باب چوٿون
احساسن مان فعل جو پيدا ٿيڻ
ڪن عام جذبن جا ظاهر بدني اطوار
چال جا جزا افعال آهن، افعال اختياري آهن. اختيار
خيال جو نتيجو ۽ خيال احساس جو. نه مغز کي ڪو
احساس هوشيار ڪري نه مغز بدن کي چوري. احساس ڪنهن
نه ڪنهن وڻندڙ يا اڻوڻندڙ حالت کان مغز کي واقف ٿو
ڪري ۽ مغز انهيءَ حالت مان حاصل ٿيندڙ سک يا سور
کي ويچار ۾ آڻي، بدن کي ان کان پري ٿيڻ يا ان کي
اوري اچڻ جو فعل ٿو پيدا ڪري يا ته فقط ان لاءِ
رغبت يا نفرت جو اظهار. بدن جي ڪهڙي به ڀاڱي جي
ظاهري چرپر، هٿ پير هلڻ، کلڻ يا منهن جي بنهه هلڪي
مرڪ يا گهنڊ، پڌرو ٿا ڪن ته مغز جي اندر ڪو نه ڪو
احساسي سلسلو ضرور جاڳيو، ڇاڪاڻ ته ڪو به بدني
تحرڪ احساس جي پيدا ٿيڻ کان سواءِ ٿي نٿو سگهي.
رواجي آزمودا آهن ته نقصان جي خبر ملڻ تي ڏکيرو ٿي
روئبو، نانگ کي الر ڪندو ڏسي ڊڄي ڀڄبو، ڪنهن جو
ويڻ ٻڌي جوش کائي جهڳڙو ڪبو. ٻئي طرف کان وري ڪنهن
جي ظاهري هلت مان چئي سگهبو ته سندس من ۾ ڇا ٿو
وهي واپري. ڪنهن کي رئندو ڏسي سمجهبو ته ڏک اٿس،
ڪنهن کي ڀڄندو ڏسي ڀانئبو ته ڊنل آهي، ڪنهن کي
جهڳڙندو ڏسي معلوم ٿيندو ته ڪاوڙ ۾ آهي.
اهڙيءَ طرح هلت مان خيال ۽ خيال مان هلت جو اندازو
ڪرڻ، نفسيات جو هڪ مکيه دلچسپ عملي مشغلو آهي ته
ڪنهن جي ڪا روش ڏسي ڪيئن سمجهجي ته سندس مطلب ڪهڙو
۽ نيت ڪهڙي يا ڪنهن جي خيالن کان واقف ٿي ڪيئن پتو
لڳائجي ته اڳتي هلي هو ڪهڙا پير کڻندو.
مٿي ڏيکاريل ٽي مثال ته ايترو عام آهن جو هر ڪو
ڄاڻين سڃاڻين. معمولي مغز وارو ماڻهو به ڪنهن جي
اهڙي ظاهري روش مان هڪدم سمجهي ويندو ته ڏک اٿس،
ڊپ اٿس يا ڪاوڙ. پر گهڻو ڪري اهڙيون پيچيديون
هلتون به ڏسبيون. جن ۾ مطلب معلوم ڪرڻ آسان نه به
هجي، باقي نيت ته سندس فعل مان ئي ظاهر ٿي پوندي.
مئڪڊوگال هن مسئلي کي هڪ عام آزمودي جي روشني ۾
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ڪو ڪنهن فقير کي
ڪجهه پيسا ڏئي ٿو ته سندس نيت ته ظاهر آهي ته پيسن
ڏيڻ جي هئي، پر مطلب ڪهڙي سان ڏنائين اهو جاچڻو
پوندو. شايد (1) جند ڇڏائڻ لاءِ بي همتي ڪري
ڏنائين (2) رحم ڪري يا (3) وڏائي ڏيکارڻ لاءِ.
ٽنهي جذبن جي روش ڌار ڌار ٿيندي. جي لٿل منهن سان
هيڏي هوڏي نهاري، بيدلو کيسي ۾ هٿ وجهي هٿ
ڪيٻائيندي ڏنائين ته سمجهبو ته آزار ٽارڻ لاءِ ڊڄي
ڏنائين، جي سندس چهري ۾ هن لاءِ ديا ۽ دلچسپي ڏسڻ
۾ آئي، سندس هلت ۽ ڳالهاءَ سانتيڪا رهيا ۽ وري وري
فقير کي ٿي ڏٺائين ته رحم جي ڪري ڏنائين. جي منهن
مٿي جهلي ڪو سڪو بيخياليءَ سان ڪڍي ٽانءِ سان
ڏنائين ته وڏ ماڻهپيءَ خاطر.
ڀلا ڪنهن جي خيالن معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن جي
مغز سان ڪو سڌو تعلق ته آهي ئي ڪونه. ايترو آهي ته
ماڻهوءَ ذات جي ذهنيت ۽ هلت گهڻي قدر ساڳي ٿي رهي.
انڪري هر ڪو پنهنجي دل تي هٿ رکي پنهنجن جذبن،
خيالن، عملن جي مدنظر تي گهڻي قدر ڀيٽ ڪري اندازو
ڪري سگهي ٿو ته اهڙن وقتن تي ٻين جي مغز ۾ به ائين
وهندو واپرندو هوندو جيئن سندس مغز ۾. وري ٻين کي
باريڪيءَ سان جاچڻ تي معلوم ٿيندو ته انهن جا
آزمودا به ساڳين حالتن ۾ اهڙا ئي ٿا ٿين ۽ فرق ڪي
ٿورا. پر فرق بعضي ڪافي وڏا ٿا ٿين، ڪنهن جي ڪهڙي
سمجهه ته ڪنهن جي ڪهڙي، ۽ هلت به اوتريائي مختلف.
ائين به آهي ته پنهنجن فعلن کي بيريائيءَ سان پورو
پارکو ٿي ڏسڻ به ڏکيرڙو ڪم آهي. پنهنجي غلطي مڃڻ
لاءِ به همت کپي، انڪري ته پنهنجن اخلاقي اوڻاين
جو بار شيطان تي اڇليو ويندو آهي. پر هتي ته ڏوهه
ثواب جي ڳالهه ئي ڪانهي فقط پاڻ کي جاچڻو آهي ته
مون جو ڇرڪ ڀريو، ٿڌو ساهه کنيو، آواز ڪڍيو، اٻهرو
ٿيس، ان کان پهرين مون ۾ ڪهڙو خيال اٿيو. ڪهڙو
اڌمو اڀريو. انهيءَ دستور پنهنجن هلتن ۽ خيالن جي
ڳچ سلسلن کي جاچي، پوءِ ٻين جي هٿن پيرن، منهن،
سيني ۽ گلي جي مختلف تحرڪن مان گهڻي قدر اندازو
لڳائي سگهبو ته انهن جي مغز ۾ ڇا ٿي وهيو، واپريو.
ساڳيءَ طرح روئڻ، کلڻ، لڱ ڪانڊارجڻ يا بت جو
پگهرجڻ وغيره سڀ ڪن مغز جي حالتن پٽاندر پيدا
ٿيندا ٿا رهن. انهيءَ ترتيب سان جي پنهنجا آزمودا
هنڊائي اٿلائي، پٿلائي، ٻين جي روش سان لاڳو ڪري
غور ڪبو ته گهڻي قدر ٻين جي ذهنيت، يعني سندن
اوٽون ، احساس، جذبا، خيال چٽائيءَ سان تاڙي وڃبا
۽ ڪنهن حد تائين ڌوڪي کائڻ کان بچي وڃبو.
هاڻي جي ويچار ٿو ڪجي نفسياتي علم جي فائدن جو ته
ڪا به اهڙي ماڻهوءَ جي مشغولي نه ڏسبي، جتي هي علم
ڪارائتو نه ٿئي. پينگهڙي کان قبر تائين. ٻار جي
نيپاج ۾، تربيت ۾، حڪمراني، انتظامي، قانوني
ڪارواين ۾، هر گهڙيءَ، هر هنڌ جتي به ماڻهوءَ جو
ماڻهوءَ سان تعلق آهي اتي هن افضل علم جي ضرورت
ظاهر آهي. اسڪول، اسپتالون، بازار يا ڪارخانو،
آفيس يا ميدان جنگ، مطلب ته هر ديني توڙي دنيوي
نقطه نظر کان هن علم کي نظرانداز ڪرڻ معنيٰ
کاٻارجڻ. پنهنجي ذاتي علم کان ڪو به ٻيو علم بهتر
ٿي نٿو سگهي. ڪيڏي موٽر ڪار جو علم، ڪيڏي پنهنجي
جيءَ جو علم! پنهنجي اڌمن، خيالن، امنگن، افعالن ۽
چالن کي سمجهڻ پنهنجن ۽ ٻين جي ڪوتاهين، چالاڪين،
مڪارين، حرفتن، هنرن، ڌوڪيبازين کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ
وارو علم ڪو جهڙو تهڙو ته ڪين چبئو. حقيقت ۾ ٻين
جي حرفتن ۽ چالاڪين جو شڪار ته ڪڏهن ڪڏهن ٿو ٿجي،
پر پنهنجي خيالي ڌوڪن ۾ ته هميشه اٽڪيل ٿو رهجي.
واقعي پنهنجو مغز، جي مونجهاري ۾ پيو ته اسان کي
ٻين کان گهڻو برغلائيندو ٿو رهي. هتي آهي پاڻ
سڃاڻڻ جي ضرورت ۽ اهميت. ماڻهو هميشه انهيءَ ڌوڪي
۾ رهندو آهي ته آءٌ سچو ٻيا ڪوڙا. اسين شريف ٻيا
ڪميڻا. ائين به ڪڏهن ڪو ٿيو آهي؟ آخر اسين به ته
ساڳيءَ مٽيءَ جا ٺهيل آهيون، ساڳئي طبقي جا آهيون،
ساڳئي خيال جي اثر هيٺ آهيون ۽ ساڳئي وقت ۾ گڏ
گذاريون ٿا. افسوس جو پاڻ کي ڏسڻ جي اسان ۾ فضيلت
ئي ڪانه آهي ۽ ڏوهه ٻين تي. ٻين کي عيبدار ۽ پاڻ
کي شاندار سمجهڻ به هڪ وڏو ڌوڪو آهي. جنهن کان ڪو
نيڪ شخص آجو هوندو نه ته حقيقت ته ائين آهي ته ٻين
جي هجو، ٻين جا عيب، ڪڍندوئي اهو جو پاڻ گڪو
هوندو.
بت کي ڀڙڪائڻ جا ذريعا اڌما آهن
ماڻهوءَ جي اڌمن کي ته قدرت ڪا اها سگهه بخشي ڇڏي
آهي، جو اڀريا نه آهن ته بدن جي نس نس ۾ تاءَ آيو
نه آهي. اهو جوش اڀري اٿندو، جنهن کي جهلڻ مشڪل.
رڳ رڳ ڪمان وانگر تڻجي ويندي، پوءِ ايترو زور
سانڍي ماٺ ڪرڻ به ڏکيو، ڪير جو هاڻي بدن جي مست
اٺ جي مهار کڻي!
شل نه ڪا حيوان جي باغيچي ۾ دانهن ٿئي ته
”شينهن
ڙي شينهن“
پوءِ پيرسن جو ڀڄڻ ڏسو ته ڪيئن ٿو پيرن تي
زور ڏئي، منڊو به سڄو! انهيءَ ٻاهرين تيز رفتار کي
چالو رکڻ لاءِ ضروري آهي ته مشڪن کي کاڄ ۽ آڪسيجن
جام ملي نه ته ڊهي پونديون. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ دل تڪڙو تڪڙو هلي ته رت واري گلوڪوز مشڪن کي
ملي ۽ ڦڦڙ به تيزيءَ سان ڪم ڪن ته آڪسيجن پهچي ۽
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نڪري. اهو ڪم ري نالي غدود
ڪندا ٿا رهن. بهتر ٿيندو ته ڪنهن اڌمي کي باريڪيءَ
سان جاچي ڏسون ته ان جي اثر هيٺ بدن ڪهڙا کيل ٿو
کيڏي. اهي اڌمائي آهن جتي فزيالاجي ۽ سيڪالاجي
گڏوگڏ ملي ڪم ٿيون ڪن، انڪري بدني ڪرتبن سان گڏ
مغز جي خيالن، احساسن ۽ اختيار جو سلسلو به چٽيءَ
طرح معلوم ٿيندو.
خوف جي اڌمي جو بدن تي اثر
سمجهو ته ويٺي ويٺي هڪ زوردار ڪڙڪاٽ ٿو ٿئي ۽ ڌرتي
ڌڏي ٿي. هي ٿيو احساس جنهن آواز ۽ ڌوڏي جي خبر مغز
کي ڏني. احساس سان گڏوگڏ قرابتي تندون اڳين آزمودن
۽ معلومات جو پيچرا ڳنڍي خيال اڀارينديون، آواز جو
ڪڙڪو ٻنهي احساسن مان تيز اثر وارو آهي، انڪري
پهريون خيال آواز ڏي ويندو ته ڪڙڪو گوڙ جو، هوائي
جهاز جو يا بم جو؟ پر ڌوڏو معنيٰ ڌرتي اجها ٿي
ڦاٽي. انهيءَ فيصلي تي ٺهه ٺپ ڊپ جو اڌمو بت ۾ جوش
آڻي بدني ڪل کي وهو ڪندو. هاڻي جان بچائڻ لاءِ رڳ
رڳ چست ٿي ويندي، مغز اختيار هلائي ٽنگن کي
هڪليندو ته هلو ٻاهر متان جاءِ نه ڪري، اهو ٿيو
فعل. سچيت مغز هي سڀ پل ۾ ڪيو وڃي.
هاڻي جيسين جان بچائڻ جو آسرو هوندو، تيسين هيڏي
هوڏي ڊڪ ڊوڙ ڪبي ۽ بت ۾ ڀڙڪايل سگهه خرچ ٿيندي
رهندي. ان وقت منهن جون مشڪون اهڙيءَ طرح ڪوئبيون
سوئبيون جو چهري تي ڊپ ۽ اميد جا گڏيل اطوار سندن
حـصي رسيءَ موجب ظاهر ٿيندا رهندا ۽ نيٺ خير شير
ٿيڻ تي ٿڌا ساهه ڀري حال احوال بيان ڪري، اڌمي جي
پيدا ڪيل طاقت پوري طرح ڪم آڻي اعتدال تي اچي
وڃبو. پر جي ڀڄڻ جي واهه ڪانه ٿي ۽ نراسائي وڪوڙي
وئي ته اڻ خرچيل سگهه جو اثر بازن کي ڇڏي، بدن جي
اندرين عضون ۽ چهري جي مشڪن تي ڇانئجي ويندو ۽
منهن ڊڄ جي ڪري حراس جي تصوير بڻبو ويندو.
ڊارون خوف جي اڌمي جي تصوير نهايت موثر
لفظن ۾ چٽي آهي جا منهنجي ناقص لفظن ۾ هن طرح
ٿيندي:
اکين جا دوڏا اڀري ويندا، وات کلي ويندو، ڀرون
تاڻجي ڪشيل ڪمان ٿي ويندا، چمڙي ڪاري اودي، منهن
هاريل بلڪ روڙيل ڏسبو، ٿڌو پگهر پريشانيءَ ۽ منهن
تان ٽمندو سارو بدن شل ڪري وجهندو. اڻ خرچ ٿيل
سگهه جي زور تي وار کڙا ٿي ويندا ۽ ٻاهريون مشڪون
رڦنديون رهنديون. دل ڌڙڪندي ۽ سيني تي زور سان
سٽڪا ڏيندي. ساهه اُڀو ٿي ويندو ۽ اهڙو تکو کڄندو
جو ڄڻ ته اندر ماپجي ئي نٿو. چپ خشڪ، وات ٺڪر،
ازخود پٽبو ۽ پوربو رهندو، شايد ڪجهه چوڻ خاطر، پر
آواز ڪونه اڪلندو. بت ۾ ڪنبڻي چپن کان ڏڪ ڏڪ ڪندي
ساري بدن ۾ پکڙجي وڃي. آواز جي گهڻي ڪوشش سان نڪتو
ته به چچريل ۽ سمجهڻ کان ٻاهر. هاڻي موت جو رنگ
ڇانئجڻ لڳندس، ۽ ساهه ڇٻيءَ سان کڻندو. نڪ جون
ناسون ٽڙي وينديون. ساهه ۾ اهمي، چپ زور سان مٿي
ڇڪبا ۽ ڳلن ۾ ڦوڪ شروع ٿيندي. نڙيءَ ۾ سوڙهه، تارا
ڦاٽي وڃن، ۽ ڪنهن خوفناڪ شيءِ تي وڃي کپن يا
پيليون اکيون هيڏي هوڏي ڦرنديون رهن. ٻانهون ائين
ڇڪجي ڊگهيون ٿي وڃن ڄڻڪ بيخطا ڪنهن خطري کي ٽارڻ
جي ڪوشش ۾ آهن.
هلڪي ڊپ جي حالت ۾ اٻاسيءَ تي اٻاسي بس ئي ڪانه
ڪندي، پر جي جان جي بچڻ جو آسرو گهٽيو ۽ نا اميدي
۽ مايوسيءَ ڊڪ ڊوڙ کي محدود ڪيو ته اوتروئي اڌمي
جا اثر ۽ اطوار بت تي چٽا ۽ ڀرپور ظاهر ٿيندا
رهندا ۽ رفته رفته چهرو انهيءَ جذٻي جي کڙيل تصوير
بنجي ويندو. انڪري ته چوندا آهن ته جي ڪو جذبو جوش
۾ اچي ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻاهر ڪم لائجي نه
ته اندر جهوري وجهندو. ڏک ۾ روئي جان ڇڏائڻ به
فطرتي علاج آهي. ڊپ ۾ ته ماڻهو ميلن جا ميل ڀڄي
ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪرندا آهن، پوءِ جيئن لڱ ٺرن ته
پٺتي موٽڻ مشڪل. ڀلا هاڻي ته جذبي وارا پر ڪين آهن
جي اڏائين.
اهو آهي بت تي ڊپ جو اثر، جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ جي
ظاهري روبڪاري اهڙي ڏسجي ته سمجهجي ته شڪار ڊپ جو
آهي، پر ڇو ٿيس ان جي جاچ ڪجي. ياد رکڻ گهرجي ته
ڪنهن به جذبي جون مختلف هلتون ٿي سگهن ٿيون، ڊپ
هيسائي يا جوش ڏئي کڙو ڪري نه رڳو الاري پر هڻي به
ڪڍي.
جذبا اسان جي جياپي کي آسان ۽ اثرائتو ٿا ڪن، پر
بعضي اٽڪاءَ ۽ تڪليف جو سامان به ٺاهيو رکن. ويتر
جي قابوءَ کان نڪتا ته دل گهايو. جيءَ جلايو ڇڏين،
پوءِ ته خير ڪونهي. انڪري هوش وارن، جذبي جي
غلامي ڪڏهن به ڪانه قبولي ۽ هميشه ائين سمجهايائون
ته جذبي کي غلام ڪري سندس پيدا ڪيل سگهه کي ڪنهن
ٻئي سهڻي بدني يا ذهني ڪم ۾ صرف ڪرڻ سڦلو ڪجي.
ڏک جو بدن تي اثر
ڏک جو اثر عام طرح تابعدار مشڪن تي گهڻو ڏسڻ ۾
ايندو، ساري بدن جو گوشت ليڙو ۽ نست ٿي پوندو،
جيئن ڪو ڏڪار جو ماريل لاڳيتي بک کان بيحال ٿيو
پيو هجي. هٿ پير چرڻ کان عاجز، جو عضوو جتي سو
تتي. ڄڻڪ بيجان پيو آهي، بدن ڀريل، سگهه ڪانه، حد
ڪمزوريءَ هوندي به بعضي ڪو عضوو چرندو ڏسبو، پر
ڪنهن ڪم خاطر نه.جيئن نه ڪو ماندو ماندو ٿي اٿلي
پٿلي. اٿڻ جي ڪندو ته پير نه کپندس هلڻ جي ڪندو ته
پير نه کڄندس، ٽنگون پيون وچڙندس ۽ پير پيا گهلبس،
وک وجهڻ لاءِ لاچار ٻانهون ڪلهن کان ائين پيون
لڙڪندس، ڄڻڪ ساهه ئي ڪونه اٿن. جيئن نه ڪي اٽڪيل
ڌاريون شيون هجن. آواز ايترو وٿيرڪو جو اکر سڄو
ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو. اوندهه جي اوندهه ۾ گم. منهن
مونن ۾ ڪيو پيو رهندو. اندر جي آزار ۾ گرفتار
وياڪل ۽ بيحال، ٻاهر جي خبر نه چار، نه اندرين
ڇڪتاڻ ۽ مونجهه گهٽجي، نه ٻاهرين نستائي بت جهلڻ
جي سگهه نه ڏئي. هاڻي ته ڪنڌ کي گوڏن تي جهلڻ جي
به طاقت ڪانه هوندس نه مٿو مٿي جهلي سگهي نه ڪنڌ
کي ڪو ٽڪاءَ. ذري هيڏي ذري هوڏي نه مئن سان نه
جيئرن سان، ڪٿي جو ڪين، جيئن اندرين مونجهه ۽
ماندڪائي زور ڀري، تيئن ٻاهرين نستائي ۽ ناچارگي
زور پوي، اکيون پاڻي ڏئي ڏئي ڏسڻ کي عاجز. نظر
ڌنڌلي، مغز منجهيل، سمجهه ساڻي نه ٿئي. هانو جي
سوڙهه ۽ بي آرامي، چرڻ چڪايو ڇڏي ۽ بت بيڪار ٿي
الڙي پئجي رهي. اندر ۾ ايڏي آنڌ مانڌ جو ڄڻ ته ڪو
آنڊا پيو مروٽي. جيئن اندرين وٽ وٽوڙ زور ڀري،
تيئن پريشاني ۽ مونجهه زور. رت ته ائين گم ٿي
ويندس جو ڄڻڪه
هوس ئي ڪونه. منهن بنهه خاڪ جي رنگ جو ڏسبس. اکين
اڳيان اوندهه، ڏينهن به رات. آهه
ڀرڻ جي سگهه به ڪانه، جهڙو لاش. وات خشڪ، نڪ جو
پاڻي نه سڪي. (لئنگ)
ڪاوڙ جا ڪرتب
ڊپ ۽ ڏک گوشت کي نٻل ۽ لڳڙو ڪن، پر ڪاوڙ بت کي
اهڙو ته جوش ڏئي ڇڏيندي جو ليلهر به لنگهه. ساري
بت ۾ چڻگون ڇٽڪندي باهه جا الا اڀري اٿندا، جن کي
ٻاهر جوش ڇنڊڻ جي جاءِ نه ملي ته رڳ رڳ کائي
وجهندا. منهن جوش ۾ ڳاڙهو، ٽنگون ائين ورنديون جن
کي جهلڻ ڏکيو، هٿ دشمن جي ڪنڌ مروٽڻ لاءِ حيران،
ٻانهون ڀاڪر ڀري دسڻ لاءِ منتظر، زبان ائين وڄندي
جو ويڻ تي ويڻ، ڀرون
۾ گهنڊ ، منهن ۾ شور. ائين پيو پٻن تي نچندو ڄڻ ته
بت ۾ ڪا بجليءَ جي ڌار پئي ڌڌڪا ڪريس. ٻيءَ صورت ۾
جي جوش ۾ گارگند ڪڍڻ وارو نه هوندو ته لڙلڙ ڪرائڻ
وارو زور مورڳو سندس چپ زور سان ڀيڙي ڇڏيندو، وات
بند، منهن ۾ گهنڊ، مڇ جي وار وار ۾ تاءُ، اکين ۾
جوش، مٺيون ڀيڙيل، مٿو مٿي، ڪنڌ ۾ ڪلي، آڪڙ ۽ سيٽ.
سينو سيڻهه وانگر ڦوڪيل، ڪا الر ٿي ته مارڻ مرڻ
لاءِ تيار.
سچ ته ڪاوڙ تي قبضو ڪرڻ ڪنهن انسان جو ڪم آهي. شل
نه ماڻهو پنهنجو اصلوڪي جهنگلي وحشت ۾ ڦاسي. حيوان
ته آهيون، چڙ ۽ چريائي سڳيون سؤٽيون ته آهن.
خوشيءَ جي اڌمي جي لهر
وري جي ٿا ڪنهن جا مطلب پورا ٿين ۽ ڀاڳ ٿو ڀڙائيس
ته موج ئي موج. تتي به ٿڌي، ڏک ئي ڏور، نه واچ
جهليس نه مينهن. ڏسو ته به ٽهڪ تي ٽهڪ. واڇون مڙن
ئي نه. دنيا جون تلخايون سڀ دور، جيڪي کاءُ سو
مٺو، بت جي رڳ رڳ سريلي سرود وانگر بدن جي انگ انگ
کي ائين ته ڀريو ڇڏي جو ڪو سنوپرو
سيتل سڀاءَ وارو به وٺ جو نه ٿئي، ڪپڙن ۾ نه ماپي.
ويتر جي اڳئي هجي عيشي جيئڙو، خوش مزاج پوءِ ته
پور ۾ پور. چپٽين مان تاڙيون، تاڙين مان ترانا،
ڦيرين مان جهمر. ٻن پيرن تي ترسڻ ڪنهن جو، ميز به
طبلو، ويهڻ جي جاءِ نه لهي. ماٺ منهن ئي نه ڏئيس.
هيڏانهن ڪا شيءِ کاڌي هوڏانهن ڪا شيءِ پيتي، کل جو
چرچو. جيڏانهن نهاري تيڏانهن آنند. ڏک ڏسڻ کان
دور، وري ذهن ائين کلي پويس جو جيڪو حساب کڻ سو
سولو. حافظو اهڙو چٽو جو سڀ ڪجهه تريو اچي. ويسر
ٿئي ئي ڪانه، اهنجو به سهنجو، هر چيز سان چاهه، سڀ
ڪجهه مزيدار، سچ ته زندگيءَ جو ساز ۽ ڪاميابيءَ جو
راز خوشي آهي، جا بت جي لؤن لؤن کي بهار بهار ڪري
ڇڏي، ڪاميابيءَ جي ڪنجي خوشي آهي.
عشق جا بت سان راڱا
نينهن جا نهوڙيل مجنون به بعضي ڏسبا آهن، جن جا
ظاهري اطوار ته ديس ديس جي شاعرن قلمبند ڪرڻ ۾
ڪسر
ڪانه ڇڏي آهي:
آهـه سرد و رنگه زرد و چشم تر
آهه و زاري
بيقراري
دربـدر
اهو جذبو به ڪو عام پسند ٿو ڏسجي جنهن جا جام،
شاعر سوز جا ماريل، ڀري ڀري ڏيڻ تي ۽ فراق ڦٽيل
پيئڻ تي. اسان جي ملڪ جو شعر سارو، انهي هڪڙي جذبي
لاءِ وقف ٿيل ٿو ڏسجي. عقل وارا به ويٺا ڏسن ته
عاشق زهر پياڪ ڪيئن ٿا نينهن جي نشي ۾ مست ٿين ته
اسان جي ٻيگهي مچي. ڪي فاقيا ڪڍن ته ڪي ڍؤ ڪن.
پوءِ غالب ڪيئن نه چوي:
عشق ني غالب نکما کرديا
ورنه هم بهي آدمي تهي کام کي
اهي بدني بورائا اسان جا اڌما، زندگيءَ جي بحر ۾
ڪيڏو نه تلاطم پيدا ٿا ڪن، ڪٿي لهريون، ڇوليون ۽
ڪن، ته ڪٿي ڍورا ڍنڍون ۽ ٻيٽ. اهي آهن اسان جا
جنڙا جي ڇا جو ڇا اسان کان ڪرايو ڇڏين. اهي آهن
اسان جي بدني ڪل جا ڪنجيدار جي بيوس پتلي کي ناچ
ٿا نچائين.
”ڪام،
ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار“
۾ وڏي معنيٰ سٽيل آهي. پاڻ کي جاچي ڏسو ته ڪو به
بدني تحرڪ ڪو به ڪم ڪنهن اندر جي اڇل کان سواءِ
ٿئي به ٿو؟
ڪو به فعل، احساس سواءِ ٿيڻ ناممڪن آهي. البت
احساس تحرڪ کان سواءِ ٿي سگهي ٿو. خاص ڪري ڪن خوش
ڪردار فضيلت جي صاحبن ۾، جن پنهنجن امنگن، اڌمن ۽
جذبن کي قابو جهليو آهي، جيترو ڪنهن اڌمي جو اظهار
گهٽ، اوترو ماڻهو انسانيت ڏانهن زيادهه مائل.
مصيبت ۾ جيڪو اوڇنگارون ڏئي رڙي ته هن تي ميارڪانه
آهي. ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ فطرتي آهي، سڀاوي آهي،
پر جي تحمل، بردباري ۽ صبر سان پاڻ کي قابوءَ ۾
رکي ته انسانيت اتي آهي. انساني ڪيڙ اها جا سيکاري
ته اهڙن اهنجن وقتن تي، جڏهن عاجز انسان جي همت جي
پرکا آهي، تڏهن ڪيئن اڌمن جي جانڪاه اثرن کان پاڻ
کي بچائي ڪيئن سمجهه کي ساڻي ڪري.
احساس - خيال- عمل جو چڪر هرهنڌ چالو آهي:
پنهنجي روزاني مشغولين کي جاچي ڏسبو ته اهي مغز جا
ٽي ڪرتب، احساس، خيال ۽ اختيار اسين هر وقت ڪم
آڻيندا ٿا رهون. ٻار رنو، ماءُ سمجهيو ته بکارو
آهي، ٿڃ ڏني. چور پوليس کي ڏٺو سـُـجهي آيس ته
ڦاٿس، ڀڳو، مطلب ته اسان جي هر هڪ فعل سان احساس
خيال ۽ اختيار شامل هوندائي هوندا. ڪو به ڪم بي
قانون ڪونه ٿو ٿئي، جيئن قدرت سٽ سٽي آهي. اسان کي
هر هڪ ڪم لاءِ اختيار آهي. البت معترض اها حجت
وٺندا آهن ته جي ماڻهوءَ کي اختيار آهي ته ڪيترا
ڀيرا هو نقصانڪار ڪم ڇو ٿو ڪري، ڇو نٿو هر وقت
فاعدي وارا ڪم ڪري؟ ان جو جواب هي آهي ته اختيار
هوندي به اسين آسمان جا تارا ته لاهي نٿا سگهون.
اختيار هلائڻ ۾ ڪيتريون دقتون درپيش اچن ٿيون، جن
جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو، پوءِ ڪٿي محنت صاب پوي،
ڪٿي شڪست کائي. فائدو ۽ نقصان، پنهنجي وس ۽ رڪاوٽن
جي ردبدل ۽ زور آزمائيءَ تي منحصر رهندو. اهو ته
ڪنهن لکائي ڪونه لڌو آهي ته هر وقت هو فتحياب ئي
ٿيندو. ٻيون طاقتون به ته ميدان ۾ آهن يا نه؟
ڪنهن به ڪتاب جو ڪو به ورق کڻو ته مٿس ڪنهن جذبي
جو بيان هوندو، ڪنهن خيال جو يا ڪنهن ڪم جو. ساري
دنيا جي حرفيات، جا انسان جي قلم مان نڪتي آهي،
لات اها ئي لوندي، جا سندس مغز ۾ هوندي. شعر هجي.
فلسفو هجي. ناول هجي. اخبار هجي. يا ڪو ڌرمي ڪتاب
هجي. هوندو وري به انهن مغز جي ٽن شعبن جو بيان،
احساس، خيال ۽ فعل.
قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سڀني
فلاسوفرن جي نوشتن جي ورق گرداني ڪريو ته هرهڪ جو
فلسفو پنهنجي پنهنجي سڀاوي رغبتن موجب احساسي
هوندو، خيالي يا عملي ۽ بس. جن کي احساسي حوصلو
سرس هوندو سي پنهنجي دماغي راحت، جذبي يعني ايمان
جي عقيدن ۾ لهندا، قلب جو قرار ۽ آرام دنيا جي
بـَـڪ بـَـڪ ۽ دليلبازين کي ڇڏي آمنا، سلمنا،
صدقنا جي سانت ۽ تسڪين ۾ ڏسندا. مذهبي فلسفن جو
بنياد اتي آهي، بي انت ڪائنات جي احساسن کان
هلندي، سندس خلقڻهار جي رحمت ۽ عظمت جو احساس
ڪيترو نه ڏڍ ڏيندڙ ۽ اميد افزا ٿو ٿئي. ڪن جو سندس
رحمت تي اهو ناز، جو سندس ڏهڪاءَ ۾ پاڻ کي تڇ
سمجهي به اولانگهو نه کڻن ۽ آسري ۾ آلاپين:
”تون
سمو آءٌ گندري،
مون ۾ عيب اپار.“
ڪي وري انهيءَ بيپايان هستيءَ سان قرابتي رشتي
قائم ڪرڻ لاءِ بيپايان بحر جي هڪ قطري بنجڻ جا
پياسا، انهيءَ توهه تي ترندا وتن ته جان ئي حباب
مان هوا نڪري ته من قطرو درياءَ سان ملي درياءُ
ٿئي. وري مري ملڻ جي تمنا ۾ تار، طالب ائين به دل
کي دلاسو ڏين ته:
”ڪڏهن
ڪانه سئي ته ڪا سڄي گڏي سڄڻين“
ڪي ته شاعراڻي شوق ۾ سرشار، ايترو قريب وڃيو پون
جو جلوو پسيو
”سج
چنڊ تارا ڪتيون تن کان تاب تکو هو“
آلاپين. ڪي اڃا به اڳڀرو نڪري نينهن جي نشي ۾
مخمور، سانڍڻ جو تاب نه سهي، مستيءَ ۾ چور چور ٿي
چون:
”پيا
کي پلنگ پر جا بيٺونگي، ميران هري رنگ راچونگي“
ڪي ڪٽمست ته جمالي جلوي کان درگذر ٿي، سندس جلال
سان ڀرجي
”انا
الحق“
به چيو ڏين، حالانڪ ڪٿي مخلوق، ڪٿي خالق!
خيال جا ڪوڏيا فلاسافر ته وري ذهني ڇيڙڇاڙ ۾ مست.
عقل، بحث ۽ منطق سان سچ جي ورکڻ ۾ پورا. احساس جو
ڀروسو ايمان تي، خيال جو ڀروسو گمان تي. چي: عشق
کي اکيون ڪٿي؟ ڌوڪائي ڌوڪا، حقيقت کي سجاڳ عقل ئي
ڳولي سگهندو نه منجهيل جذبو. سچ جي واٽ تي سوين
لاهيون چاڙهيون، عقل سوا اوندهه ويساهن مان نه
وري.
عملي فلاسفر وري نيڪ عمل جا ڪوڏيا. نه احساس کي
صحيح سمجهن نه خيال کي. جيسين عمل کين مخلوق جي
ڀلي خاطر مفيد ثابت ڪري. تجسس ۽ تحقيق سان شروع
ڪري انسان جي آسودگيءَ ۾ ان جي انتها ڪن. جس فقط
انهيءَ ڪم کي ڏين جنهن مان ذات انسان جو سک سرس
ٿئي، ڀلو ٿئي، دنيا جي ڏک ۾ ڪتر پوي.
واقعي نفسيات جهڙي گوناگون علم کي ٽن مشغلن ۾
محدود ڪرڻ، لڳي ته اهڙو پيو جهڙو درياء
کي ڪپڙيءَ ۾ قابو ڪرڻ، پر ٿوري ويچار سان ڏسبو ته
قدرت جي هر هڪ شيءِ نهايت پيچيدي معلوم ٿيندي، پر
جي سندس راز لڀي ته نهايت سولي ٿي پوندي. انهن مغز
جي ٽن شعبن جي پاڻ ۾ گهٽ وڌ ملاوتن مان، ايترا ته
سڀاوي رنگ روپ پيدا ٿين ٿا جيترا ماڻهو. ڪي به ٻه
ماڻهو جيئن شڪل شبيهه ۾ ساڳيا نه آهن تيئن ذهنيت ۾
به نرالا آهن.
نفسيات جو مقصد فقط اهو آهي ته ماڻهوءَ جي ڪنهن
فعل جي بنيادي ذهنيت تي روشني وجهي ته ڪهڙي مطلب
تي ٿيو. ان سان ان جو ڪو واسطو ڪونهي ته فعل کوٽو
ٿيو يا کرو، فعل کي نيڪ يا بد ٺهرائڻ اخلاقيات جي
ذمي آهي. البت هتي اهڙي هنڌ اچي پهتا آهيون جتي
انهي هرکر کان آجو ٿي نٿو سگهجي ته مغز جي انهن ٽن
وصفن کان جيڪر بهترين ڪم ڪهڙا وٺجن. ٿوري سوچ سان
معلوم ٿيندو ته بهترين احساس نزاڪت پسند ٿي سونهن
جي تلاش ۾ رهندو، بهترين خيال حقيقت جو متلاشي ٿي
سچ جي ڳولا کي لڳندو ۽ بهترين عمل اخلاق يعني
سلڇڻائپ سان سرخرو ٿيندو. يعني ته مغز جو بهترين
ڪم ٿيو سونهن، سچ ۽ سلڇڻائيءَ جي جستجو.
ڏسجي ٿو ته قدرت پنهنجي اشرف المخلوق کي سچ جي
حامي ٿيڻ، سونهن جي احساس ڌارڻ ۽ سلڇڻائيءَ سان
نيڪي برتڻ جي صلاحيت جا وسيلا پورا عطا ڪري ڇڏيا
آهن. باقي جو بر ڀيٽجن ۽ ڇير ٻڌجي سا ته گمراهي
ٿي.
مغربي فلسفي جي اڀياس ڪرڻ وارن جي نظر کان
”ٽروٿ
گڊنيس بيوٽي“
جا لفظ بار بار گذريا هوندا. اهي ٽي وصفون ڪن
فلاسوفرن هن دنيا جي ظلمن، براين ۽ کوٽين روشن جي
مقابلي ۾ هڪ معياري خيالي دنيا تصور ڪري، ان کي سچ
سونهن، سلڇڻائپو سان سنواريو آهي ته بعضي ڪن انهن
وصفن کي سچيءَ دنيا جي اسباب ۾ شمار ڪيو آهي. ڪن
ته انهن لياقتن کي الاهي شان جي لائق سمجهي، خالق
کي ئي انهن صفتن جو صحيح مالڪ ڄاڻايو آهي، پر
رواجي انسان ۾ اها رمز ڪنهين ڪانه ڏٺي! سمجهه ۾
نٿو اچي ته ڇو؟
ڪاش جي انهن سچ جي سوداگرن کي خبر هجي ها ته هر
انسان جي مغز ۾ انهن وصفن جو بنياد موجود آهي!
افسوس ڪيترو نه اسين پنهنجي صحيح ۽ سهڻين لياقتن
کان بيخبر آهيون! اهي عظيم الشان وصفون انسان کي
ڪڏهن ڪٿان ۽ ڪيئن هٿ آيون ۽ سندس موروثي موڙي
بنيون، اهڙيون ڳوڙهيون ڳالهيون ٿيون لڳن، جن جي
کوجنا انسان جي زندگيءَ جا ڪي پراڻا پوريل بحر
نئين سر پلٽائي وجهي ته عجب نه آهي. |