باب ڇهون
اڌما، جذبا، ناتا ۽ چال
ماڻهوءَ جا مطلب ته ڪي ايترو ڳجها ٿا ٿين جن جي
کيس به پوري خبر نه هوندي آهي. خبر فقط تڏهن پوندي
آهي جڏهن مطلب جي حاصلات ۾ ڪا روڪ پوندي. هاڻي
جذبو اڀرندو ۽ هلت ڦيرو کائيندي. معمولي هلت سک
سانت واري ۽ جذبي واري جوشيلي. اها بتال هلت جذبي
جو اظهار آهي، بلڪ خود جذبو. نفسياتي نقطه نظر کان
مطلب ۽ جذبو ساڳيا سلسلا آهن. مطلب سانتيڪو ۽ جذبو
زورائتو. جذبي هيٺ وڏا وير به ٽٽي ٽوٽا ٿي پون.
خوف، ڪاوڙ، ڏک، محبت جي پڪڙ ۽ جيڪو ڦاٿو سو ڇٽو.
هاڻي جي تحمل ۽ همت ساڻي ٿيس ته عقل واٽ ڪڍي ڏيندس
نه ته ويو. مطلب به ايترو بلند نه ڪجي جنهن کي
پهچڻ مشڪل. لاڳيتا اٽڪاءَ نراسائيءَ ۾ ڊاهي
رکندا. وت سارو هلجي.
جذبا هر وقت ۽ هر هنڌ اسان سان ساڻ آهن. جيئن لغت،
ماڻهوءَ جي فعلن جي لفظن سان ڀرپور ڏسي آيا آهيون،
تيئن جذباتي حرفيات جو انداز به اڪيچار اٿس. جذبن
کي اڀارڻ جو سامان به جتي ڪٿي موجود ڏسبو. گهر ۾
ڪا عمدي شيءِ ڀڳي، ٻار بيمار پيو، اگري دوا پئڻي
پيئي، ڪنهن جو پير ترڪيو، ڪپڙا ڪئا ٽڪي ويا، ڪا
شادي غمي ٿي، ڪا لاٽري ملي، اسڪول ۾ ماسٽر صاحب
ڪاوڙيو، سبق وسري ويو، ڪپڙن تي مس هاري، انعام
مليو، دال پوري سرڻ جهپي وئي، ڪنهن لـچ ٻار کي
هيسايو، مينهن پيو، مئچ کٽي، رستي تي گهوڙو ڇنائي
ڀڳو، موٽرون ٽڪريون، اوجهڙ هلندي رات پئجي وئي،
رستي تي ڪو ماڻهو ڪاڪوس ڪرڻ لڳو، پاڻي ڀرڻ تان
مارا ماري ٿي، باهه لڳي، ڳنڍيڇوڙ ڀڳو، ڪو دلپسند
ماڻهو منهن پيو.
اڌمو انهيءَ اوچتي اڇل کي ٿو چئجي جا اندر مان
اڀري. اڌما ڄائي ڄم کان هوندا آهن. انهن جو ڪم آهي
بت جي نگهباني ڪرڻ ۽ جيو کي جيئرو جڙيو رکڻ. اڌمن
کي اوائلي جذبا به چئبو آهي. اعليٰ جذبا پاڻ تي
جبر ڪرڻ سان دنيا جي لهه وچڙ ۾ پرائبا آهن. انهن
جو ڪم آهي پاڻ کي وانجي، ٻئي جي مهل ڪرڻ. اڌما، من
جا ٺهيا ٺڪيا وسيلا آهن جي جيو جي ضرورتن موجب
مقرر فيصلا ڏئي، ضرورتن کي منهن ڏيندا آهن. پر جي
حالتون ڦريون ته پوءِ عقل ڪم ڪري. سطحي حالت کان
مٿي ڪرڻ عقل جو ڪم.
جذبا ڪيترو نه اسان جي روزاني زندگيءَ سان ڳنڍيل
آهن ۽ ڪيترو نه اسان کي زير بار ڪندا ٿا رهن. ڪٿي
ڊاهين ته ڪٿي چاڙهين. پيار کان سواءِ ڪجهه نه
ٺهي، نه شعر نه راڳ. جي ٻار کي مائٽن لاءِ پيار
نه جاڳي ته سندن ڀيت تي ڪيئن پوي . اها ريس آهي يا
ريس ڏياريندڙ جي درجي هٿ ڪرڻ جي واٽ ٿي لائي. ڊپ
نه هجي ها ته هٿيار ڪيئن ايجاد ٿين ها. خار، دشمن
کي زير بار ڪرڻ جا رستا ڪڍي ڏيندي. سونهن جي جذبي
کان سواءِ ناچ ۽ مصوري ڪيئن پيدا ٿين. خوف ۽ ڪاوڙ
ته عام آهن. تشويش به ڏاڍي پيدا ٿا ڪن. مناسب آهي
جو سندن سبب ويچاريون ۽ مٿن غالب پوڻ جون واٽون
معلوم ڪريون.
ڊپ ۽ ڪاوڙ ٻئي ڪنهن خطري جي ٽيٽ تي اڀرن ٿا. خوف
۾ خطري جو زور سان مقابلو ڪبو. چوٽ کائبي، پر جي
ڪاميابيءَ جي اميد ٿوري رهي ته غصي ۾ خار کائي ڀڄي
جان بچائبي. بعضي تشويش
ناڪ شيءِ کان ڀڄي ڇٽڻ جو به ڪو رستو نه مليو ته
پوءِ پريشانيءَ جي چڪر ۾ اچي ويندو. ويتر جي
نراسائي وڌي ويس ته نست ٿي پوندو. پوءِ ته ڳالهائڻ
به ڳمي ڳمي اڪلندس پر
ڇوٽڪاري
جي واٽ به اهائي اٿس جنهن سان ڪجهه بار ڇنڊي سگهي.
ٻار لاءِ ڊپ جا سبب آهن: ڏاڍا آواز، اوچتي چورپور،
ساهه منجهڻ، ٽيڪ جو کسڪڻ ، غير واقف ماڻهو ۽ شيون.
ٻار جي ڊپ لاهڻ جو تدارڪ ته ماءُ کي ئي ڪرڻو آهي،
جا ٻچي کي پيار ۽ ڏڍ ڏئي ۽ نين شين سان رل مل ڪري.
خطرناڪ ڳالهه اها آهي جو مائرون ماٺ ڪرائڻ لاءِ
پاڻ ٻار کي ڊپ ڏينديون آهن. اها روش ٻار جي همت کي
پوري طرح نيست ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. تمام ضروري آهي
ته ٻار کي وڇن، بلائن، چورن ۽ ڀوائتين ڳالهين کان
محفوظ رکجي. ڪيتريون جذباتي روشون پوءِ ٿيون
پرائجن، جيئن ته: وڇن،بلائن، زهري شين ۽ دشمنن جو
ڊپ.
تيسر ٻار اهو ٿيندو جو بي آرام، ناچاق يا بکارو
رهندو هوندو. ٻار کي ڪپڙا مٽائڻ ۽ وهنجارڻ به
مڇرائيندا آهن. راند روند ۾ به، جي سندس سرسي نه
ٿي ته مٽجي ويندو. ٻار جي غصي جو سبب نراسائي آهي.
وڏن جا ڊپ، اڪثر ڪري بيروزگاريءَ، بيماريءَ، ٻارن
جي ڳڻتين ۽ سماجي ڀيٽ ڀيٽان جي ڪري ٿا ٿين. سندن
ڪاوڙ جا عام سبب هوندا آهن: ٿڪ، بک، ۽ آرام جي
ضرورت. چوڻي آهي ته:
”آهر
اچي جهنگان، ڳالهائي نه ڍنگان“
عام طور اهو اصول قائم ڪري سگهجي ٿو ته ٻار توڙي
وڏي کي، جي سندس مطلب واري واٽ ۾ وگهن پيو ته ڪاوڙ
اڀري. ڪنهن تي اجايا الزام هڻڻ، ٺٺول يا بيعزتي
ڪرڻ ته ضرور جوش ڏيندا. اسڪول جي شاگردن تي ماستر
جي بيجا هلت، اجايو ڌمڪائڻ، ڪن پٽڻ يا هيسائڻ، برو
ڀلو چوڻ ضرور تشويش ۽ جوش پيدا ڪندا.
جذبن جي جهڙپ کان پري رهڻ لاءِ سولو رستو اهو آهي
ته پنهنجي ڪم سان پوري دلچسپي رکجي. ايتري قدر جو
ڪم ڪندي دل پئي ٺري . ٻين سان ڪو به بغض نه رکجي،
رلڻو ملڻو ۽ کلڻو ٿي رهجي. نيڪ نيتي ۽ صداقت ڪنهن
جو به قدر ڪين لڪائينديون. جذبا به ڪي هميشه ته
ڪين هلندا. نئين ڪنوار به نوَ ڏينهن. پيري ۽
تنگدستي پريشان ڪندڙ ڳالهيون آهن.
”يڪ
پيري صد عيب“
ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي، خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي.
مناسب انديشو ۽ اون رکڻ، سياڻپ آهي. جتن کان سواءِ
ماڻهو ٿيو هوڙهه، جو ڪٿي نه ڪٿي کاٻاريو ويٺو
هوندو. پر جي اونو وڌي ڳڻتي ٿي پيو ته ڊپ وٺي
ويندس ۽ پست همتي آئي. گهڻي قدر ته صحيح ڊپ جي
بجاءِ اجايا گمان ۽ وهمي ڊپ ويچاري، پنهنجي هر ڪا
رٿ وئرٿ ڪري ڇڏبي آهي. پوءِ ته زندگي بيسود
بيسواد، نه هر جو نه گهر جو. ڪٿي به آرام يا مزو
مشڪل مليس.
ڪاوڙ تي قابو پائڻ وڏو گڻ آهي، پر کرو ڪو سرنديءَ
ٽري، زود رنج، چيڙاڪ، جتي ڪٿي پاڻ کي به جهوريندو
رهندو ۽ ٻين کي به بدظن ڪندو رهندو، ڪاوڙ تڏهن
ايندي جڏهن ڪجهه وڃائڻ جو انديشو ڏسبو، پر جي
قانون فائدي ۾ نه ڀانئجي
ته دستبردار ٿيڻ بهتر ٿيندو. پوءِ جهڳڙو ئي لٿو.
ٻين سان حق انصاف تي هلجي. ڪس ڪثر پئي ٿئي. جيڪو
مڙيو سو جڙيو. ماريي کان پڏايو ڀلو. دل وڏي رکجي.
تنگدلي ڪڄڙن جو ڪم. هڏي تي هوڏ ڪرڻ انسانيت نه
آهي. بعضي پنهنجي گريبان ۾ به منهن ڪجي. پنهنجون
ڪمزوريون ۽ اوڻايون به ويچارجن ته ٻين جا عيب گهڻو
گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا. جنس ته ساڳي آهيون، ڪاوڙ اڀرڻ جي
ڪري ته منهن ڦيرائي ٻئي طرف ڪجي. سمجهه هٿ آئي ته
ڪاوڙ وئي. سچ ته بهشت انهن لاءِ آهي، جن ڪاوڙ تي
قابو پاتو آهي. توڙي جي ڪاوڙ واجبي هجي، ته به
جامي کان ٻاهر نه وڃجي. البت پنهنجو ناراضپو
ڏيکارڻ مناسب ۽ ضروري آهي، متان اڳلو ائين سمجهي
ته بنهه مڄو آهي ۽ وري وري پنهنجي ارڏائي ڏيکاري.
جذبن جو جهوريل:
سودائي ان کي چئبو جنهن کي پنهنجي ڪمن ڪارين کي
منهن ڏيڻ جو ڪو مقرر ۽ مفيد رستو هٿ نه ايندو هجي.
پورن ۾ بعضي عرش تي بعضي فرش تي. اجائي جذباتي
ڪشمڪش جو هي پهريون اثر آهي. جي هن ذهني ڪمزوريءَ
سبب بدني ڪمزوري به شامل ٿي پئي ته صفا ڊٺو. يعني
ته سندس خودي هٽي ۽ جلد ئي کاٻارجي به پوي. هاڻي
جيڪا قدرتي امانت هئس سا ويس. باقي رهي سڙهه کان
سواءِ ٻيڙي سا ڪٿي به ڌڪاڻجي وڃي. خودي وئي ته همت
وئي، هڙوئي، پوءِ بردباريءَ جي شناس ڪير ڏئيس.
جنهن کي بهادريءَ جي بوءِ به طبعيت ۾ ڪانه هوندي،
ان کي ڪنهن جي بهادريءَ جو احساس ڪير ڏياري
سگهندو. اها خودي ته آهي جا خدا سان آشنا ٿي ڪري ۽
سندس جلال جي آگاهي ٿي ڏئي. رڳو تترن ڦاسائڻ وارا
به پاڻ ۾ ڪا تتر جي خاصيت نه ڏسي ڪو ڌاريل تتر
کڻندا آهن ته من ان جي للانگهري تي ڪو تتر هٿ اچي
وڃي.
رُجا:
پنهنجي نامور ڪتاب ۾ پنجٽيهه سوال ترتيب ڪيا آهن،
جن جي جوابن مان پتو لڳندو ته ڪير ڪيترو جذباتي
آهي، هر هڪ سوال پڙهي ايمانداريءَ سان ان جي جواب
۾ تڪڙو تڪڙو ها يا نه لکندا وڃو. لاچار، جي ها يا
نه، چئي نه سگهندا هجو ته ٿورا جواب ائين لکو ته
”پڪ
نه آهي“.
سوال هيٺ ڏجن ٿا:
1- تون اڪثر ڪري ڳڻتين ۾ اچو وڃين ڇا؟
2- تون اڪثر ڪري پهه پچائيندو آهين؟
3- توکي اهو خيال ستائيندو آهي ته ڇا
گهٽيءَ سير هلندي توکي ماڻهو جاچي ٿا ڏسن؟
4- تون ماڻهن سان هوندي به پاڻ کي اڪيلو
سمجهندو آهين ڇا؟
5- تون اڪثر ڪري مونجهاري ۾ گذاريندو
آهين ڇا؟
6- توکي ڌرتي ڌٻڻ يا باهه لڳڻ جو خيال
گهڻو ڪري رهندو آهي ڇا؟
7- توکي ڊاڪٽر سان مشوري ڪرڻ ۾ ڊپ ٿيندو
آهي ڇا؟
8- توکي آسانيءَ سان اکين ۾ پاڻي ڀرجي
ايندو آهي ڇا؟
9- تون نانگ ڏسي ڊڄين؟
10- توکي کنوڻ کان ڊپ لڳي؟
11- ائين آهي ڇا ته تنهنجي ڪنهن غلطيءَ کان
سواءِ تنهنجا ڪم بگڙيو وڃن؟
12- اسڪول ۾ ٿورين مارڪن کڻڻ ڪري، ملول ته نه
ٿيندو آهين؟
13- جلد شرمائيندو آهين ڇا؟
14- توکي بعضي ٻين کي سک ماڻيندو ڏسي ساڙ
ٿيندو آهي ڇا؟
15- تون پنهنجي ڪئي تي اڪثر دلگير ٿيندو
آهين ڇا؟
16- تون آسانيءَ سان دلشڪسته ٿي پوندو آهين
ڇا؟
17- ڪڏهن اهو ڊپ ته ڪونه ٿيو اٿئي ته ڪنهن
مٿانهينءَ جاءِ تان ٽپو نه ڏئي ويهين؟
18- تون جلد ڪاوڙجي ويندو آهين ڇا؟
19- احساس ڪمتري ته ڪين ستائيندي
اٿئي؟
20- پاڻ کي هيڻو سمجهندو آهين ڇا؟
21- توکي پنهنجي شڪل تي بڇان ڪانه ايندي آهي؟
22- اهو خيال ستائيندو اٿئي ڇا ته هي ڪوڙي
دنيا آهي؟
23- تنهنجي دل جلد ڏکوئجي ويندي آهي ڇا؟
24- ڪنهن ٿي سگهندڙ بدبختيءَ جو ڏک ڪندو
آهين؟
25- توکي اهو خيال ته پريشان ڪين ڪندو آهي
ته ماڻهو تنهنجا خيال تاڙيو ٿا وڃن.
26- ڪڏهن اهو خيال آيو اٿئي ته ڪنهن توکي
مسمريزم هيٺ آڻي تو کان ڪو ڪم، تنهنجي مرضي جي
خلاف ڪرايو آهي؟
27- نڪته چيني توکي گهڻو پريشان ڪندي آهي ڇا؟
28- تون گهڻو ڪري جوش جي حالت ۾ هوندو آهين
ڇا؟
29- توکي ڪو خاص اجايو خيال ستائيندو رهي ٿو
ڇا؟
30- تون آسانيءَ سان ڳڻتين ۾ اچي ويندو آهين
ڇا؟
31- ڪـِـنن آزمودن جو خيال گهڻو وقت ستائيندو
رهندو اٿئي ڇا؟
32- اوندهه ۾ اڪيلي ويهڻ ڪري ڊڄندو آهين؟
33- بنا ڪنهن ظاهر سبب جي، مونجهاري ۾ اچي
ويندو آهين ڇا؟
34- خيال ڪندي، ننڊ ڦٽي ويندي اٿئي ڇا؟
35- اهو سخت ڊپ رهيو اٿئي ڇا ته ڪا شيءِ
جنهن جي توکي خبر آهي، توکي نقصان پهچائي سگهي ٿي؟
هاڻي
”ها“
وارا جواب جوڙ ڪريو ۽ هيٺئين نقشي جي روشنيءَ ۾
نتيجو ڏسو:
مردن لاءِ زالن لاءِ
نهايت اڻسهائيندڙ
20 کان 35 22 کان 35
اڻسهائيندڙ 14 کان
19 16 کان 21
سراسري 6 کان
13 8 کان 15
چڱو 3
کان 5 4 کان 7
تمام چڱو 0 کان 2
0 کان 3
افعالن ۽ چال جو بنياد جذبا آهن:
مٿي ڏسي آيا آهيون ته ماڻهوءَ کي جوش ڏئي حرڪت ۾
آڻڻ وارا جذبا آهن ۽ حرڪت ۾ اچڻ جي معنيٰ آهي،
ڪونه ڪو فعل ڪرڻ. مطلب ته ماڻهوءَ جي ڪمن جو بنياد
سندس جذبا آهن، نه ڪو جذبو چري نه ڪو فعل سرزد
ٿئي. افعالن مان جڙي ماڻهوءَ جو اعمالنامو يعني
سندس چال جو پترو (ڪئريڪٽر) اها هر هڪ فرد بشر جي
ڪئريڪٽر جي سماجي ڪٿ آهي، جا کيس ٻين جي نظرن ۾
اعليٰ يا ادنيٰ ٿي ڪري. ڪئريڪٽر اسان جي قسمت جو
مک حصو آهي.
اوائلي ۽ اعليٰ جذبا:
جذبن مان ڪي اوائلي ٿا چئجن، ڇاڪاڻ ته پريندي ئي
هر ڪنهن ۾ عام طرح ٿا ٿين. جيئن ته: خوف، خوشي،
ڏک، ڪاوڙ، سونجهه وغيره. ڪي ٻيا جذبا اهڙا آهن، جي
هر ڪو شخص پنهنجي گهرو ڪيڙ اسڪولي تعليم، مالي ۽
نياتي حيثيت، قومي اقتدار ۽ ملڪي ادبي ذخيره موجب،
پاڻ ۾ ڌار ڌار پيدا ٿو ڪري، جن کي اعليٰ جذبا
سمجهو ٿو وڃي. اهي جذبا اوائلي جذبن وانگر خودغرض
نه آهن، پر ٻين جي ڀلي خاطر، جن ۾ گهرو، سماجي ۽
قومي ترقيءَ جا راز رکيل آهن، جيئن ته خيرخواهي،
همدردي، پاڪ دامني، اخوت، سخاوت، قوميت، حب الوطني
، اخوت انساني وغيره. جيئن ڪنهن جذبي جو دائرو
وڏو، تيئن سندس مالڪ جو رتبو زياده. مثال، ڪو
ماڻهو خيرات ڏئي غريب مائٽن کي، ڪو قوم جي غريبن
کي، ڪو پنهنجي مذهب وارن کي، پر جي ڪنهن جو هڏ ذات
انسان لاءِ ڪرڪي ته يقيناً
ان جي منزل سڀني کان وڏي چئبي.
اعليٰ جذبا اوائلي جذبن تي قابو پائڻ سان ٿا پيدا
ٿين. ڪنهن کي خيرات ڏيڻ معنيٰ پنهنجي نفس کي پلي،
ٻئي جي ضرورت پوري ڪرڻ. ڪنهن جي ڏک ۾ شامل ٿيڻ
معنيٰ پنهنجي سکي گهڙي وڃائي، ٻئي جو ڏک ونڊڻ سچ
آهي ته
”ننگ
جون پاڙون دوزخ ۾ آهن“
بيخيال شخص ته ائين ئي ڀانئيندو ته ڪنهن ڏکئي جي
پاڙي کان به پري هججي. متان ڪنهن غليظ ڀونگيءَ تي
نظر پوي، ڪو پيرسن عاجز اک چڙهي. هو ته ائين ئي
چاهيندو ته هميشه ڪنهن خوشمزاج جي ڪچهريءَ ۾
هجان، جتي وندر ئي وندر، مزو ئي مزو هجي.
جذبن جي رفاقت:
پسن ۾ هڪ هڪ اوٽ جو ڪم علحده ڏسي سگهبو. تازو ڄاول
ٻار به پسون ئي آهي، فطرتي ضرورتن جو پورو پابند.
اڃا بک جي سچيتي اڀريس ته اٻهرو ٿي کائڻ لاءِ
نهاريندو. ٻين لاءِ هوش ته هن ۾ پيدا ئي ڪونه ٿيو
آهي، جو ٻين جو خيال ڪري يا پنهنجي بک روڪي.
ساڳيءَ طرح جي ڊپ لڳس ته هراسجي ويندو ۽ چڙيو ته
تيسو وٺي ويندس. پوءِ جيئن پنهنجي روش جا ٻين تي
اثر جاچيندو ويندو ۽ سندس ذهني سچيتي وڌندي ويندي،
تيئن پنهنجن اڌمن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندو
ايندو. هاڻي سندس ڌار ڌار اڌما سندس ماحول مطابق
ملي جلي گڏيل جذبا ٺاهڻ لڳندا، انهن گڏيل جذبن کي
ناتا يا ڪانڍا،
”سينٽيمينٽس“
ٿو چئجي. عام طرح ٻار جا پهريان ناتا هوندا آهن
پيار ۽ ڌڪار. پيار يا ڌڪار ڪي وقتي اڌما
”اِمپلس“
يا ڪجهه زياده جٽاءُ ڪندڙ جذبا
”اموشن“
ڪين آهن. نڪي ڪي زياده زور وارا اموشنس آهن، جن کي
”پئشنس“
ٿو چئجي. پيار يا ڌڪار ڪنهن ۾ ڪنهن لاءِ پيدا ٿيا
ته ٿيا. مطلب ته ناتا گهڻو پائدار ٿا ٿين ۽ انهن
تي ئي اسان جا باهمي سماجي نياتي وهنوار ٻڌل ٿا
رهن. اسين انهن جي اثرن هيٺ، ڪيتري ڪنهن ۾، ڪيتري
ڪنهن ۾ اميد پنهنجا مطلب پورا ڪندا رهون ٿا.
پيار ۽ ڌڪار ۾ مليل جذبا:
جڏهن به ڪنهن کي ڪنهن شيءِ يا ٻئي ماڻهوءَ سان
رغبت ٿي ته هو هن جي موجودگيءَ ۾، هڪ عجيب سرهائي
محسوس ڪندو ۽ ان جي پر پٺ اداسي، سندس سک ۾ خوشي ۽
ڏک ۾ غم محسوس ڪندو، پر جي مٿس ڪا آفت ٻري آئي ته
ويهڻ وهه ٿي پوندس ۽ ڊپ، ڪاوڙ، انتظار ، ڏک جي
اثرن ۾ ويڙهجي ويندو. ساڳيءَ طرح ڌڪار تي ويچار
ڪريو ته منجهس نفرت ۽ ان سان گڏ ويڙهه ۽ ڊپ جا
جذبا به شامل ڏسبا. جيڪڏهن ڌڪار ڪنهن حد کان مٿي
چڙهي ته ٻيا ناتا به شامل ٿي ويندس. جيئن ته احساس
ڪمتري، خار، حسد، وير وغيره. اهڙيءَ طرح اڌمن مان
جذبا، جذبن مان ناتا، ناتن مان رغبتون ۽ رغبتن مان
هڪٻئي سان سلوڪ جا رشتا قائم ٿيندا ٿا رهن. شخصي،
نياتي، قومي، ذاتي توڙي صفاتي. ذاتي ڪنهن شيءِ
سان، صفاتي ڪنهن خيال سان.
محبت ۽ نفرت کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ناتا ماڻهو
ماڻهوءَ سان ٺاهيندو ٿو رهي. جيئن:
”ساراهه“
جنهن ۾ نئڙت، عاجزي، عبرت شامل آهن.
”دهشت“
۾ ڊپ، انڪساري، احترام.
”بندگيءَ“
۾ دهشت ۽ نيازمندي شامل آهن
”مهڻو“
ڌڪار، خار ڪجهه خير خواهيءَ سان مليل ڏسبو.
ظاهر آهي ته اهڙن قسمن جي گڏيل جذبن ۽ ناتن کان
جانور ته پري هوندا. غم به ڪو وقتي ٿئين. شرم،
حيا، وير، عجب، تعصب ته شايد ڪو ٿيندو هجين. بعضي
وقتي ويڙهه ۽ سياپا ڪي جانور به ڪندا آهن.
اهي اسان جا ناتا آهن، جي اسان جي احساسي عمل جي
هلت کي نرالا درجا ٿا ڏين ۽ زندگيءَ کي مطلب. سڪ ۽
سوز سواءِ حياتي ٿي ڪل جي گاڏي. ڪجهه کائڻ ڪجهه
ڪڍڻ، هلڻ ۽ هلندي هلندي ڊهي پوڻ. جي حيرت نه آهي.
عبرت نه آهي، غيرت نه آهي ته جهڙو ماڻهو تهڙو پٿر.
اها انساني غيرت آهي جا ڪنهن جابر کي ڪنهن ضعيف
سان ظلم ڪندي ڏسي نه سهي، اتي حمله آور ٿي ٿئي ۽
ان کي جيتي عدل جو ڇٽ پنهنجي سر تي رکي. احساس کان
سواءِ زندگي بي لطف آهي.
جذبي مان ڪو چڱو ڪم نڪري ته واهه نه ته فقط جذبي
جي خاطر، ڪو جذبو چوري ان جي آغوش ۾ مزو وٺڻ، هڪ
بيسود خود غرض ۽ خطرناڪ برائي آهي. نڪي ڪا جذباتي
طبيعت ڌارڻ پسنديءَ جهڙي ڳالهه آهي. سمجهه کان
سواءِ جذبو شتربي مهار آهي. ڪاوڙ ته هوش کي ويجهو
اچڻ ڇو ٿي ڏئي. ڊپ ڪانئر ڪري، ڏک بيڪار بنائي، ته
عشق بنهه پاڳل.
ڪو غير مهذب نامناسب جذبو، سماج جي خلاف اڀرڻ جي
ڪري ته هڪدم ڪنهن مخالف جذبي کي ڀڙڪائڻ سان ان کي
دٻي، گهڻي قدر ضعيف ڪري سگهجي ٿو. خيال کي ڦيرائڻ
ڪا ڏکي ڳالهه ڪانه آهي. خيال مٽائڻ اسان جي وس
آهي. شعر پڙهان يا جاميٽري، ٻنهي جي اختياري ڳالهه
آهي. جذبي کي ته رڳو چهري جي صورت بدلائڻ سان به
ڦيري سگهجي ٿو. ڪٿي جي ڏک جي گرفت ۾ اچي وڃجي ته
مصنوعي طرح کلڻ جي صورت بنائڻ سان ڏک جي صورت
بگاڙي سگهبي. رواجي ڳالهه آهي ته ڪنهن ٻار کي تيسي
مان ڪڍڻ لاءِ چئبو آهي ته
”کليو
کليو“
پوءِ جي کلي ڏنائين ته ڪاوڙ هٽي، باقي رهندو انگل
سو به ٺري ويندو. بعضي جي ڪو وڏو ٻار ڪنهن ننڍي کي
ماريندو هجي ته مٿس الر ڪرڻ سان يا فقط مار جي ڊپ
ڏيارڻ سان سندس جوش هٽائي سگهبو.
مهذب لوڪن ۾ جذبي جو اظهار نامناسب ۽ ڪٿي ته بنهه
ناجائز ليکبو آهي. ڪنهن جذبي جي اجائي اظهار کي
ٽرڙائپ ته پاڻ به چوندا آهيون. ڪو زمانو هو، جو
ڪنهن تيز جذبي رکندڙ جو قدر هو- رومانٽسزم. پر
هاڻي ته مجنون ۽ فرهاد فقط قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي
سمايل آهن. مذهب وقت بوقت نفسي جذبي کي روڪڻ جي
هدايت ڪئي آهي پر خدا بخشي اسان جي شاعرن سڳورن کي
جي چاه زنخ مان نڪرڻ جي ڪن ئي نٿا، سي ايراني
شاعريءَ جي استعاره ۾ اڙجي ويا آهن. من ڪنهن اعليٰ
جذبي سان لهه لڳين. ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار
جي پنجن اکرن ۾ ڪنهن روشن ضـَـمير ماڻهوءَ جي
ناشائسته سماجي روش جو پورو راز پڌرو ڪري ڇڏيو
آهي. انهن کي مضبوط جهلڻ گهرجي، نه ڇيڪ ڇڏڻ، جيئن
شاعري ٿي گهري. البت اسين پنهنجن اڌمن کي نيست
نابود ڪري ڪين ٿا سگهون. اها اسان جي فطرت آهي،
قدرت جو عطيو آهي. پر نيات سواءِ اسان جو گذر مشڪل
آهي. انڪري نفسي ضرورتن کي سماج جي قدمن ۾ رکڻو
آهي. سڀ مذهب انهن فعلن کي بهشتي ٿا چون، جيڪي
سماج کي سلامت رکڻ لاءِ ضروري آهن. الله تعاليٰ کي
اسان سان ضد ڪونهي. سندس احڪام فقط سماج کي قائم
رکڻ لاءِ آهن، جنهن کان سواءِ هڪ هڪ فرد ڪجهه به
نه آهي. صحيح سماجيت، سياست ۽ تدبر ان ۾ آهي ته
ڪنهن به شخص يا جماعت جا جذبا جاچي ، جي کين
قابوءَ ۾ آڻي سگهجي ته افعال ازخود درست ٿي ويندا.
مجهوليءَ جي روش مان ڪجهه ورڻو ڪونه آهي. باهه کي
پاڻي ٺاريندو نه تيل.
بهتر ٿيندو، جو هتي ڪن لفظن جون پوريون معنائون به
ذهن نشين ڪجن. سچيتي، چت جي هوشيار حالت کي چئجي
ٿو. هيءَ مغز جي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ ڪنهن به
ٻاهرين حقيقت جي ڄاڻ، چت ۾ چٽائيءَ سان ظاهر ٿئي.
جڏهن به ڪا خاص حالت، ڪنهن شخص ۾ خاص طرح، ڪا
سچيتي پيدا ڪري ته، ان کي سندس ذهني لاڙو يا رغبت
چئبو. سندس اوائلي سليس اڌما جن جي مدنظر ڪو نه ڪو
نفسي مطلب آهي، سندس طبعيت
جي لاڙن موجب ملي جلي سندس ناتا مقرر ٿا ڪن. جن جي
عملي صورتن کي سندس خصلتون ٿو چئجي. ڊپ ۽ ڪاوڙ، ٻه
اڌمائي سچيتين جا مثال آهن ۽ ڊڄڻ يا چڙڻ، انهن
اڌمائي سچيتين جون ٻه رغبتون. جيئن ته ڪو ڊنل آهي
يا ڪاوڙيل آهي، ان جون ٻه سچيتيءَ جون حالتون ٿيون
۽ ڪو ڊڄڻو آهي يا چيڙاڪ آهي، سندس ٻه رغبتون.
رغبتن کي ڪا ذاتي هستي ڪانه آهي. هي صفاتي آهن،
ساڳيو ائين، جيئن ڪن شين جون خاصيتون ٿين. جيئن ته
رٻڙ انگهڻو آهي يا هيرو چمڪڻو آهي. الف ڊڄڻو آهي،
فقط هڪ سولو رستو آهي انهيءَ چوڻ جو ته الف تي
بنسبت ٻين جي، ڊپ جو اثر گهڻي قدر ۽ گهڻو ڪري ٿو
ٿئي.
ناتو ڪنهن مدنظر حقيقت جي متعلق پرايل اڌمائي
رغبت يا رغبتن کي چئجي ٿو. هتي حقيقت نه رڳو ذاتي
شين جاندار يا بيجان سان واسطو ٿي رکي پر صفاتي
حالتن سان پڻ. الف ڪتن کان ڊڄندو آهي يا الف
بدانتظاميءَ تي ڪاوڙبو آهي. اهي الف جي ناتن جا
مثال آهن. ناتي جي نشانبر ۾ ٽي لفظ امتيازي آهن،
جن کي پوريءَ طرح سمجهڻ واجب آهي: (1) ته اهي
پرائجن ٿا. ناتا ڄمڻ کان پوءِ مائٽن ۽ ٻين ماڻهن ۽
شين سان لهه وچڙ ۾ جڙن ٿا، پر ڪي اوٽون ڄائي ڄم
کان سمجهيون ٿيون وڃن. جيئن ته سونجهه جي اوٽ
برابر اصلي آهي پر جي ڪنهن ۾ اها ايترو زرو وٺي
وڃي، جو ڪو سارو ڏينهن اس جي ڪرڻن کي يا رات جو
تارن کي جاچيندو رهي ته ان کي سندس طبعيت
جو هڪ ناتو چئبو، جو هن دنيا جي لڳ لاڳاپن مان
پرايو آهي.ڪنهن به ناتي جي زور ورتو ته ان کي
”شوق“
سڏبو آهي (2) ته ناتا اڌمائي آهن. من جون ڪيفيتون
اڌمن سان وابسته ٿيون ٿين ۽ چت جون خيال سان تعلق
ٿيون رکن، جي منطقي، حسابي يا تحقيقاتي طريقي جون
آهن. من موجي، چت سمجهو. ناتن جو لاڳاپو هميشه
جذباتي طرف سان آهي نه سوچ سمجهه سان. (3) ناتي جو
تعلق ضرور ڪنهن شيءِ سان ٿو ٿئي، جنهن جي لاڳاپي ۾
هو پيدا ٿو ٿئي. ان جو رخ هميشه ڪنهن ڏانهن آهي.
الف جي شڪار سان نه پئي، راڳ تي موهت آهي، ب کي
ڀانئي ٿو. اهي ظاهر ظهور الف جا ناتا ٿا لڳن، پر
سندس سخاوت پسندي، نفرت ڪرڻ يا ڊيڄو هئڻ کي ناتا
ڪين چئبو. ڇاڪاڻ ته اهي فقرا الف جو ڪنهن خاص
شيءِ سان تعلق ڪونه ٿا ڏيکارين. البت ناتا خصوصي
توڙي عامي ٿي سگهن ٿا. جيئن: الف کي پنهنجي طوطي
سان ڏاڍو پيار آهي يا الف کي ذات طوطي سان ڏاڍو
پيار آهي.
ڳوڙها جذبا ۽ ناتا:
جذباتي زندگيءَ جي رنگينين ۽ رعناين سان واقفيت
گهڻي قدر ناتن جي جڙڻ کان پوءِ ٿي ٿئي. نه ته
سواءِ ڪن سليس جذبن، جيئن ته ڊپ، ڪاوڙ، خوشيءَ جي
ڪي پيچيده گڏيل جذبا، جيئن ته شرم، حيا، خار، حسد،
وطن دوستي، من جي آزمودي ۾ اچي ڪين سگهندا. شرم
فقط انهيءَ کي ايندو، جنهن اخلاقي اصولن انوسارڪي
ناتا قائم ڪيا هوندا، جن جي روشنيءَ ۾ هو پنهنجي
افعالن کي ڪريل ۽ پنهنجي روش کي هيچ سمجهي، پوءِ
ته شرمائيندو. ساڳيءَ طرح خال فقط تڏهن ايندو
جڏهن خودداريءَ
جي ناتن ٺهڻ کان پوءِ،
انهن کي ٺوڪر لڳندي. رقابت محسوس ڪرڻ لاءِ ضروري
آهي ته محبت جو ناتو هر طرف کان راس ۽ پختو ٿي
چڪو هجي.
ناتا ۽ چال:
مئڪڊوگال جي لکئي موجب، ناتا ئي اسان جي احساسي ۽
روشي ڪارگذارين جا مکيه مرتب آهن. سواءِ ڪن مناسب
لڳ لاڳاپن جي، اسين هر وقت پنهنجي اڌمائي ڇيڏڪن جي
هوا ۾ ڪکن وانگر اڏرندا رهنداسين، جيسين ڪي مقرر
ناتا عقيدا ۽ دلچسپيون، زور سان پاڻ ڏانهن ڇڪي
اسان کي نفسي اوٽن جي آڙ کان ڪڍي ڪنهن تسڪين ۽
راضپي جي پائدار ۽ پختي زمين تي پير نه کوڙائين.
ماڻهن جي هلت ۾ ڦير پيدا ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري
جوابدار انهن جا نرالا ۽ نوان ناتا ٿا ٿين، نه ته
اوٽن جي حد تائين ته ٻاراڻي روش گهڻو ڪري ساڳي
ڏسبي. شخصيت جي بيهڪ ۽ بناوٽ، بلڪ خصوصيت به ڪن
زوردار ناتن تي منحصر ٿي رهي. هر ڪو وڏو سارو
زماني سان لهه وچڙ ۾ پنهنجي ڦرندڙ ماحول مطابق
ماڻهن ۽ شين سان هزارين ناتا جوڙيندو ٿو رهي. جن
مان هڪڙو گهڻو ڪري ايترو زوردار ٿيندو آهي جو ڪنهن
به شخص جي روش جو امتيازي نشان ليکبو آهي. جنهن جي
چوڦير ٻيا ناتا ڳتجي سندس شخصيت جو تربر آڻيو
ڇڏين، بعضي مکيه ناتا، هڪ کان زياده ٻه يا ٽي به
ٿين. مکيه ناتو ڪنهن ۾ عيش ٿئي، ڪنهن ۾ هوس، ڪنهن
۾ گهرو سک. ڪو خانداني عزت جو پياسو، ڪو مساوات
جو، ڪو پرهيزگار، ڪنهن کي شوق شڪار، ڪو حريص، ڪو
سياڻو، ڪو ويڳاڻو، ڪو عيار، ڪو مڪار، ڪو فطرت جي
کوجنا ۾ ته ڪو ٻيءَ دنيا جي پورن ۾. فهرست ته اڻکٽ
آهي پر هتي مدنظر مطلب اهو آهي جي ڪنهن جي خصوصي
مشغوليءَ جي خبر پئي ته گهڻي قدر سندس چال جو
اندازو ڪري سگهبو. ڪئيٽل ٿو چوي ته جان ئي خبر پئي
ته ڇا لاءِ ڪنهن کي عزت آهي، ڇا لاءِ نفرت، ڪنهن
کي ساراهي ٿو، ڪنهن جي نندا ٿو ڪري، ڇا پسند اٿس،
ڇا ناپسند، ڪنهن سان پيار اٿس، ڪنهن سان ڌڪار ته
سندس هلت ڪنهن قدر ظاهر ٿي پوندي.
عقيدا ۽ اخلاقي تعمير:
اخلاقيات ۽ دينيات جي حرفيات ۾ ناتن کي عقيدا چئبو
آهي. اخلاق جي معنيٰ آهي ٻين سان سهڻي سلوڪ جي
هلت. اسان جا ناتا به ٻين جي رفاقت ۾ ٿا جڙن،
ڄائي ڄم جا ته ڪين آهن. ٻار ته جلد ئي پنهنجا ذاتي
ناتا ماءُ پيءُ، ڀيڻن، ڀائرن ۽ ٻين شين سان ٺاهيو
وڃي. هن منزل تي پهچڻ کان پوءِ ٻار جي روش رڳو سک
سان ساڻي ٿيڻ ۽ ڏک کان پري هجڻ جي خيال تي نٿي
هلي، پر پنهنجو ٿورو ٿورو سک، ٻين جي خاطر فدا ڪرڻ
سکندو ٿو رهي، جنهن کي چئبو آهي
”چئي
۾ اچڻ“
ٻار هاڻي به اخلاق سان آشنا نٿو ٿئي، پر کيس ٻين
جي خيال کان ٿوري ڄاڻ پئي آهي ته هو سندس ڪهڙي روش
پسند ٿا ڪن ۽ ڪهڙي ناپسند. اهڙيءَ طرح کيس چڱي مٺي
جي ڪنهن قدر خبر پئجي چڪي آهي، جنهن ڪري پنهنجي
نفسي ڇڪن تي غالب پوڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿو. هن
لاءِ اخلاق اهو آهي جيڪو سندن مائٽن کي خوش ڪري ۽
خراب ڳالهه اها آهي جيڪا انهن کي ناراض ڪري. ٻار
جيسين صفاتي عقيدا نه ٺاهيا آهن تيسين منجهس
اصولي، اخلاقي، امتياز قائم ٿي نٿو سگهي.
جڏهن مائٽاڻي رسمي اخلاقي قانون جي حد لنگهي، ٻار
صفاتي عقيدا ٺاهڻ ٿو لڳي، جي سندس وڏي هوندي جا
روشي قانون ٿا بنجن ته هن جو پهريون لاڙو انصاف
پسنديءَ ڏانهن ٿو ٿئي. اها انصاف پسندي به ٻين سان
رفاقت جو ئي نتيجو آهي ۽ انهي وقت پيدا ٿي ٿئي،
جڏهن ڇهن ورهين جي عمر ڌاري ٻار پنهنجي هڪجيڏن سان
رانديون ٿو رچي ۽ ساڻن دلچسپي ٿو رکي. انهيءَ عمر
کان پوءِ ڪي ٿورا ٻار هوندا، جي حق انصاف کان نا
آشنا ڏسبا. پر اڃا به ٿورا جي عملي طرح پنهنجي
آدرشي بلنديءَ تي رهڻ جي سگهه رکندا هجن. انهيءَ
حال هوندي به جڏهن وڏا دنيا جي ڇڪتاڻ ۾ ڏئي وٺي
ٿڪجي، بشريت جي اهليت کي خيرباد چئي، مروت، لحاظ،
بردباري ۽ رواداري کي فقط خوشگوار زرين قول سمجهي
پٺيءَ پلئه اڇلي، خود غرضيءَ ۾ وٺجي ويندا آهن
تڏهن به ٻار حق انصاف جي وائي وارڻ کان هرگز ڪين
گسندا. هي فهم نهايت تسڪين ڏيندڙ آهي ته ٻار جي
اصليت ڪيترو نه دلپذير ۽ حق ڏانهن مائل ٿي رهي!
ماڻهو پريندي ئي خاطي ته ڪين ٿو ڏسجي. پر کيس حق
تان هٽائڻ جو بنياد سڄو سماجي ٿو ڏسجي. جاچي ڏسو
ته ڪيئن نه اسان جو سماج، ٻار کي اصول بهشتي ٿو
ڏسي ته عمل دوزخي ٿو ڏيکاري. ٻار کي گهر توڙي
اسڪول جي تربيت اها هوندي آهي ته سدائين سچ ڳالهاءِ.
وري جو وڏو ٿي مائٽن مٽن ۽ ٻين جون هلتون ڏسي ته
ڪوڙ ته سندن هر هڪ هلت ۾ شامل آهي. اڃا جي ٻار ڪٿي
صحيح سچ ڳالهائي اچي ته سندس مڻيادار مائٽ چوندس:
بابا اڃا ٻار آهين. مطلب ته وڏو ٿيڻ معنيٰ ڪوڙ
ڳالهائڻ سکڻ! هاڻي ٻار ڇا ڪري! وري جو تواريخن ۽
سياست سان واقف ٿئي ته رياءَ ۽ ڪوڙ سٿيو پيو آهي.
جيڪڏهن دنيا جو ڌنڌو ڪوڙ ڳالهائڻ کان سواءِ هلي
نٿو سگهي ته وڏن پرين کي ايترو ته سوچڻ گهرجي ته
اسين ٻارن کي برغلايون ڇو ٿا؟
”سدائين
سچ ڳالهاءِ“
جي عوض، جي اسين ٻارن کي کلم کلا اهو سبق ڏيڻ جي
همت
نٿا رکون ته
”سچ
ڳالهاءِ پر ڪوڙ گاڏڙ“
ته ڪم از ڪم اهڙو ته ڪو سبق تجويز ڪبو ته سوچي
سمجهي ڳالهاءِ.
ياد ته ڪريو ته سچ ڳالهائڻ ڪري ڪيترا نه نقصان سٺا
هوندوَ. آخر اسان جي سونهاري سماج، اهڙن نازڪ
مسئلن تي ڪڏهن ويچار ڪندي ۽ ڪڏهن پنهنجا عمل درست
ڪندي. ٻار کي جي سندس وڏن هڪڙي اصول جي پيرويءَ
کان هٽايو ته ٻڌايو ته اڳتي ٻار ڇا ڪندو؟
هن کان پوءِ ٻيا ڪهڙا عقيدا ٻار جوڙيندو سي سندس
ماحول تي منحصر رهندا. خاص ڪري انهن ماڻهن تي جن
سان هن جو زياده تعلق هوندو. صفاتي عقيدن جو ٺهڻ
به ذاتي عقيدن سان ٻڌل ٿو رهي، جڏهن به ڪنهن وڏي
جي هلت جو ڪو گڻ ٻار کي چڀي ٿو اچي ۽ ان لاءِ کيس
تحسين پيدا ٿي ٿئي تڏهن ته هو پنهنجي تعريف جوڳي
مطلوب سان صفاتي ناتو ٺاهي پاڻ ۾ جذب ٿو ڪري. پيري
مرشديءَ جو راز هتي آهي. مريدي رڳو مذهب ۾ ڪانه
آهي پر اسڪول ۾، ڪاليج ۾، هنر ۾، هر هنڌ موجود
آهي. هر شعبي ۾ ٻار تي پهريون اثر ڪنهن جي شخصي
مثال جو قائم ٿو ٿئي. اخلاقي تعليم جو اثر ٻار تي
ڪو نالي جو ٿو ٿئي. اهڙن سلسلن ٺهڻ کان پوءِ ته
ڪنهن تواريخي بلڪ ڪنهن قصي ۾ آيل شخصيت جي خوبين
کان متاثر ٿي، هو پنهنجي ساراهه جوڳي دلداده سان
پرپٺ صفاتي ناتا قائم ڪري سگهي ٿو. ڪن حالتن ۾
ائين به ٿئي ته صفاتي عقيدن مان ذاتي عقيدا ٺهي
پون. جي ڪنهن شخص جي ٻڌ ڌرم جي زرين قانون سان دل
اٽڪي ويئي ته يقيناً
هن جي رغبت انهن ماڻهن سان به ٿيندي جيڪي اهڙا
عقيدا رکندا هوندا.
صفاتي عقيدن لاءِ جنسي نشانيون:
صفاتي عقيدا ڪيترو به زوردار هجن ته به ڪنهن کي
اڀارڻ لاءِ ذاتي عقيدن کان گهٽ اثر ٿا رکن. ڪنهن
اصول تان قربان ٿيڻ کان ڪنهن شخص تان نثار ٿيڻ
آسان آهي. اهڙن آزمودن جي روشنيءَ ۾ صفاتي عقيدن
کي جنسي نشانين سان هٿي ڏئي پختو ڪبو آهي. قومي
جهنڊا، قومي تمغه ۽ نشان، قومي ترانن ڳائڻ وارا،
ديني آداب، مذهبي ڪارج، خاص پوشاڪون، سڀ انهيءَ
قسم جون ذاتي نشانيون آهن جي ڪنهن صفاتي عقيدي کي
زور ڏيڻ لاءِ ڪم آڻبيون آهن ته قائم رهي. واقعي
ڏسڻ جو اثر ذهن تي ترت ۽ تيز ٿو ٿئي. بنسبت خيال
جي.
|