نفسيات
(ڀاڱو پهريون)
جذبا ۽ جوش يعني عشق
هن ڀاڱي ۾ ماڻهوءَ جي انهن خصلتن جو احوال آهي،
جيڪي ٻار ڄائي ڄم پاڻ سان ساڻ ٿو آڻي، جن جي اوٽ
تي اڀومڙو پنهنجي جان تڳائڻ وارين ضرورتن کي ظاهر
ڪري، کين حاصل ڪرڻ جي واٽ
سان
ٿو لڳي. اهي آهن سندس اڌما چشڪا ۽ انگل آرا.
باب پهريون
نفسيات سان تعارف
نفسيات جو نشانبر:
نفس معنيٰ ساهه، جو ماڻهوءَ جي جند کي جان ٿو بخشي
۽ نفسيات اهو علم جو جيئري جڙئي ماڻهوءَ کي پنهنجي
اڌمن، امنگن، مطلبن، خيالن ۽ چالن جي ورن وڪڙن کان
واقف
ڪري، پنهنجي ۽ ٻين جي رمزن ۽ رازن کي سمجهڻ ۽
سڃاڻڻ سيکاري ۽ ڪن به ٻن ماڻهن جي خواهش، لاڙن،
لڇڻن ۽ لياقتن کي پرکي منجهن فرق ڏيکاري.
البت ماڻهوءَ جي بدني فطرت ۾ ٻيون به ڪيتريون
ڳالهيون اچي وڃن ٿيون،
جهڙوڪ:
سندس کائڻ، سمهڻ، ڪم ڪرڻ، بيمار ٿيڻ وغيره، پر
نفسيات جي علم کي ماڻهوءَ جي قفط جذبي خيال ۽ روش
سان تعلق آهي جي گڏجي هر هڪ مرد توڙي زال کي نرالي
شخصيت جو والي ٿا بنائين. باقي بدني زندگاني
ضرورتون ته سڀني جون ساڳيون ئي ٿيون رهن. اڳتي هلي
معلوم ٿيندو ته ماڻهوءَ جي هلت نتيجو آهي،
سندس جذبي ۽ خيال جو، ان ڪري نفسيات جو ڌيان سارو
ماڻهوءَ جي چال ۾ اٽڪيل ٿو رهي، ته هو پنهنجي
ماحول ۾ پنهنجي گهرجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي روش
اختيار ٿو ڪري، جنهن مان ئي سندس جذبن ۽ خيالن جي
خبر ملي سگهي ٿي.
اها ماڻهوءَ جي هلت آهي،
جنهن مان واقف ٿي اسين ڪنهن کي چڱو ٿا سمجهون،
ڪنهن کي مـَـٺو، ڪنهن کي اڙٻنگ، ڪنهن کي سٻاجهو،
ڪنهن کي مغرور، ڪنهن کي نهٺو، ڪنهن کي ڊڄڻو، ڪنهن
کي دلير، ڪنهن کي سخي، ڪنهن کي ڪنجوس، ڪنهن کي
سياڻو، ڪنهن کي بيوقوف. ٻوليءَ ۾ جيڪي به صفتون
آهن،
تن مان هڪ هڪ ماڻهوءَ جي ڪا نه ڪا وصف، بلڪ سندس
هڪ پوري ذهني ڪيفيت بيان ٿي ڪري ۽ آهن به اڪيچار.
ڏسو ته ٻوليءَ جا لفظ خود نفسيات جي علم سان ڪيئن
نه ڀرپور آهن،
جي اوهان کي اوهان جي پوريءَ طرح هنڊائڻ
کان سواءِ به نفسيات جي ٽيٽ ڏيندا ٿا رهن. جيتوڻيڪ
اوهان شايد اڃا تائين ڌيان ۾ به نه آندو هجي ته
ٻوليءَ جا لفظ ڪيئن ٿا جڙن يا سندس صفتن جي اهميت
ڇا آهي، هر هڪ صفاتي لفظ ۾ ماڻهوءَ جي ورهين جي
تجربي، احساس، خيال ۽ فيصلي گڏجي هڪ لفظي صورت
ورتي آهي، جا ماڻهوءَ جي هڪ مقرر ذهن يا طبعي
تصوير پيش ٿي ڪري. اهي صفتون آهن جي جڏهن اسين
ڪنهن ماڻهوءَ بنسبت ڪم ٿا آڻيون، چڱيون يا مٺيون
يا ڪي چڱيون ڪي مٺيون، تڏهن اهي گڏجي اسان کي ڪنهن
جي طبعي ۽ ذهني حالتن يعني سندس طبع کان واقف ٿيون
ڪن.
ظاهر آهي ته ماڻهوءَ جي نفسي فطرت جو ڏس سندس هلت
ٿي ڏئي. ڀلا هلت ڇا کي ٿا چئون؟ هلت ان کي ٿو چئجي،
جيئن ڪو ماڻهو ڪري يا چوي. هلت جا جزا ماڻهوءَ جا
ڪردار آهن، ڪرڻ ۽ چوڻ. هتي به ساري ٻوليءَ جا
جيڪي به فعل آهن، سي بشر جي ڪرتوتن کان واقف ٿا
ڪن، ته هو ڇا ڪندو ٿو رهي. ماڻهوءَ جو کائڻ، ڍڪڻ،
چڙڻ، وڙهڻ، پرچڻ ۽ هزارين فعل، مارڻ، مڃائڻ، ڪهڻ ،
لٽڻ، ڦرڻ وغيره سڀ سندس ڪنهن نه ڪنهن واقعي فعل جو
فوٽو اکين اڳيان آڻيو ڇڏين. ڪنبڻ يا لڇڻ جي شڪل ڪو
به مصور ڪڍي ڏيندو.
ڏسو ته ٻوليءَ جي هر هڪ لفظ ۾ ماڻهوءَ جي ڪا نه ڪا
پر مقرر ڪيفيت ڪيئن نه سمايل آهي. لفظ جي ايڏي
اهميت ڏسندي ضروري آهي ته هر هڪ لفظ جو پورو پورو
مطلب ۽ مفهوم سمجهي مقرر ڪجي ۽ ان کي پورن هنڌن تي
پوري نموني ۾ ڪم آڻجي، جيئن پورو مطلب ادا ڪري نه
ته ڪو به خيال پوري طرح سان ادا ڪري ڪين سگهبو.
اهي لفظ ئي آهن جي ڪنهن جي خيالن جي ترجماني ٿا
ڪن، ڪنهن جو مطلب ٻئي تائين ٿا پهچائين. جيسين
ڪنهن به لفظ کي ڪو مقرر مطلب نه ڏنو ويو آهي
تيسين اهي لفظ پنهنجو خاص مطلب پهچائي نه سگهندو.
ڪي به ٻه لفظ هوبهو ساڳئي مطلب جا نٿا ٿين، نڪي ڪا
ساڳي خيالي صورت پيش ٿا ڪن. سوچڻ، ويچارڻ، ڀانئڻ،
خيال ڪرڻ، ڌيان لائڻ، سمجهڻ سڀ هڪ جهڙا لفظ ٿا
لڳن، پر باريڪيءَ سان هنڊائڻ
تي هر هڪ جي خيالي حقيقت نرالي ٿيڻ لڳندي. ٻوليءَ
جي فضيلت ان ۾ آهي ته منجهس اهڙا لفظ موجود هجن،
جن سان ڪهڙو به باريڪ خيال اهڙو پورو ادا ڪري
سگهجي جو منجهانئس ٻه مطلب نڪري نه سگهن. هر هڪ
لفظ جو قدر اهڙو پورو مقرر ڪجي جهڙو ڪنهن انگ جو
ملهه، نه ته خوديءَ جو مفهوم هڪڙي جي دل ۾ هڪڙو
ٻئي کي ٻيو، پوءِ ڳالهه وئي لڳو جهيڙو.
وري ماڻهوءَ جي ٻين ماڻهن جي قول ۽ فعل سان دلچسپي
به ڏسڻ وٽان آهي . هر هڪ آکاڻي، قصو، ڪهاڻي، شعر،
مذهب، تاريخ، ناٽڪ، سئنيما، بلڪ اخبار ماڻهو جي
ڪردار بياني نه آهي ته ڇا آهي؟ جي نفسيات ماڻهوءَ
جي هلت يعني سندس ڪردار سان تعلق ٿي رکي ته اوهان
وٽ ماڻهوءَ کي ڄاڻڻ، سڃاڻن، پرکڻ، ۽ تفريق ڪرڻ جو
ذخيره به اٿاهه موجود آهي. اسان کي فقط انهن صدين
جي علم کي ٿورو ترتيبوار ۽ رٿائتو ڪري ڏيکارڻو
ٿيندو ته اهي فعل ڇو ۽ ڪيئن واقع ٿيا. باقي ماڻهو
مسڪين آزمودي جي ڪسوٽيءَ تي ڪڏهوڪو ۽ ڪافي سڃاتو
پيو آهي. سندس فعلن جو چرچو به گوناگون آهي، نه
رڳو ماڻهوءَ جا فعل سماج ۽ حڪومت يا پرديسي قومن
جي چوڪسي هيٺ آهن پر ٻي دنيا جو دوزخ بهشت به وڃو
ڏيکارين.
هر هڪ شخص زال ڇا مرد ڪنهن نه ڪنهن بلڪ ڪيترن ٻين
ماڻهن جي هلت چلت سان دلچسپي ضرور رکندو هوندو.
ٻيو نه ته مائٽ اولاد جي هلت ۾ مَحو
هوندا. زال مڙس جي هلت جاچيندي، مڙس زال جي، ٻار
مٽن مائٽن جي، حاڪم رعيت جي، واپاري خريدار جي،
سياستدان پاڙي وارين حڪومتن بلڪ ساري دنيا جي نظام
جي، جيتري لياقت رکندو هوندو ان موجب.
مطلب ته ماڻهوءَ جي هلت گهڻ قدر معلوم ٿي چڪي آهي
ته هو ڇا ڪندو ٿو رهي ۽ ڇو. نفسيات جي علم کي فقط
ڏيکارڻو ٿيندو ته ماڻهوءَ جا اهي ڪم وجود ڪيئن ٿا
وٺن، ڪهڙين حالتن ۾ ٿا ٿين، سندن ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽
سندس سلسلو ڪهڙو؟ اهڙين حقيقتن جي هٿ ڪرڻ کان پوءِ
ڪي اهڙا اصول يا قانون به مقرر ڪري سگهبا جن جي
ماتحت فعل پيدا ٿا ٿين، جن کي اڳيان رکي سمجهي
سگهجي ته ڪو ماڻهو ڪن حالتن ۾ ڪڙي هلت وٺندو ۽ ان
کي ڪيئن روڪي سگهبو. اهڙيون حالتون هميشه گهر ۾،
اسڪول ۾، آفيس ۾، بازار ۾ ٿينديون ٿيون رهن،
جتي هر ڪنهن فرد بشر کي سوچي سمجهي قدم کڻڻو آهي،
جيئن ڪنهن نقصان هيٺ نه اچي.
نفسيات جو علم ايترو ڪـُهنو
آهي جيترو خود بشر. ان ڪري نفسيات کي سلسليوار
سمجهڻ لاءِ کيس ڪيترن لاڳاپيل حصن ۾ ورڇي سندن ڌار
ڌار اڀياس ڪرڻ مناسب ٿيندو جيئن ته:
(1) نفسيات فلسفيه:
جنهن کي انهن بنيادي مسئلن تي غور ڪرڻو ٿيندو ته
ماڻهو ڪيئن پيدا ٿيو. آءٌ
ڇا آهيان؟ روح ڇا آهي؟ روح ۽ بت جي پاڻ ۾ شراڪت
ڪهڙي؟ اسين جيڪي فعل ڪريون ٿا سي پنهنجي اختيار تي
يا تقدير جي لکڻي موجب؟ دنيوي علم ماڻهن جي لهه
وچڙ مان حاصل ٿو ٿئي يا اڳئي اندر ۾ موجود ٿو رهي؟
(2) نفسيات حيوانيه:
يعني بشر جي حيواني هلت. هن جو تعلق ماڻهوءَ جي
حيواني حصي يعني نفسي خواهشن سان آهي. ان ۾ ته ڪو
شڪ ئي ڪونهي ته ماڻهو دراصل حيوان ئي آهي. سندس
بک، اڃ، اجهي آرام جون خواهشون ۽ نسلي ضرورتون،
هوبهو حيوانن واريون آهن. فرق فقط اهو آهي جو سندس
پورائو پسون، اوٽ اڀرڻ تي بيوس ٿي ان وقت ڪرڻ لڳي
جيئن ٻار ۽ ماڻهو راڄوڻي رسمن انوسار اڌمي کي
قابوءَ ۾ رکي مهل موقعي سان سماجي قانونن جي
اجازتن موجب ڪندو ٿو رهي.
ماڻهوءَ جي انهن حيواني ضرورتن کي ويچاريندي سندس
حيواني اصليت به کلم کلا ظاهر ٿيو پوي. جنهن کي
پوري طرح سمجهڻ لاءِ ضروري ٿيندو ته پسن جي هلت
چلت کان پڻ واقف ٿي ڀيٽي ڏسجي ته ماڻهو اڄ به
ڪيتري قدر نفسي حيوان آهي ۽ ڪيترو سنوپرو
انسان. ٻئي طرف اڄلڪهه جي عام راءِ جي خلاف اهو به
پرندن چرندن جي روش جاچيندي معلوم ٿيو ته پسون به
سمجهه کان خالي ڪين آهن. جيئن سمجهيا
ٿي ويا. جانورن جي تربيت ڏيندي ائين به پڌرو ڪري
ڏيکاريو
ويو
آهي ته هو به سکيا وٺڻ سان گهڻي قدر تعليم يافته
ٿي سگهن ٿا.
(3) نفسيات شخصي:
جا هر ڪنهن معمولي سالم طبع ماڻهوءَ جي پوري ذهنيت
جي واقفيت ٿي بخشي جيئن ته:
(1) سندس اڌمن يعني سندس اندرين احساسن جي ته هو
ڇا ٿو ڀانئي، جنهن مان سندس جذباتي ٺاٺ يعني سڀاءَ
جي سڌ پوي (2) سندس ذهن جي، جنهن مان سندس هوش
حواس ۽ سمجهه ساڃهه جو پتو لڳي (3) سندس اختياري
هلت چلت جي، جنهن مان سندس لڇڻن ۽ ڪردارن جي عزم
جزم جي خبر پوي ته سندس قول ۽ فعل ڪيتري طاقت ٿا
رکن ۽ ڪهڙي پاسي مائل آهن.
(4) نفسيات جسمي:
نفسيات جو سڌو تعلق دراصل من سان آهي يعني من جي
احساسي، خيالي ۽ اختياري طاقتن سان. من جي جاءِ
يقيناً
مغز جي اندر آهي پر من جي اختيار هلائڻ جو نتيجو
ٿيندو ڪجهه چوڻ يا ڪرڻ يعني اسان جا ڪردار . انهن
قولن ۽ فعلن کي اظهار ڪرڻ واري ڪـَـل ته اسان جو
بدن ئي آهي، جنهن کان سواءِ من جي منشا ڪا به پوري
ٿي نٿي سگهي. ان کان سواءِ من جي احساسن يعني اڌمن
جو اثر به سڌي طرح دل جي هلڻ، ساهه کڻڻ، بک، هاضمي
وغيره تي ٿو پوي. جي سڀ بدن جا ئي مکيه عضوا آهن ۽
سڀ همدم تنتي سرشتي سان ڳنڍيل. ساڳيءَ طرح بدن جي
ري نالي غدودن جو اثر به سمجهه توڙي سڀاءَ تي خوب
پوندو ٿو رهي،
جن جي علم کان سواءِ نفسيات جي ڪارنامن ۽ عرضن کي
پوريءَ طرح سان سمجهڻ به مشڪل ٿي پوندو. نفسيات
ساري ماڻهوءَ سان توسلو ٿي ڏيکاري نه فقط سندس من
سان يا من جي فقط هڪڙي شعبي جهڙوڪ:
نفس يعني خواهشات سان جيئن سندس نالو ٿي ڏيکاري.
(5) نفسيات سماجي:
جا ڏيکاري ٿي ته مائٽن مٽن، نيات سماج ۽ ٻين قومن
سان تعلق هئڻ ڪري ڪنهن شخص جو سماج تي ۽ سماج جو
ڪنهن فرد جي شخصي جذبن، خيالن ۽ ڪردارن تي ڪهڙو ۽
ڪيترو اثر ٿو پوي. ظاهر آهي ته ماڻهوءَ جون نيڪيون
۽ بدڪم سڀ ٻين ماڻهن جي نسبت ۾ يعني سماجي ٿا ٿين.
جي سماج ئي نه هجي ته گناهه ڪنهن سان؟ ثواب ڪنهن
سان؟
(6) نفسيات پيمائي:
هن جو مقصد آهي ڪنهن به شخص جي لياقتن جي ڪٿ ڪيئن
ڪجي، ڪنهن به علم کي سائنس جو درجو ٿو ملي، جڏهن
سندس تڪ تور ۽ انگن کي جاءِ ٿي ملي. نفسيات به
هاڻي انهيءَ درجي تي پهچي چڪي آهي، جو ڪنهن به شخص
جي جذبن، ذهن ۽ سندس شخصيت جي ٻين جزن جي منجمله
ڪٿ، ڪافي تجربن جي آڌار تي ڪنهن مقرر ڪيل معمول
مطابق پورن انگن ۾ ڏيکاري سگهبي.
(7) نفسيات مفعولي:
هرڪو جيوُ ساڃهه اچڻ تي پنهنجا حواس ڪم آڻي آسپاس
سان واقفيت پيدا ٿو ڪري، حيوان ڇا انسان. ٻار به
ڄمڻ سان اکيون پٽي هيڏي هوڏي نهارڻ ٿو لڳي. هرڪو
ماڻهو پنهنجي خواهش، ضرورت ۽ لياقت آهر حواسن کان
ڪم وٺي، ڌيان ڇڪائيندڙ شين سان واقفيت ۽ وهنوار
جوڙيندو ٿو رهي. نفسيات جي ماهرن جو رخ به پهرئين
دور ۾ سارو دنيا جي اسباب بينيءَ ۾ کتل رهيو.
آسمان، سج، چنڊ، تارا، مينهن، گوڙ، کنوڻ، ڪڪر،
انڊلٺ، پـُـڇڙ ۽ کڙندڙ تارا. وري زمين جا طرحين
طرحين جانور، ٻوٽا، وڻ، گل ڦل، مٽي، ريتي، جبل،
سمنڊ، وغيره. انهن ٻاهرين شين جي معلومات کي
نفسيات مفعولي سڏيو ويو. هي هو احساسي دور.
(8) نفسيات فاعلي:
ٻئي دور ۾ دانائن جو ڌيان انهيءَ پاسي لڙيو ته آخر
انهن شين جي ڄاڻ رکي ڪير ٿو؟ هاڻي حواسن جي ڪم کي
خيرباد چئي منهن مونن ۾ هڻي لڳا اندر کي ڦلهورڻ ته
اهو ڪير آهي جو ڏسي ٿو ٻڌي ٿو، پرچي ٿو، سمجهي ٿو
وغيره. داناءُ به مان، ٻلوان به مان اهو
”مان“
ڪير آهي؟ اهڙيءَ طرح اندر کي ڦولهيندي ڳوليندي
نفسيات فاعلي وجود وٺڻ لڳي. جنهن جي نظر ٻاهرين
شين کان ڦري پنهنجي اندر ڏانهن رجوع ٿي ۽ پاڻ کي
سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ لڳي. هي هو خيالي دور.
(9) نفسيات روشني:
اڳتي هلي پتو لڳو ته ماڻهو پهرين احساس رستي ڪجهه
محسوس ٿو ڪري، پوءِ سوچيندي احساس ۾ آيل شين بنسبت
خيال ٿو قائم ڪري ته هن جي مون سان نسبت ڪهڙي آهي.
چڱي يا مٺي؟ انهيءَ منزل تي سندس بدن ۾ ڪو نه ڪو
تحرڪ ٿو پيدا ٿئي، جنهن جي وسيلي هو ان شيءِ کي
سڃاڻي سمجهي پنهنجي ڪم آڻڻ لاءِ هٿ ٿو ڪري، يا ان
کي بيڪار سمجهي ڇڏي ٿو ڏئي. ويتر جي ان کي پنهنجي
لاءِ خطرناڪ سمجهيائين ته ان کي ناس ٿو ڪري يا ڀڄي
جان ٿو ڇڏائي. يعني ته ڪو نه ڪو اختياري ڪم پنهنجي
وس ۽ وت آهر ڪري ٿو. ڏسجي ٿو ته احساس، خيال ۽
اختيار جي پڄاڻي ڪنهن نه ڪنهن فعل ۾ ٿي ٿئي ۽ اهي
عمل ئي آهن جي گڏجي اسان جي روش يا هلت ٿا ٺاهين،
اتي نفسيات فاعلي ۽ مفعوليءَ مان نظر نڪري وڃي.
نفسيات روشنيءَ ۾ اٽڪي. هي ٿيو روشني جو دَور جنهن
مان نفسيات هاڻي هلي رهي آهي ۽ ماڻهوءَ جي افعالن
جي چڪاس ۽ انهن جي سببن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي ته
ساڳين حالتن ۾ ڪو ڪهڙو قدم ٿو کڻي، ڪو ڪيئن ٿو هلت
ڪري، سو ڇو؟ ضرور ڪو ڦير سندس جذبي، خيال يا همت ۾
هوندو، جن تي ئي عمل جو بنياد ٻڌل آهي.
(10) نفسيات عارضي:
جا ماڻهوءَ جي غير قانوني اڌمن، جذبن، مت ۽ هلت جو
علم ڏئي، جن کي دماغي عارضا يا بيماريون چئجي ٿو،
اُهي عارضا بيخياليءَ، بي سمجهيءَ، غلط احساس،
اؤنٿرائيءَ، اڍنگائيءَ کان ٿيندي بنهه چريائپ
تائين ٿي سگهن ٿا.
نفسيات ۾ ٻي به هڪ نمايان تفريق ٿي چڪي آهي، جنهن
جي مطابق سندس هڪڙيءَ پهلوءَ کي نفسيات علمي ۽ ٻئي
کي نفسيات عملي چيو ٿو وڃي.
(11) نفسيات علمي:
جي مدنظر فقط نفسيات جي ذاتي علم جي کوجنا، سهيڙ ۽
ان جي ترقي آهي.
(12) نفسيات عملي:
وري خالص وديا جي هٿ ڪيل اصولن کي ٻارن جي صحيح
نيپاج، ٻاراڻي وهيءَ جي اڙٻنگاين کي هموار ڪرڻ،
جوانيءَ جي سماج سوز جوشن ۽ ڀڙڪن کي ٺاري کين
ڪارائتي سماجي ۽ سياسي طاقت بنائڻ، زندگيءَ کي
دلچسپ ۽ خوشگوار ڪرڻ، ذهني لياقت وڌائڻ، من کي
اجاين پريشانين کان بچائڻ ۽ درست رکڻ، خام خيالن
کان آجو رهڻ ۽ سهڻي سيرت پيدا ڪرڻ، ٻارن کي زماني
سازيءَ جي مدنظر تي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ ۽ پنهنجي
توهه تي تڳڻ جي طاقت بخشڻ ۽ ٻين به ڪيترين انتظامي
مشغولين ۾ عملي طور تي لاڳو ڪري هڪ پاسي تنظيمي
سچيتي ۽ وسعت پيدا ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي پاسي انسان
ذات لاءِ اٿاهه سهوليت ۽ سندس ترقي.
مغرب ۾ هن سمي نفسيات عمليءَ جو دور آهي نه ته
ٿورو اڳي سندس فلسفي ۽ گياني پاسا زور هئا. هاڻي
سندس مزاجي ۽ سماجي پاسا به باريڪ چوڪسي هيٺ آهن.
نفسيات پيمائي ته وڏن امتحانن ۽ عهدن جي چونڊن
لاءِ ڪميٽين ۽ ڪميشنن جو ڪارآمد اوزار بنجي چڪي
آهي ۽ ڪيتري قدر ڪارائتي ثابت ٿي آهي. سندس موجود
ڪيل اصولن ۽ ميزانن تي هر هڪ شخص جي وصفن، خوبين،
۽ خامين جي ڪٿ ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪنهن جي
لياقت ڪيتري آهي ۽ ڪهڙي ڪم ۾ ڪارائتو ٿيندو.
هر ڪو ماڻهو هر ڪنهن ڪم لاءِ ڪارگر نه آهي. جيڪي
وصفون هڪڙي ڪم لاءِ خوبيون آهن سي ئي ٻئي ڪم لاءِ
خاميون ٿي سگهن ٿيون. پوءِ ڇو نه ٻارن جي لاڙن،
طبعي رغبتن ۽ ذهني حيثيت کان واقف ٿي، کين پريندي
ئي اهڙن ڪمن لاءِ تيار ڪجي جن جي لياقت هو رکندا
هجن ۽ اتي بهترين ڪم ڪري لائق ثابت ٿي، نه رڳو پاڻ
زماني جي ناڪامين ۽ نراساين کان آجا رهي، پنهنجي
زندگيءَ جو سفر سولو ڪن، پر قومي ڇپر کڻڻ لاءِ به
مناسب جڳهن تي پير کوڙي سندس ٻيڙو ستڙ ڪن.
نفسيات جي اڀياس جا ٻه طريقا: مراقبو ۽ مشاهدو ۽
سندن نسبتي اهميت
(1) مراقبو:
آد جڳاد کان ويچار ڪندڙن، هن دنيا جي ڀول ڀليان کي
سمجهڻ خاطر هر وقت ۽ هرديس ۾ کوجنائن ڪرڻ سان
گهٽايو ئي ڪينهي. اوائل زماني ۾ جڏهن نفسيات اڃا
روحانيت جي حلقي ۾ هئي، تڏهن ماڻهوءَ جي جيڻ ۽
مرڻ فنا ۽ بقا جو مسئلو، مرڻ کان پوءِ وري جيئرو
ٿي اٿڻ، ايڏا دلچسپ مشغلا هوندا هئا، جن هر مفڪر ۽
گياني پرش کي عبرت جي اڙي ۾ اٽڪائي، پنهنجي اندر
کي ڦولهڻ ۽ ڦلهورڻ جو گرويده بنائي ڇڏيو هو.
ماڻهو ڪيترو نه سليم طبع آهي، سمجهو ۽ محبتي آهي،
پر شل نه ڪو ڇيڏڪ اچيس يا ڪو جوش وٺيس ته پنهنجا
ئي نه سڃاڻي، وري ٻئي پاسي کان ڪنهن تحمل ۽ تدبر
جي ڌڻيءَ کي ئي ڏسو ته ڪيئن نه ضدي ٿي هوڙهائيءَ ۾
اچي. ائين ته عقل هٿان ڇڏائي ويندس جو ڪئي ڪمائي
ڪٽ ڪري ويهي رهندو. بعضي سندس همت
جبل لتاڙيو وڃي ته بعضي پنهنجي پاڇي جي درد ڀري
دنيا ۾ آٿت ڏيو، انسان ذات جي ڪارنهن مٽايو ڇڏي،
ڪڏهن ته پوري نفس جو غلام بنجي ڪيڙي وانگر ڪچري ۾
مگن.
ڪنهن زماني ۾ جڏهن ماڻهوءَ جي جذبن، خيالن ۽
افعالن کي سمجهڻ ايڏو اوکو ٿي لڳو جو ائين به ڪنهن
روشن ضمير ٻڌايو ته
”جنهن
پاڻ سڃاتو تنهن رب سڃاتو“
سواءِ ان جي ٻيو چاروئي ڪو نه هو، ته مونن ۾ منهن
هڻي اکيون ڪن ٻوٽي، پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي
اسرار جو راز پروڙجي، جنهن کي مراقبو چيو ويو.
ڊگهي عرصي جي جهدوجهد کان پوءِ معلوم ٿيو ته هن
دستور تي فقط پنهنجا احساس ۽ ڪي سادا خيال بعضي هٿ
اچيو وڃن، باقي پنهنجن جذبن ۽ مطلبن کي سمجهڻ کان
ته بلڪل قاصر رهجو وڃجي. ڀلا جڏهن خوف يا غصي ۾
مبتلا ٿا ٿيون،
تڏهن اسان ۾ ايتري صلاحيت ڪٿي ٿي رهي جو پاڻ کي
اهڙن زبردست جذبن کان ڇني پاسيرو ڪري پنهنجي تماشي
کي پاڻ ڏسڻ جو تاب ڌاريون يا ان کي قلمبند ڪرڻ جو
هوش رکون، جنهن مهل اهو حوصلو ئي پيدا ٿيو ته مان
غصي ۾ آهيان، انهيءَ وقت ڪاوڙ جي جذبي جو اثر ته
ويو ڪافور ٿي، پوءِ انهيءَ گذريل ڪاروائيءَ جي
فروگذاشت نقل ڪرڻ ائين پئي لڳندو جيئن ڪو ناٽڪي
کيڏاري پنهنجو مصنوعي پارٽ سوچي سوچي ادا ڪندو
هجي. تپاس جو ارادو، بلڪ سندس خفيف خيال به، جذبي
جي اصلي صورت ۾ ڪيتري تبديلي آڻي سندس اصليت بگاڙي
ڇڏيندو.
وري اسان جا مطلب ته ڪي اهڙا هاڃي هنيا ڳجهڙا آهن.
جن کي بي ريائيءَ سان ڏسڻ ئي ڏکيو. جهيڙي ۾ غرض ته
ٻنهي ڌرين کي هوندا آهن پر اهڙا لڪل جو پنهنجو
ڏوهه ڪا به ڌر سچ پچ محسوس ڪا نه ڪندي آهي. ساڳيءَ
طرح حواسن جي پهچايل خبرن جي احساسن جي پوري ڪٿ
ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو. البت سڙي پوڻ جو احساس ڪنهن چُڀڪي
جي احساس کان زياده المناڪ
معلوم ٿيندو پر منجهن پوري طرح اندازي تفريق ڪرڻ
آسان ناهي. گل کي ڏسڻ سنگهڻ سان ايترو چئي سگهبو
ته سندس ڏسڻ وارو احساس سنگهڻ واري احساس کان
زياده خبر ٿو ڏئي پر ٻنهي احساسن جو فرق ايتري قدر
انگن ۾ آڻڻ مشڪل ٿي پوندو،
جنهن مان ڪا پوري پختي خبر پوي ته هيترو يا ڪيترو.
ان کان سواءِ محسوس ڪيل احساس کي پورن لفظن ۾ بيان
ڪرڻ به ڪا معمولي ڳالهه ڪانه آهي. باهه ڀڙ ڀڙ ڪندي
ڏسڻ ۽ باهه جي احوال پڙهڻ ۾ ڏٺي ٻڌي جا فرق آهن!
(2)مشاهدو:
اهڙين حالتن، هوندي نفسيات جو فقط مراقبي جي
اڻپورن احوالن تي سائنس جي صورت وٺڻ مشڪل ٿي معلوم
ٿيو، جيسين اها حقيقت معلوم ٿي ته من جي هر ڪا
اندرين واردات يعني ڪو به جذبو يا خيال، جي اندر ۾
اڀري ٿو ته ڪا نه ڪا ظاهري حرڪت به بت ۾ ضرور پيدا
ڪري ٿو. اها چرپر پاءُ پلڪ هلي يا زياده، فقط چهري
جي رونق بدلي يا هٿن پيرن کي تحرڪ ڏئي، زبان کان
ڪم وٺي يا جسم جي اندرين عضون کي لوڏي، آنڊن ۾ وٽ
وڪڙ وجهي يا دل کي دهه دهه ڪرائي. بلڊ پريشر کي
ڀڙڪي ڏئي يا سهڪو پيدا ڪري. خوشيءَ کي اڀاري يا
فساد مچائي، اهو سڀ جذبي جي جوش ۽ سندس قسم تي
منحصر رهندو.
تجربي ظاهر ڪيو آهي ته بدن جي اهڙن ظاهري مشاهدن
کي ڪن اوزارن جي وسيلي ته ايتري نفاست ۽ باريڪيءَ
سان چٽو ڪري سگهجي ٿو جنهن کي انگن ۾ آڻڻ به نهايت
آسان ٿيو پوي. بلڊ پريشر، دل جي رفتار، ساهه جي
رفتار ڏيکاريندڙ اوزارن کان سواءِ اهڙا اوزار به
ڪم آندا ويا آهن، جن جي رکڻ سان بدني بجليءَ جو
پورو مقدار ۽ سندس رفتار جي تيزي ڏيکاري سگهن يا
مٿي تي ٻڌڻ سان ڪن اندرين دماغي ڪيفيتن کي نروار
ڪيو ڇڏين. هاڻي ته مراقبي واري اندرين جستجو سان
گڏ هي کلم کلا ۽ پوري مشاهدي واري تپاس به شامل ٿي
پئي، جنهن نفسيات جي تجربن کي گهڻي قدر موزون ۽
محقق ثابت ڪري ڇڏيو آهي.
يورپ ۽ خاص طرح
آمريڪا
۾ نفسيات متعلق نفيس تجربا عام جام جاري آهن. جن
پڌرو ڪري ڏيکاريو آهي ته هر هڪ جذبي جو بدن تي
ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر ٿي پوي، ۽ جسم ڪهڙي صورت اختيار
ٿو ڪري. رڳو راڳ جي دائري ۾ ايتري باريڪيءَ سان
تجربي کان ڪم ورتو ويو آهي جو هر هڪ راڳ ۽ آلاپ جو
اثر بدن جي عضوي عضوي تي نهايت نفاست سان قلمبند
ڪيو ويو آهي.
مشاهدي جا نقص:
البت ايترو مڃڻو پوندو ته جي مراقبي ۾ خاميون آهن
ته مشاهدو به ڪنهن قدر اوڻاين کان آجو ڪين آهي.
ڀلا ڪو به تجربي هيٺ ماڻهو جڏهن پاڻ کي تجربيخاني
جي اوزارن سان جڪڙيل ڏسندو تڏهن لازمي آهي ته ڪنهن
قدر سندس بدن، فطرتي جنبش کان ٿورو موڙ به کائي
وڃي. ساڳيءَ طرح انسان جا خوشي ، ڏک ۽ ڊپ وارا
جذبا يا سندس اخلاقي ڪشمڪش وارا بدن جي تار تار
ڌونڌاڙيندڙ واقعا به، تجربي خاطر پنهنجي مرضيءَ تي
پيدا ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانه آهي، جو ڪنهن به وقت
انهن کي اڀري جوش ۾ آڻي تجربي لاءِ تيار ٿي وڃجي.
انهن خامين هوندي به مشاهدو ايتريقدر ته ڀروسي
جهڙو ثابت ٿي، روز بروز ترقي ڪري رهيو آهي، جو
مشاهدائي جن کي
”بهيوئرسٽس“
ٿو سڏجي ، مراقبي کي بنهه ترڪ ڪرڻ جا حامي بنجي
چڪا آهن. حقيقت ۾ اها به اٻهرائي چئبي. ڇاڪاڻ ته
جي مراقبي کي اصل ڪڍي ڇڏجي ته احساسن جا پورا
احوال جي فقط اهو ئي ڏئي سگهندو،
جنهن کين محسوس ڪيو هوندو، ملڻ مشڪل ٿي پوندا،
مشاهدو ته کڻي انهن احساسن جي اثرن کان واقف ڪندو.
ظاهر آهي ته مغز جي خامين ۽ خرابين کي سمجهڻ يا
سندن علاج خاطر جيسين بيمار جو احوال نه وٺبو ته
هو پاڻ ڪيئن ٿو ڀائين
۽ ساڻس ڇا ٿو وهي واپري تسين علاج ڪندڙ فقط سندس
ظاهري اطوارن مان ڪيترو پروڙي سگهندو ته سندس من
جي اندر ڪهڙي ويڌن لڳي پئي آهي؟ آيا سندس احساسن ۾
ڦيرو آيو آهي، خيالن ۾ يا فقط ظاهري افعالن ۾.
منجهائيندڙ دماغي بيمارين کي ڇڏي جي رڳو جسماني
بيمارين تي غور ٿو ڪجي ته ڪنهن سور متعلق به جيسين
بيمار احوال نه ڏئي ته ڪيئن سور سرجيو، ڪٿان ڦرندو
گهرندو ڪٿي وڃي بيٺو آهي، تکو آهي ماٺو آهي،
لاڳيتو آهي يا رکي رکي ٿو اڀري، تيسين ڊاڪٽرن کي
ڪيئن سمجهه ايندي ته سور ڪهڙي قسم جو يا ڪهڙي
عضوي سان لاڳو
آهي. ڇاڪاڻ ته ٻار يا ڪو بي زبان جانور پنهنجو
احوال ٻڌائي نٿو سگهي، انڪري سندن بيمارين کي
سمجهڻ لاءِ ڪيڏو نه مٿو مارڻو پوندو آهي ۽ ڪيترو
نه معالج جو ڪم ڪٺن ٿي پوندو آهي.
تازو، ڪتن تي تجربا
ڪندي معلوم ٿيو آهي ته ڪتي کي رنگن محسوس ڪرڻ جي
قدرت تميز ئي ڪانه ڏني آهي. هو فقط چٽاڻ ۽ ڪاراڻ
محسوس ڪري سگهي ٿو،
جنهن مان کيس روشنيءَ جي گهٽ وڌ تيک يا اونداهه
معلوم ٿئي ٿو، باقي سندس نظر ۾ ڳاڙها، پيلا يا
ساوا رنگ ٿين ئي ڪين. جيڪي ڳوڙها رنگ هوندا سي
ڪاراٽيل ڏسندو ۽ هلڪا رنگ صفائي واري پاسي تي. وري
جو حيوانن متعلق پراڻا قصا پڙهجن ٿا ته اهڙا
احوال به ڪيترا ملندا جيئن ته:
”منهنجي
ڪتڙي کي ٻه کينها آهن، هڪڙو نيرو ٻيو ڳاڙهو ۽ هو
هميشه ڳاڙهي تي ڇڪن آهي.“
هاڻي جو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪتو رنگ بنهه ڏسي ئي
نٿو سگهي ته مٿئين مشاهدي جو ڪارڻ ڳاڙهو رنگ ته ٿي
نٿو سگهي، عجب نه آهي ته ڳاڙهي کينهي ۾ ڪا اهڙي
بوءِ هجي جا کيس وڻندي هجي يا ڪا ان جي ٻي وصف،
بناوت، وزن يا ٻيو ڪجهه دلپسند هجيس. جي ڪتي کي
زبان هجي ها جنهن سان پنهنجو احوال ڏئي سگهندو هجي
ها ته اهڙي غلط فهمي پيدا ڇو ٿئي ها. اهڙين حالتن
کي مدنظر رکي مراقبي کي ترڪ ڪرڻ به مناسب نٿو
لڳي.
بهرحال نفسيات جو اهو زمانو گذري چڪو، جو هڪڙي هنڌ
ويهي سوچي پنهنجا جذبا، خيال ۽ افعال ويچار ۾ آڻي،
من جي رسمن ۽ چالن کان واقف ٿي وري پنهنجي دل تي
هٿ رکي پنهنجا احوال ٻين سان لاڳو ڪري اندازو ڪبو
هو ته ٻين سان به ائين هوندو جيئن مون سان، آخر
اُهي به ته مون جهڙا ماڻهو آهن نه! هن قسم جي ڌوڪي
کان هميشه پاڻ کي بچيل رکجي. حقيقت ۾ ڪي به ٻه
ماڻهو جيئن ظاهري قدو قامت ۽ شڪل ۾ ٻيا ٻيا ٿا
ٿين، تيئن من جي مشغولين ۾ به بلڪل نرالا. ائين
ضرور آهي ته ٿلهين ڳالهين ۾ ماڻهوءَ جو مغز مڙئي
ماڻهوءَ جو پر، باريڪين ۾ ايڏو مختلف جيترو هرهڪ
جي شڪل جيترا مهانڊا اوترا من جا ورن. نڪي ٻه
ماڻهو شڪل ۾ ساڳيا ڏسبا نڪي من ورتيءَ ۾. پوءِ جي
ڪو ٻين کي پاڻ تان پرکيندو ته ڪٿي نه ڪٿي کاٻارجي
ڌوڪو ضرورکائيندو. ائين هرگز نه آهي ته جيئن مان
ٻين سان ٿو هلان تيئن ٻيا به مون سان ساڳيو ورتاءُ
ڪندا. رخ هر ڪنهن جو پنهنجو رهندو جيڪو سندس
سڀاءُ. من کي به ايترا روپ آهن جيترا منهن کي.
هاڻي ته تجربن اهي رنگ رچايا آهن جو من جي مشاهدي
۾ آيل حقيقتن تي پڻ ٻين سائنسن وانگر اصول ٻڌجي
چڪا آهن ۽ انهن متن جي مدنظر تي انهن احوالن جو پڻ
اندازو ڪيو پيو وڃي، جيڪي مراقبي ۾ چٽا ٿي نه
سگهيا هئا. اوڻائي گهڻي قدر اها رهي آهي جو
زندگيءَ جي اصلي واقعن ۽ تجربن لاءِ هٿرادو پيدا
ڪيل جذبن ۾ اصل نقل جو فرق رهجيو
وڃي، پر هاڻي جو دماغي بيمارين جي تپاسن ۾ ڪيترن
ئي نفيس اوزارن کان ڪم ورتو پيو وڃي ته اهڙيون
ڪيتريون اصلي حالتون به پنهنجي پوري صورت ۾،
اڻسڌيءَ طرح تجربن ڪندي خود بخود ظاهر پئي
ٿيون آهن، جنهن ڪري اها اوڻائي به گهڻي قدر ڀرجي
رهي آهي.
------- |