سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :5

 

منهنجي خوش قسمتي

قريب ٻه سال ٿيندا ته اوچتو ئي اوچتو زماني جي گردش مون سان اهڙو اتفاق ڪيو جو ويٺي ويٺي، هڪڙي ڏينهن ۾ آءُ مفلسيءَ جي حالت مان نڪري سکيو آسودو ٿي پيس. ڪيئن اهو چرخو ڦريو، اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، نه مون ڪنهن کي اها خبر ڏني. شهر جا ماڻهو جي مون کي سڃاڻندا هئا ۽ جن کي منهنجي اڳين حالت جي خبر هئي، اهي اچرج ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا ته مار ! هي ٽڪي جو وڪيل، جو پئسي ۾ پنج ڪيس کڻندو هو سو هينئر گاڏين ۾ ٿو گهمي ۽ بنگلن ۾ ٿورهي. وڪالت جو ڪم به وڌيل ڪونه هو جو ماڻهو سمجهن ته پنهنجي ڌنڌي مان پئسو ڪمايو اٿس. بلڪ اڳي آءُ پيٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٿوري گهڻي فيءَ ۾ پيو ڪورٽن ۾ ويندو هوس، پر انهي اتفاق ٿيڻ کان پوءِ اهڙو لاچار ڪونه هوم، تنهن ڪري چڱي موچاري في ملندي هيم ته ڪيس کڻندو هوس نه ته بس. ائين 2 سال ته گذري ويا. اڃا ماڻهن کي اهو ئي خيال بيٺو هو ته وري ٻيو هڪڙو اتفاق ٿيو جنهن ته هيڪاري مون کي لکن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. پر هن ڀيري سڀني کي عام طرح خبر پئي ته ڪٿان مون کي دولت هٿ آئي آهي. هڪڙو ٻڍو وشوناٿ نالي مشهور حڪيم هو ۽ ملڪ جي چونڊ برهمڻن مان هڪڙو شريف انسان هو تنهن مرڻ مهل پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي سڄي ملڪيت، جا اسي لکن جي ڪٿڻ ۾ ٿي آئي، مون لاءِ ڇڏي ويو. تنهن تي وري سڄي خلق کي اها حيراني لڳي وئي ته هڪ برهمڻ جو هميشه پنهنجي ڌرم تي قائم هوندو هو ۽ جنهن جي ڌرمي ڳالهين ۾ مسلمانن سان پوندي ڪين هئي اهو ڪيئن پنهنجا ويجها مائٽ وساري هڪ خسيس مسلمان کي پنهنجي ملڪيت جو ڌڻي ڪري ويو. انهيءَ وصيت نامي تي جيڪي تڪرار ٿيا ۽ انهيءَ پٺيان ڪورٽ ۾ جيڪا گهل ٿي، اها ته هينئر ننڍي وڏي کي خبر آهي. پر انهيءَ حيرت جي ڪري جو ماڻهو هروقت مون کان پڇا پيا ڪن ۽ پاڻ ڳالهين ڪندي الاجي ڪهڙا ابتا سبتا خيال پنهنجين دلين ۾ پيا آڻن، تنهن ڪري آءُ ڀانيان ٿو ته مون تي اهو فرض آهي ته، عام طرح اهو ظاهر ڪريان ته ڪهڙي سبب ڪري وشوناٿ مون تي اهڙو مهربان ٿيو. شايد انهيءَ سبب ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهو ماٺ ڪندا ۽ هن ويچاري شريف انسان جي روح کي آرام ڪرڻ ڏيندا.

اها ته عام خبر آهي ته حڪيم وشوناٿ اگرچ سنڌ جو ماڻهو هو، ته به اهڙو مشهور جو هميشه بمبئي يا لاهور يا ڪلڪتي ۽ ٻين پري پري جي پرڳڻن ۾ راجائن ۽ نوابن وٽ پيا سڏ ٿيندا هوس. اگرچ هو حڪيم هو، ته به ڊاڪٽريءَ جو امتحان به پاس ڪيل هوس ۽ وڍڪٽ جو ڪم به  ڄاڻندو هو. حڪيم صاحب کي عجيب يا نون نون مرضن چڪاسڻ ۽ انهن جي حال احوال ڪٺي ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ ائين هن عجيب غريب شيون ڪٺيون ڪيون هيون. ڏڍ، آڱريون، ٻانهون، ڦڦڙ، گردا، پٿريون ۽ ٻيون سوين شيون دوائن ۾ وجهي شيشي جي برنين ۾ وجهي رکندو هو ۽ انهي ريت انسان جي وڍيل ڪٽيل عضون جو هڪ عجائب خانو کڻي ٺاهيو هئائين.

اٽڪل 8 سال کن ٿيا جو حڪيم صاحب ڪجهه پيريءَ جي ڪري ۽ ڪجهه ڪم جي ٿڪ کان البت ڪمزور گذارڻ لڳو، جنهن ڪري ڪم ڇڏي ماٺ ڪري آرام ڪرڻ ويٺو. پر ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته حڪيم صاحب کي يا ڪو مرض آهي يا ڪا ڳڻتي اٿس، جنهن ڪري وڃي ڳرندو ۽ ضعيف ٿيندو. ٻه ٽي سال ائين گذاريائين جو قسمت سان منهنجي ساڻس واقفيت ٿي. مون کي ڪو ڪيس هلائڻو جو جنهن ۾ ڪنهن ڊاڪٽر يا حڪيم جي صلاح گهبي هئي. پڇا سان معلوم ٿيم ته حڪيم وشوناٿ جهڙو قابل ڪو ٻيو ٿورو هوندو. تنهن ڪري آءُ وٽس ڪاهي ويس ۽ وڃي عرض ڪيومانس ته مون کي هيءَ مشڪلات آهي جا سمجهڻ ٿو گهران.

حڪيم صاحب وڏي خوشيءَ سان مون کي سمجهايو، پوءِ مون کان حال احوال پڇيائين، ۽ اسين اچي دنيا جي ڳالهين ۾ پياسي ڳالهيون ڪندي ڪندي اسين اچي روحاني ڳالهين ۾ پياسي مون حڪيم صاحب جي ڳالهين مان سمجهيو ته حڪيم صاحب کي پتروديا (اسپرچوئلزم) جو گهڻي قدر خيال هو. مون کي به انهن ڳالهين جو شوق هوندو هو، ۽ پنهنجي منهن آءٌ مئلن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هوس، ۽ ڪيترا ڀيرا تجربن ۾ شامل ٿيو هوس، جن ۾ ڪيترا مئل روح انساني جسم وٺي ظاهر به ٿيا هئا.

جڏهن حڪيم صاحب اها حقيقت ٻڌي، تڏهن البت سندن چهرو کليو، ۽ مون کي ائين سمجهڻ ۾ آيو ته ڪجهه قدر ڳڻتي لٿي اٿن. خير نيٺ مون کي رخصت ڪيائون، پر وري اچڻ جي دعوت ڏنائون. ائين ٻه ٽي ڀيرا آءُ وٽن آيس ويس، جنهن ڪري اسان جي چڱي صحبت ٿي وئي.

نيٺ هڪڙي ڏينهن ڳالهيون ڪندي حڪيم صاحب مون کان پڇيو ”وڪيل صاحب! توهان انهي ڏينهن مون کي چيو ته توهين گهڻن ئي تجربن ۾ شامل ٿيا آهيو. جي ائين آهي ته ڪنهن ڳري گهر ۾ رات گذارڻ کان جيڪر ڊڄو ته ڪين؟“

مون جواب ڏنو، ”بلڪل نه.“

پوءِ پڇيائون، ”جيڪر رات مهل ڪو روح ڏسو ته ڪيئن؟“

مون چيو، ”اهڙو وجهه ته آءٌ الله کان ويٺو گهران. جي اهڙي ڪا جاءِ سجهندي هجيو ته مون کي ڏس ڏيو ته آءٌ وڃي جانچ ڪريان ته ڇا آهي، ڪير آهي، جو دنيا مان مري ويو آهي ته به دنيا جو واسطو نٿو ڇڏي. ضرور ڪو قوي سبب هوندس...“

تنهن تي حڪيم صاحب چيو، ”آءٌ پاڻ ائين ٿو ڀانيان. ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجو، پر جي منهنجو عقل ٺڪاڻي آهي ته آءُ ڀانيان ٿو ته هن ئي گهر ۾ اوهان کي اهڙي آزمودي جو وجهه ملندو. توهان کي جڏهن دل چئي تڏهن هت اچي هڪ رات گذارجو ته حقيقت معلوم ٿي ويندو.“

مون چيو، ”مون کي ٻيو ڪم ڪونهي ۽ آءُ اڄ رات ئي اچڻ لاءِ تيار آهيان. پر ٻڌايوم ته آهي ڇا؟ توهان ڇا ڏٺو آهي جو ايترو خيال ٿي پيو اٿو.“

ٿورو خيال ڪري جواب ڏنائون، ”نه، بهتر آهي ته آءٌ توهان کي اڳواٽ ڪجهه نه ٻڌايان. نه ته ماڻهو چوندا ته منهنجي ڳالهه جو اثر توهان جي دل تي ايترو ٿي پيو جو ننڊ ۾ يا خيال ۾ اهي سڀ حقيقتون توهان کي ڏسڻ ۾ آيون. تنهن ڪري توهين پنهنجي سر حقيقت معلوم ڪريو ته چڱو ٿيندو.“

نيٺ اها رٿ ته آءٌ ٻي رات حڪيم صاحب وٽ اچي گذاريان. جڏهن ٻي رات آءٌ وٽن اچي حاضر ٿيس ته مون کي پنهنجي عجائبخاني ۾ وٺي ويا ۽ چيائونم ته توهان کي هن ڪوٺيءَ ۾ سمهڻ ۾ اعتراض ته ڪونهي، هن بينچ تي سمهڻو پوندو. جي چئو ته آءٌ کٽ وجهائي ڏيانو، پر منهنجي مرضي آهي ته هت ڪا ڦيرگهير نه ٿئي ته چڱو، متان ڦير گهير ڪرڻ ڪري ڪجهه حرڪت ٿي پوي.

مون حڪيم صاحب کي خاطري ڏني ته بينچ بس آهي، ۽ چيومان ته آءٌ جنهن مطلب سان آيو هوس، انهيءَ لاءِ ضرور مون کي اوجاڳو ڪرڻو پوندو، سو کٽ جو ضرور ڪونهي.

پوءِ حڪيم صاحب مون کي سندن ڪوٺي ڏيکاري، جنهن ۾ پاڻ سمهندا هئا ۽ جا عجائبخاني جي ڀرسان هئي ۽ چيائون، ”ڪنهن مهل به ضرور پوي ته مون کي سڏ ڪجو ته آءٌ هليو ايندس. آءٌ سمهڻ جو هوشيار آهيان ۽ حقيقت ڪري جڏهن کان وٺي هي خيال منهنجي دل تي ويٺو آهي، تڏهن کان وٺي ننڊ حرام ٿي پئي اٿم، جنهن ڪري ڏسو ٿا ته منهنجو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي.“

آخر رات جو 11 بجي ڌاري ماني ٽڪي کائي اٿياسين ۽ حڪيم صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ويا ۽ آءٌ بتيون وسائي، بينچ تي وهاڻو ٽيڪي ليٽي پيس.

پهرين پهرين ته اهڙي گگهه اونداهي لڳي پئي جو مون کي پنهنجو هٿ به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، پر سگهو ئي جڏهن منهنجون اکيون وڃي اونداهيءَ تي هريون، تڏهن ڪوٺي چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ آيم. اگرچ آءُ دل جو ڏاڍو آهيان ته به هن ڪوٺيءَ ۾ ويهڻ کان مون کي بڇان پئي لڳي. پهرين ته منهنجي آمهون سامهون کليل ڪٻٽن جي جارن تي ٻاٽلين جي قطار لڳي پئي هئي جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. تنهن کان سواءِ جتي ڪٿي، جارن ۾، ڀتين تي، ماڻهن ۽ جانورن جون کوپراٽيون، ٽنگن ۽ ٻانهن جا سڪل هڏا، ماڻهن جا سڄا هڏائون پڃرا نطر پئي آيا. تنهن کان سواءِ دوا جي بانس، جنهن ۾ عجيب غريب عضوا سانڍيل هئا، تنهن ته مٿو ڦيرائي ڇڏيو. پر خير، دل ڏاڍي ڪري ويهي رهيس. نيٺ اندران ڪنهن گهڙيال ۾ 12 وڳا، پوءِ هڪڙو ۽ پوءِ ٻه به قدم، تيسين ته مون کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو، ۽ آءٌ خيال ڪرڻ لڳس ته شايد حڪيم صاحب کي دل تي جو اجايو وهم آهي، جنهن ڪري ڪو سوداءُ ٿي پيو اٿس. اڃا آءٌ انهن خيالن ۾ هوس ته اوچتو پاسي وارو در کليو ۽ اتهين هڪ قداور مڙس اندر گهڙيو. سندس ڪپڙن ۽ ڊول مان ڪو پٺاڻ ٿي لڳو. هو در کولي سڌو انهن ڪٻٽن ڏي آيو، جتي دوا ۾ ماڻهن جا عضوا پيل هئا. اتي هڪڙي هڪڙي ٻاٽلي ڏسندو آيو، جيسين ڪ اچي پڇاڙي ڪيائين. نيٺ جڏهن سڀ ٻاٽليون ڏسي رهيو، تڏهن مون ڏي ڦريو ۽ هٿ مٿي ڪري شوڪارو ڀريائين، جيئن ڪو ماڻهو نااميد ٿيڻ تي ڪندو آهي. پوءِ هڪدم گم ٿي ويو. مون هن کي اهڙو چٽو ڏٺو، ۽ هو اهڙو سچو پئي لڳو، جو جيڪر ائين گم نه ٿي وڃي ها، ۽ عام رواجي طرح موٽي در کان نڪري هو جو ها ته آءٌ يقين سمجهان ها ته حڪيم صاحب جو ڪو نوڪر وڃي ڪا شيءِ چورائڻ يا ڳولڻ آيو آهي. تنهن کان سواءِ حڪيم صاحب جا نوڪر به منهنجا ڏٺل هئا. هن ماڻهوءَ جڏهن ٻانهون مٿي ڪيون هيون تڏهن مون ڏٺو ته سندس کٻو هٿ آهي ئي ڪونه، ۽ سڄي ٻانهن ڪرائيءَ کان ڪپجي پيئي هيس.

پوءِ ته آءٌ سمهي پيس، صبوح جو جڏهن اٿيس ته حڪيم صاحب مليم ۽ خبر چار پڇيائون، مون جيڪي ڏٺو هو سو ٻڌايومان. اهو ساڳيو ئي ماڻهو آهي ۽ هي منهنجو ڪو خيال يا وهم نه آهي، هينئر ڪي 6 مهينا ٿيا آهن جو هر رات جو هڪڙو ڀيرو ۽ ڪڏهن ته ٻه ڀيرا به مون کي اچي ننڊ مان اٿاريندو آهي. پوءِ اشارا ڏئي مون کي هن عجائب خاني ۾ آڻي ٻاٽلين جو چڪر ڏيئي گم ٿي ويندو آهي.“

مون پڇيو، ”حڪيم صاحب، توهين هن ماڻهوءَ کي سڃاڻو؟ هي آهي ڪير ۽ گهري ڇا ٿو؟

چيائون ته هي هڪ جهونو مريض آهي جنهن جو مون علاج ڪيو هو. ڪي ڏهه سال کن ٿيا ته ڪابل جي هڪڙي نواب مون کي سڏايو هو. آءٌ اڃا اتي هوس ته انهيءَ جي نوڪرن مان هڪڙي نوڪر جو کٻو هٿ ڪپجي پيو. هن انهيءَ ڦٽ جي سنڀال ۽ صفائي نه رکي، جنهن ڪري زهر چڙهي ويس. اڳيئي انهيءَ هٿ جي پٺيءَ تي هن کي هڪڙي عجب نموني جو ڏڍ هو، ۽ آءٌ ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڪري زهر تڪڙو وٺي ويو هوس. مون صلاح ڏنيمانس ته هٿ وڍائي ڇڏ. پهرين ته هو ناراض هو پر آخر قبول ڪيائين ته مون هٿ وڍي ڪڍيومانس. هن مون کان فيءَ جو پڇيو، پر غريب هو تنهن ڪري پئسا ڪونه ورتامانس ۽ کلي چيومانس ته اهو هٿ جيڪو ڪپيو اتم سو کڻي في ڏينم. منهنجو خيال هو ته جڏهن فرصت ملنديم تڏهن انهي ڏڍ کي ڪپي اندران چڪاسيندومانس. هٿ مون کي ڏيڻ کان هن دل هنئي. چيائين ته اسان مسلمانن ۾ اهو اعتقاد آهي ته قيامت جي ڏينهن سڄو ڌڙ ثابت الله وٽ سڏبو آهي جنهن ڪري گهڻا مسلمان پنهنجا ننهن ڪپيندا آهن ته به سنڀالي رکندا آهن ۽ چيائين ته جي هٿ توهان کي ڏيندس ته قيامت جي ڏينهن مون کي ڏکيو لڀندو. نيٺ گهڻي سمجهائڻ تي هٿ ڏنائين پر ايترو چيائين ته مرندس ته اچي اهو هٿ اوهان کان وٺندس. مون به کلي کڻي هائو ڪئي ۽ هٿ وٺي دوا ۾ سانڍيم، وري موٽندي مهل جنهن ٻاٽليءَ ۾ هٿ سانڍيو هوم، اها مسافريءَ ۾ ڀڄي پيئي ۽ هٿ بانس ڪرڻ لڳو، تنهن ڪري گاڏيءَ مان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيم. انهيءَ ڳالهه کي ڏهه ورهيه ٿيا ۽ مون کي اهو حادثو ئي وسري ويو.

هينئر اٽڪل 6 مهينا ٿيا ته هڪ رات جو اٽڪل 1 بجي ڌاري مون کي ڪنهن اچي ننڊ مان ڌوڏي اٿاريو، اکيون کولي جان کڻي ڏسان ته اهو ساڳيو پڻاڻ هو، جنهن جو هٿ ڪپيو هو. پهرين مون ڀانيو ته جيئرو جاڳندو انسان آهي ۽ مون کي البت ڪاوڙ لڳي ته هي آڌيءَ رات جو منهنجي گهر ۾ موڪل کان سواءِ گهڙي آيو آهي ۽ اچي ننڊ ڦٽائي اٿس، مون غصي مان پڇيومانس ته ڇو آيو آهين؟ تنهن تي پنهنجي ڪپيل ٺونٺ مون کي ڏيکاري اشارا ڪيائينم جنهن مان مون سمجهيو ته پنهنجو هٿ مون کان ٿو گهري. اوڏيءَ مهل اوچتو مون کي اها به يادگيري پئي ته مون کي چيو هئائين ته مرندس ته اهو هٿ اچي توهان کان وٺندس، ۽ مون سمجهيو ته پٺاڻ مري ويو آهي سو مون کان پنهنجو انجام ٿو ڇڪي، اگرچ مون ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته مرڻ کان پوءِ انسان جو روح فنا ٿي نٿو وڃي ۽ اگرچ اصل اسان جي ڌرم موجب به مون کي انهيءَ ڳالهه ۾ پڪو اعتقاد هو، ته به اڳ ڪڏهن اهڙو روح ڏٺو ڪونه هوم سو جڏهن اهو خيال پيم ته هي روح آهي ۽ نه جيئرو جاڳندو انسان ته منهنجو بدن ئي ٺري ويو ۽ ڊپ ۾ پگهر نڪرڻ لڳم. نيٺ ساهه مٺ ۾ ڪري هن کي سمجهائڻ لڳس ته سندس هٿ مون وٽ نه آهي. پر هو منهنجي ٻڌيئي ڪين. پوءِ مون کي اشارو ڪري عجائب خاني ۾ وٺي ويو ۽ پاڻ هلي ٻاٽليون چڪاسيائين، ۽ جڏهن سڀ ٻاٽليون چڪاسي رهيو تڏهن نااميديءَ سان هٿ مٿي کڻي ٿڌو شوڪارو ڀري گم ٿي ويو. انهي وقت کان وٺي هر ڪنهن رات جو هو اچيو منهنجي ننڊ ڦٽائي ۽ مون کي بي آرام ڪريو ڇڏي. آءٌ ته هاڻ اهڙو ڪڪ ٿي پيو آهيان ۽ انهيءَ جو اهڙو خيال ٿي پيو اٿم جو سمجهان ٿو ته جي هن جو ڪو علاج جلد نه ٿيو ته يا فڪر ڪري مري ويندس يا چريو ٿي پوندس.“

پوءِ اسان گهڻي تائين ويهي اهڙن حادثن جون ڳالهيون ڪيون ۽ نيٺ ناشتو ڪري حڪيم صاحب کان رخصت ورتم ۽ انجام ڪيومان ته ڏينهن ٻن ۾ ڪو علاج ڪندس. پوءِ گهر وڃي روحاني حالتن جا ڪتاب ڦولهيم، هڪڙي ڪتاب مان معلوم ٿيوته اهڙا مثال عام آهن جن ۾ يا ڪنهن فڪر يا ڳڻتي يا محبت يا ڪاوڙ ڪري انسان جو روح مرڻ کان پوءِ به دنيا کان واسطو نٿو ٽوڙي. اهڙين حالتن ۾ جيسين هن جي دل جو خيال يا هن جي مراد پوري نه ٿيندي تيسين هن کي آرام نه ايندو، ۽ جي هن جي مراد ڪا اهڙي هجي جا پوري ٿي نه سگهي ته هن کي يا سمجهائجي يا ڪوشش ڪري ڪو اهڙو رستو وٺجي جو هن جي دل کي تسلي ٿي وڃي، مطلب ته هن کي ڪونه ڪو عيوض ڏئي هن سان راضي نامو ڪجي.

مون ويهي خيال ڊوڙايو. حڪيم صاحب جي چوڻ موجب هن پٺاڻ جي دل تي اهو خيال هو ته قيامت جي ڏينهن سڄو سارو بدن کڻي خدا تعاليٰ جي سڏ تي حاضر ٿيڻو آهي. هاڻي هن پٺاڻ جو هٿ جو حڪيم صاحب اڇلي ڇڏيو هو سو ته سڪي سڙي رک ٿي ويو هوندو. تنهن ڪري هن جي اصل مراد پوري ڪرڻ ته ناشدنيءَ جهڙي ڳالهه هئي، ۽ اگرچ حڪيم صاحب پاڻ هن کي ڪيترو سمجهايو هو ته به هي پٺاڻ سمجهيو نٿي، جنهن ڪري هن ساڻ راضي نامو ڪرڻ ۽ هن جي دل خوش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نٿي ڏٺو، پر راضي نامو ڪجي سو ڪجي ڪيئن؟ حڪيم صاحب ٺهيو پر هن فڪر ۾ منهنجو ئي آرام ڦٽي پيو. رات ڏينهن انهيءَ ۾ ئي غلطان هوس. نيٺ ٽئي ڏينهن ڪورٽ ۾ ڪم سان ويس ته اتي هڪ نئون ڪيس رجوع ٿي آيو جنهن ۾ هڪ موٽر هلائڻ وارو جوابدار هو. پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيم ته انهي ڪم بخت موٽر هلائيندي ڪنهن غريب کي ڊاهي وڌو هو، جنهن ڪري هن جون ٻئي ٻانهون ۽ هڪڙي ٽنگ ڀڄي پيا هئا ۽ ڪپايا ويا هئا. اها ڳالهه ٻڌندي ئي آءٌ اسپتال ڏي ڀڳس ۽ چپيل ماڻهوءَ جي مائٽن کي ڳولي انهن سان بندوبست ڪيم ۽ هن جي ڪپيل هٿن مان هڪڙو هٿ خريد ڪيم. پوءِ ويس حڪيم صاحب ڏي. حڪيم صاحب سان اها ڳالهه نه ڪيم پر رڳو چيومان ته مون کي اميد آهي ته ڪجهه علاج ٿي پوندو. آخر سمهڻ مهل مون جيڪو هٿ آندو هو اهو به ٻاٽليءَ ۾ وجهي ٻين ٻاٽلين سان گڏ رکي ليٽي پيس.

وري اڳي وانگر اهو پٺاڻ آيو ۽ انهيءَ جو گشت ڪيائين. آءٌ به وڏي شوق مجهان ڏسڻ لڳس ته ڏسان ڇا ٿو ڪري. نيٺ جڏهن مون واري ٻاٽليءَ تي پهتو تڏهن مرڪيو ۽ خوش ڏٺو، ۽ خوشيءَ سان ٻاٽلي لاهي هٿ ڏٺائين. سگهو ئي وري چهرو ڦري ويس ۽ مون ڏي نهاري منهن ۾ گهنڊ وجهي ٻاٽلي زمين تي زور سان ڦٽي ڪيائين، جا پرزا پرزا ٿي پيئي ۽ پاڻ گم ٿي ويو. ٺڪاو تي حڪيم صاحب ڊوڙندو آيو ۽ ڪنبيو پئي ۽ ڏڪندو پڇيائينم، ”توهان کي ته ڪو نقصان نه رسيو؟“

مون خاطري ڏنيمان ته منهنجي وار کي به نقصان نه رسيو هو ۽ دم دلاسا ڏئي وري وڃي سکيو ڪيومان پوءِ موٽي اچي عجائب خاني ۾ ويٺس ۽ اچي خيال ۾ پيس. خيال ڪندي منهنجي اک وڃي انهي هٿ تي پئي جو اڃا زمين تي پيو هو. اٿي هٿ کنيم ۽ چڪاسيم. اوچتو خيال آيم ته هي سڄو هٿ آهي ۽ پٺاڻ جو کٻو هٿ ڪپيو ويو هو، اوڏيءَ مهل ئي اسپتال ۾ ڀڳس ته وڃي، کٻو هٿ به هٿ ڪريان. مون کي اهوئي ڊپ لڳو ته متان صبوح جو صفائي ڪرڻ سان اڇلي ڇڏين. رات جو ئي وڃي پٽيوالي کي اٿاريم ۽ پنج ٻه روپيا ڏيئي کٻو هٿ ورتومانس جو گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ميڙي رکيو هئائون.

گهر اچڻ ساڻ اهو هٿ دوا ۾ سانڍيم ۽ وري رات جو حڪيم صاحب وٽ حاضر ٿيس. مون گهڻائي مٿا هنيا پر حڪيم صاحب اصل مون کي عجائب خاني ۾ سمهڻ نه ڏنو. چيائين ته ”ڪلهه رات جو مون کي اهڙو ڊپ ٿيو آهي جو ڳالهه ئي نه پڇو ۽ وري جي اهڙو حادثو ٿيو ته ڊپ ۾ مري ويندس. منهنجو ته هاڻي آسرو ڪونه پر منهنجي ڪري آءٌ اوهان کي ڪنهن تڪليف ۾ وجهڻ نٿو گهران“.

نيٺ هڻي ڌڻي حڪيم صاحب کان ايتري موڪل ورتيم ته رات پنهنجي گهر ۾ رهي ٻئي ڪوٺيءَ ۾ سمهڻ ڏنيم. آخر هو انهيءَ تي راضي ٿيا ۽ پاسي واري ڪوٺيءَ ۾ سمهڻ جي موڪل ڏنائونم.

انهي رات سمهڻ کان اڳي وري کٻي هٿ واري ٻاٽلي ٻين ٻاٽلين جي قطار ۾ رکيم ۽ پوءِ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ سمهي پيس. آڌي رات کان ٿوروئي پوءِ حڪيم وشوناٿ مون کي ننڊ مان اٿاريو، هن کي ڏسڻ شرط مون سمجهيو ته منهنجي اٽڪل ڪارگر ٿي آهي، جو هڪڙي رات ۾ ئي حڪيم صاحب جي منهن تان ڳڻتي لهي وئي ۽ ڦڙت ۽ تڪڙا ڏسڻ ۾ پئي آيا. مون پڇيو مان ته ڇا ٿيو آهي؟ چيائون ته فلاڻا، ”آءٌ توهان جو بيحد شڪر گذار آهيان ۽ آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته ڪيئن توهان جو احسان لاهي سگهندس. هڪڙي رات ۾ ئي توهان منهنجو حياتي جو بوجو لاهي ڇڏيو آهي؟“

مون پڇيو، ”سوڪيئن؟“

چيائين، ”اڌ ڪلاڪ کن ٿيو ته هميشه وانگر اهوپٺاڻ آيو، ۽ اڄ ته خار مان اچي مون کي ننڊ مان اٿاريائين پوءِ پنهنجي ليکي عجائب خاني ۾ گهڙي ويو. اڄ هيڪاري خار ۾ ٿي ڏٺو ۽ مون کي ڊپ وٺي ويو ته الهجي ڇا ڪندو؟ سگهو ئي وري اندران موٽيو. اڳي ڪڏهن وري عجائب خاني مان مون ڏي ڪونه موٽيو آهي ۽ هن کي ڏسي منهنجو اڌ ساهه ته سڪي ويو ۽ مون خاطري سمجهي ته مون کي ماري ڇڏيندو. پر انهي جي بدران هو منهنجي کٽ وٽ اچي بيٺو ۽ مرڪي پنهنجي کٻي ٻانهن شال مان ڪڍي مون کي ڏيکاريائين ۽ مون ڏٺو ته کٻو هٿ به انهي ٻانهن تي لڳو پيو هو. پوءِ ٽي ڀيرا نئڙي مون کي سلام ڪري گم ٿي ويو. مون کي خاطري آهي ته هينئر هو راضي ٿي ويو آهي ۽ وري مون کي ڪين ستائيندو.“

ائين چئي وري وري حڪيم صاحب جن منهنجي شڪر گذاري ڪرڻ لڳا ۽ منهنجي ساراهه مان نٿي ڍاپيا.

پوءِ انهن جي چوڻ تي مون حاجي صاحب کي ٻڌايو ته مون ڪهڙي اٽڪلين هن کي سمجهايو ته مرڻ کان پوءِ انسان جو روح بدن ۾ وڃيو پوي. اهو پٺاڻ به اهو بدن وٺيو پئي آيو ۽ جڏهن هٿ ٻاٽليءَ ۾ ڏٺائين ته سمجهو هوندائين ته سندس آهي ۽ اگرچ اهو سچو پچو هٿ اڃا اتي ٻاٽلي ۾ ئي پيو هوندو ته انهي خيال ڪرڻ شرط هن جو هٿ ڪپيل ٺونٺ تي ڏسڻ ۾ آيو هوندس، تڏهن راضي ٿي ويو هوندو.

انهيءَ ڳالهه کي ٻه ورهيه ٿيا، ۽ حڪيم صاحب بروقت زور ڪري مون کي پنجاهه هزار روپيه ڏنا جنهن ڪري اوچتو ئي اوچتو آءٌ بکئي مان ڦري سکيو ٿي پيس. انهيءَ کان پوءِ حڪيم صاحب جو مون سان تمام گهرو رستو ٿي پيو۽ اگرچ هو برهمڻ هئا ۽ آءٌ مسلمان، ته به گهڻو وقت گڏ گذاريوسين ۽ ڀائرن وانگر رهندا هواسين. انهيءَ ٻن ورهين جي عرصي ۾ به اسان گڏجي انهيءَ خدائي ڳجهه جا گهڻائي پردا ڦاڙيا.

منهنجي صحبت جي ڪري حڪيم صاحب پڇاڙيءَ جي فڪر ۽ بيماري کان ڇٽي پيو (انهيءَ ڪري سندس عزيز خويش به منهنجي عزت ڪندا هئا) سو سنگت جو ناتو، عزازت کان وڌيڪ سمجهي دنيا کان لاڏاڻو ڪرڻ مهل پنهنجي سڄي ملڪيت جو وارث مون کي ڪري ويا.

خدا شل سندن روح کي آرام بخشي، کين بهشت نصيب ڪري....!

 

معشوق موهني

اونداهي رات هئي. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ڇانيا پيا هئا، طوفان به زور سان پي لڳو. واءَ جا سوساٽ پي پيا، بادل جو گوڙ پي ٿيو ۽ ذري ذري بجليءَ جا چمڪاٽ پي ٿيا. بجليءَ جي شعلن جي روشنيءَ ۾ ماڻهو ڏسي ٿي سگهيو ته سامهون هڪڙو وڏو اتاهون جبل آهي. هڪڙي پاسي کان هڪڙو جبل جو پيچرو هو جو ور وڪڙ ڏيندو چوٽيءَ تي ٿي چڙهيو. جيئن اڪثر جبل جا پيچرا ٿيندا آهن تيئن هي پيچرو به سوڙهو هو، هڪڙي يا ٻن ماڻهن جي هلڻ جي جاءِ هئي ۽ پاسن کان ڪٿ پير کوڙڻ جي به جاءِ ڪانه هئي. انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي هڪڙو گهر هو جنهن جي بتي، طوفان ۾ پي چلڪي ۽ رهبرن کي ڄڻ واٽ پي ڏيکاريائين، جيئن سمنڊ جي ڪنارن ۽ بندرن تي لائيٽ هائوس هوندا آهن. انهي جاءِ ۾ هڪڙو معشوق رهندو هو[1]. انهي جبل جي چوٽيءَ تي به هڪ اهڙو معشوق رهندو هو جو جهان جو معشوق هو. انهيءَ جا هزارين عاشق هئا، جي هميشه ملڻ جي سڌ پيا ڪندا هئا. ان جي آزار کان اهو معشوق جهان جا پٽ ۽ ميدان ڇڏي جبل جي چوٽيءَ تي وڃي ويٺو هو. ميدانن ۾ انهيءَ سان به شايد اهو حال هو جهڙو ڪنهن ٻئي معشوق جو جنهن جي نالي ڪو شاعر ٿو چوي:

خودي سي بيخودي مين آ جو شوقِ حق پرستي هي،

جسي تو نيستي سمجها ٿا اي غافل وه هستي هي.

يعني هت معشوق ٿو چوي ته هاڻ ته در کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ٻاهر نڪري به ڀلا قدم رکجي سو ڪٿي رکجي، جو جيڏانهن ڏس اوڏانهن ڪنهن نه ڪنهن جي دل پئي آهي.

پر جڏهن کان وٺي هن معشوق، جبل جي چوٽيءَ تي وڃي گهر ڪيو هو، تڏهن کان وٺي اگرچه مٿس عاشق اوترائي هئا ته به وٽس پهچڻ جي واٽ اهڙي اڙانگي هئي ۽ مٿي چڙهڻ لاءِ اهڙا ڪشالا  ڪڍڻا پوندا هئا، جو فقط سچا، صدق وارا عاشق وٽس وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.[2] اهڙي اونداهي، واءَ، طوفان ۽ گوڙ ۾ اهڙي خوفناڪ پيچري تان ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش اهوئي ڪندو جنهن کي ڪا ڇڪ هوندي جا هن کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پياري هوندي. انهن مان هڪڙو، محبوب علي جيئن سندس نالي مان پڌرو آهي، موهنيءَ کي پيارو هو. ۽ موهنيءَ جو هن تي گهڻو راض هو. پر ٻيو قربان علي هڪڙو ويچارو مون جهڙو غريب مسڪين هو، جنهن کي هئي نڪا اميد نڪو آسرو ۽ جي هوس نه هوس ته هڪڙي ڇڪ هيس، جنهن جي ڪري پيو انهي درگاه جا پنڌ ڪندو هو. پر اها معشوق موهني دنيا جي موهنين جهڙي بيرحم، بيدل، بي انصاف ۽ ظالم نه هئي. اهي جن تي سندس پيار نه هو تن کي به ڪڏهن ڏکوئيندي ڪين هئي ۽ جي ڪڏهن انهن کي نااميد ڪرڻو پوندو به هوس ته انهن کي سڌارڻ جي اميد سان اڪثر قربان عليءَ کي چوندي هئي ته تون گهڻو ئي چڱو آهين، پر تو ۾ هي عيب آهي يا هي نقص آهي يا هي گهٽتائي آهي، تون انهن کي سنڀالي وٺ پوءِ ڏٺو ويندو.

وري ٻي مزي جهڙي ڳالهه اها هئي ته محبوب علي ۽ قربان علي ٻئي پاڻ ۾ گهرا سنگتي هئا ۽ انهن کي ڪو هڪ ٻئي سان حسد ڪونه هو. اگرچه قربان عليءَ کي خبر هئي ته محبوب علي موهنيءَ کي پيارو آهي ته به هن کي برو ڪونه لڳندو هو، ۽ جي محبوب عليءَ کي خبر هئي ته قربان عليءَ جو موهني وٽ قدر ڪونه هو، ته انهي ۾ هن کي ڪا خوشي ڪانه ٿيندي هئي. بلڪه اڪثر قربان عليءَ کي پاڻ سان رکندو هو ته انهي کي به سڌاري موهنيءَ جي محبت جي لائق ڪري. پر، نيٺ، ٻئي انسان هئا ۽ امڪان آهي ته، انهن کي ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال دل ۾ ايندو هو ته جي هي ٻيو نه هجي ته شايد موهني مون کي وڌيڪ ڀانئي. پر اوڏيءَ مهل ته ٻئي ڄڻا پنهنجيءَ ۾ لڳا پيا هئا، ۽ ٻئي جو ڪنهن کي خيال ئي ڪونه هو. هو جڏهن اچي جبل جي چوٽيءَ کي رسيا ۽ معشوق جي جاءِ به اچي اکئين لاتئون ته، اوچتو هڪڙو ٺڪاءُ ٿيو. ڄڻ ته وڄ ڪٿي ڪري آهي ۽ کنوڻ جو هڪ وڏو چمڪاٽ ٿيو. انهيءَ روشني ۾ قربان عليءَ ڏٺو ته جبل جي پيچري تان هڪ وڏي ڇپ ترڪندي آئي، جا شايد واءَ کان يا کنوڻ ڪرڻ کان، جبل کان ٽٽي ڌار ٿي آهي. خيال ڪرڻ جو ته وقت ئي ڪونه هو. اها ته پڪ هيس ته انهيءَ سوڙهي پيچري تي ٻنهي کي بچڻ جي اميد ڪانه هئي. هڪڙي يا ٻئي کي ضرور چپجي مرڻو هو. هڪڙي لحظي لاءِ قربان عليءَ جي ايمان لوڏو کاڌو، دل ۾ اهو خيال برابر آيس ته پاسي ٿي پاڻ بچائي وڃان ۽ محبوب علي چپجي وڃي ته شايد موهنيءَ جو مون تي وڌيڪ راض ٿئي. پر ٻئي لحظي ۾ ڊوڙي، محبوب علي، جو کانئس ٻه ٽي قدم اڳتي هو انهي کي ڌڪو ڏئي پاسي ڪيائين. ايتري ۾ ڇپ به اچي مٿان پئي ۽ قربان عليءَ تان چڙهي وئي. قربان علي ته اوڏي مهل ڪري پيو ۽ هن جي وات ۽ نڪ مان رت وهڻ لڳو ۽ صاف صاف ظاهر هو ته، هن جي بچڻ جي اميد ڪانه هئي. اهو سڄو حادثو اهڙو اوچتو ٿيو هو جو محبوب عليءَ کي خبر تڏهن پيئي جڏهن ڇپ قربان عليءَ کي ڪيرائي وڃي هيٺ نڪتي. پوءِ قربان عليءَ جو حال ڏسي يڪدم صحيح ڪيائين ته هن پنهنجي جان ڏئي مون کي بچايو آهي. امالڪ پٽ تي ويهي هن جي خاطري ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس ته، قربان علي، هي تو ڇا ڪيو؟ مون کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سر تي اهڙو صدمو ڇو کنيئ. آءٌ انهيءَ جو لائق ڪٿي هوس؟ قربان علي ته پونين پساهن ۾ هو ۽ هن کان ڳالهائڻ مس ٿي نڪتو، پر آهستي آهستي چيائينس ته يار، ايمان جي ڳالهه اها آهي ته، تنهنجو ته مون کي خيال ئي ڪونه هو. مون اهوئي خيال ڪيو ته جي پاڻ مان ڪنهن کي مرڻو آهي ته موهني اهو پسند ڪندي ته آءُ مران ۽ تون بچين. مون هن جي خوشيءَ جي صدقي سر ڏنو آهي نه تنهنجي لاءِ، هاڻ پرتئو الله کي. مون موهنيءَ تان هٿ کنيو ۽ توکي سونپيم. منهنجا هن کي نياز ڏجانءِ. ائين چئي اکيون کڻي پوريائين.

ٻي واٽ ڪانه هئي پر محبوب علي پنهنجي سنگتيءَ کي ڪلهي تي رکي مٿي هليو ۽ نيٺ اچي پنهنجو بوجو موهنيءَ جي قدمن اڳيان رکيائين، ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس ته هي حادثو ڪيئن ٿيو، ۽ پڇاڙي ۾ قربان عليءَ ڇا چيو هو. موهني اها ڳالهه ٻڌي، اکين ۾ پاڻي آڻي قربان عليءَ جي سيرانديءَ کان وڃي ويٺي ۽ ڏاڍي پيار ۽ محبت سان هن جو مٿو پنهنجي گوڏي تي رکي هن جي وارن ۾ هٿ گهمائي چوڻ لڳي: قربان علي، مون نٿي سمجهيو ته تو ۾ ايترو صدق هو. پر تون ڪو ايترو ارمان نه ڪر. تو ته مون تان آسرو پلي پنهنجو سر ڏنو. ائين چئي هن جي پيشاني چمي، هن کي ڇاتيءَ سان کڻي لڳايائين. قربان عليءَ جو روح، جو دنيا جي زندگيءَ ۾ موهنيءَ جي در تائين به ڏڪي ويندو هو، سو ايترو قرب ڏسي خوش ٿيو ۽ عمر لاءِ اهو سبق سکيو ته سچو عاشق ڪير آهي ۽ سچي محبت ڇا کي چئجي.

خير! هيءَ ته آهي هڪڙي آکاڻي پر هاڻ انهي آکاڻيءَ جي نصيحت ۽ سمجهاڻي ٻڌو.

ڪرشناجيءَ جي پهرئين ڪتاب At the fact of his master  ۾ لکيل آهي ته In all the world, there are only two kinds of the people: those who know and those who do not know. يعني ته هن دنيا ۾ فقط ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا اهي جن جي دل روشن آهي، ٻيا اهي جي اڃا اونده ۾ آهن، خبردار اهي آهن جن سچ ۽ ڪوڙ پرکڻ جي تميز حاصل ڪئي آهي ۽ جي سچ جي راه تي قائم آهن، بيخبر اهي جن کي سچ ۽ ڪوڙ جي تميز ڪانهي ۽ جي اڃا بيخبري ۽ اڻڄاڻائي جي اوندهه ۾ هٿوراڙيون پيا ڏين.

هاڻ پنهنجي آکاڻي ۾ جيڪا اونداهي رات هئي سا اڻڄاڻائي، ڪوڙ ۽ مايا جي اونداهه هئي، طوفان، واچ ۽ گوڙ، سي دنيا جو گوڙ گهمسان ۽ فڪر آهن جن ۾ اسين سڀ گرفتار آهيون. بجليءَ جا شعلا اهي خدائي روشنيءَ جا چلڪاٽ آهن، جي ڪن لحظن لاءِ ڪڏهن ڪنهن گهنگار جي دل کي به روشن ڪيو وجهن، ۽ جنهن جي وسيلي هو سچ جي واٽ ڏسيو ٿو سگهي. ڪهڙو به گنهگار هوندو ته به دنيا جي خواهش جو جبل آهي ۽ انهيءَ جو پيچرو، اها عشق ۽ سچ جي اڙانگي واٽ آهي جا صوفين ۽ شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ مشهور ڪري ڇڏي آهي. انهي جبل جي چوٽيِءَ تي اهي ڪامل انسان رهن ٿا جن کي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ اسين Master يا مرشد يا گرو سڏيون، اهي ئي اسان جا سچا معشوق آهن. انهن سان ئي دل عشق ۾ اڙيل آهي، جنهن جي ڇڪ، اسان کي واچن ۽ طوفانن ۽ گوڙ ۾ به انهي پيچري تي اچي چاڙهيو آهي. اهي ئي معشوق آهن جي قدردان ۽ منصف مزاج آهن جي ڪڏهن ڪنهن کي ڏکوئين ڪين. انهن مرشدن جو چوڻ آهي ته اسان کي پهچڻ گهرو ته Come out of your world into ours يعني پنهنجي دنيا ڇڏي اسان جي دنيا ۾ اچو. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته پاڻ کي جان کان ماري ڇڏيو يا خودڪشي ڪريو، پر انهيءَ جو مطلب اهو بيشڪ آهي ته پنهنجي نفس، پنهنجي حرص کي ماريو. مايا تان آسرو پليو ته اسان جي دنيا کي پهچندئو. روحاني طريقي جو اهو هڪ وڏو فائدو آهي ته جيسين ڪنهن شيءِ ۾ ڪا ذري به خود غرضي هوندي ته اها شيِءِ هٿ نه ايندي، ۽ ڪنهن درجي حاصل ڪرڻ لاءِ انهي درجي تان آسرو پلڻ ضروري آهي. ڪيميا به ڏسو رڳو انهن کي ئي هٿ ٿي اچي جن کي پئسي، دولت ۽ دنيا جي ڪا پرواه ڪانهي. روحاني ڪيميا جو به اهڙو ئي قاعدو آهي. تنهن ڪري پنهنجي آکاڻيءَ ۾ قربان عليءَ جو موت انسان جي خود غرضي، خواهش ۽ حرص جي فنا ٿيڻ جو هڪ مثال هو، ۽ انهي مان اهو ظاهر هئڻ گهرجي ته جيڪو قربانيون ڪري پنهنجي نفس ۽ خواهش کي ماريندو، اهو ئي معشوقن جي ڇاتيءَ سان لڳڻ جو لائق ٿيندو. سچي محبت، سچو عشق، سچي حياتي اهائي آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

خودي سي بيخودي ۾ آ جو شوقِ حق پرستي هي،

جسي تون نيستي سمجها تها اي غافل وه هستي هي.

يعني: جي توکي سچي جي واٽ تي چڙهڻو آهي ته خودي ڇڏي بيخودي اختيار ڪر، ڇو جو اي غافل، اها بيخودي جنهن کي تون اڻ هوند يا موت ٿو سمجهين، اهائي سچي هوند يا حياتي آهي.

***

نوٽ: ڪن دوستن هيءَ آکاڻي پڙهي اهو اعتراض ورتو ته معشوق، موهني هندو آهي ته عاشق محبوب علي ۽ قربان علي ڇو هجڻ گهربا هئا. انهن دوستن کي منهنجو هي عرض آهي، ته جي اهو اعتراض آهي ته ظاهر آهي ته انهن عشق، عاشق ۽ معشوق جي معنيٰ اصل سمجهي ڪانهي. تنهن کان سواءِ اهي جي اسين Master ٿا سڏيون انهن مان به ڪي هندو آهن، ته ائين چئبو ڇا ته، انهن سان ڪو مسلمان محبت نٿو ڪري سگهي يا انهن کي پنهنجو مرشد نٿو مڃي سگهي.

 

موهنيءَ جو گهر

]نوٽ: هيءَ آکاڻي به ”سنڌو“ رسالي ۾ ”گهر جي ڇڪ“ نالي هيٺ ڇاپيل آهي، پر مون کي افسوس آهي ته منهنجي موڪل کان سواءِ، انهي آکاڻيءَ ۾ رسالي جي ايڊيٽر ”موهنيءَ“ کي بدلائي ”ميريءَ“ جو نالو ڏنو ۽ هندوءَ مان ڦيرائي هندوستاني ڪرستان ڪري ڇڏيائينس شايد هن کي اها ڳالهه نه وڻي ته آکاڻيءَ ۾ ڪوبه مسلمان ڪنهن هندو زال سان شادي ڪري. پر اهو خيال ئي ڪونه پيس ته ڪو هندوستاني ڪرستان به انهيءَ ڳالهه تي اعتراض وٺي سگهن ٿا. انهيءَ کان اڳي ”پاڪ محبت“ واري آکاڻيءَ ۾ مسلمان، پارسياڻيءَ سان شادي ٿو ڪري، اها آکاڻي ڇاپڻ ۾ ڦير گهير ڪان ڪيائين، تنهن مان ڀانيان ٿيو ته شايد پاڻ هندو آهي سو اهڙي ڳالهه ڇاپيندي هڏ ٿي ڏکيس، ۽ پارسي يا هندوستاني ڪرستان کي دل ۾ ٿئي، تنهن جو خيال به ڪونه ڪيائين. ويهين صديءَ جي ڪنهن مشهور رسالي جي ايڊيٽر ۾ به اهڙي تنگ خيالي هجي، اها مون کي ارمان جهڙي ڳالهه ٿي لڳي. اصل آکاڻي هيءَ آهي.[

(نادر بيگ)

***

”آءٌ ٽي بجي اوهان جو رستو پئي ڏسنديس.“

”مهرباني! آءٌ ضرور ٽي بجي تائين ات پڄي ويندس.“

انهيءَ کان پوءِ مون ٽيليفون جو رسيور ٽنگي ڇڏيو. مون کي بهرام جي انهيءَ گفتگو تي تمام گهڻو عجب لڳو. هڪ سال ٿيو جو مون بهرام سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. هاڻ اهو سڄو واقعو وري منهنجي اکين اڳيان ڦري ويو. اسان جو ورهين کان پاڻ ۾ تمام گهرو رشتو هو ۽ اسان جي هڪٻئي سان محبت به هئي. پر هو مسلمان ۽ آءٌ هندو... شادي ڪيئن ٿئي! مون کي هن جا پويان لفظ ياد هئا. جڏهن ويو ٿي تڏهن مون کي چيو هيائين، ”جي تون مون سان شادي ڪرين ته، شايد معمولي طرح توسان ملڻ مون کي مشڪل ٿيندو.“

ائين چئي هو هليو ويو. مون هن جي وڃڻ جي پرواهه ڪانه ڪئي. مون ائين نه سمجهيو ته حقيقت ۾ هو مون سان ڳالهائيندو ئي ڪين. مگر ٻارهن مهينا گذري ويا اڄ تائين مون سان اکر به ڪونه ڳالهايو هيائين. اڄ ٽيليفون تي هن جو آواز ٻڌي منهنجو ساهه گهٽجي ويو.

”موهني، تون ڪيئن آهين؟“... هي اهڙي نموني سان پڇيائين ڄڻ اڃا ڪلهه مون کي مليو هجي. پوءِ ذرو بيپرواهيءَ جي آواز سان چوڻ لڳو، ”هن اونهاري ۾ آءٌ جبلن تي نڪري ويو هوس ۽ اتي اتفاق سان هڪڙي پارسياڻي، خورشيد نالي، سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. هاڻ منهنجي هن سان مائٽي ٿيڻي آهي، جو هن کي ڪو مذهبي خيال ڪونهي.“

مون هن کي واڌايون ڏنيون پر هن ڄڻ ٻڌو ئي ڪين. پنهنجي جوش ۾ چوندو ويو ته، سگهوئي اسان جي شادي ٿيڻي آهي. موهني، تون مون کي مدد ڪنديئن؟ آءُ ڏاڍو لاچار آهيان ۽ مون کي تنهنجي مدد جي سخت ضرورت آهي.

هاڻ ته هن جو آواز ڏاڍو دردناڪ ٿي ويو. منهنجي زبان مان بي اختيار اهي لفظ نڪري ويا، ”تون پاڻ هليو اچ ته چڱو.“

بهرام جي عادت کان آءٌ چڱي طرح واقف هيس. هو ڪنهن به ڪم ۾ دير ڪين ڪندو هو، اوڏيءَ مهل به اهو جواب ڏنائيم ته، اڄ ٽي بجي ايندس.

مون هن سان ملڻ جي تياري شروع ڪئي. دل ۾ خيال ڪرڻ لڳيس ته ٻارهن مهينن ۾ بهرام الاجي ڪجهه بدليو هوندو ڪي نه، اڃا ساڳيا سادا ڪپڙا ۽ ساڳيون ساديون شيون رکيو اچي ڪي نه، اڃا به هن جو اهوئي خيال آهي ڇا، ته زال کي محبت کان سواءِ ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه هئڻ کپي، ته محبت ڌرم کان مٿي آهي؟ هو هميشه ائين چوندو هو ته، مڙس جي سچي محبت کان وڌيڪ زال کي ٻي ڪهڙي شيءِ پياري هئڻ گهرجي، پنهنجي مڙس جي محبت ۽ هن کي خوش رکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪم آهي جنهن ۾ ڪا زال مشغول رهي سگهي. چوندو هو ته، آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته عورتون به مڙسن وانگر ڇو دنيا جي فڪرن ۾ گرفتار ٿينديون وڃن، جڏهن انهن کي پيدا ئي انهيءَ لاءِ ڪيو آهي ته گهرجي چئن ديوارن اندر حڪمراني ڪري مڙسن جي زندگيءَ کي بهار بهار ڪن. پر منهنجا خيال ٻيا هوندا هئا. منهنجو چوڻ هو ته زالن کي به ملڪي ڪمن ۾ مدد ڏيڻ گهرجي ۽ انهن کي به پنهنجي همت ڪرڻ گهرجي. هاڻ هو ڪنهن خورشيد نالي، پارسياڻيءَ سان شادي ڪرڻ وارو هو. شايد انهي خورشيد جو سڀاءُ هن جي سڀاءُ جي بلڪل ابتڙ هو. پنهنجي دل ۾ انهي خورشيد جي تصوير ڪڍڻ لاءِ جيترو وڌيڪ خورشيد جو خيال ڪيم، اوتروئي وڌيڪ بهرام کي ملڻ جو شوق وڌي ويم. وقت ئي نٿي گذريو. دل ۾ چوڻ لڳيس ته، اڄ ٽي وڄن ئي ڪين ڇا؟

”موهني، تون اڃا ملڪي ڪمن ۾ مشغول آهين؟“ ڪلاڪ کن کان پوءِ هو مون وٽ اچي پهتو هو ۽ هن جي نرم ڀورين اکين مرڪيو پي مون ڏي ڏٺو ڄڻ ته خاطري ڪرڻ ٿي گهريائين ته آءُ سچ پچ هن کي وساري ته ڪين ويٺي آهيان.

منهنجي دل منجهڻ لڳي. مون ڏاڍي زبردستيءَ سان پنهنجي دل کي مضبوط ڪري ۽ ظاهري بيپرواهه ٿي هن کي جواب ڏنو، ”بيشڪ هينئر ته اڳي کان به وڌيڪ.“

هن چيو، ماشاءَ الله! پر البت تيزيءَ سان، ”پر ايترو ڪم ته ڪونه اٿيئي جو زري به فرصت نه هجي؟ منهنجي لاءِ ٿورو وقت بچي نه سگهندو؟“

”بهرام، تولاءِ سڀ ڪي ڪري ٿي سگهان.“

”چڱو ڏس،“ هن چيو، ”منهنجو اصل اهو خيال هو ته پهرين پنهنجي ڪنوار کي گهر ۾ وٺي اچان پوءِ اتهين ڪيڏانهن مسافريءَ تي نڪري وڃون، پر اتفاق سان هن جي ماءُ بيمار ٿي پئي آهي، خورشيد پاڻ پنهنجو نئون گهر سينگارڻ اچي نٿي سگهي. مون کي لاچار شادي مهمل ڪرڻي ٿي پوي.“ پوءِ ٿورو مرڪي چيائين، ”مون کي اها ڳالهه بلڪل پسند نٿي اچي ته، هڪڙي گهر جي ڪري منهنجي شادي روڪجي پئي. هاڻ ته تون سمجهي وئي هوندينءَ؟“

”تنهنجو مطلب آهي ته هاڻ ئي توکي سينگارڻو پوندو؟“

بهرام پنهنجي ڪرسي تان اٿي مون وٽ وڌي آيو ۽ منهنجي اڳيان بيهي چوڻ لڳو، ”ها، موهني، ائين. پر تون مون کي مدد ڪين ڪنديئن؟“

”آءٌ؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي.“

”سو ڇو؟ ناممڪن ڇو آهي ته؟“

”آءٌ انهيءَ جو ڪجهه جواب ڏيڻ نٿي چاهيان.“

”ڏس، موهني، اجايون ڳالهيون نه ڪر. مون کي ڪاوڙ ٿي اچي.“

”بهرام، ڀلا چئو، مون کان ڪهڙي مدد کپئي؟“

”آءٌ ته سڄو ڪم توتي مڙهڻ ٿو گهران. آءٌ ائين نه ٿو چوان ته تون پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪر. پر تنهنجي مدد ضرور کپي. منهنجي مرضي آهي ته انهيءَ خالي، مردي گهر کي تون آباد ڪر؟ انهي ۾ ڪاجان وجهه. موهني چئه، ڪين هلنديئن؟“

مون کي هن جي اها خواهش نه رڳو نٿي وڻي پر ڪاوڙ پي آيم. ورهيه کن سو مس گذريو هو ته، هن مون سان شادي ڪرڻ جي سڌ ڪئي هئي. چوندو هو هت سڄي دنيا جي زالن مان مون کي تون پياري آهين. پر هاڻ هن ڪنهن ٻيءَ جي محبت ۾ گرفتار ٿي، ”نئي آئي، پراڻي دور“ جي ثابتي پي ڏني. ان کان وڌيڪ بي حيائي ڪهڙي جو، اهڙي خواهش مون وٽ کڻي اچي. مون کي اهڙي ڪهڙي سڪ پئي هئي جو ڪنهن ٻيءَ زال لاءِ پئي گهر سينگاريان. پر ساڳين نماڻين اکين مون کي لاچار پي ڪيو ۽ مجبور ٿي مون کي ائين چوڻو پيو ته، چڱو، مون کان جيڪي به وقت پڄي سگهيو سو تنهنجي ڪم پٺيان لائينديس. وقت جوبه مون کي ايترو خيال ڪونهي، پر اهو خيال اٿم ته هن ڇوڪريءَ کي مون ڪڏهن ڏٺو ڪونهي، نه هن جي طبيعت کان واقف آهيان. ڀڳوان ڄاڻي هن کي ڪهڙي قسم جون شيون وڻنديون.“

”انهي جي ڳڻتي نه ڪر. بهتر ته ائين آهي ته پهرين جاءِ ڏسي وٺ هيءَ منهنجي جهوني، اباڻي جاءِ آهي. موٽر تيار آهي. هل، هينئر ئي مون سان هل.“

”نه، آءٌ هينئر هلي نٿي سگهان. مون کي هينئر ڪو ضروري ڪم آهي.“ انڪار کي هن ليکيو ئي ڪين، ۽ پنهنجون ڳالهيون ڪندو رهيو، ”انهي گهر سينگارڻ ۾ توکي ڪاگهڻي تڪليف ڪانه ٿيندي. جاءِ جهوني آهي ۽ سامان به انهي لحاظ سان خريد ڪرڻو پوندو، پراڻي نموني جون شيون کپن جي جاءِ سان ٺهي اچن. انهيءَ ڪم لاءِ توکان بهتر ٻيو ڪير هوندو.“ اوڏي مهل هن جو اکيون اهڙيون بيپرواهه پي لڳيون ڄڻ ته، ڪنهن اجبني انسان سان پيو ڳالهائي.

”بهرام مون کي ڳالهه البت ڳري پئي لڳي. ممڪن آهي ته هوءَ پسند...“

”نه، نه. تون انهيءَ جو خيال بلڪل لاهي ڇڏ، جلدي تيار ٿي وٺ ته آءٌ توکي هلي جاءِ ڏيکاريان.“ نيٺ وڃڻو ته هوم. جهڙو اڳي تهڙو پوءِ، ”چڱو“ چئي ڪپڙا مٽائڻ ويس.

ٿورن ئي منٽن کان پوءِ هن مون کي پنهنجي ننڍڙي موٽر ۾ چاڙهڻ جي مدد پي ڪئي. اها اُها ساڳي سال واري  موٽر هئي، جنهن کي ڏسي يڪدم اسان جون گذريل صحبتون ياد آيون. انهي ئي موٽر ۾ اڪثر آءٌ بهرام سان گهمڻ ويندي هيس، ڪهڙو نه چڱو وقت هو! پر هي وقت گذريل ڳالهين کي ياد ڪرڻ جونه هو، جو آءٌ بهرام جو اباڻو گهر ڏسڻ پي ويس ۽ انهيءَ مهل هن جي ايندڙ خوشيءَ جي زماني جو خيال ڪرڻو هو. اها ڪا ڏکي ڳالهه ڪانه هئي. بهرام جون ڳالهيون هميشه اهڙيون دلچسپ ۽ پياريون هونديون آهن جو ماڻهو پاڻ وساري ڇڏي. هينئر به آءٌ هن جي ڳالهين ۾ ايتري قدر محو ٿي ويس جو مون کي دنيا جي خبر ئي ڪانه رهي. نه وقت جي خبر پئي، نه سمجهي سگهيس ته شهر کان گهڻو پنڌ ڪري آيا آهيون. جڏهن بهرام شاهي رستو ڇڏي هڪڙي ننڍڙي گهٽيءَ ۾ گهڙڻ لڳو، تڏهن مون ڇرڪ ڀريو. بهرام ٿورو پرڀرو هڪڙي جاءِ ڏي اشارو ڪيو ته، ”اها آهي“.

اسين اچي ويجها پياسين، ۽ پري کان انهيءَ گهر جي جهونائي دل کي ڏاڍي گنڀير ۽ وڻندڙ پي لڳي، ۽ مون کي اها جاءِ اهڙي وڻي جو بي اختيار چئي ڏنم، واه، ڪهڙي مزيدار جاءِ آهي.“

بهرام چيو، ”برابر، ڪهڙي سهڻي جاءِ آهي. انهيءِ جو باغ ۽ اڱڻ ڏس، پر نه... پهرين اندر گهمي ڏس. هن جهوني جاءِ کي مرمت ڪرائي اڄ ڪلهه جي نموني تي آڻڻ ۾ ڪيتري قدر آءٌ ڪامياب ٿيو آهيان اهو فيصلو توتي آهي.“

بهرام چيو سچ ٿي. ٻاهران اها عمارت تمام جهوني نموني جي ٿي لڳي، پر هن پنهنجي عقل کان چڱو ڪم ورتو هو، ۽ انهن جهونين ديوارن تي اندر هڪڙي آرام جهڙي جاءِ ٺاهي وڌي هيائين. ۽ فخر سان ٻڌايائينم ته سڄي گهر ۾ پاڻ پنهنجي عقل سان ڦير گهير ڪرائي اٿس. جدا جدا ڪوٺين ۾ وڃي ڏٺم ته هن آرام ۽ آسائش جو پورو خيال ڪيو هو، پر تنهن هوندي به جاءِ جي قديم عظمت اڃا سالم هئي: ساڳي شان ۽ شوڪت ۽ اهائي گنڀيرائي جا جهونين جاين ۾ ٿيندي آهي. چيائين ته، ”موهني، هن گهر جي ڦير گهير ڪرائڻ ۾ مون کي ايتري خوشي ٿي آهي جو نئين گهر ٺهرائڻ ۾ ڪين ٿئيم ها. جڏهن آءٌ هت ايندو آهيان تڏهن مون کي هي گهر هڪڙي پراڻي دور جو گهر پيو لڳندو آهي. جڏهن آءٌ ننڍڙو هوس تن ڏينهن هنن ڪوٺين ۾ رانديون ڪندو هوس، ۽ سڄي رات يا تارا ڏسندو هئس يا مينهن جي ڦڙ ڦڙ جو آواز پيو ٻڌندو هوس. هاڻ اهو ويران گهر وري آباد ٿيندو! مون کي ڪيتري نه خوشي پيئي ٿئي... پوءِ بهرام مون کي مٿي وٺي هليو.

جڏهن اسين مٿين صفحي جي سامهين ڪوٺيءَ ۾ گهڙياسين ته مون کي مٿي چيائين ته هيءَ خورشيد جي ڪوٺي آهي. هاڻ هن ڪوٺيءَ تي تون پنهنجو سڄو هنر هلائي سينگارجانءِ. ۽ اجهو پاسي ۾ ٻي ڪوٺي آهي ۽ انهيءَ جا سامهون هي منهنجي ڪوٺي.

مون سڄي گهر جو نقشو پنهنجي دل ۾ اتاريو ته جڏهن سينگارڻ جو خيال ڪيم تڏهن ياد پيم ۽ پڇيومانس، ”خورشيد کي رنگ ڪهڙا وڻندا آهن؟“ جو هينئر ئي انهيءَ ڪوٺي کي سينگارڻ لاءِ نيون نيون ترتيبون منهنجي مغز ۾ پي آيون، مٿو کنهي مون کي جواب ڏنائين، مون کي پڪ ڪانهي، پر مون کي چيو برابر هئائين ته آءٌ پنهنجي پسنديءَ موجب ڪم ڪريان. پر مون کي سڀ رنگ هڪ جهڙا پيا لڳن. تون کڻي پنهنجي مرضيءَ موجب رنگن جي رٿ ڪر.

آءٌ هن کي ٻڌائڻ لڳس ته هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ ڪهڙي ڪهڙي سامان وجهڻ جو خيال هوم، ۽ سينگار لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون درڪار ٿينديون.

چيائين، ”موهني، توکي ته منهنجو حال ساريو پيو آهي. خبر اٿئي ته ڪيترو خرچ ڪري سگهان ٿو. انهي حد اندر جيڏانهن وڻئي اوڏانهن وڃ. جتان وڻئي ۽ جيڪا شيءِ وڻئي اها بيشڪ خريد ڪر. جي ضرور سمجهين ته ڪنهن ٻئي کي به مدد ۾ کڻي پاڻ سان شامل ڪر.“

”گهڻن ڏينهن اندر جاءِ تيار کپي؟“

ڏاڍي شوق سان چيائين ته، موهني، تون جلدي ڪري ڪين سگهنديئين، ڪنهن ننڍڙي ٻار جهڙو پريشان پي لڳو. هن جي مرضي هئي ته آءٌ يڪدم اهو ڪم هٿ ۾ کڻان، ۽ جيترو جلد ٿي سگهي اوترو ڪري ڇڏيان، منهنجو خيال آهي ته آءٌ ٻي مهيني کان وڌيڪ انتظار ڪري ڪين سگهندس.

”اهو ڪو گهڻو وقت ڪونهي، اڪثر ايڏي گهر کي سامان سان ڀرڻ ۽ انهيءَ کي سينگارڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي، پر آءٌ ڪوشش ڪنديس.“

”ڪهڙو نه عجيب ۽ سهڻو گهر ٿي پوندو.“

بهرام گهر جو خيال ڪندي جوش ۾ اچي ويو، ۽ اوچتو ئي اوچتو، منهنجا ٻئي هٿ جهلي پنهنجي هٿن ۾ ڪيائين. پوءِ اوچتو ڦڪو ٿي هٿ ڇڏي ڏنائين ۽ پڇيائين ته جيسين منهنجو ڪم تيار ٿئي تون پنهنجي قومي ڪم جو ڪهڙو بندوبست ڪنديئن؟

سچ ڪري پڇو ته مون کي اهو گهر ايترو وڻيو ۽ انهيءَ جي سينگارڻ جو ايترو شوق ٿي پيم، جو پنهنجي ڪم جو خيال دل تان لهي ويم. مون مرڪي جواب ڏنو ته، شاديءَ جو شوق ۽ معشوق جي محبت جي خوشِ به وچڙندڙ مرض آهي. جي يڪدم ٻين کي به بيمار ۽ بيحال ڪيو ڇڏين، ۽ انهي مرض جو بيمار دنيا جي عام رواجي ڪمن کان بيپرواهه ٿو رهي. هن جو مرض به مون کي وچڙي ويو آهي ۽... بهرام... دنيا ۾ هڪڙو تون ئي شخص آهين ۽ آءٌ پنهنجو ڪم وساري سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

”موهني، تون هميشه مهربان ۽ رفيق هئيئن.“

اوڏي مهل اسين موٽڻ تي هئاسين ۽ مون کلي جواب ڏنو، ”۽ تون هڪڙو ساٿي.“

سڄي واٽ اسان گهر جي سامان ۽ سينگار جون ڳالهيون پي ڪيون، ۽ مون کي به ڪم شروع ڪرڻ جو اهڙو شوق ٿي پيو جهڙو هن کي هو. بهرام جي وڃڻ کانپوءِ آءٌ اڪيلي رهجي ويس ۽ اهو خيال ڪرڻ لڳيس. بهرام جو جوش مون کي به وچڙي ويو هو، ۽ مون کي حال في الحال گهر سينگار کان سواءِ ٻيو ڪو خيال دل ۾ نٿي آيو.

هاڻ سگهو ئي مون گهر جو ڪم هٿ ۾ کنيو. انهيءَ ۾ ته شڪ ئي ڪونهي ته اهو گهر پسنديءَ جهڙو هو. اڪثر ڪري جهونين جاين ۾ هڪڙي عجيب نموني جي ڪشش هوندي آهي، جنهن کان انسان کي هڪڙي قسم جي همدردي ٿيندي آهي. شايد انهيءَ ڪري پراڻي گهر ۾ هڪڙو ماضي ۽ گذريل زمانو به موجود هوندو آهي. ڪو زمانو جڏهن اهو گهر به آباد هو، پر هاڻ انهيءَ جا رهاڪو دنيا کان موڪلائي ويا هئا. ڪو گهر ورهين کان پيو هجي ۽ اهڙو وڻندڙ هجي جهڙو هي گهر هو، ته انهيءَ کي آباد ڪرڻ جو خيال دل ۾ اچڻ شرط يڪدم زور وٺيو وڃي. بهرام جي گهر مان به اهائي صدا پي آئي، انهي پنهنجي گونگي زبان سان اهائي التجا پي ڪئي، ۽ مون کي انهي التجا پوري ڪرڻ جو بيحد شوق ٿي بيٺو. گهڻي خيال سان مون هڪڙي هڪڙي ڪوٺيءَ جي رنگن جي ترتيب رٿي، ۽ هڪڙي هڪڙي ڪوٺيءَ جي سامان ۽ سينگار جو نقشو دل ۾ ٺاهيم ۽ پوءِ شروع ڪيم. قسمت سان مرضيءَ موجب سامان هٿ ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي تڪليف ڪان ٿيم، ۽ گهڻن ئي دوڪانن ۽ پراڻن ڪٽنبن منجهان جهوني زماني جو سامان ڳولي هٿ ڪندي ويس.

انهي ڪم ڪار ۾ اڪثر منهنجي دل چوندي هئي ته بهرام مون سان شامل هجي ته چڱو. پر آءٌ انهي ڪم ۾ ايتري محو ٿي ويس، جو بهرام ته بهرام پر پنهنجي قومي جماعت جو ڪم جنهن جي آءٌ آنرري سيڪريٽري هيس، اهو به دل تان لهيو ٿي ويم. ڪڏهن اوچتي يادگيري پوندي هئي ته جاءِ تي وڃي ٻه ٽي ضروري ڪاغذ نيڪال ڪري ڇڏيندي هيس، پر انهيءَ ۾ به دل ڪانه ڄمندي هئي، فقط انهي گهر جو ئي ڪم سو شوق سان ڪندي هيس.

ڪڏهن ڪڏهن انهي گهر جي صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ بهرام مون وٽ چانهن تي ايندو هو. جي ڪڏهن کڻي منهنجي ترتيب ٻڌي خوشي ظاهر ڪري ها، يا منهنجيون خريد ڪيل شيون ڏسي انهن جي تعريف ڪري ها ته، آءٌ خوش ٿيان ها، پر هن ڪڏهن، ڪنهن ڳالهه ۾ به دخل نه ٿي ڏنو. بلڪ جيڪي شيون خريد ڪيون هيم، اهي ڏٺائين به نه ٿي. هن منڍ کان اهو ارادو ڪيو هو ته جيسين گهر سينگارجي تيار نه ٿيندو تيسين هو هڪڙي شيءِ به نه ڏسندو، ۽ ڏاڍي ضد سان هن اهو پنهنجو اردو پڇاڙيءَ تائين قائم رکيو. سندس گهر جي رونق هاڻ ڪا ٻي ٿي پئي هئي، ۽ منهنجي دل گهڻو چيو ته هن کي وٺي وڃي ڏيکاريان. مون گهڻائي وس ڪيا. منهنجي انهي انتظار کي ڏسي هو هڪڙي عجيب نموني سان ڪنڌ ڌوڻيندو هو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري مرڪي ڏيندو هو.

بهرام جي ڪوٺي ٺاهڻ ۾ مون کي ڪا تڪليف ڪانه ٿي جو آءٌ هن جي مزاج کان چڱي طرح واقف هيس. پر خورشيد جي ڪوٺيءَ تي البت خيال ڪرڻو پيم. اصل کان ئي مون سڄي سامان مان سڀني کان نفيس سهڻيون ۽ عمديون شيون انهي ڪوٺيءَ لاءِ پاسي ڪري رکيون هيون، ۽ هاڻ انهي ڪمري کي سينگارڻ لڳيس. پر گهر کي تيار ٿيڻ ۾ باقي ڪو ڏينهن اڌ اچي رهيو هو ته مون کي هڪ تمام سخت نااميدي حاصل ٿي. بهرام کي تار اچي وئي ۽ هن کي يڪدم شادي لاءِ سملي وڃڻو پيو. منهنجي ڏاڍي دل هئي ته گهر سينگاري بهرام کي پاڻ وڃي گهمائي ڏيکاريان، پر اها اميد مون کي حاصل نه ٿي.

نيٺ منهنجو ڪم تمام ٿيو ۽ گهر بندي، در کي ڪلف پائي ڇڏيم. دل ۾ هڪڙي نموني جو مٺو مٺو سور ٿيڻ لڳو، ۽ طبيعت مايوس ٿي وئي، ۽ آهستي آهستي ڪنڌ جهڪايو هلندي ويس. مون کي ياد آيو ته بهرام هن گهر کي پراڻو دوست ڪري ڪوٺيو هو، شايد مون کي به انهيءَ ڪري هن کي ڇڏڻ ڏکيو ٿي لڳو. مون کي ائين پي لڳو ته ڄڻ ڪنهن جهوني دوست کان موڪلايو ٿي وڃان.

ٻئي ڏينهن بار بار انهي گهر جو خيال دل تي پي آيو. ذري ذري دل ڇڪجيو اوڏانهن پي وئي. پر هاڻ منهنجو اتي مطلب ڪهڙو؟ پنهنجي ڪم ۾ ته دل بلڪل ڪان ٿي لڳيم. ٽي چار ڏينهن گذري ويا، پر ڏينهان ڏينهن انهي گهر جي ڇڪ وئي وڌندي. پنهنجو قومي ڪم ته اصل وسري رهيو هو. خيال ڪيم ته شايد هڪڙو ڀيرو اهو گهر ڏسي اچان ته دل ٺڪاڻي تي اچي، پر وري دل لوڏو کاڌو. امڪان هو ته شايد بهرام موٽي به آيو هجي، تنهن ڪري اوڏانهن وڃڻ مناسب به ڪونه لڳم.

صبح کان شام تائين منهنجي اهائي ڪوشش هئي ته ڪم ۾ رڌي رهان. پر انهيءَ گهر جي يادگيري ڪڏهن دل تان نٿي لٿي. هڪڙي هڪڙي شيءِ اکين جي آڏو پي ڦري. ننڍي وڏي شيءِ ۽ خاص خورشيد جي ڪوٺيءَ جي خيال سان ته منهنجي دل زخمي ٿي ويندي هئي، آءٌ سمجهي نٿي سگهيس ته منهنجي دل تي انهي سامان جو ايترو اثر ڇو ٿي ٿيو. انهيءَ ۾ اهڙي ڇڪ هئي؟ مون سان انهيءَ سامان جو ڪهڙو واسطو هو؟ اهي سڀ مالڪياڻي جون شيون هيون تن ۾ منهنجو ڇا ٿي ويو؟

ايئن هڪڙو هفتو به گذري ويو. شايد سڄي حياتيءَ ۾ منهنجو اهڙو سخت وقت ڪڏهن ڪين گذريو هوندو. نيٺ دل جهلي سگهيس ۽ هڪڙي ڏينهن شام جو پنهنجو ڪم ڇڏي انهي ”نئين پراڻي“ گهر ڏي رواني ٿيس. جڏهن شاهي سڙڪ جي ڪنڊ تي آيس ته پريان گهاٽن وڻن مان گهر جون اڇيون ڀتيون نظر آيم. اهي ڏسي دل ڀرجي آئي ۽ آءٌ دل ۾ چوڻ لڳيس ته، هي منهنجو گهر آهي، منهنجو! ڇو، مون هن کي رهڻ جي لائق ڪين ڪيو؟ ڇا، مون ويران گهر مان انهيءَ کي آباد گهر نه بنايو ته ٻيو ڪنهن بنايو؟ مون پنهنجي پسنديءَ موجب ڪين ٺاهيو ۽ سينگاريو؟ ته پوءِ هن ۾ ڪو ٻيو ڪيئن رهي سگهندو؟ پاڻهي پاڻ منهنجا قدم تيز ٿيڻ لڳا تان جو اچي ڊوڙڻ ۾ پيس، ڏاڍي بي صبريءَ سان مون ڪلف لاهي در پٽيو. اندران پڙلاءَ جو آواز ٿيو، ڄڻ ته گهر منهنجي آڌرڀاءُ ٿو ڪري. پهرين خيال ڪيم ته هيٺين ڪمرن ۾ نظر گهمائي پوءِ مٿي چڙهان.

سامهون دروازي جي سڄي هٿ تي ويهڻ جي ڪوٺي هئي، ۽ ڪهڙي راحتدار! آمريڪا جي ٺهيل هڪ ننڍڙي گول مهاگنيءَ جي ٽيبل وچ ۾ رکيل هئي، جنهن تي لهندڙ سج جي ترورن راند لائي ڏني هئي. سامهون هڪڙي آرسي ۾ انهيءَ جو پاڇو ڪهڙو شاندار پي لڳو. وري ڪنڊن ۾ ننڍڙين ميزن تي شيشي جون بتيون پي چلڪيون... دل ۾ چيم ته بهرام هڪڙي هڪڙي شيءِ ڏسي چريو ٿي پوندو. دروازي جي سامهون جيڪو غاليچو پيو هو، جنهن جي ڪاري زمين تي رنگن رنگن جا گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا، انهيءَ ڪهڙو عجيب شان پي ڏيکاريو. ۽ بخاري ۾ باه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون سٿيون پيون هيون. هاءِ! هاءِ! انهيءَ بخاري ۾ ٻرندڙ باهه جي روشنيءَ ۾ ڪهڙيون خوشيءَ جون راتيون گذرنديون! بهرام ۽ خورشيد هتي ويهندا، هتي هڪٻئي جي محبت جي ڀاڪرن ۾ پنهنجو وقت گذاريندا!... هتي...

انهي خيال ته مون کي بي آرام ڪري ڇڏيو هو. دل ڌڙڪڻ لڳيم، هڪڙي هڪڙي شيءِ مٿان آخرين موڪلاڻيءَ جي نظر گهمائي، آءٌ انهي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتس ۽ تڪڙي تڪڙي ڏاڪڻ ڏي وڌيس. ڪجهه مايوسي دل تي چڙهندي وئي. مون کي ائين پي لڳو ڄڻ گهر جو هڪڙو هڪڙو سامان مون تي کلون پيو ڪري ۽ مون کي طعنيٰ پيو ڏئي، ۽ منهنجي حال تي پيو ٺٺوليون ڪري... ۽ اها به هڪڙي قياس جهڙي ٺٺولي، پر انهيءَ جو مطلب مون کي سمجهه ۾ نه پي آيو...  هي گهر وري آباد ٿيندو... هن گهر ۾ منهنجيون سڀئي اميدون حاصل ٿيندويون؟... ۽ آءٌ؟ آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟ منهنجو ڪير آهي ۽ دنيا ۾ مون کي اميد ئي ڪهڙي هئي؟ هان باقي هڪڙو ڪم رهيل هو. مٿي اچڻ مهل ڏٺو هوم ته هڪڙي دريءَ جو پردو هوا ۾ چٻو ٿي ويو هو. بس اهو سڌو ڪري پوءِ گهر هلي وينديس. هائو! اهڙي حياتيءَ جو لطف... هاءِ! اهڙي محبت جا مزا.. جي آءٌ گهران ها ته، انهيءَ جي مالڪ ٿي سگهان ها... مون کي رڳو هائو ڪرڻ جي دير هئي... پر... پر!

خورشيد جي ڪوٺيءَ جي دريءَ کي ويجهو آءٌ هڪڙي صوفي تي ڪري پيس، ٻنهي هٿن سان پنهنجو منهن لڪائي بي اختيار روئڻ لڳيس گهڻي گهڻي دير کانپوءِ، چئي نٿي سگهان ته، ڪيتري دير کانپوءِ اٿيس ۽ وري ڏاڪڻ ڏي ويس. ڏاڪڻ تان لٿيس پي ته، يڪدم روڪجي رهيس. آواز ۽ ها، پڪ! آواز پي آيو... مون اوچتو ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو.... شام ٿي وئي هئي، شفق آسمان ۾ وڇائجي وئي هئي هيٺ ويهڻ واري ڪوٺيءَ مان شمع جي روشني پي آئي.

تمام آهستي ٿورا ڏاڪا لهي ڪن ڏئي بيٺس. بي آرامي لٿي، بهرام جو آواز ڪن تي پيم. چيائين پي ”خورشيد، توسان گڏ هتي ويهڻ ۾ هڪڙي خوشي پئي ٿئيم. پنهنجي گهر ۾... هن سهڻي بخاري جي اڳيان تو سان گڏ ويهڻ تي مون کي ڪيتري دل هئي... اوهو... کنڊ ته مون کي وسري وئي. اجهو کڻي ٿو اچان...“

آءٌ اکيون ملڻ لڳيس. آءٌ خواب ۾ ته ڪين هيس؟ پر ڪرسي سيرڻ جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو ۽ وري ڪنهن جي هلڻ جو آواز ٿيو. نه. جاڳيس ته برابر پي. پڪ ٿيم ته خورشيد ۽ بهرام اچي ويا آهن. مون کي انهيءَ خيال تان شرم اچڻ لڳو. اهڙيءَ مهل ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو موجود هجڻ هنن کي ڪهڙو نه برو لڳندو؟

آءٌ پنهنجي حالت جو بيان ڪري نٿي سگهان، ڀت جو پاسو وٺي آهستي آهستي، هيٺ هلڻ لڳس. وري بهرام جو آواز ڪنن تي پيم.

”خورشيد تون چانهه ۾ کنڊ جو هڪڙو چمچو وجهندي آهين نه؟.... تنهنجي خدمت ڪرڻ ۾ مون کي ڪهڙي خوشي پئي لڳي.“ پوءِ محبت سان ڀريل آواز سان چوڻ لڳو، ”مسافريءَ جي ڪري تون ضرور ٿڪجي پيئي هونديئن. اجهو هن گاديءَ تي پير رکي آرام سان ويهه ۽... چانهه... پي وٺ... دل پئي چوي ته سمورو وقت منهنجي سامهون ويٺي هجين ته چڱو... خورشيد جيترو آءٌ توکي ٿو ڀانيان، تون به مون کي ايترو ٿي ڀانئين؟“

آءُ بيٺي ڏڪڻ لڳس. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيم ۽ وري لهڻ لڳيس. منهنجو ساهه پي گهٽيو، ۽ منهنجي دل ڄڻ مون کي گلا تي گلا پي ڏني ته تون اهڙي مذهب جي هٺيلي نه هجين ها ته، اڄ بهرام توسان اهي ڳالهيون پيو ڪري ها.

پر پير پير ۾ ڪري آءٌ هيٺ لٿيس ۽ آهستي آهستي ٻاهرئين در ڏي وڃڻ لڳيس، منهنجو پير ئي نه ٿي کڄيو. توبه! اڄ هن گهر مان منهنجو نڪرڻ ئي ڪونه ٿيندو ڇا؟ مون کي کپندو هو ته تڪڙي نڪري وڃان. ويهڻ واري ڪمري ۾ هاڻ ماٺ لڳي پئي هئي. اهو وجهه چڱو هو، ۽ ماٺ ڪري در کان نڪري وڃڻ کپندو هوم، انهيءَ ڪوٺيءَ جو در ٿورو کليل هو. دل نه رهي چيم ته جهاتي پائي ڏسان ته سهي، ته هيءَ خورشيد جنهن لاءِ مون ايتري محنت ڪئي آهي سا آهي ڪهڙي؟

بخاري ۾ باهه پي ٻري، ۽ شمع جي روشني نه هئي ۽ مون هڪڙو قدم اڳتي کنيو ته چڱي طرح سان ڏسان.

مون کي ڏسي ڏاڍو عجب لڳو. بخاري جي اڳيان ڪرسيون خالي پيون هيون. گادي جا پٽ تي پئي هئي انهيءَ تي به ڪنهن جو پير ڪونه هو. چانهه جا ٿانو به جيئن آءٌ ڍڪيل ڇڏي وئي هيس تيئين ڍڪيا پيا هئا. ويجهو هڪڙي ننڍڙي ميز تي بتي پئي ٻري ۽ انهيءَ ميز جي ٻئي پاسي ڪنهن جو ڪنڌ جهڪيل هو... اهو بهرام جو ڪارو، خوربصورت سر هو، جو هو پنهنجي ٻانهه ۾ لڪايو ويٺو هو... ڇو؟ هيءُ ته خوشيءَ جو وقت هو... ايتري قدر مايوس ۽ دل شڪستو ڇو هو؟...

آءٌ خيال ۾ پئجي ويس، پر سمجهه ۾ نه آيم، پوءِ اوچتو ئي اوچتو ٻيو خيال دل ۾ آيم جنهن کان منهنجي دل ڏڪي وئي. چيم، ”هاءِ! زالن جي بيوفائيءَ تي لعنت هجي!

پڪ سمجهيم ته پڇاڙيءَ ۾ خورشيد بهرام کي ڌوڪو ڏنو آهي، ۽ شادي مهمل ڪئي اٿس يا اصل شاديءَ کان انڪار ڪيو اٿس. آءٌ بهرام سان همدردي ڪريان يا نه؟ منهنجي همدرديءَ ڪري هن جو ڏک پاڻ وڌندو ته ڪين؟ منهنجو اهڙيءَ مهل وٽس وڃڻ هن کي ڏکيو ته ڪين لڳندو.“ اهڙي وقت تي انسان اڪثر تنهائي پسند ڪندو آهي...

”بهرام!“ اهو نالو بي اختيار منهنجي واتان نڪري ويو. پر هن ٻڌو ئي ڪين. مون خيال ڪيو ته اڃا به وڃان هلي ته چڱو. شايد بهتر ائين ٿيندو. پهريون دروازو به ٻه ٽي قدم اڳتي هو. پر آءٌ اوڏانهن وڌي نه سگهيس. خدا ڄاڻي ڇو منهنجو قدم اتي ئي کپي ويو هو. ٿوري دير ماٺ ڪري بيٺس، پوءِ يڪدم ويهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويس. منهنجي هلڻ جي آواز تي به هن ڪنڌ مٿي نه کنيو. چريو به ڪين.

ميز اڳيان بيهي مون وري هن کي آهستي سڏ ڪيو، ”بهرام!

ڇرڪجي بهرام ڪنڌ مٿي کنيو. هن جو غمگين ۽ لٿل منهن ڏسي منهنجي دل ڇڄي پئي. مون چيو، ”بهرام، مون کي تمام گهڻو افسوس آهي...“ منهنجو آواز ڏڪڻ لڳو.

چيائين، ”ڪا حرڪت ڪانهي.“ ۽ وري هڪڙو ارمان جهڙو منهن ٺاهي مرڪي چيائين ته، ويهي رهه... ٿوري چانهه پي وٺ.. اڙي آءٌ ڀليس... چانهه آهي ڪٿي؟ آءٌ صوفي تي ويهي رهيس ۽ هو چوڻ لڳو ته هڪڙو مزي جهڙو لقاءُ منهنجي نظر اڳيان پي ڦريو. آءٌ ڪهڙو نه بيوقوف آهيان! پر آءٌ ڇا ڪريان! تون خيال ۾ به مون کان پري ناهين... هتي... هن پنهنجي گهر ۾... ۽ اڪثر...“

آءٌ وڌي ٿورو اڳتي ٿيس. سمجهيم ته شايد مون کي ڪونه سڃاتو اٿس ۽ ڀانئي ٿو ته خورشيد آهي. چيم، ”پر بهرام هيءُ آءٌ آهيان... آءٌ... موهني.“

”ها. توکي سڃاڻان ٿو.“

پوءِ مون چيو، ”تو شايد سمجهيو ته آءٌ خورشيد آهيان.“

”نه موهني تون... خورشيد ڪهڙي... خورشيد نه ڪا هئي نه ڪا ٿيندي. هميشه تون ئي تون هئيئن. موهني به تون ۽ خورشيد به تون.“

منهنجي دل ڄڻ بيهي رهي. هن وري چيو، ”مون ڀانيو ته منهنجي سڀني ڪوششن کان اها ڪوشش وڌيڪ ڪارگر ٿيندي........ گهر جي ڇڪ، ۽ تون انهي ڇڪ کان لاچار ٿي، هميشه لاءِ منهنجي ٿي وينديئن....... پر جڏهن توکان شادي ڪرڻ لاءِ وڃڻ لاءِ موڪلايم ٿي تڏهن تو اهڙي بيپرواهي ۽ لاغرضي ڏيکاري جو منهنجي اها پڇاڙيءَ جي اميد به ڀڄي پئي.

منهنجي دل منهنجي قابوءَ مان نڪري وئي. محبت جي هڪڙي راحت ڏيندڙ خوشيءَ کان مون ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو، ”بهرام تون ڀليو هئين. اوڏي مهل زبردستيءَ سان پنهنجي دل ڏاڍي ڪري ٻاهران بيپرواهي ظاهر ڪئي هئي، ته متان مون کي مايوس ۽ ڏکايل ڏسي تنهنجي خوشيءَ ۾ ڪو رخنو پئي.“

بهرام وڏي حيرت سان مون ڏي ڏسڻ لڳو ۽ اسان ٻنهي جون زبانون بند ٿي ويون.

”بهرام!“ بس ايترو چئي آءٌ روڪجي ويس، پر انهيءَ مهل هن جي اکين ۾ اهڙو ڪو تاثير ڀرجي ويو جو مون هن ڏي ڏسي بي اختيار چئي ڏنو ته، بهرام... ڇو... اڃا به تنهنجي... مون ڏي... محبت... “

هو هڪڙو قدم اڳتي وڌيو. گوڏن ڀر اچي منهنجي اڳيان ڪريو. منهنجي هٿن کي ڇڪ آئي... ۽... هن جو سر.... جهڪي... اچي منهنجي جهوليءَ ۾ پيو.


[1]  اڄ ڪلهه، عام رواجي طرح، ڪم آڻڻ ڪري انهي معشوق اکر جي معنيٰ البت نيچ ٿي پئي آهي، تنهن ڪري پريندي پريندي اوهان کي عشق ڪندس ته لفظن جي ۽ خاص هن لفظ جي چالو معنيٰ نه وٺو. انهي جي اصلي معنيٰ تي خيال ڏيو. معشقو اهو آهي جنهن تي ڪو عاشق هجي. عاشق اهو جو ڪنهن جي عشق ۾ گرفتار هجي. اڄ ڪلهه ته وري خود عشق جي معنيٰ به شڪي ٿي پئي آهي، ۽ ڪنهن خاص مجلس ۾ يا زالن جي سامهون عشق جي نالي وٺڻ ۾ دشواري پئي لندي آهي. پارسي زبان ۾ ”عشق“ اصل هڪڙي ول جو نالو آهي جا وڻن تي چڙهندي آهي. ۽ عشق آهي جلڻ يا سڙڻ، عاشق اهو جو پاڻ جلائي يا ساڙي ۽ معشوق اهو جنهن تان ڪونه ڪو عاشق پاڻ کي قربان يا فدا ڪري. جنهن محبت ۾ خواهش، سڌ، خود غرضي يا ڪو مطلب موجود هوندو ته انهن کي آتش، باه، بره يا بوالهوسي چئي سگهجي ٿو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ پئشن (Passion) سڏبو آهي. پر اهو عشق نه چئبو. (نادر)

[2]  شايد بهترين ائين ٿئي ته انهي معشوق کي ڪو نالو ڏيون، ۽ رواجي طرح جيئن معشوق جي جنس مونث ليکبي آهي، بهتر ائين آهي ته نالو به زنانو ڏيونس، ۽ هن معشوق کي هن آکاڻيءَ لاءِ موهني جو نالو ڏيون جو معنيٰ جي مدنظر تي به موهني ۽ معشوق ٻئي لاڳاپو رکندڙ لفظ آهن.

انهي رات جنهن رات جي هيءَ ڳالهه آهي، بجلي جي روشني ۾ ائين به پي ڏٺو ته انهيءَ جبل جي پيچري تي ٻه جوان مڙس ٿاٻڙندا ٿاٻڙندا مٿي پيا وڃن، ان هن کي ب ه نالو ڏيڻ ضروري آهي. انهن مان هڪڙي جو نالو هو محبوب علي، يعني علي جو پيارو ۽ ٻئي جو نالو هو قربان علي يا علي تان قربان وڃڻ وارو. اهو ته چوڻ جو ضڙور ئي ڪونهي ته اهي بئي موهنيءَ جا عاشق هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com