سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: نفسيات  (پاڻ سڃاڻ)

باب: يارهون

صفحو :14

باب يارهون

شخصيت

شخصيت ڇا کي ٿو چئجي؟ شخصيت ڪيتري قدر موروثي آهي ۽ ڪيتري پرايل؟ سندس ڪـَـٿ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ شخصيت ڦري به سگهي ٿي يا نه؟ ڪيترا نه دلچسپ سوال آهن.

ڪنهن شخص جو ذڪر ڪندي سندس نسل، علم، تجربو، قابليت، عقل،هنرمنديون، مشغوليون، لڇڻ ويچاريندي اچيو سندس شخصيت تي بيهجي ته طبع جو ڪيئن آهي؟ خوش مزاج، آڪڙيل، نهٺو، آڪرو، اتامرو، اڇهرو، جهڳڙالو، شرميلو، بيحيا، دياوان، ظالم يار ويس، ٻٽاڪي، بڙبڙيو، بي همت، همت ڀريو، ذميدار، بيپرواهه وغيره وغيره . اهي آهن انسان ذات جون طبعي وصفون. هر ڪا وصف سندس ڪانه ڪا خصوصيت بيان ٿي ڪري. گهڻو ڪري اهي خصوصيتون ڪنهن جي متعلق ٻين جون سوچيل آهن. مطلب ته ڪو سماج جي نظر ۾ ڪيئن آهي ته ڪو ڪيئن. ائين ته آهي ئي، ته اسان کي عتاب  يا خطاب ڏيڻ وارو سماج ئي آهي. ڪاش جي ٻين لاءِ سماجي رايا ذاتي غرضن کان پاڪ هجن ته جيڪر وڏو قدر ٿئين، پر پنهنجو مطلب ڪير ٿو ڇڏي.  ان ڪري راين جو قدر به گهڻو ڪونه ٿو ٿئي. جيئن جنهن کي وڻي. بهرحال ڏسڻو آهي ته ڪنهن جون سڀ وصفون ڪهڙين نيتن جي رشتن ۾ پوتل آهن ۽ ڪهڙي جامع شخصيت ٺاهي رکي اٿن. ائين چوڻ ته برابر آهي ته ڪو سخي آهي ڪو بخيل. پر عجب نه آهي جو ساڳيو ماڻهو ڪٿي سخي هجي، ڪٿي بخيل، سو ڇو؟  هر ڪنهن شخصيت کي ڪو مکيه جذبو ضرور ٿئي ٿو، جو سندس پيشوائي ۽ راهنمائي ٿو ڪري جي اهو راز هٿ اچي ته پوءِ سندس سڀ ڪم انهي ئي لڙهيءَ ۾ پوتل ڏسبا ۽ سندس هرڪو فعل هڪ ٻئي سان لاڳاپيل نظر ايندو.

بعضي ته شخصيت فقط ڪنهن جي ڏيل- ڏيک جي اثر کي چيو ويندو آهي، جو هو ڏسندڙن تي ٿو ڇڏي. سندس قد بت، پوشاڪ، وضع قطع، ٺٺ، ٺانگڙ، ڳرائي، سونهن وغيره. اهو وسارڻ نه گهرجي ته اهڙي حالت ۾ شخصيت ڏسڻ واري جي ذهنيت موجب به ڪيترائي روپ ۽ ورن وٺي ٿي سگهي. اهڙا ماڻهو جي گهڻو ڏيک ويک ڪندا آهن، تن جو اثر ته زوريءَ ڄمي ويندو آهي، پر سليم طبع ساده مزاج به پنهنجو اثر خوب ٿا رکن.

ائين به آهي ته ڪٿي ڪٿي شخصيت اخلاقي نقطه نظر کان ڏٺي ويندي آهي، پوءِ ته سندس ڪـَـٿ اخلاقي لڇڻن موافق ئي ڪئي ويندي. سماجي نشست برخواست جو قانون هر هنڌ ساڳيو به ڪونهي، ان ڪري هلت چلت ۾ نمايان ڦير گهير ٿي سگهي ٿي، جا ڪٿي پسند ته ڪٿي بنهه اعتراض جوڳي به ٿي پوي. لڇڻن کي شخصيت جي عيوض چال چوڻ مناسب پيو لڳي.

شخصيت ڪيئن ٿي ٺهي: ٻار کان ٻڍي تائين هر شخص کي پنهنجو گذر يعني پنهنجي نفسي گهرجن جو پورائو ڪرڻو ئي آهي ته جيئرو رهي. ٻئي پاسي وري سماج ايامن جي هلي چليءَ انوسار پنهنجي هستي ۽ ترقي مدنظر رکي پنهنجي فردن جون ذميواريون چٽيءَ طرح ڄاڻائي ڇڏيون آهن ته شخصي ضرورتون هر ڪو پنهنجي سماجي قانون مطابق اهڙيءَ طرح پوريون ڪري جيئن ٻئي کي اهنج نه ٿئي. هي آهن سماجي ضرورتون. سماج کي قائم رکڻ به نهايت ضروري آهي. ڪير آهي جنهن جو ڪم ٻئي سان نه آهي.

1965ع  جي هندن جي لڙائيءَ ته سماجي ضرورت چٽيءَ طرح سان دهرائي.

ورهن جي آزمودن ائين به سيکاريو آهي ته فقط وقتي ضرورتن کي منهن ڏيڻو ڪونهي پر ڪجهه پاڇي به ڪرڻو آهي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي. انهيءَ آئيءَ ويل جي هورا کورا ماڻهوءَ کي پريشان ڪندي، ايترو لالچي بنايو آهي جو جيڪي ڪٺو ڪري سو ٿورو. متان ڪا اوچتي آفت منهن ڪڍي.

اهڙي اڻتڻ جي حالت ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي پوري سگهه ۽ سمجهه، علم ۽ هنر هلائڻو پوي ٿو، جنهن سان پنهنجي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو سامان هٿ ڪري ۽ خير جو وقت گذاري. انهيءَ شخصي ۽ سماجي لهه وچڙ جي ڪشمڪش ۾ ڪٿي چٻ ڏني، ڪٿي چٿ سٺي ، ڪٿي رنو، ڪٿي کليو، ڪٿي کٽيو ڪٿي هارايو ۽ ائين ڇڪ ڌڪ ۾ ٺپندي ٺهندي هر هڪ شخص پنهنجي طبعي، ذهني، سڀاوي ۽ عملي خصوصيتن پٽاندر هڪ مقرر رخ ۽ روپ وٺيو وڃي، جنهن کي شخصيت ٿو چئجي. مطلب ته شخصيت پنهنجي جسماني، ذهني ۽ عملي لياقتن ۽ ماحول جي ڪشمڪش جو نتيجو آهي.

هرڪو پنهنجي خلصتن انوسار پنهنجو وقت گذاريو وڃي. ڪو روئي ڪو کلي، ڪو رنج ڪو گنج، ڪو پنهنجي ڏيل جي زور تي ڪو ڏيا تي، ڪو سگهه تي، ڪو سڀاءَ تي، ڪو حرفت سان، ڪو محنت سان، ڪو حرفتي ته فقط ماڻهن جا هٿ ڏسيو انهن کي دُلبا ڏئي راضي رکيو، سکيو وقت پيو گذاري ته ڪو ڌاڙيل چوي ته ڀل ته اهو ٺوڳي ڪمائي. آخر ته سندس ملڪيت منهنجي آهي. زور کي هر ڪا طاقت آهي، پوءِ جيئن رنگريز تي رنگن جا چٽا ۽ نمازيءَ جي نڙر تي سجدن جي گاٺ، تيئن هر هڪ شخص تي پنهنجن جذبن، خيالن، عملن ۽ ٻين سان وهنوار ۽ برتا جو اثر گهڻي قدر جاءِ وٺيو بيهو وڃي ۽ سندس شخصي خصوصيتن کي نروار ڪيو ڇڏي . ظاهر آهي ته شخصيت هر ڪنهن جي ڏيل سمجهه سڀاءَ ۽ روش جي گڏيل اثر کي چئبو، جو سماجي ماحول جي لهه وچڙ ۾ منجهس هڪ مقرر روپ وٺيو وڃي، جنهن سان هو پنهنجي ڦرندڙ ماحول کي مقرر پر ملائم طرز تي منهن ڏيندو ٿو رهي. هن نشانبر ۾ ٻه مکيه ڳالهيون آهن: (1) ته شخصيت هر ڪنهن جي جذبن، خيالن ۽ لڇڻن جو مقرر پرتوو آهي ۽ (2) ته شخصيت مقرر پرتوو هوندي، ملائم به  آهي ته پنهنجن ڦرندڙ حالتن کي منهن ڏئي سگهي.

شخصيت ٺاهيندڙ وصفون: غور سان ڏسبو ته شخصيت ۾ مکيه چار وصفون نظر اينديون جن مان ڪا گهٽ ڪا وڌ، گڏجي شخصيت کي ڪئين رنگ روپ ڏيو ڇڏن. اهي آهن:

(1) ڏيل: ڪنهن به شخص جي شڪل، شبيهه، بيهڪ ۽ سندس پوشاڪ جو ڏسندڙ تي پهريون ۽ گهرو اثر ٿو ٿئي. ايتريقدر جو اڪثري شخصيت جو معيار ئي ڪنهن جي وضع قطع کي سمجهيو ويندو هو. مسٽر رائونٽري امريڪن ائمبئسيڊر کي ڏسڻ سان سندس موبمو مشاطه گري ۽ سندس تهه تاز پوشاڪ پهريندي ئي کيس ڪنهن ڳري شخصيت جو مالڪ ڏيکاريندي. پر ائين ڪين چئبو ته ظاهري نزاڪت سان گڏ سندس نشست برخواست جي فضيلت، سندس تدبر ۽ طرحداري سندس چمڪندڙ اکين جا ٽپندڙ ذهني جهلڪا، انهيءَ اثر کي دوبالا ڪرڻ لاءِ جوابدار نه هئا. شينهن جي کل اوڍڻ ڪري گدڙ شينهن ته ٿئي يا نه، مگر مورڳو مٿس چوڪسي وڌندي جلد ئي وکا پڌرا ٿي پوندس. چهرو، سموري دماغي ڪارگذاريءَ، جذبي، خيال، پورن پهن، زماني جي اوکين سوکين جو آئينو ته آهي.

ائين به نه آهي ته سادي پوشاڪ ڪنهن اتم شخصيت جو شان ذري ماتر به ڪو مٽائي يا گهٽائي ٿي. مورڳو ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته فقيريءَ ۾ اميري پلٽي پئي آهي. ڪوزي ۾ درياءَ موجزن آهي، هڪ طرف سندس بلند خيالي، بيريائي، خلوص نيت ۽ صاف گوئي جي جرئت کان واقف ٿي وري جو کڻي ڪنهن الهه لوڪ بزرگ جي سوکيم سرير ۽ غريباڻي لنگوٽيءَ تي نظر ڪريو ته صحيح معنيٰ ۾ روح جو جلوو پري کان پڌرو نظر ايندو. ڇا سندس ڪپهه جي پاءَ جي پوشاڪ ۽ ڇا سندس روشن ضميري!

(2) سمجهه: سمجهه ذهن جي خوبيءَ سان ٻڌل آهي ۽ ذهن حواسن جي نفاست سان. جي حواس پوريون حقيقتون پهچائي نه سگهندا هوندا ته ذهن به جڏو ٿي پوندو ۽ سمجهه به پوري ساري. مغز جي پروڙ به حواسي پرتال سان ٻڌل ٿي رهي. جي آسپاس جون سڀ حقيقتون مدنظر نه رهيون ته ذهن به هڪ طرفو رهندو ۽ شخصيت بي سري. سڌا سادا، اصول اڙٻنگ، جيڪي سچ چئي ڏين، ڀل ڇا به ٿئي، هن نموني جا هوندا آهن، پر جيڪي سياڻا سچيت فطرت جي ذري ذري سان همراز ٿي روش وٺندا آهن، سا اها ته لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. اتم هستي، عوامي اصوليات کي سامهون رکندي نه هڪ اصول کي. سدائين سچ ڳالهاءِ“ جو سبق اسان کي مليو، جنهن جو اثر ٻار تي اهو پيو ته ڪا به سچي ڳالهه ضرور ظاهر ڪرڻي آهي. بلڪ ائين چئبو آهي ته

سچ ته بيٺو نچ، ڀل ته ٻري مچ

خبر نه آهي ته ڇو تعليمي مدبرن اڃا اهڙا سبق نه لکيا آهن ته سوچي سمجهي ڳالهاءِ“ ڪيڙ وڏي شيءِ آهي ۽ اها دنيا جي جامع ماحول موافق هئڻ گهرجي. بي خطا سچ چئي ڏيڻ وارو ته اڄ ڪٿي به ڪارگر نه ٿيندو ۽ ٻار ئي سمجهبو.

(3)سڀاءُ: سڀاءُ ته هر ڪنهن جي همت ۽ جذباتي ٺاٺ جي ظاهر تصوير آهي، ڪو کلڻو ڪو ورتل، ڪو اٻهرو ڪو تحمل وارو، ڪو صابر ڪو چڙڻو، ڪو صاف دل ڪو درديلو ڪوڪروڌي. سڀاءُ سماجي رشتو ٿو ڏيکاري. سماج به گهڻن سڀاون جا قدر قيمتون ڪـَـٿـَـي ڇڏيا آهن. البت ضديءَ جي خلاف پئي ڏسجي. چي جيڪو مڙيو سو جڙيو، نئڙي سو ٻه ڀاڱا کائي.“ ”جني ڀانيو پاڻ ڪري توائي تن کي. سڀ فقرا ڪسر نفسيءَ جي اصول تي ٻڌل ٿا ڏسجن. جنگ جي ميدان تي ته ڪارگر نه ٿيندا!

(4) روش: هلت يا چلت جا جزا آهن لڇڻ. هر ڪا هلت مطلب ٿي رکي. هلت ڏيکاري ٿي ته ڪنهن جي مغز، پنهنجي ماحول کي سوچيندي، پنهنجن مطلبن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙين چالن کي مناسب سمجهو آهي. ڪو سخاوت ڏيکاري  ڪو خدمت، ڪو رلي ملي ڪو خلوت پسند. هر ڪو پنهنجي مکيه جذبي کي ايذاءَ کان بچائڻ لاءِ ڪو طريقو اختيار ڪري رهيو آهي. اهو ڪهڙو ۽ ڇو؟ عجب نه آهي ته ماحول جي مٽجڻ تي ميسڻو مچي مڙس ٿي پوي پر ساڳئي ماحول ۾ ساڳي طبعيت گهڻو ڪري ساڳيا لڇڻ ڏيکاريندي.

شخصيت جو نشانبر: وئلن جو مختصر نشانبر هن طرح آهي ته اهي خصوصيتون جن جي ٻن ساڳي سمجهه ۽ علم وارن شخصن کي ساڳين حالتن ۾ نرالي هلت ڏسين هي نشانبر ظاهر ٿو ڪري ته شخصيت جو فرق جذبن، ناتن ۽ عقيدن جو فرق آهي، نه سمجهه ۽ علم جو. ۽ ٻيو ته اختلاف روَشن جو آهي يعني چال جو. هي نشانبر چال ڏانهن اشارو ٿو ڪري ۽ اڄڪلهه چال شخصيت جو هڪ وڏو رڪن سمجهيو ٿو وڃي.

يوناني نظريا: قديم حڪمت جي صاحبن شخصيت کي چئن خلطن موجب چئن نمونن ۾ ورڇيو هو. خوني، سودائي، صفرائي، بلغمي. صالح خون جي غلبي وارا ماڻهو سرها، آسائي، خوش مزاج، پورهيت. سوداءَ جي زيادتيءَ وارا اداس، نراسائي، خيالي ۽ ايڪانت پسند. صفرائي يعني ته گهڻي ڇت وارا چيڙاڪ، ورچڻا، تيسر، هوڏير ۽ سنها. بلغمي بت ۾ ڀريل، سڀاءَ جا سيتل، ٺريا ٿڌا ۽ رلڻا ملڻا.

يونگ جي تقسيم: يونگ شخصيت کي آندرو ۽ ٻاهرو طبعيتن ۾ وراهيو. هڪڙا اهي جي سڀ ڪجهه اندر سانڍين ٻيا اهي جي هڙ ٻاهر. ٻاهرين دنيا جا اسباب يعني ٻاهرين شين سان دلچسپي رکن، انهن جو قدر قيمت ڪن ۽ سندن اهميت جاچن. آندرو دنيا جي شين کي ڏسن پرکين ملهه چور سمجهي گهڻو توجهه ڪونه ڏين ۽ پنهنجن خيالن کي اتم ۽ آخرين  تصور ڪري، پاڻ کي وڏو سمجهن ۽ برتر رکڻ جي ڪوشش ڪن.

يونگ جو مطلب اهو هو ته هرڪو شخص گهٽ وڌ انداز ۾ آندر ٻاهرو ٻنهي خصلتن جو مالڪ ٿو ٿئي. يارويس مجلسي ماڻهوءَ کي به خلاصگائيءَ جي ضرورت رهي ٿي ۽ خود خيال ايڪانت پسند کي به، تانگهه رهي ٿي ته وقت  سر ڪنهن سان چار چونڪ ڳالهين جا ڪري وٺان. علم آزمودو به ائين آهي ته ماڻهو گهڻو ڪري آندرو ٻاهرو گڏيل طبعيتن  جا ٿا ٿين. ماٺيڻا رکي رکي شل نه ڦاٽ کائن ته ڦهڪائي ڏيندا.

انهن ٻن مکيه طبيعتن سان جي خيال، احساس، جذبي ۽ حواس جي نمونن کي ٿو شامل ڪجي ته هيڪانديون طبعيتون ٺهيو وڃن. مثال خاطر: ٻاهرو خيالي طبع وارو ماڻهو ظاهري حالتن جي خيال ۾ ائين محو ٿو رهي، جيئن ڪو سائنس جو تجربيڪار پنهنجي تجربن ۾. پوءِ جيئن سندس سمجهه ۾ ٺهي اچي اهو صحيح. ڪنهن به بيروني حالت ۾ ٽپي پوندو، ضرورت هجي نه هجي. جي ڪجهه سمجهه ۾ پورو نه ويٺس ته به هڪڙو رستو وٺي وڃي پار پوندو، ڀل ته غلط هجي. تعصبي ۽ ضدي ماڻهو ٿين هن قدم جا. آندرو خيالي طبعيت وارن جو مثال فيلسوف آهن، جي صفاتي خيالن جي حقيقت بينيءَ ۾ محو، ته ڪي اهڙا اصول هٿ ڪجن جن سان دنيا جي حقيقت جو راز لڀي پوي. پر دنيا وارن سان گڏجي هلڻ کان پري. دنيا جي چالن کان پري پنهنجي مت ڀيد ويچارڻ ۾ مست. ڳڻ ڳوت جا ڳوڙها، ڏاڍا پخته خيال. جيسين خيال ڪا مقدم پڪي پختي جنسي صورت نه وٺي. تيسين مجال جو هوڙهائيءَ جو ڪو قدم کڻي. سندس گفتگو شائسته وڻندڙ پر ايتري شڪ گاڏڙ ۽ مشوش معلوم ٿيندي جو پهرين ملاقات تي ته خيالي مهوس معلوم ٿيندو، پر پوءِ رفته رفته مرغوب ۽ دلپسند معلوم ٿيندو. ٻاهرو احساس جلد ئي ڪٿي به جاءِ وٺي ويندو. رلڻو ملڻو پر جذباتي هئڻ ڪري، بعضي ڇيڏڪ به گهڻو ڏيکاريندو. احساسيءَ جو مطلب آهي ٻين جي ڏک سک جو احساس رکندڙ درد رکڻ وارو. آندرو احساسي پورو دردمند خود پسنديءَ کان دور. سمجهبو ائين ته ساري دنيا جو درد ساڻ سانڍيو وتي، پر گهري احساس رکندي به سور ڪين سلي. آه نه سلن عام سين“ ”ٻاهرو حواسي ته حواسن جي احساسن جي مزي ۾ ئي مست. ڪجهه مزيدار ڏٺائين، ڪجهه ٻڌائين، ڪجهه چکيائين، سنگهائين، ڇهيائين ته واهه. جيسين ڪا حواسي خبر نه ملندس، تيسين ويڳاڻو وتندو، مزو ڪونه ايندس. هي ٿئي پورو نفسي بندو. آندرو حواسي وري حواسن جي شغلن کي حقيقي حسن جي تصوري احساسن جي پوشاڪ پهرائڻ ۾ پورو. سهڻين شين کي ڏسندي خود سونهن جي تصور ۾ گم ٿي ويندو ۽ شئي کي ڇڏي ڏيندو.

ٻاهرو جذباتي بنا سوچ ويچار جي فقط اوٽ تي هڪل ڏيندو. پوءِ بعضي ته درياءَ جي ٽپي جي هام هڻي بعضي اڏ تي اٽڪي بيهي، اهي توڪلي مڙس سڏبا آهن، پر هوڙهه به چئبن، پاڻ ۾ ڀروسو گهڻو رکندا، پر ڀروسي رکڻ جهڙا نه. آندرو جذباتي گهڻو ڪري ٻڏ چڙهه ۾ ئي رهيو رهندو، ڪنهن پوري پڪي خيال کان ٻاهر پيو سڌون ڪندو ته هيئن ٿو ڪيان، هونءَ ٿو ڪيان، پر نڪي گهوتن مان نڪري، نڪو عملي قدم ئي کڻي.

اولڊلر: شخصيت جو ٺاٺ سارو احساس ڪمتري، احساس برتري ۽ اڳرائيءَ جي اوٽن تي سٽي ويو.

شيلڊن: ته چئن هزارن جوانن جا ننگا فوٽو اڳ، پٺ ۽ پاسن کان ڪڍائي، سندن جسمي ۽ طبعي خصلتن کي پوري ويچار ۾ رکي، سال بسال ساڻن ويهارو ملاقاتون ڪري، پنهنجا طرز عمل بدلائيندي، شخصيت کي نيٺ ٽن مکيه نمونن ۾ ڇانٽي هر هڪ جا ويهه قسم بيان ڪيا.

شيلڊن جو فيصلو هو ته بدني بيهڪ ٽن جسمي اوڄن جي گهٽ وڏ ملاوت تي منحصر آهي (1) تنتي اوڄو ، جنهن مان مغز ۽ تنتون ٺهيل آهن (2) مشڪي اوڄو، جنهن مان مشڪون يعني گوشت ٺهيل آهي (3) چرٻيءَ ٺاهڻ وارو اوڄو. جن ماڻهن ۾ تنتي حصو زور آهي سي پتلا، ذهين ۽ ڳنڀير ٿا ٿين. جن ۾ گوشت وارو حصو برک آهي سي رٽا سٽا، پهلوان ۽ چست چالاڪ ٿا ٿين، ڪارڪرتا ۽ همت ڀريا. جن ۾ چرٻي گهڻي آهي سي خوش مزاج، موجي، صلح  پسند ۽ آسائش طلب.

روزمرهه جي آزمودن مان ته ائين پيو ڏسجي ته ڪيترا پتلا ماڻهو تيسر ۽ ٽانڊيءَ تپڻا ٿا ٿين ۽ ڪيترا جسم شرارت ۽ لائي چائي ڪندڙ. ان ڪري طبعيت کي بدني بيهڪ سان پيوست ڪرڻ مناسب ته ڪين ٿو لڳي. نفسيات جو هي به چٽو اصول آهي ته جڏهن به من ڪنهن خاص ڳالهه جي ڌيان ۽ اوسيڙي ۾ هوندي، ته انهيءَ کي نهارڻ ۾ متوجهه هئڻ سبب کين جلد ڏسي سگهندو آهي. ڪهڙو عجب ته شيلڊن جي رفيقن اهي ئي خصلتون انهي نوع جي ماڻهن ۾ ڏٺيون جيئن شيلڊن بيان ڪيون، ڇاڪاڻ ته انهن جي من ۾ اها آگاهي اڳيئي موجود هئي. حقيقت، جفا سان هٿ ٿي اچي سو به پهريون شرط اهو آهي ته طبعيت حقيقت پسند هجي.

سائنس جي مدنظر تي شخصيت جي پوري ڪٿ سندس جداگانه لياقتن جي چڪاس ئي ڏئي سگهندي نه فقط سندس ڏيل جو ڏيک. ڏيک ڌوڪيباز  ته ٿيندو آهي. ان ڪري جيسين ڪنهن جي خصلتن جي پوري تڪ تور نه ڪبي، تيسين سندس نوعيت جي پرک مشڪل ٿيندي.

ورنن: شخصيت پرکڻ جا ٻه معيار مقرر ڪيا (1) ته ڪيتري قدر ڪو ٻين تي ڀاڙڻ وارو آهي يا پنهنجي پيرن تي  بيهڻ وارو. هن ماپي جي هڪڙي ڇيڙي تي ٿي پوري بيهمتي ۽ ٻئي تي بالڪل بيپرواهي (2) ته بنهه ٻاهرو طبع وارو خودرو ڇڙواڳ آهي يا پورو آندرو، ڪڙيءَ ۾ قابو ۽ پاڻ ۾ پورو. انهن ٻنهي ماپن جو وچون وهه اهو ٿيندو ته هو گهڻو اتامرو آهي يا نهٺو.

آئيسينڪ: ورنن جي معيارن ۾ هڪ ٻيو ميزان به داخل ڪيو ته هو ڪيترو وهمي آهي يا پوري خيال وارو. انهي خيال کان مناسب سراسري شخصيت ٻنهي ماپن جي وچ تي بيهندي ته آندرو ٻاهرو پاڻ تي ۽ ٻين تي مدار رکڻ وارو، ڪڏهن پوري خيال جو ڪڏهن وهمي. جيترو ڪو اجايو احساسي، شرميلو، ۽ گوشه گذار هوندو اوترو اهو آندرو ۽ جيترو منهن جو ڏاڍو، اک جو پڪو ، ڦڙت، مجلسي ۽ بردبار اوترو ٻاهرو.

آئيسينڪ جي قياس ۾ ائين آيو ته ڪيتري قدر ڪو ماڻهو پنهنجي يا پرائي ڀروسي تي ڀاڙي ٿو، اهو سندس جذباتي نظام سان ٻڌل ٿو رهي ته سليم عقل وارو آهي يا وسوسائي. انسان ذات جي طبع پيمائيءَ ۾ هن ميزان کي داخل ڪرڻ مان ظاهر آهي ته چرئي ۽ سنئي ۾ فرق فقط درجي جو آهي، نه ذاتي ۽ ڪاوڙ هڪ خفيف چرائي! مطلب ته عقل ۽ چريائي هر ڪنهن سان شامل آهي ۽ انسانيت جي ڪٿ ٻنهي جي انداز موجب.

ٿوري ويچار سان معلوم ٿيندو ته شخصيت جي اکٽ نمونن مان، زندگيءَ جي مختلف طبقن ۾، ڪو نه ڪو، ڪٿي نه ڪٿي، هر هڪ ڪمائتو ئي آهي. ڪنهن به هڪڙي کي آدرشي چوڻ البت ڏکيو پيو لڳي.

ائڊولف ميئر امريڪي من ودوان، ڏيکاريو ته انسان جي چال سندس جسمي بناوت ۽ مغز جي جوڙجڪ انوسار، گڏيل بدني ۽ ذهني زندگيءَ جو اظهار آهي، جنهن جو نمونو بدني ۽ ذهني ترتيب ۽ ترقيءَ جو طرز ۽ طريقي سان ٻڌل ٿو رهي. ماڻهوءَ جي چال جا ڪيترائي پهلو آهن، جي کيس ڪانه ڪا ترتيب ۽ مجسم صورت ڏيو ڇڏين.

ميئر (1946ع) به سندس تقليد ڪئي. ليوئن (1954ع) ۾ انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻار ۽ سندس ماحول ٻه الڳ شيون نه آهن. شخصيت انهن ٻنهي شين جي لهه وچڙ جو تيار ڪيل مرڪب آهي. هن  ڪي جيوت منڊل تجويز ڪيا جن ۾ ڏيکاريائين ته ٻار پنهنجي پنهنجي ماحول جي قالب ۾ ڪيئن ٿو ٺپجي، جو ٻئي هڪ ٿيو وڃن. شخصيتون مختلف ان ڪري ٿيون ٿين جو هر ڪو پنهنجي جسمي ۽ ذهني موڙيءَ سان پنهنجي نرالي ماحول ۾ ٺهي تيار ٿو ٿئي. پهرئين سليس جيوت منڊل جا جزا ڏيکاريائين: ماءُ جي هنج، هنڌ، پـُـئي، پينگهڙو ۽ پيءُ، جن ۾ مرڪزي جڳهه ماءُ کي آهي، جنهن ڏانهن ئي ٻار جو خيال ۽ اڊڪو ٿو رهي. پوءِ جيئن جيئن ٻار جو مرڪز ماءُ کان ٿڙندو ويندو، تيئن پيءُ کي ويجهو پوندو رهندو. اهڙيون جذباتي ڇڪن ۽ ڌڪن جون پيدا ڪيل ڦيريون ڦاريون ٻار جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ٿيون ٿين، جن جي ڪري جيوت منڊل به نهايت پيچيديون صورتون وٺندا هلن.

جيوت منڊل جو اصولي نظريو اهو ٿو ڏسجي ته ٻار ڇا وڏي جي دل گـُـهري شيءِ  وقت بوقت بدلبي ٿي رهي ۽ ان موجب سندس جيوت منڊل.  اهي دل پسند شيون آهن: ٿڃ، ماءَ جي هنج، نرم گرم هنڌ، ڪپڙا، پيءُ، بزار، شيون، رانديڪا، راند کيڏڻ وارا ٻار، مورتون، ڪتاب، خرچي امتحان ۾ کٽ هار، رفيق جي تلاش، اولاد، سرخروئي، درجي تي پهچڻ، تانڪ پـِـيري، هر ڳالهه کان بيزاري، آرام ۽ راه عدم.

فرائڊ: ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو راز لذت ۾ مضمر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته اوستا  جي رهبري به ٽن حاوي لذتن جي دامنگير اثرن ۾ اٽڪيل آهي:

(1) وات جو چشڪو، ٻچي کي ٿڃ چسڪڻ مان ايتري جسمي فرحت ۽ ذهني مسرت، تسڪين ۽ خاطر جمعيت حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نظير معمولي زندگيءَ جي جفتي يگانگي ئي ڪنهن قدر پيش ڪري سگهي ٿي. ڪيترو به ٻار وياڪل هجي، درد ڪاڙهيندو هجيس، پر جان جيجل ارهه سان لاتس ته في الحال ته بي اختيار سور گهٽجي ويندس. ٻار جي لذت جو پهريون مرڪز وات آهي. ڪيئن نه ٽنگ کي موڙي پير جو آڱوٽو چوسيندو آهي.

(2) پـُـئيءَ جو سرڪاٽ -  جڏهن ٻار ويهڪڙو ٿيڻ کان پوءِ نرم گرم شي گڙپ ڪري ترڪي ڏيندو آهي تڏهن به کيس ايترو مزو ايندو آهي جو وڏي جي قياس کان ٻاهر، پر ٻار تي ڪيترو اثر ٿو ٿئي ان جو اندازو کيس ان وقت جاچڻ سان ئي معلوم ڪري سگهبو.

(3) شهواني احساس- ٻار جي لونءَ لونءَ ۾ بجلي ٿي ڊوڙي، ۽ خاص طرح نسلي عضوي جي احساس کان واقف ٿو ٿئي.

فرائڊ جو خيال آهي ته جي ڪنهن به منزل تي کيس پوريءَ طرح تانگهه لاهڻ جو وجهه نه مليو ۽ سندس خاطر جمعي نه ٿي ته هن جو خيال انهيءَ منزل تي کٽي پوندو ۽ اڳتي ترقي ڪانه ڪندو، ان ڪري سندس شخصيت به نامڪمل ۽ ڪوچڙئي رهندي. مگر اهو فرائڊ جو خيال  بالڪل درست نه به هجي.

رُجا: ته شخصيت جون ست بنيادي خصوصيتون ڄاڻايون آهن: پڪو ارادو، سياڻپ، حيا، همٿ، ذهن، اداسي ۽ چڙ.

شخصيت پنهنجو اظهار اکٽ نمونن ۾ ٿي ڪري. طبعي نفاست ۾، جذبن ۾، هوشياريءَ ۾، لياقت ۾، يارويسيءَ ۾، خوديءَ ۾، بردباريءَ ۾، همٿ ۾، فتنه انگيزي ۾، اڍنگائيءَ ۾، محبت وغيره ۾.

مطلب ته انسان جا ٻه رهبر آهن: خواهش ۽ عقل. جذبا، جي خواهشن جي پيدا ڪرڻ وارا آهن، هر وقت غالب آهن، بي خطا آهن ۽ بيخبريءَ سان پنهنجو ڪم ڪندا هلن. ضمير به گهڻي قدر اسان جي معلوميت کان سواءِ پنهنجن فيصلا ڏيندو ٿو هلي. خودي شخصيت جو بالڪل باخبر جزو آهي، جو ماحول سان پورو واقف، دنيا کي ڏسي وائسي، هوش کان دليل دلائل وٺي گهڻي قدر  اسان جي بيخبر حـصي جي اڙٻنگاين کي سڌو  ڪري سنواري رس ۾ آڻيندو ٿو رهي.

ظاهر آهي ته ماڻهو پنهنجن ذاتي طبعي لاڙن ۽ رغبتن موجب چٽائيءَ کان سواءِ ڪيترن وقتن تي وهيو وڃي، جنهن لاءِ هو مجبور آهي ۽ گهڻي قدر کيس خبر به ڪانه ٿي رهي. اهڙي روش ۾ سندس گذريل آزمودن جو به ڪيترو اثر مليل آهي، جن جي کيس ياد به ڪانه آهي پر سندس مغز تي ته برابر اڪريل آهن. اک رڳو تڏهن پٽبي آهي، جڏهن ڪو ظاهري مخالف زور سان اسان جي هلت کي آڏو اچي روڪيندو آهي ۽ سموري هلت ذهن جي پوري چوڪسيءَ هيٺ ايندي آهي ته مون ڇا ٿي ڪيو، ڪٿي اٽڪاءُ ٿيو، اڳتي ڇا ڪبو.

شخصيت کي شڪل ڏيڻ لاءِ ذميدار ٻار جي اوائلي عمر آهي. ٻار جي موروثي بدني ۽ ذهني موڙي، سندس تندرستي، سندس پرورش  ۽ ابي اما جو پيار، سندس طلبن جو مناسب پورائو ۽ گهرو ڪيڙ سندس آئيندي حياتيءَ جو نمونو ۽ پورو خاڪو تيار ڪن ٿا. ڪي مائٽ ائين ڀانئيندا آهن ته ٻار ڄمندي ئي ڄام ٿئي، پورين فضيلتن جو صاحب ٿئي ۽ ٻاروتڻ ۾ ئي صفائيءَ ۽ سنجيدگيءَ جا قانون پورا ڪري ۽ وڏن واري هلت هلي. ياد رکڻ جڳائي ته جن ڪوتاهين لاءِ ٻار جوابدار نه آهي، تن لاءِ جي کيس ڏمر ڏيکاريو ته مائٽن جي بيرخي ڏسي ٻار فقط وائڙو ۽ مشوش ٿيندو ۽ جهڻڪڻ ۽ ڪرڪڻ وارن لاءِ سويل ئي نفرت ۽ ساڻن ڪلفت پيدا ٿيندس. پوءِ جڏهن ٻار پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو لائق ٿيو ته ساڻن لاڳاپا لاهڻ لڳندو. بيحد لاڏلو ۽ دادلو ٻار جڏهن ٻين سان تعلق ۾ اچي محسوس ڪندو ته لاڏلو نه آهيان، تڏهن  وائڙو لڳندو ته دنيا ڪيئن ڦري! جيڪي سرنديءَ وارا مائٽ ٻار کي داين جي هٿن ۾ ڇڏيندا آهن، سي به ٻار کان اکڙي ويندا آهن، هڪڙو ته کانئن پرڀرو رهڻ ڪري ۽ ٻيو ته دايون ڪيترو به ٻار کي آسودو ڪن ته به ماءُ واري تسڪين ڪانه ملندن، ۽ ٽيون ته ٻار جا مائٽاڻا تعلقات جي فقط نيپاڄ ئي ٺاهي سگهي ٿو ، سي به ڪڏهن ڪڙيءَ تي ڪين ايندا.

شخصيت تي موروثي ۽ ماحول جو اثر

فزيالاجي ٻڌائي ٿي ته ماڻهوءَ جي هاٺي ڪاٺي ۽ طبع جي گهڙڻ وارا ڪاريگر به قدرت بت ۾ ئي رکي ڇڏيا آهن، جن کي ‘ري’ نالي غدود ٿو چئجي. انهن غدودن جون رسون رت سان گڏجي بت ۾ ڦرنديون ڇانٽ ڇونٽ  جو ڪم ڪنديون ٿيون رهن. اهي غدود جيئن ٺهيا تيئن ٺهيا پوءِ  منجهن ڦير ڦار ٿي نٿي سگهي . انهن مان مکيه آهن (1) ٿرائڊ (2) ائڊرينل (3) پٽيوئٽري (4) نسلي غدود.

ٿرائڊ جي گهٽ هئڻ ڪري ماڻهو موڳو، سانتيڪو، وائڙو، ڦيڦو، ڍور ۽ بيخيالو ٿيندو. ٿرائڊ جي زيادتيءَ وارو سنها، چست، تڙا تڪڙا، سمجهو، مشوش ۽ منتظر هوندا. ڊپ ۽ ڪاوڙ جي حالتن ۾ انڊرينل غدود گهڻو ڪم ٿو ڪري جي ڪنهن کي ائڊرينلن جي سئي هڻبي ته پنهنجي طبع موجب منجهس ڊپ يا ڪاوڙ جا اطوار پيدا ٿيندا. ائڊرينل جي ڪميءَ سبب دمڪشي، ڇاپاڪو، ڏڏر، ۽ ڏڍ وغيره به ٿيندا آهن. گهڻي ائڊرينل وارا  ڪاوڙ جا تکا ٿين. پٽيوئٽري بدن جي کوٽ واڌ جو انتظام ڪري ٿو. قداور ڪرڻ هن جي ڪرامت آهي. نسلي غدود مردن ۾ خصيا ۽ زالن ۾ ٻيجڻيون آهن جي جنس موجب بت کي ڊول ۽ رونق ڏين. نسلي غدود جوانيءَ جي وقت ڌاري  پنهنجو اثر اوچتو بت  تي اڇليو وجهن جن کي سمجهڻ ۽ قبضي ۾ آڻڻ کان اڳيئي بعضي نهايت نازڪ ۽ تلخ تجربا پيش اچيو وڃن. حيرت آهي ته نه مائٽ ڪنهن کي واٽ لائين، نه سماج، نه تعليم. هر ڪو پنهنجا تجربا ڪري واٽ وٺي، پوءِ  جي ڪو ٿڙڪيو ته سونهاري سماج کلندس پر واٽ ڪين لائيندس.

شخصيت ڪيتري قدر موروثي اثر هيٺ آهي ۽ ڪيتري ماحول جي پيدا ڪيل، اهو هڪ اهم حل طلب سوال آهي. ماحول يعني بهيوئرسٽس ته موروثي موڙيءَ کي ڪا به وقعت ڪانه ٿا ڏين، پر ظاهر پيو آهي ته رڳو اهي سنهڙا غدود ڪيڏو نه ماڻهوءَ جي ڏيل، سمجهه، احساس، چال ۾ فرق آڻي سگهن ٿا. البت جي بدني بناوت هر انسان جي هڪجهڙي هجي ته باقي فرق سڀ ماحول جو پيدا ڪيل ٿي سگهي ٿو. حقيقت ۾ ماحول به موروثي ئي ٿئي ٿو. شاهوڪار جو پنهنجو ته غريب جو پنهنجو. غريب نه شاهوڪار واري تعليم حاصل ڪري سگهي، نه حوصلو اچيس، نه همت. وري صحبت به ٻنهي جي نرالي رهندي. امير جي اميرن سان ته فقير جي فقيرن سان. جهڙو سنگ تهڙو رنگ. اصل نسل ۽ صحبت ته پڌرو اثر ٿا رکن، پر خبر نه آهي ته ڇو ڪيترن نفسياتي ماهرن صحبت جو شخصيت تي اثر ويچار هيٺ نه آندو آهي.

شخصيت تي ڪڙم ۽ ڪيڙ جو اثر

محلاتنّ ۾ شهزادا پيدا ٿين ۽ ڪهڄرن ۾ لـُـٽيرا. هر ڪو طوطو انهي ڪٽنب واري ٻولي ٻوليندو، جنهن ۾ پليو، پهريون مڪتب گهر ۽ مائٽ آهن، پوءِ ڀائر ۽ ڀينر ۽ پوءِ ٻيا مٽ. اڃا به اڳتي اسڪول، دوست، دشمن، نيات ۽ سارو سماج. ٻار جيئن ڪچو تيئن  زياده اثر پذير. ننڍي هوندي جا ٽنٽا، ساڙ، ضد، خصومتون، رفاقتون، آئينده حياتيءَ تي خوب اثر ٿا رکن. جن شين، شخصن، ۽ خيالن سان رغبت يا نفرت ٿي سا ٿي ، جڏهن ڪا ڦـِـري.

شخصيت تي ڪيڙ جو وڏو اثر ٿو ٿئي، ڪيڙ ڪنهن به گروهه جي رهڻي، ڪهڻي، ڪرڻي جي جملي طريقن کي ٿو چئجي، جنهن ۾ اٿڻ ويهڻ، رسم رواج، عادتون اخلاق، بري ڀلي جا قانون سڀ اچي ٿا وڃن. المختصر ته سماجي ورثي کي ڪيڙ ٿو چئجي، جنهن زمين ۾ سلو اڀريو، جنهن فضا ۾ سامائجي وڌي  وڏو ٿيو تن جو اثر ڪيڏانهن ويندو.

ديس ديس جي تهذيب پنهنجي. ڪي ڪهڙيون فضيلتون اتم سمجهن، ڪي ڪهڙين خصلتن تي زور ڏين، سماجي سنجم جو اثر ايڏو نمايان ٿو ٿئي، جو پري کان پڌرو ته هي ڪير ۽ ڪٿان جو. هر هڪ قوم جون خصلتون سندن خصوصيتون بنجو وڃن. ٻار کي ڪهڙي به جذباتي، خيالي، روشي قالب ۾ رکو ته هو اهو رنگ روپ وٺي ويندو. ائين به نه آهي ته سڌارو ٿي نٿو سگهي. ٻار کي ڏاڍو ڪجي يا نازڪ، ڀيٽان ڀيٽيءَ  لاءِ تيار ڪجي يا ملي ڪم ڪرڻ لاءِ، ملان بنائجي يا فوجي سپاهي، خادم قوم، خادم ملت يا خادم انسان، سڀ تعليم، تربيت ۽ ڪيڙ سان ٻڌل آهي.

انگريز پنهنجن پراڻن رواجن، رسمن، روايتن جا پورا پو‌ئلڳ پاڻ کي پراڻي ٿڙ جي ڇوڏي  سڏائڻ ۾ فخر ڪن ته امريڪي پورا آزاد خيال. ڪنهن به رسم رسومات جي قيد کان ٻاهر، نيون ڳالهيون نهاريندڙ پراڻين کان پري. ڇاڪاڻ ته ڪا بيسود ڳالهه ابي ڏاڏي کان هلندي اچي، ان ڪري هلي هلي ، هرگز نه. هو فائدي سان ٻڌل آهن. رسمن کي بنديراهو سمجهن. هنن جي رواني درياءَ واري آهي. ڍنڍ جي سڪوت ۽ سانت سان پـَـوينِ ئي ڪانه، ته ترقي  به گوناگون ڪري ويا آهن.

ڏسجي ٿو ته ڪيڙ ۾ گهرو هلت چلت شخصيت ٺاهڻ لاءِ سڀني کان زياده جوبدار آهي. ان ڪري جي گهر جي چرخي ۾ ڪو خلل پيو ته ٻار جي ڪيڙ تي گهرو اثر ڇڏيندو. بد عادت ٻار ٽٽل چرخي جو شاهد آهي.

حد کان زياده انگل  آرا کڻڻ  ڪري ٻار آڌين ۽ مائٽن تي ڀاڙڻ وارو ٿي پوندو، پر جي واجبي سنڀال ۾ گهٽتائي ٿي ته ٻار ڊيڄو ۽ مائٽن کان متنفر ٿيندو. مائٽن ۾ بدانتظامي ڏسي، ٻار ۾ جوابداري گهٽ پيدا ٿيندي، بيپرواهه، رکو ۽ اڍنگو ٿي پوندو. مائٽن لاءِ ضروري آهي ته ٻار جي روبرو ڪو به تهذيب کان ڪريل قدم نه کڻن، نڪي ڪو گٿو اکر ڳالهائن. سندن ڇڙواڳي ٻارن کي بي خطا سونجهڻو ڪندي ۽ هو کين هر هنڌان جاچڻ لڳندا  ته ڳالهه ڪيئن آهي. لڪڇپ ڇاجي آهي. ننڍڙي ڌي ماءُ جي زندگي مان واقف ٿي گـُـڏيون ٺاهڻ ۽ نپائڻ لڳندي آهي ۽ پٽ، پيءُ کي اڍنگو ڏسي رول ٿيندو. جي پيءُ جي بيحد سختي ڏسي ساڻس دلپسند تعلقات نه ٺهيس ته گهٽيءَ جي ڇوڪرن سان پيار ونڊيندو ۽ انهن وارا پير کڻندو.

شخصيت تي حيثيت ۽ مالي حالت جو اثر

هر ملڪ جي تواريخ بادشاهن جي ذڪر سان ڀريل ڏسبي، جنهن ۾ غريب هستيون ڪي ٿوريون قابل ذڪر ڏسڻ ۾ اينديون، هر هڪ ڪٽنب جي مالي ۽ سماجي حيثيت سندس اولاد تي ڪافي اثر ٿي رکي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونه آهي ته دولت،  شخصيت کي پنهنجو ڪرفر، رعب ۽ رواني ضرور ٿي ڏئي ۽ سندس حوصله افزائي ٿي ڪري. جنهن مسڪين کي نه انگ تي اڳڙي نه کائڻ لاءِ ڊڳڙي ان کي دنيا جي پيشوائيءَ ۾ ڪهڙي جڳهه ملندي. پوءِ ويڙهو ٿي زور لکائي يا پني، نه ته چوري ڪري پيٽ پالي. اهو زمانو ويو جو غربت زيور هئي، اڄ اهو عيب ئي ڪونهي جو غربت ۾ نه آهي. هڪ ناپيد انگريزي مقولو هو ته ڌن ويو  ته ڪجهه نه ويو، صحت وئي ته ڪجهه ويو پر جي لڇڻ ويا ته هڙئي وئي پر اڄ ڇاٿو سمجهيو وڃي ته ڌن ويو ته سڀڪجهه ويو، صحت وئي ته ڪجهه ويو ڇاڪاڻ ته ٽـَـڪو ڇڪيندي! پر لڇڻ ته ڦرڻي گهرڻي رسم رواج جي ڳالهه آهي. جيڪا چال اڄ ڪانهياري سڀاڻي اتم ئي اها. اڳي انگريزي پڙهڻ عيب هو ۽ هاڻي قدرت جا ڦورا ڦولهڻ ڪفر!  اکين کي پوري هلڻ سان به ڪا صراط المستقيم ملندي ڇا؟

شخصيت تي اسڪول جو اثر

اسڪول جي سخت خومختاري، سخت قدمي ۽ دٻاءُ ٻارن کي مرده دل ڪندا. پاڻ ۾ اتفاق، همدردي ۽ رفاقت نه رهندن. اٽلو ساڙ، خصومت ۽ اڳرائي پيدا ٿيند، جي قومي جذبات کي روڪيندا، اسڪولن ۾ ڀيٽا ڀيٽي جي حد چڙهي ته عمر لاءِ دشمنيون پيدا ڪندي. البت ائين به ضروري آهي ته هوشياريءَ لاءِ چاهه پيدا ڪجي نه ته ترقي روڪجي ويندي. جن اسڪولن ۾ ٻارن کي مناسب اختيار ڏنو ٿو وڃي ته هن ۾ انتظامي حڪومت لاءِ عزت، گهڻي قدر يڪجهتي، سلوڪ سازي، رفاقت، سڪول لاءِ چاهه  علم جو خيال ۽ ترقي وڌي ٿي.

ماستر صاحبن تي وڏي قومي جوابداري آهي ته هو قوم جي ٻچن کي پنهنجي اولاد واري نظر سان ڏسن، سندن تعليم ۽ تربيت ۽ صداقت سان سندن ترقي مدنظر رکي، قومي سرخروئي ۽ عزت حاصل ڪن ۽ جس کٽن. عبادت، زهد، تقويٰ جي خوشنودي معلم کي ري گهرئي حاصل ٿي سگهي ٿي، عجب نه آهي ته معلم جي دلچسپي به اجائي انتظامي دٻاءَ جو شڪار ٿي دلشڪنيءَ ۾ بدلجي وئي هجي. هيسائڻ ۽ هيسجڻ ڪري شخصيت ڪوتاهه قد رهندي نه بلند قامت، جي معلم کي واجبي اختياريون ۽ دلجمعي نه هوندي ته هڪ پست همت شخصيت ڪهڙا گوهر پيدا ڪندي.

شخصيت جي ڪَٿ ۽ پرک:

نفسيات جو ڌيان هاڻي گهڻي قدر شخصيت جي پوري ڪٿ ڪرڻ جي اسبابن ڳولڻ ۾ رڌل آهي. ڪي من ودوان انهي رايي جا آهن ته شخصيت جو پورو اندازو ڪنهن جي منجمله سرسري ملاحظي مان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ نه سندس وصفن، وضعن، لياقتن ۽ ارڪانن کي ڇني ڌار ڌار ڪري جاچڻ سان. انهن باريڪين ڏسڻ مان ڪنهن جي ڪٺي سالم شخصيت جو تخمينو ايتروئي ڪري سگهبو جيترو هڪ هڪ لـَـکڻ کي جاچيندي ڪنهن جي سونهن جي ڪـَـق ڪري سگهجي. اها به حقيقت آهي ته ساري شخصيت جي ڪٺي معائني جو نتيجو گهڻي قدر ملاحظي ڪندڙ جي دماغي چلولاين جو شمار به ٿي سگهي ٿو. جي ڏسڻ واري تي ڪا به هڪڙي خامي يا خوبي گهرو اثر ڪري وئي ته باقي تپاس سارو انهي تعصب جي رنگ ۾ رڱجي ويندو. ان ڪري ساڳي شخصيت جو اثر  ڪنهن تي ڪهڙو پوندو ڪنهن تي ڪهڙو ۽ فيصلي لاءِ وري به سندس لياقتن کي نمبروار نهارڻو پوندو. بهرحال جيڪي شخصيت جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ تجويزون ڪم آنديون وڃن ٿيون، سي هيٺ ڏجن ٿيون:

(1) ملاقات: دستوري ملاقاتون ڀروسي جهڙيون ڪين چئبيون. ملاقات جي ڪٿ هر هڪ ممتحن جي خيال موجب نرالو نتيجو  ڏيندي. ايتري قدر جو ورنن ظاهر ڪبو ته جي ويهن ڄڻن جي چونڊ لاءِ، هڪ سؤ اميدوارن تي رايا، جي ٻن عليحده ماسترن کان وٺبا ته فقط نون ڄڻن لاءِ يڪراءِ ڏسبا ۽ يارهن لاءِ مختلف. ان ۾ شڪ ڪونه آهي ته پوري تربيت ۽ آزمودي وارن محاسبن جي حالت ۾ ملاقات جو نتيجو گهڻي قدر معتبر ٿي سگهي ٿو.

(2) منصوبي ٽڪساٽ: هي تجويزون اهڙي اٽڪل سان رٿيون ويون آهن جو ڪير به انهن کي ڏسندي پنهنجي شخصيت جي نوعيت ظاهر ڪري وجهندو. اهي خاڪا غير مڪمل صورت ۾ گهڻي هنر ۽ هوشياريءَ سان پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ هرڪو ويچارو ان پنهنجي طبع موجب نراليون شڪليون محسوس ڪندو.

رورشاڪ پتر تي ڏهن مختلف نمونن جي مس جي دٻن جا داغ آهن. ڏٺو ويو آهي ته جي ڪنهن کان پڇبو ته انهن ۾ ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هر ڪو پنهنجي ذهن ۾ ضمير موجب نراليون شڪليون بيان ڪندو، جن مان سندس رغبتن ۽ دلچسپين جي ڄاڻ پئجي ويندي. هي آزمائش دماٰغي خلل جي تشخيص ۾ ته نهايت ڪارگر ثابت ٿي آهي.

ساڳئي اصول تي ٻي آزمائش به رٿيل آهي، جنهن ۾ مورتن جون قطارون مقرر سلسلن ۾ ڏيکاريون وينديون آهن ۽ ڪنهن به هنڌ سلسلي کي روڪي ممتحن پڇندو ته هي نتيجا ڪهڙين حالتن جا پيدا ڪيل آهن؟ يا فلاڻي جي من ۾ ڇا ٿو وهي واپري؟ يا ته هن قصي جي پڄاڻي ڪيئن ٿيندي؟ وغيره. اهڙي دستور ڪيتريون رمزون رٿيون ويون آهن، جن جي وسيلي ڪنهن جي به مغز سان گهڻي واقفيت پيدا ڪري سگهجي ٿي. ڪو پيار جو پياسو هجي يا ڪنهن جو قدر پورو نه ڪيو ويو هجي يا پاڻ ڪنهن ڊپ ۾ مبتلا هجي يا موت مصيبت کان بچاءَ جو ڳولائو هجي، مطلب ته هر قسم جي چنتا ۽ پريشانيءَ جو به انهن تجويزن سان پتو ڪڍي مناسب علاج ڪري، ڪنهن  کي دائمي مونجهاري کان ڇوٽڪارو ڏئي سگهجي ٿو.

(3) سوالناما: هنن پترن ۾ ڪيترا ڦوليندڙ ڦلهوريندڙ سوال لکيل هوندا آهن، جن جي جوابن لکندي هر ڪو پنهنجي صحيح احوالن ۽ خيالن ڏيڻ کان رهي ڪين سگهندو ۽ ظاهر ٿي پوندو ته آندرو آهي يا ٻاهرو ، پاڻ تي يا ٻين تي ڀاڙڻ وارو، بردبار يا جذباتي، وهمي يا صحيح خيالن جو، همت ڀريو يا ملول. ايتري تجويز اٿس جو ڪنهن اهنجي ڪم کي سهنجو ڪري يا ڪنهن مهم کي منهن ڏئي سگهي ٿو؟

هنن آزمائشن ۾ اڪثر ڪري نتيجا ساڳيا اچي بيهندا آهن جنهن ڪري غلطي ٿيڻ جو انديشو گهڻو ڪري گهٽ رهندو ۽ هر هڪ ڪم لاءِ لائق اميدوار آسانيءَ سان چونڊي سگهبا ۽ ان ڪري هر ڪو پنهنجي مناسب دلپسند جاءِ ۾ ڪم به سٺو ڪري سگهندو ۽ ترقي به ڪندو رهندو.

(4) اصل ڪم جي  تپاس: لڙائيءَ جي وقت ۾ ته اميدوار عملدار کي هڪ ٽولي سپرد ڪري، سندس ملي ڪم ڪرڻ جي لياقت ۽ سندس حيله سازي، چستي، هوشياري، ڪنهن ورچائيندڙ ڏکئي ڪم سان برابر جاچي ويندي آهي ته ڪيئن ٿو ڪا آفتناڪ ڳوري شيءِ نهر جي پار ڪري يا ڀتين ۽ کنڊرن تان ٽپائي. بعضي ڪي هولناڪ حالتون هن جي درپيش ڪبيون آهن ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ٿو ڪڍي. هر حالت ۾ اميدوار جي روش تي چوڪسي رکبي ته پنهنجي ٽوليءَ کي آفيسر ٿي فقط حڪم ٿو ڏئي يا ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم کي ٿو لڳي.آيا کيس پنهنجي ٽوليءَ سان دلچسپي آهي، پاڻ سان يا ڪم جي پوئواريءَ سان؟

هاڻي ته هنرن، ماسترن، وزيرن تائين چونڊن ۾ اهو نمونو ورتو ٿو وڃي ته هو ٻين سان شراڪت ۾ اچي پاڻ کي ڪيئن ٿو موکي. شخصيت پرکڻ لاءِ بعضي ڪنهن ٽوليءَ جي فردن کان هڪ هڪ ڪري پڇبو آهي ته توکي ڪهڙو شخص پسند آهي يا ڪنهن سان ملي ڪم ڪرڻ ٿو چاهين؟  انهيءَ طرح سندس پسندين مان به پروڙي سگهبو ته ڪهڙي وضع جو ماڻهو آهي.

ڪنهن جي پوري ڪم کي نباهڻ جي تجويز ۽ سياڻپ کي ڏسڻ کان سواءِ سندس هلڻ جي نموني، لکڻ ڳالهائڻ يا بنهه سليس سوالن جيئن ته: ڪنهن انسانيت، تدبير، همت وغيره  پرکيندڙ موقعن تي: ڪيئن ڪندا يا توهان کي ڪهڙين ڳالهين سان نفرت آهي ۽ ڪهڙيون وڻن ٿيون يا توهان جي رنج ۽ راحت جا سبب عام طرح ڪهڙا ٿا ٿين وغيره به گهڻي قدر شخصيت جو اندازو ڏئي سگهن ٿا. البت ائين سمجهڻ ته شخصيت پرکڻ به ائين آهي جيئن ڪنهن جي هنري لياقت، مثال ٽائيپ ڪرڻ، پرکڻ غلطيءَ کان خالي نه ٿيندو.

ڪنهن جي شخصيت سهي ڪرڻ لاءِ ڏسبو ته:

(1) ڪهڙي طبعيت جو آهي يعني ته سندس نمايان جذبو ڪهڙو آهي. خوشمزاج، آهي يعني ته چرچائي  ڀوڳائي، خوشقسمت موجي آهي، اداس، پرهيزگار آهي، صلح پسند يا ضدي ٿوري ڳالهائڻ وارو، هلڪڙو يا بردبار ديرينو، مستقل مزاج آهي يا زود رنج، غبي، هوشيار، ٻالو ڀولو، ماٺيڻو يا ميسڻو، ڪنهن به جذبي ۾ ڪيترو جوش ٿو ڏيکاري.

(2) صحبتي آهي يا خلوتي. يعني ته آندرو ٻاهرو طبيعت ڪيتري قدر ٿو رکي.

(3) عملي طبعي ميلان ڪهڙي طرف ٿو رکي، ذهني طبع اٿس يا هٿ جو کيڏاري هنريلو آهي يا رشٽ پشث پهلوان.

(4) سندس دل جو ميلان ڪيڏانهن آهي، بلند خيال، ڪنهن استاد ڪامل جي اشاري جو ڳولائو هوندو. رواجي سيکاريندڙ کان گهڻو آڳاهون ۽ رواجي وندرن جهڙوڪ ريڊيي، سنيما کان پرڀرو. پوشاڪ جو خيال به گهڻو ڪونه هوندس. سفر جو شائق.

پست خيال، کل چرچي، ملهه ملاکڙي، نشي پتي، تتر پاريهل سان ئي پورو. ميلو گهميو ته ڇيهه ٿيا.

درمياني خيال جو ماڻهو رسالن، مخزنن، ساز سرود جي محفلن، نمائش ۽ ڪلب جي زندگيءَ ۾ ئي پورو.

(5) آدم جي اولاد کان اخلاق اڃا اڳڀرو ٿو ڏسجي. ماڻهو دراصل نڪي ايماندار آهي، نڪي بي ايمان. اهي صفتون ماحول ۽ سندس ضرورتن جون پيدا ڪيل آهن. وجهه لڳو ته ڪير به چور ٿي پوي. اهڙو چال جو پختو اڃا ته ملڻ محال پيو ڏسجي. جنهن تي لالـچ اثر نه ڪري. اهو وڻ ئي ڪونهي جو واءَ نه لوڏيو آهي. موهه هر انسان تي غالب آهي، منع ٿيل شين ۾ مزو ته آهي. دل ڪڍيو وڃن. لالـچ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ کي خاطي سمجهجي ۽ جڏهن به ڪريان يا نه ڪريان جو وقت اچي ته يقين سان نه ڪرڻ جو محڪم ارادو ڪجي، نه ته وڏا وير به وهي ويا. اها ڪمزوري منهنجي توهان جي نه، پر آدم ذات جي آهي. جي لالچ تي غلبو نه ڪبو ته هوءَ غالب پوندي ۽ پوءِ گناهه جي جذبي جو ڪيڏو نه عذاب. ڪيل گناهه کان پاڻ کي بري ڪرڻ لاءِ عذر ڳولڻ اهڙو آهي جهڙو شراب پي پاڻ کي بي احساس ڪرڻ. بهتر آهي ته رب کان دعا گهرجي ته مان عاجز آهيان، ڪمزور آهيان، لاچار آهيان، مون کي طاقت ڏي ته آءٌ ڪمزورين تي قابو پايان. ٻي واهه ئي ڪانهي. پنهنجي عاجزي باسڻ ئي اڌ فتح آهي باقي اڌ به پري نه رهندي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org