ۾ اها ڳالهه
به ٻڌائي وٺانو.
ذڪر آهي ته هڪڙي ڏينهن سج لٿي کان پوءِ، ڪو پهتل فقير شهر ڏي پي
آيو. واٽ تي شهر جي ٻاهران ڏسي ته واريءَ جي دڙي ۾
ٽي ماڻهو ڪلهن تائين پوريا پيا آهن. رڳو سندن
سسيون پي ڏٺيون. انهن مان هڪڙو پير مرد هو، ٻي هئي
سندس ڪراڙي زال، ۽ ٽيون سندس جوان پٽ. فقير کي رحم
آيو ۽ پڇيائين، ”بابا، اوهان سان خير؟“ پير مرد
جواب ڏنو ته، ”فقير ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين. پهرين
ته اچي پوک ۾ مڪڙ پيا، جن ڪڻو به ڪونه ڇڏيو. جيڪو
ٿورو گهڻو ان کرن ۾ هو، سو به سرڪار کڻي وئي ڍل ۾.
جيڪا ڦرمار جي ٻي ڪمائي ڪئيسون، اها کڻي ويا انڪم
ٽئڪس وارا، ۽ هيڪاري جو ويو سگريٽن جو اگهه چڙهي
تنهن ته اسان جا اجهي هي حال ڪري ڇڏيا آهن. لڱن تي
پورو لٽو ڪونهي، انهي ڪري ڪجهه شرم کان ته ڪجهه
واءَ پاڻيءَ جي بچڻ کان پاڻ کي واريءَ ۾ لڪايو
ويٺا آهيون“. فقير چين، ”بابا! الله مڙئي چڱي
ڪندو. خدا کي سوال ڪريو ته اوهان جي مشڪل آسان ٿي
پوندي“. پوڙهي جواب ڏنو، ”فقير، الله کي عرض ڪري
ڪري ته اسان جي زبان ئي گسي وئي آهي، پر الله ڪنن
۾ ڪپهه وجهيو ويٺو آهي ۽ اسان جي ته ٻڌي ئي ڪانه
ٿو. فقير خيال ۾ پئجي ويو. ٿوري کان پوءِ چيائين،
”اوهين فڪر نه ڪريو. توهان جي پاران مون الله کي
عرض ڪيو آهي ۽ خدا جو چوڻ آهي ته اوهان ٽنهي جو
هڪڙو هڪڙو عرض اگهائيندو. اوهان کي جيڪي به کپي سو
خدا کان گهرو ۽ اوهين جيڪي به گهرندئو سو اوهان کي
ملندو. ائين چئي فقير ته واٽ وٺي ويندو رهيو ۽ هي
ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا. نيٺ اها صلاح قائم
بيهاريائون ته آڌي رات جو خدا کي تڪليف نٿا ڏيون.
کڻي جي اسان کي قارون جو خزانو ملي به هيڏي مهل
شهر ۾ نڪا ملندي ماني، نڪو لٽو ڪپڙو. هاڻ اڳوپوءِ
صبح جو وهنجي سهنجي خدا کي عرض ڪري شهر ۾ گهڙي
پونداسين. اها صلاح ڪري ٽنهي سمهڻ جي تياري ڪئي.
پير مرد ۽ سندس پٽ ته نيٺ مڙس ماڻهو، عقل ۽ صبر
وارا هئا. سي جهٽ ۾ سمهي پيا. ٻڍيءَ کي ننڊ ڪٿان
ٿي اچي. چوندا آهن ته زالن کي نڪو آهي صبر، نڪو
عقل ۽ جي عقل اٿن ته به ڏائي کڙي ۾. اها ڳالهه
ڪيتري قدر سچي آهي تنهنجي جوابداري آءٌ پاڻ تي نٿو
کڻان. پر، سائين جيئن ڳالهه پي ڪئيسين، مڙس ماڻهو
ته لت کوڙي سمهي پيا، پر هن ٻڍيءَ مائيءَ کي اچي
بيقراري لڳي. دل ۾ خيال ڪيائين ته صبح جو متان خدا
کي ڳالهه وسري وڃي. يا ٻين ڪمن ۾ اسان جو خيال نه
پئيس تنهن ڪري بهتر آهي ته، هينئر نويڪلو، ماٺ ڪيو
هوندو ۽ سوال ٻڌي جهٽ ۾ کڻي پورو ڪندو. نيٺ دل ۾
نه رهيس ۽ هٿ کڻي خدا کي عرض ڪيائين، ”ياخدا! حڪم
ڪر ته آءُ هڪ خوبصورت شهزادي ٿي پوان. مائيءَ جو
ايترو چوڻ ۽ اک ڇنڀ ۾ پوڙهيءَ مان هڪ حسين نوجوان
زال ٿي پيئي. مون کي خاطري نه آهي ته جوان زالن جي
عمر ڪيتري ليکبي آهي، پر ساردا ائڪٽ موجب 16 ورهين
جي عمر قائم ڪئي ويئي آهي ۽ شاعرن جو 14 ورهين جي
عمر ڏي لاڙو آهي. جيئن ڪو شاعر ٿو چوي:
دل مين الٰهي اور نه کوئي هوس رهي،
چودهن برس کي سن مين وه لاکهون برس رهي.
پر پان نڪي آهيون سرڪار نه آهيون شاعر تنهن ڪري ٻنهي جو وچ وٺي
هن حسن جي پتليءَ کي پنڌرهين جي ٿا ٺهرايون. پاڻ
کي کڻي ڏسي ته واه! ننهن کان چوٽيءَ تائين عمدن
ڪپڙن ۽ هيرن جواهرن سان ڀري پيئي آهي، ۽ شڪل جي
اهڙي سهڻي... اهڙي سهڻي جهڙو چنڊ. اڃا مائيءَ پاڻ
کي پي ڏٺو ته ايتري ۾ هڪڙو بادشاهه اچي اتهين
لنگهيو ۽ هو رڻ پٽ ۾ اهڙي حسين ڇوڪري ڏسي وائڙو ٿي
ويو. دل ۾ خيال ڪيائين ته مون کي ٻار اونهيئي
ڪونهي. ڪو سلڇڻو ڇوڪرو الهجي مليم يا نه مليم سو
هن کي ڇو نه پنهنجي ڌيءَ ڪري رکان. اهڙو خيال ظاهر
ڪيائين. مائيءَ پهرين ته دل هنئي پر جڏهن پنهنجي
پوڙهي مڙس تي نظر پيس تڏهن دل ۾ چوڻ لڳي ته ”آءٌ
اهڙي جوان، خوبصورت زال جا هاڻي شهزادي به ٿي
ٿيان. هن مئي، ڪني، ڪوجهي، ڌپ هاڻي مڙس سان ڪيئن
گذارينديس. هن کي اهو خيال ئي ڪونه آيو ته جي
شهزادي ٿي پيئي آهيان ته، هوبه هڪ نوجوان شهزادو
ٿي سگهي ٿو. ڀلا جي عقلمند هجي ته اهڙو خيال اچي!
نيٺ بادشاهه سان هلڻ لاءِ تيار ٿي. هنن جي آواز تي
پوڙهي جي به اک کلي پيئي، ۽ ڳالهين مان سمجهي
ورتائين ته ليکو ڪيئن آهي. پهرين هن سان بحث
ڪيائين پر جوڻس نه مڃيو. ڏاڍي ڪاوڙ آيس هٿ کڻي،
چڙمان خدا کي عرض ڪيائين ته، ”يا خدا! هن بيوفا رن
کي ته بدشڪل شيدياڻي بڻائي ڇڏين ته چڱو. ابا هن جو
ائين چوڻ ۽ جهٽ ۾ هوءَ حسين شهزادي ڦري هڪري ٿلهي
متاري شيدياڻي ٿي پيئي، جنهن کي ڏسي پئي ڊپ لڳو.
بادشاهه اهو اسرار ڏسي وٺي ڀڳو، پر پوءِ مائي اچي
بگڙي. مئا، ههڙا تهڙا، ڏس ته هي تو ڇا مان ڇا ڪري
ڇڏيو. ويچاري پوڙهي جون ناناڻيون ڏاڏاڻيون ستئي
پيڙهيون ڪڍي اچي اٺين پيڙهيءَ کي پهتي ته گوڙ تي
پٽ سجاڳ ٿي پيو. اکيون مهٽي کڻي ڏسي ته مار، هتي
ته ميان بيبيءَ جو جهڳڙو لڳو پيو آهي. ۽ بي بي به
وري ڪهڙي! سبحان الله! نيٺ هن کان پڇا ڳاڇا ڪري
حقيقت کان واقف ٿيو، ماءُ پيءُ تي قياس آيس ۽ خدا
کي عرض ڪيائين، ياخدا هيءَ اصل جهڙي هئي اهڙي ڪري
ڇڏينس ته به لک کٽيوسين“، پٽ جو به عرض قبول پيو ۽
وري جهڙي هئي تهڙي ٿي پئي. فقير جي ڳالهه به سچي
ٿي. هنن جي هڪڙي هڪڙي دعا به قبول پئي، پر هي وري
اهڙي جا اهڙا رهجي ويا. انهيءَ مان نصيحت هيءَ ٿي
نڪري، جيئن پاڻ ڳالهه پي ڪئي ته، دعا عقل ۽ خيال
جي هجي ۽ فقط پنهنجي مطلب جي نه هجي. جي بي عقلي،
بي خيالي ۽ مطلب جي دعا هوندي ته شايد ڪجهه فائدو
نظر اچي پر آخر ۾ نيٺ، ساڳيا گڏهه ساڳيا آٿر.
پاڻ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ڳالهه پي ڪئي. پر هاڻ وڌيڪ ڳالهه
سمجهڻ لاءَ اهو ضروري آهي ته اهو سمجهون ته
سوسائٽي خواهه ڪنهن به مذهب ۾ دعا جو اصل اصول
ڪهڙو آهي.
چون ٿا ته ڪٿ به ڪا ماڻهن جي جماعت گڏجي خدا جي بندگي ڪري ته
اهي ماڻهو ڄڻ هڪڙو روحاني ٿانو ٿا گهڙين جنهن ۾
دعا جي اثر کان خدا جي رحمت اچيو ڪٺي ٿئي، ۽ پوءِ
آهستي آهستي انهي ٿانءَ مان نڪريو اوڙي پاڙي ۾
پکڙيو پئي. جيئن کڏون کڻي مينهن جو پاڻي ڪٺو ڪبو
آهي ته اجايو ضايع نه ٿئي، تيئن جماعت جي دعا جو
خدا جي رحمت کي ڪٺو ڪرڻ جو هڪ رستو رکيل آهي. ۽
سڀني جماعتن جو اهو دستور آهي ته اول ياخدا جو
نالو يا ڪو ٻيو پاڪ لفظ آلاپي پوءِ بندگي شروع
ڪندا آهن. پوءِ اها جماعت ڪهڙي به هجي. مندر جي يا
مسجد جي يا ديول جي. ڪي الله اڪبر چون ته ڪي اوم
چون ته ڪي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪو ٻيو پاڪ لفظ يا نالو
ڪم آڻين. اهو ڄڻ خدا جو ڌيان ٿا ڇڪائين. انهيءَ
ريت اسين به ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ڪو خاص لفظ
آلاپي بندگي شروع ڪندا هئاسين.
آءٌ انهن ڏينهن جي ڳالهه ٿو ڪريان جن ڏينهن ۾ اسين سڀ ڪرياڪرمن
تي چريا هئاسين. پوءِ ته جيئن حضرت محمدﷺ لٺ کڻي
بتن کي ويو ٽوڙيندو تيئن ڪرشنا جي به هٿ ڌوئي
ڪرياڪرمن جي پٺيان پيو ۽ چيائين ته اهڙي ڪا ريت
رسم نه گهرجي جنهن جو ڪو به انسان پابند يا محتاج
رهي. انهن ڏينهن ۾ سوسائٽيءَ ۾ ٻيون شاخون به
ڪيترو زور وٺي ويون هيون جيئن ته ڀارت سماج، لبرل
ڪئٿولڪ چرچ، رائونڊ ٽيبل، ڪومئسانڪ ۽ اِي- ايس.
اهو ڏينهن جنهن جي آءٌ ۽ منهنجو هڪڙو سنگتي، موهن لعل، سياري ۾
صبح جو ٻين بجي ڏڪندا ڏڪندا وڃي هڪڙي ٻئي دوست جي
گهر پهتاسين جتي لبرل ڪئٿولڪ ٿيڻي هئي. 7 کان 8
تائين واس ڌوپ ڪري، خدا جا نالا وٺي خدا جي بندگي
ڪري، ملڪ جي لاءِ دعا گهريسين. اتهين سڀ ڀڳاسين
ٻئي هنڌ جتي ڀارت سماج جي پوڄا ٿيڻي هئي. 8 کان 9
تائين ورت ڪيوسين ۽ گهنڊڻيون پائي خدا جو ڌيان
ڇڪايوسين ۽ اتي به رحمت جو گھڙو ڀرائي رکيوسين.
وري 9 کان 10 تائين اِي- ايس ۾ ڪريا ڪرم ڪري ملڪ
تي خدا جي رحمت وسائيسين. پوءِ ٻئي گڏجي موهن لعل
جي گهر وياسين. توهان ڏٺو هوندو ته ڪو توهان مون
پارو ڪڏهن ڀلجي چڪجي مندر يا مسجد ۾ کڻي ويندو آهي
ته اتان ڏاڍو سرهو ٿي نڪرندو آهي. دل ۾ ائين پيو
ڀانئيندو آهي ته اڄ ته مون ڀڳوان تي مهرباني ڪئي
آهي، ۽ مون جهڙو چڱو مڙس دنيا ۾ ڪونه هوندو. پر
اسين جو هڪڙي ڏينهن ۾ ٽن هنڌن مٿو ٽيڪي آيا هئاسين
سو موٽڻ مهل اسان جا مٿا آسمان کان ٻه چار فوٽ
مڙئي مٿي پي ڏٺا. آخر اچي موهن لعل جي اوطاق تي
سهيڙياسين. موهن لعل جي گهر جي ماڙيءَ تي جيڪا
ڪوٺي آهي انهيءَ کي هو پنهنجي اوطاق سڏيندو آهي.
انهي ڪوٺيءَ کي ڏکڻ الهندي ۽ اڀرندي کان در آهن ۽
ڇوٿين پاسي گهر جو ڀاڱو آهي. انهي ڪوٺيءَ ۾ ويٺي
پنهنجي پاڻ تعريف ڪئيسون ته اولهه واري در کان
هڪڙي اچي سڏ ڌنو، ”الله، ٻچن جو خير!“ ڀلا جيڪي ٽي
ٽي ٽڪاڻا ڀيٽي آيا اهي ٻيو نه ڪن ته من خيرات ڏين.
۽ موهن لعل کيسي مان آنڪ ڪڍي کڻي فقير کي اڇلي.
وري اسين ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. اڃا ٻه ٽي منٽ ئي مس
گذريا ته وري ڏاکڻي دروازي کان ساڳئي فقير صدا
ڏني، ”يا الله! ٻچن جو خير!“ موهن لعل رڙ ڪئي،
”فقير، اڃا هينئر آنو ڏنومئين، ۽ وري به ٿو
گهرين؟“ تنهن تي مون چيو ته: موهن حرڪت ڪانهي، آءٌ
به ٿو خيرات ڏيانس. (۽ مون به آنڪ کيسي مان ڪڍي
کڻي اڇلي) اسان اڃا ڳالهائڻ مس شروع ڪيو هو ته وري
اوڀر وار در کان ساڳئي فقير رڙ ڪئي) ”يا الله! ٻچن
جو خير!“ اتي موهن اچي بگڙيو ۽ ٻاهر نڪتو. آءٌ به
ٻاهر نڪتس. فقير کي ڳالهائڻ لڳو، ”ميان تون ته
اسان لاءِ فقير نه ٿئين آزار ٿئين. هي توکي چڱو
چرچو هٿ آيو آهي. هڪڙي در کان به ورتئي، ٻئي در
کان به مليئي، وري ٽئي در کان به کپيئي ڇا؟“
فقير هٿ ٻڌي عرض ڪيو، ”قبلا، ڪاوڙ نه ڪريو، پر اڃا اڄ صبوح جو
اوهين ٽن درگاهن تان خدا کان دعا پني آيا آهيو.
خدا تعاليٰ ته اوهان کي ائين ڪين چيو ته رڳو هڪڙي
در تان دعا پنو“.
موهن لعل ڪاوڙيو بيٺو هو ۽ فقير جي ڳالهه پوري خيال ۾ آيس.
چيائينس، ”اسان پنهنجي لاءِ ته خدا کان ڪجهه به
ڪين گهريو“.
فقير جواب ڏنو، ”سائين سچي دعا اهائي آهي. پر مون به پنهنجي
لاءِ اوهان کان ڪجهه ڪين گهريو. جيئن اوهان جڳهه
جڳهه تي خدا جو نالو وٺي ٻين جي حق ۾ دعا گهري
تئين مون به الله جو نالو وٺي توهانجي ٻچن جو خير
گهريو. خدا به اوهان کي رحمت ائين ٿو ڏئي جيئن
اوهان اسان کي دان ڏنو“.
اتي اچي موهن لعل جي اک کلي ته مار، هي ڪو عام رواجي فقير نه
آهي پر ڪو بزرگ، پهتل ماڻهو ٿو ڏسجي. يڪدم کيسي ۾
هٿ وجهي پئسن جو ٻڪ ڪڍي فقير کي آڇيائين پر فقير
پائي به نه کنئين. چيائين، پٽ، مون کي توهان جا
ڏنل ٻه آنا بس آهن. مون کي ڪا بک ڪانه هئي. مون کي
فقط اهو نصيحت جو نياپو پهچائڻو هو جو پهچايم.
انهيءَ تي ڪنڌ نمائي موهن لعل فقير کي عرض ڪيو، ”فقير، مون کي
معاف ڪر ۽ مون کي ڪا دعا ڪر“.
فقير موهن جي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”ابا، آءٌ ڪير آهيان جو توکي
دعا ڪريان. دعا ڪرڻ وارو هڪڙو خدا آهي. جنهن جي در
تي پاڻ سڀ هڪجهڙا بيکاري آهيون. شل خدا اوهان جو
ڀلو ڪري“.
ائين چئي فقير بيٺي بيٺي اسان جي اکين اڳيان گم ٿي ويو.
اسين وائڙا ٿي وياسين، ۽ هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳاسين ته فقير جي
نصيحت جو مطلب ڇا هو؟ اهو ته، فقط هڪڙي در تان دعا
پنو يا هو ته سڀني درن تان؟
(اوهين به انهي ڳالهه تي غور ڪري ڏسو ته فقير جو مطلب ڇا هو؟
دعا گهرجي ته هڪڙي در تان يا گهڻن تا؟)
ايڪانڪي ڊرامو
موهنيءَ جي غلطي
(هڪ ائڪٽ جو ڊرامو)
(موهنيءَ جي جاءِ. موهني پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ڪجهه سبي ۽
آهستي آهستي پاڻ وندرائڻ لاءِ پئي ڪجهه ڳائي. ٿوري
کان پوءِ، هڪڙي ڪڇڻ نوڪرياڻي ٻه ٽي ٽپال ۾ آيل
ويڙهيل اخبارون ۽ ڪي خط آڻيو موهنيءَ کي ٿي ڏئي.
نوڪرياڻي خط ڏئي ڇنڊڦوڪ ۾ مشغول ٿيو وڃي).
موهني: (هڪڙو خط کولي پڙهي ٿي جنهن ۾ ٻه ڪاغذ آهن، ۽ ٻيو ڪاغذ
پڙهندي سندس منهن ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿيندو وڃي...
نوڪرياڻيءَ کي) روڙي، جلدي گاڏي وٺي آءُ، مان
پيڪين ٿي وڃان.
روڙي: مائي، اڃا ته ٽي مس لڳا آهن. سرڪار جي اچڻ کان پوءِ
اوهين چانهه پي ويندئو نه؟
موهني: نه! نه! تنهنجي سرڪار پاڻهي پئي ايندي. مان هينئر
جو هينئر وينديس وڃ،
سگهي ٿي گاڏي وٺي اچ.
(روڙي وڃي ٿي ۽ ٿوري کان پوءِ گاڏيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.
انهيءَ وچ ۾ موهني بي آرام ڪوٺيءَ
۾ پئي اچي وڃي. اڃا روڙي اچي گاڏيءَ جو چوي،
انهيءَ کان اڳئي موهنيءَ جو گهوٽ منگهو اندر ٿو
اچي ۽ ڪوٽ ٽوپي لاهي ڪوچ تي ڦٽي ٿو ڪري)
منگهو: گاڏي در تي ڇو بيٺي آهي؟ تنهنجي ڪا ساهيلي توکي گڏجڻ آئي
آهي ڇا؟
موهني: (منهن موڙي) مون کي خبر ڪانهي.
منگهو: (مرڪي) ته چئبو ته سرڪار اڄ خفي آهي؟
موهني: (طعني سان) نه سائين، سرڪار ڏاڍي سرهي آهي. ڀلا
توهان جا ڪم به ته اهڙا آهن نه جو مان راضي ۽ خوش
رهان.
منگهو: مار! اڄ ته ڪو وڏو رولو آهي. مون کان ڪهڙي خطا ٿي
آهي؟
موهني: ڙي ڀڳوان! ويچارو ڄاڻي ئي ڪين. ڪهڙو نه ٻالو ڀولو
ماڻهو آهي!
منگهو: موهني ڀلا کولي ته ٻڌاءِ ته آهي ڇا؟
موهني: کولي ٻڌايانءِ؟ توکي ڪو لحاظ به آهي، ڪي اصل بس!
منگهو: ڇا جو لحاظ؟
موهني: ڙي ڀڳوان! اهڙي بيحيائي! ايڏو ڪوڙ! پڇي ٿوته ڇا
جو لحاظ؟ ڀڳوان! تودنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا ته بيشرم
ماڻهو پيدا ڪيا آهن!
منگهو: موهني، اڄ تنهنجي دماغ ۾ ڪو خلل ته ڪونه پئجي ويو
آهي؟ چريائيءَ جي به نيٺ ڪا حد هوندي.
ٻڌائين ڪجهه ڪونه ٿي، رڳو حيا ۽ شرم ۽ لحاظ لڳايو
ويٺي آهين. نيٺ به آهي ڇا؟
موهني: ڇا آهي؟ اجهو هي آهي ته اڄ مون تنهنجي چوري پڪڙي
آهي. تون ته چوندو هئين ته اڳيون ڳالهيون وساري
ڇڏ، جو اڳتي لاءِ مون توبه ڀري ڇڏي آهي. هاڻ هي
وري ڇا آهي؟
منگھو: ڇا؟ ذرو کولي ته چئو! مان ته سمجهان ئي نٿو ته ڇا
پئي وڦلين.
موهني: ها. سو تون ڀلا ڪيئن سمجهندين؟
منگھو: الاجي ڪير توکي ڇيڙي ويو آهي جو مون مان پئي
ڪسرون ڪڍين. ۽ اجايو پئي پاڻ کي ڦٿڪائين.
موهني: ها، برابر! مون کي ڇيڙيو ته ضرور اٿن. هاڻ ٻڌ!
مون تنهنجي ساهيليءَ جو خط پڪڙيوآهي. سڄو حال
معلوم ٿي ويو اٿم.
منگھو: منهنجو خط! منهنجو لکيل!
موهني: نه ديوان صاحب! توهان جو لکيل خط ته مون کي ڪٿان ملندو.
پر اوهان جي راحت جان جو لکيل خط مون کي قسمت سان
ملي ويو آهي.
منگھو: مان ته سمجهائين نٿو! ڪنهن جو خط! ڀلا نالو ته
ڏسينم.
موهني: هان! نالو ڏسيانءِ؛ ته چئبو ته ايتريون ته
ساهيليون ميڙيون اٿئي جو هاڻ اچي فڪر ۾ پيو آهين
ته الاجي ڪهڙي ساهيليءَ جو خط مون کي هٿ چڙهيو
آهي.
منگھو: بي عقل استري! نيٺ مضمون به ته ڪجهه ٻڌاءِ.
موهني: ڙي عقل مند پتي! ٻڌ! هي تنهنجي محبوبه جو خط آهي
جو منهنجي خط ۾ وجهي موڪليو اٿس
ته ڀل مون کي به تسلي ٿئي ته تون ڪهڙو ٺڳ ۽ دغاباز ماڻهو آهين.
(موهني ميز تان هڪڙو لفافو کڻي ٿي)
منگھو: (لفافو ڏسي کلي) اڙي هي سيتا جو خط آهي.
موهني: ڏٺئي! پنهنجي محبوبه جا اکر ڪيئن جهٽ سڃاڻي وئين!
منگھو: اڙي، بيوقوف زال! ڀڳوان ڇو تنهنجي مت کسي آهي.
ويچاري سيتا کي ته مان
پنهنجي ڀيڻ ڪري سمجهندو آهيان. اها نيٺ تنهنجي به
ته ويجهي مائٽياڻي آهي نه؟ پوءِ انهي لاءِ مان دل
۾ برو خيال ڪيئن آڻيندس؟
موهني: جي نه! تون انهيءَ سان رڳو عشق پچائيندين. بري
خيال کي اڃا سڱ ٿيندا آهن.
منگھو: توبهه ڪر، موهني، توبهه ڪر!
موهني: ها، برابر، منهنجي اهڙي بدڪار پتيءَ کان سڄي عمر
توبهه آهي.
منگھو: چڱو ڀلا، ذري لاءِ خط ڏينم ته سهي.
موهني: ها بيهه ڏيانءِ ٿي. اڃا هينئر اڍائي بجي واري
ٽپال ۾ خط آيو آهي. انهي تنهنجي نيڪبخت ساهيليءَ
مون ڏي خط لکيو آهي، انهيءَ ۾ هڪڙي چٺي پنهنجي
پياري عاشق لاءِ به وڌي اٿس ۽ ڏس ته ڪهڙي محبت سان
مون کي ٿي لکي ته، هيءَ شامل چٺي دادي کي ضرور
ڏجانءِ. هان وٺ پنهنجي ساليءَ جي چٺي. (چٺي اڇلائي
ڏئيس ٿي. منگھو چٺي پڙهي ٿو ۽ پڙهندي هن جو منهن
لهندو ۽ پيلو ٿيندو ٿو وڃي. پگهر جا ڳوڙها سندس
پيشانيءَ تي ڀرجيو اچن ۽ خيال ۾ پئجيو وڃي)
موهني: (هٿ ڊگهيري منگھي جي هٿ مان خط ڦري ڏاڍي آواز سان
پڙهي ٿي) منهنجا پيارا، ڪالهه اوهان جو خط ڪونه
آيو. اڄ جي ٽپال به خالي وئي. اهڙي ڪهڙي مشغولي ۾
آهيو جو پنهنجي سيتا کي وساري ويٺا آهيو. جي سڀاڻي
به مون کي ڪا چٺي نه پهتي ته پرهينءَ مان پاڻ اچي
اوهان وٽ ٺڪاءُ ڪنديس. ۽، ياد رکجو، اهڙي ته سخت
سيکت ڏيندي سانو جو اڳيون سزائون سڀ وسري ويندو.
بس فقط توهانجي: سيتا.
(خط پڙهي موهني اوڇنگارون ڏئي روئي ٿي. ٿوري کان پوءِ وري
پنهنجو خط ٿي پڙهي) مٺي موهني. خط پهتو مهرباني.
شڪر آهي هاڻ مان چڱي ڀلي آهيان توهان جو گهوٽ ڀاءُ
ٻاهر ويل آهي. ڏهين ٻارهين ڏينهن کان پوءِ ايندو.
تون مون کي ڏاڍي ياد پيئي پوين. توکي گڏجڻ ڪاڻ دل
پئي ڇڪي. جي ٿي سگهيو ته سڀاڻي پرهينءَ تائين
اينديس. نه ته جڏهن وجهه مليو. هيءَ شامل چٺي دادي
کي ضررو ڏجانءِ! بس فقط تنهنجي سيتا! (خط پڙهي
ڳوڙها اگهندي) هاڻ به ڪو بهانو گهڙي وٺ. اڳي به
انهن ساڳين اکرن ۾ ٻه ٽي خط تنهنجي نالي آيا هئا
جي مون بند لفافي ۾ توکي ڏنا پڇيم نه ڪين ته منجهن
ڇا لکيل آهي، پر اڄ ته کليل چٺي موڪلي ڏني اٿس. رن
جا به انصاف چئبا!
منگھو: موهني يقين ڄاڻ ته ڪا چوڪ ٿي وئي آهي... نه ته...
موهني: (جملو ڪپي) ها، نه ته هوءَ توکي جدا لفافي ۾ لکي
ها ته مون کي خبر نه پئي، جو ايسيتائين ته ائين پي
ٿيو آهي. ڀانئين ته مان سمجهان نٿي ڇا؟ اصل اهڙي
اٻوجهه ته ڪانه آهيان!
منگھو: بس، موهني مان ڇا چوان. توکي سمجهه ۾ نٿو اچي.
موهني! سيتا هڪڙي اشراف ۽ نيڪ ڇوڪري آهي. تون بنهه
اجايو هن ڏي بدگمانيءَ جا خيال پئي ڪرين. (موهني
وري روئڻ ۾ اچي ٿي ڇٽڪي ۽ ماءُ جي گهر وڃڻ جي
تياري ٿي ڪري. منگهو گهڻو ئي ٿو روڪيس، پر نٿي
سمجهي. هتي گفتگو ڇوٽ آهي نه وڃ، نه وڃ... وينديس
وينديس. نه جهليوم وغيره ٻاهر گاڏيءَ جو آواز)
روڙي: (جلدي اندر اچي ٿي ۽ منگهي کي چوي ٿي) سرڪار! سيتا ٻائي
جو گهوٽ آيو آهي.
منگهو: اچڻ ڏينس.
موهني: (جهٽ پائي ميز تان خط کنيو ٿي وٺي ۽ ڳوڙها پئي
اگهي ته سيتا جو گهوٽ اندر ٿو اچي) اچو دادا اوهين
ڪڏهن موٽيا؟
سيتا جو گهوٽ: اجهو سڌو ٽيشن تان ٿو اچان. (منگهي ڏي ڦري)
منگها، سيتا جو ڪو خط پهتو اٿئي.
منگهو: پريشان ٿي موهنيءَ ڏي ڏسي ۽ موهنيءَ جون اکيون
ڪاوڙ کان چلڪڻ لڳن ٿيون ۽ منگهي ڏي گهور ڪري ٿي
نهاري، (سيتا جي گهوٽ کي) ها... نه... ها...
موهني: ڇو دادا، ڇو ٿا پڇو. اڃا هينئر سيتا جو هڪڙو خط
آيو آهي.
(پنهنجو خط ڏئيس ٿي).
سيتا جو گهوٽ: (خط ڏسي) نه موهني تنهنجي خط سان منهنجو مطلب
ڪونهي منگهو جي نالي سيتا جو ڪو خط ڪونه آيو آهي؟
منگھو: ها. ها. موهنيءَ جي خط ۾ مون لاءِ به سيتا جو هڪڙو خط
هو.
سيتا جو گهوٽ: اهو ته مون کي ڏجو.
منگهو: ڇو؟
سيتا جو گهوٽ: مون کي انهيءَ جي تمام سخت ضرورت آهي.
منگهو: اهڙي سخت ضرروت ڪهڙي آهي؟
(موهنيءَ جي اکين مان ڄڻ باهه جا شعلا پيا نڪرن ۽ هوءَ هٿ ۽ ڏند
ڀيڙيو اکيون ڦاڙيو منگهي ڏي ڪيو پئي نهاري)
سيتا جو گهوٽ: (موهنيءَ ڏي نهاري کلي ٿو) قسم آهي اهڙو مزو مون
عمر ڪونه ڏٺو انهيءَ مزي ڏسڻ جي خاطر آءٌ پنهنجو
ڪم ڪار ڇڏي ميلن تان ڀڄندو آيو آهيان.
موهني: دادا، اوهان کي به ڪو شرم ڪونهي ڇا؟ ڏاڍا بيحيا آهيو.
توهان کي هن چٺيءَ جي مضمون جي خبر آهي جو اهڙا چرچا پيا ڪريو؟
(منگهو رومال سان مٿي، پيشانيءَ ۽ ڳچيءَ تان پگهر پيو اگهي ۽
شوڪارو پيو ڀري)
سيتا جو گهوٽ: نه مضمون جي ته خبر ڪانه اٿم، پر ايتري پڪ اٿم ته
”منهنجا پيارا“ سان شروع ٿي ”توهان جي
سيتا“ تي پورو ٿو ٿئي. ڇو موهني، تو ڪونه پڙهيو
آهي ڇا؟
موهني: اف! حيا، غيرت، شرم، شرافت اهي سڀ اخلاق دنيا مان لڏيندا
رهيا!
(منگهو پير پير ۾ ڏئي ڪوٺيءَ مان کسڪي وڃڻ جي ڪوشش پيو ڪري پر
سيتا جي گهوٽ کيس ٻانهن کان وٺي جهلي ٿو بيهاري. ۽
پنهنجي کيسي مان هڪڙو خط ڪڍي لفافي سوڌو، موهنيءَ
کي ٿو ڏئي)
موهني: ادا، هي ته سيتا جو خط آهي. اوهان جي نالي.
سيتا جو گهوٽ: اهو ته رڳو لفافو ڏسيو پئي چوين. اندران خط ڪڍي
ته ڏس.
(موهني خط ڪڍي پڙهي ٿي، آهستي ۽ سٽ سٽ تي سندس ڪاوڙ جا آثار
گهٽبا وڃن، پيشانيءَ تان گهنڊ لهندا وڃن چپن تي
مرڪ پئي چڙهي، ۽ ماٺ ماٺ ۾ خط وري لفافي ۾ وجهي
سيتا جي گهوٽ کي موٽائي ٿي ڏي).
منگهو حيرت ۾ هن کان هن ڏي ۽ هن کان هن ڏي ٿو ڏسي ۽ سيتا جو
گهوٽ اڃا مرڪندو ساڳيو لفافو موهنيءَ کان وٺي
انهيءَ مان خط ڪڍي ڏاڍيان پڙهي ٿو).
ڀاءُ منگها. اڄ 19 تاريخ آهي پر اڄ تائين اوهان هن مهيني جا
رسالا ۽ اخبارون ڪونه موڪليون
آهن. ”سنڌو“ ۽ ”ينگ بلڊر“ ته ضرور موڪلجو. نيو ايج
۽ ڊان، پهچي ويا آهن جي ٿياسافسٽ ۾ ڪو پڙهڻ جهڙو
مضمون هجي ته اهو به موڪلجو.
توهانجي ڀيڻ سيتا
سيتا جو گهوٽ: اڄ صبح جو مون کي هي خط مليو. لفافي تي منهنجو
سرنامو ۽ اندر منگهي ڏي خط. مان سمجهي ويس ته سيتا
خطن بند ڪرڻ ۾ غلطي ڪري ويٺي آهي ۽ پڪ ڄاتم ته
منهنجو خط منگهي جي لفافي ۾ وجهي ويٺي آهي. مون
اهائي دعا پي گهري ته شل اهو خط موهنيءَ جي هٿ
چڙهي ۽ انهيءَ تي اوهان جو جهيڙو لڳي جو مان به
اچي ڏسان. شڪر آهي جو مان پوري موقع تي اچي پهتو
آهيان.
(موهني مرڪندي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ٿي وڃي ۽ پردي جي پٺيان هن
جو آواز ٿو اچي، جو روڙيءَ کي ٿي چوي ته ”گاڏي نه
کپي، هن کي ٻه چار آنا ڏئي موڪل ڏي ۽ پوءِ جلدي
چانهه ٺاهي
کڻي
آءُ).
منگهو ٿڌو ساهه ڀري دل جاءِ ڪري آرام ڪرسيءَ تي ليٽي ٿو پوي ۽
سگريٽ ٿو دکائي ۽ سيتا جو گهوٽ پيو کلي ته
پردو ڪري ٿو.
منهنجيون آکاڻيون
(ڀاڱو ٻيو)
جنهن ۾
* منڊيءَ جي مصيبت * عينڪ جو آواز
* ڏٺو ويندو * مسٽر مرزا * مس جانسن
۽ ٻيون دلچسپ آکاڻيون آهن. سو به جلد ئي شايع ٿيڻو آهي.
آخري نوٽ:
]اهي سڀ آکاڻيون، الائي ڪنهن جي لاڪر ۾ بند آهن، پالڻهار! انهن کي ڊسڪور ڪرڻ
لاءِ، ڇا ڪنهن ٻئي نصير مرزا کي جنم وٺڻو پوندو.[4 |