باب
پنجون
پسن ۽ ماڻهن ۾ اوٽ ۽ سمجهه
اوٽ ۽ سمجهه ۾ فرق:
جيسين جيت جڻا ۽ پرند چرند اڃا سائنس جي چوڪسيءَ
هيٺ نه آيا هئا، تيسين ائين سمجهيو ٿي ويو ته
حيوانن کي سمجهه ٿئي ئي ڪانه. ڀلا سمجهه کان سواءِ
جيو ، هن جنگ جدل جي جهان ۾ ڪيئن ٿا جالين ۽ ٻچا
تاتين. چي: کين ڪو اندر جو سوجهرو ضرور آهي جنهن
جي ڏس تي کاڄ، اجهو، ساٿي ڳوليو ٻچا تاتيندا هلندا
وتن، باقي پسون ۽ سمجهه ته لفظ ئي مخالف پيا لڳن.
ايترو آهي ته ڪا اوٽ اٿن، جا بچائيندي اچين، نه ته
سندن نانءُ نشان جيڪر ڪڏهوڪو گم هجي ها.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ماڻهوءَ کي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ڪري
هزارن ورهين جي ڪٺي علمي حاصلات ميسر ٿي آهي، سا
اٿاهه آهي ۽ حيوان، جن کي وڌ ۾ وڌ ته مائٽ ڪجهه
سيکاري ٿو ۽ پاڻ اوترو ئي اولاد کي ڏئي ٿو. انهيءَ
نعمت کان خالي ٿا رهن. صدين جا لکيل احوال ۽ خيال
معلوم ڪرڻ انهن کي اڄ جي حالتن سان ڀيٽڻ ۽ سڀاڻي
لاءِ سوچڻ يا ورهين جي گڏ ڪيل حرفيات جي روشنيءَ
۾ ڪنهن اختلاف تي عقلي دلائل هلائي راءِ زني ڪرڻ
يا حسابن جي وسيلي تارن جون منزلون مقرر ڪرڻ يا
يوڪلڊ وانگر خيالي شڪليون ٺاهي، ڀومي ماپ جا قانون
ٻڌڻ: هي ته سڀ ماڻهوءَ جي خيال ۽ سوچ جا ڪارناما
آهن، جنهن جي زبان صدين جا آزمودا سانڍي رکيا.
قدرت نڪو قلم ٺاهيو نڪو پنو نه انگ نه اکر. نڪي
ڌرتيءَ تي سڌيون ليڪون هيون نه ٽڪنڊا. نڪو هو وقت
وڇوٽيءَ جو قياس، جنهن مان ڀومي ماتا ايترو ئي
سمجهي ته پنهنجي نور پرور سج کي ڦري ڪيترو وقت ٿيو
اٿم يا کانئس گهڻو پري آهيان.
اهو علم آهي جنهن ماڻهوءَ کي ايترو جهنگ کان ڇني
ڌار ڪري بيهاريو آهي، جو سندس اصليت نه رڳو ڄاڻڻ
کان پري ٿي چڪي آهي پر وسهڻ کان پري. قدرت جو ڏيج
ته وڏي ننڍي جيو کي ايترو ئي جڙيو جنهن سان هر ڪو
پنهنجي ماحول موجب ساهه سنڀالي ۽ پونير پالي سگهي.
جهڙو مور کي تهڙو ماڻهوءَ کي. اهي هيون ڪي ٺهيون
ٺڪيون تجويزون، جي ڄائي ڄم کان هر ڪنهن سان گڏ
پيدا ٿينديون رهيون ته سندن رهبري به ڪن ۽ جان به
بچائن، جن کي اوٽون يا انسٽنڪٽ ٿو چئجي.
اوٽ جو نشانبر:
اوٽ اها اندر جي لياقت آهي جا جيوَ
کي ڪنهن ضروري حاجت پوري ڪرائڻ لاءِ تڙي کڙي طاقت
به ڀڙڪائي ۽ واٽ به لائي. اوٽ ڄائي ڄم کان موروثي
ٿي ٿئي، نه آزمودي مان پرايل ۽ بنا ڪنهن هڻڻ جي
واٽ ئي هڪڙي ڏسي. سندس خاص مقصد آهي جيو کي جيئرو
جڙيو رکڻ جنهن جا ٻه ضروري ڀاڱا آهن: (1) پيٽ قوت
ڪرڻ ۽ جوکي کان بچڻ (2) سندس نسل چالو رکڻ.
اڃا ڪا اندر ۾ اوٽ اڀري ته بت ۾ ائين ته ڦڙتي
بجليءَ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، جو جيو خود بخود
انهيءَ وقت جي ضرورت کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل ڪم
ڪرڻ کي لڳي ويندو. ڏسجي ٿو ته اوٽ جسم جي رکوال
آهي، جا کيس ڏس تي هلائي چلائي ٿي ۽ عضوا اوٽ جا
هٿ ٺوڪا اوزار، جن کان ڪم وٺي هوءَ پنهنجون
ضرورتون پوريون ڪندي ٿي رهي، ڄڻڪ بت هڪ ڪل آهي ۽
اوٽ نه رڳو سندس چورڻ جي چاٻي پر واٽ به لائي.
ظاهر آهي ته جي ڪو جانور پنهنجون سڀئي اوٽون ڪم
نه آڻي سگهندو هوندو ته سندس بدني ڪل جون سڀئي
بازون يعني مشڪون به پوريءَ طرح ڪم نه اينديون،
انڪري جيو جا جسماني ڀاڱا به اوترو نٻل رهندا.
اهوئي سبب آهي جو پاليل جانور ٻڌي ڇڏڻ ۽ پڃري ۾
رکڻ ڪري گهڻو جٽاءُ ڪين ڪندا آهن. بند ۾ آزاد نه
هئڻ سبب نه هنن جون اوٽون ڪم ٿيون ڪن نه سڀئي عضوا
ٿا هلن ۽ قانون قدرت جي خلاف رهائش سندن بدني ڪل
کي جلد ئي ڪمزور ۽ بيڪار ڪيو ڇڏي.
حيوانن ۾ سمجهه:
سائنس گهڻي قدر صاف ڪري ڏيکاري آهي ته جيئن جيئن
جيو ارتقا جي چڙهڻي چڙهندا ٿا هلن، تيئن اوٽن سان
گڏ کين ضرورتن موجب سمجهه به ساڻي ٿيندي ٿي وڃي ۽
وڌندي ٿي رهي، رڳو ڪيلين ماڪوڙين بنسبت تحقيقاتون
ٿيون پڙهجن ته عقل چرخ کايو وڃي. ڪيترو به ماڪوڙين
جي رستي کي پيچيدو بنايو، مگر ٿورو منجهي وري به
پنهنجو رستو ڳولي وينديون، ماڪوڙيون آبادي ڪن فصل
کڻن ۽ پيدائش ڪٺي ڪري آئيندي لاءِ رکن. ٻين جيتن
کي چوپائي مال وانگر پنهنجي ڏهڻ پيڻ لاءِ رکن.
وڙهڻ لاءِ فوجي لشڪر رکن، پاڻ ۾ لڙايون ڪن جن ۾
هزارين مرن ۽ جن کي جهلين تن کي قيدي ڪري رکن ۽
کين غلامن وانگر وهائن. شل نه ڪا دشمني پاڻ ۾ پوين
ته موروثي طور تي هلي هلندن.
آفريقا ۾ اڏيهيءَ جا گهر، پري کان ماڻهن جي
جهوپڙين جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا، جن ۾ ويهن کان چاليهه
ماڙيون ٿين ۽ اهڙا پڪا جو ڀل ته مينهن چڙهي بيهين
ته به نه ڀڄن. هر هڪ منزل جي پوري وچ تي شاهي محل
اڏين، جنهن ۾ سندن راڻي ۽ راڻو رهي. راڻيءَ کي خاص
شيون کارائي اهڙو مچائين جو رواجي ماڪوڙيءَ کان ٻه
ٽي هزار دفعا ٿلهي ٿئي. ٽي انچ کن ڊيگهه ۽ ٿولهه
به انهيءَ پيماني تي. اها راڻي آهي جا پنهنجي قوم
قائم رکندي اچي . اسي هزار آنا روز لاهي ۽ لاڳيتا
پنج ورهيه. پوءِ هٽي ته وري ٻي راڻي ٺهي. شاهي محل
جي ڀرسان نيپاڄ گهر، خدمتگارن جون جايون، فوجي
عملي جا قلعا، توشاخانا، جن ۾ طرحين طرحين کاڄ جون
شيون، ٻج، ميوا، سرهاڻيون، کؤنر وغيره.
جٽاءَ جو اصول:
جٽاءَ جي اصول موجب اها قوم سمجهو چئبي، جيڪا گهڻو
وقت قائم رهي . جيڪڏهن هر ڪنهن قوم جي فضيلت جو
معيار اهو آهي ته هن دنيا جي غلغش ۾ ڪنهن ڪيترو
جٽاءُ ڪيو ته ماڻهوءَ کان اهي ڪاريون اڇيون
ماڪوڙيون گوءِ کڻي وينديون، جن ضعيفي حال هوندي
ڪروڙ ورهيه پنهنجي ذات قائم رکي آهي. جي بي سمجهه
هجن ها ته ڪڏهوڪو گم هجن ها. عجب نه آهي ته ڌرتيءَ
جي ڏيتي ليتيءَ ۾ هنن جي ضرورت هجي. ڌرتيءَ مان
ڪاٺ ٺهي ته اڏيهي ڪاٺ کي مٽي ڪري!
ڪتي، گهوڙي ۽ لنگور جي ڪارنامن ڏسندي يا جانورن کي
سيکارڻ وارن اديبن جا آزمودا ويچاريندي ماڻهوءَ جي
موجوده فيصلي کي بلڪل ترڪ ڪرڻو پوندو ته جانورن کي
سمجهه ڪانهي.
سمجهه ۽ اوٽ ۾ فرق:
اهو آهي، جو اوٽ جو رستو ئي هڪڙو ٿئي، پر جي ڪو
جانور ڪنهن مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه يا زيادهه رستا
جاچيندو ڏسجي ته اها سمجهه جي نشاني چئبي. سمجهه
چئجي ته انهيءَ لياقت کي ٿو، جا ڪنهن ٻه - واٽي تي
پهچي، فيصلو ڪري ته ڪهڙي واٽ چڱي. اهو چڱو مٺي تي
پهچي فيصلو سورهن آنا سمجهه جي ڏيکاري ٿو ڏئي. جن
جيون جي ڪرت آزمودي مان سڌري ٿي سگهي اهي ڪنهن قدر
سمجهو ضرور چئبا، جيڪڏهن ڪو جانور رلي رلي شڪار
لهندو هو ۽ هاڻي ويو، ته وريو ته اهو سهنج سمجهه
جي ڪري ئي چئبو. وڏين عمرين وارا جانور جهڙوڪ
طوطا، ڪانءُ، هاٿي يقيناً زياده سمجهو ٿا ٿين، پر
ڪيڙو، جنهن جي حياتي بلڪل مختصر ٿي ٿئي، ان کي به
جي ڇهبو ته دت هڻي پئجي رهندو، جنهن مان هڪ پاسي
جان بچائڻ جي حرفت ته ٻئي پاسي پنهنجي چرپر تي
ضابطو ظاهر آهي. ڪهڙو عجب ته اهو عمل به هڪ عڪسي
عمل هجي، جنهن ۾ سمجهه جو ڪو هٿ ئي نه هجي. جيت ۽
ماڻهوءَ جي عڪسي عملن ۾ اهو فرق آهي جو جيت ۾ عڪسي
عمل جو اثر ساري جيو تي ٿو ٿئي پر ماڻهوءَ ۾ بدن
جي ڪنهن حصي تي.
اوٽ جو ڪم ئي هڪڙو، نه ڦري نه گهري:
گهريتڙي، جا پنهنجي قدرت جي ڏنل اوٽ تي پهچي مختصر
حياتي گذاريو وڃي، ان جي هلت جي واٽ ئي هڪڙي. سندس
جوڙيل مٽيءَ جو گهر جتي ڪٿي ساڳيا، نه رڳو گهاڙ جي
نموني کان پر مٽي به ساڳئي قسم جي. گهر کي اهڙو ته
مشهور ڪري ڇڏيو اٿس جو نالو ئي گهر تان پيو اٿس.
گهر ۾ خانا ٺاهي هڪ هڪ ٻچڙي لاءِ ڌار، ته جڏهن به
ڪو سجاڳ ٿئي ته پاڻ نڪري وڃي ۽ ٻيا محفوظ رهن.
اهڙي عقل جي ڪم کي لاچار اوٽ چوڻو ٿو پوي، ڇاڪاڻ
ته اهو ڪم ڪري ئي هڪ ڀيرو ۽ بنا آزمودي جي، وري
مزو ته اهو جو خاني ۾ ٻچي جي ڀرسان هڪ سوٻٽ به اڌ
مئو ڪري رکي ڇڏي ته ٻچڙو سگهه سنڀارڻ سان ئي کائي
ڀت ٽـُڪي نڪري اچي. جي ڪنهن لذيذ شيءِ ڪترڻ تي
سندس ڏاٺ ته هري ته ڀت ٽڪڻ جي اوٽ به ڪانه ايندس.
نڪرڻ واري هنڌ جي ديوار ايترو ته پتري ڪندي آهي،
جو ٻچڙو منجهانئس
ٻاهرين روشني تاڙي سگهي. چوڌاري ٻاڏ اونداهي ۽ هڪ
هنڌان سوجهري جو ڌپو، هن کي اوڏاهين متوجهه ٿيڻ جي
اوٽ ڏئي، ٻاهر نڪرڻ جي واٽ ڏسيو ڇڏي. ڪير جو وجد ۾
نه اچي!
وري جو ڏسو ماکيءَ جو مانارو ته مجال آهي ڪنهن
ڪاريگر جي، جو منجهس درستي آڻي. هر هڪ گهرڙو پورو
ڇهه پاسو. هر هڪ جي اونهائي اهڙي پوري، جو وار
ويڇو نه لڀي، هر هڪ ديوار جي ٿولهه به پوري هڪ
جيتري. اهڙي پورين ماپن ڪرڻ لاءِ اهڙا نفيس اوزار
ڪٿان آين؟ ڪنهن سيکارين به ته ڪونه. هر هڪ مک ڦٽي
نه آهي ڪم کي لڳي نه آهي، وري هٿ هر هڪ جو ساڳيو.
ظاهر آهي ته اوٽ جي ڪرت نه فقط مقرر آهي، پر سڀني
ذاتڀاين جي ساڳي. سمجهه ته حالتن پٽاندر پنهنجن
مقصدن پوري ڪرڻ لاءِ واٽون بدلائيندي رهندي. حيرت
آهي جو بعضي ماڻهوءَ جهڙي سمجهو جيو به اوٽ تي اٽ
هڻي هوڙهه ٿي بيهي رهندو آهي ۽ جان مال جي پرواهه
ڪانه ڪندو آهي، يقين هوندي ته حاصلات به ڪانه
ٿيندي.
ڏسو ته ڏينڀو ڪيئن ٿو مانارو ڇڏي. ميل هنيو وڃي ۽
وري اچو گهر ڀيڙو ٿئي. اڃا آني مان ڦٽو ته ڪا اوٽ
اهڙو جوش ڏياريو ڇڏيس، جو ماناري مان نڪري وٺيو
زور سان کيس چڪر ڏئي. ڦري ڦري وري گهر ۾ اندر هليو
وڃي، وري نڪري اڳي کان ويڪرا چڪر پائي. پوءِ ته
گهيرا وڌائيندي وڌائيندي کنيو منهن ڪري ته هليو
وڃي ۽ وري اچي. نيٺ پنهنجي ماناري جا هوائي رستا
اهڙا سڃاڻيو ڇڏي جو ڀل ته آڏو ابتو ميلن ۾ پيو چڪر
ڏئي پر گهر نه ڀلجي. ممڪن آهي ته سندس ماناري ۾ ڪا
خاص بانس هجي جا کيس وڏن مفاصلن تان به ڇڪيو وٺندي
هجي ۽ انهيءَ حواسي ڄاڻ تي ٺڪ اچو ماناري تي ڪري.
اسين ته سمجهه رکندي، واٽ يا گهر ڀلجي ويندا
آهيون.
مڇرن تي تجربن ظاهر ڪيو ته رات وچ ۾ ميلن تان ڪنهن
خاص جانور جو رت چوسيو فجر کان اڳي گهر ڀيڙا ٿيو
وڃن. هڪڙي هنڌ ته هڪ وڏو درياء به ٽپي ٿي ويا.
جانورن جي اديبن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جانور
تعليم مان پرائڻ جي لياقت به ڪافي ٿا رکن. رڳو
مڇيون به گهنڊڻيءَ تي کائڻ لاءِ ته اچو مڙن، پر
ٿوري تاديب سان ادب به سکيو وڃن، هڪڙي چڱي موچاري
موراکي مڇي، جا سنهڙين مڇين کي شوق سان رڙڪيندي
آهي، هڪڙي شيشي جي
ماهي خاني ۾ رکي وئي، جتي ڏينهن ٻه خوب جاوا
ڪيائين. پوءِ ٻين سنهين مڇين ۽ سندس وچ ۾ هڪ شيشي
جي طاقي لڳائي وئي. هاڻي جڏهن به ڪنهن ننڍي مڇيءَ
کي جهٽ ٿي هنيائين ته شيشي تي سندس بونڊ کي اهڙو
سخت ڌڪ ٿو لڳو، جو بيهوش ٿي ٿي پئي. ڇهن مهينن بعد
شيشي ڪڍڻ تي ڏٺو ويو ته کيس ڪنهن ننڍي مڇي کائڻ جي
سڌئي ڪانه رهي هئي ۽ ڪنهن تي به الر ڪانه ٿي
ڪيائين. ماڻهوءَ کي ٺپي ٺاهي سڌي ڪرڻ جي واٽ به ته
ساڳي ٿي ڏسجي. ڌڪ کائي ڪير نه مت سنڀالي، اک پٽي.
ادب اچيو وڃي. جڙ گهوڙي جون ارڏايون ۽ اڙٻنگايون
به ته لغام لاهي ڇڏينديون آهن.
جانور مذهبي آهن:
جانورن جو لٺ ۽ چٺ جي اثر هيٺ اسان جي ڀيٽ تي اچڻ
ساڳيو اهڙو آهي، جهڙو اسين ڪنهن وڏي هستيءَ جي
حڪم موجب، ڏک سک جي خيال تي پنهنجي ذاتي مقصدن کي
سندس ضرورتن تي قربان ڪريون. ڏاڍي جي لٺ اڳيان سر
جهڪائڻو ئي آهي. مذهب به جيڪو فقط دوزخ بهشت جي
راز ۾ سمايل آهي، سو به ساڳي ماجرا ۾ مقصد چئبو.
جانورن ۾ اخلاق:
ائين به نه آهي ته جانور فقط لبوسي آهن ۽ اخلاق
کان خالي، ڪئا ڪيئن ٿا پنهنجن ٻڍن انڌن ۽ عاجزن جي
پرگهور لهڻ
۽ کين نهايت سلامتيءَ وارين جاين ۾ رکي کاڌ خوراڪ
پهچائڻ، انسانن لاءِ عبرت ٿيندي!
جانورن تي شراب جو اثر:
وري کرندي به ويرم ئي ڪانه ڪن. ماکيءَ جي مک
اورچائيءَ، وقت جي پابنديءَ، فرمانبرداريءَ ۽ ٻين
ڪيترين صفتن جي مالڪ آهي، پر کين ٿوري برئنڊي ۽
ماکيءَ جو کاڌو ڏئي ڏسو ته ڪيئن ٿيون فضيلتون ڇڏي
ڦورو ۽ رولو ٿين. شراب جي بٺيءَ جي آسپاس وارا ڪڪڙ
ئي شراب جي ڪچري کائڻ تي ائين هري موج ۾ گذاريندا
آهن جيئن ڪو عادي پياڪ.
جانورن جو هنر:
ڊاڪٽر ميڪگووئن ڪن لنگورن بابت چوي ٿو ته هو ڪن
ٻيرن وغيره مان ڳاڙهو ۽ سائو شراب ٺاهي هٿ سان
ٺاهيل ٿانون ۾ سياري جي ڪم لاءِ سانڍي رکندا آهن.
باقي سمجهه کي ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن!
جانورن ۾ عصمت:
چينائي بدڪ پاڪدامنيءَ جو مثال آهي، جن جو جوڙو هر
ڪنهن وهانوَ جي ڄڃ ۾ سوڻ خاطر کڻندا
آهن ته شل گهوٽ ڪنوار ۾ انهن جهڙو وفاداريءَ جو
سلوڪ پيدا ٿئي. ڪئنري پکين ۾ به ساڳي فضيلت آهي.
هڪڙي نر کي جي ٻن مادين سان پڃري ۾ رکيو ته
زندگيءَ جو سارو ساز سلوڪ سڀ ختم ٿي ويندن.
جانورن ۾ غيرت:
ٿورو ٻگهه پکيءَ جي غيرت ۽ سمجهه به ڏسو، برلن جي
ويجهو ڪنهن گهر جي منگهه ۾ ٻگهه جو آکيرو هو، جنهن
۾ سندن هڪڙو آنو هو. گهر جي مالڪ اهو آنو کڻي ان
جي جاءِ تي هڪ هنس پکيءَ جو آنو رکي ڇڏيو، وقت
گذرندي هڪڙو هنسڙو ڦٽي نڪتو. نر اهو لقاءُ ڏسي جوش
۾ وٺي اڏاڻو. ماديءَ ته پئي ٻچي جي پرورش ڪئي ۽
پرگهور لڌي، چوٿين ڏينهن پنج سؤ کن ٻگهه ڀر واريءَ
ٻنيءَ ۾ اچي وارد ٿيا. لهندي ئي ٺهي جڙي باقاعدي
هڪڙي ميٽنگ ڪيائون، جنهن ۾ ڪيترن پکين مٿانهين
جاين تي ويهي ڪجهه چيو، پوءِ هڪدم ميٽنگ ختم ڪري
سڀ اچي آکيري تي ڪڙڪيا ۽ ٻچي، ماءُ، توڙي آکيري کي
ناس ڪري سڀ هليا ويا ۽ وري ڪين ڏٺا. ٻگهه سمجهه،
زوجي وفاداري ۽ ماڻهن سان محبت ڪرڻ لاءِ مشهور
آهن.
جانورن ۾ قوميت:
پکين جو ملڪي ۽ قومي احساس هن مان ظاهر آهي، جو هر
ڪنهن جهاز تي همسفر پکي هوندائي هوندا. اڃا جهاز
ڪنهن اهڙي هنڌ جتان سندن ديس سڻائو هوندو ته
انهيءَ ذات جا سڀ پکي وٺي اڏامندا. سندن فعل ظاهر
ٿو ڪري ته کين خبر آهي ته جهاز اوڏانهن ٿو وڃي،
جيڏانهن کين وڃڻو آهي. اهو سمجهه سواءِ ڪيئن مغز ۾
آين؟
سمجهه جو نشانبر:
جي سمجهه جو نشانبر اهو آهي ته اها لياقت جا حواسن
جي پهچايل خبرن کي ڪٺو ڪري پروڙي، ڇنڊي، ڇاڻي
مفيد فيصلو ڪري سگهي، ته انهن جانورن کي به گهٽ
وڌ سمجهه جو مالڪ مڃڻو پوندو، جن کي قدرت ڀلا يا
ڍلا حواس ڏنا آهن، نه ته حواسن جي هئڻ جو مقصد ئي
ڪهڙو؟
هاٿيءَ کي ڪنهن پل تي چاڙهيو ته ڪيئن ٿو ان
تي
ڏسي وائسي پير رکي، زور ساهي، لوڏي لوڏي آزمائي ته
بار سهندي يا نه، ۽ جي پل کي ضعيف سمجهيائين ته
فيلبان يا ماهوت ماري وجهيس جي چڙهي. ڪو به فيصلو
سمجهه هلائڻ جو نتيجو آهي. هاٿيءَ کي پنهنجي وزن
جو احساس ته پورو ٿو ڏسجي. شايد ائين به ڳڻ ڪندو
هجي ته پل ٺاهڻ وقت، ٿوري مقدار واري انسان پنهنجي
وزن جو خيال رکيو هوندو نه منهنجو.
حياتيات جي اڀياس ظاهر ڪيو ته جيئن جيو اوائلي
تيئن سندس اوٽون پختيون ۽ سمجهه نه جهڙي. جيتن جو
ڪم سارو احساس ۽ اوٽ تي هلي، ايتري قدر جو جي
پنهنجو مقرر کاڄ هٿ نه اچين ته مري وڃن. پر ٻئي
کاڄ کي نه وچڙن، جيتوڻيڪ سٺا کاڄ پاسي ۾ پيا هجن.
مٿڀرو جيئن جانور سمجهو ٿيندو وڃي تيئن آزمودي مان
پرائي پنهنجي ماحول جي ڀيٽ تي پوندو وڃي. اوٽ رڳو
واٽ ڏسي، باقي ڪم سمجهه کان وٺي، جيتن کان ٻئي
نمبر ۾، سنڌن وارا جيت، جيئن مڪڙ ٽئي درجي ۾،
پٺيءَ جي ڪنڊي وارا، انهن ۾ ڪافي تميز ٿي ٿئي،
جيئن مڇون، بلائون ۽ پکي، چوٿين درجي ۾، کير
ڏيندڙ جانور، جن جي چوٽيءَ تي آهي ماڻهو، جو ڇا
مان ڇا ڪري رهيو آهي.
مثال لاءِ کير ڌائيندڙ جانورن مان ڪتي جي روش کي
وٺو ته منجهس اوٽ وارا ڪم بنهه گهٽ ڏسبا ۽ سمجهه
وارا گهڻا. سندس رخ ۽ هلت مان سهي ڪري سگهبو ته
ڪاوڙيل آهي، ڊنل آهي يا شڪر گذار. ڪنهن ڌارئي ڪتي
کي ڏٺائين ته ڪيئن نه ٿو حشمت سان ڪر کڻي. پڇ مٿي
ورائي ڦيرائي زور سان ڀؤنڪي ۽ دنگي (الر). وري جي
ڪٿي ڏٺائين ته ڀڄڻ ڪم وريام جو ته ڪيئن نه پڇ ٽنگن
۾ ورائي ٿو پيرن کي تکو ڪري (ڊپ). پنهنجي مالڪ کي
خوش ڏٺائين ته نخرا ڪندو اچي پيرن ۾ پڇ لٽڪائيندس
(نئڙت) ۽ جي ڏمريل ڏٺائينس ته پويان پير ڪري وڃي
باادب ڪنڊ ۾ ويهندو. مئڪڊوگال جو خيال آهي ته ڪتي
۾ سچيتي ايتري آهي، جو سندس اوٽ وارا ڪم فقط اهڙن
وقتن تي ڏسبا، جڏهن ڪٿي بيخيالو ويٺو بت کنهندو يا
سمهڻ جي جاءِ تي چار ڦيرا ڏئي پئجي رهندو. وري
سندس مادي ڏسو ته ڪيڏي نه ٻاجهه ۽ جتن سان ٿي گلڙا
تاتي. پهريدار ڪتو ته ماڻهوءَ کان به بهتر آهي.
ڪيترو نه سمجهه کي ڪم ٿو آڻي.
ماڻهوءَ ۽ حيوانن جي ذهني رشتيداري:
اڳي بيان ڪيل ماڻهوءَ جي اڌمن کي، ڪتي جي هلت سان
ڀيٽڻ تي ٻنهي جي هلت جو دستور ساڳيو ئي ڏسبو، جنهن
مان آسانيءَ سان پنهنجي ذهني رشتيداري پسن سان
معلوم ٿيندي. البت ماڻهوءَ جي سمجهه گهڻو مٿي آهي،
ان ۾ شڪ ڪونهي. ماڻهو سوچي، سمجهي، ڳڻي - ڳوتي قدم
کڻندو . اهنجايون، سهنجايون، نفعو، نقصان ڏسندو پر
بعضي ته مطلب مدنظر رکي واٽ جو ويچار به ڪونه
ڪندو. بعضي ته جوش جي جولان ۾، وڃي پاڻي ڀرڻ لاءِ
ته خون ڪيو پيو موٽي. پسونءَ به ڪو چمڪو ڏٺو،
ٺڪاءُ ٻڌو يا ڪا اوپري شيءِ بت سان لڳس ته ٽاهه
کائيندو. ايتري سمجهه ڪانه پوندس ته هيڏي ڀڄان يا
هوڏي. کڻي چمڪي جي ابتڙ طرف منهن ڪندو ۽ ڀڄندو
ڀڄندو اتي وڃي دنگ ڪندو، جتي سندس ڀڙڪي کاڌل طاقت
جو ڇوهه ڇنڊيو. اتي جي وري ڪو ٻيو تازو خطرو نظر
چڙهيس ته وري به گهت هڻندو، پر نڪا خبر مفاصلي تي
رکندو، نڪا طرف جي ته ڪاڏي ٿو وڃان، ڇا ٿو ڪريان.
هن جو ڪم آهي موجود خطري کان نڪرڻ ، مطلب ته اوٽ
ڪنهن وقتي ضرورت کي پوري ڪرڻ جو وسيلو آهي، پر ان
جي نتيجي کان بيخبر. دورانديشيءَ کان غير واقف.
عجب نه آهي ته جيڪو اسين جانورن جي ڪمن ۾ ٿا ڏسون
تن جو کين خواب به نه هجي. تجربن ظاهر ڪيو آهي ته
اوٽائتا ڪم ڪن وقتي ۽ مقرر اندرين يا ٻاهرين چونگن
جو نتيجو آهن، جن جو مقصد آهي جيو جي موجود حالتن
۾ گهربل ڦيرڦار ڪرڻ. چنڊول جي ڳـُـڻ چور روش گهڻن
کي خار ۽ ان لاءِ ڌڪار پيدا ڪئي هوندي، پر بيڏوهه
چنڊول اُن جي خواب کان بيخبر، اها ئي روش وٺيو
هلي، چنڊول، ڌارين مائٽن جي آکيري ۾ ڦٽندو آهي.
ٿوري زور وٺڻ بعد ڏسبو ته ڦٿ ڦٿ ڪري آکيري جي حقي
حقدار ٻچٽڙن کي ٻاهر ڌڪيندو رهندو. ڪير چوندو ته
هيءَ سندس تڪيل توريل بيرحميءَ جي هلت، مطلب کان
خالي هوندي؟ پر رازدانن نيٺ رمز سڃاڻي ورتي. معلوم
ٿيو ته چنڊول اهو ڪم بلڪل مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪندو
ٿو رهي ۽ ان جي نتيجي کان بي خبر. چنڊول جي ٻچٽڙي
جي پٺي ويڪري ۽ ٿوري جهميل ٿي ٿئي، جنهن تي جي ڪو
ننڍو ڀتر يا ڪاٺي ٽڪر پيو ته پيو رهندو. پر پٺيءَ
جو احساس ايترو اٿس جو جيسين ان کي نه ڪيرائي
تيسين آرام نه اچيس. انڪري ڪجهه به پٺيءَ تي لڳس
ته ان جي هرکر کان وياڪل ٿي وٺيو ٽپ ڏئي، جيسين
اڇلجي وڃي. ساڳيءَ طرح جي ڪنهن ٻئي ٻچٽڙي به پٺيءَ
تي زور ڏنس ته ان کي به ڪيرائڻو ئي پوندس.
آگڊن ڏيکاريو آهي ته ڪڪڙ جو آرو ڪرڻ، ماءُ جي
مامتا پوري ڪرڻ لاءِ نه آهي، پر لاڳيتن آنن لاهڻ
ڪري پيدا ٿيل مڪاني سوڄ ۽ سوزش جي آڪڙ کي ٺارڻ لاءِ.
آزمودي خاطر هڪڙي کسي ڪيل نر ڪڪڙ کي پڇي تي ٿورن
ڪارن مرچن سان سوزش پيدا ڪري کڻي جو آري تي
ويهاريوس ته پوريون ماديءَ جون سڪون لاهيندو.
لاڳيتن عڪسي عملن جو اصل:
آنن ڏيندڙ ڪڪڙ کي ڏسبو ته آني لاهڻ کان پوءِ به
ڳچ وقت آني تي ويٺي رهندي. هاڻي معلوم ٿيو آهي ته
آني لاهڻ ڪري جيڪو سور ۽ آڪڙ ٿي
ٿئيس، ان کي جهڪي ڪرڻ لاءِ گرم آني جي ٽاڪور کيس
آرام ٿي ڏئي، جنهنڪري ان تي ويٺي ٿي رهي. جيسين
وري بک جي ضرورت پلڻ لاءِ گجيءَ واري چونگ اٿڻ تي
مجبور ڪري اها حالت بدلائيس. هڪ هنڌ ٻڌجي ويهڻ ڪري
ٽنگون به ڪڙجي پوندس ۽ انهن مان به ٿڪ جون چونگون
اڀرندس ته اٿ ۽ گهم، جيئن اسين لاڳيتي ويهڻ ڪري
ٿڪجي ڪر موڙيندا آهيون. اهڙيءَ طرح اهي من ودوان،
جيڪي انهيءَ خيال جا قائل آهن ته حيوانن کي ڪا
مجبوري ٿي ڪم ڪرائي نه آئيندو مقصد يا ان جي اڳ
ڪٿي، سي جانورن جي هلت جي سمجهاڻي لڳاتار عڪسي
عملن جي اصول تي ٿا ڏين. چي: هيٺيان جانور فقط
هڪڙو ڪم مجبور ٿي ڪري ڄاڻن، اڳتي جو ڪو به خيال
ڪري نه ڄاڻن. سهي کڙڪو ٻڌو، ڀڳو. وري جتي پهتو،
اتي جو ڪم اتي سان. جي اتي به ڊنو ته وري ٻي گهت
هڻندو، نه ته بس. ڪڪڙ جو آرو به سوڄ کي گرم رکڻ
سان ٺاپر ڏيڻ جو آهي، جنهن ڪم تي پوءِ هريو وڃي.
ٻچن ڦوڙڻ جو ان کي خواب به ڪونهي. جيڪو ٻچو ڦٽو ته
وري ٻي اوٽ جي چونگ ٻيو ڪم ڪرائيندس ۽ هاڻي ماءُ
جو اولانگهو پيدا ٿيندس جيئن ٽائيپ رائيٽر جو ڪم.
اي تي ڌڪ لڳس ته اي لکندو، بي تي ته بي لکندو، نه
اهو خيال رهيس ته ڇا ڪيم نه اهو ته ڇا ڪرڻو اٿم.
البته مئڪڊوگال انهيءَ راءِ جو آهي ته هر هڪ جانور
مقصد ٿو رکي ۽ اوٽن کي به مقصد مدنظر آهي ته پوءِ
رڳو اوٽ جو ڪم ته ڪيئن چئبو، خيال جو ڪم به ظاهر
آهي. ڏسجي ٿو ته اهي اصولي تعصب فقط انڪري آهن جو
ننڍي جانور کان ماڻهوءَ تائين ساڳئي اصول کان ڪم
ورتو ٿو وڃي. پتنگ باهه ۾ ٽپيو پوي، ٻيو هر ڪو
جهنگ جو جانور باهه کان ٽاهه کائي. پتنگ کي آپگهات
ڪرڻ ۾ مطلب ته ڏسجي ئي ڪونه ٿو. ساڳيءَ طرح ٻار به
باهه تي عاشق آهي. رڙهي وڃي هٿ وجهندس، جيسين هڪ
واريءَ هٿ ساڙي آزمودو پرائي. پوءِ مجال جو هٿ
ڊگهيري، پڪ نه آهي ته ٻار کي اهو ڪم سونجهه جي اوٽ
ٿي ڪرائي يا فقط چمڪي جو عڪسي عمل. اڄڪلهه ٻار ۾
اوٽن جو هئڻ گهڻي قدر ناموزون خيال سمجهو ٿو وڃي،
پر روح جا قائل ودوان، اوٽن کي ازلي فاعل تسليم ٿا
ڪن.
پسن جا ڪم ته مقرر هئڻ سبب ذاتي خصوصيتون بنجيو
پون ۽ سندن ٻج ۾ سمائجيو موروثي ٿيو وڃن، جيڪي ٻچو
مائٽن کان حاصل ڪري، سو صحيح سلامت پنهنجي ٻچن کي
پهچايو ڇڏي.
تجربي ڏيکاريو آهي ته جيڪي ٻچا انڪيوبيٽر ۾ ڦٽندا
آهن، سي ڪڪڙ جي پٺيان ڪين لڳن، پر جنهن کي پهرين
ڏٺائون ان جي پٺيان. اهو ڀلي ته ڪو ٻار هجي يا ڪو
ڪتو. ساڳيءَ طرح ڪنهن رڍ جي ٻچي کي ٻاٽليءَ جي کير
تي تاتبو ته نڪي ڌڻ سان نڪرڻ پسند ڪندي نه وري ٻچو
ٿيس ته ان کي ڌارائڻ جي پوئواري ڪندي. ڏسجي ٿو ته
اوٽن جو موروثي هئڻ هوندي به پسونءَ جي آزمودن جو
چڪر گهڻي قدر پنهنجي سر سان شروع ٿو ٿئي پاڻ سان
پورو ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پسن جي هلت سمجهڻ لاءِ
گهڻي تجربي جي ضرورت ظاهر آهي.
مطلب ته پسون ترت جوکم کان پاڻ بچائي ڀڄندو پر
اڳيان ڇا آهي، ان جي خبر رکي نٿو سگهي. عجب ڪهڙو
جو واٽ تي مورڳو ڪنهن وڏي هائو جي وات ۾ اچي وڃي.
هو هاڻي ۽ هتي سان ٻڌل آهي، نه آئيندي ۽ اڳتي سان.
ماڻهو ته ڪنهن مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ ويچار ڪري
سگهي ٿو ته هاڻي ڇا ڪريان، سڀاڻي ڇاڪبو ۽ ٽيهن
ورهين بعد جيڪي حالتون بيٺيون، انهن جو اثر ڇا
بيهندو ۽ ڪيئن انهن کي منهن ڏبو.
جيترو ڪنهن جي دور نظر گهڻي ۽ پوري، اوترو سندس
قدر قيمت زياده. ترهو نه ٻڌڻ ۽ توڪل تي سٽڻ، لهرن
جي لڙهه لڳڻو آهي، نه عقل جي. جي توڪل انهيءَ کي
ٿو چئجي ته ڏاچيءَ کي ڏانوڻ وجهڻ کان سواءِ ڇڏي
ڏجي ته اهو ٿيو پسونءَ وانگر ماٺ ڪري گهت هڻڻ،
جيئن اٺ پکي ڊپ ۾ منهن هڻي ڀانئيندو آهي ته مون کي
ڪو ڏسي ئي ڪونه ٿو. مان سلامت آهيان، پر غور سان
جاچي ڏسبو ته ماڻهو پڄنديءَ آهر پوريءَ سمجهه کان
ڪم ٿو وٺي ۽ توڪل فقط اهڙي هنڌ ٿو ڪري جتي زياده
وس ڪونه ٿو هليس. بعضي وري ڪنهن ڳجهي مدد جو آسرو
هوندو اٿس پر سليندو ڪين آهي.
ماڻهو ۽ اوٽون
ماڻهوءَ کي به ڪي اوٽون موروثي مليون آهن يا نه،
هڪ وڏو سوال آهي، جنهن تي جديد مغربي نفسياتي ماهر
اڃا متفق نه ٿيا آهن. ايترو ته پڌري پٽ پيو آهي ته
جيئن جانور اوٽ اڀرڻ تي ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو
وڃي تيئن ماڻهو نه آهي. اوٽ مطلب ڏيکاريندي هجي پر
اسين هڪدم تعميل ڪرڻ لاءِ مجبور نه آهيون، جيسين
سمجهه به اجازت ڏئي، جانورکي بک کنيو ته کاڌي جي
ڪڍ لڳندو، ڊپ کڻيس
ته ڀڄندو، پر اسين هروڀرو ائين نه به ڪريون. ماڻهو
ته نه رڳو مقصد کي پهچڻ جو طريقو ٻيو ٻيو ڪم آڻي
ٿو سگهي پر خود مقصد کي ئي عقل سان بدلائي بهتر
صورت ڏئي سگهي ٿو. جانور ساري طاقت کاڄ جي هٿ ڪرڻ
۽ جفتي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ صرف ڪيو ڇڏي، پر انسان
نفسي خواهشن کي روڪي منجهانئس
پيدا ٿيل طاقت کي علم جي حاصلات ۽ هنر جي پيدا ڪرڻ
۾ ڪارآمد ڪري سگهي ٿو. ان ۾ ئي انسان جي ترقي ۽
برتريءَ جو راز سانڍيل آهي. جيئن تن کي تسيو ڏئي،
پنهنجي بدني موڙي اجائي واءِ وڪر ڪرڻ کان روڪبي،
تيئن اها طاقت مغز کي طاقتور ڪري خيال ۽ ذهن وڌائي
ماڻهوءَ کي اڀاريندي. بدني پيدائش کان ذهني پيدائش
گهڻي اتم ٿي ٿئي. فيلسوفن پرڻو ڇڏيو ته خيال طاقت
وارو ٿئي ۽ ڪجهه بهتر پيدا ڪري. ٻار ته جانور به
ٿا ڄڻين، ڪا ذهني پيداوار ٿئي.
وليم مئڪڊوگال جو خيال آهي ته اوٽون ماڻهوءَ ۾ به
خوب ڪم ڪري رهيون آهن. هو صاحب ايترو ته اوٽن جو
قائل آهي جو چوي ٿو ته:
”ارتقا
جي اوٽن جي تفريق ۽ تخصيص نه آهي ته ڇا آهي؟“
هي پٺيءَ پلئه اڇليل اصول، ٿورين حقيقتن کي ويچارڻ
سان چٽو ٿي پوندو. سڱن وارا جانور انڪري نٿا وڙهن،
ڇاڪاڻ ته سڱ اٿن. پر سڱ هٿ ئي انڪري چڙهين، جو
انهن کي کاڌي هٿ ڪرڻ لاءِ ٽڪر هڻڻا پيا ۽ وڙهڻ جي
اوٽ ڏيارين. گوشتخور درنده انڪري نه ٿا ٻين کي
چيرين ڦاڙين ڇاڪاڻ ته خونخوار ڏند ۽ چنبا اٿن، پر
جيئن ته سندن کاڌو اهڙو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ ۽
پاڻ تڳائڻ لاءِ هنن کي انهن تيز اوزارن جي سخت
ضرورت آهي.
مئڪڊوگال تيرنهن مقرر اوٽون ماڻهوءَ لاءِ بيان
ڪيون آهن، جي کيس کير ڏيندڙ جانورن جي شمار ۾ مليل
ٿيون ڏسجن ۽ ڪي هلڪيون اوٽون پڻ ٻڌائي ٿو، جن جو
منجمله مفهوم ڪم و بيش هن طرح ٿيندو:
(1) اولانگو، جنهن جي اوٽ آهي ٻچي تي ٻاجهه:
کير ڌارائڻ فقط اولاد جي پالنا جي ترتيب نه آهي.
هن شاندار تجويز ۾ نه رڳو جيو لاءِ قدرت جياپي جو
سامان موجود ڪيو آهي، پر ماءُ ۽ ٻچي لاءِ ذهني
ترقيءَ جو هڪ بي بها طريقو، جنهن سان ارتقا جي
وڏي منزل طي ٿي چڪي آهي. ٻئي لاءِ قياس ۽ ڀلائي
بلڪ ٻئي خاطر جيئڻ هتان ٿو شروع ٿئي. ان کان سواءِ
جانور کي ڪيتري نه سمجهه هلائڻي ٿي پوي. سبز يخور
ماءُ، ٻچا ساڻ کڻي، سندن اون، ٻڌڻ ۽ سنگهڻ جي
حواسن سان رکي، ته وڇڙي نه وڃن. وري پنهنجو کاڄ
نهاري، ٻچن کي به چڪ ڦڪ هڻڻ سيکاري، پوءِ چڳڙ
ڏياري موٽي وٿاڻ تي. گوشتخور ماءُ کي کاڌو ملي
خونريزيءَ سان انڪري ٻچن کي ڏر ۾ ڇڏي ته متان ڀاڄ
ڊوڙ ۾ وڇڙي نه وڃن يا مارجي وڃن. پاڻ شڪار ڪري پيٽ
ڀري، ٻچن جو حصو ڏر تي کنيو اچي. هتي ٿو بنياد پوي
ڪٽنب ٺاهڻ جو. ظاهر ڏسڻ ۾ ايندو ته گوشتخور ماءُ
زيادهه سمجهه واري ۽ دور انديش آهي. ڏٺو ويو آهي
ته جيڪو جانور زياده تات ٿو گهري ۽ دير سان پاڻ
سنڀالڻ جهڙو ٿو ٿئي، سو زياده سمجهو ٿو ٿئي. پاڻ
سنڀالڻ لاءِ جانور تڏهن تيار ٿو ٿئي، جڏهن جيو
بدني ۽ ذهني ترقي ڪري پنهنجي ماحول کي منهن ڏيڻ
لاءِ لائق ٿو ٿئي. گوشتخور جانورن ۾ پيءُ به نيپاڄ
۾ گهڻو حصو وٺندو آهي.
(2) ويڙهه، جنهن جي اوٽ آهي ڪاوڙ:
هن جو مقصد به ٽڪر هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجو ۽ ٻچي جو بچاءُ
آهي. ڪي جانور ته پهرين اک ڏيکاريندا آهن، جنهن کي
ويڙهه جي تياري سمجهڻ گهرجي. جسم جي ڪنهن حـصي کي
ڦوڪڻ، وار کڙا ڪرڻ، پڇ کي زور سان ڦيرائڻ ۽ شور
وجهي ڪڙڪاٽ ڪرڻ. ويڙهه ۾ آواز ڪونه ڪن، ڇاڪاڻ ته
وات کي هاڻي چڪ پائڻ لاءِ تيار ٿا رکن.
”ڀؤنڪڻو
ڪتو چڪ نه پائي“
(3) کوجنا، جنهن جي اوٽ آهي سونجهه:
چاهه پيدا ڪرڻ واري اوٽ اها آهي جنهن سان خبرون
ٿيون پون، ٻار ته هر ڪنهن نئين ڳالهه ۾ محو ٿيو
وڃي، پر وڏا به سر وڃائيندڙ جبلن جون چوٽيون وڃو
کڻن ته اتي ڇا آهي! اها سونجهه ٿي ڪرائي. تعجب ۽
طريقو ڪنهن کي قسمت ڏياري ته حاصلات به پري ڪانه
ويندس. راز جـُـوئي سياڻپ جو پهريون ڏاڪو آهي.
انڪري ان کان سواءِ ڪجهه به معلوم ڪرڻ سکڻ يا ڪا
به واقفيت حاصل ٿيڻ مشڪل آهي. اندرين اڻتڻ ضروري
آهي.
(4) پيٽ قوت ڪرڻ، جنهن جي اوٽ آهي بک:
جانور ڪنهن اندر جي الجهن تي ڳڀي جي ڳولا ۾ ٿا
نڪرن. ڪي ته خاص شيون کائين. ٻڪري ذري گهٽ هر ڪا
ساوڪ کائي. کير پياڪ کير پيئن. عجب نه آهي ته شايد
باس تي ٻچو ماءُ لهندو هجي. وڏي هوندي بک به لڳين
۽ اڃ به. ماڻهوءَ ۾ شڪار لاءِ چشڪو، اها ساڳي پيٽ
قوت جي لوڙ پيو ڏيکاري.
حقيقت ۾ مغز جي احساس، خيال ۽ اختيار جي چڪرين
چورڻ جي چاٻي بک آهي. جي بـُـک بت کي بر نه ڪري ته
نڪو خيال بک لاهڻ جي واٽ ڳولي، نه عمل انهيءَ واٽ
لڳي. وري بک جي عذاب کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڇا ڇا
نه ڪيو ويو آهي. پاڇي ڪرڻ، سهيڙڻ، ميڙڻ، ملڪيت
ٺاهڻ، ملڪيت جي بچاءَ لاءِ اخلاقي، مذهبي، سياسي
قانون ٺاهڻ کوجنا ڪرڻ، هنر هلائڻ، صنعت ۽ ايجاد
ڪرڻ، ڪلون ٺاهڻ، ڪارخانا ڪڍڻ، واپار ڪرڻ، قلعا
ٺاهڻ، لشڪر رکڻ ۽ ڇاڇا نه. مگر اهي سڀ خود غرضيءَ
لاءِ.
جيسين ماڻهو بک جي پريشانيءَ کان آزاد نه ٿيو آهي،
تيسين ڪو اخلاق وارو شانائتو خيال اچيس ئي ڇو ٿو.
ترقي ته پري ٿي.
(5) منهن بڇڙو ڪرڻ، جنهن جي اوٽ آهي ڪرڀ:
ڪرڀ، دل ڪچي ڪري قئي به ڪرائي وجهي. اوائلي
ماڻهوءَ کي کاڄ جي شين ڳولڻ، کين پسند ڪرڻ ۽ مقرر
ڪرڻ لاءِ هن اوٽ چڱو ڪم ڏنو هوندو. ڀولڙي کي ڪا
نئين شي ڏيو ته وات ۾ وجهي ڏڏريندس ۽ جي نه آئڙيس
ته ٿوڪاري ڇڏيندس. سواد ۽ بانس هن اوٽ جا اوزار
آهن.
(6) ٽاهه کائڻ، جنهن جي اوٽ ڊپ آهي:
ڀڄڻ ڪري هر ڪو جيو خطري کان بچڻ جي اوٽ تي ٿو هلي
، ضعيف جانورن ۾ هي اوٽ ويتر تکي ٿي ٿئي. بعضي ته
شينهن کي به پڇ پائي پٺيرو ويندو ڏسبو آهي، پر
سيڙهه ۽ ڄاهو پنهنجن تيز ڪنڊن ڪري ايترو ته محفوظ
آهن، جو هر حالت ۾ ويڙهجو ڇپ هنيو پئجو رهن. اون،
سچيتي، هوشياري، ٽهڻ، ڀڄڻ ۽ گهڻي خوف ۾ ڏڪڻ، هن
اوٽ جا عمل آهن. ڌڻ ۾ ته شل نه ڪو ڀاتي آواز ڪري،
پوءِ هڪڙي ٽاهه کاڌو ته ڀاڄ پئي.
(7) گڏ ٿي ويهڻ، جنهن جي اوٽ جان جو بچاءُ آهي:
ڌڻ ۾ هلندڙ جانورن کي اها سهوليت آهي جو ڪنهن به
خطري جي ڪـُـڻڪ هڪ کي پئي ته سڀني کي پئي. ان کان
سواءِ گڏجي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ۽ گڏجي دشمن تي حملو
ڪرڻ به مدنظر آهي. سماج جو بنياد هن اوٽ تي آهي.
(8) ڪوڪ اونائڻ، جنهن جي اوٽ آهي همدردي:
ڪتو ڪتي جي ڪوڪ اونائي. ڪنهن کي ڪو خطرو ڏسڻ ۾ آيو
ته ڪوڪاٽ ڪندو آسپاس جو هر ڪو ڪتو ڪـَـن اُڀا ڪري
اوڏانهين ڀڄندو.
(9) آڪڙ ۽ نئڙت جون اوٽون آهن، اتامرائي، ڪسرنفسي:
ٽڪاش، ٽيڳر، هوڏ، هٺ، آڪڙ، غرور هن اوٽ جا درجا
آهن، ڌڻ اڳرو اهو ئي ٿيندو جيڪو زور وارو هوندو.
جيڪي گهٽ زور وارا هوندا، سي اڳواڻ جي طاقت محسوس
ڪري، ضرور گهٽ وڌ آجيان ڪندا، اتامرائي ۽ ڪسر
نفسيءَ جون اوٽون اڪثر ڪٺيون ڏسبيون.
حڪم هلائڻ گهرين ته مڃڻ سک.
(10) مجامعت، جنهن جي اوٽ، شهوت آهي:
جانور انهيءَ اوٽ اڀرڻ تي، پنهنجي جوڙيوال لاءِ
واجهائڻ لڳندو. اهڙي وقت تي نر کڙائيءَ ۾ ڏسبو ۽
مادي انگڙاين سان کيس موهڻ ۾ مست، جوان به، مڇ
وٽي، ڏاڙهيءَ کي ڇنڊي، سينڌ سرمو ڪري، جوپ ڪپڙا
پهري، پنهنجو جلوو ڏيکاريندا آهن. ملهه وڙهڻ يا
ٻيا مردانه طاقت جا ڪم ڪن، ڳائن يا نچن ٽپن يا
ٻيءَ طرح پنهنجي سگهه جو اظهار ڪن. آواز ڪرڻ جي
ضرورت، هرڪو جانور پهرين ماديءَ جي ڳولا ۾
لکائيندو آهي. بلبل، ڪوئل، ڪبوتر، يا ڏيڏر جڏهن
ساٿيءَ جي تات ۾ تار ٿيندا آهن، تڏهن ٻول ٻولڻ
شروع ڪندا آهن.
(11) ميڙڻ جي اوٽ، سهيڙ آهي:
ڪيولين کي هيءَ اوٽ ڏاڍي آهي، گوشتخور ته پنهنجو
کاڄ سانڍي نٿا سگهن. ڪتو، سو هڏو پوري رکندو آهي ۽
گهرج تي وڃي کوٽي ڪرٽيندو اٿس. هي اوٽ کاڌي جي
پوئواري ٿي ڪري. ماڻهو ڪي سهيڙا ٿين جي ٿورن کي
سنڀالين. ڪي ميڙو، جي روز نيون شيون جمع ڪندا رهن.
(12) اڏڻ جي اوٽ، حفاظت آهي:
هن اوٽ جو ڪم ته عام طرح ڏسبو. جيت جڻو، پکي پکڻ،
پنهنجو اجهو ٺاهي ئي ٺاهي. ٻار کي مٽي ڏيو ته ڪجهه
نه ڪجهه ٺاهڻ کي لڳي ويندو.
(13) رڙ ڪرڻ جي اوٽ، نااميدي آهي:
دانهن واهر لاءِ ڪبي ڪنهن اوکيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ
يا ڪنهن گهرج پوري ڪرڻ لاءِ.
ٻار به ڄمڻ سان رئندو، بک، سور، سيءُ گرمي، اهنج،
ايذاءُ ٿيس ته رئندو ۽ ماءُ به هڪدم هوشيار ٿي
پوئواري ڪندي. ڪيڏو به گوڙ هجي ته ٻچي جو روئڻ پري
کان سڃاڻندي.
ڪي هلڪيون اوٽون:
مئڪڊوگال جو چوڻ آهي ته مٿي ذڪر ڪيل تيرهن اوٽون،
کير ڏيندڙ جانورن ۾ اڪثر ڏسبيون، جن جو ماڻهوءَ جي
فطرت ۾ به گهڻو دخل آهي. ٻيون به ڪي هلڪيون اوٽون
ٻڌايون اٿس جيئن ته: ڇڪ ڏيڻ، کنگهڻ، کنهڻ، هنگڻ،
مٽڻ ۽ کلڻ. انهن عملن کي به مقرر اوٽن ۾ انڪري
داخل ڪيو اٿس، جو هر ڪنهن ۾ اوٽ واريون وصفون
موجود آهن جهڙوڪ: (1) هر ڪا ڪنهن اندرين ڇڪتاڻ جو
نتيجو آهي ۽ جي پوري نه ٿي، ته ويتر زور ڀريندي
رهندي ۽ ساري بدني سگهه کي گهيري قبضو ڪري ويندي ۽
جي ايتري ۾ ڪا ٻي اوٽ اڀري ته ان سان چڪري
کائيندي. (2) سندس پوئواري ٿيڻ تي بت کي آرام ۽
نه پوري ٿيڻ تي اندر ۾ چورا کورا رهندي (3) مٿن
اختياري ضابطي جو به ساڳيو اثر ٿي سگهي ٿو، جهڙو
ٻين مقرر اوٽن تي. البت پگهرجڻ، منهن ڳاڙهي ٿيڻ يا
پيلي ٿيڻ کي اوٽن ۾ داخل ڪري نٿو سگهجي، جو اهي ڊپ
۽ ڪاوڙ جي جذبن جي اظهار جا نشان آهن. راند کيڏڻ
جي به ڪا اوٽ مقرر ڪري نٿي سگهجي.
اوٽن بنسبت ڪجهه راءِ زني ڪرڻ کان اڳي مناسب ٿيندو
ته اوٽ جو ڪو نشانبر مقرر ڪجي، جو مئڪڊوگال جي
خيال موجب به منجمله هن طرح ٿو بيهي:
”اوٽ
هڪ ڄائي ڄم جي موروثي اندر مان جاڳيل (نه آزمودي
مان پرايل) رغبت آهي، جا جيو جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪي،
بدن کي چونگ ڏئي، ڀڙڪو کارائي اهڙو ته بر ڪيو ڇڏي،
جو جيسين پنهنجي منشا پوري نه ڪري، تيسين جيو کي
سک سمهڻ نه ڏئي.“
لائڊمارگن جو نشانبر ٿورو ڦريل آهي. اوٽ ساري جسم
کي لاڳيتن پيچيدن تحرڪن ۾ رنڀائي ٿي، جي جيو جي
ڀلي خاطر آهن، ڄائي ڄم کان آهن ۽ جنس جي هر هڪ فرد
لاءِ هوبهو ساڳيا آهن.
اوٽن جي تفصيل تي سرسري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو
ته سندن منجمله مقصد فقط جيو جي ڀلائي ۽ پائداري
آهي، شخصي، سماجي ۽ قومي، ٻيو ڪجهه نه. شخصي اوٽون
آهن: بک، ڪرڀ، ڊپ، سونجهه، اتامرائي. سماجي اوٽون
آهن: گڏجي ويهڻ، همدردي، سهيڙ، ڪسرنفسي. قومي
اوٽون آهن: ٻچي تي ٻاجهه، جفتي، ويڙهه، اڏڻ.
ڏسجي ٿو ته خودرؤ بي انت ڪائنات جي رٿ ۾ هر ڪو
قدرتي رانديڪو جنهن کي جيو ٿا چئون، پنهنجي هلائڻ
واري چاٻي به ساڻ کنيو وتي، جنهن کي اوٽ ٿو چئجي
جا وقت بوقت ضرورت محسوس ڪيو، بدني ڪل کي ڀريو،
کانئس ڪونه ڪو ضروري ڪم بنا خيال جي پورو ڪرائيندي
ٿي رهي ۽ تماشو هلندو هلي. ڄڻڪ هي به ڪو عڪسي عمل
جهڙو سلسلو آهي، جو جيسين ڪو جيوَ
سمجهه ساڻي ڪري، تيسين ساري بدن کي کنڀي ڪيو کڻي،
جيئن نه ڪو پاسبان پري کان دشمن جو بمبار تاڙي،
پنهنجي عملي کي بگل سان هوشيار ڪري ته تيار،
خبردار، تيئن اوٽون به ساري بدن جي تندتار کي
للڪاريو سڄاڳي ڏيو ڇڏين. فرق فقط اهو آهي ته عڪسي
عمل کن ۾ ڪنهن خاص بدني حـصي کان ڪم وٺي ويندو آهي
پر اوٽ جو ڪم جٽاءُ به گهڻو ڪري ۽ عمل به ساري بدن
تي ٿئيس نه ڪنهن ڀاڱي تي.
هاڻي پنهنجي مقرر ڪيل نشانبر جي مدنظر تي ڏسون ته
چوپاين جانورن واريون ڪهڙيون اوٽون اڃا اسان ۾
موجود آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ماڻهوءَ ۾ ڪي
بنيادي رغبتون ضرور آهن، جي انسان ذات لاءِ عام
آهن، جيئن ته ڳڀي جي ڳولا، سونجهه، ڊپ، الر، هام
هڻڻ، جفتي ڪشش ۽ ٻار تي ٻاجهه. هي ازلي آهن سڀني ۾
آهن، ۽ جيوت قائم رکڻ لاءِ ضروري. پر ڪي ڪهڙي عمر
۾ زور ڀرين ڪي ڪهڙي عمر ۾، ڪي مرد ۾ زياده ڏسجن ڪي
زال ۾. سڀّ اوٽون ته ڄمڻ سان ڏسڻ ۾ اچن ئي ڪين
ٿيون، انڪري ڪيتري قدر سمجهه به ساڻن مليو وڃي.
ٻالپڻي جي اوٽ آهي کائڻ جي ته بت زور وٺي . ڊپ به
پريندي ئي ڏسبو. ٿورو ئي ڪجهه ٿيو ته ٻار ڇرڪ
ڀريندو. گهڻو ڊنو ته روئي ڏيندو. وري ٿيو سمجهو
ته سونجهه جي ڪري اوٽ ايندس ته پنهنجي آسپاس کان
واقف ٿئي. هاڻي خودي به جتائيندو . جواني ته ساري
جفتي اوٽ جي بلي ٿي رهي. جا مردن کي ويڙهو ڪري
زالن کي حياءُ ڏئي. مرد جي ٽنڊٽيڳر هتان ٿي شروع
ٿئي. ويڙهه جي اوٽ، زال کي به آهي پر پنهنجي بچاءُ
۾.
ماڻهوءَ ۾ سماجي حيثيت، رسم ۽ رواج، تعليم تربيت ۽
شخصي سمجهه جو اوٽن تي گهرو اثر ٿو پوي، ايتري قدر
جو ڪنهن ماحول جي روش هڪ خصوصيت بنجيو پوي، تنهن
هوندي به، انهن اوٽن جو بنياد ماڻهوءَ مان ڪو
ويندو وڃي. البت ائين به آهي ته اسين ساري آدم ذات
جا نمائنده ته ٿي نٿا سگهون، جو سڀني جو نظير پيش
ڪريون، ڇاڪاڻ ته جيئن جيو ۾ سمجهه وڌندي ٿي رهي،
تيئن سندس اوٽ جهيڻي پوندي ٿي وڃي. انهيءَ مدنظر
تي ڪيتريون زياده علم رکندڙ قومون، اسان کان زياده
سمجهو آهن ۽ ڪي بي علم گهٽ سمجهه واريون وري هر
ڪنهن قوم ۾ ڪي فرد گهٽ ته ڪي وڌ علم رکن ٿا،
انڪري هر ڪو پنهنجي سمجهه مطابق ڪا اوٽ تکي ڏيکاري
ته ڪا جهڪي. اهو ئي وڏي اختلاف جو سبب آهي،
جنهنڪري ڪيترن مغربي مصنفن پنهنجي وقت جي عام
دماغي ميزان کي خيال ۾ رکي اوٽن جو تعداد گهٽ وڌ
پئي ڄاڻايو آهي. جيئن ته 1896ع ۾ وليم جيمس ٻٽيهه
اوٽون بيان ڪيون جن ۾
”مٺاڻ
چٽڻ“
جي اوٽ به شامل آهي. 1908ع ۾ مئڪڊوگال اصل ست ۽
ٻئي درجي جون پنج مقرر ڪيون، جن ۾ پوءِ تيرهن
“واهر لاءِ دانهن ڪرڻ” جي اوٽ به شامل ڪري، ڪي
هلڪيون اوٽون به ڄاڻايون. 1913ع ۾ ٿارنڊائيڪ اوٽن
کي نئون نالو ڏئي ٻائيتاليهه بيان ڪيون، جن ۾
چيڙائڻ، ڌمڪائڻ ۽ ستائڻ وغيره به داخل ڪيون. 1919ع
۾ وئرن ڇويهه مقرر ڪيون، جن ۾
”لڪڻ“
۽ مٺيان لڳڻ به موجود ڪيون. منجهن ڇهه رغبتون به
شامل ڪيائين، جيئن ته ساڄي هٿ سان ڪم ڪرڻ وغيره.
1924ع ۾ ائلپورٽ ته ماڳهين ڇهن قسمن جا
”ازلي
عڪسي عمل“
بيان ڪيا ۽ اوٽ جو اکر ئي ميساري ڇڏيو. سو ٿو
ٿيئوڊور صاحب چهر ڪري ته باقي جوءِ کي مار ڏيڻ جي
اوٽ الائي ڇو سڀني جي نظر کان گسي وئي ٿي ڏسجي.
ايتري قدر اختلاف ڏيکاري ٿو ته اوٽ جو ڪو پورو
نشانبر اڃا ذهن ۾ ڪونه آيو آهي ۽ اچي به ڪيئن؟
جيڪڏهن اوٽ ڪئي، ٻلي، ڪتي، ٻڪر، بگهڙ، ڏاند،
شينهن، ماڻهوءَ ۽ ٻين سون کير ڏيندڙ جانورن ۾
لاڳيتي هڪجهڙي ورتي ويندي، ته نشانبر به ڪو وڏي
عام ونڊيندڙ جي اصول تي ٺاهڻو پوندو، جو سڀني
جانورن جي اوٽن تي ٺهي اچي. رڳو ڪتي جي سمجهو هلت
جو بيان ڪندي مئڪڊوگال انهيءَ خيال جو آهي ته
منجهس اوٽ وارا ڪم ڪي ٿورا وڃي رهيا آهن، يعني ته
سمجهه ۽ اوٽ مخالف آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو جنهن
جي سمجهه اڳيان ڪتو ڪجهه به نه آهي. ان جي فطرت ۾
اوٽ ڇا ٿي چوي! ڪيترن مبشرين جو خيال آهي ته بشريت
جي حرفيات مان جيترو جلد هن لفظ کي ڪڍبو اوترو
مونجهارو گهٽبو.
ماڻهو جنهن پنهنجي لکن ورهين جي تاريخ ۾ ڪيئن
ڦيريون ڦاريون ڏٺيون ۽ سٺيون آهن، جنهن جاگرافيءَ
جي هر طبقي ۾ پاڻ کي مروٽي سروٽي واري، پٿر، برف
سان پاڻ کي موافقت ۾ آڻي يا ان جي ڀيت تي پئي
پنهنجون روشون ڦيريندي ايام ڪاٽيا آهن، ان کي اڃا
پنهنجن اصلوڪين موروثي اوٽن جو مطيع مقرر ڪرڻ،
مناسب ته نٿو لڳي. اوٽ جي ڪرت جي واٽ ئي هڪڙي،
ماڻهوءَ جي هر ڪنهن ڪم جون واٽون ڪئين.
وري جو اوٽن جي ياداشت تي نظر ٿي ڪجي ته منجهس هر
قسم جا ڪم، اڻسکيل، سکيل، بلڪ عڪسي عمل سڀ موجود
ڏسبا عڪسي عمل اختياري عمل ۽ اوٽائتي عمل ۾ ڪو فرق
ئي ڪونه ٿا ڪن. ڇڪ ڏيڻ، کنگهڻ، کنهڻ، هنگڻ، مٽڻ،
اهي سڀ بدني تنظيم (فزيالاجيءَ) جا عڪسي عمل آهن،
جن جو مطلب فقط هڪڙو آهي يعني ڪنهن اجائيءَ غير
ضروري شيءِ کان بت کي آجو ڪرڻ. باقي تيرهن اوٽن
مان ڪهڙي اوٽ آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي خيال کان
منجهس سمجهه جي گهڻي قدر ملاوت نه آهي؟ اوٽ جيتن ۾
ته ڦٽڻ سان پوريءَ طرح ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ڏئي.
جانورن ۾ چوزو ڄمڻ سان چڳي، بدڪ تري، پکي اڏامي.
وري ٻار کي ته ڪي سال تات کپي، جنهن ۾ هو حواس
هلائي سکي سمجهي پوءِ ٿو ڪنهن ڪم جو ٿئي. سندس بي
سمجهيءَ جي زماني وارا ڪم ته ياد ڪريو، جيڪي به هٿ
ڏيوس سو جهلي چوسيندو، ڇا به هجي. باهه جي ڀرسان
ويهاريوس ته سڌو هٿ چلهه ۾ وجهندو، ڪا شيءِ سرندي
ڏٺائين ته جهلي هڻندس مـِـٽ ۾، ڀل ته ٽنڊڻ هجي يا
بلا. ڪنهن مهل اڪيلو هوندو ته پنهنجي هنگڻ کائڻ
کان به نه گسي، ٿڦڻ ته خير. هاڻي ابهم جي انهن
اجاين ڪمن لاءِ ائين چئبو ته اوٽ تي ٿو ڪري؟ جي
ها ته اهڙين اوٽن مان حاصل ڇا؟ ٻيو ئي نقصان.
جستجو:
ٻار ۾ اٿل پٿل ۽ بت کي چورڻ پورڻ، ورائڻ ڦيرائڻ جو
احساس ڄائي ڄم کان ڏسبو. ڄمڻ سان اکيون پٽي تارا
هيڏي هوڏي ڦيرائيندو. مٿي کي پاسيرو ورائيندو، وات
۾ ڄڀ مرڪائيندو، وات پٽيندو پوريندو. هٿ هلائيندو،
پير چوريندو ڪڻڪندو يا رئندو ۽ ماٺ ۾ اچي سمهي
رهندو. ٻار جي اها چور پچور جيئن سندس بدني طاقت
وڌندي رهندي، تيئن ترقي ڪندي ويندي. پهرين ليٽئي
پئي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو، پوءِ پاسي ورائڻ جي،
ڪنڌ جهلڻ جي، ويهڻ جي، بت کي هنڌ تان مٿي کڻڻ جي،
رڙهڻ جي، بانبڙن پائڻ جي، اٿڻ جي، هلڻ جي، چڙهڻ
جي، ٽپڻ جي وغيره. ٻار کي راندين ۾ جسم جي هر حـصي
کي موڙڻ ورائڻ ۾ ڪو اهڙو مزو ٿو اچي جو ٿڃ ڌائڻ
کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪين چئبو. ٻار کي راند کان
روڪڻ مٿس نه رڳو ظلم چئبو، پر کيس وڏي هوندي جي
ڪم ڪار کان بيڪار ڪرڻ جو پورو رستو. بهتر ٿيندو جي
ٻار لاءِ ٻاهريون حالتون به سندس اندرين ڇڪن مطابق
ساز باز ڪجن. پوءِ ته ٽڙي پوندو. سندس پوريون
طاقتون ورزش ۾ اينديون ۽ اهڙيون ته قلابازيون پائي
ڏيکاريندو جو ڇا چئجي. بعضي ته هڙڇڙ ڪندي پاڻ کي
اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ گرفتار ڪندو آهي جو واهر
لاءِ رڙيون ڪرڻيون پونديون اٿس. وري جو جوکي مان
ڪڍي ٻاهر ڪريوس ته ساڳي اها ڪار.
وئٽسن جو رايو آهي ته ڄمڻ سان يا ٿورو پوءِ ٻار ۾
فقط ٽي جذبا ٿا ٿين (1) ڊپ (2) تيسو (3) پيار. وڏو
آواز ايذاءَ ۽ اوچتو ٽيڪ تان اٿلڻ ٻار کي نهايت
ڊيڄارين ٿا. ڊپ ۾ ٻار دم گهٽي، هيسجي ڪجهه مٺين
سان جهليندو يا پٺتي بانبڙو ٿي ڀڄندو. ٻار کي
اونداهيءَ ۾ جانورن يا ماڻهن جو ڪو ذاتي ڊپ ڪونه
ٿو ٿئي. اهو مائٽن کان ٿو سکي ته هي بلا اٿئي، هي
شينهن.
ٻار جي چور پچور کي روڪبو ته ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو،
بت کي سيٽيندو يا رڙندو. آزادي ٻار کي به کپي، جي
اڃا به ڪامياب نه ٿيو ته ساهه گهٽي تيسي ۾ ڳاڙهو
ٿي ويندو. تيسو ستن سالن تائين روڪڻ مشڪل آهي.
سماج کان ڪجهه زياده هٿ ڪرڻ جي ڪوشش آهي. گهڻي چڙ
ضعيف جي نشاني آهي. اڻ پوري خوراڪ ۽ بيماري، پيار،
مرڪڻ، کلڻ، گڙگڙ ڪرڻ يا اون اون ڪرڻ سان
ڏيکاريندو. بعضي ٽنگون ٻانهون هڻندو يا سانت ۾ پيو
رهندو. ٿڦڻ، ڪتڪتائي ڪرڻ يا لوڏڻ سان پيار ۾ جوش
ايندس. ٿورو وڏو ٿيو ته ٻانهون کڻندو ته کڻوم.
گهڻن ٻن - چئن سالن جي ٻار ۾ سلوڪ، ٺاهه، رفاقت جا
اطوام عام ڏسبا.
مٿئين مباحثي مان ايترو ضرور معلوم ٿيو ته: 1- اوٽ
جو ڪم آهي جوجڪيءَ تي ۽ سمجهه جو سوچ سان. 2- پورو
اوٽ وارو ڪم اتي ٿو هلي، جتي سمجهه نه آهي. 3-
جيترو جانور سمجهو، اوترو اوٽ تي غالب ڪتي کي جوش
۾ اوٽ جو اشارو آهي ته ڏاڙهه، پر سمجهه هئڻ سبب،
ڌڻيءَ کان ڇتي، بيوس هئڻ جي حالت ۾ به ٽريو وڃي.
سمجهو ته اوٽ جو ڪم ٿيو جوش سان ۽ سمجهه جو هوش
سان ۽ هوش جوش کي ٺارڻ جو ڪم ٿو ڪري.
مٿئين مناسبت کي ڇڪيندي ويچار ڪبو ته حضرت انسان
جا به ڪي ڪم هوش سان ڏسبا ته ڪي جوش سان. ٻار ته
سارو ڪم جوش کان ٿو وٺي، جيسين سمجهه پرائي. جوش
موروثي، هوش تعليمي. انهن موروثي اطوارن کي ڏسي ته
ڏاهن چيو ته
”پٽ
پينگهي ۾ پڌرو“.
ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي سموري فضيلت ۽ چال سندس
موروثي ٺاٺ تي ٻڌل ٿي ٿئي. جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا.
پر اختلاف هر قانون ۾ آهي. ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن
پيٽان ڀلا به ٿي سگهن ٿا. صحبت به وڏو اثر ٿي رکي.
پر ڪو ڪهڙي سنگت هٿ ڪري ڪو ڪهڙي، سو ڪنهن جي ڏس
تي. تخم جو تاثير ۽ گهرو ڪيڙ مقدم آهن.
ڏسجي ٿو ته ماڻهوءَ جي موروثي جوش جي لـِــڇ وريو
به وڃو حيواني اوٽ سان ڳنڍجي. آخر ماڻهو به ته
ارتقا جي پيدائش آهي. پرينديئي ڪي ٻارڙا سانتيڪا
ٿين ته ڪي ڌمچر، ڪي ماٺيڻا ته ڪي ويڙهو، ڪي کلڻا
ته ڪي تيسر، يقيناً اهي طبعيتون
ٻارڙن جي آزمودي جو نتيجو ته آهن. ڏسو ته ڪو راند
سان، ڪو ڪتاب سان، ڪو هنر سان، ڪو رلڻ سان. وڏو
ٿيو مت آيس ته پنهنجن رغبتن تي غالب پئي، نفعو
نقصان سوچي، جوش ماري، هوش سان هلي وقت گذاريو
وڃي. جي ٿيس رڏيءَ تي زور ته جهيڙي ۽ خسيس ڳالهه
تان خون. بعضي ته پڙهيا ڳڙهيا هوش وڃائي ويهن ۽ ڇا
جو ڇا ڪري گذرن. انسانيت اڃا اڳڀري ٿي ڏسجي. |