موهني جي ڊائري
3 سيپٽمبر 1930ع
پرماتما جا لک لک شڪرانا جو مون کي اهڙو سٺو گهر ڏنو اٿس. نه! گهر وري ڇاجو چڱو موچارو محلات آهي. ڪنهن شيءِ جي گهرج
ڪانهي. سڀ ڪجهه آهي. سچ ته اهو آهي ته منهنجي قسمت
کلي پئي آهي. مون کي دنيا ۾ ئي سورڳ ملي ويو آهي.
مون وهانءَ کان اڳي جيڪي به پرماتما کان هٿ ٻڌي
گهريو هو، انهيءَ کان به وڌيڪ مون کي ڏنو اٿس.
مائٽن کان موڪلائڻ مهل جيڪي پريشاني، جيڪو فڪر هوم
سو هاڻي ذرو به ڪونهي. منهنجي سس بلڪل کل مک آهي ۽
هميشه منهن تي خوشي اٿس. مون کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽
چيائين ته هي ته منهنجي وڏي ننهن کان به سهڻي آهي.
هن کي ته ڏسڻ سان بک مارجيو وڃي. ڏينهن جو ڪيترا
ڀيرا پڇيو وڃي ته ”ڪا تڪليف ته ڪانهي؟ جيڪا شيءِ
کپي ئي سا گهري وٺج. ڪو شرم نه ڪج، هي تنهنجو گهر
آهي.“ ماني کائڻ مهل اچيو سامهون وهيم ۽ ڏاڍي فڪر
سان ماني کارائيم. ٻن پهرن جو باجو اچيو سامهون
رکيم، چئي وڄاءِ. لک انڪار ڪندي آهيان پر ٻڌي ڪير
ٿو. لاچار باجو وڄائڻو پئيم، ۽ اوڏي مهل هن جي شڪل
پئي ٻهڪندي آهي. ايتري محبت ۽ ايتري عزت ته مون کي
پيڪي گهر به ڪانه هئي. منهنجو سهرو ويچارو ٻالو
ڀولو آهي. سس کي جيڪي وڻي سو پئي ڪري. هن جي مجال
ناهي جو گهر جي ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏئي. ٻه ڀيرا اندر
اچي ماني کايو وڃي، پوءِ وڃبو مرداڻي پاسي ويهي.
ٻئي ڀيرا ضرور پڇندو آهي ته ننڍي ننهن اداس ته
ڪانهي. سس جواب ڏيندي اٿس ته تون وڃي پنهنجو حقو
ڇڪ، ننڍي ننهن کي سنڀالڻ لاءِ آءٌ بس آهيان.
منهنجي ڏيرياڻي به ڏاڍي خوش مزاج آهي ۽ ٿورن ئي
ڏينهن ۾ مون سان کنڊ کير ٿي وئي آهي. سڄو سڄو
ڏينهن مون وٽ ويٺي هوندي آهي. رات جو به ڏهين بجي
تائين پٺ نٿي ڇڏيم. منهنجو ڏير بمبئي ۾ ڪنهن
نوڪريءَ ۾ آهي ۽ پنج سو روپيه پگهار اٿس.
باقي رهيو هو؛ هن بابت ڇا لکان. نهايت خوش دل ماڻهو آهي، ۽ ننڍي
وڏي ڳالهه ٿي پيو کلندو ۽ کلائيندو. اهڙو خوش
مزاج، اهڙو کل مک ماڻهو مون اڳي ڪڏهن نه ڏٺو. هن
جي منهن تي هميشه مرڪ پئي ٽڙي، ڄڻ ته ڪنهن جي
مرڪندڙ تصوير هجي جا ڪڏهن مايوس نٿي ٿئي،
فوٽوگرافر ڄڻ مرڪندي تصوير ڪڍي ورتي هجي ۽ اها
تصوير سدائين پئي مرڪي. هن جي به اها ئي حالت آهي،
پنهنجي ڀاڀيءَ سان ڏاڍو پيار اٿس. اچڻ سان دروازي
کان ئي ”ڀاڀي ڀاڀي ڪندو ايندو ۽ هن جي هڪڙي هڪڙي
ڳالهه جي تعريف پيو ڪندو آهي. چوندو آهي ته سڄي
دنيا ۾ اهڙي ڀاڀي ٻي ڪنهن جي ڪين هوندي. ڀاڀهنس جي
به ساڻس گهڻي دل آهي ۽ هن جو ننڍي وڏي ڳالهه ۾
خيال ٿي رکي. انهن جي اها پاڪ محبت ڏسي آءٌ ڪنهن
ٻي دنيا ۾ پهچيو وڃان. هن ڏير ۽ ڀاڀيءَ جي محبت نه
آهي. ماءُ پٽ جو پيار آهي. هي دنيا جو رشتو به آهي
پر ڀاءُ ڀيڻ جو ناتو آهي. ڪهڙو پاڪ!
ڪهڙي اعليٰ درجي جو!.
27 سيپٽمبر 1930ع
اڄ مون کي ساهرن ۾ آئي پورو مهينو ٿيو. ايترن ڏينهن ۾ هڪڙو ڀيرو
به ائين نه لڳو ته ڪا ڌارين ۾ آهيان. ائين پيو لڳي
ته ڄڻ پنهنجي گهر ۾ ويٺي آهيان. بلڪ اڳي کان هينئر
منهنجو قدر وڌيڪ آهي. هينئر آءٌ به پنهنجي گهر
واري آهيان ۽ هو مون کي ڪيترو ٿو ڀانئي!
مون کي ڏسي هن جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي. مون کي ڏسي
شرارت کان ڪيئن ٿو مرڪي ۽ ڪو گهر جو ماڻهو اچي ته
پوءِ ڪيئن ڀولي ڀالي شڪل بڻائي کنيو منهن ڦيرائي؟
۽ ڳالهيون اهڙيون ڪري جو دل خوشيءَ کان ٽپا پئي
ڏئي. جي ڪيڏانهن پاسي ٿي ٿي ويهان ته هو ڪونه ڪو
بهانو ڪيو پيو اتان لنگهي ۽ ظاهر ائين ته ڄڻ مون
ڏي ڌيان ئي، ڪونه اٿس، اگرچ هن جي دلي مرضي اها ئي
آهي ته مون سان نظر اڙائي. خود منهنجي به اها حالت
آهي جو ڀايان ته هو به مون وٽ ويٺو هجي ۽ ويٺو مون
سان ڳالهيون ڪري. آءُ ته ڀانئيان ته هو ڪم تي به
نه وڃي ته چڱو. هن جي غير حاضريءَ ۾ دل اداس ٿيو
وڃي، ۽ جڏهن هن جي موٽڻ جي مهل ٿي ٿئي ته بار بار
منهنجي اک در ڏي پئي ڦري. سمجهان به ٿي ته گهر جا
ٻيا ڀاتي مون کي ٽيڏي نظر سان ڏسن پيا ۽ ضرور دل ۾
کلندا هوندا. شايد چوندا هوندا ته ڪهڙي بي حيا
آهي؛ پر ڇا ڪريان منهنجي دل نٿي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته
ائين پيو لڳيم ته ڄڻ هن کي ورهين کان سڃاڻان. ڄڻ
اسين هميشه گڏ ئي پي رهيا آهيون ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي کان
ڌار ڪونه ٿيا آهيون. هڪڙي ڏينهن هو مون کي چوڻ
لڳو، ”موهني، تو مون تي ڪو جادو ته ڪونه هلايو
آهي؟ دل ٿي چئي ته رات ڏينهن تو وٽ ئي ويٺو هجان ۽
توکي ئي ڏسندو رهان“. شرم کان منهنجو منهن ڳاڙهو
ٿي ويو. ڪهڙو جواب ڏيانس. ڪنڌ جهڪائي ماٺ ڪري ويهي
رهيس. پوءِ منهنجو هٿ هٿ ۾ وٺي پڇيائين، ”موهني،
توکي هتي ڪنهن قسم جي تڪليف ته ڪانهي؟“ مون ڪنڌ
کڻي جواب ڏنو ته نه مون کي اصل تڪليف ڪانهي. اوڏي
مهل اسان جون اکيون مليون. ڪهڙو نه شرارتي آهي!
ايتري ڳالهه تي به مرڪي ڏٺائين. آءٌ شرمائجي ويس ۽
پنهنجو هٿ ڇڏائي پري ٿي بيٺس.
پر هن وري پنهنجو هٿ وڌايو ۽ چيائين، ”ميم صاحب، شيڪ هئنڊ
ڪريو“. مون هن جي هٿ کي ڌڪي پري ڪيو ۽ منهن ڦيرائي
بيهي رهيس. تنهن تي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان ڄڻ ته
ليڪچر ٿو ڏئي. چيائين، ”صاحبان، اوهين هن ڳالهه جا
شاهد هججو ته اسان جي ميم صاحب اڄ ڏينهن ڏٺي جو
اسان جي بي ادبي ڪئي آهي ۽ اسان جو نازڪ هٿ ڏکويو
اٿس. انهيءَ مان صفا ظاهر آهي ته جي زالن جي
آزاديءَ تي وڌيڪ بندش نه وجهبي ته هندستان جي معزز
مڙسن کي سگهوئي وڏي مصيبت پيش ايندي“.
مون کلندي کلندي، پنهنجو هٿ کڻي هن جي وات تي رکيو. چيم، ”اوهين
ڪهڙو غضب ٿا ڪريو. ڪو ٻڌي وٺندو ته ڇا چوندو“.
ايتري ۾ ٻاهر ڪنهن جي پيرن جو آواز آيو. آءٌ جهٽ ۾
گهونگهٽ هڻي دروازي کي پٺ ڏئي ويٺيس. هيءُ هن جي
ڀاڀي هئي جا کنگهي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ۽ کلي هن کان
پڇيائين، ”ڇو، ڪنئيا، ڇاپئي ٿيو، ۽ تنهنجو منهن ڇو
پيو ڳاڙهو ٿئي؟ مون ڀانيو ته هو ڦڪائي کان منهن
مٿي کڻي ڪين سگهندو ۽ ڪو جواب نه ڏئي سگهندو، پر
منهنجو خيال غلط هو. هن جهٽ ۾ چئي ڪڍيو ته هن زال
مون کي لپاٽ هنئي آهي.
ڀاڀيءَ کلي ڏنو، پر منهنجو ته کل کان بروحال ٿي ويو. آءُ کل ۾
اونڌهي پئي ٿيس ۽ کل جهلڻ لاءِ پنهنجي پوتي کڻي
وات ۾ ڏنيم. تنهن تي هن مون ڏي اشارو ڪري چيو، ”ڇو
ڀاڀي، هن ويچاريءَ کي ڪي کائڻ لاءِ به ملي ٿو ڪي
نه؟ آءٌ ته ڀانيان ٿو ته بک ٿا ماريوس، تڏهن ته
ڪپڙا پئي چٻاڙي. ڏس، اڌ پوتي ته کائي وئي آهي.“
ڀاڀي: جي ائين ٿو ڀائين ته اڳتي تون پاڻ ويهي کارائينس.
هو: افسوس منهنجي ويچاري ميم صاحب جو ڪنهن کي خيال ڪونهي.
ڀاڀي: انهي ڪم لاءِ هڪڙو تون ئي بس آهين.
هو: نه ڀاڀي، مون کان اهو ڪم ڪونه پڄندو، ڪير محنت به ڪري ۽
لپاٽون به کائي.
ڀاڀي: تون لپاٽن کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڳالهه جو لائق به آهين؟ جي
ايترو به نه ڪيئي ته ٻيو ڇا ڪندين؟
هو: پنهنجي زال کان باجو وڄائڻ سکندس. چئو، پروفيسر صاحب اسان
کي شاگرد ڪرڻ ۾ اوهان کي ڪو اعتراض آهي؟
آءُ کليس به پئي ۽ حيران به پي ٿيس ته ڏس ڪهڙو ماڻهو آهي، شرم
ذرو ته به ڪونهيس. ڀاڀيءُ جواب ڏنس ته تون باجو
سکئين!
تنهنجي نصيبن ۾ به باجو لکيل آهي!
هو: واه!
نصيبن ۾ ڇونه آهي. ڇو؟ هيءَ منهنجي زال ناهي ڇا؟
جڏهن منهنجي دل چوندي تڏهن باجو وڄڻ لڳندو، جڏهن
دل چونديم تڏهن اسان جي ڪوٺي مٺي مٺي ڳائڻ جي آواز
سان ڀرجي ويندي. هاڻ ڏس اسين آهيون وڏا ماڻهو،
اسان کي ڳائڻ وڄائڻ جي تڪليف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت
پئي آهي. هي ويهي ڳائيندي وڄائيندي ۽ اسين آرام
سان ڪرسيءَ تي ٽنگون ٽيڙي ويهي ٻڌنداسون. ڇو ڀاڀي
سچ آهي نه؟ هن سڄي جملي ۾ ڪيتري نه محبت هئي،
ڪيترو نه پيار هو!
منهنجو ته بت ڪانڊارجڻ لڳو. ائين پئي لڳو ڄڻ دنيا
جي سڄي خوشي پرماتما مون لاءِ ئي پيدا ڪئي آهي.
13 نومبر سنه 1930ع
هاءِ نصيب!
مون ڇا سمجهيو هو، ۽ ٿيو ڇا. اهنيءَ کان ته مري
وڃڻ چڱو پر مون کي موت به نٿو اچي جو هن مصيبت جي
زندگيءَ کان ڇوٽڪارو ملي. جڏهن ڏسو ڀاڀي! جت ڏسو ڀاڀي! نيٺ صبر جي به ڪا حد آهي. دل ٿي چئي ته گهر کي باهه ڏئي
ڪيڏي نڪري وڃان. پوءِ سک ڪونه ملندو، پر ڇاتيءَ تي
ويهي ڪو منڱ ته ڪين ڏريندو!
ٻيو نه ته ڪنهن اسڪول جون ڇوڪريون پاڙهي گذران
ڪنديس پر هن گهر ۾ ڪين رهنديس. آءٌ به ڪهڙي سادي ۽
اٻوجهه آهيان. ڀاڀي ڀاڀي، ڪري زبان ٿڪجي پوندي
هئي، اهو خيال ئي نه هوم ته پردي اندر منهنجي پهاڄ
بڻي ويٺي آهي. انهيءَ ڏينهن ڪهڙي محنت ۽ محبت سان
مون ماني رڌي تيار ڪئي. ٻه ڪلاڪ انتظارن ۾ ويٺي
رهيس جڏهن هو کائڻ ويٺو ته پڇيم ته کاڌو ڪيئن آهي،
ته منهنجي تعريف ته وڃي ٻن پئي ڀاڀيءَ جو داستان
کولي ويٺو چئي پچائڻ ته ڀاڀيءَ جو!
هن جي هٿن جي مانيءَ ۾ جا مون کي لذت ٿي اچي اها
ٻيو ڪٿي به نه هوندي. مون کي زهر چڙهي ويو، دل ٿي
چيو ته مٿو وڃي ڀت سان هڻان. تعريف جا ٻه ٽي لفظ
کڻي چئي ها ته هن جو ڇا ٿي ويو. آءٌ سمجهان ها ته
منهنجي محنت جو داد ڏيڻ وارو ڪوته آهي. پر نه، مون
کي ساڙي ڇڏيو اٿس. مون کي ساڙڻ ۾ هنن کي خوشي ٿي
لڳي. ڪڏهن ڀاڀيءَ جو ڪم تان ويڪ ڪڍي ته پوءِ خبر
پئيس ته ڇا ٿي ڪري. جيڪر ماٺ ڪرائي ڇڏيس!
هڪڙي مان ئي آهيان جو جيڪي چوي ٿو سو ڪنڌ هيٺ ڪيو
ٻڌيو وٺان. تڏهن ته اهڙو شير ٿي پيو آهي. ٽيو
ڏينهن ڀاڀيءَ چيو ته موهني، ٻار جي لاءِ هڪڙو فراڪ
ته سبي ڏينم. پهرين ته خيال آيم ته چوانس ته مون
کي فرصت ڪانهي، پاڻ سبي وٺ، پر پوءِ خيال ڪيم ته
ٺهيو کڻي سبينس. بيڪار ويهڻ مان منهنجا هٿ وڌي ڪين
پوندا. ٻه ٽي ڪلاڪ مشين هلايم جڏهن فراڪ تيار ٿيو
تڏهن خاميون ڪڍڻ لڳي. چئي، هيءَ ڪتر برابر ڪانهي،
هيءَ سلائي ٿلهي آهي، ليس پوري ڪانه لڳل آهي...
منهنجي محنت جو اجهو اهو اجورو ٿي مليو. ڪو پڇيس
ته سهي گهڻا ٽڪا ڏئي فراڪ سبايو هيئي جو اهڙي
باريڪ بيني ڪرڻ ويٺي آهين. هو آيو. مون هن سان
ڳالهه ڪئي ته انهيءَ به ڀاڀيءَ جو پاسو ورتو.
چيائين، ”سچ ٿي چوي، پاڻ اهڙو چڱو ٿي سبي، جو
انهيءَ جي هٿ جي سلائي ڏسين ته ماٺ اچي وڃيئي. ڪو
درزي درزيءَ جو پٽ به اهڙي سلائي ڪري نه ڄاڻندو
هوندو. چڱو هاڻ اڳتي ڪڏهن کڻي مون کي ڪو ڪم ته ڏسي!
چوندي به ائين سانس ته راڻي، تنهنجي هٿن ۾ ميندي
ڪانه لڳل آهي، تون پاڻ اٿي ڪر. ڪم به ڪريان ۽
تنهنجي آڪڙ به سهان، اهو مون کان ڪونه ٿيندو.“
ڪلهه رات سئنيما ڏسڻ ويس. ٻه منزلون اهڙيون آيون جن ۾ مضمون صفا
نه هو. مون کي الاجي ڪهڙي کٽيءَ کنيو جو آءٌ هن
کان پڇي ويٺس، بس، هن کي ته وجهه لڳي ويو. لڳو
ڀاڀيءَ جي تعريف ڪرڻ، ”ڀاڀي ڪڏهن مضمون ۾ نه
منجهي، پاڻهي پاڻ سمجهيو وٺي، تمام ذهين آهي،
سئنيما جي سنهي ٿلهي ڳالهه ائين سمجهيو وٺي جو
توکي ڇا چوان؛ هوءَ ته ڪنهن سئنيما ڪمپني جي
ڊئريڪٽر ٿي ٿئي سگهي؛ موهني، تون اعتبار ڪرين يا
نه، پر اها ڳالهه سچي آهي ته ڀاڀي ڏاڍي پڙهيل ۽
هوشيار آهي.“ اهو ٻڌي مون کي ته باهه وٺي وئي. پر
ڇاٿي ڪري سگهيس. باقي وقت جيڪو ويٺاسين سو مون پئي
رنو. پر هن مزي سان ويٺي تصوير ڏٺي. ڀاڀي هڪڙو
ڳوڙهو به نه ڳاڙهي ته سڄي رات ننڊ نه ڪندو. ڏهه
گهمرا ته اٿي ڏسندو ته سمهي پئي ڪي نه. رڳي مان ئي
آهيان جا روئي روئي انڌي ٿي پوان ته به اها اميد
ڪانهيم ته واتان ٻه مٺا لفظ ڪڍي مون کي دلداري
ڏيندو. انهن ڳالهين منهنجي حياتيءَ جي خوشي برباد
ڪري ڇڏي آهي. شايد هو ائين ٿو سمجهي ته آءُ انڌي
آهيان، پر هو ڀليو آهي مون سڀڪي ڏٺو آهي، واتان
کڻي نٿي ڪڇان ته انهي ۾ حرڪت ڪانهي، پر سمجهان
سڀڪي ٿي. هاءِ افسوس! منهنجو گهر منهنجي اکين
اڳيان پيو سڙي ۽ خاڪ ٿئي ۽ آءٌ ڪجهه نٿي ڪري
سگهان. انساني بيوسي جي حالت اهڙي ڪنهن ڪانه ڏٺي
هوندي.
24 نومبر سنه 1930ع
منهنجو گمان بلڪل سچو هو.
هاڻ مون لاءِ دنيا ۾ باقي ڪجهه به نه رهيو. آءُ پوري پوري تباهه
ٿي رهي آهيان. مون غريبن کان غريب ۽ ڪنگالن کان
ڪنگال زالون به ڏٺيون آهن، پر اهي به مون کان خوش
نصيب آهن. انهن وٽ ڳهه ڳٺو ڪونهي، قيمتي ڪپڙو
ڪونهي، پر انهن کي دل جو قرار ۽ سک جي ننڊ ته آهي.
مون کي اهو به نصيب ناهي. هو پيٽ جي سانگي ڏينهن
رات مزدوري ٿيون ڪن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بکون به ٿيون ڪڍن؛
انهن مان ڪي اهڙيون آهن جن جا مڙس جواري آهن، ڪن
جا مڙس شرابي آهن، پر گهٽ ۾ گهٽ اها ته خاطري اٿن
ته اسان جا مڙس خاص اسان جا ئي آهن، ۽ انهن تي
ڪنهن ٻي زال جو حق يا حڪم ڪونه ٿو هلي، ۽ هي ڪنهن
ٻي زال جي سانگي اسان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ڪين
بيهندو جپر منهنجي حياتيءَ ۾ اهڙي تسلي به ڪانهي،
منهنجي دل انهي لذت کان نا آشنا آهي. هاءِ افسوس! مون وٽ سڀڪي آهي به ۽ نه به آهي.
هو اڃا به ٽپي ٽپي تي ڀاڀيءَ جي مالها پيو جپي. صفا ظاهر آهي ته
ڀاڀي هن جي دل ۾ وسي وئي آهي، ۽ ڀاڀي کان سواءِ هن
جي دل ۾ ٻئي ڪنهن جي جاءِ ڪانهي. آءُ هن جي دل ۾
ائين آهيان جيئن ڪنهن جي گهر ڪو مهمان ايندو آهي.
گهر وارو هن کي گهر ۾ ٽڪائيندو، هن خاطري به ڪندو.
هن کلندو ڳالهائيندو پر دل ۾ هميشه ائين پيو چوندو
ته هاڻي ڪٿي ٽري ته چڱو. منهنجي به اها ئي حالت
آهي. آءٌ به اهڙي هڪڙي اڻ سڏائي مهمان آهيان، جنهن
کي ماني ڪپڙو سڀئي ٿا ڏين پر عزت سان ڪوبه نٿو
ڏسي. دل پئي چوي ته پيڪي گهر هلي وڃان. نه اکين
سان ڏسنديس نه هيانو سڙندم. هو ته اڳي ئي پيا مون
کي سڏين پر هڪڙي سهيليءَ مون کي صلاح ڏني ته اهڙي
بيوقوفي نه ڪج. ڪڏهن ڀلجي به اهڙو ڪم نه ڪج نه ته
پڇتائيندينءَ، سچ آهي.
هاڻ ڀاڀيءَ به سمجهيو آهي ته آءٌ سڄو قصو سمجهي وئي آهيان. هاڻ
اڳوڻي محبت ڪانهي. آڪڙي وتي ڄڻ ته مون ڪو هن کي
وڏو نقصان رسايو آهي. مون ڏي جڏهن ڏسي ٿي ته شوڪجي
ٿي ڏسي. منهنجي سس به البته ناراض ٿي ڏسجي. شايد
ڀاڀيءَ انهيءَ جا به ڪن ڦوڪي ڇڏيا آهن، نه ته مون
هن کي ناراضگيءَ جو ڪوبه سبب ڪونه ڏنو آهي. امڪان
آهي ته جي هڪڙي ڀيري آءٌ هن وٽ پنهنجي دل جو درد
ظاهر ڪريان ته هوءَ ڪوتدارڪ ڪري. پر آءٌ ڇو وڃان؟
هن جو ڪم آهي ته ڪنوار کان پڇڻ ته توکي ڪا تڪليف
ته ڪانهي. پاڻ منهنجي وڃڻ کان منهنجي گهٽتائي
ٿيندي نه. آءٌ پاڻ هن کي ائين ڏيکارينديس ته ڄڻ
مون کي هنن جي پرواهه ڪانهي. هو مون کان هڪڙو هٿ
پري ٿيون رهن ته آءٌ هنن کان پنج هٿ پري رهنديس.
هو چئن ڏينهن کان بيمار پيو آهي. ڊاڪٽر روز پيو
اچي پر ڪو فائدو ڪونه ٿو ڏسجي. پرميشور ڪري ته
سگهو چڱو ڀلو ٿي پئي. منهنجي دنيا به هن جي ساهه،
هن جي قدمن سان آهي. کٽ تي پيل ڏسانس ٿي ته منهنجو
هيانءُ ٿو ڏڪي، ائين پيو لڳي ڄڻ گهڻن ڏينهن کان
بيمار آهي. ماڻس ته ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا اچيو ڏسيو
وڃيس، پر ڀاڀي هڪڙو ڀيرو به ڏسڻ ڪانه آئي اٿس.
ڪهڙي سنگدل آهي هڪڙي ئي گهر ۾ رهي پوءِ به ايتري
بيپرواهي، پر انهيءَ جي حرڪت ڪانهي.
27 نومبر سنه 1930ع
ڪالهه ته تپ هيڪاري وڌيل هوس. سڄو ڏينهن بيهوش پيو هو. هڪڙو
ڀيرو به اک ڪانه کوليائين. آءُ وٽس ويٺي رنيس.
ماڻس سڄو ڏينهن اسان جي ڪوٺيءَ ۾ ويٺي هئي ۽ مون
کي تسلي ڏنائين پر منهنجي دل ۾ الاجي ڇا پئي
گذريو. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو منهنجو هانو پيو مروٽي.
ڄڻ نديا ۾ نااميدي کان سواءِ منهنجي لاءِ ڪجهه
رهيو ئي ڪونهي.
مون کي ته هن جي زرد، ضعيف شڪل ڏسي ڊپ پئي لڳو. اکئين ڳوڙها
ڀريو پئي آيا. ذري ذري پئي خيال ڪيم ته الاجي ڇا
ٿيڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا هيبتناڪ ۽ خوف جهڙا
خيال پئي دل ۾ آيا جو اکين اڳيان اوندهه پئي آئي،
۽ مٿو ٿي ڦريم. منهنجي سس مون کي اهڙو غمگين ڏٺو
ته يڪدم ڪاوڙ لهي ويس. ڪيتري دير مون کي پنهنجي
هنج ۾ ويهاريو ويٺي هئي ۽ پيار پئي ڪيائين ڄڻ ته
آءٌ ڪا ننڍڙي ٻار هيس. اها محبت ڪهڙي پاڪ ۽ سچي ۽
مٺي هئي. انهيءَ جو بيان لکڻ سولو نه آهي. فقط
خيال سان سمجهي سگهبو. مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين
پئي لڳو ته هيءَ منهنجي سس نه آهي پر منهنجي سڳي
ماءُ آهي. اهڙي سس کي ڪاوڙائڻ منهنجي هڪڙي نالائقي
هئي جي اهڙو عقل اڳي اچيم ها ته نه ايترو پاڻ سڙان
ها نه ٻين کي ساڙيان ها. پر ڀاڀيءَ ته اڃا اسان جي
ڪوٺي ۾ پير به ڪونه پاتو آهي. ٻه ٽي ڀيرا پٽ کي
موڪليائين ته پڇي اچ ته ڪيئن آهي. اهڙي سنگدلي به
ڪهڙي ڪم جي. هو ته هن کي گهڻو ئي ٿو ڀانئي، ڪا
پردي واري ته ڪانهي جو ايترو پرهيز ٿي ڪري. شايد
ڊڄي ٿي ته متان ڪنهن بيمار جي ڪوٺيءَ ۾ وڃان ته
آءُ به بيمار ٿي پوان. ڄڻ پاڻ ڪڏهن بيمار ٿيندي
ڪين.
جڏهن شام ٿي تڏهن بيمار ڏير جو خيال ٿيس. ٻار ڪڇ ۾ کڻي اچي هن
جي کٽ وٽ بيٺي، ۽ چيائين ”ڇو موهني، امان ٿي چوي
ته اڄ سڄو ڏينهن بيهوش رهيو آهي. هاڻ ڪهڙو حال آهي
۽ تپ ڪجهه ڍرو ٿيو اٿس يا نه“.
مون کي ائين لڳو ڄڻ باهه جو شعلو پيٽ مان اٿي وات ۾ پيو اچي، پر
انهي کي گهٽي، جواب ڏنم ته ”تپ اڃا ته ڍرو ڪونه
ٿيو آهي، پر ٿي ويندو.“
ڀاڀي هن جي منهن ڏي ڏسي ڇرڪجي وئي، چيائين، ”ڪهڙو ضعيف ٿي ويو
آهي!
مون کي ته اها خبر ئي ڪانه هئي“.
مون رکائيءَ سان هن کي جواب ڏنو، ”بيمار ٿي ضعيف ۽ ڏٻرو نه
ٿيندو ته تو ڀانيو ٿلهو ٿيندو ڇا؟ تپ ڇڏيس ته اها
ئي غنيمت آهي پوءِ ڏٻرو ته ڏٻرو ئي چڱو، ويهي رهه.
بيٺي گهڻي تائين هوندينءَ؟“
ڀاڀيءَ جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. ٻار کي ڪرسيءَ تي
ويهاري، پاڻ کٽ تي جهڪي هن کي غور سان ڏسڻ لڳي.
سگهوئي هن به پاسو ورايو ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن
کي سڏيائين، ”ڀاڀي!“
ڀاڀيءَ هن جي مٿي تي هٿ گهمائي چيو، ”ڇو ڪنئيا، آءٌ اجها تو وٽ
بيٺي آهيان“.
هن يڪدم اکيون کولي ڀاڀيءَ ڏي ڏٺو ۽ ڪنجهي چيائين، ”ڀاڀي، سور
کان مٿو پوي ڦاٽي. ڏاڍي تڪليف آهي.“ ائين چئي هن
وري اکيون کڻي پوريون.
ڀاڀيءَ چيو، ”موهنيءَ کي چوان ته تنهنجي مٿي کي زور ڏئي؟“
تنهن تي هن وري اکيون پٽي چيو، ”ڇو، توکي هٿ ڪينهن ڇا جو تون
موهني کي ٿي چئين؟ هوءَ ويچاري ته رات ڏينهن مون
وٽ ويٺي آهي. جي توکان ايترو به نٿو ٿئي ته وڃي
پنهنجي پاسي ويهه. امي ڪٿي آهي؟
ڀاڀي هن جي کٽ تي ويهي رهي، ۽ ماٺ ڪري هن جي مٿي کي زور ڏيڻ
لڳي. ڪو اعتبار ڪري يا نه پر سچ ٿي چوان ته جهڙي
زور سان ڀاڀيءَ هن جي مٿي کي پئي دٻيو انهيءَ جي
ٻيڻي ٽيڻي زور سان منهنجو هيانو پئي دٻيو.
ٿوري دير کانپوءِ ، هن ڀاڀيءَ جو هٿ کڻي پنهنجي هٿ ۾ جهليو ۽
چيائين، ”هاڻ منهنجو تپ سگهوئي لهي ويندو. جي تون
مون کان نابڪاٽ نه ڪرين ها ته هن کان ڪيترو اڳي
آءُ چڱو ڀلو ٿي پوان ها. هلي هئي آڪڙ ڏيکارڻ، هاڻ
ڏس ته ڪيئن ڦڪي ٿي پاڻهي آئي آهين!“
مون کي ته هيڪاري باهه وٺي وئي.
ڀاڀيءَ هڪڙو ڀيرو مون ڏي نگاهه ڪئي، پوءِ هن جي مٿي تي هٿ
گهمائي چيائين، ”هائو بابا، تو کٽيو، مون هارايو.
آءُ سئو ڀيرا هارائڻ لاءِ تيار آهيان، رڳو تون سو
چڱو ڀلو ٿي.“
وڌيڪ آءٌ برداشت ڪري نه سگهيس. اٿي ٻاهر نڪري ويس ۽ رئڻ لڳيس.
پر منهنجا ڳوڙها ڏسڻ وارو ڪير هو؟
5 ڊسمبر سنه 1930ع
منهنجا ڳوڙها ڏسڻ وارو منهنجو پرماتما هو. انهيءَ منهنجي
بيوسيءَ کي ڏسي مون تي ديا ڪئي، ۽ منهنجي حياتيءَ
جي ڪاري رات ۾ خوشيءَ جي صبح جي روشني وجهي مون کي
جياري ڇڏيائين.
27 نومبر جي رات هئي. ڳچ رات گذري وئي هئي ۽ حياتيءَ کان تنگ ٿي
مون مرڻ جون تياريون پئي ڪيون. مون کي ڪنهن زهر يا
بندوق يا رسيءَ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. مرڻ جو سولو
ئي سولو رستو اهو هوم ته پنهنجي ماڙيءَ تان پاڻ کي
ڪيرائي ماريان. انهيءَ ارادي سان آءُ کُڏ تي چڙهي
ويس، ۽ وڃي هڪڙي ڪناري تي بيٺيس. هڪڙو قدم اڳتي
کڻان ها ته موت، هڪڙو قدم پٺتي هٽان هان ته زندگي.
پاڻ زندگي ۽ موت کي ايترو ويجهو ڪڏهن نه ڏٺو هوم.
فقط هڪڙي قدم جو مفاصلو هو، اڳيان موت پٺيان
حياتي. پر مون لاءِ موت هڪڙي نئين زندگي هئي، ۽
زندگي مون لاءِ موت جي برابر هئي. مون دل ڏاڍي
ڪري هڪڙو قدم اڳتي کنيو ۽ هيٺ جهاتي پائي ڏٺم، هيٺ
ته موت جي اونده هئي. منهنجي دل ڏڪي وئي مون جيڪا
پنهنجي دل ۾ موت ۾ راحت ٿي سمجهي اها اڏامي وئي.
منهنجو قدم روڪجي ويو، موت به دنيا جي ٻين شين
وانگر پري کان سهڻو ٿو لڳي، پر ويجهو اچڻ ساڻ ان
جي سونهن ويندي رهي.
آءٌ اتي ئي، حياتي ۾ موت جي وچ ۾ ويهي رهيس، ۽ حقيقت تي خيال
ڪرڻ لڳيس. هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي، حياتي برداشت ڪرڻ
جهڙي نه هئي، موت کان ڊنس پئي، ڪيڏانهن وڃان؟ اميد
جي زندگي ۽ زندگي جي اميد کي ڪٿي ڳولهيان. منهنجي
لاءِ هن نڀاڳي دنيا ۾ ڪا به جاءِ ڪانه هئي. اُت
وري موت مرڪي مون کي سڏڻ لڳو. آءٌ وري مرڻ لاءِ
تيار ٿيس. نامرادين جو موت کان سواءِ ٻيو همدرد
ڪير آهي؟
اوچتو ٻيو خيال دل ۾ آيم. مران ته ڀل مران پر مرڻ کان اڳي
ڀاڀيءَ کي ٻه ٽي ڳالهيون ته دل کولي ٻڌايان. هن کي
اهڙي جلي سڙي ٻڌائينديس جو ماٺ لڳي وينديس. ورهين
ڪاڻ پئي ياد ڪندي ته مون کي به ڪنهن ڪا ڳالهه
ٻڌائي. سڄي عاشقي معشوقي وسري وينديس. هيڏو سارو
منهن ٿي ويندس...
ائين خيال ڪندي آءٌ وري هيٺ لٿيس ۽ ڀاڀيءَ جي ڪوٺيءَ ڏي وڃڻ
لڳيس. اوڏي مهل جي مون کي ملي وڃي ها ته منهنجي
ڪاوڙ جي باه هن کي ساڙي، جلائي خاڪ ڪري ڇڏي ها.
پر... مون ڏٺو ته ڀاڀي پير پير ۾ ڪري پنهنجي
ڪوٺيءَ مان نڪتي. آهستي آهستي در بند ڪيائين. ڪپڙا
نوان پيا هئس. منهنجو هيانو اچي وات ۾ پيو. مون کي
ماٺ لڳي وئي. ائين ڀانيم ته هاڻ ڪو ڳجهه ظاهر ٿيڻو
آهي. آءٌ به لڪي لڪي هن جي پٺيان وڃڻ لڳيس. ڏسان
ته هيءَ ڪيڏي ٿي وڃي؟ ڪنهن وٽ؟ ۽ ڪهڙي مطلب سان؟
سمجهيم ته ضرور ڪو خاص مطلب اٿس، ضرور ڪو ڳجهو ڪم
اٿس. ضرور ڪو گناهه جهڙو ڪم هوندو جنهن لاءِ اهڙي
ڪمهلي ڪپڙا ڪري گهران نڪتي آهي. آءٌ به هن جي
پٺيان پٺيان پئي ويس. هوءَ سڌو اسان جي گهر جي
پاسي ۾ هڪڙو مندر آهي انهي وٽ وڃي بيٺي. مون پاسي
کان بيهي هن جي پرارٿنا جو هڪڙو هڪڙو لفظ ٻڌو.
ديويءَ جي اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهي ۽ ڏڪندڙ آواز ۾
روئيندڙ اکين سان چيائين، اي ديوي ماتا!
منهنجي پٽ کي شفا ڏي. هو منهنجو ڏير آهي پر مون هن
کي پٽ ڪري پاليو آهي. هن جي اڻ ڄاڻ ڪنوار جو خيال
ڪر. ويچاريءَ جي دل سچي آهي، هن جي اکين جي بي
رونقي ۽ هن جي دل جي بيقراريءَ تي رحم ڪر. هن کي
سدا سهاڳڻ ڪري رک! اي ديوي ماتا، مون پنهنجي پٽ کي هٿن ۾ ننڍو ڪري وڏو ڪيو
آهي. منهنجي حال تي رحم ڪر، هن کي وڏي عمر ڏي.
ديوي ماتا! آءٌ مري وڃان پر هو جيئرو رهي. اڄ منهنجي تنهنجي در تي
اهائي پرارٿنا آهي...!“
منهنجي اکين اڳيان پردو کڄي ويو!
هاڻ مون کي سڄي حقيقت معلوم ٿي. ڪهڙي جان نثار،
ڪهڙي روح پرور هئي! ڀاڀي مندر تي مٿو ٽيڪي روئڻ لڳي، ۽ پاسي کان آءٌ پنهنجي
منهن هٿن ۾ لڪايو، شرم، ڦڪائي، خوشي ۽ شڪر گذاري
جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيس. پر انهن ڳوڙهن ۾ جيڪو روحاني
لطف هو اهو دنيا جي وڏي ۾ وڏي خوشيءَ ۾ به ڪونه
هوندو.
جڏهن ڀاڀي موٽي مون تائين پهتي تڏهن روئندي روئندي آءٌ سندس
پيرن تي ڪري پيس ۽ پنهنجو حال ظاهر ڪري هن کان
معافي گهريم. هن ڏاڍي پيار سان مون کي اٿاريو ۽
ڀاڪر وجهي مون کي گهر وٺي آئي.
ٻئي ڏينهن ڀاڀيءَ ۽ مون هن وٽ کليو کليو پئي ڳالهيون ڪيون. اڄ
ڀاڀي مون کي زال نٿي لڳي پر ديوي ٿي لڳي، جا دنيا
جي رهنمائيءَ لاءِ سورڳ مان لهي هيٺ آئي هئي. آءٌ
هاڻ هن جي آتما ڏسي چڪي هيس، مون هن جي دل پروڙي
ورتي هئي، ۽ اها اڳين بدگماني نالي ڪاڻ نه رهي. هن
ڀاڀيءَ ڏي ڏسي چيو، ”ڀاڀي اڄ تون حڪمان حڪم اسان
جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي آئي آهين، توکي موهنيءَ جو ڊپ
ڪونهي؟“
ڀاڀي: ها، ڊپ ته گهڻو اٿم پر تنهنجي سڪ گهلي آندو آهي.
هو: ڏس ته ڪيئن ٺهي جڙي منهنجي کٽ تي چڙهي ويٺي آهي. ڪو ڏسي وٺي
ته جيڪر ڇا چئي!
ڪيئن موهني؟
آءٌ: ڇا نه چوان جيڪو ماءُ پٽ جي نگاه به نه سڃاڻي سگهي انهيءَ
جو پنهنجو ئي قصور آهي.
هو: هاڻي ڀاڀيءَ کي پنهنجي ڪوٺيءَ مان ڪڍي ڇڏيان ته ڪيئن؟
آءٌ: ڪوٺيءَ مان ڀلي ڪڍوس. پر ڀاڀي ته هاڻي منهنجي دل ۾ ويهي
وئي آهي. اتهين ڪيئن ڪڍندئوس؟
هن مون ڏي نهاري ڏاڍي لاڏ ڀري معنيٰ سان چيو، ”اڙي! جي ڀاڀيءَ کي دل ۾ ويهاريو اٿيئي ته مون کي ڪٿي
ويهاريندينءَ؟“
آءٌ: توهانجي لاءِ هن ديوي جي دل گهٽ ناهي. توهان کي هن جي دل ۾
جيترو سک ۽ آرام ملندو اوترو ڪٿي به ڪونه ملندو.
پر هن جي دل ايڏي وڏي آهي جو توهان ۽ آءٌ ٻئي انهي
۾ ماپجي اينداسين.
ڀاڀي اهو ٻڌي قرب ۽ محبت سان مون ڏي ڏٺو. پوءِ وري هن جي مٿي تي
هٿ گهمائڻ لڳي.
موهنيءَ جي دل جو داغ
(1)
ڪنهن زماني گنگارام سان منهنجو تمام گهرو رشتو هو، پوءِ ڪنهن کي
ٻڌائڻ کان سواءِ هو لڙائيءَ تي هليو ويو. تنهن کان
پوءِ وري اسانجي ملاقات ڪانه ٿي. آءٌ به پنهنجي ڪم
ڌنڌي ۾ مشغول ٿي ويس ۽ گنگارام جي پڇا ڪانه ڪيم.
نيٺ ڪي ٿورا ڏينهن ٿيا جو اوچتو ملي وياسين. ڪانگريس جا ڏينهن
هئا: ۽ آءٌ به ٽڪيٽ وٺي ڪانگريس پنڊال ۾ گهڙيس پئي
ته گنگارام کي ڏٺم. ساڻس هڪڙي جوان زال به هئي.
ورهين کان پوءِ ڏٺو هو مانس تنهن هوندي به گنگارام
کي يڪدم سڃاتم. گنگارام به مون کي سڃاتو. ڏاڍيءَ
خوشيءَ سان هٿ ڊگهيري ڳالهائڻ لڳو ”مار!... ڊاڪٽر!...“
مون چيو اوهان مون کي سڃاتو آهي؟
چيائين: يار، باقي توکي به نه سڃاڻان؟ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ورهيه گڏ
گذاريو اٿئون.
مون چيو، ڏهه ورهيه گڏ گذريا هجن يا چاليهه ورهيه گذريا هجن، پر
جي ماڻهو ڪنهن کي وسارڻ تي ٿو اچي ته ڏهن ڏينهن ۾
وساريو ڇڏي.
چيائين: سچ آهي. پر آءٌ توکي ڪيئن وساريان ها. جي وساريان ها ته
ڪيئن ورهين کان پوءِ توکي ڏسي سڃاڻان ها.
مون گفتگو ڦيرائڻ جي ارادي سان چيو ته خير، پر هاڻ ٻڌائينم ته
هي توسان گڏ ڪير آهي؟ آءُ ڪونه سڃاڻانس.
گنگارام ڇرڪ ڀري چيو ته توبه مون کي ته ڳالهه ئي وسري وئي هئي.
وري نازنين ڏي منهن ڪري چيائين ته وشني، آءٌ جنهن
جو هميشه توسان ذڪر ڪندو رهندو آهيان، اهو هيرو هي
آهي. اسان جي ڪلاس ۾ سڀني کان هوشيار اهو ئي هو.
پوءِ وري مون ڏي منهن ڦيرائي چيائين ته هيرا
سمجهيئي، هي منهنجي زال، وشني، آهي.
آءٌ هاڻ وشنيءَ ڏي ڏسڻ لڳس. هن به ٿورو هٻڪي مون کي سلام ورايو
پوءِ ڦڪائيءَ کان نگاه کڻي هيٺ ڪيائين. مون به اهو
وجهه وٺي هن کي نظر مان ڪڍيو. پارسي فئشن جي ريشمي
ساڙهي جنهن جو پلئو سوني بروچ سان اٽڪيل هو، پيل
هيس، وڏي کڙيءَ واري جُتي، جوراب اهڙا سنها ۽
قدرتي رنگ جا هئا ڄڻ ته مريا پيا ڏسجن ۽ هر نموني
وڻندڙ ۽ نازنين هئي.
مون وري گنگارام ڏي نگاه ڪئي ۽ سمجهيم ته هن کي پنهنجي زال جي
ڳالهه ڪندي ڦڪائي پي ٿي، ۽ هن کي انهي ڦڪائيءَ کان
بچائڻ جي خيال کان پڇيم ته، گنگو، ڀلا ٻڌاءِ ته
سهي ته اڄ ڪلهه ڪهڙي مشغولي ۾ آهين؟ گنگارام چيو
ته، پهرين تون ٻڌائينم ته تنهنجي ڊاڪٽري ڪيئن پئي
هلي؟
مون چيو: واه!
مون ڊاڪٽري پاس ڪئي انهي جي خبر توکي ڪيئن پئي.
اينٽرس پاس ڪئي کان پوءِ ته پنهنجي ملاقات ئي ڪانه
ٿي آهي. گنگارام مرڪي چوڻ لڳو مون کي ته خبر پئجي
وئي، پر تون ته ٻڌاءِ ته تو ڪا خبر ورتي ته آءٌ ڇا
پيو ڪريان.
مون شرمندو ٿي جواب ڏنو ته، نه!
پر خير!
هاڻ کڻي ٻڌائيم ته ڪهڙي مشغوليءَ ۾ آهين.
وري کلي جواب ڏنائين ته، آءٌ لڙائي تي هليو ويو هوس، اها ته
توکي خبر آهي نه؟ اتهين موٽي اچي بي- اي پاس به
ڪيم. پوءِ ڪيترا ورهيه نوڪريءَ جي تلاش ۾ رهيس پر
ڪا نوڪري نه ملي، پنهنجي زمينداريءَ تي پي گذران
ڪيم. نيٺ هڪڙي ڏينهن ڪنهن هندو مسلمانن جي فساد ۾
ڪنهن معزز شخص ۽ سندس فئمليءَ کي وڏي مصيبت مان
بچائڻ جو اتفاق ٿيو ۽ انهي مون کي ڇڏيو ئي ڪين ۽
وڃي پاڻ وٽ رهايائين. پوءِ منهنجي اصل نسل جي
خاطري ڪري ٿورن ڏينهن ۾ هي پنهنجي وڏي نياڻي به
مون کي پرڻائي ڏنائين ائين چئي کلندي کلندي
گنگارام سان همراه نازنين ڏي گهڻي پيار سان نظر
ڪيم ۽ هن به شرم ۽ ڦڪائي کان ڪنڌ کڻي جهڪايو. مون
کي هن جو اهو ناز ۽ پيار ڏاڍو وڻيو.
مون ٿورو ترسي چيو ته، هي تنهنجي زندگيءَ جو احوال ڪنهن ناول ۾
وجهڻ جي لائق آهي، اوڏي مهل ڏٺم ته حيا کان وشنيءَ
جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ پيشاني پگهر سان ڀرجي
ويس.
مون چيو ته، سوته سڀ چڱو، پر مون کي اڃا ڪونه ٻڌايو اٿيئي ته
تون ڇا ڪندو آهين.
گنگارام چيو ته، منهنجي سهري نه رڳو مون کي پنهنجي نياڻي پرڻائي
ڏني، پر... بئنڪ ۾ اسسٽنٽ مئنيجري به وٺائي
ڏنائينم.
اسين ڳالهيون ڪندا ڪندا پرڀرو نڪري ويا هئاسين، ۽ اچي پهرين
ڦاٽڪ کي رسيا هئاسين. گنگارام جي موٽر اتي بيٺي
هئي. پاڻ ٻئي موٽر ۾ چڙهيا ۽ مون کي به صلاح
ڪيائون ته اسان سان گڏجي گهر هل، پر مون کي
ڪانگريس ۾ وڃڻ جو خيال گهڻو هو تنهن ڪري انهن کان
معافي ورتم، ۽ چيم ته وري ڪنهن ٻي مهل اوهان وٽ
ايندس. سندس گهر جو پتو انهن کان پڇي ڇڏيم. وڃڻ
مهل وري به اچڻ لاءِ مون کي گهڻو چيائون پوءِ
موڪلائي روانا ٿيا.
(2)
ٻئي ڏينهن الاجي ڇو اچي دل جي مرضي ٿي ته گنگارام کي ملي اچان.
هن جي گهر جو ڏس ته اڳي ئي مليل هو ۽ ميري روڊ تي
هڪ عاليشان عمارت تي وڃي سهڙيس. وڃي در کڙڪايم ته
هڪڙو نوڪر نڪري آيو. مون پڇيو، مسٽر گنگارام آهي؟
.هو حيرت جهڙي شڪل بنائي مون ڏي ڏسڻ لڳو ۽ پڇيائين ته، ڪير؟
صاحب؟ آءُ دل ۾ کلڻ لڳس ۽ پنهنجي غلطيءَ جي معافي
گهري چيم ته ها، صاحب. جواب ڏنائين ته، صاحب جي
ٻاهر ويا آهن ۽ گهڻي دير کان پوءِ ايندا.
اچڻ مهل مون پاڻ پنهنجي اکين سان گنگارام جي موٽر اندر ايندي
ڏٺي هئي ۽ آءٌ دل ۾ عجب ڪندو پئي موٽيس ته ڇو هن
نوڪر مون کي ٽاري ڇڏيو. ايتري ۾ سامهون گنگارام ۽
وشني به مليم جي موٽر جي گاراج جي پاسي کان پئي
آيا. مون کي ڏسي، گنگارام مون کي بيهاريو ۽ چيائين
ته، ڏس ڪيئن ڀڳو ٿي ويو پر جهلي وڌوسينس. مون مرڪي
جواب ڏنوته، اوهان جي جاءِ تي ڪوئي ڪونه هو، اڪيلو
ويهي ڇا ڪريان ها، انهي ڪري موٽيو ٿي ويس، ميزن ۽
ڪرسين سان ويهي ڳالهيون ڪريان ها ڇا؟ وري ڀڳوان جي
ديا سان نوڪر به اهڙو رکيو اٿو جو پريندي پريندي
ٻڌايو ڇڏي ته صاحب جن گهڻي دير کان پوءِ ايندا،
توهان جو ترسڻ اجايو آهي، بهتر آهي ته جلد ئي هليا
وڃو.
وشني به مون کي هٿ ڏئي ملي ۽ کلي چيائين ته، اوهان جي اچڻ ڪري
مون شرط کٽي.
مون پڇيو: سو ڪيئن؟ ڪهڙي شرط هئي؟
چيائين: اسان جي شرط هئي ته جي منهنجي ڳالهه سچي ٿي، يعني اوهين
آيئو ته اوهان کي هڪڙو راڳ ڳائڻو پوندو، جو
”هنکان“ مڙس ڏي اشارو ڪري ٻڌو اٿم ته اوهين تمام
سٺو ڳائيندا آهيو.
مون ۽ گنگارام ٻنهي کلي ڏنو ۽ آءٌ عذر ڪرڻ لڳس، پر وشنيءَ چيو
ته، نه!
اوهين انهي ريت اها ڳالهه ڇڏڻ ٿا گهرو، پر آءٌ
اوهان کي گسائڻ جو وجهه ئي ڪين ڏينديس.
آءٌ گنگارام ڏي ڏسڻ لڳس ۽ هن مون کي چيو: هيرا، برابر آءٌ چئي
ته ويٺو آهيان ته تون اسڪول ۽ ڪاليج جي ناٽڪن ۾
ڳائيندو تمام چڱو هئين.
مون مسز گنگارام کي عرض ڪيو ته، ڪنهن زماني ۾ ڪي ٻه ٽي راڳ سکيو
هوس سي پيو ڳائيندو هوس. پر اهو زمانو ئي گذري
ويو.
مسز گنگارام ڪنڌ ڌوڻڻ لڳي ۽ چيائين، آءٌ ٻيو ڪي ڪين ڄاڻان. مون
کي فقط ايتري خبر آهي ته اوهين آيا آهيو ته اوهان
کي ڳائڻو ضرور پوندو. اچو، اچو ٻئي ڄڻا اندر اچو.
وڃي ويٺاسين ۽ گنگارام چيو ته وشني، پهرين تون ڪجهه ڳائي ٻڌاءِ
ته هيري جو حجاب لهي. مون به انهي ڳالهه کي زور
وٺايو، پهرين ته گهڻا عذر ڪيائين، پر نيٺ اسان جي
زور ڪرڻ تي، ڪرسي سيري وڃي هارمونيم وٽ ويٺي ۽
آهستي آهستي ڳائڻ شروع ڪيائين. راڳ پورو ٿيو، پر
هن جو مٺو ۽ ماٺيڻو، ڏک ڀريو آواز منهنجي دل ۾ چڀي
ويو، ۽ ائين پئي لڳم ته ڄڻ راڳ اڃا پيو ڳائجي، جو
سندس آواز اڃا به منهنجي ڪنن ۾ پئي وڳو. ۽ آءٌ اڃا
انهيءَ خيال ۾ هوس ته مسز گنگارام چيو، ”ڊاڪٽر
صاحب، ڪهڙي خيال ۾ محو ٿي ويا آهيو؟“
مون کلي جواب ڏنو، محو ٿيڻ جي بيشڪ ڳالهه آهي. اوهان جي ڳائڻ کي
آءٌ انصاف ٿو ڏيان. اوهان جي سريلي آواز ته مون کي
هن دنيا مان ڪڍي سورڳ ۾ پهچائي ڇڏيو.
گنگارام چيو، هيرا، چئين سچ ٿو. مون تي هن جي ڳائڻ جو اهو ئي
اثر ٿيندو آهي.
پر وشنيءَ کلي چيو ته ڊاڪٽر صاحب، انهي ٺڳيءَ جي خوشامند مان ڪي
ڪين ورندو. اهي بهانا ڪين هلندا. اچو!
هاڻ اوهان جو وارو آهي، اچي هارمونيم وٽ ويهو. هن
جي زور ڪرڻ تي آءٌ اچي هارمونيم وٽ ويٺس ۽ اڃا
وڄائڻ شروع ڪرڻ تي هوس ته هڪڙي حسين، نوجوان ڇوڪري
ڪتاب هٿ ۾ ڪيو اندر گهڙي آئي. مون تي نظر ڪانه
پيس. سڌو ڪتابن جي هڪڙي گهوڙي ڏي وئي ۽ ڪتاب ٻين
ڪتابن سان گڏي رکيائين. شايد ڪنهن ٻئي ڪتاب جي
ڳولها پئي ڪيائين پٺيري چوڻ لڳي ته، وشني، اسين
سوسائٽيءَ ۾ سسئي پنهون جو ناٽڪ ڪرڻ وارا آهيون،
جنهن ۾ مون کي خاص سسئيءَ جو پارٽ ڪرڻو آهي. خبر
اٿئي ته اڄ ڪاڪي ڇا چيو؟ چيائين ته ڪڪي، تنهنجو
پارٽ ماڻهن کي چريو ڪري ڇڏيندو، ۽ ٻيو خبر اٿيئي
ته ڇا ٿي چيائين، ته ناٽڪ جي اشتهارن ۾ منهنجو
نالو خاص وڏن اکرن ۾ ڇاپائيندا. ائين ٻيون به
گهڻيون ئي ڳالهوين ڪري وئي. مون گنگارام کان پڇيو
ته هيءَ ڪير آهي. هن چيو ته، هيءَ منهنجي سالي
آهي. پوءِ هن کي سڏ ڪري چيائين ته موهني، هيڏانهن
اچ، آءُ توکي پنهنجي سنگتيءَ سان انٽروڊيوس ڪرڻ ٿو
گهران. هي ڊاڪٽر هيرا لعل آهي. ڪنهن زماني ۾
منهنجو ڪلاسي هو ۽ منهنجو گهرن ۾ گهرو دوست آهي.
هينئر ڊاڪٽري ڪندو آهي. ڏاڍو هوشيار انسان آهي، ۽
هيرا، هيءَ منهنجي سالي آهي، شريمتي موهني ديوي.
موهني هٿ جوڙي مون کي نمسڪار ڪئي ۽ چيائين ته، ڊاڪٽر صاحب، مسٽر
گنگارام صاحب جو منهنجي نالي اڳيان ۽ پٺيان، چرچو
ڪري کڻي پڇ ڳنڍيو آهي، انهي لاءِ آءٌ هن جي ڏاڍي
شڪر گذار آهيان، ۽ ايترو عرض ڪرڻ ٿي گهران ته
حقيقت ۾ آءٌ دنيا جي هڪ ناڪاره شيءِ آهيان، جنهن
کي ماڻهو فقط موهنيءَ جي نالي سان سڏيندا آهن.
مون هٿ جوڙي هن کي نمسڪار ڪئي. ۽ هن کي جواب ڏيڻ تي هوس ته
وشنيءَ رڙ ڪئي ته ڊاڪٽر هيرا لعل اوهين هيڏانهن
هوڏانهن جي ڳالهين ۾ وساري نه ڇڏجو ته اوهان کي
اڃا ڳائڻو آهي. انهي تي وري موهني به ساڻس زور ڪرڻ
۾ شامل ٿي. لاچار ڳائڻو پيم. هامونيم وڄائي، هڪڙو
اردو غزل ڳائي ٻڌايومان...
”حسن انسان مين جب آيا تو ادا بهي آئي“
غزل پورو ٿيو. اوڏي مهل اٺ به وڄي ويا هئا. رات اچي ٿي هئي ۽
سگهو ئي موهنيءَ جو هڪ غزل ٻڌي هنن کان موڪلائي
هليس. موهنيءَ جي غزل جي هڪ مصرع مون کي ياد بيٺي
جا واٽ تي ڀڻڪندو ويس:
”مجهي ڪيا جيني ڪا ڀلا، ڪيا زندگي ميري“
(3)
انهيءَ کان پوءِ منهنجو گنگارام وٽ اچڻ وڃڻ جو رستو هلندو آيو.
سڀني کان وڌيڪ موهنيءَ کي ملڻ جي سڪ رهندي هيم ۽
هن سان ملي سڀني کان وڌيڪ خوشي ٿيندي هيم. موهني
به پنهنجي وڏي ڀيڻ وانگر بيحد حسين هئي ۽
سوسائٽيءَ جي سڀني اخلاقن ۾ ڀڙ هئي. تعليم وارين
زالن ۾ هن جي گهڻي عزت ۽ تعريف هئي. جيترا ڀيرا به
سسئي پنهون جو کيل ٿيو اوترا ڀيرا هزار ڪم ڇڏي به
آءُ کيل ڏسڻ ويندو هوس. موهنيءَ جو ڳائڻ ۽ هن جي
ائڪٽنگ اهڙي سٺي هئي جو ڀيري ڀيري سان ناٽڪ ۾
تاڙين جو ٺڪاءُ پيو پوندو هو. حقيقت ۾ موهنيءَ جو
مون سان مهربانيءَ ۽ پريت جو رستو مون لاءِ هڪ وڏو
فخر هو. هر آرتوار تي موهني ۽ آءٌ ڪيڏانهن گهمڻ
نڪري ويندا هئاسين. ڪڏهن هوا بندر، ته ڪڏهن منگهو
پير، ته ڪڏهن منهوڙو. سندس مائٽ به اسان جي اڪيلي
گهمڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه وٺندا هئا، بلڪه مسز
گنگارام ته اسان جي صحبت کي پاڻ همٿائيندي هئي.
جيڪڏهن آءٌ يا موهني ٻاهر وڃڻ کان عذر ڪندا هئاسين
ته هوءَ زور ڪري به اسان کي گهمڻ موڪلي ڏيندي هئي.
موهنيءَ جي واقفيت به گهڻن سان هئي، ۽ هن سان گڏ
گهمندي ڦرندي منهنجو به نالو هن سان گڏ گهڻن ئي
معزز فئملين ۾ مشهور ٿي ويو، ۽ اسان جي سنگت سڄي
شهر ۾ عالم آشڪار ٿي وئي.
نيٺ، جيئن مون کي ڊپ هو ائين ئي ٿيو. هڪڙي ڏينهن گنگارام مون کي
سڏائي ماٺ ماٺ ۾ چيو ته هيرا، منهنجي هڪڙي ڳالهه
مڃيندين.
مون وائڙو ٿي پڇيو ته ٻيو ته مڙئي خير آهي؟ ڪهڙي ڳالهه آهي، کڻي
چئو. تنهنجو چيو آءٌ ڪيئن نه مڃيندس.
گانگارام چيو: هيرا، منهنجي مرضي آهي ته تون موهنيءَ سان شادي
ڪر.
ائين چئي کلڻ لڳو. هن دل ۾ پڪ سمجهيو هو ته آءٌ موهنيءَ تي عاشق
آهيان ۽ يڪدم سندس ڳالهه قبول ڪندس. پر منهنجو
جواب انهيءَ جي بلڪل ابتڙ هو. مون چيو ته گنگو،
مون کي گهڻو افسوس آهي پر اها ڳالهه اصل ناممڪن
آهي.
گنگارام ناممڪن ٻڌي ٽپ ڏئي اٿيو. هن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو
ته ڪ آءٌ انهيءَ ڳالهه کان انڪاري ٿيندس.
مون وري به چيو: مون کي تمام گهڻو افسوس آهي جو آءٌ تنهنجو چيو
مڃي سگهان. پر انهي جو به ڪو خاص سبب آهي.
گنگارم پڇڻ لڳو ته اهڙو ڪهڙو خاص سبب آهي، مان جواب ڏنومانس ته
ڪنهن ٻيءَ مهل ٻڌائيدوسانءِ، هينئر انهي ڳالهه کي
ڇڏي ڏي.
آءٌ سگهو ئي گهر موٽي آيس ۽ انهيءَ کان پوءِ گنگارام ڏي اچڻ وڃڻ
ڇڏي ڏنم. گهڻن ڏينهن کان پوءِ گنگارام جو خط مليم.
مون کي لکيو هئائين ته سگهو ئي موهنيءَ جي شادي
ٿيڻ واري هئي منڱڻو اڳي ئي ٿي چڪو هو، ۽ مون کي
شاديءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت به ڏني هيائين. اهو
وجهه وٺي ايترو به لکيو هيائين ته جي آءٌ وري ساڻن
ملاقات جو رستو قائم رکان ته هن کي ڏاڍي خوشي
ٿيندي. هن جي خط پهچڻ تي آءٌ وٽن ويس. گنگارام ۽
وشني ته مون کي گهڻي شوق سان مليا، پر موهني البت
اداس ٿي ڏٺي، ۽ مون سان پورو منهن ڏئي ڳالهه به نه
ڪيائين. پڇا مان معلوم ٿيو ته هن جو مڱيتو هڪڙو
موتي لعل نالي جوان هو، جنهن ايم- اي جو امتحان
پاس ڪيو هو ۽ زميندار به هو. چوڻ ۾ ٿي آيو ته
گارڊن ڪوارٽر ۾ ٿو رهي. مائٽن مٽن ۽ سندس خاندان
جي پڇا ڪيم ته معلوم ٿيم ته هڪڙي ماسي جا ساڻ
رهندي هيس انهي کان سواءِ ٻيو ڪو مٽ مائٽ ڪونهيس.
انهيءَ کان پوءِ وري آءٌ اڪثر گنگارام وٽ ايندو رهيس، پر ڪڏهن
به موتي لعل سان ملڻ جو وجهه ڪونه مليم. مون
گنگارام کي چيو ته ڪنهن ڏينهن مون کي هن سان
ملاقات ڪراءِ ۽ هن اهڙو انجام ڪيو. موهنيءَ پاڻ
موتي لعل کي پسند ڪيو آهي، ۽ هن سان گهڻي اٿويهه
اٿس، چيائون ته جي اداس آهي ته انهيءَ جو ضرور ڪو
ٻيو سبب هوندو. ائين ٿي نٿو سگهي ته ايندڙ شاديءَ
جي ڪري هوءَ اداس هجي.
نيٺ هڪڙي ڏينهن گنگارام جي گهر مون موهنيءَ جي منڱيتي کي ڏٺو.
هو مون کي ڏسي البت گهٻرائجي ويو. مون کي به ائين
لڳو ته منهنجو اڳ ڪٿي ڏٺل آهي. گهڻو ئي مٿو هنيم
پر اوڏيءَ مهل بلڪل ياد ڪونه پيم ته ڪٿي ڏٺو
اٿمانس.
نيٺ مون کي ياد پيو. اوڏيءَ مهل ته کڻي ماٺ ڪيم پر شام جو خاص-
انهيءَ ڪم لاءِ گنگارام ڏي ويس. پاڻ سندس زال،
سندس سس ۽ سهرو سڀ موجود هئا. مون چيو، ”اوهان
موهنيءَ جي شاديءَ جو ڏاڍو خراب بندوبست ڪيو آهي.
آءٌ موتي لعل کي سڃاڻان. نه ڪا زمينداري اٿس، نه
ايم- اي آهي. هڪڙو واهيات ماڻهو آهي. گارڊن ڪوارٽر
۾ ڪونه ٿو رهي پر گاڏي کاتي ۾ جاءِ اٿس. جنهن زال
جي نالي چئي ٿو ته ماسي اٿس، اها هن جي مائٽياڻي
آهي ئي ڪانه، پاڻ ٺڳ ماڻهو آهي ۽ اها زال به ساڻس
ٺڳين ۾ شامل آهي.“ اوڏيءَ مهل ته ڪنهن به منهنجي
ڳالهه نه مڃي. مون چيو ته، جي حقيقت ڪري ايم- اي
آهي ته ڪاليج جي رجسٽر يا بمبئي جي يونيورسٽيءَ
مان تار ڪري پڇي خاطري ڪري ٿي سگهجي. يا شايد وٽس
ڪو ڊپلوما يا سرٽيفيڪيٽ هوندو. نيٺ سڀ انهي صلاح
تي بيٺا.
ٻئي ڏينهن گنگارام ۽ وشني منهنجي جاءِ تي آيا، گنگارام جو منهن
لٿل هو. پڇڻ تي گنگارام چيو ته هيرا، تنهنجي ڳالهه
لفظ به لفظ سچي نڪتي. هو نه رڳو ايم- اي ۽ زميندار
نه هو، پر سزا کاڌل آهي، ۽ ڪلهه رات کان وٺي گم ٿي
ويو آهي. گهر خالي پيو اٿس.
مون چيو: آءٌ هينئر سڌو ٿاڻي تان پيو اچان. موتي لعل جي حقيقت
به انهن کان ئي معلوم ٿي اٿم.
وشني چيو: ڊاڪٽر هيرا لعل، آءٌ اوهان جي ڏاڍي شڪر گذار آهيان جو
اوهان منهنجي ڀيڻ کي مصيبت کان بچايو آهي. جي اسين
بي خبريءَ ۾ شادي ڪري ڇڏيون ها ته ويچاري موهنيءَ
جو الاجي ڪهڙو حال ٿئي ها.
انهي ڏينهن موهنيءَ جي پيءُ به منهنجي شڪر گذاري ڪئي.
(4)
ٻن پهرن جو وقت هو، اخبار پڙهندي پڙهندي منهنجي اک لڳي وئي هئي.
جڏهن چئين بجي ننڊ مان اٿيس ته ڏٺم ته منهنجي کٽ
جي پاسي ۾ موهني هڪڙي ڪرسيءَ تي ويٺي آهي. وار سڀ
پکڙيا پيا هوس، ۽ منهن لٿل هوس. هن کي ڏسڻ شرط آءٌ
اٿي ويٺس. سلام ڪيومانس ۽ پڇيومانس ته اڄ مون تي
هيءَ مهرباني ڪيئن ٿي آهي؟
موهنيءَ شوخيءَ سان جواب ڏنو: ڊاڪٽر صاحب، آءٌ اوهان کان ايترو
پڇڻ آئي آهيان ته ڪنهن جي دل ڏکوئڻ ڪهڙي ڪتاب ۾
روا رکيو ويو آهي. موهنيءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي
ويون هيون هن جي سڄي چهري مان ڪاوڙ پي ٻهڪي.
مون پڇيو: نيٺ انهي سوال پڇڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟
”انهي ڪري جو توهان منهنجي دل ڏکوئي آهي.“
”مون؟ مون اوهان کي ڪهڙو ڏک ڏنو آهي؟“
”توهين اهڙا اڻڄاڻ نه آهيو جو نه سمجهي سگهو“
مون سمجهيو ته موتي لعل سان ناتي ٽوڙڻ ڏي اشارو ٿي ڪري ۽ چيم
ته، موهني انهي ۾ تنهنجو فائدو هو.
”آءٌ پنهنجو فائدو پاڻ ڏسي ٿي سگهان. جڏهن اوهان پاڻ منهنجي
شاديءَ جي آڇ قبول نه ڪئي ته پوءِ منهنجي فائدي يا
نقصان ۾ اوهان جو ڇاٿي ويو. جڏهن مون اهو ارادو
ڪيو ته ڪنهن نيچ ۾ نيچ درجي کي پهچي پنهنجي
حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽيان. مون کي خبر هئي ته موتي
لعل ڪير آهي ۽ مون اکيون کولي اهو ڪم ٿي ڪيو.
مون چيو: موهني، معاف ڪج اڄ تون ڪاوڙ ۾ آهين ۽ بلڪل بيوقوفيءَ
جون ڳالهيون پئي ڪرين. ذرو ٿڌي ٿيءُ، پوءِ وري
ڪنهن مهل اهو ذڪر ڪنداسين.
بس مون اڃا ايترو ئي چيو ته موهني اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ زار زار
سڏڪا ڀري پئي چيائين منهنجي سڀني مصيبتن جو سبب
تون ئي آهين. هيرا، تون ئي آهين.
آءٌ انهيءَ ڏينهن شام جو گنگارام کي ملڻ ويس، ۽ انهيءَ سان به
ٻن پهرن واري واقعي جي خبر ڪيم. جڏهن آءٌ وڃڻ لڳس
تڏهن گنگوءَ چيو: بس، سوير ئي ٿو وڃين ڇا؟
مون چيو: هائو. دير ٿي وئي آهي. گنگارام چيو ته هيرا، مون اڳي
توکي ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ چيو هو ۽ اڄ وري به ساڳي
ڳالهه مڃڻ لاءِ ٿو چوانءِ. مون جواب ڏنو ته مون
انهيءَ ڏينهن ئي توکي چئي ڇڏيو هو ته اها ڳالهه
اصل ناممڪن آهي. پڇيائين ته ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ته
نيٺ انهيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟
مون چيو ته، چڱو ويهه ته توکي ٻڌايان. اسين ويٺاسون ۽ مون چيو:
گنگو حقيقت هيئن آهي ته مرڻ کان اڳي منهنجي ننڍي
هوندي منهنجي پيءُ مون کي پنهنجي هڪ دوست جي ڌيءَ
سان مڱائي ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ هو بيٺل ماڻهو ها
۽ گهڻي هلنديءَ وارا هئا. پر ڪو اهڙو اتفاق ٿيو
جنهن ڪري منهنجي منڱ جو پيءُ کٽي پيو ۽ سگهو مري
ويو. ماءُ ته اڳي ئي مري وئي هيس. هوءَ هاڻ بلڪل
يتيم حال ۾ آهي ۽ شڪل جي پوري پني آهي. منهنجي
موهنيءَ سان ملاقات ٿي تنهن کان اڳي مون ايندڙ سال
۾ هن سان شادي ڪرڻ جو انجام ڪري ڇڏيو آهي. تون مون
کي ڀاءُ وانگر آهين ۽ آءُ بيحجاب توسان قبول ٿو
ڪريان ته منهنجي سڄي دل، سڄي محبت موهنيءَ سان
آهي. پر ڇا ڪريان آءُ اشرافت نٿو سمجهان ته پنهنجي
دل خوش ڪرڻ لاءِ هن ويچاري يتيم کي ڏک ڏيان، ۽ هن
جي زندگي برباد ڪريان. هن جو خرچ پکو به آءٌ پيو
ڪريان ۽ انکان سواءِ هن جو ٻيو ڪوئي ڪونهي.“ ائين
چئي آءٌ به پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڏک ۾ ڀرجي ويس.
ڀڳوان ڄاڻي ته موهنيءَ ڪٿان لڪي ويٺي منهنجون
ڳالهيون ٻڌيون، پر اوچتو نڪري آئي ۽ منهنجي پيرن
وٽ ويهي، پنهنجو مٿو منهنجي گوڏن تي رکي چوڻ لڳي:
پرميشور جي نالي، هيرا، مون کي اڄ صبوح وارو قصو
معاف ڪر. مون اوهان جي سڄي ڳالهه ٻڌي ۽ آءٌ اوهان
کي آفرين ٿي ڏيان...
ائين چئي وري اچي روئڻ ۾ پئي. پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ اکيون
سڪائي چوڻ لڳي ته هيرا، جي مون کي اها خبر هجي ها
ته آءٌ توکي پنهنجي محبت ۾ ايتري قدر گرفتار ٿيڻ
ڪين ڏيان ها. پر خير!
جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻ جڏهن اوهان جي شادي
ٿيڻ هجي ته مون کي ضرور سڏائجو.
ڪالهه منهنجي شادي ٿي ۽ ڪالهه ئي تحفي طور موهنيءَ منهنجي لاءِ
۽ منهنجي ڪنوار جي لاءِ هڪ پارسل موڪلي ڏنو. ڪالهه
ته شاديءَ جي گوڙ گهمسان ۾ اهو پارسل کولڻ جي فرصت
ڪانه رهي، پر اڄ اهو پارسل کوليم. انهيءَ ۾ هڪڙي
هيري جي منڊي مسز هيرا لعل لاءِ هئي ۽ منهنجي لاءِ
هڪڙو خط هو. خط کولي پڙهيم. منجهس هيئن لکيل هو:
”مائي ڊيئر هيرا!
توهان جيڪا مون کي منڊي محبت جي نشاني ڪري ڏني
هئي، اها ته آءٌ ڪنهن صورت به پاڻان جدا ڪري نٿي
سگهان، پر پنهنجي هٿ جي هڪڙي منڊي موڪليان ٿي جا
منهنجي پاران پنهنجي هٿ سان مسز هيرا لعل کي پائج.
هيرا، جڏهن تون ۽ مسز هيرا لعل پاڻ ۾ گڏجي محبت
ڪريو ته ڀڳوان جي واسطي مون کي دل تان لاهي نه
ڇڏج. موهني. |