نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون
نادر بيگ مرزا، سنڌي ادب جي ابي، شمس العلماءِ قليچ بيگ مرزا جو
سڀ کان وڏو پٽ هو. سندس جنم 1891ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾
تڏهن ٿيو، جڏهن سندس والد اُتي مختيارڪار هو.
ابتدائي تعليم ڪوٽڙي ۾، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي
اسڪولن ۾ ورتائين. 1906ع ۾ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾
لنڊن اسهيو، جتان 1912ع ۾ بئريسٽريءَ جي ڊگري حاصل
ڪري موٽيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. سگهو ئي
پوءِ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾
خدمت سرانجام ڏنائين.
لکڻ جي ترغيب کيس پنهنجي عظيم والد کان ورثي ۾ ملي هئي. هن
شاعري به ڪئي، پر 1920ع کان 1933ع دوران، ڪهاڻيون
لکي پنهنجي همعصرن وچ ۾ نمائنده نثر نگار ۽
ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان پاڻ مڃرايائين. 1933ع ڌاري
هن ان وقت جي مشهور سنڌي مخزن ”سنڌوءَ“ جي ايڊيٽر
وسومل راجپال جي چوڻ تي پنهنجي ڪهاڻين جو پهريون
مجموعو سهيڙيو، پر اُهو ڇپجي نه سگهيو. انهيءَ
سهيڙيل مجموعي ۾ هاڻي سندس ٻيون رهيل ڪهاڻيون شامل
ڪري، هن مجموعي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هُن انگريزيءَ ۾ شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ ”Dilkusha“
(دلڪشا) نالي هڪ ناول به لکيو، جيڪو هِن وقت ناپيد
آهي. هُن اِهو ناول سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪيو، جيڪو
پڻ ڇپيلَ آهي.
هُو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هو ۽ ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ
کانسواءِ ڊرائنگ، نقاشي، موسيقي ۽ راڳ سان بي
انتها دلچسپي هيس.
هُن 3 فيبروري 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه
سندس اباڻي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جي بِلند شاهه واري
قبرستان ۾ آهي.
الف
پبلشر پاران
ڪهاڻي ڪلا جي جديد حقيقت نگاري جو دور 1930ع واري ڏهاڪي کان
شروع ٿيو هو. انهيءَ دور جا مکُ ڪهاڻيڪار امر لعل
هنگوراڻي، نادر بيگ مرزا، آسانند مامتورا ۽ عثمان
علي انصاري هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي اوڄ ڏني. امر
لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ادو
عبدالرحمان“ (1981ع)، آسانند مامتورا جي ڪهاڻين جو
مجموعو ”ڳنوارڻ“ (1978ع) ۽ عثمان علي انصاريءَ جي
ڪهاڻين جو مجموعو ”پنج“ (1937ع) ڇپيا، پر نادر بيگ
مرزا جي ڪهاڻين جو ڪوبه مجموعو ڇاپيل نه هو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي انهيءَ کوٽ کي محسوس ڪندي حقيقت نگاريءَ
جي دور جي هن اهم ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين کي سهيڙڻ جو
ڪم سندس ئي خاندان سان وابسته مشهور شاعر ۽ ليکڪ
نصير مرزا جي حوالي ڪيو، جنهن رسالن ۾ سندس ڇاپيل
توڙي اڻ ڇاپيل ڪهاڻيون ترتيب ڏيئي پنهنجي پيش لفظ
سان اسان جي حوالي ڪيون. پر ڏٺو ويو ته اڃا ڪجهه
ڪهاڻيون رهجي ويون هيون، جيڪي پوءِ محترم
عبدالقيوم صاحب جي ذاتي لائبريريءَ ۾ پيل ماهوار
”سنڌو“ شڪارپور جي فائيلن مان حاصل ڪري هن مجموعي
۾ شامل ڪيون ويون آهن. اسان انهيءَ وڙ لاءِ انهن
صاحبن جا ٿورائتا آهيون.
اسان کي اها پڪ نه آهي ته اسان مرزا مرحوم جي سڀني ڪهاڻين کي هن
مجموعي ۾ شامل ڪري سگهيا آهيون. جيڪڏهن رهيل
ڪهاڻين جي نشان دهي ڪئي ويندي ته اسان کي اهي
ڪهاڻيون ٻئي ايڊيشن ۾ شامل ڪندي خوشي ٿيندي.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄامشورو سنڌ
12 مئي 1991ع |
ڊائريڪٽر |
مهاڳ
نادر بيگ مرزا بابت ڪجهه لکڻ ۽ تاريخ جي اوجهل ورقن مان کيس
ڊسڪور ڪري اچڻ، منهنجي هڪ پراڻي خواهش به هئي ۽
خواب به. ۽ ڪڏهن ڪڏهن خواب مان اک ڪيڏو نه دير سان
کلندي آهي، ۽ يقين فرمايو ته، پٺين ڪيترن ئي سالن
کان چاهيندي به جڏهن هن ڪم ۾ هٿ وجهي نه پئي سگهيس
تڏهن مايوسي ٿي، سوچيم: منهنجي هيءَ، خواب واري
رات به، فتني جي رات وانگر ڪيڏي نه طويل ٿيندي پئي
وڃي. خاص ڪري 1987ع کان سموري حيدرآباد ۽ پنهنجي
خاندانِ عزيز تي غير محفوظ حالتون مسلط ٿيندي ڏسي،
قصد ڪيم ته، ان کان اڳ جو ڪنهن دهشت گرد جي برسٽ
جو بکُ بنجي، ماڪ تڙڪي جيان اڏامي ختم ٿي وڃان،
جلد از جلد نادر بيگ جي تخليقي آڱرين ۽ آڱرين جي
پورن ۾ لهي، هن جي تخيل جي انڊلٺ کي معزز ناظرين
جي اکين اڳيان تاڻي، ۽ فاضل ليکڪ جي آن ڊسڪورڊ، ۽
اونڌاهين گهٽين ۾ لهي، کيس ڳولي ڦولهي ڏينهن جي
روشنيءَ ۾ آڻي ئي رهندس. سوچيم: ان بهاني چاچا
نادر بيگ سان گڏوگڏ خاندانِ عزيز جي تهن ۾ لهي مان
پنهنجي
Roots
جو به اتو پتو لهي ايندس ۽ ان ادبي ايڊونچر ۾، اڄ
جڏهن مان چاچا نادر بيگ بابت هي ڪجهه زگ زيگ ڄاڻ ڪنهن ريسرچ پيپر لکڻ بدران تذڪره
جي فارميٽ ۾ لکي ورتي آهي، تڏهن مون کي پنهنجي
سترهن ساله ادبي جفاڪشيءَ ۾، نادر بيگ سڀ کان وڌيڪ
پسنديده ۽ محبوب موضوع محسوس ٿي رهيو آهي ۽،
عزيزو، پنهنجي انهيءَ محبوب موضوع تي لکندي، اڃا
به سمجهه ۾ نه پيو اچيم ته، نادر بيگ مرزا بابت
منهنجي هيءَ ڳالهه لفظن جي هن ڦهلاءَ ۾ سميٽجي ختم
ٿي چڪي آهي يا دراصل شروع ئي هاڻي ٿي آهي. منهنجي
ان بي يقينيءَ جو به هڪ ڪارڻ آهي ۽ اهو هي ته:
چاچا نادر بيگ جون، ڪجهه ڪهاڻيون ته هتان هُتان
ڳولي ڦولهي ئي ورتم. پر عرض ڪريان ته، انهن ڪهاڻين
جي ڪهاڻيڪار بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ ڪنهن وٽ وڃان؟ سو
ڪيترا دفعا مايوس ٿي سوچيم: سرينڊر ٿو ڪريان... پر
ٻيءَ گهڙي اکين پورڻ سان اهو ئي خواب... سامهون.
ڊونٽ بي ڊسڪريجڊ ڪئري آن... خير هڪ دفعو وري همٿ
ڪري جڏهن دروازا کڙڪايم ته، لڳو ازل کان بند آهن ۽
ابد توڻي بند رهندا. نادر بيگ جي پٽن جو پتو لڳائڻ
تي خبر پئي ته اهي ٽئي پنهنجن بحري جهازن جي نوڪري
باعث اڌ صدي کان ڪن نامعلوم ملڪن ۾ زمينن ۽ آسمانن
وچ ۾، سمونڊ جي سطح تي، ڪٿي رهائش پذير آهن. کانئن
وڃي، سندن پيءَ بابت ڪجهه معلوم ڪرڻ لاءِ“ نه مون
کي موسمون موزون لڳيون ۽ نه حالتون. وڏي ڳالهه ته،
اها منهنجي پهچ ۽ وس کان به ٻاهر جي ڳالهه هئي. ان
ڪري سڀ کان پهرين چاچا نادر بيگ جي ننڍي ڀاءُ
ستهتر ساله چاچا اسد بيگ (وفات: ڪراچيءَ ۾ 10
اپريل 1990ع) جي يادن جي ڪال بيل تي وڃي آڱريون
رکيم. دروازو کليو ته بي شڪ، پر اندر جنهن چاچا
اسد بيگ سان منهنجي ملاقات ٿي، اهو ذهني طرح
پنهنجون يادگيريون وڃايل هڪ اهڙو شخص نظر آيم،
جنهن جي زندگي جي ڪتاب مان، يادن وارا صفحا، مڪمل
طرح سان گم هئا. مايوس ٿي نيٺ چاچا نادر بيگ جي
ڌيءَ، مسز فيروز نانا کي رنگ ڪيم. لڳو ائين ته، هر
دفعي ڊائل گهمائڻ کان پوءِ، ٽون ته وڃي پئي، پر
فون رسيو ڪرڻ لاءِ رسيونگ اينڊ تي ڪو موجود ئي
ڪونهي. نيٺ لاچار ٿي پنهنجي هن عزيزه کي ڪنهن مائٽ
وٽان ائپروچ ڪرايم ته سهي، پر چوهتر ساله هي بيمار
خاتون، پنهنجي اڪيلاين ۽ اهنجن مان مون لاءِ ڪي
گهڙيون وقف ڪري ته آخر ڪيئن؟ خير منهنجي لاڳيتين
شنوائين کان پوءِ هن جڏهن ڪجهه ڪلاڪن جي سٽنگ
لاءِ، وقت ڏنو، تيستائين مان پنهنجو ڪافي ڪم، ٻڌ
سڌ جي سهاري وائيند اپ ڪري چڪو هئس... خير نادر
بيگ مرزا جي ڌيءَ، ادي بيبي يعني مسز فيروز نانا
سان ملاقات جو مذڪور منهنجي لکيل تذڪري جي آخر ۾
ڄڻ چاچا نادر بيگ جي فضائل کان پوءِ بطور مصائب جي
موجود آهي ۽ ملاحظه فرمايو. ۽ ان تي هاڻي هنن سٽن
مان موڪلائيندي، ويندي ويندي وينتي ته، تذڪرو ۽
ادي بيبيءَ جو انٽرويو پڙهندي، فوٽ نوٽ کي نظر
انداز قطعي نه ڪجؤ، جو، اهي به اوهان جي فائدي
واسطي لکيا ويا آهن. لکڻو ته، مون کي اهو به آهي
ته ٿورائتو آهيان مان ازحد: سنڌ جي عظيم الشان
علمي ادبي ۽ ثقافتي اداري جي ڊئريڪٽر مانواري
عبدالقادر جوڻيجي، مانواري سائين ولي رام ولڀ،
پنهنجي سؤٽن، محمد حبيب بيگ مرزا، شعيب مرزا،
پنهنجن عزيز ترين دوستن، طارق عالم ابڙي، رميش
ڪمار رامناڻيءَ ۽ پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ دردانه
نصير جو، جن سڀني هن ڪم کي
End
تائين پهچائڻ لاءِ وِک وک تي مون سان سهڪار ڪيو.
۽ چيو حضرت دائود پنهنجي فرزند ارجمند کي: جيڪي وڃي چڪا، اُهي
سٺا رهيا.
زندهه آهن جيڪي
بدنصيب آهن اهي
۽ ياد رک پٽ
سڀ کان وڌيڪ بدنصيب اُهي آهن
جيڪي انهن کان پوءِ ايندا.
وما علينا...
(او شانتي - شانتي شانتي)
حيدرآباد سنڌ
1990-04-05 |
نصير مرزا. |
وَفي عَهدِڪ
[1]
(تذڪرو)
اها ڪيڏي نه دکدائڪ حقيقت آهي ته، آخرڪار
اسان کي مرڻو ئي آهي.
گوتم ٻُڌ
ڇڏي جي نامور ويا پنهنجو نالو
ڪريون تن جان اسين پڻ اڄ ڪشالو
وٺون موٽي جڏهن رستو رباني
ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لاءِ نشاني
ته من ڪو رهگزر ان ڏي نهاري
لنگهي هن رڃ مان، پهچي ڪناري.
قليچ
باسم سبحانه. سڀ ساراهون پرٿوي جي ان مهان سرجڻهار لاءِ جنهن
خلق ڪيا آدم ۽ حوا. لکين ڪروڙين سلام و درود ان
هستيءَ لاءِ، جنهن جي ڪاڻ ڪائنات جو هي تانڃو اڻيو
ويو. ڌرتيءَ کي بي پناهه پکيڙ ۽ آسمان کي بي ڪنار
ڦهلاءُ مليو. ۽ مليو جنهن جي ڪاڻ اونده کي سوجهرو،
ڏينهن کي سورج، سانجهيءَ کي ستارا، چندرما، ڪتيون،
ٽيڙو ۽ کيرڌارا. درياهن کي رستا، سمونڊ کي جواهر،
لعل و مرجان ۽ مستي. جهرڻن کي سونهن ۽ سرمستي.
ويرانين کي نصيب ٿي آبادي. برباد نگر ٿيا آباد ۽
منجهه انهن جي جهومڻ لڳا باغ بستان ۽ امان بعد:
سلام ان ابوالبشر تي جنهن چکي ڪڻڪ جو داڻو،
نافرماني ڪئي خدائي فرمان جي ۽ کيس خلائي گهر مان
اڇلايو ويو، امڙ حوا سوڌو هيٺ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾.
بعد ان جي ڄاڻڻ گهرجي عزيزو ته: منجهائن جو ڦل مثل
ڦٽي نڪتو هر رنگ ۽ هر قسم جو نسل ۽ اسريو چؤڦير ۽
عزيزانِ گرامي! بيان ڪهڙو ڪجي ان آدم جو جنهن جي
نطفي مان عظيم ذهن، اکيون مهٽي سجاڳ ٿيا ۽ قسم پاڪ
پروردگار جو ته هن پر خطر ۽ جنگين سان ڀرپور خساري
واري دنيا کي، امن جو گهوارو بنائڻ لاءِ، جوڻ
مٽائي، ڪڏهن ليکڪ بڻجي ته، ڪڏهن شاعر، ڪڏهن مصور
بڻجي ته، ڪڏهن موسيقار ۽ ڪڏهن اولياءَ جو روپ ڌاري
ته، ڪڏهن پيغمبر ٿي مسلسل ڌرتيءَ تي جنم وٺندا
رهيا آهن. ۽ اهو سلسلو تا حال جاري و ساري آهي ۽
ڏينهن قيامت تائين جاري رهندو.
بعد حمد و ثنا ۽ درود جي، راوي هن تذڪري جو يعني مان: نصي مرزا
ابن ناصر علي مرزا خاندان عزيز جي معتبر تذڪري به
عنوان سائو پن يا ڪارو پنو[2]،
مان روايت ٿو ڪريان ته، اسان جي ليکڪ نادر بيگ
مرزا بئريسٽر (جو هو پنهنجو نالو ڪهاڻين مٿان
ائينءَ ئي لکندو هو) جي والد ۽ عظيم ليکڪ شمس
العلماءِ مرزا قليچ بيگ جا ٻه وڏا (جن کان وڌيڪ
اڳتي وڏن جو نالو ڪنهن کي ياد به ڪونهي) نانو مرزا
خسرو بيگ ۽ والد فريدون بيگ مرزا، اصل ۾ روس جي
شهر جارجيا جي گرجستان قصبي جا ۽ عيسائي واسي هئا.
(۽ هڪ عدد پرڳڻي جا مالڪ پڻ.) نادر شاهه جي وفات
کان پوءِ ايران جي تخت تي بادشاهه محمد خان ويٺو
ته، ان وقت گرجستان روس جي قبضي هيٺ هو، ۽ ايران
جي بادشاهه سان هن علائقي جي لاءِ روس سان جنگ
ٿيندي رهندي هئي. 1797ع ڌاري گرجستان تان، ايران -
روس ويڙهه ۾ شدت ايندي وئي ۽ هي خاندان ڪوهه قاف
جي پهاڙن جي ڇانو ۾ دربدر ٿيندو جارجيا گرجستان
کان ايران، ايران کان تبريز ۽ اصفهان ۾ ڪشٽ
ڪاٽيندو رهيو. مومنو! يقين فرمايو ته، موت هر واٽ،
هر گهاٽ تي هنن ٻن ڪمسن ۽ معصوم ٻارن تي تلوار
تاڻي ۽ خوشا نصيب! زندگيءَ هر موڙ تي هنن کي
سويڪار ڪيو. ڄاڻڻ گهرجي ته، انهن خانه جنگين ۾
جڏهن هنن جي ماءَ پيءَ ڀيڻيون ڀائر، عزيز اقربا
حاڪمِ وقت جي لشڪر هٿان مارجي ويا تڏهن برن پٽن،
بيابانن، گجگاهه گهاٽن ٻيلن پناهه ڏيڻ لاءِ هنن
آڏو ٻانهون ڊگهيري ڇڏيون هيون ۽ غريب الوطن ٿيڻ
کان پوءِ هنن لاءِ هر شهر، هر وستي، هر واهڻ ڄڻ
ڪوفه و شام، سمان هئو. (۽ قسم پاڪ پروردگار جو) در
بدري خاڪ بسري وقتي طرح هنن جي جنم پتري ۾ ڄڻ لکجي
چڪي هئي. بعد ان جي هو قيدين جي قافلي مان ائين
جدا ٿي ويا، جئن وڻن منجهان پن ڇڻي جدا ٿي ويندا
آهن ۽ ملاحظه فرمايو اڄ به دنيا جي نقشي ۾ غريب
الوطن ماڻهن جا قافله ميدانن ۽ درياهن جي ڪنارن تي
خانه بدوش ۽ جپسي بڻجي ڀٽڪندا پيا وتن. (۽ ڪيئن پي
اُهي اُتي جيئن - نامعلوم.)
ناظرين حضرات! نادر بيگ جي انهن وڏن يعني، انهن ٻن انتهائي
خوبصورت ۽ ذهين ٻارن جي ڊگهي دک ڀري ياترا جو
اختصار هن ريت ٿو بيان ڪجي ته، انهن کي ڪنهن همدرد
انسان ايران ۾ پاڻ وٽ رکيو. سندن پرورش ۽ تعليم جو
انتظام ڪيو. هيڏانهن انهن ڏينهن ۾، سنڌ تي ٽالپر
حاڪم حڪومت ڪندا هئا ۽ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد
علي خان حاڪمِ وقت هئا. سنڌ جا تعلقات ايران سان
نهايت سٺا هئا ۽ انهن ڏينهن ۾ راويت هئي ته، هتان
جا بي اولاد حڪمران، ايران مان حسين ۽ هوشيار ٻار
گهرائي انهن کي اولاد وانگر پاليندا هئا.
1805ع ڌاري سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي خان جي خواهش تي، انهن ٻن
ٻارن مان پهرين مرزا خسرو بيگ سنڌ آندو ويو. کيس
مير صاحب پٽيلو ڪري پاڻ وٽ رکيو. ڄمار ان وقت ان
ٻار جي پنڌرهن ورهيه هئي. بعد ان جي مرزا خسرو بيگ
جي خواهش تي ٻئي ڪمسن ٻار فريدون بيگ مرزا کي به
ميرن جي درٻار ۾ آندو ويو. جنهن جي ڄمار ڏهه ورهيه
مس هئي. نهايت لاڏڪوڏ سان مير صاحبن جي ديرن تي،
هنن جي پرورش ٿي ۽ کين انتظاميه ۾ وڏا وڏا منصب
عطا ڪيا ويا ۽ کين پرڻائي حويلين ۾ اندر رهايو
ويو. (۽ عزيزو! تاريخ سنڌ گواهه آهي ته، انهن
ٻنهي، نوجوانن، مير صاحبن جي ٽرسٽ کي ڪڏهن به ڇيهو
ڪونه رسايو ۽ سدائين ساڻن وفادار رهيا - اجرڪه من
الله!
۽ هاڻ عزيزو! چرخِ ستمگار جا هاڃا ۽ زماني جو ڦيرو ملاحظه
فرمايو. انهن ٻن معصوم ٻارن جي عروج جي
End
وري تباهيءَ تي اچي ٿي. سج جي لهندڙ پاڇولن وانگر
جڏهن هو جواني مان بزرگيءَ ڏانهن موٽيا پئي ته،
ميرن جي صاحبيءَ جو زوال شروع ٿيو ۽ اي واءِ قسمت!
1843ع ڌاري انگريزن، ميرن کان سنڌ ڦٻائي ورتي. تخت
تاراج ٿيو، محل ماڙيون ۽ ديرا ڇڏي ميرن جو لٽيل
قافلو مع مرزا خسرو بيگ ۽ فريدون جي اهلِه خانه
جي، وڃي سائينداد جي ٽنڊي ۾ سڪونت پذير ٿيو. قلعي
تي ڪمپنيءَ جو جهنڊو لهرائڻ لڳو ۽ مير قلعي مان
قيد ٿي ڪلڪتي نيا ويا. تذڪره نويس بيان ٿو ڪري
هاڻي هڪ واقعي جو جيڪو قليچ بيگ مرزا هن ريت رقم
ڪيو آهي: اوچتو ٽنڊي سائينداد جي ڪچن گهرن ۾ الائي
ڪيئن باهه ڀڙڪي پئي. ڪيترو سامان هيرا جواهر موتي
سڙي چٽ ٿي ويا. ميرن جي ديرن ڏاڍي مشڪل سان جان
بچائي. اتان پوءِ مير ڪرم علي خان جا دير امير
محمود جي ٽنڊي لڳ اچي وستيون اڏي ويٺا. جتان مرزا
خسرو بيگ ۽ سندس ناٺي فريدون بيگ، نواب ولي محمد
خان ٺوڙهي جي جاگير ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اچي ڪوٽ اڏي
ويٺا. (۽ جتي سندن پونئير اڃا تائين رهندا اچن).
هم زبانو! مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي سوانح حيات ۾
وڌيڪ رقم طراز آهي ته، ٽنڊي سائينداد جي گهرن ۾
باهه لڳڻ سبب جيڪي موتي هيرا ۽ جواهرات سڙي رک ٿي
ويا هئا، انهن سان پوءِ هو پنهنجي ٽنڊي ٺوڙهي واري
ڪوٽ جي گهرن ۾ رانديون پيا ڪندا هئا ۽ دل
وندرائيندا هئا.
]اي
واءِ حسرتا - جو ڪجهه جنهن جي ڀاڳ ۾ لکيل هو. ٿيو
به اهوئي ڪجهه جو - وقت جو اٽل قانون به اهوئي ته،
چوي ٿو[
عزيزانِ گرامي! نادر بيگ مرزا جو بيان اچڻ کان اڳ، مير صاحبن جي
زوال جي مختصر وارتا بيان ٿي چڪي. هن بيان مان
نڪري هاڻي اڳتي ٿا هلون. زماني جو پنهنجو رخ
ڦيرايو ته اسان ڇو نه! انگريزن جي راڄ ۾ مير صاحبن
جا پاڻ ۾ جاگيرن تان جهيڙا شروع ٿيا ته، خاندان
ڇڙوڇڙ ٿي رياستن ۾ ورهائجي ويا. مخبري جي آڇن ۽
انگريزن سرڪار جي خوشامد کي پاپوش تي هڻي زماني جي
قسم تي نادر بيگ جا اهي وڏڙا، يعني مرزا خسرو بيگ
۽ سندس ناٺي فريدون بيگ مرزا، عزت ۽ ضمير جو آواز
ڪنائي، پنهنجي خوش خطيءَ ۽ حڪمت جو هنر ساڻ کڻي،
نواب ولي محمد خان ٺوڙهي جي جاگير، ٺوڙهي جي ٽنڊي
۾ اچي خاموشيءَ سان گوشه گير ٿيا ۽ پٺيان وڏو آل
اولاد ۽ اٽالو ڇڏي نيٺ راهه رباني وٺي، لاڏاڻو
ڪري، عزت آبروءَ سان وڃي جنت مڪاني ٿيا. ان الله
وانا اليه راجعون.
وفات مرزا خسرو بيگ 1860ع مدفن ميرن جا قبا حيدرآباد.
وفات مرزا فريدون بيگ 1871ع مدفن بلند شاهه حيدرآباد.
پيغمبر اسلام ۽ اهل بيت اطهار تي درود سلام کان پوءِ، ناچيز
تذڪره نويس بيان پنهنجي ۽ نادر بيگ مرزا جي
خاندانِ عزيز جو هن ريت ٿو ڪري ته، زماني ماضيءَ
۾، گرجستان جي شهر ٽفلس مان جيڪي ٻه ٻار، ريفيوجي
ٿي تبريز، اصفهان ۽ ايران مان ٿيندا حيدرآباد سنڌ
پهچايا ويا هئا، آخرڪار زوال جي ڏينهن ۾ اچي ٽنڊي
ٺوڙهي ۾ پناهه گزين ٿيا ۽ ان کي پنهنجي تخيل سان
آباد ۽ شاداب بنائي واهه جو کڻي ڪري ڇڏيائون. هو
جي ازلي کان وڏا ذهين تخليق ڪار هئا، انهن جي آباد
ڪيل ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جي عروج جو مان تذڪره نويس به
اکين ڏٺو گواهه آهيان، جنهن جي گهٽين ۽ گهرن ۾
اسان جي ڪهاڻيڪار نادر بيگ مرزا پنهنجي ننڍپڻ ۽
جواني جا ڪجهه البيلا ۽ تخليقي ورهيه گذاريا هئا.
لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ ورهين کان آباد هن ڳوٺ جو منظر، ٽيهه
سال کن اڳ بنهه ائين هو، جئن تارن وچ ۾ چنڊ.
چوڌاري ساوا ستابا باغ ۽ انهن وچ ۾ هي ڳوٺ ڄڻ
ماڻهن جو آباد ٻيٽ. رات جو ڳوٺ مٿان ستارن ڀريل
وشال آسمان، ڏينهن جو سج جا سنهري شيڊ ۽ گهاٽن وڻن
جا ٺنڊا ٺار، ڇانورا. وڻن تي ٻوليندڙ رنگ رنگ جا
پکي، ڪاٺ ڪٽو، ڌوٻياڻِي، ڳيرا، تتر، ڪوئلون،
جهرڪيون، ڪانگ ۽ ڪٻريون. ڳوٺ جي ٻنهي پاسي واهه.
واهه جي ڪنارن سان گهاٽا جهنگ، جهنگن ۾ وري عجب
عجب جانور ڪتا، ٻلا، گدڙ، بگهڙ، ڳورپٽ... ۽ انهن
ڳوٺ جي باغن ۽ جهنگن ۾ ڪڏهن بندوقون کڻي بي خوفيءَ
سان شڪار ڪندڙ، ڪڏهن ٻيڙيون ڪاهي واهن ۾ سير ڪندڙ
(نادر بيگ مرزا) سميت هن خاندان جا شهزادن سمان
ٻار. ڳوٺ ۽ انهن شادابين جي وچو وچ ريل جو بند،
آمدرفت لاءِ وڏو ڦاٽڪ. ڦاٽڪ جي ٻئي ڀر ريل جي بند
تان سامهون نظر وجهو ته، ميرپورخاص روڊ سان مرزا
خاندان جون وڏيون وڏيون حويليون، اوطاقون، امام
بارگاهون، وڏا وڏا اڱڻ، ايوان ۽ انهن کان به
سربلند حضرت عباس علمدار جا اوچا اوچا لاتعداد
انگاس پري کان واضح نظر ايندڙ... يقين فرمايو ته،
ڏيڍ سؤ سال اڳ، نادر بيگ مرزا جي ڏاڍي فريدون بيگ
مرزا ۽ سندس والد شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي
ناني مرزا خسرو بيگ پنهنجي محنت سان جن بي آباد
پوٺن کي اچي آباد ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ انهن جي
پونئيرن، انهن حويلين اندران، علم ادب، آرٽ ۽ ڪلچر
جي جيڪي سرچشما جاري ڪيا، انهن پوءِ سڄيءَ سنڌ کي
ڄڻ پنهنجيءَ مهڪار سان معطر ڪري ڇڏيو هو. اٿڻ
ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، نثر نظم لکڻ کان وٺي،
ويندي سوز خواني، مرثيه خواني عزاداري تائين هنن
خاندان جي فردن وضعداريءَ جو، جيڪو انوکو انداز
اختيار ڪيو ان جي هاڪ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين اڄ به سڻي
وڃي ٿي.
۽ توجه حضرات! جناب امير المومنين موليٰ علي عه مشڪل ڪشا فرمايو
آهي ته: جيڪي ڪجهه مان ڄاڻان ٿو، اوهان کي اهو
ٻڌايان ٿو ته، اوهان جا هيانو ڦاٽي پون. دليون ڏري
پون اوهان جون چريا ٿي پئو اوهان... المختصر طرح
گوش گذار ٿيو مومنو ته: اوڻهين صديءَ جي آخر ڌاري
هن خاندان جي مياڻ مان جڏهن قليچ
[3] جي نالي واري
تلوار نڪري جهرڪڻ لڳي ته، ان جي روشنيءَ ۽ عاليشان
ادبي خدمتن کي ڏسندي، انگريز سرڪار کيس 1924ع ۾
شمس العلما جو خطاب عطا ڪيو ۽ سندس وڏي پذيرائي
ڪئي. ڄاڻڻ گهرجي ته، قليچ بيگ مرزا جي آس پاس هن
جا ننڍا وڏا ڀائر به ستارن وانگر جهرڪي رهيا هئا.
وڏو ڀاءُ صادق قلي بيگ مرزا، سنڌ سڌار اخبار کي
ايڊٽ ڪري رهيو هو. ٻيو ڀاءُ علي قلي بيگ سچل سائين
جو ڪلام سهيڙي رسالو مرتب ڪري رهيو هو. ٽيون ڀاءُ
جعفر قلي بيگ مرزا،[4]
ايف - آر - سي - ايس - پاس ڪري ڊاڪٽر ٿي ڪراچيءَ ۾
ڪلينڪ کولي فري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.
حضرات!
فلسفي جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته اسان جا سڀ ابا
ڏاڏا، پڙ ڏاڏا، اسان جي وجود اندر زنده هوندا آهن
جسماني ۽ ما بعد الطبعاتي ٻنهي طرح... سو انهن جا
گڻ، اوڳڻ به سڀاويڪ نسل در نسل منتقل ٿيندا رهندا
آهن. ۽ ان جو مثال ملاحظه فرمايو ته پنهنجن انهن
مهان ليکڪن جي ڇانو ۾ ويهين صديءَ ۾ جيڪا سيڪنڊ
لائن پيدا ٿي پئي، ان ۾ جيتوڻيڪ ٽئلينٽ بي پناهه
هو، پر شهرت اها، نه ماڻي سگهيا جنهن جا مستحق
بهرحال هو هئا ضرور. خود مرزا قليچ بيگ جي لائق
فرزندن مان جديد سنڌي ڪهاڻي جو سِر جڻهار نادر بيگ
مرزا، همايون بيگ مرزا،
[5] اجمل بيگ مرزا
[6] اسد بيگ مرزا
[7] ۽ مرزا قليچ بيگ
جو ماروٽ مرزا علي نواز بيگ
[8] سنڌي ادب جي
تاريخ ۾ بطور ليکڪ جي اڄ به وڏي مڃتا رکن ٿا.
عزيزو!
بيان پنهنجي ان خاندان عزيز جي علمي ادبي عظمتن ۽
شاهاڻي شوڪت جو ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪريان، سو قلم جي نب
جو رخ موڙي ڪن ٻين حيرت انگيز ۽ دلچسپ واقعن ڏانهن
ٿو ڪريان، جن کي اسان جي ليکڪ نادر بيگ مرزا يقينن
مشاهدي هيٺ آندو يا وڏڙن کان ٻڌي بطور ليکڪ
Enjoy ڪيو هوندو. مثال طور، نادر بيگ جي وڏڙن مان هڪ بزرگ جي شاديءَ
رات جڏهن ٻوڙان ٻوڙ مينهن وسي پيو، تڏهن گهوٽ ۽
ڪنوار واري وچ فاصلي کي، جيڪو اڌ فرلانگ کن جيترو
هو، پاڙي اوڙي جون کٽون هڪ ٻئي ڀرسان رکي ڄڃ لاءِ
رستو تيار ڪيو ويو ۽ ڪنوار کي انهن کٽن تان
لنگهائي رخصت ڪيو ويو. هڪ ٻئي بزرگ ڳوٺ جي ڦاٽڪ وٽ
ويٺل هڪ بزرگ اوليا کي محض ان لالچ تي شهيد ڪري
ڇڏيو جو، ان اولياءَ هڪ ڏينهن ترنگ ۾ پنهنجي مصلي
جو پلئه هٽائي کيس هيرن جواهرن جي وهندڙ نديءَ جو
درشن ڪرايو ۽ هن جڏهن مرزا صاحب جي بي حد اسرار تي
ان مان کيس ڪجهه کڻڻ نه ڏنو، تڏهن هو چپ چاپ گهر
آيو ۽ ڇري کڻي سجدي ۾ پيل ان واليا کي وڃي شهيد
ڪيائين[9].
بعد ان جومصلو کڻي ڏٺائين. هيٺان ڪاري وارا ڪک
هئا. نادر بيگ جي والد صاحب جي ناناڻن ۾ هڪ بزرگ
اهڙو به ٿي گذريو آهي، جنهن، جڏهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾
پنهنجي حويلين ڀرسان ميونسپل وارن کي لنڪ روڊ ٺاهڻ
جي اجازت محض ان بنياد تي نٿي ڏني ته، آمد رفت سبب
ديرن جي بي پردگي ٿيندي ۽ اتان نامحرمن جو گذر عام
جام ٿيندو. ان ڏس ۾ هن اسٽريٽ لائٽس نه لڳائڻ جي
به، جنبي انگريز سرڪار سان مخالفت ڪئي. موٽ ۾ مٿس
انتظاميه جي نافرماني ڪرڻ جو الزام مڙهي، هن
وضعدار شخص کي انگريز سرڪار ڪٽهڙي ۾ گهرايو، ٻه ٽي
شنوايون هليون ۽ مرزا صاحب ڪيس هارايو. نتيجي ۾
انگريز سرڪار کيس محض سزا طور ”ٽڪو“ ڏنڊ ڀري ڏيڻ
لاءِ وارنٽ ڪڍيو. هيڏانهن مرزا صاحب ڏنڊ ڀريو،
هوڏانهن پنهنجي بي عزتيءَ جي ڏک ۾ اچي کٽ
سنڀاليائين ۽ چپ چاپ گذاري ويو.
ناظرين، خاندان عزيز جي غيرت، سادگين، روايتن ۽ علمي ڪارنامن جو
بيان ڪندي اچانڪ راقم الحروف کي ياد پيو اچي ته
کيس پهرين جنوري اوڻيهه سو پنجاسيءَ تي خواب ۾
آڌيءَ رات جو بشارت نصيب ٿي. ڇا ڏسان ته،
[10] چاچا نادر بيگ
ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس، پريشان حال، هٿ ۾ وکريل ورقن
جو انبار-ڪجهه ثابت و سالم، ڪجهه اڏوهي کاڌل
فرمايائون: ڪاڪا!
جاڳ غفلت جي ننڊ مان... هان وٺ، هي اوراقِ
پارينه... سنڀالڻ چاهين ته، سنڀال. جيترو وقت
سنڀالي سگهيس، سنڀاليم. ”اسان جو وقت پورو ٿيو.
هاڻي اوهان جي ٽهيءَ جو وقت آهي. منهنجي هيءَ موڙي
بطور امانت هان وٺ... ۽ حفاظت جو حق ادا ڪر... ۽
ياد رک جناب امير فرمايو آهي ته... ۽ اچانگ منهنجي
اک کلي پئي... دل ۾ چيم خدايا هي ڪهڙو خواب... ڪٿي
آهن اڏوهي کاڌل ورق، ڪٿي آهن اهي وکريل پنا. هنڌ
ته ڪوري ڪاڳر مثل خالي هو. سخت پريشانيءَ جي عالم
۾ ذڪر ان جو هڪ هڪ عزيز آڏو ڪيم. تعبير سڀني وٽ
ساڳي: پٽ، صدقو ڪڍي ڇڏ. ڪو وفات پاتل عزيز خواب ۾
ڪجهه ڏئي ته، خير آهي... البته ڪجهه گهري ته، اهو
نحس آهي. تڏهن آڌيءَ رات جو آسمان ڏانهن نهاريندي،
خواب جو تعبير مون پاڻ ڪڍيو ۽ اشارو سمجهيم. چاچا
نادر بيگ جي هٿ ۾ جهليل وکريل ورق، سندس اهي
لکڻيون لاتعداد شاعري، ناول، ۽ سندس ڪهاڻيون هيون،
جن جي کوجنا لڳائڻ کان پوءِ پتو پيم ته، انهن مان
ڪئي مسودا عزيزه شيرين
[11] عرف بيبي وٽ
لاڪرز ۾، ڪجهه قليچ بيگ صاحب جي ذاتي ڪتب خاني جي
ڪٻٽن ۾
[12]، ۽ ڪجهه سنڌ جي
مختلف لائبريرين جي بند المارين ۾ اڏوهي جو انتظار
ڪري رهيا آهن... مون سوچيو ته ان کان اڳ جو، سڀ
ڪجهه اڏوهي کائي ناس ڪري ڇڏي، ان کان اڳ جو ڪجهه
به نه بچي، مان انهن کي هٿ ڪري، چاچا نادر بيگ ۽
سندس خاندان عزيز ۽ ذاتي مشغولين جو پتو لڳائي،
ناظرين حضرات جي خدمت ۾ پيش ڪندس. اهو قصد ڪندي
ٻئي ڏينهن صبح جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ مون، حضرت
عباس علمدار جي علم آڏو بهي گريو ڪيو ۽ دعا گهري:
يا ابوالعباس! المدد!!
المدد!!!
المدد!!!!
عزيزانِ گرامي!
پوءِ ٿيو هيئنءَ جو مون پنهنجي جاکوڙ چاچا نادر
بيگ جي قبر ڏسڻ کان شروع ڪرڻ جو قصد ڪيو. ۽ مقصد
ان سان، جڏهن ڳوٺ جي ريل جو بند اڪري بلند شاهه
واري قبرستان ۾ پهتس ۽ اتي پهچي کڻي اکين جو شٽر
مٿي کنيم: سامهون نظر آيون قبرون ئي قبرون. نيڻ
نهارڻ تائين ڪتبا ئي ڪتبا. مري وڃڻ وارن جا وزيٽنگ
ڪارڊ. (اها ڳالهه ياد ڏيارڻ لاءِ ته ڪڏهن اسين به
جيئرا هئاسين ۽ متان وساريو ته، نهايت جلد مري
اوهان کي به اچي اسان سان هتي گڏجڻو آهي) ۽ چوڦير
نگاهه ڦيرائي ڏٺم. هر قبر ۾ خاندان عزيز جي نيڪ
سيرت، نيڪ صورت شخصيتون چپ چاپ ستل. ڪنهن قبر ۾
بارايٽ لا، ڪنهن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪنهن ۾ خان بهادر،
ڪنهن ۾ شمس العلماءَ، ڪنهن ۾ صوبيدار، ڪنهن ۾
جاگيردار، ڪنهن ۾ ريزينڊنٽ مئجسٽريٽ، ڪنهن ۾ عورت،
ڪنهن ۾ ٻار ۽ ڪنهن ۾ بي روزگار، ... ڪن کي گوليون
هڻي شهيد
[13] ڪيو ويو، ڪن
[14] آپگهات ڪري.
دنيا مان پاڻ کي آزاد ڪيو ۽ انهن ئي قبرن وچ ۾
چاچا نادر بيگ جي تربت ڳوليندي، مون اچانگ سوچيو
ته، هنن ڪتبن تي موجود نالن وارا چهرا ڪيڏانهن
هليا ويا؟ ڇا، محض، ان ڪري دنيا ۾ آيا ته، صرف ستل
ڪتبن تي انهن جا نالا رهجي وڃن. مون شدت سان چاهيو
ته بلند شاعر جي قبرستان ۾ ستل انهن شخصن مان مرزا
قليچ بيگ، خان بهادر سڪندر بيگ مرزا، فرخ بيگ
مرزا، اجمل بيگ مرزا، نادر بيگ مرزا، ۽ ڪن ٻين جا
مجسما، اسٽيچو موجود هجڻ گهرجن، سنڌ جي مکيه
درسگاهن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز جي انٽرنس وٽ... شهر
جي مکيه چونڪن تي لائبريرين ۽ عجائب گهرن جي
سامهون. افسوس! سامهون ديوارون ۽ ڪنڊ وٽ بيٺل وڻن کان زيتون جي وڻن ۾
فلم ناگن، ۽ انصاف اور قانون، جا پوسٽر ٽنگيل هوا.
بلند شاهه جي ان قبرستان ۾ پنهنجن پرکن جا پيرا
کڻندي، پنهنجون
Roots
ڳوليندي مون ڏٺو، اچانگ آسمان تي هلڪا هلڪا بادل
پکڙجندا ويا ۽ پوءِ اک ڇنڀ ۾ ڇڻڻ لڳيون بوندون
آسمان جي ڇاڻيءَ مان. تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي تربت مٿان ٺهيل ڇپري
هيٺان پناهه لاءِ پهتس ته جيئن رڃ ۾ اوچتو هرڻ کي
ڪو پاڻي نظر اچي وڃي تيئن مون کي سامهون چاچا نادر
بيگ جي تربت جو ڪتبو نظر تي چڙهي ويو. مان اتاولو
ٿي ويس. اکين اڳيان پنهنجي منزل جي ميل جو پٿر
ڏسندي بوندن جي بوڇاڙ ۾ اچانگ کليل آسمان هيٺان
هليو آيس. بي پناهه عقيدت منجهان جهڪي قبر کي سلام
ڪيم ۽ هوائن کي معطر ڪيم. پوءِ سيراندي کان بهي
رومال مان گلاب جون پنکڙيون ۽ نازبوءَ جا گل ڪڍي،
ڪتبي اڳيان پکيڙي شيعه روايت مطابق تربت تي آڱريون
کپائي، دعا پڙهڻ لڳس. مون اکيون پوري ڇڏيون ۽ تصور
۾ ڏٺو: هيٺ قبر جي تهه خاني ۾ پرنس چارمنگ، نادر
بيگ مرزا چپن تي مرڪ پکيڙي اکيون ٻوٽي پرسڪون
انداز ۾ گهري ننڊ تاڻيو ستو پيو هو. اچانگ مون
تصديق ڪئي ته هي اهوئي چهرو آهي، جنهن ڪجهه ڏينهن
اڳ خواب ۾ مون کي بشارت ڏني هئي. مون تصور ئي تصور
۾ پهرين هن جون آڱريون ۽ پوءِ چرڻڻ ڇهيا ۽ دل ۾
افسوس ڪيو، ۽ عزيزو!
دل ۾ افسوس ڪيو ان ڳالهه جو ته منهنجي ۽ چاچا نادر
بيگ جي وچ واري نسل مان به ڪئين هٿن ۾ لکڻ جي سگهه
۽ ڏات هئي. ڪئين مرزا صاحب، قلم قرطاس جا ڌڻي به
هئا. پر صد افسوس جو، انهن مان ڪنهن وٽ، نه خاندان
عزيز جو تذڪرو لکڻ لاءِ فرصت هئي، نه امنگ. ها!
جائيداد ۽ جاگيرن جي ورهاست لاءِ لاشڪ ته، هنن
وصيتن ۽ نصيحتن جا بياض لکي پويان ڇڏيا آهن. هاڻي
مون اکيون کڻي آسمان جو جائزو ورتو. بادل بوندون
ڇاڻي وڃي چڪا هئا ۽ شام جو پهريون ستارو آسمان ۾
جرڪي رهيو هيو. منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. مون
سوچيو: روز لکين ڪروڙين ستارا دنيا جي آسمان مان
آلوپ ٿيندا ٿا رهن. ڪير ٿو سوچي انهن لاءِ؟ ڪير ٿو
پرواهه ڪري انهن جي؟ ڪل نفس ذائقته الموت... جناب
امير فرمايو آهي ته دنيا هڪ مهمان خانو آهي، ۽
مهمانن جو ان تي ڪوئي حق ڪونهي. جيترو دنيا مهمان
کي ڏئي، اهوئي غنيمت سمجهي هن کي قبول ڪرڻ گهرجي.
۽ پنجاب جي صوفي شاعر، شاهه حسين چيو آهي. خاموش! دنيا ذڪر جي لائق جڳهه ڪانهي.
عزيزو!
ڄاڻڻ گهرجي ته، نادر بيگ مرزا جي تربت ڏسڻ سندس
ڪتبو پڙهڻ کان پوءِ اسين پنهنجي اصل موضوع يعني
نادر بيگ جي شخصيت ۽ ادبي حيثيت جي ويجهو پهچي چڪا
آهيون ۽ ان ڏس ۾ ئي پنهنجي لفظن ۽ قلم جي ڪئميرا
جو رخ ڦيرائي قليچ لائبريريءَ جي بند ڪٻٽن ۾ محفوظ
رکيل ان سوانحي ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ تي
فوڪس ٿا ڪريون، جنهن جي متفرقه صفحن تي عظيم پيءَ،
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ پنهنجي لائق فائق
فرزند ارجمند نادر بيگ جي جنم کان طهر ۽ طهر کان
تعليم جو احوال مختصراً رقم ڪرڻ فرمايو آهي.
ناظرين حضرات!
مرزا صاحب جي انهن پئراگرافس سان گڏ، ڏنگين ۾
منهنجا فوٽ نوٽس، توقع آهي ته اوهان سڀني لاءِ
دلچسپي جو باعث بڻجندا. انشاءَ الله... ته خواتين
و حضرات!
هاڻي اهي پئراگرافس مع منهنجي فوٽ نوٽس جي ملاحظه
فرمايو ۽ ٿوري دير لاءِ لطف اندوز ٿيو.
25 ڊسمبر 1888ع جي سرد ۽ خوشگوار رات، ڪراچي شهر جو هڪ وڪٽورين
انداز بنگلو، جعفرين واري ان بنگلي جي لان، ورانڊي
۽ ڪمرن ۾ خواتين و حضرات جي چهل پهل، شاديءَ جو
معرڪو. شادي به ڪنهن جي؟ مرزا قليچ بيگ جي-ڪنهن
سان؟ حيدرآباد صدر جي شيخ فيمليءَ جي نياڻيءَ
خيرالنساءَ
[15] سان، شاديءَ جي
معرڪي ۾ خاندان جون خواتين سوسيءَ جي شلوارن تي
گهيردار وڏن گهاگهرن ۾ ملبوس، پيرن ۾ ٽئور جتيون،
مٿي تي ٻانڌڻي وارا وڏا روا!
ڪجهه معزز خواتين ساڙهين ۽ لينگن ۾. ڪن جي ساڙهين
تي چمڪندڙ سونهري بروج لڳل (يا مظهرالعجائب، ديسي
شاديءَ ۾ ساڙهين ۽ لينگن ۾ هي ميمون، منڊمون ڪير؟
معزز ناظرين، ٿورو تحمل. ٿورو
Wait.
انهن جو ذڪر به اڳتي ايندو. ان شادي جي فيسٽيويل
۾، خاندان جا معزز مرد به گهڻو تڻو ان وقت ۾ رائج
پوشيده لباس ۾ ملبوس. بزرگن کي وڏيون شاهي گهيردار
شلوارون، ڊگهيون قميصون مٿان سهڻيون زري دار
صدريون پاتل. پڙهيل ڪڙهيل نوجوان وري ٿري پيس ۾،
وٿ نيڪ ٽاءِ. ڄاڃين ۾ گهڻائي اهڙين شخصيتن جي
جيڪي ان سماج جا اعليٰ تعليم يافته، وڏن سرڪاري
منصبن جا مالڪ ۽ وڏا جاگيردار... ۽ خواتين و حضرات!
نوجوان قليچ بيگ مرزا ۽ نادر بيگ مرزا جي والده
ماجده خيرالنساءَ جي شاديءَ جو اهو ڏيک وقت جي چک
تي اکيون رکي، اوهان ڏسڻ فرمايو. هاڻي هي روسي
نزاد تذڪره نويس، اوهان کي مرزا قليچ بيگ جي دائري
جا ورق ٿو ڏيکارري ۽ ڏنگين ۾ راقم جا رمارڪس به،
جيڪڏهن اوهان غور سان ملاحظه فرمايا ته، نقصان
بدران اوهان کي فائدو ئي نصيب ٿيندو.
از قليچ: پنهنجي شادي جي ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي خانگي ڊائري
شروع ڪئي. جا اڃا تائين هلي پئي ۽ جنهن ۾ لکڻ
جهڙيون ڳالهيون داخل ڪندو اچان.
روهڙي ۾ رهندي مون ۽ زال
[16] گڏجي صلاح ڪري
ٻه سنڌي ڪتاب لکيا
[17] هڪڙو زينت ۽ ٻيو
صحت النساءِ (ٿورو غور فرمايو انهن ڪتابن لکڻ
دوران ڪن گهڙين ۾ هنن ٻنهي گڏجي، لاشعوري طرح،
صحبت ڪري نادر بيگ کي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ جتن پئي ڪيا
هوندا.[18]
]
16 مارچ 1891ع تي اسان جي
ڪهاڻيڪار نادر بيگ مرزا ڪوٽڙي جي هڪ سرڪاري بنگلي
۾ جنم ورتو.[19]
اهائي ڪوٽڙي جيڪا سنڌي ٻولي جي ٻن مهان ڪهاڻيڪارن
موهن ڪلپنا ۽ علي بابا جو به جنم آسٿان آهي ۽ اي
ڪوٽڙي تو تاريخ کي ڪيڏا نه عظيم افسانه نگار پيدا
ڪري ڏنا آهن. تون ڪيڏي نه اتم آهين، مهان آهين
توتي سلام آ.[
ناظرين!
اتفاقات جو سلسلو به ڪيڏو نه عجيب آهي، نادر بيگ جي جنم کان صرف
هڪ سال پوءِ ساڳئي آسمان هيٺان، دنيا جي نقشي ۾
يوگا سلاويا اندر 1892ع ۾ دُرينا جي پل، ناول جو
نوبل انعام يافته ليکڪ، آئيو وانڊرچ به پيدا ٿيو
هو... ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته، 1890ع وارو ڏهو عجيب ڏهو
هو، جنهن ۾ برصغير کان ويندي برِڪبير تائين، چوڦير
عظيم ذهن پيدا ٿي رهيا هئا يا، انهن ئي سالن جي آس
پاس پيدا ٿيڻ وارا هئا. برِصغير جو جدت پسند
نثرنگار ۽ قرت العين جو والد سيد سجاد حيدر: جنم
1880ع بلبل هند ۽ انگريزيءَ جي شاعره سروجني
نائيڊو: جنم 1879ع. علامه اقبال ۽ مولانا شبليءَ
جي معشوقه. برِصغير جي حسين ترين عورت، عطيه فيضي:
1897ع اردو افساني جو امام پريم چند: 1880ع. نامور
تاريخ نويس مولائي شيدائي: جنم 1894ع. شمس
العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: جنم
1896ع. بهترين نثر نويس ميران محمد شاهه جنم 1898ع
جديد سنڌي نثر جو ليجنڊ ڪاڪو لعل چند امر ڏنو مل:
جنم 1885ع... ۽ ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺان... مقصد
چوڻ جو رڳو هي ته، 1891ع ۾ جڏهن نادر بيگ ڪوٽڙي ۾
جنم ورتو هو، تڏهن برِصغير جي هڪ ڪنڊ تي ٽئگور
پنهنجي شخصيت، شانتي نڪيتن، ۽ شاندار لکڻين سبب
لوبان جي خوشبوءِ سان پکڙجي رهيو هو ته، ٻئي پاسي
حيدرآباب سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ٺوڙهي جي ٽنڊي مان،
سنڌ جي آسمان تي چمڪڻ لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ڏات
جو سورج نمودار ٿيڻ وارو هو.
از قليچ: 1900ع ۾ منهنجي پٽ نادر بيگ ۽ ننڍي ڌيءَ کي اوچتو
ڪالرا جو اثر ٿي پيو. هنن جي بچڻ جي بلڪل اميد
ڪانه هئي. آخر ڌيءَ مري وئي ۽ نادر بيگ بچيو.
1904ع ۾ اسان جي گهرن ۾ ڪئا مرڻ لڳا. تنهن ڪري
اسين پنهنجا گهر ڇڏي پنهنجي باغ ۾ وڃي ويٺاسين.
اتي منهنجي زال (نادر بيگ جي والده) کي پليگ جي
بيماري ٿي پئي. پيٽ سان هئي، تنهن ڪري ويامي پئي.
ڌيءَ ڄڻيائين. پر اها به ترت مري وئي ۽ پاڻ به
وفات ڪيائين. اها اوڻيهين مارچ ۽ محرم جي پهرين
تاريخ هئي، سن هو 1904ع. هن سان شادي ڪئي، پندرهن
ورهيه ۽ اڍائي مهينا ٿيا هئا ۽ 33 ورهين جي عمر ۾
وفات ڪيائين.[20]
سندس فوٽو اڳئي ورتل هو. بلڪ سندس آواز به
فونوگراف ۾ ورتل هو
[21] اڃا تائين ڪڏهن
ڪڏهن ٻڌي هن کي ياد ڪندو آهيان. هن مان، مون کي ٽي
ٻار هئا: نادر بيگ، اختر بيگ
[22] ۽ هڪڙي ڌيءَ
فخرالنساءَ.
1906ع
[23] ۾ منهنجي ننڍي
ڀاءُ ڊاڪٽر مرزا جعفر قلي بيگ جي مڊم (ايڊي ليڊ
بئٽرس مارٽن) سندس ٻه پٽ سڊني مرزا ۽ اسٽينڊلي
مرزا ۽ ڌيءُ مس گريس
[24] ولايت ويا. انهن
سان گڏ مون نادر بيگ کي به موڪلي ڏنو ته، اتي
تعليم وٺي ۽ بئريسٽريءَ جو امتحان ڏئي. هر مهيني
آءُ نادر بيگ کي خرچ پهچائيندو رهيس.
1912ع ۾ منهنجو پٽ نادر بيگ بئريسٽر ٿي آيو. تنهن کان پوءِ هو
لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽري ڪرڻ لڳو. سگهو ئي پوءِ هو
ريزيڊينٽ مجسٽريٽ مقرر ٿيو، ۽ ٻن ٽن هنڌن تي رهيو
پر پوءِ جڏهن منهنجي ڀاءَ ڊاڪٽر مرزا جي ڌيءَ
(گريس) سان شادي ڪيائين. (”ياد رهي ته نادر بيگ
سان شادي ڪرڻ کان اڳ مس گريس پنهنجي ٻئي سڳي سئوٽ
جي مڱ هئي، پر نادر بيگ سان رومينس ٿي وڃڻ سبب،
هنن ٻنهي حويلين مان صلاح ڪري آڌي رات جو روانگي
اختيار ڪري، وڃي ڪورٽ - مئرج ڪئي. جيتوڻيڪ ههڙي
قسم جي حرڪت خاندان جي شان وٽان نه هئي ۽ ازان
سواءِ مرزا قليچ بيگ جي خلافِ توقع به هئي. پر هن
عظيم پيءَ ۽ شريف النفس ماڻهوءَ، پٽ خلاف ٻاڦ نه
ڪان ڪڍي. پاڻ خاندان پاران پهچندڙ عقوبتون چپ چاپ
برداشت ڪندو ۽ صبر کان ڪم وٺندو رهيو!.
عزيزو!
واقع ان دکدائڪ کان پوءِ عظيم پيءَ، نوجوان پٽ نادر بيگ سان نيٺ
ڪيئن پرتو؟ ان واقعي جو راوي اگرچ ڪمزور آهي، پر
سندن پرچاءَ جو واقعو نهايت ميلو ڊريميٽڪ آهي.
انڪري همه تن گوش ٿي ٻڌو ته، تن ڏينهن ۾ نادر بيگ
مرزا لاڙڪاڻي ۾ سٽي مئجسٽريٽ هو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ اتي شيعه ڪانفرنس جي صدارت
ڪرڻ لاءِ پهتو هو. معزز مهمان ۽ اعليٰ عهديدار
يعني ڊپٽي ڪليڪٽر جو استقبال ڪندڙن ۾ سٽي مئجسٽريٽ
نادر بيگ جو هجڻ به سڀاويڪ هو. راوي، روايت ڪئي
ته، معزز مهمان جو استقبال ڪندي جڏهن ٻين هٿ پئي
ملايا تڏهن نادر بيگ جهڪي مرزا صاحب جي پيرن تي هٿ
رکڻ لاءِ جيئن ئي هيٺ نوڙيو ته عزيزو ڏسڻ وارن ڏٺو
ته عظيم پيءَ ٻانهون ڊگهيري، پٽ کي پيرن مان اٿاري
بي اختيار ڇاتيءَ سان کڻي لائي ڇڏيو.
از قليچ: نادر بيگ ٿياسافيڪل سوسائٽي جو ميمبر آهي. هن کي لکڻ
پڙهڻ جو شوق آهي. ڊرائنگ، نقاشي، ميوزڪ ۽ راڳ ڄاڻي
۽ واڍڪو ۽ اڪر جو ڪم به اچيس ٿو. انگريزي شعر به
چوندو آهي
]اي
واءِ حسرتا، بجز هڪ ٺاهيل ڪٻٽ جي تصوير جي
[25] هن جو ڪيل اهو
سمورو ڪم ۽ انگريزي شاعري الائي ڪٿي گم آهي. الائي
اها ڪٿي موجود به آهي يا اڏوهي کائي ڪم خلاص ڪيو.
الاس[!.
جڏهن لکي پڙهي ٿڪجان ٿو، تڏهن زال جي صحبت چڱي آهي.
[26] پر اها به
ويچاري منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي خدمت ۽ چاڪريءَ ۾
مس پوري آهي. پٽن مان به وڏو (نادر بيگ) صحبت جهڙو
ڪراچيءَ ۾ گذاري، ٻيا ننڍا آهن
]۽
3 جولاءِ 1929ع کان پوءِ پنهنجي پٽ نادر بيگ جي
باري ۾ ڪجهه، ڊائري ۾ لکڻ لاءِ مرزا قليچ بيگ صاحب
هن دنيا ۾ هاڻي موجود ڪونه هو[ سو مرزا صاحب جي دائريءَ جا پنا، اتي پورا ٿيا!
That’s all.
وفات شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ 3 جولاءِ 1929ع. تدفين: بلند
شاهه حيدرآباد.
والد صاحب جي وفات واري ڏينهن، نادر بيگ اکين ۾ آلاڻ کڻي ڪراچي
کان حيدرآباد پهتو هو، ۽ اوطاق جي ورانڊي ۾ پلر جي
ڀرسان ڪنڌ لاڙي چپ چاپ عزيزن، قريبن کان فاتح
وٺندو رهيو. ان صدمي جي اثر هيٺ يا ڪنهن سبب ڪري
ان سال ئي هو ڪراچيءَ مان فيمليءَ سوڌو شفٽ ٿي
ڪجهه سالن لاءِ حيدرآباد جي صدر علائقي ۾ رهائش
پذير اچي ٿيو هو. ڄاڻڻ گهرجي ته، صدر، ان دور ۾ به
اڄ ئي وانگر نهايت محفوظ پرسڪون ۽ رهائش لاءِ
آئيڊيل علائقو هو. چوڌاري، رستي جي ڪنارن سان وڏا
وڏا جعفرين وارا خوبصورت بنگلا، بنگلن جي چوڦير
عاليشان بائونڊري والز. اندر بنگلن ۾ لان. لان ۾
رنگا رنگ گلن جي بهار. يوڪلپٽس، گلِ عباس، گلِ
نشتر ۽ صبوبر جا دراز قامت وڻ. ماحول سڳنڌ ڀريو.
[27]نادر بيگ پنهنجي
بنگلي جي جنهن ڪمري ۾ وڇايل گاديلي اڳيان رکيل
ٽپائي تي ويهي لکندو هو، ان جي سامهون، باغ ڏانهن
کلندڙ دريءَ، دريءَ سامهون باغ جي بائونڊري وال ان
جي ڀرسان اوريان پريان نظر ايندڙ وشال ميدان هو.
بنگلي جي مين گيٽ اڳيان صاف سٿرو پڪو رستو. رستي
تان، رکي رکي دير دير سان لنگهي ويندڙ ڪنهن
شيورليٽ يا وڪٽوريا گاڏي جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ[28].
ماحول ۾ مڪمل سيڪيورٽي ۽ سڪون. رستي جي موڙ وٽ،
ڪنڊ سان بجليءَ جو بنبو، هيٺ نهايت سهڻو ڳاڙهو
ليٽر باڪس. (ڇا خبر هن پنهنجون ڪهاڻيون، ماهوار
سنڌو شڪارپور جي ايڊيٽر کي ان ذريعي ئي هتان
روانيون ڪيون هجن) ٿورو اڳڀرو رستي جي پاسي کان
ميل جو پٿر کتل. ان کان ٿورو پرڀرو مهربان ايراني
ريسٽورانٽ. ريسٽورانٽ جي ديوارن تي فريمن ۾ ايران
جا لينڊ اسڪيپ ۽ امام رضا جي روضي پاڪ جا دلفريب
دلڪش منظر ٽنگيل. هوٽل جي گيٽ سان ڪائونٽر تي ويٺل
ايراني ريسٽورانٽ جو گول مٽول، ببل گم جهڙو گلابي
مکُ وارو ايراني مالڪ. سندس آڏو ڪائونٽر تي موجود
نمڪين بسڪيٽن ۽ لذيذ ڪيڪ سلائيسز سان لبالب ڀريل
شيشي جون برنيون. ٽئبل تي ويٽرس جي نهايت شانائتي
سروس. رات جو نادر بيگ پنهنجي دوست ڊاڪٽر شيخ
ابراهيم خليل سان سندس ڪلينڪ تي تاش راند کيڏڻ کان
پوءِ، ان ئي ايراني هوٽل تي پهچي گڏجي چانهه
پيئندو هو.
[29] ۽ اتي ايندڙ، ان
وقت جي ناميارن ليکڪن سان گپ شپ ڪري رات جو
ڳالهيون ٻولهيون ڪندا سگريٽ پيئندا، هو پنهنجن
گهرن ڏانهن موٽي ويندا هئا. اِهو تصور ۾ چاچا نادر
بيگ جي صدر واري ان گهر ڏانهن ويندڙ پيرن جي انهن
نشانن کي ڏسندي سوچان ۽ دلگير پيو ٿيان ته، پنجاهه
پنجونجاهه سال اڳ چاچا نادر بيگ، جيڪو پنهنجو
سمورو تخليقي ڪم، صدر واري ان گهر ۾، يا گارڊن
ايسٽ ڪراچيءَ واري ڪنهن بنگلي ۾ ويهي ڪيو ته، ڇا
محض ان لاءِ ته، نهايت جلد صرف اوڻونجاهه سالن جي
ڄمار ۾ هن کي بلند شاهه واري قبرستان ۾ مستقل
سڪونت اختيار ڪرڻي هئي. (يا صاحب العصر والزَمان
الامان، الامان الامان).
ناظرين!
هاڻي ٻيو قصو ٻڌو:
ويهين صديءَ جي ابتدا هئي ۽ نادر بيگ پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ بار
ايٽ لا ٿي ولايت مان موٽيو هو. مغربي معاشري مان
موٽڻ ڪري، سڀاويڪ هن ۾ تبديلي هئي ۽ ڪوٽ جي ڪالر
کان نيڪ ٽاءِ ٻڌڻ تائين، هاڻي هو پنهنجي خاندان
وارن کان هڪ الڳ نظر ايندڙ شخص هو. هن جي سوچ ۽
لائيف- پئٽرن مڪمل طرح سان فارورڊ ۽ ترقي پسند
ماڻهوءَ وارو هو. 1933ع
[30] ۾ هن جڏهن
پنهنجي نياڻيءَ شيرين، جي نسبت آخوند خاندان جي
چشم و چراغ فيروز نانا سان طئي ڪئي ته، پنهنجيءَ
لو- مئريج، کان پوءِ ان ٻي بولڊ وک کڻڻ تي هڪ دفعو
وري هن کي خاندان جي اختلافن سان منهن مقابل ٿيڻو
پيو. ياد رکڻ گهرجي ته، اها ڪنهن پهرين ڇوڪريءَ جي
شادي هئي جيڪا خاندان کان ٻاهر غيرن ۽ ڌارين (۽
وڏن جي چوڻ مطابق گهٽ ذات ۾) ٿي رهي هئي. ان بولڊ
وک کڻڻ تي، نادر بيگ ان دور ۾ خاندانِ عزيز جي
بزرگن وٽان ڪهڙا رماڪس ٻڌا ۽ برداشت ڪيا. ان جو
رڪارڊ هن ڪنهن به لکت، ڪنهن به روزنامچي ۾ شايد
ڪونه ڇڏيو آهي
[31] ۽ افسوس ته ڌيءَ
جي شاديءَ کان پوءِ، ڪهاڻيون لکڻ به هن جهڙوڪر ڇڏي
ئي ڏنيون هيون. نه ته شايد، سندس اندر جي ڪيفيتن
جي ڪا ريک، هن جي ڪنهن سٽ ڪنهن جملي، ڪنهن پئرا ۾
ضرور
Preserve
هجي ها.
قارئين ڪرام!
شخصي توڻي ذاتي زندگيءَ ۾ نادر بيگ مرزا هر لحاظ
کان اوهان جي خدمت ۾ مٿين مثالن جي روشنيءَ ۾، پان
کي پنهنجي قول فعل ۽ عمل ذريعي هڪ روشن خيال شخص
طور
Prove
ڪري چڪو هوندو. مان وڌيڪ گذارش ڪريان ته، پنهنجي
شادي کان ڌيءَ جي وهانو تائين هن پراڻن خانداني
قدرن،
Taboos
۽ رجعت پسندانه سوچ کي ٿڏي پويان ايندڙن لاءِ رستو
صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي (پر هاءِ ويچارو اڪيلو
نادر بيگ مرزا ڇا ٿي ڪري سگهيو!)
سنڌي افسانوي ادب جي کيتر ۾ به، هن اهڙيون ئي
ڇرڪائيندڙ ۽ بولڊ وکون کنيون آهن. ۽ ان وقت موجود
مسلم، هندو ۽ پارسي سماج کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ
لاءِ بطور اديب ۽ انسان دوست سفير جي، پنهنجين
ڪهاڻين ۾ مکيه رول ادا ڪرڻ جي ڪوشش به پئي ورتي
آهي. ان کان به اڳتي فني سطح تي، ڪهاڻي- هن وٽ
اسلوب، ٽيڪنيڪ، ٽريٽ مينٽ ۽ ٻوليءَ جي سطح تي
انتهائي سڌريل، صفا صاف ۽ جديد شيپ ۾ نظر اچي ٿي.
نادر بيگ کان اڳ فڪشن، قصه گوئي ۽ شاعراڻي نثر جي
ريشمي رومال ۾ ويڙهيل هو. هن ننڊ مان سجاڳ ٿي
پنهنجي چوگرد موجود زندگي مان نوان ۽ فريش موضوع
چونڊي، انهن کي افساني جي نئين مٽيءَ ۾ ڳوهي، نئين
انداز سان پاٺڪ آڏو نروار پئي ڪيو. ۽ ڄاڻڻ گهرجي
ته، نهايت اعليٰ تعليم يافته هجڻ سان گڏو گڏ، هو
هڪ برلئنٽ وڪيل به هو ۽ ان ناتي سان بجا طور تي ته
هن جو واهپو، سماج ۾ موجود هر طبقي سان ٿيو هوندو.
مشاهدي جي انهن مڙني حوالن کي نظر ۾ رکي ڪنڪليوين
ڪڍبو ته، نادر بيگ اسان کي سنڌي افساني جي اتهاس ۾
منفرد، ۽ نئين پوز سان داخل ٿيندڙ، نئين شروعات
ڪندڙ، پهريون ماڊرن سنڌي افسانه نگار نظر ايندو.
صاحبو!
هتي هي به گوش- گذار ڪريان ته، نادر بيگ مرزا جي
بنهه ويجهو عظيم نثر نگار مرزا قليچ بيگ موجود هو.
همعصر ڪهاڻيڪارن ۾ نوان نوان امنگ، اتپڻ ڪرڻ وارو
جديد نثرنگار لعل چند امر ڏنومل ۽ ٻه ٻيا ڀيچي
آسانند مامتوراءِ ۽ امر لعل هنڱوراڻي پڻ ڪهاڻيون
لکي رهيا هئا، هوڏانهن غزل ۾ نوان احساس
اٿلائيندڙ، ان کي نئون لهجو عطا ڪندڙ شاعر مير
عبدالحسين خان سانگي
[32] ۽ نظم جي کيتر ۾
ڪشنچند بيوس جهڙا چنڊ ستارا هن جي آسپاس جهومر
لايو بيٺا هئا ۽ هن پنهنجي انهن همعصرن جي ئي وچ ۾
ڄاڻڻ گهرجي ته، بطور اسٽائلسٽ نثرنگار ۽ افسانه
نگار جي، پنهنجي فن جو انگاس اوچو ڪيو ۽ پاڻ موکيو
پئي. ۽ اهو زمانو 1926ع کان 1936ع تائين جو سمجهڻ
گهرجي. ان زماني کي ئي نادر بيگ جي شهرت وارو
زمانو سمجهڻ سان گڏو گڏ ڦوهه جواني کان موٽندڙ
وهيءَ وارو زمانو به سڏي سگهجي ٿو. ان ئي زماني ۾
1932ع ڌاري بولچند راجپال، شڪارپور مان”سنڌو“
رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ نادر بيگ مرزا جي
افسانن کان سواءِ، امر لعل هنڱوراڻي (منصف:
ادوعبدالرحمان) آسانند مامتوراءِ (منصف ناول شاعر
۽ ڳنوارڻ)، محمد عثمان ڏيپلائي (منصف ناول
”سانگهڙ“ ۽ ٻيا) ڪتاب، عثمان علي انصاري (منصف:
افسانن جو مجموعو پنج ۽ ٻيا) ۽ محمد خان غني وغيره
جا افسانه به باقاعده شايع ٿيندا هئا.... انهن
افسانه نگارن جي افسانن تي راءِ ڏيندي سنڌي نثر جي
تاريخ
[33] ۾، ڪاڪا
منگهارام ملڪاڻي رقم طراز آهي ته، انهن افسانن ۾
خاص ڪري، مرزا نادر بيگ جا افسانه جذباتيت جي ڪري
يادگار آهن. هن معاشري جي معاملن ۽ جذباتي ڪيفيتن
کي افسانن ۾ آڻي تمام اعليٰ درجي جا، جذباتي
افسانه لکيا، جن ۾ سماجي حالتن ۽ محبتن جي واردات
کي آندائين. سندس پهريون افسانو مُوهني جي ڊائري
آهي، جيڪو سنڌوءَ ۾ (ئي) شايع ٿيو.[34]
حقيقت ۾ هڪ نئين ڪنوار جي ڊائري جا هي ورق، سماج
جو اهڙو عڪس پيش ڪن ٿا جيڪو اڄ به (۽ واقعي اڄ به-
ن) نظر اچي ٿو. نادر بيگ ڪي ٻيا به افسانا لکيا.
جهڙوڪ موهنيءَ جي دل جو داغ، موهني جي آهه،
موهنيءَ جي غلطي (ناٽڪ)، موهنيءَ جي فتح، معشوق
موهني، موهنيءَ جو گهر، گهر جي ڇڪ، انقلاب... ۽
مرزا نادر بيگ جا اڪثر افسانا موهنيءَ جي نالي
آهن. انهن ۾ جيڪا جذباتيت لڪل اهي سا محبت جي ڪنهن
نه ڪنهن عنوان هيٺ آهي[35].
ناظرين حضرات!
ياد رکڻ گهرجي ته، منگهارام ملڪاڻيءَ موهنيءَ جي
ڊائري، کي نادر بيگ مرزا جي پهرين ڪهاڻي شمار ڪيو
آهي... ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته، بنهه پهريون دفعو هن
ڪهاڻي جو تانڃو ان ريت آڻي، نادر بيگ مرزا، پنهنجي
جدت پسند طبيعت ۽ نئين ڊڪشن جو آرنڀ به هن ڪهاڻي
ذريعي ئي ڄڻ ڪري ڇڏيو هو. هن کان اڳ يقين فرمايو
ته مرزا قليچ بيگ کان وٺي ميران محمد شاهه تائين
ڪنهن به ليکڪ ڪهاڻيءَ کي فن، فارم ۽ ٽيڪنيڪ جي سطح
تي ڊيل ئي نه ڪيو هو. ظاهر ٿيو ته، نادر بيگ
پنهنجي پهرين ڪهاڻيءَ سان ئي، ادب ۾ نئين انداز ۽
نئين پوز سان داخل ٿيڻ جا امنگ کڻي پڌرايو هو.
وڌيڪ عرض ته، نادر بيگ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ماڊرن يا
جديد افساني جو ڪوئي ماضي ڪونه هو. هن نئين شروعات
جي ابتدا ڪندي، ڪهاڻيءَ کي فن، فارم ۽ ٽيڪنيڪ جي
سطح تي ڊيل ڪرڻ سان گڏو گڏ نوان موضوع ڏئي ان وقت
جي مسلم پارسي ۽ هندو سماج کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ
جا به جتن پي ڪيا هئا.
اوهان مٿي ملاحظه فرمائي آيا هوندؤ ۽ يقينن، تذڪره نويس کان
معلوم به ڪرڻ چاهيندا هوندؤ ته: نادر بيگ جو،
پنهنجيون هيتريون ساريون ڪهاڻيون موهنيءَ جي نالي
سان لکيون آهن ته، آخر ڪهڙي خوشيءَ ۾؟ اها موهني
هئي ڪير؟ ڇا محض نادر بيگ جي تخيل جو ڪرشمو؟ يا
واقعي هڏ چم واري ڪا دوشيزه؟ موهني جي باري ۾
ڊيٽيل سان ڪجهه ٻڌائڻ جي سلسلي ۾ خود نادر بيگ به
ٽال مٽول ڪئي آهي. لکيو اٿس ته، ڪئين دوستن مون
کان پڇيو آهي ته، اها موهني آهي ڪير جا، تو مان
اچي ڦاٿي آهي. انهن کي جواب اهوئي آهي ته موهني،
اها جا دل کي موهي. هان!
هي ڇا؟ نادر بيگ ته، ڳالهه گول ڪري، هڪ جملي ۾ ئي
موهني جو قصو وائينڊ اپ ڪري ڇڏيو. هونئن ائين هو
ڪونه. موهني واقعي هڪ وجود رکندڙ سانوري چنچل
نينگري نادر بيگ مرزا جي آس پاس هئي ضرور[36].
ڪير هئي؟ ڪيڏانهن وئي؟ اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ٿورو
تحمل. اڳتي هلي ان راز تان پردو کڄندو ضرور-
تيستائين
Wait, please في الحال صرف ايتري گذارش ڪريان، ته موهني نادر بيگ جي آئيڊيل
هئي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ موهنيءَ کي هر ڪردار ۾
ٽراءِ ڪيو آهي. ڪٿي هو، چنچل، ذهين ۽ ڪاليجي نينگر
آهي جنهن کي چاڪليٽ ڏاڍا وڻندا آهن. (ڪهاڻي،
موهنيءَ جي فتح)، ڪٿي وري هوءَ شڪي مزاج زال جي
روپ ۾ آهي (ناٽڪ موهنيءَ جي غلطي)، ڪٿي ته هوءَ
نهايت سنجيده، وفادار هائوس وائيف آهي ۽ ڪٿي وري،
بي حد فارورڊ ۽ نهايت مخلص محبوبا جي روپ ۾ پاڻ
پسائي ٿي (ڪهاڻي: موهنيءَ جي دل جو داغ). مثال طور
هن ئي ڪهاڻيءَ ۾، موهنيءَ کي ٿورو نادربيگ جي نظر
سان ملاحظه فرمايو: موهني کي پارسي فئشن جي ريشمي
ساڙهي، جنهن جو پلئه سوني بروچ سان اٽڪيل هو، پيل
هئس. وڏي کڙيءَ واري جتي. جوراب اهڙا سنها ۽ قدرتي
رنگ جا هئا ڄڻ ته مريا پيا ڏسجن. مطلب ته، هر
نموني وڻندڙ ۽ نازنين لڳي رهي هئي. انهن ڪهاڻين
کان قطع نظر، نادر بيگ پنهنجين ٻن بهترين رومينٽڪ
ڪهاڻين ۾ خورشيد نالي واري هڪ خوبصورت نائڪا ٻي به
انٽروڊيوس ڪئي آهي. انهن ٻن ڪهاڻين موهني جو گهر،
۽ پاڪ محبت مان ڪهاڻي پاڪ محبت جو هيرو ڄڻ نادر
بيگ پاڻ آهي. ثبوت ان جو هي ته ان ڪهاڻي جو نائڪ،
نه فقط ذات جو مرزا آهي پر نادر بيگ وانگر پيشه-
ور بئريسٽر به آهي. ۽ چاهجي ته، هن ڪهاڻي کي نادر
بيگ جي آٽوبايوگرافيءَ جو هڪ خوبصورت چئپٽر به
سمجهي سگهجي ٿو. هن ئي ڪهاڻي ۾ موهني سان نادر بيگ
جي سچي محبت ۽ بي پناهه چاهت جو پتو به ملي ٿو. ان
جو ثبوت هي آهي ته ڪهاڻيءَ جي هڪ انتهائي نازڪ موڙ
تي، موهنيءَ کي پنهنجي سچائي جو ثبوت ڏيندي چوي
ٿو، خورشيد ڪهڙي؟ خورشيد نه ڪا هئي نه ڪا ٿيندي...
هميشه کان تون ئي تون هئينءَ موهني. خورشيد به،
تون ته- موهني به تون!
|