بوئنگ بوئنگ
تاريخ جي موونگ فنگر ٿورو ڪجهه لکندي، گهڻو ڪجهه ڇڏيندي سرڪل ۾
ڦرندي ٿي رهي. تاريخ نويس ڪوڪراماڪاتبين ته آهي
ڪونه جو سڀ ڪجهه لکندو وڃي. ڪجهه ته پويان ايندڙ
پانڌئيڙن لاءِ به رهجائڻو آهي جئنءَ پيرا سلامت
رهن ۽ ابد تائين سفر جاري رهي.
الله الصمد.
نصير مرزا
ارپنا
پنهنجي سنجهوري واري دوست ڊاڪٽر رميش ڪمار رامناڻيءَ جي نالي:
جيئن مينهن ڪُنڍي پُور
تيئن دوست وراڪو دل ۾
(شاه)
نصير مرزا
تصويرن جا سرا
(Captions)
پنهنجي گهر آڏو، وڪٽوريا ۾ ويٺل مسز نادر بيگ مرزا. هي اهوئي
گهر آهي جنهن مان پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي کان عليحدگي
اختيار ڪئي.
نادر بيگ مرزا جو ٺاهيل ڪٻٽ، جيڪو پاڻ پنهنجي دوست شعبان
ميراڻيءَ کي تحفي طور ڏنو هيائين. هي ڪٻٽ نادر بيگ
انهن ڏينهن ۾ ٺاهيو هو. جڏهن کيس پٽ ذاڪر ڄائو هو.
ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ.
سنڌ جو پهريون مسلمان ايف آر سي ايس.
نادر بيگ جو چاچو ۽ پوءِ سهرو.
نادر بيگ پنهنجي، نئين ورتل ڪار ۾ پٺين سيٽ تي پنهنجي والد مرزا
قليچ بيگ سان گڏ ويٺل. ڊرائيورنگ سيٽ تي نادر بيگ
جو سوٽ ۽ سالو سڊني بيگ مرزا.
نادر بيگ مرزا ۽ سندس زال گريسي مرزا
(19-3-1914)
لو مئرج کا اَٺ ڏينهن اڳ نڪتل فوٽو.
نادر بيگ مرزا جا مختلف پوز.
ڪورٽ ڊريس ۾،
ڪارن ڪپڙن ۾،
آفيس وڃڻ جي تياري،
پَٽ تي وڇيل گاديلي مٿان مطالعو ڪندي.
7. نوجوان نادر بيگ مرزا
نادر بيگ جي شاعريءَ مان چونڊ
ڄاڻڻ گهرجي ته، نادر بيگ مرزا اعليٰ پائي جو نثرنگار ۽ ڪهاڻيڪار
هجڻ سان گڏو گڏ بهترين ۽ پرگو شاعر به هو. هن ڪتاب
جي تذڪري ۾ هن جي شاعريءَ جو ڇاڪاڻ ته ذڪر آهي ان
ڪري ضروري سمجهيم ته ان جي جهلڪ به اوهان کي
ڏيکاريان، سو عزيزو تبرڪ طور پهرين ديوان نادر بيگ
مرزا مان، ڪجهه غزل ۽ ڪجهه غزلن جا چونڊ شعر، بطور
نمونو ڏسو.
نصير مرزا
غزل
(1)
تون سندم دل ۽ جان، اي پيارا!
جان تون ۽ جهان، اي پيارا!
پيئي ٻڌجي هي مدعا دل جي،
آهي جيسين زبان، اي پيارا!
حسرتن جو هي داغ سيني ۾،
دوستيءَ جو نشان اي پيارا!
تنهنجي تعريف ۾ غزل ٺاهڻ،
عشق جو امتحان، اي پيارا!
ٻيو آهي ڪير خانه دل ۾،
تنهنجو آهي مڪان، اي پيارا!
هر ادا تنهنجي حسن دلڪش جي،
آهه نادر جي جان، اي پيارا!
(2)
ڀري پيار ساقي ڪو اهڙو شراب،
ٿئي دور پردو، لهي پئي حجاب.
ربابي، اچي پنهنجي سازن کي ڇيڙ،
وڄن ها، وڄن هاڻ چنگ ۽ رباب.
اچي هاڻ نادر به مستيءِ ۾ ڪي،
ڀري پيار ساغر ڪو اهڙو شتاب.
(3)
وري مون سان دلبر، جدائي نه ڪر،
وڃڻ جي سگهو هاڻ وائي نه ڪر.
وفا جي ڪري مهر مون تي پرين،
وري مون سان تون، بي وفائي نه ڪر.
اجها آءٌ رکان تنهنجي قدمن تي دل،
اها ملڪ پنهنجي پرائي نه ڪر.
ڏکايل ۽ بکايل جي اي آشنا!
تون نادر سان، نا آشنائي نه ڪر.
(4)
ڏيکار شڪل پنهنجي، منهن تي نقاب ڪهڙو،
اڄ وصل ۾ هي دلبر، آهي حجاب ڪهڙو.
قاصد هٿان وٺي خط، پرزا ڪري اڏائين،
ظالم مڪو هي مونڏي، خط جو جواب ڪهڙو.
حسن ازل کان تنهنجي آهن هزار گهايل،
خورشيد آه ڪهڙو ۽ ماهتاب ڪهڙو.
انگور جي پنن سان نادر جي لاش ڍڪجو،
ميخوار جي جنازي تي ڪيمخاب ڪهڙو.
دلبر پيارا عينڪ وارا
واهه اوهان جا عين اشارا.
ناهه لڄارو پاڻ پيارو، ناز جهنيجا نازن وارا،
دلبر پيارا.
کليو کلايو نيڻ لڙايو، هاءِ ڪريو ٿا دل تي وارا،
دلبر پيارا.
نانگ بلائون زلف رسائون، وار ڀرون سڀ ڪارئي ڪارا،
دلبر پيارا
غزل ۽ هزليات
]مزاحيه
نظمن ۽ هزليات واري مجموعي مان چونڊ[
مزاحيه غزل
مون ڪيو ديدار حسنِ يار جو،
پيو ڪري پردو جڏهن منٺار جو.
اي پرين توکي ڏسي هر هر اُٿي،
سور سيني ۾ دل بيمار جو.
اي سڄڻ مون کي ڪرڻ ڏيندين ڪڏهن،
حال پنهنجي عشق جو آزار جو.
ڪهڙي لذت ساڻ ويو سارو لنگهي،
هي زمانو عيش جو اسرار جو.
چئو مٺا هاڻي ڪڍان يا پيو هجي،
پيچ جو تو ساڻ پاتم پيار جو.
ڪر ذرا آهسته ڀل زياده هلي،
مون اڳيان هي داستان دلدار جو.
واءِ حسرت ويو سگهو نادر ڇُٽي،
آسرو دلبر سندي ديدار جو.
سگريٽ (نظم)
وڃي تون اي سگريٽ!
چپ چم، عجيب،
ٿئي شال منهنجو به اهڙو نصيب.
جلي جان جانب اڳيان ڏي مگر،
جيل جيئن جدائي ۾ منهنجو جگر.
هتي توکي عزت ۽ حرمت ملي،
هتي هڪڙو عاشق مري پيو ڀلي.
هتي تنهنجون ڦوڪون ڀري گلبدن،
هتي دل مان آتش جا دونهان اٿن.
هاڻي موهني جي نسبت سان لکيل نادر بيگ مرزا جي ڪافي ۽ پوءِ سندس
نڪ نيم نماڻيءَ جي حوالي سان لکيل غزل جو مطالعو
فرمايو[.
ڪافي
ڪيو موهنيءَ، مون کي موهي ديوانو،
ڦران ٿو آءُ گهر گهر ٿي هاڻي ديوانو،
پرينءَ جا ڏئي پار، پنڌڙا پڇايان،
لکائي آءُ تعويذ فالون وجهايان،
نه آيو ملڻ جو مگر ڪو بهانو،
ڪيو موهنيءَ، مون کي موهي ديوانو.
محبت جا پي جام، آءٌ ٿيس موالي،
آهيان تنهنجي ديدار جو آءٌ سوالي،
ٿي عاشق لٽايوم دل جو خزانو،
ڪيو موهنيءَ، مون کي موهي ديوانو.
هلي آءُ موٽي، جدائي ٿي ماري،
پرين ڇو وئين پنهنجو عاشق وساري،
اچي دل ۾ نادر جي ڪر آستانو،
ڪيو موهنيءَ، مون کي موهي ديوانو.
نماڻيءَ جي نالي غزل
نماڻيءَ جا نماڻا نيڻ جي منهنجي نظر آيا،
سي منهنجي حق ۾ ڄڻ بڻجي، سبب سوزجگر آيا.
نماڻا ٿي ڪري قالب، نماڻي دل نماڻيءَ جي،
نماڻائي ڏسي چڪر ۾ پئي شمس و قمر آيا.
نماڻائي هجي شامل، نزاڪت حسن سان جت ڀي،
يقيناۡ سر تي عاشق جي اتي ظلمن ولر آيا.
نه هو جن قدر تنهنجو ڪو حياتيءَ ۾ اڙي نادر،
نماڻي دل کڻي تنهنجي قبر تي سي مگر آيا.
نادر بيگ جو تصنيفون
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود نادر بيگ
مرزا جي ڇاپيل ۽ اڻ ڇاپيل ڪتابن جو وچور هن ريت
آهي.
ڇاپيل ڪتاب:
1. ناول ”دلڪشا“
لکيل انگريزي ۾.
موضوع
Romance of Sindh
ڇاپجڻ جو سال: ڄاڻايل ناهي.
ارپنا: نادر بيگ جي دوست آءِ سي ايس مسٽر حامد عليءَ جي
نالي آهي.
ڇاپائي: نهايت عمده ٿيل اٿس.
پبلشر: سنڌ پبلشنگ هائوس ڪراچي.
صفحه: 228.
نوٽ: انومان آهي هي ڪتاب نادر بيگ جي حياتيءَ ۾ 1930ع
کان 1935ع ڌاري ڇپيو هوندو.
2. ناول ”محبوب ڪربلا“ (ٻه ڇاپا)
ٻولي: سنڌي.
موضوع: يزيد ابن زياد ۽ واقعه ڪربلا. صفحا 258.
ڇاپائي جو سال: ڄاڻايل ناهي.
پبلشر: انجمن اماميه قدم گاهه موليٰ علي، حيدرآباد.
نوٽ: انومان هي آهي ته، ناول به نادر بيگ جي حياتيءَ ۾
1940ع کان اڳ ڇپيو هو.
برهم وديا مالا 7
3. ڪتاب جو نالو: ”تناسخ ۽ اسلام“
موضوع: پنر جنم بابت مختلف مذهبن جا ويچار.
صفحه: 112
قيمت: اٺ آنا
ڇاپائي جو سال: ڄاڻايل ڪونهي.
ڇاپائيندڙ: ڄيٺمل پراسرار گلراج
Blavat skey Press and published at the Bandhu Ashran
Hyderabad Sindh.
وضاحت: مٿئين ڪتاب جو جواب، جناب محمد بخش واصف صاحب
تحرير فرمايو ۽ نالو رکيائينس: ”ردِ تناسخ“. اهو
ڪتاب ڇاپيل آهي ۽ سنڌالاجيءَ جي لائبريري ۾ موجود
آهي.
اڻ ڇاپيل ڪتاب
1. نالو: پهاڪن جي حڪمت (الف – بي وارا)
ٻولي: سنڌي ۽ انگريزي
موضوع: سنڌي پهاڪا ۽ انهن سان مناسبت رکندڙ انگريزي
پهاڪن جو انتخاب ۽ سنڌي وارن پهاڪن جو
مفهوم ۽ پس منظر ڄاڻايل آهي.
صفحا: فل اسڪيپ 175
سهيڙڻ جو سال: مسودي ۾ ڄاڻايل ناهي.
2. نالو: ديوان نادر بيگ مرزا
موضوع: الف – بي وار غزلن جو ديوان.
سهيڙڻ جو سال: 1937ع
نوٽ: هن ديوان کان الڳ ڪجهه مختلف موضوعن تي نظم به آهن
جن جا عنوان آهن: ”شام“ ”پروانو“. زالن جي سوسائٽي
شروع ٿيڻ تي، چانهه ۽ لسيءَ جو مناظرو، آل انڊيا
ڪئا آپريشن ڊي، رياضي سگريٽ وغيره.
3. نالو: منهنجون آکاڻيون (ڀاڱو ٻيو)
ڪهاڻيون: منڊي جي مصيبت، عينڪ جو آزار، ڏٺو ويندو، مسٽر
جانسن........... ۽ ٻيون.
نوٽ: (هن مجموعي جو صرف هڪ هنڌ اشتهار موجود آهي.
ڪهاڻيون ڪٿي آهن؟ ڪا خبر ڪانهي).
ضميمو
گلڻ فقير ڏاهري جي عريضي
نادر بيگ مرزا جنهن سال نوشهري فيروز ۾ سٽي مئجسٽريٽ جي
حيثيت سان وڃي چارج ورتي هئي، ان ئي سال گلڻ فقير
ڏاهريءَ نالي وارو ڪو سنڌ جو سدا ملوڪ سگهڙ، قتل
جي الزام ۾ گرفتار ٿي، نوشهري جي جيل ۾ اچي قيد
ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته کيس سزا جزا ڏيڻ جو آڌيڪار سٽي
مئجسٽريٽ يعني علمي ادبي خاندان جي چشم چراغ نادر
بيگ مرزا وٽ هو. ذهين سگهڙ گلڻ فقير ڏاهريءَ ڪيو
هيئن جو پنهنجي بي گناهه هجڻ جي روداد، سانوڻ فقير
جي ڏوهيڙن واري انداز ۾ تحرير ڪري، جيل مان سٽي
مئجسٽريٽ ڏانهن اماڻي ڏني. منهنجي خيال ۾ سگهڙ گلڻ
فقير ڏاهريءَ جي اها منظوم ۽ مغموم روداد سنڌي ادب
لاءِ بذات خود هڪ عظيم الشان شهه پارو آهي.
نادر بيگ مرزا، مغموم سگهڙ جي فرياد جو ڪهڙو داد ڪيو،
ان جو ڪنهن کي به، ڪو به پتو ڪونهي، باقي توقع آهي
ته، هن ان جي دادرسي ڪئي ضرور هوندي. چاچا اسد بيگ
مرحوم راوي هو ته، نادر بيگ جڏهن پنهنجي عظيم
والد- قليچ بيگ مرزا کي اها روداد پڙهي ٻڌائي ته،
هن ان کي ايتري قدر ته پسند فرمايو جو، ان کي
پنهنجن هٿ اکرن سان اتاري، پنهنجي پسند جي شعري
انتخاب ”گرجي نامه“ ۾ سدائين لاءِ محفوظ ڪري
ڇڏيائين.
گلڻ فقير ڏاهري جي اها منظوم فرياد ”گرجي نامه“ جي قلمي
مسودي ۾ مٿين وضاحت سان موجود آهي. مان ان روداد
جو صرف هڪ بند اوهان جي دلچسپيءَ ۽ مطالعي لاءِ
هتي نقل ڪيان ٿو.
تون آهين گلابي گل،
مرڪين ويٺو ميز تي،
ڏئي سزائون سالم،
ڪڍي ڏس ڪتاب ۾،
ڪو قائدي جو قلم،
معافي ڏي مسڪين کي،
ڪري ريذيڊنٽ رحم،
دعا ڪريئين ٿو دل سان،
تنهنجي ڪچهري قائم،
هنن بيتن مان ٿئي،
توکي مرد سڀ معلم،
هاڻي ظاهر ڪر نه ظلم،
ڦٽو ڪر فقير کي.
ديباچو
مون ته آکاڻيون ننڍي هوندي کان پي لکيون آهن، جو والد مرحوم جي
ستي پيٽ ۾ پيل هئي. جڏهن ڪڏهن ساڻن گشت تي ويندو
هوس ته منزل منزل تي پنو ۽ پينسل ڏيندا هئا ته
جيڪي واٽ تي ۽ اڳين منزل تي ڏٺو ٻڌو اٿيئي، سو لکي
اچ پر انهن آکاڻين مان اڃا پرايو ڪي به ڪين اٿم.
اڃا ڪا آکاڻي پوري مس ٿيندي هئي ته ڪونه ڪو سنگتي
ايڊيٽر لامارو ڏئي کڻي ويندو هو، يا ڪنهن نه ڪنهن
دوست جي فرمائش ٿيندي هئي ته فلاڻا اهڙي ڪي آکاڻي
ته موڪلي ڏي. آکاڻيءَ جي عوض ۾ انهي اخبار يا
رسالي جون ٻه ٽي ڪاپيون مون ڏي موڪلي ڏيندا هئا.
گهڻا ڏينهن ته آءٌ انهيءَ ۾ خوش هوس ته منهنجو
نالو به اخبار ۾ ٿو ڇاپجي. پر نيٺ چري به ڦٽ ۾
گهڻا ڏينهن خوش رهندي. آخر لالچ ۾ منهن وڌم ۽ ڀاءُ
لالچند کي گهنتريون ٻڌي ڦاسايم جو هيئن پنج اٺ
آکاڻيون آزمودي خاطر ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپائڻ لاءِ
تيار ٿيو آهي. نقصان ۾ آءٌ ٻڌل ڪونه آهيان. آءٌ
اميد ٿو ڪريان ته آکاڻيون به پڙهڻ جي لائق آهن ۽
پڙهندڙن کي وندرائينديون ۽ وڻنديون. پر جي آکاڻين
خاطر يا منهنجي فائدي خاطر نه ته ويچاري ڀاءُ
لالچند کي نقصان کان بچائڻ خاطر اوهين ڪتاب وٺو ۽
ٻين کي وٺرايو.
حيدرآباد 1 جنوري 1933ع
نادر بيگ
موهني
ڪاشيءِ جي ويجهو گنگا نديءَ جي ڪناري تي هرنامپور نالي هڪڙو
ننڍو ڳوٺ آهي. پنڊت گوري شنڪر انهيءَ ڳوٺ جو رهاڪو
هو. زمينداريءَ جو ڪم ڪندو هو ۽ چڱي آرام سان وقت
گذرندو هوس. هن کي هڪڙي نياڻي موهنيءَ نالي هئي جا
هن جي اک جو تارو ۽ سر جو تاج هئي. ان جو آواز
اهڙو مٺو هو جهڙي بلبل جي ٻولي بهار جي موسم ۾ مٺي
لڳندي آهي. موهنيءَ جا ڳوٺائي هن کي حسن جي ديوي
ڪري ڪوٺيندا هئا. اڃا هن چوڏهن ورهين ۾ پير ئي مس
پاتو هو ته سندس مڱڻي لاءِ پيغام اچڻ لڳا. پر پنڊت
جيءَ کي رتن لعل کان سواءِ ٻيو ڪو جوان پسند نه
آيو. رتن لعل بي اي پڙهندو هو. هوشيار ۽ قابل به
هو پر مرداني طاقت، همت، حسن ۽ لياقت ۾ به گهٽ نه
هو. هو به پنڊت گنگا پرشاد جو هڪڙو ئي پٽ هو. نيٺ
دستوري ڳالهين کان پوءِ مڱڻو پڪو ٿيو ۽ اهو فيصلو
ٿيو ته ڦڳڻ جي مهيني ۾ شادي ٿيندي. آسمان ۾ بادل
ڇانيل هئا، سانوڻ جو مهينو هو ۽ اهو پورنما جو
ڏينهن هو. موهنيءَ جي گهر جي دروازي اڳيان هڪڙو
وڏو نم جو وڻ هو. انهيءَ ۾ سندس پينگهه ٽنگيل هئي،
۽ سندس هم سن ڇوڪريون جن جي هٿن تي ميندي لڳل هئي،
پينگهه ۾ پي لڏيون. ملهار پئي ڳايائون ۽ موهنيءَ
کي چوڌاري ائين گهيري ويون هيون، جيئن راڌا کي برج
جون گوپيون ويڙهي وينديون هيون. چوڌاري بهار جي
ساوڪ نظر پئي آئي. جت ڪٿ گل ٽڙيا بيٺا هئا ۽ وڻن ۾
ٻور هيو. ڪارڙا ڪارڙا ڪڪر آسمان ۾ هوا ٿي هيڏانهن
هوڏانهن پئي اڏاڻا. وقت بوقت مينهن جي ڇانڊ به پئي
پيئي. سڀئي ڇوڪريون ڳائڻ ۽ خوشيءَ ۾ نچڻ لڳيون.
شام تائين اهو اسرار لڳو پيو هو، ۽ سج لٿي مهل
سڀئي ڇوڪريون نچنديون ڪڏنديون پنهنجي پنهنجي گهر
هليون ويون ۽ موهني اڪيلي رهجي وئي. ٿوري دير
کانپوءِ ڪنهن هن جو نالو وٺي سڏ ڪيو. موهنيءَ منهن
ڦيرائي ڏٺو ته مکي رام لعل جو پٽ هيرو بيٺو آهي.
موهني هيري کي تمام چڱي طرح سان سڃاڻيندي هئي ۽
ننڍي مکيءَ جي گهر هڪڙي ئي گروءَ وٽ انهن گڏجي
رامائڻ پڙهيو هو. پر جڏهن کان وٺي هيرو انگريزي
پڙهڻ ڪاشيءَ ويو هو، تڏهن کان وٺي انهن جي گهٽ
ملاقات ٿي هئي. اهي ٻاراڻا ڏينهن هئا. هاڻي ٻئي
جوان هئا. هيري کي گهڻن ڏينهن کانپوءِ ڏسي موهنيءَ
هن کي چيو ته ”دادا، چڱو ڀلو ته آهين. ڪاشيءَ کان
ڪڏهن آئين؟“ ائين چئي ڦڪائي کان اکيون هيٺ ڪري
سرجهڪائي ڇڏيائين. هيري مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ هاڻ
ايف اي ۾ هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن موڪل جي ڏينهن ۾
هرنامپور ايندو هو. مکيءَ جو پٽ هو تنهن ڪري ڳوٺ
جا سڀئي ماڻهو هن کي عزت ڏيندا هئا. حقيقت ۾
انهيءَ ڳوٺ مان هيرو ئي هيو جو انگريزي پڙهيل هو.
ڪنهن کي ڪو خط لکائڻو هوندو هو ته هيري کان ئي
لکائيندو هو ۽ انهن ڏينهن هيرو نه فقط نالي جو
هيرو هو پر هڪڙو انساني هيرو هو ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ ڪوٽ
پتلون ۽ ٽوپلو پائي نڪرندو هو ته ڳوٺ جا ڇوڪرا هن
کي صاحب ڪري سڏيندا هئا، ننڍا ٻار ته ڊپ کان گهرن
۾ لڪي ويندا هئا. ڪي ڪي ٻڍا ته پاڻ ائين به چوندا
هئا ته هيرو جهڙو صاحب لوڪ پيو لڳي ۽ شڪ نه آهي ته
ڪرستان به ٿي پيو هجي. هيري به اڄ موهنيءَ کي مدت
کانپوءِ ڏٺو هو. ٻاراڻو زمانو گذري ويو هو ۽ هاڻ
موهني به جوانيءَ ۾ هئي. موهنيءَ جي موهڻي صورت،
شرميلي نظر ۽ اڀرندڙ جواني ڏسي هيرو محو ٿي ويو ۽
اک لڳائي هن ڏي ڏسڻ لڳو.
موهنيءَ ڪنڌ کڻي ڏٺو ته هيرو کيس چتايو پيو ڏسي. وري شرم کان
نظر کڻي هيٺ ڪيائين ۽ مرڪي چيائين ته ”دادا، اڄ
ڪهڙي خيال ۾ پئجي ويو آهين. ڪاشيءَ کان ڪڏهن آيو
آهين؟ خوش ته آهين؟“ پر هيرو ڄڻ ننڊ ۾ هو، ۽
موهنيءَ جي آواز تي ڇرڪجي اٿيو، ۽ جلد پاڻ سنڀالي
موهنيءَ کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ اڄ آيو آهيان ۽ سڀاڻي
هليو ويندس. پر موهني ذرو مون ڏي ته ڏس. مون سان
ٿورو اک ته ملاءِ. تون ڏاڍي جلد جوان ٿي وئي آهين
۽ ڏاڍي حسين ٿي پئي آهين.“ موهنيءَ جي حياتيءَ ۾
اهو پهريون ئي دفعو هو جو ڪنهن مرد ماڻهوءَ جي
واتان پنهنجي سونهن جي تعريف ٻڌي هيائين ۽ شرم کان
هن سان ڳالهائڻ ۾ ڦڪائي ۽ دشواري پئي لڳيس. اٿي
کڙي ٿي ۽ مرڪي هيري کي ڪوبه جواب ڏيڻ کانسواءِ
ڊوڙي پنهنجي گهر ۾ گهڙي وئي ۽ هيرو هن کي ڏسندو
رهجي ويو.
(2)
رات جا اٺ اچي لڳا هئا، ۽ اونداه ٿي وئي هئي. آسمان به هينئر
صاف هو ۽ تان جو پاڇو گنگا جي پاڻي ۾ ڄڻ موتين
وانگر پي چمڪيو ۽ چنڊ به مرڪندو، اڀرڻ لڳو. هيرو
ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي گهر ڏي هلڻ لڳو ۽ دل ۾ هيئن
خيال ڪندو ويو:
موهنيءَ کي هن کان اڳ به مون گهڻائي ڀيرا ڏٺو آهي پر منهنجي دل
تي هن جي حسن اهڙو جادو ڪڏهن نه هلايو. ٿورن ئي
ڏينهن ۾ اهڙو فرق ڪيئن پئجي ويو. هاڻ ته هوءَ
منهنجي خواب خيال کان به وڌيڪ سهڻي ٿي پئي آهي.
پهرين به هوءَ سهڻي هئي، پر اڳي جيئن بند ڪلي
(مکڙي) سهڻي لڳندي آهي تيئن هئي ۽ هاڻ ٽڙي گل ٿي
پئي آهي. هن جي پياري صورت منهنجي اکين اڳيان پئي
ڦري. منهنجو ته هوش ئي ٺڪاڻي نه آهي. هاڻ آءٌ
ڇاڪريان. سڀاڻي وري موٽي ڪاشيءَ وڃڻو اتم. نه،
سڀاڻي آءٌ ڪونه ويندس. مون کي ڪوبه چئي نٿو سگهي.
آءٌ دل کي ڪيئن سمجهايان. موهني وئي هلي ۽ مون سان
اکر به ڪونه ڳالهايائين. سوڇو؟ اڳي ته هوءَ ڪلاڪن
جا ڪلاڪ پئي مون سان رانديون ڪندي هئي. پر اڄ هوءَ
منهن موڙي هلي وئي. اڄ ته مون سان ڳالهائڻ به
دشوار پي لڳس. شايد هن کي پنهنجي حسن تي غرور آهي،
شايد پنهنجي سونهن تي ناز ٿي ڪري. پر ڪجهه به هجي
مون جهڙي پڙهيل ۽ سڌريل ماڻهو جي اڳيان هن جو غرور
قائم رهي ڪين سگهندو. منهنجي ٻن لفظن ۾ هوءَ باز
اچي ويندي. بهتر ته ائين ٿئي ته پهرين هن کي خط
لکي پنهنجا خيال ظاهر ڪريان، پنهنجي دل جو درد
ٻڌايانس. پر نه. اها به صلاح ٺهي ته نٿي. آءٌ وري
سڀاڻي هن کي ملي پنهنجي دل جو حال اوريندس. ضرور
منهنجي ڳالهين تي لڳي ويندي. ضرور مٺيون مٺيون
ڳالهيون هن جي دل تي اثر ڪنديون.
اهڙيءَ ريت جڏهن دل وندرائيندو پنهنجي گهر اچي پهتو ته سندس
پيءُ پنڊت رام لعل چيس ته ”پٽ رات چڙهي آئي آهي،
جلدي ماني کائي سمهي پئو. صبح جو چئين بجي ڪاشيءَ
جي گاڏي ڇٽيو وڃي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته اوجاڳي کان
توکي ننڊ کڻي وڃي ۽ رهجي پئين. اجايو تنهنجي تعليم
۾ نقصان نه پئي“. تنهن تي جواب ڏنائينس ته ”آءٌ
سڀاڻي ڪونه ويندس. منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي.“ پنڊت
جيءَ ڪنهن ويد، حڪيم کي سڏائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي
پر هيري چيو ته نه ”حال اهڙو ضرور ڪونهي. سڀاڻي جي
طبيعت نه سڌري ته ڏٺو ويندو.“ ائين چئي وڃي کٽ تي
ليٽيو ۽ ماڻس سندس سيرانديءَ کان ويهي مٿي کي زور
ڏيڻ لڳي.
سڄي رات هيري کي ننڊ نه آئي، ۽ ڏاڍي بي آرامي سان رات گذاريائين
صبح ٿيندي ئي موهنيءَ جي گهر ويو ۽ انهي انتظار ۾
رهيو ته وجهه مليم ته موهنيءَ کي دل جو حال
ٻڌايان. ٻپهرن ڌاري ڪن ٻين ڇوڪرين سان گڏجي موهني
گنگا ۾ اشنان ڪرڻ نڪتي. اها خبر ٻڌي هيرو اڳي ئي
وڃي ات پهتو. ڪنهن کي ڪو خيال به ڪونه هو پر اتي
وجهه وٺي هيرو موهنيءَ کي هيئن چوڻ لڳو: ”موهني،
آءٌ ته ديوانو ٿي پيو آهيان. تو پنهنجي ناز ڀريل
نيڻن سان مون تي ڪو جادو هلائي ڇڏيو آهي، هاڻ تون
مون کي پنهنجو ڪري ڇڏ. مون تي ڪا ديا ڪر، مون تي
رحم ڪر، آءٌ تنهنجو آهيان، مون تي ظلم نه ڪر، مون
کان نفرت نه ڪر، ۽ حقارت جي نظر سان مون ڏي نه ڏس.
آءُ هاڻي لاچار ٿي پيو آهيان ۽ پنهنجي وس ۾ نه
آهيان. ڪلهه مون توکي ڪيتري التجا ڪئي، پر تو مون
کي جواب ئي ڪونه ڏنو. منهن موڙي هلي وئينءَ.
موهنيءَ، مونکان وڌيڪ ٻيو ڪو تنهنجي محبت جو حقدار
ٿي سگهي ٿو؟ يا مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو توکي پيار ڪرڻ
وارو ٿي سگهي ٿو؟ نه، نه! ڪڏهن نه!
ته بس هاڻ مون سان محبت جو انجام ڪر، مون کي دائمي
محبت جو انجام دلاسو ڏي، پوءِ مون کي ڪنهن به
ڳالهه جي پروا نه رهندي. آءٌ اڄ ئي پنهنجي پتا کي
چئي ڏيندس ته آءٌ موهنيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان
شادي ڪانه ڪندس. آءٌ پڙهيل آهيان. آءٌ آزاد خيال
وارو ماڻهو آهيان. آءٌ ريتن ۽ رسمن جو پابند نه
آهيان. مون کي پڪ آهي ته پتا منهنجي ڳالهه مڃي
ويندو. منهنجي پياري موهني، چئو! هاڻ ماٺ ڪري ته نه بيهه، توکي تنهنجي جوانيءَ جو قسم
آهي، ڪوته دلاسو ڏينم“
موهنيءَ ڏاڍي بيزاريءَ سان هن کي جواب ڏنو ته ”ڀاءُ هيرا، اڄ
ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين. اڳي ته ڪڏهن تو مون سان
اهڙيون ڳالهيون ڪين ڪيون. ڇا، پنهنجن ڀينرن سا،
ڪنوارين ڇوڪرين سان به اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ڪبيون
آهن؟ آءُ ڏسان ٿي ته ڪلهو ڪران تنهنجي نگاهه البت
بدليل آهي. ايترن ڏينهن کان پوءِ مليا هئاسين، کڻي
ڪو پنهنجو حال احوال ٻڌائين ها، يا ڪاشيءَ ۾ ڇا ٿو
ٿئي انهي جي خبر ڏين ها.“ ڦڪائي ۽ نا اميدي کان
هيري جو منهن لهي ويو. هن دل ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي
جنگ شروع ٿي وئي. هيري جي روح کيس جٺ ڦٺ پي ڪئي،
پر سندس نفس هن کي پي برغلايو. اهو ته سچ آهي ته
سورج جي اڳيان تروري جي طاقت نٿي هلي، ۽ سچ جي
اڳيان ڪوڙ جٽاءُ ڪري نٿو سگهي پر ڪڏهن ٿوري مدت
لاءِ جڏهن ڪنهن کي محبت، نه، نه، توبه!
محبت نه پر نفساني خواهشون، يا ضد انڌو ڪيو ڇڏي ته
هن کي سچ ۽ ڪوڙ جي تميز نٿي رهي. انهي محبت جي
مارئي کي اوڏي مهل موهنيءَ جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ
کپندو هو. هن کي کپندو هو ته موهنيءَ کان معافي
گهري. پر هن ائين نه ڪيو. پنهنجي خواهش کي لڙهندو
ڏسي غصي ۾ اچي ويو ۽ ضد تي اچي چوڻ لڳو ته ”موهني،
مونکي ڀاءَ ڪري نه ڪوٺ، ڏاڍو برو اکر آهي، ۽ خاص
تنهنجي زبان تي نٿو ٺهي. پياري موهني، ڪاشيءَ جو
ڪهڙو حال ٿي پڇين. اتي هزارين حسن جو نديويون آهن
پر تنهنجي حسن جي اڳيان ڪنهن جي ڪانه هلندي. ڇا،
محبت جي ڳالهين، يا پيار جي احوال کان وڌيڪ ٻيو به
ڪو پيارو ذڪر هوندو آهي، جو توسان ڪريان؟ موهني
توکي ڏسي مون کي ٻيون سڀ ڳالهيون وسري ويون آهن.
هاڻي جي ڪجهه ياد آهي ته فقط تون ياد آهين، ڪو
خيال اٿم ته به تنهنجو. آءٌ سمجهان ٿو ته تون مون
کان شرمائين ٿي. پر شرم جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تون
هاڻي جوان آهين. خودمختيار آهين، تون ته اهڙي آهين
جو تنهنجي پوڄا ڪجي. موهني، الاجي تو منهنجي دل جو
مطلب سمجهو آهي ڪي نه؟“.
موهني جا ايتري دير ماٺ ڪيو بيٺي هئي ۽ ڪن لائي هيري جون
ڳالهيون پي ٻڌائين، سا هاڻي جوش ۾ اچي چوڻ لڳي ته
”بس ڀاءُ هيرا، بس. وڌيڪ تنهنجون ڳالهيون آءٌ ٻڌڻ
نٿي گهران. آءٌ تنهنجو مطلب پورو پورو سمجهي وئي
آهيان. تون مون کي انهي رستي تي آڻڻ ٿو گهرين جنهن
جو آخر نتيجو تباهي ۽ بدنامي آهي. آءٌ هٿ ٻڌي توکي
عرض ٿي ڪريان ته انهيءَ اجائي خيال تان لهي وڃ.
تون شريف گهراڻي جو آهين، اڳ خبر ڪانه هئي ته آءٌ
توکي هينئر ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته منهنجو مڱڻو به ٿي
ويو آهي. منهنجو وچن ٿي ويو. ويانهه جو ڏينهن به
اچي ويجهو پيو آهي. منهنجو نالو جنهن سان لکجي ويو
آهي آءٌ انهيءَ جي ٿي چڪس. مون پڙهيو آهي ۽ مون کي
اها سکيا مليل آهي ته پنهنجي ڌڻيءَ کان سواءِ ٻئي
ڪنهن سان محبت جو خيال رکڻ به پاپ آهي. تنهنجي
لنبي چوڙي تقرير مڱڻي کان اڳي شايد منهنجي دل تي
ڪو اثر ڪري به ها، انهن ڏينهن ۾ شايد تون مون کي
ڌوتاري سگهين ها، ۽ شايد آءٌ به حرصجي وڃان ها، پر
هاڻي اهو وقت گذري ويو. هاڻي ڪجهه ورڻو نه آهي.
شايد تون ائين چوندين ته آءٌ جنهن سان مڱي آهيان
انهي کي مون ڏٺو ڪونهي، يا انهيءَ جي چال چلت کان
آءٌ واقف نه آهيان، ته پوءِ ڪيئن آءٌ هن سان محبت
رکي ٿي سگهان ته انهيءَ جي جواب ۾ مون کي فقط هي
چوڻو آهي ته ساوتري به جڏهن ستياوان سان شادي ڪئي
ته ڏسي وائسي ڪانه ڪيائين. آءٌ هندستان جي ڌيءَ
آهيان، هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جي رهڻ واري آهيان. پر
ايتري خبر اٿم ته جنهن سان آءٌ مڱي آهيان انهي جي
ٿي چڪس. هو بدصورت هجي يا بدچال هجي، مون کي
تنهنجي پرواهه ڪانهي. هاڻي هو منهنجو ڌرم ۽ منهنجو
ايمان ٿي چڪو. آءٌ پنهنجي سڄي حياتي هن جي قدمن تي
گذاريندس پر ڪڏهن ڪنهن ٻئي مرد ڏي نگاهه ڪانه
ڪنديس. نه فقط منهنجي پر سڀني استرين جو اهو ئي
ڌرم آهي ۽ هجڻ کپي. ڏس سڀئي ڇوڪريون سنان ڪري
چڪيون آهن ۽ توکي ۽ مون کي پاڻ ۾ ڳالهائيندو ڏسي
اسان ڏي اشارا ڪيو پيون کلن. سڀئي موٽڻ جي تياري
پيون ڪن ۽ آءٌ به وڃان ٿي.
خدائي (ڪي الاجي شيطاني) قاعدو آهي ۽ زماني جو دستور آهي ته
جڏهن ڪو شخص پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب نٿو ٿئي ته هن
جو ضد پاڻ وڌي ٿو. خار کان هيري جي دل سڙي وئي.
سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ وڏي واڪي چيائين ته
”موهني، ڏس. مون کي جواب ڏيڻ کان اڳي خيال ڪر،
سمجهي وٺ. انهيءَ جو نتيجو چڱو نه ٿيندو، منهنجي
دل کي نااميد نه ڪر، پنهنجي هٺ تان لهي وڃ، منهنجي
ٿي پئه، نه ته تنهنجي اها مغروري خاڪ ۾ ملائي
ڇڏيندس.“
موهنيءَ ته هن ڏي خيال ئي ڪونه ڏنو ۽ هلي وئي، پر گنگا جي لهرن
جي لپڪ لپڪ جو آواز هيري کي ائين لڳو ڄڻ گنگا مائي
به پئي مٿس کلي ۽ ٺٺوليون ڪري.
(3)
ڦڳڻ جي مهيني ۾ موهنيءَ جو ويانهه پنڊت رتن لعل سان ٿيو. انهيءَ
ئي مهيني ۾ رتن لعل بي اي به پاس ڪئي، ۽ غازي پور
جي هڪڙي اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ٿورن ڏينهن
کانپوءَ انهيءَ موهنيءَ کي به پاڻ وٽ سڏائي ورتو.
ماستر صاحب موهنيءَ تي موهجي ويو ۽ موهني هر وقت
هن جي خدمت ۽ چاڪريءَ ۾ حاضر هئي. جي موهني شمع
هئي ته چئجي ته رتن لعل پروانو هو. جڏهن اسڪول کان
موٽي گهر ايندو هو ته اڳي ئي موهني هن کي ملڻ لاءِ
در تي بيٺي هوندي هئي ۽ هو هن کي ڏسي نهال پيو
ٿيندو هو. موهنيءَ جي انتظام سان ماستر جو غريباڻو
گهر به جنت جو هڪڙو ننڍڙو ٽڪرو ٿي پيو. هن کي
پنهنجي خوش قسمتيءَ تي ناز هو ۽ موهنيءَ جي ناز
برداريءَ ۾ به گهٽ ڪانه ٿي ڪيائين. اسڪول ۾ به
سمورو وقت موهني سندس دل ۾ هئي. موهنيءَ جي محبت ۾
رتن لعل پنهنجا سنگتي ساٿي به وساري ڇڏيا. اڪثر
پنهنجو وقت موهنيءَ سان گهر ۾ گذاريندو هو. ماڻهو
ته ائين چوڻ لڳا ته وڏو ماستر رن مريد ٿي پيو آهي.
پر رتن لعل کي ڪا پرواهه ڪانه هئي. ماڻهو ڀل ڪجهه
به پيا بڪن؛ موهنيءَ جي خاطر هو سڀڪي برداشت ڪرڻ
لاءِ تيار هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن چرچي ۾ چوندو هوس ته
”موهني آءُ ڊڄان پيو ته متان توکي منهنجي نظر لڳي
وڃي.“ نوڪرن هوندي سوندي به موهني گهر جو گهڻو ڪم
پنهنجي هٿن سان ڪندي هئي. اڃا رتن لعل صبح جو ستو
ئي پيو هوندو هو ته موهني اٿي سنان پاڻي ڪري پاٺ
پوڄا جو ڪم لاهي رتن لعل جو ناشتو تيار ڪندي هئي ۽
شام جو به اسڪول مان ايندو هو ته هن جي جتي جوراب
لاهي، چانهه پاڻي پياري، تازو توانو ڪري، هن سان
ويهي محبت ۽ پيار جون ڳالهيون ڪندي هئي. انهيءَ
ريت کل خوشيءَ ۾ ڏينهن پي گذريا ۽ ڪنهن به ڳالهه
جو رنج نه هون.
هڪڙي ڏينهن اسڪول ۾ ڪو جلسو هو ۽ گهڻي دير تائين ماستر صاحب گهر
نه موٽيو. موهني بي آرام ٿي لڳي ۽ دل ۾ چوڻ لڳي ته
”ايتري رات گذري وئي، الاجي ڇوڪين آيا، مون کي ته
چئي ويا هئا ته آءٌ سگهو موٽندس، پوءِ الاجي ڇو
دير ڪئي اٿن. اڳي ته ڪڏهن به ايتري دير ڪانه ڪئي
اٿن.“ موهنيءَ جي بيتابي وڌندي وئي. هن هڪڙو نوڪر
ڊوڙايو ته اسڪول مان خبر چار وٺي اچي ته ڇو دير ٿي
آهي. ائين ته ڪڏهن نه ٿيو آهي. جي انهن کي دير سان
اچڻو هو ته مون کي چوائي موڪلين ها. اڄ موٽي ايندا
ته آءٌ ضرور شڪايت ڪنديس. چونديسانس ته ڪڏهن دير
ٿي وڃي ته مون ڏي چوائي موڪليندا ڪريو مون کان
انتظار سٺو نٿو ٿئي. نه پر آءٌ ڀلي آهيان. آءٌ
انهن کي ڪو الزام نٿي ڏئي سگهان. هو مڙس ماڻهو آهن
ضرور ڪنهن ڪم ڪري دير ٿي وئي هوندي. ضرور هينئر
اچڻ ۾ هوندا. انهيءَ ريت پنهنجي دل کي دلداري
ڏيندي موهني وڏي دروازي تائين وئي. نوڪر اڃا ڪونه
موٽيو هو. چرين وانگر گهر ۾ اچ وڃ لائي ڏنائين.
وري ٻيو نوڪر ڊوڙايائين اهو به نه موٽيو. هاڻي ته
ويچاري موهنيءَ جا براحال ٿي ويا. اکين ۾ ڳوڙها
ڀرجي آيس. سڄي گهر ۾ ماٺ لڳي پئي هئي ۽ ڏاڍي ڳڻتي
۽ انتظار سان موهني در جهلي بيهي رهي. گهر ۾ ڪو
نوڪر به نه هو جو موڪلي ۽ اچي آڌي رات ٿي هئي.
ٿوري کان پوءِ پري کان موهنيءَ کي هڪڙي گاڏي ايندي
نظر آئي ۽ دل ڌڙڪڻ لڳس. سگهوئي گاڏي اچي در تي
بيٺي ۽ موهنيءَ چتائي ڏٺو ته برابر گاڏيءَ ۾ رتن
لعل آهي. هن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. انتظار سڀ لهي
ويس. وڌي وڃي هن کي ملي ۽ چيائينس ته ”اڄ اوهان کي
ايتري دير ڇو لڳي؟“ هن جواب ڏنو ته ”ها، جلسو تمام
دير سان پورو ٿيو. آءٌ اچڻ ۾ هوس ته تنهنجا نوڪر
مون کي پهتا ۽ مون انهن کي انهي خيال سان روڪي
ڇڏيو ته ڀل مون سان گڏيا اچن. مون کي اها خبر ڪانه
هئي ته تون ڪا اهڙي ماندي يا پريشان ٿيندينءَ.“
موهنيءَ مرڪي هن کي جواب ڏنو ته ”ڀلا آءٌ ماندي ڪيئن نه ٿينديس.
اڳي ڪڏهن ايتري دير اوهين گهر کان ٻاهر نه رهيا
آهيو. سچ پڇو ته اوهان کان سواءِ هي گهر مون کي
ويران پيو لڳي. جڏهن اوهين مون وٽ نه آهيو تڏهن
منهنجي جان ٿي گهٻرائي ۽ ڪنهن به ڪم ۾ دل نٿي
لڳيم.“
رتن لعل موهنيءَ جون پيار جون ڳالهيون ٻڌي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.
ٿوري دير هتي هتي جون ڳالهيون ڪيائون پوءِ رتن لعل
کيسي مان هڪڙو خط ڪڍي موهنيءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو، ۽
چيائينس ته ”موهني، تنهنجي پتا جي طبيعت خوش نه
آهي. هو توکي ياد پيو ڪري ۽ لکيو اٿس ته هڪڙي
مهيني لاءِ موهنيءَ کي هرنامپور موڪلي ڏيو. موهني
پنهنجي پيءُ جي ناخوشيءَ جي خبر ٻڌي البته
گهٻرائجي وئي ۽ وينتيءَ سان عرض ڪيائين ته مون کي
اوهان جي جدائي ۾ ڏاڍو رنج ٿيندو، پر جي واهان
مناسب سمجهو ۽ اوهان جي مرضي هجي ته هرنامپور وڃي
پتا کي ڏسي اچان.“
رتن لعل ڀلا موهنيءَ جو عرض ڪيئن نه اگهائي، ڪيئن هن کي رنج
ڪري؟ ۽ وڏي خوشيءَ سان موهنيءَ کي اجازت ڏنائين ۽
ٻئي ڏينهن ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي موهنيءَ کي
هرنامپور پهچايائين.
موڪلائڻ مهل رتن لعل موهنيءَ کي چيو ته ”ڏس موهني، خط برابر
لکندي رهجئين. وساري نه ڇڏجئين، توکان سواءِ مون
کي ته اهو مهينو به سالن وانگر پيو لڳندو. آءُ چئي
نٿو سگهان ته تنهنجي جدائي ۾ منهنجو ڪهڙو حال
ٿيندو.“
موهني رئڻ هارڪي ٿي وئي ۽ هٿ جوڙي چيائينس ته ”پران ناٿ، اوهان
کي وسارينديس ڪين. آءُ ته اٿندي ويهندي اوهان جي
پياري نالي جا مالها پئي جپينديس. پتا کي رڳو
موسمي تپ آهي. اميد آهي ته ڏينهن ٻن ۾ چڱو ڀلو ٿي
پوندو ۽ سگهو ئي آءٌ وري اچي توهان جي شيوا ۾ حاضر
ٿينديس.“ رتن لعل سڀني کان موڪلائي روانو ٿيو، پر
جيسين سندس گاڏي ڏسڻ ۾ پي آئي تيسين موهني دروازي
تي بيٺي هئي پوءِ ٿڌو ساهه ڀري وڃي پيءُ وٽ ويٺي.
(4)
هيرا لعل انهيءَ سال ايف اي ۾ ناپاس ٿي پيو. ڪاشيءَ جي هوا هن
کي ڀانءِ نه پئي ۽ بدمزاج ڇوڪرن سان صحبت ڪرڻ لڳو.
چوندا آهن ته ڪارو ڪمري سان گڏجي ته رنگ نه مٽائي
ته عادت ته ضرور مٽائي. خراب صحبت هيري جي چال
خراب ڪري ڇڏي. پڙهڻ لکڻ ڇٽي رهيو. موهنيءَ جي محبت
اڃا هن جي دل ۾ پي ڪکي، ۽ رات ڏينهن موهنيءَ کي
باز آڻڻ جي فڪر ۾ لڳو پيو هوندو هو. جڏهن هن کي
خبر پئي ته موهني هرنامپور اچي وئي آهي تڏهن هن کي
ملڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هڪڙي ڏينهن پنڊت گوري شنڪر
جي چڱڀلائي پڇڻ لاءِ هن جي گهر ويو. موهنيءَ هن کي
ڀاءُ سمجهي، پنهنجي وڏي ڀاءُ جهڙي عزت ڏئي، هن کي
پرنام ڪيو. هيري کي دل ۾ شرم به لڳو، پر شيطانيءَ
کان نه لٿو. هن جي دل اڳي ئي ڪاري ٿي پئي هئي ۽
وجهه وٺي موهنيءَ سان پنهنجي محبت جو احوال ڪرڻ
لڳو، ۽ پنهنجن ناپاڪ ۽ پليت خيالن جو اظهار
ڪيائين. هن ڀيري موهنيءَ هن جو ڪو لحاط ڪونه ڪيو
پر ڏاڍي ڪاوڙ ۽ ڌڪار سان هن کي جواب ڏئي خبردار
ڪيائينس ته جي وري ڪڏهن اسان جي گهر آيو آهين ته
بڇڙو ۽ بي عزت ڪري ڪڍائيندي سانءِ. هيرو دل ۾ سڙي
ويو. موهنيءَ جو چوڻ هن ڏاڍو برو لڳو پر هن جو وس
هلي نٿو سگهيو. ماٺ ڪري پنهنجي گهر هليو آيو. واٽ
تي پنهنجيءَ دل ۾ هن ريت پهه پچائڻ لڳو، ”موهنيءَ
مون کي گهڻو ذليل ڪيو آهي. هن کي پنهنجي حسن تي
ناز آهي. پر آءٌ به جي هيرو آهيان ته جيسين هن جي
آبرو خاڪ ۾ نه ملائيندس، تيسين مون کي آرام ڪونه
ايندو. جيسين تائين هوءَ پشيمان ۽ خوار نه ٿيندي،
تيسين مون کي حياتيءَ ۾ ڪومزو ڪونه ايندو...
پنڌرهن ڏينهن هيرو موهنيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ
لاءِ هر لحاظ جي ڪوشش ڪندو رهيو. نيٺ، جڏهن خاطري
ٿيس ٿي ته هوءَ منهنجي هٿ نه ايندي ته هن کي خوار
خراب ڪرڻ جو رستو ڳولهڻ لڳو. آخرڪار دل ۾ رٿ رٿي
موهنيءَ ڏي هڪڙو گمنام محبت جو خط لکي سندس مڙس
ماستر رتن لعل جي معرفت موڪليائين.
ماستر رتن لعل اڃا اسڪول ۾ هو ته صبح جي ٽپال ۽ هڪڙو خط مليس
جنهن تي ”موهني بمعرفت رتن لعل هيڊ ماستر“ لکيل
هو، اهو خط ڏسي رتن لعل خيال ۾ پئجي ويو ته هن کان
اڳي ڪڏهن به موهنيءَ جي نالي ڪو خط ڪونه آيو. هاڻي
ته موهني به هرنامپور ۾ آهي ته هن کي هي خط ڪنهن
لکيو هوندو؟ شايد هن کي ڪنهن سهيليءَ لکيو هوندو؟
شايد هن جي ڪنهن ساهيليءَ موڪليو هوندو. آءُ کولي
پڙهان يا نه؟ نه نه. مون کي موهنيءَ جي خط پڙهڻ جو
ڪو حق ڪونهي. اهو خط جنسي هرنامپور ڏياري موڪلڻ
گهرجيم. انهيءَ ارادي سان هرنامپور جو پتو لفافي
تي لکي وري خط ٽپال ۾ وجهڻ تي هو ته ڏٺائين ته
لفافو اڌ کليل آهي. انسان بي اعتباريءَ جو گهر
آهي، رتن لعل کي دل ۾ شڪ پيدا ٿيو. موهني هن کي
جان کان وڌيڪ پياري هئي. هو موهنيءَ جي محبت ۾
غلطان هو ۽ محبت ۾ انسان هيڪاري جلد بدگمان ٿيندو
آهي. رتن لعل به انهي بدگمانيءَ ۽ بي اعتباريءَ ۾
اٽڪي ويو ۽ لفافو کولي خط پڙهڻ لڳو. هيئن لکيل هو.
”پياري، پياري موهني.“ رتن لعل جا ته هوش اڏامي ويا. مٿو ڦرڻ
لڳس ۽ خط هٿ مان نڪري وڃي پٽ تي ڪريو. ٿوري دير
کان کانپوءِ جڏهن مغز جاءِ آيس ته وري خط کڻي پڙهڻ
لڳو. ”منهنجي جان، تنهنجو پيارو محبت ڀريو خط
پهتو. خط ۾ ڪو احوال يا دل جو حال ڪرڻ مناسب نٿو
سمجهان. پر تنهنجي جدائيءَ منهنجو بروحال ڪري ڇڏيو
آهي. ملڻ جو ڪو رستو ڪڍ نه ته تنهنجو عاشق توکي
ياد ڪري ڪري مري ويندو...“
رتن لعل ان کان اڳتي نه پڙهي سگهيو. خط بند ڪري کڻي کيسي ۾
وڌائين ۽ اسڪول ڇڏي گهر ويو ۽ اتي وڃي پاڻ کي هڪڙي
کٽ تي اڇلايائين ۽ پئجي رهيو. دل ۾ خيال ڪرڻ لڳو
ته، ڏس ته سهي مون سان ڪهڙي ٺڳي ٿي آهي. آءٌ جنهن
کي ديوي ڪري سمجهندو هوس اها هڪ ڏائڻ نڪري پئي.
اڙي ظالم موهني!
اڙي دغاباز موهني!
تون ظاهر ۾ ڇا ۽ باطن ۾ ڇا!
اڙي ڀڳوان، ڇا هن دنيا ۾ خوبصورتي ۽ پاڪدامني ڪڏهن
گڏ ڪونه ٿيون ملن؟ موهني خوبصورت آهي. آءٌ ته خير
هن جي حسن تي چريو آهيان پر سڄو جهان هن کي حسن جي
ديوي ڪري ٿو سمجهي. ته هو ديوين جهڙي پاڪدامن ڇونه
آهي؟ موهني اڄ تنهنجو ڀيد مون کي معلوم ٿي ويو.
تنهنجو فريب ظاهر ٿي چڪو. سچ آهي ته نانگ جهڙو
سهڻو هوندو اهڙو وڌيڪ زهريلو هوندو ۽ باهه جي
روشني جيئن وڌيڪ تکي هوندي تيئن تپائيندي ۽
ساڙيندي ۽ جلائيندي. اڙي موهني!
اڙي بيوفا، بدخيال، بدگمان موهني، تو پنهنجن مٺين
مٺين ڳالهين ۽ کوٽي پيار سان برابر مون کي بيوقوف
بڻائي رکيو هو پر هاڻي منهنجي اک کلي پئي. رتن لعل
اڃا انهي ريت پنهنجي دل ۾ خيال پئي ڪيو ته سندس
نوڪر هڪڙو خط کڻي آيو جو به ٽپال ۾ آيل هو. خط ڏسڻ
شرط گرم ٿي ويو ۽ لفافو کڻي اڇلايائين. پر وري
ٿوري رکي خط کڻي پڙهڻ لڳو. سٽون ئي ٻه اڍائي لکيل
هيون.
”پران ناٿ. پتا هاڻي چڱو ڀلو آهي. هاڻ هرنامپور اچي مون کي
موٽائي وٺي وڃو. توهان جي چرنن جي داسي موهني“.
خط پڙهي ڪاوڙ ۾ رتن لعل ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو ۽ وري اچي وڦلڻ ۾ پيو.
مڪار، دغاباز، دل جي کوٽي موهني وري مون کي پاڳل
ٿي بڻائين پر هاڻي آءٌ تنهنجي فريب ۾ اچڻ وارو نه
آهيان. افسوس ته تو دنيا جي اڳيان هميشه لاءِ
منهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. مون کان اهڙي بي عزتي ۽
خواري برداشت ٿي نه سگهندي. منهنجي ساري حياتي
هاڻي شرم ۽ بي آرامي سان بسر ٿيندي. هاءِ!
موهني، تنهنجو جهڙو نالو آهي اهڙي ته تون نه
نڪتيئن. افسوس! تنهنجون اهي خاصيتون جن تي مون کي فخر ۽ ناز هو سي
ڪيڏانهن ويون. تنهنجو حسن ته هڪ قاتل ستمگر نڪتو
منهنجي زندگي ته هاڻي مون تي بار ٿي پيئي آهي. آءٌ
هن بي عزتيءَ کي ڪيئن برداشت ڪريان. هن فريبي،
دغاباز، کوٽي دنيا ۾ جي ڇا ڪريان. پر نه، مرڻ کان
اڳي هن ناپاڪ زال کي ڪو سبق ته سيکارڻ گهجي، جيئن
ٻين زالن جي به اک کلي. اي ڀڳوان!
منهنجون ته سڀ اميدون خاڪ ۾ ملي ويون. منهنجي دل
جو خون ٿي پيو. آءٌ پنهنجي دل جو درد ڪنهن کي
ٻڌايان. ڪنهن کي پنهنجو حال ڀائي ڪريان...“ رتن
لعل پنهنجي واچ ڏٺي اوڏي مهل رات جا 9 لڳا هئا.
بنارس واري گاڏي ڇٽڻ ۾ به باقي ڪلاڪ کن هو، ۽ يڪدم
هرنامپور وڃڻ جو خيال ڪيائين ته ٻئي ڏينهن 8 بجي
شام جو وڃي هرنامپور پڄندس. اهو خيال ڪري رتن لعل
جهٽ ۾ ٽپڙ ٻڌي، اسڪول ڏي ٻن ڏينهن جي غير حاضري جي
چٺي لکي نوڪر کي ڏني ۽ گاڏي سڏائي اسٽيشن ڏانهن
روانو ٿيو، ۽ سوائين ڏهين بجه واري ميل ۾ سوار
ٿيو.
(5)
هيرو، موهنيءَ وارو خط ٽپال ۾ وجهي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي دل ۾
خاطري هئي ته انهيءَ اٽڪل سان سندس ڪم ٿي پوندو.
تنهن هوندي به هن موهنيءَ سان ملڻ جون لک تدبيرون
ڪيون. پر هن کي ڪو وجهه نه مليو ڇو جو پنهنجي پيءُ
جي خدمت چاڪريءَ کان موهنيءَ کي ڪڏهن ايتري فرصت
نه ملندي هئي جو هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري. جي ڪا
فراغت کڻي ٿيندي به هيس ته ڪنڊ پاسي ويهي رتن لعل
کي ياد ڪندي هئي. سندس ننڍي هوندي جون ساهيليون
ڪڏهن هن کي ڏسڻ اينديون هيون ته انهن سان به منهن
ڏئي ڪين ڳالهائيندي هئي مطلب ته رتن لعل جي
جدائيءَ کان اٻاڻڪي ٿي پئي ۽ ڪنهن به ڳالهه ۾ دل
نٿي لڳيس. سندس ساهيليون شڪايت ڪنديون هيون ته
موهني هاڻي بي وفا ٿي پئي آهي. پرديس ۾ رهي هن جو
مزاج ڦري ويو آهي. پر موهني پنهنجي خيالن ۾ محو
هئي ۽ هن کي انهن طعنن ۽ ٽوڪن جي ڪا پرواه ئي ڪانه
هئي. هوڏانهن هيرا لعل پنهنجي شرارت ۽ لچائي
هلائيندو آيو. سڄو ڏينهن، گاهه بيگاهه موهنيءَ جي
گهر جا پيو چڪر ڏيندو هو پر موهني کيس نظر نه
ايندي هئي. جادو ڪرايائين، ٽوڻا ڪرايائين، ڪن
ڪمذات زالن جي هٿان هن کي داٻ ڏياري موڪليائين پر
موهنيءَ جي دل تي ڪجهه به اثر نه ٿيو. انهيءَ تي
به هيرو هيسجي نه ويو، بلڪ پاڻ وڌيڪ شدت تي چڙهيو
۽ قسم کنيائين ته ڪنهن نه ڪنهن ريت موهنيءَ جي
پاڪدامنيءَ تي ٽڪو لائي هن کي خوار ۽ بدنام ڪندس.
ٿورن ڏينهن ۾ پنڊت گوري شنڪر چڱو ڀلو ٿيو ۽ مٿي تي پاڻي وڌائين.
فقيرن کي ماني کارائي وئي ۽ انهيءَ ڏينهن موهنيءَ
جي دل خوش هئي. هن جي شڪل ۾ اڄ رونق پي ڏٺي. هڪڙي
پيءَ جي صحت جي خوشي، ٻيو اهو خيال ته هاڻي سگهو
وڃي رتن لعل کي ملنديس. انهي ڏينهن سنان پاڻي ڪري
نئين ساڙهي پاتائين. سڄو ڏينهن گهر رهي. ڳائڻ
وڄائڻ لڳو پيو هو. ڳوٺ جون زالون پي آيون ويون ۽
موهني انهن جي خاطريءَ ۾ مشغول رهي. پر شام جو
هڪڙي ٿالهه ۾ گيهه جو ڏيئو ٻاري اڪيلي اڪيلي مندر
۾ پوڄا ڪرڻ نڪتي. اهو مندر ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر ڀرو
هڪڙي پپر جي وڻ هيٺ هو. خوشيءَ سان تڪڙي تڪڙي وڃي
اتي پهتي ۽ اتي ديويءَ کي هٿ جوڙي پرنام ڪيائين،
ان تي گل چاڙهيائين ۽ آرتي ڪيائين. سڀ ساٺ سنوڻ
ڪري وري گهر ڏي ٿي موٽي. رات جا اٺ وڄڻ تي هئا.
چئني پاسي ماٺ لڳي پئي هئي ۽ آسمان ۾ تارا به نڪري
آيا هئا. هوا به آهستي آهستي پي چري، موهني ڪنڌ
هيٺ ڪيو پنهنجي خيال ۾ محو ٿيو پي آئي ته اوچتو
هڪڙي وڻ جي ٿڙ وٽ هيري کي بيٺل ڏٺائين. البت ڊني
به پر همت ڪري چيائينس ته ”ڀاءُ هيرا رستي تي ڇو
بيٺو آهين. رستو ڇو ٿو روڪين. مون کي وڃڻ ڏي رات
جو وڳڙو آهي، آءٌ اڪيلي آهيان. ڪو پاڻ کي ڏسي
وٺندو ته ڇا چوندو.“ هيري جواب ڏنو ته ”موهني مون
کي تنهنجي محبت هتي ڇڪي آندو آهي. اڄ آءٌ پنهنجي
بابت تنهنجي زبان کان آخري فيصلو ٻڌڻ ٿو گهران.
منهنجي مرضي آهي ته تون منهنجي ٿي پئو. نه رڳو اڄ
پر ڪيترن مهينن کان آءٌ توتي عاشق آهيان. مون کي
نااميد نه ڪر. مون سان اهڙي بيپرواهي نه ڪر.“
موهنيءَ جي دل ڊپ کان پي ڌڙڪي پر پنهنجي دل کي ڏاڍو ڪري هيري جو
چوڻ ماٺ ڪري پي ٻڌائين. هاڻي پاڻ سنڀالي هن کي
چيائين ته ”ڀاءُ هيرا، آءٌ پنهنجو فيصلو هن کان اڳ
تو کي ڏئي چڪي آهيان. تون مون کي اجايو ٿو ستائين،
تنهنجو اهو مطلب آهي ڇا ته آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ کي
ڇڏي دنيا ۾ ڪارو منهن ڪريان ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي
خاندان جي عزت کي خاڪ سان ملائي ڇڏيان. اها ته
ٿيڻي ناهي. دادا ذرو هوش رک ڪهڙيون اجايون ڳالهيون
پيو ڪرين. آءٌ پنهنجي عزت ۽ پنهنجي خاوند جو ننگ
پنهنجي جان سان سانڍينديس....“ ايترو چئي هوءَ
اڳتي وڌڻ لڳي پر هيرو رستو روڪي بيهي رهيو ۽
چيائين ته ”اي مغرور زال، مون کي هاڻي خاطري ٿي ته
تون سنئين رستي هٿ نه ايندينءَ. تو ته فيصلو ڪيو
پر هاڻي منهنجو به فيصلو ٻڌ. جي تو اڄ مون کي
پنهنجي دل جي مراد پوري ڪرڻ نه ڏني ته تنهنجي جان
کي خطرو آهي. ڏس هنن ٻنهي هٿن سان تنهنجو گلو
نپوڙي تنهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندس... نه ته بهتر آهي
ته تون پنهنجي جوانيءَ تي رحم ڪري منهنجي ڇاتيءَ
سان اچي لڳ.“
موهنيءَ کي ڳالهه ته ڏاڍي ڳري لڳي. جڏهن ڏٺائين ته سچ پچ سندس
جان خطري ۾ آهي تڏهن ڏاڍي واڪي هن کي چون لڳي ته
پليت!
چنڊال!
تون انهي جو لائق ناهين جو آءٌ توکي ڀاءُ ڪري
ڪوٺيان. تون مون کي دڙڪا ٿو ڏين، مون کي مارڻ جو
ڊپ ٿو ڏين؟ آءٌ پنهنجي جان ڏيندس پر تنهنجي ناپاڪ
ارادي کي ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ ڪين ڏينديس.“
هيرو ڪنهن زال جي واتان اهڙيون ڇڙٻون سهي نه سگهيو ۽ تمام غصي ۾
اچي چيائينس ته ”چڱو آءٌ به ڏسندس ته تون پنهنجي
عزت منهنجي هٿان ڪيئن ٿي بچائين. جي تنهنجو ڪو
مددگار هجي ته انهيءَ کي سڏي وٺ ته انهي جو به
فيصلو ڪري ڇڏيان.“
موهني لاچار ٿي چئني پاسي ڏسڻ لڳي. اونده لڳي پئي هئي ۽ ڏسڻ ۾
پکي به نٿي آيو. پر وري به دل ڏاڍي ڪري چيائينس ته
”منهنجو مددگار مون ساڻ آهي. منهنجي عزت اهو
بچائيندو جنهن دروپديءَ جي دانهن ٻڌي هئي، جنهن
سيتا کي راوڻ جي پليت هٿن کان بچايو هو، اهو ئي
مون کي تنهنجي ناپاڪ هٿن کان بچائيندو. توتي نه
رڳو منهنجي پر سڄي دنيا جي لعنت آهي. سڀني عزت
وارين پاڪدامن زالن جي لعنت آهي. تنهنجي پليت
خواهش تي ساري جهان جي ڦٺ آهي.“
هيرو وڌيڪ سهي نه سگهيو. ڪاوڙ کان ڏڪڻ لڳو ۽ ناجائز ارادي سان
موهنيءَ ڏانهن هٿ ڊگهيڙيائين. ذري گهٽ اچي هن کي
پهتو ته اوچتو موهنيءَ آرتي وارو ٿالهه زور سان
هيري جي مٿي ۾ هنيون جنهن سان هو ساڻو ٿي پٽ تي
ڪري پيو. وري هن کي ڌڪ هڻڻ جي ارادي سان ٿالهه مٿي
ڪري هن کي چيائين ته ”هاڻي آءٌ توکي تنهنجي
بدڪاريءَ جو مزو ٿي چکايان. تو ائين ٿي سمجهيو ته
تون مون کي پنهنجي پتيءَ کان ڇڏائي پنهنجا پليت هٿ
مون تي رکندين! راڪاس!
توکي اها خبر ناهي ته بادل آسمان ۾ پيو گجندو ته
به مور زمين تي پيا نچندا؟ توکي اها خبر نه آهي ته
چڪور چنڊ کان ايترو پري آهي ته به ٻئي ڪنهن ڏي
ڪڏهن ڪونه ڏسي. توکي اها خبر ڪانهي ته هندستان جي
ڪابه زال پنهنجي مڙس کان لک ڪوهه پري هوندي ته به
هن جي پريم ۽ هن جي محبت ۾ مگن رهندي ايندي.
اهڙيون زالون تو جهڙي پاپيءَ ڏي ڏسڻ ئي گناهه ٿيون
سمجهن. توکي هٿ لائڻ به هڪڙو وڏو پاپ آهي پر آءٌ
اهو پنهنجو ڌرم ٿي سمجهان ته پنهنجن ٻين ڀينرن کان
توکان بچائڻ لاءَ توکي اهڙي سيکت ڏيان جو تون ڪي
ڏينهن ياد ڪرين.“ ائين چئي وري هيري کي ٻه چار ڌڪ
هڻي ڪڍيائين.
ايتري ۾ هيري به پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو. ڪاوڙ
کان هن جو اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ اکين مان ڄڻ
باهه جا شعلا پي نڪتس. جهٽ ۾ کيسي مان ڪپ ڪڍي،
کولي موهنيءَ ڏي وڌي آيو ۽ چيائينس ته ”بيوقوف
زال، منهنجو پير ٿڙڪي ويو ته تنهنجو مٿو ڦري ويو
آهي. توکي شايد خبر نه هئي ته هي ڪپ به مون وٽ
آهي، جنهن سان ڪپي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندوسانءِ. تون
پاڻ کي مڙس تي پئي پڏائين پر مڙسنهين کي به اهڙو
خط موڪليو اٿم جو وٽس وينديئن ته توسان منهن ڏئي
ڳالهائيندو به ڪين“ ائين چئي هٿ مٿي ڪيائين. باقي
ڪا لحظي جي دير هئي ته ڪنهن هيري جو هٿ پٺيان جهلي
سندس هٿ مان ڪپ کسي ورتو. موهني ڏسي ته پران پيارو
رتن لعل بيٺو آهي. اکين ۾ پريم جا ڳوڙها ڀرجي آيس
۽ ”پران ناٿ اوهين هت اهڙي موقع تي ڪيئن پهتا“ چئي
هن جي پيرن تي بيهوش ٿي ڪري پيئي. رتن لعل نوڙي هن
ڏسڻ لڳو ته ايتري ۾ هيرو وجهه وٺي ڀڳو ۽ اڄ تاءِ
وري موهني يا رتن لعل جي منهن نه چڙهيو آهي.
پنڊت رتن لعل، موهني کي سامت ۾ آڻي هن جا پکڙيل وار مٿي تي
ٺاهيا ۽ هن کي گهڻي پيار مان ڇاتيءَ سان لڳائي
چيائينس ته ”پياري موهني مون کان وڏي غلطي ٿي. آءٌ
تنهنجو گهنگار آهيان. آءٌ ڪنهن وڏي دلبي ۾ اچي ويو
هوس. پر هينئر مون سڄي حقيقت ڏٺي ۽ ٻڌي ۽ مون کي
خبر پئجي وئي ته هن بدمعاش مون کي هڪڙو گمنام خط
لکي منهنجي دل توکان ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر
شڪر آهي جو خير جي گذري ۽ آءٌ پوري وقت تي اچي
پهتس. آءٌ ڪيئن آيس ۽ خط ۾ ڇا لکيل هو اهو ڪنهن
ٻيءَ مهل ٻڌائيندوسانءِ. هاڻي ته گهر وٺي هلانءِ.
ائين چئي هن کي اٿاري، ٻانهه کان جهلي گهر وٺي ويو. جڏهن هي گهر
پي آيا ته آسمان ۾ تارا ائين پي ٽمڪيا ۽ ٽڙيا چڻ
ته خوشي کان رتن ۽ موهنيءَ تي جنسي گل پي
وسايائون.
موهني جي آهه
ڀڳوان ڄاڻي ته منهنجو ويانهه ڪهڙي ساعت ۾ ٿيو هو جو عيش آرام
هوندي به دل کي سک ڪونهي.
منهنجو پتا حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ انجنيئر هو. آءٌ، موهني، انهي جي
هڪڙي ڌيءَ هئس. گهر ۾ دولت جي ڪمي ڪانه هئي، ۽
منهنجي پيءُ کي منهنجي شاديءَ جو فڪر ۽ انتظار هو.
منهنجي ماتا اصل کان اهو ارادو ڪيو هو ته پنهنجي
هڪ ساهيليءَ جي پٽ سان ناتو ڳنڍيم. اهو ڇوڪرو هو
ته امير گهراڻي جو پر علم گهڻو ڪونه پرايو هيائين
۽ آرام پسند هو. ڪنهن ڪم تي هڏ نٿي وريس. انهيءَ
ڪري اهو سنڱ دادي کي پسند نه هو، ۽ انهيءَ جو خيال
هو ته ڇوڪرو ڪو اهڙو ڳولهيان جو چڱي گهر جو به هجي
۽ هوشيار، ڪم وارو ۽ لکيل پڙهيل به هجي، يعني ته
جهڙو حسين صورت هجي اهڙوئي حسين سيرت هجي. پر دنيا
۾ اهي ٻئي خاصيتون هڪجاءِ تمام مشڪل ٿيون ملن.
جيڪي شڪل جا سهڻا آهن سي اڪثر عقلمند نه آهن جي
عقل وارا آهن ته شڪل جا پورا پنا آهن ۽ جي عقلمند
۽ خوبصورت آهن ته دولتمند نه آهن، ۽ جي دولتمند
آهن ته علم ڪونهين. مطلب ته حسن، دولت، ۽ علم وارا
گهوٽ مشڪل آهن.
منهنجي گهوٽ لاءِ تلاش ٿيندي رهي ايتري ۾ آهستي آهستي مون
تيرهين ورهين ۾ به اچي پير پاتو. ننڍپڻ گذري وئي ۽
جواني اچي پهتي. منهنجو پيءُ پريشان ٿيڻ لڳو.
هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڪم سان آءٌ پتا جي ڪوٺيءَ ڏي پي ويس ته ڏٺم ته
امي ۽ دادا پاڻ ڳالهيون پيا ڪن. اها ڪا نئين ڳالهه
ڪانه هئي. گهر جي ڪمن لاءِ اڪثر گڏ ويهي صلاح
مصلحت ڪندا هئا. پر جڏهن هن جي گفتگو ۾ مون پنهنجو
نالو ٻڌو ته دل ٿيم ته آءٌ لڪي انهن جون ڳالهيون
ٻڌان ته منهنجي نالي ڇا ٿا چون، ۽ آءٌ دروازي جي
پٺيان لڪي هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس. اميءَ چيو ته،
توهان جي دل وٽان ته ڪو ڇوڪرو نه مليو. انهي حالت
۾ بهتر ته ائين آهي ته منهنجي ڳالهه کڻي مڃو ۽
موهني، گووند لعل سان پرڻائي ڇڏيو. گووند لعل ڏسڻ
جو به چڱو آهي. ڪو وڏو امتحان برابر پاس ڪونه ڪيو
اٿس پر امتحانن پاس ڪرڻ مان وري ڇاٿو؟ گهڻائي بي-
اي ۽ ايم- اي ٽيهين چاليهين رپئي جي نوڪريءَ لاءِ
جتيون گسائي بيهي رهيا آهن ۽ ڪا نوڪري نٿي ملين.
گووند لعل کي پيسي جي پرواه ڪانهي. هن کي ڪنهن
ڊگريءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جي ائين نه هجي ها ته
هن کان اڳيئي ڪو لائق ڇوڪرو هٿ اچي وڃي ها.
پتا جواب ڏنو ته، تون اهي ڳالهيون نٿي سمجهين، دولت تي ڪهڙو
ڀروسو آهي. اڄ آهي ته سڀاڻي ناهي. منهنجي مرضي آهي
ته موهنيءَ لاءِ گهوٽ ڪو اهڙو ڳوليان جو هوشيار
پڙهيل هجي ۽ پنهنجي ڪمائيءَ تي گذران ڪندو هجي،
پنهنجي اباڻي ملڪيت يا ڏيتي ليتي جي پئسن جو محتاج
نه هجي. مون ٽن مهينن جي موڪل ورتي آهي. منهنجو
خيال آهي ته موڪل ۾ ڪراچيءَ هلون اتي ڪنهن لائق
ڇوڪري جي تلاش ڪندس پوءِ ڏٺو ويندو.
اميءَ جواب ڏنو ته، ڇوڪري اچي سياڻي ٿي آهي ۽ توهين اجايو پيا
وقت وڃايو. ”جي ڪو ٻيو گهوٽ ملڻو هجيس ها ته ڪڏهن
جو ملي وڃي ها.
ايترو ٻڌي آءٌ هلي ويس. جيڪي ٻڌڻو هوم سو ٻڌي چڪيس.
انهيءَ کان هڪ هفتو پوءِ اسين ڪراچي وڃي پهتاسين.
(2)
ڏسندي ڏسندي ڪراچيءَ ۾ اڍائي مهينا ته گذري ويا. منهنجي دل
ڪراچيءَ ۾ نه لڳي، بيزار ٿي پيس، ۽ روز صبح جو
ڏينهن تتي تائين کڏ تي چڙهي ويندي هيس ۽ اتي يا ڪو
سبڻ ڀرڻ جو ڪم يا ڪو ڪتاب کڻي پنهنجي دل پئي
وندرائيندي هيس.
هڪڙي ڏينهن دستور موجب آءٌ کڏ تي ويٺي هيس ته اميءَ اچي مون کي
چيو ته، ڪڪي، ٿورو هيٺ ته هل. هي ڪپڙا مٽائي سٺا
ڪپڙا پاءِ. اڄ ڪي ماڻهو توکي ملڻ ٿا اچن.
مون جي پنهنجي بابت ڳالهيون ٻڌيون هوين سو مون کي سجهيو ته ڪير
مون کي ڏسڻ ٿا اچن، ۽ اها به خبر هيم ته اڄ ڪلهه
گهوٽ ڪنوار کي ڏسي تنهن کان پوءِ هائو يا نه جو
جواب ڏيندو آهي، ۽ اميءَ جي ڳالهه ٻڌي آءٌ
گهٻرائجي ويس. اڃا تائين دادا تلاش پي ڪئي پر هن
کي ڪو به ڏسڻ ڪونه آيو هو. شايد هيترن ڏينهن کان
پوءِ نيٺ ڪو جوان دادا کي پسند آيو جو مون کي اڄ
ڏسڻ ٿي آيو. هڪڙو ته ڏسڻ ۽ ٻيو ته وري گهوٽ جو پاڻ
اچڻ. توبه!
ڪهڙي شرم جي ڳالهه هئي!
مان ته انهيءَ جو خيال ڪيو لڄ کان مريو ٿي ويس.
(3)
امتحان جو وقت اچي ويجهو پهتو هو. ڪير چئي سگهي ها ته انهي
پهرئين آزمائش ۾ منهنجي حياتيءَ جي سوڀ ٿيندي يا
هار. مون کي ته اهو خواب خيال به نه هو ته منهنجو
اهڙو حسن ۽ جمال ڪنهن ديوتا جي به نظر ۾ قبول نه
پوندو. هاءِ! مون اوڏي مهل ڇونه پاڻ سنڀاليو. هاءِ منهنجي نڀاڳي وات
مان اوڏي مهل ڪو حرف ڇونه نڪتو ۽ جي ڳالهائڻ جهڙي
نه هيس ته مري ڇونه ٿي ويس؟
صبح جو اٺين بجي منهنجي پتا جو چونڊيل گهوٽ پنهنجن ٻن مائٽن سان
گڏجي مون کي ڏسڻ آيو. اگرچ منهنجي ماءُ جي خاص
اهائي مرضي هئي ته منهنجو ويانهه گووند لعل سان
ٿئي، تنهن هوندي به مون کي سينگارڻ ۾ ڪا گهٽتائي
ڪانه ڪيائين. ڏسڻ ۾ ائين آيم ته امي دل ۾ پئي چوي
ته، ”هي روپ ڏسي ڪنهن کي پسند نه ايندو.“
نيٺ مون کي سڏ ٿيو. آءٌ ويس ۽ سڀني سان پرنام ڪري ويهي رهيس.
مون کي مڙئي ٽي ماڻهو ڏسڻ آيا هئا. ٻه عام رواجي
شڪل جا هئا جن مون سان ڳالهه ٻولهه پي ڪئي. ٽيون
ماڻهو... پر هاءِ، ڇا چوان، ڪهڙي زبان سان هنجو
ذڪر ڪريان. ڏاڍو سندر جوان هو. شرم کان هن جو منهن
ڳاڙهو پي ٿيو ۽ هو ماٺ ماٺ اکيون هيٺ ڪيو ويٺو هو.
انهن مان هڪڙي مون کان منهنجو نالو پڇيو ۽ ٻئي پڇيو ته، ڇا ٿي
پڙهين؟ مون پنهنجو نالو ته ٻڌايم پر ڇا پڙهندي هيس
اهو ڪونه ٻڌايم. منهنجي پاران ٻئي ڪنهن چيو ته،
ڪندن مل گرلس اسڪول مان هينئر پنجون درجو پاس ڪري
آئي آهي.
پر هن مون کان ڪجهه به نه پڇيو. هڪڙو ڀيرو هن پنهنجي نظر کڻي
مون ڏي ڏٺو. اسان جون اکيون اٽڪيون، ۽ منهنجي دل
ماندي ٿي وئي. ڪهڙيون وڏيون خوبصورت اکيون هيون...
توبه!
منهنجي دل ته لٽجي وئي. انهن اثرائتين اکين ته
منهنجو من موهي ڇڏيو. آءٌ ته هن جا نيڻ ڏسنديئي
چري ٿي ويس.
انهن ٻن ماڻهن مان هڪڙي هن جوان کي چيو ته، گوپي (شايد هن جو
نالو گوپال هو) تون ڳالهائين نٿو؟ ته هن جواب ڏنو،
”ڳالهايان نٿو ته توهان جون ڳالهيون ٻڌان ته پيو.“
توهان جون، لفظ تي اک کڻي مون ڏي ڏٺائين. آءٌ چئي
نٿي سگهان ته مون ڏي ڇو ڏٺائين.
ٿوري دير کان پوءِ آءٌ اتان اٿي ويس. مون کان قدم مشڪل سان ٿي
کڄيو. هڪڙو ڀيرو ڦري هن ڏي نظر ڪيم. وري اسان جون
اکيون مليون ۽ آءٌ تڪڙي تڪڙي ڪوٺيءَ کان نڪري ويس.
(4)
هاءِ افسوس!
مون کي پنهنجي ديوتا جي پوڄا ڪرڻ جو به وجهه ڪونه
مليو. منهنجو ديوتا علم وارو، هوشيار، عقلمند ۽
دولتمند هو ته به منهنجي ماءُ لڇمي ديويءَ جي نظر
۾ منظور نه پيو. تنهن ڪري گهڻي بحث مباحثي کان
پوءِ لڇمي ديويءَ جي پياري گووند لعل سان منهنجو
ويانهه ٿيو. تڏهن آءٌ چوڏهن ورهين جي هيس.
پياري ماءُ!
تو مون کي پڙهايو ڇو؟ مون کي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ گووند
لعل سان پرڻائي ڇونه ڇڏيئي؟ ۽ جي انهي سان ئي مون
کي پرڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيو هوءِ ته اجايو مون کي
ڪنهن موهني صورت واري جو جلوو ڇو ڏيکاريئي.
هاءِ!
آءٌ ته ڏاڍي ڇڪ تاڻ ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان. منهنجو
گهوٽ مون کي دل و جان سان ٿو ڀانئي ۽ مون کي هن
سان ڪوڙ ڪپت ٺڳيءَ سان هلڻو ٿو پوي. مون کي انهي
سان ٿي ٺڳي ڪرڻي پوي جنهن جي صدقي آءٌ اڄ گهر جي
مالڪياڻي ٿي ويٺي آهيان ۽ هيرن جواهرن سان ڀري پئي
آهيان... لعنت آهي اهڙي زندگيءَ کي...!
اڃا انهيءَ ڏينهن گووند لعل هڪڙو عمدو گلن جو هار ٺهرائي آيو جو
هن کي خبر آهي ته آءٌ گلن تي عاشق آهيان. منهنجي
ڳچيءَ ۾ هار پائي مون کي چيائين، ”موهني، جيترو
آءٌ توکي ٿو ڀانيان اوترو تون مون کي نٿي ڀانئين.“
اهو ٻڌندي ئي منهنجو منهن لهي ويو، ۽ منهنجي دل
ڌڙڪڻ لڳي. مون چيو ته پريتم! پنهنجي گهوٽ کان وڌيڪ زال کي ڪهڙي شيءِ پياري ٿي ٿي
سگهي. هن دنيا ۾ ته زال لاءِ جيڪي آهي سو سندس
گهوٽ ئي آهي.
توبه!
ڀڳوان توبه!
اهو به ڪوڙ!
اهو به ڌوڪو!
اها به ٺڳي!
آءٌ ته دل کولي به نٿي ڳالهائي سگهان. پر تنهن
هوندي به هن کي يقين ٿي ويو ته سچ ٿي چوان. اي
دائمي ننڊ ڏياريندڙ موت!
ڇا، تو۾ ايتري طاقت ڪانهي جو تون مون کي هن ريت
رسم جي ڄار مان ڇڏائين؟ تون ڪڏهن هن هستيءَ جي قيد
مان مون کي ڇوٽڪارو ڪين ڏيندين ڇا؟ اي پرميشور مون
کي ڪڏهن دل جو سک به نصيب ٿيندو يا ٿيندو ئي ڪين؟
منهنجو جواب ٻڌي منهنجو گهوٽ ته محبت جي جوش مان مون کي کڻي
ڇاتيءَ لاتو، آءٌ پنهنجو رئڻ نه جهلي سگهيس. اهڙي
اشراف ماڻهوءَ جي ڀاڪر ۾ به مون کي راحت نه ٿي
آئي. ڀڳوان!
ڪهڙي نڀاڳي ساعت ۾ مون پنهنجي ديوتا جو ديدار ڪيو
هو؟ جي هن کي نه ڏسان ها ته اڄ ڪهڙي نه خوش هجان
ها.
ٿوري عرصي کان پوءِ، جڏهن مون پنهنجي هڪڙي مائٽياڻيءَ کان ٻڌو
ته گوپي قسم کڻي ويٺو آهي ته ٻئي ڪنهن سان ڪونه
پرڻبو. تڏهن ته بي اختيار منهنجون اکيون پاڻيءَ
سان ڀرجي آيون. ڪيترا ڏينهن آءٌ لڪي لڪي پئي ڳوڙها
ڳاڙيندي هيس. پر انهيءَ پاڻيءَ به منهنجي دل جي
باهه نه اجهائي، ۽ نه اها اميد اٿم ته ڪا هن
زندگيءَ ۾ اها باهه اجهامندي. هاءِ!
آه کرون تو جگ جلي اور جنگل ڀي جل جائي،
ليڪن دل هي ايڪ رها جس مين آه سمائي.
]منهنجي
آه کان سڄو جڳ جليو وڃي. ٻيلن کي به باهه لڳيو
وڃي. پر افسوس جو منهنجي دل جنهن ۾ اها آه سمايل
آهي سا نٿي سڙي!
هن آکاڻيءَ جو بنياد آهي ”ڪنهن جو ڪنهن کي چوڻ ته،
چڱو جو مائٽن ننڍي هوندي مون کي پرڻائي ڇڏيو“.[
|