ڏٺي مکياري
نورالدين پنهنجي ڀيڻ کي بلڪل خاطريءَ سان چيو، ”مون جيڪي پئرس
کان لکيو هو، هاڻ به اها ئي ڳالهه ٿو ڪريان ته آءٌ
هرگز هرگز انهي لاءِ تيار ڪين آهيان، ته ڏسڻ وائسڻ
کان سواءِ ڪنهن سان شادي ڪريان. جي اوهين منهنجي
شادي ڪرائڻ ٿا گهرو ته منهنجي منڱ مون کي ڏسڻ ڏيو
۽ انهي سان ٻه ٽي منٽ ويهي ڳالهيون ڪرڻ ڏيوم.“
”پر نيٺ انهيءَ مان فائدو ڪهڙو؟ تنهنجو مطلب اهو آهي ڇا ته جي
ڇوڪريءَ جي صورت شڪل چڱي نه آهي ته تون شادي ڪرڻ
کان انڪار ڪندين؟ ائين هرگز هرگز ٿي نٿو سگهي.
جڏهن سڀئي ڳالهيون ٻولهيون ٿي چڪيون آهن، جڏهن سڄو
معاملو فيصل ٿي چڪو آهي ۽ توکي ضرور شادي ڪرڻي به
آهي ته انهيءَ ضد ڪرڻ مان فائدو ڪهڙو؟“ نورالدين
جي ڀيڻ اها تقرير پوري مس ڪئي هئي ته مٿان انهيءَ
جي ماءُ اچي وئي ۽ نورالدين کي هڪڙي جي بدران ٻن
سان بحث ڪرڻو پيو. ”ڏسجي ٿو هت ٽي سال فرانس ۾ رهي
تون پنهنجي قوميت ۽ پنهنجي مذهب کان به موڪلائي
آيو آهين؟“ اهو جملو هن جي ماءُ ڳالهه ۾ ڳالهه
ڪندي چيو.
”نه، امان“، نورالدين چيو، ”اهو ناممڪن آهي. آءٌ پڪو مسلمان
آهيان، ۽ پڪو سنڌي آهيان. نه مون مذهب ڇڏيو آهي ۽
نه پنهنجي قوميت. آءٌ ته پنهنجي اسلامي حق تي پيو
وڙهان، ته جنهن سان منهنجي شادي ٿيڻي آهي انهي کي
آءٌ ڏسان... ۽ جي پسند نه اچيم ته انهي سان شادي
نه ڪريان.“ ماڻس ڄڻ جملو پورو ڪندي چيو.
نورالدين وري خاطريءَ سان جواب ڏنو ته، نه ته ٻيو ڇا؟ ماڻس شوخ
ٿي چيو، ”توکي خبر آهي ته تنهنجي منڱيندي ڪنهن جي
ڌيءَ آهي؟ هوءَ جامع مسجد جي نائب الشيخ جي نياڻي
آهي ۽ شرافت عزت ۽ آبرو توڙي خانداني لحاظ کان هو
پاڻ کان گهڻو بهتر آهن. انهن ڏي به ڏس ۽ پاڻ ڏي به
ڏس. گورنمنٽ جي پيسن تي اسڪالرشپ کٽي يورپ ۾ تعليم
حاصل ڪري انجينيئر ٿي آيو آهين، ته هتي جو ڪو
ماڻهو تنهنجي ليکي ۾ ئي ڪونهي.“
”توهين جيڪي چئو ٿا سو سڀ سچ آهي پر انهيءَ جي معنيٰ اها ته
ڪانهي ته انهي لحاظ کان آءٌ پنهنجا حق ڇڏي ڏيان.“
”پر آءٌ ته شاديءَ جي ڳالهه پڪي ڪري چڪي آهيان ۽
پڌري وغيره به ٿي چڪي آهي. مٺايون ورهائي ويٺا
آهيون، ۽ هاڻ ڪنهن به حالت ۾ هيءَ مائٽي آءٌ ٽوڙي
نٿي سگهان.“ ”ته آءٌ وري ڪڏهن ٿو چوان ته مائٽي
ٽوڙيو؟ مون کي ته پاڻ اهو رشتو اکين تي آهي.“ اهي
لفظ ٻڌندي ڀيڻس چيو ته، پوءِ اهڙيون آڏيون ابتيون
ڳالهيون ڇو پيو ڪرين. تون اهو رشتو پئرس کان منظور
ڪري موڪليو هو، نه ته اسين ايتري قدر وڃون ڇو ها؟
مطلب ته اهڙي طرح جو بحث گهڻي دير تائين هليو پر انهي جو نتيجو
ڪي به ڪين نڪتو. ماءُ گهڻي ڪوشش ڪئي ته نورالدين
پنهنجي ضد تان لهي، پر اجايو. هيڏانهن نورالدين بي
حد ڪوشش ڪئي ته سندس ماءُ هن جي منڱينديءَ جي
مائٽن کي چوائي موڪلي ته منهنجو پٽ پنهنجي منڱ سان
ملي انهيءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٿو گهري پر بيڪار.
ماءُ کي پنهنجي ڳالهه تي ضد هو ۽ هن پاڻ جهڙين ۾
ڏٺي ٿيڻ نه ٿي گهريو، هن پراڻيون رسمون ٽوڙڻ نه ٿي
چاهيون، ۽ اهو ناممڪن هو ته هوءَ ڪو اهڙو ناجائز ۽
ناشائستو پيغام ڇوڪريءَ جي مائٽن ڏي ڏياري موڪلي.
ماءُ پٽ جي ضد جو نتيجو اهو نڪتو جو ماءُ ڪاوڙجي
پئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي رنائين. نورالدين گهڻي
خوشامد ڪيس، پر هن کي ماٺ ئي نه اچي. نورالدين کي
ماءُ کي رنج ڪرڻ جو گهڻو ئي ڏک هو پر هو مجبور هو.
مانيءَ جي مهل ٿي ته ماڻس کائڻ کان انڪار ڪيو.
نورالدين هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ تان
وري سلسلو شروع ٿي ويو، ۽ ماءُ اچي اوڇنگارن ۾
ڇٽي، پر اهو سنگدل پٽ پنهنجن اصولن کان اصل نه
هٽيو. هاڻ ته گهر ڄڻ هڪ ماتم خانو ٿي رهيو هو.
ماءُ ماني ڪانه کاڌي ته ڌيءَ ۽ پٽ به ڪانه کاڌي،
ٻئي ڏينهن شام سوڌي اهائي حالت رهي، ۽ انهيءَ حالت
کي چوويهه ڪلاڪ گذري ويا. نورالدين پنهنجي ڪوٺيءَ
۾ ويٺو هو ۽ ماءُ جو خيال ۽ فڪر گهڻو هوس. نيٺ
ماءُ جي ستيه گرهه ڪامياب ٿي ۽ نورالدين ماءُ جي
ڳالهه مڃي، ته من هو ماني کائي.
(2)
پر نورالدين آڻ فقط ايتري ڪاڻ مڃي هئي ته ماڻس ضد تان لهي
انهيءَ ريت ماءُ کي ته راضي ڪيائين پر پاڻ هاڻي
انهيءَ فڪر ۾ هو ته ڇاڪجي. صبح جو وقت هو ۽ انهيءَ
واقعي کي به ٻه ڏينهن گذري ويا هئا. نورالدين
پنهنجي ڪوٺي ۾ اخبار ويٺي پڙهي ته اوچتو ڪو خيال
آيس، ۽ اوچتو اٿي ڪٻٽ مان حديثن جا ڪتاب ڪڍيائين.
اهي ڪتاب ته هن اڳي به مطالع ڪيا هئا ۽ اڪثر ڪندو
رهندو هو. اڃا اهو ئي فڪر هوس ته ڇاڪجي ته ايتري ۾
هن دل ۾ ڪو رستو گهڙي ڪڍيو. نوڪر کي حڪم ڏنائين ته
گاڏي تيار ڪرائي اچ ۽ پاڻ ڪپڙا پائي سنڀريو ۽ گاڏي
واري کي حڪم ڏنائين ته نائب الشيخ جي گهر هل. گاڏي
هڪڙي عاليشان جاءِ جي اڳيان وڃي بيٺي. انهي مڪان
جي ظاهري ڏيک ويک مان ئي ظاهر هو ته اهو گهر ڪنهن
امير ڪبير جو آهي. هڪڙو نوڪر ڊوڙي گاڏيءَ وٽ آيو،
۽ نورالدين پنهنجو ڪارڊ انهي جي هٿان ڏياري
موڪليو.
نائب الشيخ پنهنجي منسوبه ناٺيءَ جي اچڻ جي خبر ٻڌي ٻاهر
استقبال لاءِ نڪتو. نورالدين وڌي هن کي پيرن تي هٿ
رکيا ۽ پوءِ سنئون ٿي شيخ صاحب جا هٿ چميائين. شيخ
به نورالدين کي ڀاڪر پائي هن کي پيشانيءَ تي چمي
ڏني ۽ هن کي هٿ کان جهلي اندر وٺي ويو. اوطاق،
جنهن ۾ هاڻي هي گهڙيا سا مغربي آرام جي سامان سان
سينگاريل هئي. جتي ڪٿي تمام عمدو ڪم ڪيل هو. ۽ سڀ
فرنيچر ۽ سامان اعليٰ درجي جو هو. انهي ڪوٺي جو اڌ
حصو رومي غاليچن ۽ فرشن سان وڇايل هو. ان ۾ مشرقي
نموني جو تمام عمدو سامان پيل هو. هيٺ زمين سان
گڏئي سهڻا صوفا پيل هئا، ٻيا ڪي يار دوست وهاڻن تي
ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا. شيخ صاحب نورالدين کي پنهنجن
ملاقاتين سان واقفيت ڪرائي، ٿوري دير کان پوءِ
چانهه جو دور شروع ٿيو ۽ شيخ صاحب ۽ سندس يار دوست
نورالدين کان فرانس جي خبر چار پڇڻ لڳا. ٿوري کان
پوءِ ٻيا سڀ ملاقاتي موڪلائي ويا ۽ شيخ صاحب ۽
نورالدين اڪيلا رهجي ويا. گهڻي دير ۽ گهڻي خيال
کان پوءِ نورالدين تمام ادب سان شيخ صاحب کي چيو،
”آءٌ جناب جي خدمت ۾ ڪنهن خاص مطلب سان آيو
آهيان.“
”ها، پٽ، سو ڪهڙو؟“
”جي سائين جي اجازت ڏين ته آءٌ عرض ڪرڻ جي جرئت ڪريان.“
”بيشڪ، بسم الله!
چئو!“
نورالدين ڪنهن خيال ۾ پئجي ويو. شايد اهي لفظ پي ڳولهيائين جن ۾
پنهنجي دل جو مطلب مناسب طرح ادا ڪري، ته ايتري ۾
شيخ صاحب وري چيو، ”تون بيشڪ مون سان پنهنجي دل جي
ڳالهه ڪر. انهيءَ ۾ خيال ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي.“
نورالدين همٿ ڪري، اکيون هيٺ ڪري، البت ڌيمي آواز
سان چيو، ”آءٌ سائين جن کان پنهنجو حق ٿو گهران.
اهو ممڪن ٿي سگهندو ته آءٌ پنهنجي منسوبه سان پنج
منٽ اڪيلو ويهي ڳالهيون ڪريان.“ نورالدين جو اک
کڻي مٿي ڏٺو هت شيخ صاحب کي بنهه وائڙو ڏٺائين. هو
انهي عرض لاءِ بلڪل تيار ڪونه هو، ۽ هن جي خود
ياوريءَ کي البت لوڏو اچي ويو. شيخ صاحب جي عقل به
ڪم نه ٿي ڪيو. هن کي نورالدين گهڻو ئي پسند هو پر
هن جي انهي ڳالهه ته هن کي حال في الحال چڪر ۾
وجهي ڇڏيو هو. نيٺ پاڻ سنڀالي شيخ صاحب فرمايو
”آءٌ اوهان جو اهو حق سمجهي نٿو سگهان.“
”ڇو، سائين، اوهان کي انهيءَ ۾ ڪنهن قسم جو خاص اعتراض آهي ڇا؟“
”بيشڪ مون کي اعتراض آهي.“
”مذهبي نقطهءِ نظر کان يا دنيوي نقطهءِ نظر کان؟“
شيخ، جو نيٺ به شيخ هو تنهن چيو، ”مذهبي نقطهءِ نظر کان به، جو
پنهنجا دين ۽ دنيا ڌار ڌار ڪينهن.“
نورالدين خوش ٿي چيو، ”قبله، پر دين دنيا کان مٿي آهي. پهرين
دين پوءِ دنيا.“
شيخ صاحب به خوش ٿي جواب ڏنو، ”بيشڪ، بيشڪ، تون سچ ٿو چوين.“
”ته جڏهن خداوند تعاليٰ مسلمان سان مخاطب ٿي قرآن ۾ چيو آهي ته
انهن زالن سان نڪاح ڪريو جي توهان کي نيڪ ۽ سٺيون
لڳن، ته باقي ڪهڙو اعتراض هجڻ گهرجي؟“ ائين چئي
نورالدين نڪاح واري آيت پڙهي ٻڌائي.
شيخ صاحب انهي بابت بحث ڪرڻ لاءِ، خاص نورالدين جهڙي نئي تهذيب
واري نوجوان سان، قطعي تيار نه هو، ۽ نه هن کي ڪا
اهڙي اميد هئي. سمجهه ۾ نه ٿي آيس ڇا چوي، پر جواب
ڏيڻ خاطر چيائين، ”ها مذهبي طرح ته اهو جائز ٿي
سگهي، پر مون کي اها ڳالهه بلڪل پسند ڪانهي، ۽ خاص
اڄ ڪلهه جي زماني ۾.
نورالدين يڪدم شيخ صاحب جي ڪمزوري محسوس ڪري چيو، ”سائين، اوهان
جو خيال ڇاٿو چوي ته اڄ ڪلهه جي زماني ۾ اسين سنت
رسول الله جي پيروي ڪريون يا نه ڪريون؟“
شيخ صاحب يڪدم جواب ڏنو، ”خدا اسان کي رسول ڪريم جي پيروي ڪرڻ
جي توفيق بخشي!“
تنهن تي، نورالدين پنهنجي کيسي مان هڪڙو ڪاغذ ڪڍي شيخ صاحب کي
ڏنو. شيخ صاحب جي اکين اڳيان ڪاغذ تي هيءَ عبارت
لکيل هئي.
”جابر کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو
ته جڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي نڪاح جو نياپو ڪنهن
زال ڏانهن موڪلڻ چاهي ته ٿي سگهي ته انهي کي ڏسي
وٺي جنهن سان نڪاح جو ارادو هجيس، پوءِ نڪاح ڪري.“
( ابي دائود)
”مغيره بن شعبه کان روايت آهي ته، پيغام ڏنو مون نڪاح جو ڪنهن
زال سان زماني ۾ رسول الله جي، پاڻ فرمايائون تون
ڏسي به ورتو آهي انهيءَ کي؟ مون چيو نه. فرمايائون
ته ڏسي وٺ انهيءَ کي، انهيءَ سان محبت وڌندي اوهان
ٻنهي ۾.“ (نسائي).
”ابوهريره کان روايت آهي ته، پيغام موڪليو هڪڙي
شخص مديني وارن ڏي. فرمايو انهيءَ کي رسول الله
جن، تون هن کي ڏٺو به آهي يا نه؟ چيو نه. پاڻ
فرمايائون، انهيءَ زال کي ڏسي وٺ يعني ڏٺي بنا
نڪاح چڱو نه آهي.“ (نسائي)
شيخ صاحب اهي حديثون پڙهيون. هن اهي حديثون ته اڳي ئي پڙهيون
هيون پرهن لاءِ هن مهل اهي ڄڻ نيون هيون. هو خاموش
هو ۽ اڃا خيال پي ڪيائين ته ڇا چوان ته ايتري ۾
نورالدين هن کي چيو، ”ڇو، قبله!
اوهين مون کي انهن حديثن تي عمل ڪرڻ ڪونه ڏيندو؟
هن زماني ۾ اسين رسول الله جي نصيحتن کان واقعي بي
نياز آهيون ڇا، ۽ اهي اسان لاءِ بنهه اجايون ۽
بيڪار آهن ڇا؟“
شيخ صاحب چيو، هرگز نه، هرگز نه، رسول ڪريم جو چيو اسان جي اکين
تي آهي، پر آءٌ اهو پڇڻ ٿو گهران ته انهي عرض ڪرڻ
مان نيٺ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ فرض ڪر ته جي توکي
پنهنجي منسوبه پسند نه آئي ته تون منڱڻو ٽوڙي
انهيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪندين ڇا؟
نورالدين جواب ڏنو ”اهو ته اوهين به قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندئو
ته انهيءَ حالت ۾ مون کي نڪاح ڪرڻ کان انڪاري ٿيڻ
مجبور ٿيندو، ڇو جو اهو ڪم قرآن شريف جي حڪم جي
برخلاف ٿي پوندو.“
”ته انهن شرطن تي تنهنجي شادي فقط يورپ ۾ ٿي ٿي سگهي“، شيخ صاحب
ڪي قدر شوخ ٿي چيو، ”مون کي هرگز اها ڳالهه منظور
ڪانهي ته منهنجي ڌيءَ سان نسبت ڪرڻ لاءِ ماڻهو
گراهڪ بڻجي اچن ۽ جي پسند نه ڪنس ته موٽي وڃن. ڪو
رانديڪو ته ڪونهي جنهن جي ڏٺي مکياري آهي؟ تو
منهنجي عزت ۽ آبرو الاجي ڪهڙي شيءِ ڪري سمجهي آهي.
تون ائين نه ٿو سمجهي سگهين ته انهيءَ ۾ (نائب
الشيخ) جي بدنامي ٿيندي؟ معاف ڪجيئين مون کي اهڙي
گفتگو پسند ڪانهي جنهن ۾ منهنجي عزت ۽ آبروءَ جو
سوال هجي.“
نورالدين به پختو ارادو ڪري آيو هو ۽ هن به البت شوخ ٿي چيو،
”قبله، بيشڪ سنڌ ۾ اوهان جي گهڻي عزت آهي، جهڙي
ٻين ڪن ٿورن جي هوندي، پر مون کي اجازت هجي ته آءٌ
عرض ڪريان ته انهي هوندي به اوهان جي عزت ايتري
ڪانهي جيتري اميرالمومنين عمر ابن الخطاب جي مديني
۾ هئي ۽ اڄ ڪلهه به ساري دنيا ۾ آهي، ۽ اها ڳالهه
سچي نه آهي ڇا ته حضرت عمر جن پنهنجي ڌيءَ ام
المومنين حفصه حضرت عثمان وٽ وٺي ويا ۽ انهيءَ سان
نڪاح ڪرائي ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪيائون، ۽ جڏهن
اتهين پسنديءَ جهڙو جواب نه ملين تڏهن حضرت ابوبڪر
جي اڳيان پيش ڪيائونس، پر اتي به ناڪامي حاصل ٿين؟
انهيءَ ڪري انهن جي عزت کي خدا نه خواسته ڪو داغ
لڳي ويو ڇا؟“
شيخ صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي ۽ هن لاجواب ٿي چيو، ”پر اهي ٻئي
ته حضرت جن جا دوست هئا؟“ پر آءٌ به ته اوهان جي
پياري ۾ پياري ۽ گهري ۾ گهري دوست مرحوم جي نشاني
آهيان.“
شيخ صاحب نطر کڻي هيٺ ڪئي ۽ ڪجهه خيال کان پوءِ چيائين، ”مون کي
ڪو انڪار ڪونهي.“ ائين چوندي شيخ صاحب اٿي گهر جي
اندر هليو ويو.
(3)
نورالدين جي دل پي ڌڙڪي ۽ هو ڏڪندڙ هٿن سان ٽنگيل ريشمي پڙدو
پري ڪري اندر گهڙيو. اگرچ اڃا ڏينهن هو ته به
ڪوٺيءَ ۾ اونداهي هجڻ ڪري بجلي پي ٻري. سامهون
ڪرسيءَ تي، هڪڙي سورهين سترهين ورهين جي نهايت
حسين ڇوڪري ويٺي هئي. نورالدين کي ڏسي هوءَ اٿي
کڙي ٿي. نورالدين سلام ڪيو پر ڪو جواب ڪونه مليس.
وري سلام ڪيائين ته ڇوڪريءَ بلڪل آهستي جواب ڏنس.
ڇوڪريءَ لحظي ڪاڻ اک کڻي هن کي ڏٺو هو. هوءَ ماٺ
ڪيو بيٺي هئي ۽ نورالدين کي ويهڻ لاءِ ڪونه
چيائين. نورالدين پاڻ ويهڻ جي اجازت طلبيندي ويهي
رهيو پر ڇوڪريءَ ڪو جواب ڪونه ڏنس ۽ پاڻ بيٺي رهي.
نورالدين وري اٿي بيٺو ۽ هن کي ويهڻ لاءِ چيائين.
هوءَ ويٺي ۽ نورالدين پنهنجي ڪرسي ٿورو ويجهو سوري
انهيءَ تي ويهي رهيو ۽ چيائين، ”مون کي فخر آهي ته
آءٌ پنهنجي منسوبه، ناز خاتونءَ جي اڳيان ويٺو
آهيان ۽ انهي سان گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو اٿم.
مون کي اهڙي اجازت آهي؟“
ناز خاتون تمام ڌيمي آواز سان چيو، ”ها، فرمايو.“
”آءٌ اوهان کان اها دريافت ڪري سگهان ٿو ته اوهان کي هي رشتو
پسند آهي؟“
انهيءَ سوال جو ناز خاتونءَ ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر هن جي چهري جو
رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جون اکيون زمين ۾ کتل هيون ۽
پنهنجي ساڄي هٿ سان ڏائي هٿ جي آڱر پي کنهيائين.“
هن جي حال مان سمجهي نورالدين چيو، ”آءٌ اوهان جو شڪر گذار
آهيان. پر اوهان کي منهنجي هيءَ ملاقات ناپسند ته
ناهي؟“ ”جي نه.“ ”ته اوهان پنهنجي والد صاحب سان
انهيءَ باري ۾ انڪار ڇو ڪيو هو؟“ ناز خاتون چپن ۾
مرڪڻ لڳي، پر شرم کان ڪجهه ڪڇي نه سگهي. نورالدين
وري يڪدم چيو، ”اوهان کي منهنجي انهيءَ سوال جو
جواب ضرور ڏيڻو پوندو.“
ناز خاتون ڪجهه خيال کانپوءِ چيو، ”مون ائين کڻي انڪار ڪيو
هيو.“ نورالدين وري خاطريءَ سان پڇيو ته، آءٌ
انهيءَ مان مطلب ڀلي ڪڍان ته اوهان به مون سان ملڻ
ٿي چاهيو؟. ائين چوندي نورالدين ناز خاتونءَ جو هٿ
پنهنجي هٿ ۾ ڪيو ۽ وري چيائين، ”سچي سچي ٻڌائج، تو
به مون سان ملڻ ٿي چاهيو؟ آءُ تنهنجي دل جي ڳالهه
معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان.“
ناز خاتونءَ جي نظر هيٺ هئي، هن جي سرخ اوني شال تي بجليءَ جي
روشني پي چلڪي، جنهن جي عڪس هن جي چهري تي عجيب
ڪيفيت پيدا پي ڪئي. هن ٿورو خيال ڪري جواب ڏنو،
”اوهان کي ڏسڻ جي منهنجي مرضي بيشڪ هئي، ملڻ جو ته
مون کي خيال به نه ٿي اچي سگهيو.“
”ڀلا تون چئي سگهندينءَ ته تون مون کي ڏسڻ ڇو ٿي چاهيو؟“ اهو
سوال پڇندي ته خود نورالدين کي کل اچي وئي.
ناز خاتون به هاڻي همٿ جهلي جواب ڏنو، ”پهرين اوهين مون کي
ٻڌايو ته اوهان ڇو مون سان ملڻ ٿي چاهيو. بس جنهن
ڪري اوهان مون کي ملڻ ٿي چاهيو انهيءَ ڪري منهنجي
مرضي هئي ته آءٌ اوهان کي ڏسان.“
نورالدين چيو، ”مون ته انهيءَ خيال سان اوهان سان ملڻ جي
درخواست ڪئي ته جيڪي به مون اوهان بابت پنهنجي
ماءُ ڀيڻ کان ٻڌو هو، ان جي روبرو تصديق ڪريان. پر
مون کي ٻڌايو ته اوهين مون کي ڏسڻ لاءِ خواهان ڇو
هئو؟“ ناز خاتون هاڻي نظر مٿي ڪئي هئي ۽ هاڻ روبرو
ٿي پي ڳالهائين، هن کي انهي سوال تي ڪجهه کل به پي
آئي ۽ جواب ڏنائين ته، مون ته اونهئين ٿي چاهيو.
”پر آءٌ انهيءَ جو جواب وٺڻ کان سواءِ ڪونه مڃيندس.“
ناز خاتونءَ چيو، ”مون کي خبر ئي ڪانهي ته پوءَ آءٌ اوهان کي
ڪهڙو جواب ڏيان.“
نورالدين کي انهي جواب کان خاطري ٿي، پر هن هاڻ ٻيو سوال پيش
ڪيو ته، آءٌ جڏهن پئرس ۾ بيمار ٿي پيو هوس ته
اوهان کي ياد هوندو ته اوهان ٻه ڀيرا منهنجي ڀيڻ
کان لکي پڇيو هو ته اوهان جوڀاءُ هاڻ ڪيئن آهي؟
اهو ڇوپڇيو هوءِ؟“ ناز خاتونءَ کي انهي سوال تي کل
اچي وئي ۽ چيائين، ”معاف ڪجو، پر اوهين ڪهڙا نه
سوال پيا پڇو!
ڪنهن جي خير عافيت پڇڻ ڪو گناهه آهي ڇا؟“
نورالدين چيو، ”ته ڀلا ايترو ٻڌايوم ته منهنجي بيماريءَ جو ٻڌي
اوهان کي ڪو فڪر ٿيو؟ اوهان منهنجو ڪو خيال ڪيو؟“
ناز خاتون سمجهي وئي ته اهڙن سوالن مان نورالدين جو ڪهڙو مطلب
آهي ۽ هن کي به انهن سوالن مان مزو پي آيو، پر هن
کي جواب ڏيڻ جي بدران پاڻ هن کان پڇيائين، ”چڱو
پهرين ته اوهين مون کي ٻڌايو ته جي انهيءَ زماني ۾
آءٌ بيمار ٿي پوان ها ۽ اوهان کي اهڙي خبر پهچي ها
ته اوهين منهنجي خير و عافيت پڇايو ها يا نه؟
اوهان کي فڪر ٿئي ها يا نه؟ اوهان کي منهنجو ڪو
خيال به ٿئي ها يا نه؟“
نورالدين ڪي قدر لاجواب ٿي جواب ڏنو، ”آءٌ ڀانيان ٿو ته مون کي
ضرور خيال ٿئي ها، فڪر به ٿئي ها ۽ آءٌ ضرور اوهان
جي خبر پڇايان به ها.“
ناز خاتون پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي چوڻ لڳي، ”سو نيٺ به ڇو؟
نه مون ڪڏهن اوهان کي ڏٺو هو نه اوهان مون کي ڏٺو
هو ته ڇو فڪر ٿئيو ها؟“
نورالدين انهي مسئلي تي غور ڪرڻ لڳو. ناز خاتونءَ جو هٿ اڃا
اوهين ئي سندس هٿ ۾ هو. هن انهيءَ هٿ کي نرمي سان
زور ڏئي عجيب پيار ڀري آواز سان چيو، ”جيڪي
ڳالهيون خود منهنجي سمجهه ۾ نه ٿي آيون مون انهن
جي سمجهاڻي اوهان کان پي ورتي. پر حقيقت ڪري
منهنجي مرضي هئي ته ڏسان ته اوهان بابت جيڪي خيال
منهنجي دل ۾ هئا، اهڙائي خيال مون بابت اوهان جي
دل ۾ به هئا يا نه.“
”اوهان جي ۽ پنهنجي حالت هڪ جهڙي ٿو ڏسان. اها هڪڙي عجب جهڙي
ڳالهه ڪانهي ته اسان ٻنهي ۾ محبت جو بنياد انهي
مهل پيو، جڏهن اسان ٻنهي کي اها خبر پئي ته اسان
جو هڪ ٻئي سان رشتو ٿيڻو آهي؟“
ناز خاتونءُ انهيءَ جو ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر هن جو هٿ جو اڃا
نورالدين جي هٿ ۾ هو اهو ٿورو ڏڪڻ لڳو ۽ اهو ئي
جواب هو جو هن جي جذبن جو پورو ترجمو ڪري ٿي
سگهيو.
نورالدين چيو، ”باقي هڪڙو سوال ڪندس، خدا جي واسطي انهيءَ جو
جواب ضرور ڏجو. اهو هي ته اوهان پنهنجن هٿن سان
هڪڙي گلن جي ٽوڪري رنگن سان چٽي منهنجي ڀيڻ ڏي
موڪلي هئي، سا اوهان ڇو موڪلي هئي؟“ سان مون انهي
ڪري موڪلي هئي جو اوهان جي ڀيڻ به مون کي تصويرن
جو هڪڙو ڪتاب موڪليو هو، ۽ تحفو ڏيڻ وٺڻ ته هڪڙي
پراڻي رسم آهي.“
نورالدين البت بي آرام ٿي چيو، ”خدا جي واسطي پنهنجي دل کان
پڇي، ۽ چڱي طرح پڇي مون کي سچو سچو جواب ڏيو. خدا
جو قسم مون کي ائين لڳو ته تصوير اوهان منهنجي ڀيڻ
لاءِ نه پر مون لاءِ موڪلي هئي ته آءٌ ڏسان ۽ خوش
ٿيان. جڏهن مون تصوير ڏٺي تڏهن يڪدم منهنجي دل ۾
اهو ئي خيال آيو، ۽ اڃا ائين ٿو سمجهان. سچ ٻڌائجو
ته جڏهن اوهان اها تصوير موڪلي ٿي تڏهن اوهان جي
دل ۾ منهنجو ڪو خيال هو يا نه؟
ناز خاتون حيران ٿي وئي. نورالدين هن جي دل جو حال اهڙي طرح
صفائي سان کيس ٻڌايو هو جو پاڻ به محسوس ڪري نه ٿي
سگهي، ۽ حيرت ۾ پئجي وئي. انهي سان گڏ ئي گڏ وري
شرم به هن کي ڪجهه چوڻ نه ٿي ڏنو. نورالدين انهي
ماٺ مان ئي حقيقت سمجهي ويو ۽ ڏاڍي وينتيءَ سان
چيائين، ”آءٌ انهي سوال جو اوهان کان جواب ضرور
وٺندس. هي منهنجو آخري سوال آهي ۽ آءٌ اوهان جي
سچي سچي جواب جو ڏاڍي بي آراميءَ سان انتظار پيو
ڪريان. ٻڌايوم ته اها تصوير اوهان ڪنهن جي لاءِ
موڪلي هئي.“
”اوهان لاءِ“ ائين چئي ناز خاتون وري اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.
نورالدين جون اکيون چمڪڻ لڳيون. هن جي دل اهو جواب
ٻڌي ٽپا ڏيڻ لڳي. هن زور سان، اڻڄاڻائيءَ ۾، هن جي
هٿ کي ڀيڙيو ۽ خوشيءَ وچان هن جي واتان نڪري ويو،
خدا جو قسم! خدا جو قسم!“
ناز خاتون به جواب ڏنو. ٻئي ٿوري دير خاموش رهيا.
ناز خاتون نظر هيٺ ڪيو ويٺي هئي. نورالدين واچ ڪڍي
وقت ڏٺو ۽ چئني پاسي نگاهه ڪري ناز خاتونءَ جو هٿ
ڇڏي ڏنائين. پنهنجي کيسي مان هڪڙي هيري جي منڊي
ڪڍيائين جا بجليءَ جي روشنيءَ ۾ شعلن وانگر پي
چلڪي، ۽ چيائينس، ”هي اوهان لاءِ آهي.“ وري هٿ
جهلي پڇيائين، ”مون کي اجازت آهي؟“ ائين چئي منڊي
نازخاتونءَ جي آڱر تي چاڙهي هن جا هٿ آهستي پنهنجي
چپن تي رکي هن کان موڪلايائين.
”خدا حافظ!
خدا حافظ!“
چئي هو ڪرسيءَ تان اٿيو، وري هن کي خدا حافظ چئي
وڃڻ جي موڪل گهريائين، ”خدا حافظ!“
ناز خاتونءَ آهستي جواب ڏنو.
ويندي ويندي هن وري مڙي ناز خاتونءَ ڏي ڏٺو، جنهن پاڻ هن کي ڪنڌ
کنيو ويندي پي ڏٺو.
مس ماڊلين
]نوٽ:
ٿورا ڏينهن ٿيا ته شريمتي راڳڻي ديوي ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾ پنهنجو هندوستاني رقص يا ناچ جو هنر
ڏيکارڻ آئي هئي. هن جي هنر تي گهڻي راءِ زني ٿي
آهي ۽ مختلف ماڻهن رايا پي ڏنا آهن. بدقسمتيءَ سان
اگرچه مون ٽڪيٽ به خريد ڪئي هئي تڏهن به ڪن لاچاري
حالتن ڪري آءٌ پاڻ وڃي نه سگهيس. پر راڳڻي ديويءَ
جي هنر تي جيڪي ڳالهيون ٻڌيم، انهن مان ڪنهن هڪڙي
ڳالهه جو نقل هن آکاڻي ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽
چوندا آهن ته ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻو هجي ته
پهرين پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائجي، انهي اصول جي مدنظر
تي آکاڻيءَ ۾ هڪڙي تماشبين صاحب جو نالو مرزا صاحب
رکيو اٿم ته ڀل آءٌ بدنام هجان ۽ جي ڪن صاحبن کي
اها ڳالهه کڻي ڪکي به ته دل ۾ نه ڪن. ٻيو نالو به
بنهه خيالي آهي، ۽ هن آکاڻي ۾ ڪنهن به خاص شخص ڏي
اشارو ڪونهي. فقط ڪي عام رايا آکاڻيءَ جي صورت ۾
آڻي چرچي جو چرچو ڳالهه جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.[
مرزا صاحب پنهنجين ڪن خاص عادتن جي ڪري سڄي شهر ۾ چڱي طرح مشهور
هو. گنگا جمني وضع ۽ وقار به قائم رکندو هو ۽ نئي
روشنيءَ جو به خيال رکندو هو. ڪي قدر، ڪچو پڪو
لکيل پڙهيل به هو ۽ وقت تي انگريزي جا ٻه ٽي گفتا
ٺوڪي وڃي پار پوندو هو. ڪٿي به ڪا دعوت يا پارٽي
هوندي ته مرزا صاحب به ضرور اتي موجود هوندو، ۽
جيسين سڀ مهمان اٿي هليا نه وڃن تيسين پاڻ اٿڻ جو
نالو ئي ڪونه وٺندو.
انهن ڏينهن ۾ آمريڪا جي مشهور رقاصه (نچڻ واري) مس ماڊلين جي
شهر ۾ اچڻ جي گرما گرمي چئوپچو پي هلي. هر ڪنهن جي
وات ۾ اهائي ڳالهه هئي. اخبار وارن مس صاحبه جي
هنر تي طرح طرح جا رايا ۽ تعريفون لکي، ماڻهن جو
شوق هيڪاري پي ڀڙڪايو ۽ لفظن ئي لفظن ۾ انهيءَ
رقاصه جي اهڙي ته تصوير ٿي ڪيائون. جو توهان مون
جهڙن خشڪ مزاج صوفين جون دليون به گد گد ٿيو پي
ويون.
هڪڙي ڏينهن اسان جو مرزا صاحب ڪنهن مجلس ۾ ويٺو هو. هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون پي ٿيون، ڪنهن چيو، ”اجهو
ڀائرو، مس ماڊلين به اچي سهڙي.“
مرزا صاحب جهٽ چئي اٿيو...
”اڙي ادا، ڪڏهن؟ اوهو!
اسان کي ته خبر به ڪانه پئي. جلسو ته ڏاڍي شان
مان سان ٿيندو. عجب آهي ته اسان سلاميءَ جي توفن
جو آواز ڇو ڪين ٻڌو؟“
هي اوهين ڇا پيا فرمايو، ڪنهن پڇيو، ”اوهان کي ڪا خبر آهي ته
هيءَ مس ماڊلين آهي ڪير؟“
”هون!“
مرزا صاحب مرڪي جواب ڏنو، ”خبر ڇو نه اٿم. ضرور
هندستان واري جنرل ماڊر جي ڪا مائيٽياڻي هوندي.“ ۽
وري ”ڇو سائين ضرور وڏا وڏا ماڻهو جج، مئجسٽريٽ، ۽
سيٺيون هن جي سلام ۽ پيشوائيءَ لاءِ ويا هوندا.“
”بس، مرزا صاحب ڇڏيو نه اهي چرچا؟“
”ڇو؟ ڪو ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟“
”بلڪل ڪوڙ.“
”ته ڀلا اوهين کڻي ٻڌايوم،“ مرزا صاحب چيو، ”متان ڪا شهزادي آهي
جا حضور ملڪه وڪٽوريا جي خاندان مان هندستان جي
سير لاءِ تشريف آور ٿي آهي؟“
”نه، سائين. شهزادي ٻهزادي ڇا جي؟ رقاصه آهي، رقاصه!“
”لاحول ولا!
اوهان ڇا چيو؟ رقاصه؟ ولائتي ڪڃري؟“
”ها. رقاصه!
۽ وري غضب اهو جو نچي به ٿي اگهاڙي...“ آڱر مٿي
کڻي، بنهه الف ئي الف!“
”ڪير؟“ مرزا صاحب حيران ٿي پڇو، ”مس ماڊلين؟“
”ها، جناب، مس ماڊلين!“
”توبه استغفرالله!“
انهيءَ تي سڀئي ٽهڪ ڏئي کليا. پر مرزا وڏ خيال سان پڇيو، ”ادا،
اوهان کي منهنجي سر جو قسم آهي سچ ٻڌائجو. ڪٿان
آئي آهي؟ آهي ڪير؟“
”چئي ته چڪا آهيون ٻيو ڪيئن چئون. رقاصه آهي ۽ انگلينڊ يا
آمريڪا کان آئي آهي.“
”اوهو!“
مرزا صاحب وري مرڪي چيو، ”هاڻ سمجهيم!
انهيءَ ئي راڻي وڪٽوريا جي ملڪ مان.“
”اڙي مرزا صاحب،“ ڪنهن چيو، ”اوهان جي راڻي وڪٽوريا کي ته
انتقال ڪئي ڪي ورهيه گذريا، هاڻ ته انهي جو پوٽو
پيو راڄ ڪري.“
”توهان کي ڪهڙي خبر،“ مرزا صاحب چيو، ”باغ انهيءَ جي نالي سڏبو
آهي جو پوکيندو آهي.“ ۽ وري، ”ها، پر اهو ته
ٻڌائجو، اها مس ماڊلين اسان جي شهر ۾ به ناچ
ڪندي؟“
”ته پوءِ آئي ڇاڪاڻ آهي؟“
”۽ بنهه اگهاڙي؟“
”اصل بنهه!“
”نيٺ ڪجهه ته ڍڪيندي هوندي.“
”ها، ڇو نه؟“
”ڇا؟ ڀلا مون کي به ته ٻڌايو.“
”مرزا صاحب توهين پاڻ اهڙا دانشمند ماڻهو ٿي ايترو به سمجهي نٿا
سگهو؟“
مرزا صاحب سوٽجي چيو، ”ميان، ڇڏيو اهي واهيات ڳالهيون. ملڪ خدا
جو، راڄ حضور ملڪه وڪٽوريا لندن واريءَ جي پوٽي جو!
ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو جو هڪڙي عورت ذات مردن
اڳيان ائين بيهي نچي جو سندس... سندس...
سندس سڀڪي ڏسجي؟“
”ڀلا جي توهان کي اعتبار نٿو اچي ته هلي پاڻ ڏسجو،“ ڪنهن چيو.
مرزا صاحب عينڪ سڌي ڪندي پڇيو، ”ڪٿي؟ ڀائي- جي ڪوٺيءَ تي؟“
”جي نه. هومسٽيڊ هال ۾“.
”اتي جتي اندر سڀا... لاحول والا!
جتي سوديشي بازار ٿيندي هئي،“ مرزا صاحب ڪنڌ ڌوڻي
پڇيو، ”اڙي ميان، ڇڏي ڏيو، اسان پنهنجن ڏينهن ۾
گهڻا ئي تماشا ڏسي ڇڏيا.“
”خير جي هلڻو هجيو ته تياري ڪريو.“
”ڪڏهن؟“
”اڄ رات جو؟“
”چڱو ادا،“ مرزا صاحب چيو، پڇندس هن کان، جي گهر واري هلي ته.“
”اڙي مرزا صاحب،“ ڪنهن کلي چيو، ”اهڙو قهر نه ڪجو، ها، جي گهر
کان ڪڪ ٿيا هجو ته ٻي ڳالهه آهي.“
مرزا صاحب جو اتان اٿيو ته سڌو پنهنجي دوست مير اڪمل خان جي گهر
پهتو. اڪمل به مرزا صاحب وانگر جهوني زماني جو
ماڻهو هو. تترن ويڙهائڻ جو گهڻو شوق هوس. ڏٻرو
سنهو، بنهه مردار ٽٽوءَ جي نموني جو ماڻهو هو.
پيشاني اڳتي نڪتل هوس، ۽ ننڍيون ننڍيون گول اکيون
هاٿيءَ جي اکين وانگر اندر گهريل هوس، نڪ مٺوءَ جي
چهنب وانگر ٻاهر نڪتل هوس ۽ هڪڙي جهوني پراڻي عينڪ
جنهن جي ڪمانن تي ٿلهو ڳاڙهو سٽ ويڙهيل هو، هميشه
انهيءَ طوطي جي چهنب تي چڙهي پئي هوندي هئي. مرزا
۽ مير جي پاڻ ۾ گهري دوستي هئي. رسمي عليڪ سليڪ
کان پوءِ مرزا صاحب پڇيو، ”مير صاحب، اوهان ڪي ٻڌو
به آهي؟“
”روز هزارين ڳالهيون پيو ٻڌجن، مير صاحب چيو، ”توهين الاجي ڪهڙي
ڳالهه ٿا پڇو.“
”ولايت واري مس ماڊلين آئي آهي.“
”ها، فرنگڻ آهي... ڪڃري،“ مير اڪمل خان چيو، ”شهر ۾ انهي جو ذڪر
ته مون به ٻڌوآهي.“
”جي نه، مير صاحب،“ مرزا ڪنڌ ڌوڻي چيو، ڪڃري نه، رقاصه، اشراف
زال ٿي ٻڌجي ۽ وڏ گهراڻي.“
”سمجهيم، سمجهيم،“ مير صاحب تتر جا پر سڌا ڪندي چيو، ”ته درگاهه
تي قوالي ڪرڻ آئي هوندي. اهي ماڻهو به پير پادري
گهڻا ٿا مڃين. يا متان ڀائي صاحب سڏرائي هوندي.“
”نه، نه،“ مرزا صاحب بيزار ٿي چيو، ”ڳائڻ ٻائڻ ڪونه ڄاڻي. مون
ته اهڙي ڳالهه ڪانه ٻڌي.“
”ته؟“
”نچندي آهي... ۽ سو بنهه اگهاڙي ٿي.“
مير اڪمل ڀت کي پٺ ڏيو ويٺو هو ۽ هاڻ سنئون ٿي ڪنڌ مرزا ڏي
وڌائي پڇيائين، ”منهنجي سر جو قسم؟“
”ها، اوهان جي سر جو قسم“ ۽ وري، ڇو؟ هلبو؟“
”ها، يار، اکين سان...“
مرزا صاحب اڪثر رات جو دير سان گهر ۾ تشريف رکندا هئا، پر اڄ سج
لٿي کان ئي اڳي اچي موجود ٿيا. گهر ۾ هرهڪ ڀاتيءَ
سان خوش ٿي ٿي پي ڳالهايائين، ۽ ماني ٽڪي کائي،
خوشامندي طرز سان بيگم صاحب کي چيائين، ”اڄ ڪهڙي
ڳالهه تي پئي مرڪين؟ شايد منهنجو نئون ڪوٽ ٿو
وڻئي؟“
بيگم صاحب کلي جواب ڏنو، ”ٻڍا ٿي ويا آهيو ته به اهي ڳالهيون
نٿا ڇڏيو.“
”ڀلا توسان لاڏ نه ڪندس ته ٻيو ڪنهن سان ڪندس،“ ۽ ٿورو ترسي،
”ڀلا اڄ پنج روپيه ته ڏيار.“
”هيڏي مهل پيسن جي ڪهڙي اچي گهرج پئي اٿئي.“
”گهرج نه هجي ها، ته گهران ڇو ها؟“
”نيٺ آءٌ به ته ٻڌان.“
”پهرين ڏنئه ته ڇا ٿيو. پر تنهنجي سر جو قسم سخت ضرورت اٿم.“
”ڪي آءٌ به ته ٻڌان.“
”پهرين ڏيڻ جو انجام ڪر ته پوءِ.“
”ڀلا چئو ته سهي.“
مرزا صاحب مرڪي چيو، ”توبه!
زال ڪي ڦڪڙي!
ڀلا ٻڌ. اڄ، راڻي باغ ۾ ميلو لڳڻو آهي. سڀ شيون
کوکن ۾ هونديون. رپيو ڏيڻ تي هڪڙِي کوکي ۾ هٿ وجهڻ
جي موڪل ملندي. پوءِ جنهن کي موليٰ ڏياري. مون ٻڌو
آهي ته هيرن جواهرن سان جڙيل ڪنگڻ، سونيون ۽
ميناڪاري چوڙيون، ۽ هار به انهن کوکن ۾ وڌا اٿن.
قسمت جي بازي آهي. شايد پنجين رپئي ۾ پنجن سون جو
سامان ملي وڃي.“ ۽ بيگم کي خاموش ڏسي، ”خدا جو قسم
آهي، تنهنجي ٻانهن تي جواهري ڪنگڻ اهڙا ته ٺهندا!“ بيگم صاحب مرڪڻ لڳي ۽ مرزا صاحب کي به جو دال ڳرندي
نظر آئي ته وري جوش سان چوڻ لڳو، ”هو مير اڪمل ته
پندرهن رپيا کنيو ٿو هلي، پر خير آءٌ، پير جي دعا
سان، پنجن رپين ۾ ئي ڪجهه نه ڪجهه کنيو ايندس.“
مطلب ته گهڻي منٿ ميڙ ۽ خوشامد کان پوءِ مرزا صاحب کي پنج رپيا
ملي ويا، ۽ هاڻ رواني ٿيڻ جي تياري ٿيڻ لڳي. پوشاڪ
بدلايائين، اکين ۾ سرمو هنيائين ۽ گهر کان نڪرڻ
کان اڳي ڪي ويهه ڀيرا آرسي کڻي کڻي پاڻ کي ڏٺائين
۽ پوءِ: يا الاهي خير!
”نصره من الله فتح قريب،“ جا نعرا هڻندو مرزا صاحب
سان گڏجي هومسٽيڊ هال ۾ وڃي پهتو.
پنجن پنجن رپين واريون ٻه ٽڪيٽون خريد ڪري ٻئي اندر داخل ٿيا،
پر هال ۾ قدم مس رکيو هئائون ته هڪڙي پاسي کان
آواز آيو، ”اجهو، مرزا صاحب به اچي ويو.“
هاڻ ته چئني پاسي کان آواز اچڻ لڳو، ”هيڏانهن تشريف رکجو، مرزا
صاحب.“
”نه سائين هيڏانهن!“
”ادا مرزا، توکي اسان جي سر جو قسم آهي، هيڏانهن!“
”مير صاحب!
مير صاحب!
گهلي اچو مرزا کي اسان ڏي!“
جيڏانهن پي آواز آيو، مرزا صاحب به اوڏانهن ڦريو پي ڏٺو ۽
مرڪيو، نيٺ هڪڙي ڪرسيءَ تي چڙهي بيٺو ۽ چيائين،
”ڇو، عقل ويو اٿو ڇا؟ اسين ايڏانهن ڪيئن اچي
ويهون؟“ پوءِ ٽڪيٽ هوا ۾ لوڏي، ڏسو نٿا ته اسان
پنجين رپئن جي ٽڪيٽ ورتي آهي.“
”انهيءَ تي ايترو ته گوڙ مچي ويو جو توبه!
شايد مرزا صاحب اڃا ڪي وڌيڪ فرمائي ها، پر مير
صاحب سندس ڪوٽ کان جهلي کيس هيٺ لاٿو ۽ ٻئي
”اسپيشل ڪلاس“ ۾ وڃي ويٺا، ته ڪنهن چيو، ”مرزا
صاحب اوهين ڪيئن اچي نڪتا؟“
مير صاحب مرزا جي ڪوٽ کي ڇڪي ڏئي چيو، ”ماٺ ڪري ويهه. شودا ته
آهن.“ ۽ جڏهن مرزا صاحب ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي ٿانئيڪو
ٿي ويٺو ته مير صاحب وري چيو، ”شل نااميد نه
ٿيون.“
”ڪيئن؟“
”ڏسون ناچ ڪيئن آهي.“
”اهوئي اگهاڙو ناچ ٿيندو، ٻيو ڇا؟“
”ادا مرزا، مير صاحب کلي چيو، ”اهڙي بيحيائي پاڻ کان ڏٺي ڪانه
ٿيندي. نيٺ اسان جي گهرن ۾ به ته ننهون ڌيئون
آهن.“
ڇڏ ڙي ڇڏ!
ڏٺيون اٿئون اوهان جون شرم حضوريون!
ميان پنج پنج لولي جيڏا رپيا خرچي آيا آهيون، سو
اسان به ڪي ته لهڻن. جي اکيون هيٺ ڪري ڏسي
وٺنداسين. ٻڌو ڪي اٿئي، ”گناهه برگردن راوي.“
”سائين مرزا ۽ مير صاحب اڃا انهي قسم جون ڳالهيون ويٺي ڪيون ته
اوچتو پردو مٿي کڄيو. مس ماڊلين هڪڙي سنهي بادل
جهڙي چادر ويڙهيو سٽيج تي نمودار هئي. ماڻهن
تاڙيون وڄائي هن جي خوش آمديد ڪئي. مير اڪمل خان،
پنجئي رپيا پاڻيءَ ۾!“ ۽ مرزا صاحب جن فرمايو، واقعي، ڪهڙي نه واهيات زال
آهي.“
مس ماڊلين، پنهنجي خاص انداز سان آهستي آهستي قدم کڻي پنهنجي
حسن جو جلوو پي ڏيکاريو. پوءِ ته اها سنهي چادر به
پاسي ڪري اڇلي ڇڏيائين، جنهن تي ماڻهن وري هڪڙي
ڀيري زور سان تاڙيون وڄايون. رقاصه کي اهڙا ته
سنها ڪپڙا پاتا پيا هئا، جو منجهان سڄي بدن جي
اوگهڙ انڌي انڌي نظر پي آئي ۽ سگهو ئي هوءَ سارنگي
۽ طبلي جي دلنواز گتن تي پنهنجي هنر جي هوشياري
ڏيکارڻ لڳي. هڪڙو ناچ نچي، وري ٻيو، وري ٽيون ۽
ڀيري ڀيري سان ڪپڙا مٽائيندي آئي جن مان بدن ڪنهن
مان گهٽ ته ڪنهن مان وڌ ڏسڻ ۾ پي آيو.
”مرزا، هوءَ ڳالهه ته ڪانه ٿي،“ مير صاحب ناچ هلندي چيو.
”ها، ڪا جهرمر ته ڏسجي پئي پر ٻيو مڙيئي خير!“ مرزا صاحب فرمايو.
پٺين قطار ۾ ٻه ٽي ڄڻا هنن جون ڳالهيون ٻڌي پي کليا. مس ماڊلين
نچندي نچندي ڪڏهن اسٽيج تي گهڻو پوئتي ته ڪڏهن
اڳتي پي آئي ۽ روشنيءَ جو به اهڙو بندوبست رکيل هو
جو هوءَ جڏهن پوئتي ٿي وئي تڏهن روشني گهٽجيو ٿي
وئي ۽ هوءَ اڳتي ٿي آئي ته روشنيءَ به ٿي وڌي. هاڻ
جا هوءَ اڳتي آئي ته پٺين قطار مان ڪنهن چيو، ”وٺ،
ميان، هاڻ ڏسي وٺ.“
اهو ٻڌندي ئي مير ۽ مرزا ٻئي جلدي جلدي پنهنجون عينڪون لاهي،
جيڪي هٿ چڙهين انهي سان ڪائو صفا ڪري، چاڙهي، ڪنڌ
اڳتي ڪري ڪري واجهائڻ لڳا. پر مير صاحب وري چيو،
”مون کي ته مزو ئي ڪونه ٿو اچي.“
”ها، صفا ته ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي،“ مرزا صاحب جواب ڏنو.
”خدا ڄاڻي هي ماڻهو ڇا ڏسي پيا خوش ٿين.“
مرزا صاحب چيو، ”انڌا آهن، انڌا.“
ايتري ۾ وري ڪنهن پٺيان چيو، هاڻ چئو ڀلا. آهي ڪي لڪل؟“
بس هنن جو ايترو ٻڌڻ ۽ ٻئي جهٽ ۾ وري عينڪون لاهي لڳا ملڻ ۽ صفا
ڪرڻ، ۽ وري نڪن تي ڄمائي، اڳتي جهڪي ڏسڻ لڳا. مير
صاحب مرزا کي ڪک هڻي چيو، ”ڪا ڳالهه آهي ته سهي.“
”ها، ذرو جهلڪو مون به ته ڏٺو.“
ايتري ۾ وري ڪنهن پٺيان چيو، ”جهڙي ٻڌيسين تهڙي ڏٺيسين.“
وري ٻئي ڪنهن چيو، ”بس ادا، بيحيائيءَ جي حد ٿي چڪي.“
وري مرزا صاحب ڏي جهڪي چيو، ”يار، مون کي ته ڪو نظر ۾ ڦير ٿو
ڏسجي.“
”نه اسين البت پري ويٺا آهيون،“ مير صاحب چيو. هينئر رقاصه ڪجهه
اوندهه ۾ بيٺي پنهنجو هنر ڏيکاريو ۽ هاڻ جو اڳتي
وڌي ته وري پٺين مان ڪنهن چيو، ”وٺوسائين، هاڻ ته
ڪو فرق ڪونه رهيو.“
پويان بيٺل: شمس علماءِ مرزا قليچ بيگ، نادر بيگ مرزا (نوجوان)
مرزا سڊني بيگ (نادر بيگ جو سڳو سؤٽ ۽ ڀيڻيوو)
ڪرسين تي ويٺل: فخرالنساءِ (نادر بيگ جي وڏي ڀيڻ ۽
مسز سڊني بيگ جي ڪڇ ۾ فرهادم مرزا) ايڊي ليڊ (نادر
بيگ مرزا جي سس) گريسي (نادر بيگ جي سڳي سؤٽ ۽
زال)
ٻار: اختر بيگ (مرزا نادر بيگ جو ننڍو ڀاءُ) |