سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: نفسيات  (پاڻ سڃاڻ)

باب:  ٻيو

صفحو :5

باب ٻيو

 

نفسيات فلسفيه

 

مذهب فلسفي ۽ سائنس جو علمي ٽه واٽو

 

نفسيات فلسفيه کي ڪن ڳرن ۽ مشڪل سوالن تي ويچار ضرور ڪرڻو  ٿيندو. ڇاڪاڻ  ته نفسيات جي علم ۾ ڪيترا اهڙا اصولي مونجهارا اچي ويا آهن جن تي مغربي ماهرن جو اڄ ڏينهن سوڌو ٺاهه نه ٿيو آهي. جيسين نئون طالب علم انهن اختلافن کان واقف نه ٿيو آهي، تيسين ڪنهن مصنف کي ڪا ٻولي ٻوليندو ڏسندو ته ڪنهن کي ڪهڙي.

اسان جي معلوميت جو ذريعو گهڻي قدر انگريزي زبان ئي رهي آهي، جنهن وقت به وقت مغربي ماهرن، مفڪرن ۽ عالمن جي طرز خيالن کان واقف ڪري اسان کي روشني پئي ڏني آهيرينيسانس کان اڳ مغرب به زور شور سان نه رڳو مذهبي هو، پر وسوسائي ۽ طلسمات جي ڀرمن جو پورو پوئلڳ، پر نيٺ سائنس جي زور وٺڻ سبب ماديات ڏانهن متوجهه ٿيڻو ئي پيس ۽ پوءِ ڇا سندس اوج! پر اها ڪشمڪش فلسفي توڙي نفسيات متعلق ردوبدل ۾ اڃا سوڌو قائم هلندي اچي. مذهبي خيال وارا روح جي ڪڙي ۾ قابو آهن ته سائنس به ٻين دنيا جي ظاهري اسباب بينيءَ يعني شين ۾ جن کي ماديات ٿو چئجي. هو جنن، پرين، ملائڪن، روحن ۽ ٻي دنيا جهڙين خيالي صورتن ۽ جنسن بنائڻ کان بلڪل عاري آهن. جن کي مذهب حقيقت ٿو سمجهي. سائنس لاءِ حقيقت فقط اها آهي، جيڪي ماڻهوءَ جي حواسن جي مشاهدي ۾ اچي ۽ منطق قبول ڪري. ٻنهي راين جي حامين جا مکيه اختلاف نفسيات متعلق هي ٿا ڏسجن:

پهريون جهڳڙو آدم جي پيدائش بنسبت آهي. عيسائي مذهب جو عقيدو آهي ته آدم عرش تي پيدا ٿيو، جو پوءِ خالق جي حڪم جي انحرافيءَ سبب فرش تي ڌڪاڻجي ويو. سائنس جو چوڻ آهي ته ماڻهو ارتقا جون منزلون طئي ڪندو زمين تي نروار ٿيو آهي، جيئن هٿ ڪيل حقيقتن مان ظاهر آهي. خيالي قلابازين جي ڪا ضرورت ئي ڪانهي. ماڻهو بدر ملائڪ نه آهي پر برتر حيوان (ڊارون)

ٻيو سوال آهي ماڻهوءَ جي جيئڻ ۽ مرڻ جو. حيات ۽ موت جو پاڻ کي جيئري ڇا مان ڇا ٿو سمجهي، سو مرڻ کان پوءِ ڪجهه به نٿو رهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي پوي؟ مذهب جي سمجهاڻي آهي ته ماڻهوءَ جو جسم مٽيءَ مان جوڙيو ويو آهي، سو نيٺ به مٽي رهجي وڃي ۽ ڪجهه نه آهي. سندس حياتيءَ جي جهلڪ فقط روح جي ڦوڪجڻ جو نتيجو هئي. جا انهيءَ پاڪ طاقت جي نڪري وڃڻ سبب ختم ٿيو وڃي، سائنس جو چوڻ آهي ته اهو هر هڪ شيءِ جو ڪم آهي جنهن کي روح ٿو چئجي. جيئن ڏيئي جي روشني، اک جو ڏسڻ، موٽر جو هلڻ. روح ڪا ڌاري شيءِ ڪانه آهي جا اچي ۽ وڃي ٿي، پر ٺهي به شيءِ مان، مري به شيءِ مان. جيئڻ ۽ مرڻ ساڳيءَ شيءِ جي ٻن حالتن کي ٿو چئجي، هڪڙي ڪار ڪرتي ٻي بيڪار. نه ڪنهن جسم کان سواءِ ڪو روح ڏٺو آهي نه موت. گل کان سواءِ سندس رنگ بو يا کير کان سواءِ سندس اڇاڻ  جو به ڪو احساس ٿي سگهي ٿو ڇا؟

ٽيون سوال آهي ماڻهوءَ جي عملن جو ته بڇڙا ڪم ڇو ٿو ڪري ۽ ڪير ٿو ڪرائيس. مذهب چوي ته شيطان جو ساڻس چَپِ پيل آهي اهو ٿو ڪرائيس. ڇاڪاڻ ته باري تعاليٰ کيس آدم کي سجدي نه ڪرڻ ڪري بهشت مان تڙي ڇڏيو هو ۽ شيطان هر ڪا ڪوشش ٿو ڪري ته انسان به بهشت تائين نه پهچي. سائنس چوي ته اهي ماڻهوءَ  جون شخصي ضرورتون ۽ نياتي رنڊڪون آهن جن جي ڪشمڪش جو نتيجو گناهه ٿو سڏجي. جڏهن ڪو شخص قدرتي مجبوريءَ هيٺ نياتي قانون جي انحرافي ٿو ڪري. وات جي هئڻ مان قدرت جي تقاضا ظاهر آهي ته ان کي ڀرڻو آهي، پر جي ڪنهن کي بک لاهڻ لاءِ نياتي قانونن پٽاندر ايترو هٿ اچي نه سگهندو هوندو، جو فطرتي ضرورت پوري ڪري سگهي ته ڏاتر جي ڏنل بک مجبور ٿي ڪجهه ڦري پوري ڪندو يا ڪجهه چورائي، جنهن کي سماج ڪنو ڪم ٿو چوي. گناهه سماج جي خلاف ٿو ٿئي نه قدرت جي خلاف. قادر جي قدرت خلاف ڪنهن کي ڪم ڪرڻ جي نه ضرورت آهي نه طاقت، پر ڪو بيوقوف ٿي اهڙو قدم کڻندو ته سزا به اتي ئي کائيندو، بک ڪڍڻ برابر قانون قدرت جي خلاف آهي نه بک لاهڻ. انڪري جي ڪو چورايل انب ٿو کائي ته ان کي ڪو پيٽ ۾ سور ڪو نه ٿو وجهي، جنهن کي قدرت جي سزا چئجي، نڪو ڪو رشوت جي پئسن مان اڏيل بنگلو ڊهي ٿو پوي. نڪي ڪو زوري زنا مان ٻار نٿو ٿئي. جيئن سؤ کن ورهيه اڳ يورپ ۾ سمجهيو ويندو هو. گناهه ته سماجي قانون ۽ شخصي اڙٻنگائيءَ جو سوال آهي ۽ سماجي قانون وقتي ضرورتن ۽ ملڪي رسمن رواجن موجب ڦرندو گهرندو رهيو آهي.

چوٿون سوال آهي ته ماڻهوءَ تي مصيبتون ڪيئن ۽ ڇو ٿيون اچن. مذهب چوي ته اهي سندس مقدر ۾ الست کان لکيل آهن. سائنس ته بلڪل روا نٿي رکي ته ڪو ماڻهو پنهنجي اختيار هلائڻ کان روڪيل آهي. اسين هر حالت ۾ پنهنجي مت آهر پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندا ٿا رهون، پر ڪاميابيءَ جي پڪ نٿي رهي ڇاڪاڻ ته دنيا جدوجهد جي جاءِ آهي، جنهن ۾ ڪئين زور ڪم ٿا ڪن. پوءِ ڪا ڪوشش ڪارگر ٿئي ٿي ته ڪا نه به ٿئي. ڌڻي مهربان ڇو ڪنهن جو مٺگهرو ٿيندو؟ هيءَ به دنيا وارن جي هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ آهي، پاڻ ۾ وڻي کائن. زور جي بازي آهي.

پنجون سوال آهي ته ٻار کي علم ڄائي ڄم کان ٺهيو ٺڪيو ٿو ملي يا ڄمڻ کان پوءِ پنهنجن آزمودن سان ٿو حاصل ڪري. روح جي حامين جو رايو آهي ته سمجهه پريندي ئي ٻار ساڻ کنيو ٿو اچي . افلاطون جي قياس ۾ خيال به عرش جا رهواسي هئا. پر سائنس جي کوجنا ته ائين ثابت ڪيو آهي ته سمجهه حواسن ڪم آڻڻ سان ذرو ذرو ٿي گڏ ٿي ٿئي. جا ڪنهن کي ٿوري ڪنهن کي گهڻي سندس ماحول ۽ تعليم مطابق ميسر ٿيندي ٿي رهي. مگر ڪيترا مغربي عالم اڄ به انهيءَ راءِ جا آهن ته ائين نه آهي، جيتوڻيڪ آزمودي ظاهري ڪري ڏيکاريو آهي ته ٻار جي ٻوڙا ٿا ڄمن سي گونگا به ٿيو پون. ڇاڪاڻ ته جي اکر ئي ٻڌي نٿا سگهن ته انهن جي اچارڻ جي سمڪ ڪيئن اچين.

ظاهر آهي ته نفسيات جو علم جنهن جو مقصد  آهي پاڻ کي ۽ ٻين کي سڃاڻڻ، سو ڪيئن حاصل ٿي سگهندو، جيسين اهو فيصلو نه ٿيو آهي ته مان ڇا آهيان، ڪٿان آيس، بد ڪم ڇا، منهنجي پڄاڻي ڪهڙي.

علمي ٽه واٽو

ماڻهوءَ کي علم ٽن واٽن سان ملندو رهيو آهي: (1) مذهب (2) فلسفه (3) سائنس جي وسيلي. مذهب جذبي جو نتيجو، فلسفو خيال جو ۽ سائنس تجرباتي عمل جو. مغز جون خصلتون به اهي ئي آهن، جذبو خيال ۽ عمل. چوٿون ڪم ماڻهو ڄاڻي ئي ڪو نه. ڪو به لکيل پنو کڻو ڪهڙي به ملڪ جو هجي ته مٿس انسان جي جذبي جو بيان هوندو خيال جو يا سندس افعالن جو ۽ بس.

(1) مذهب

مذهبي ذريعو سڀني کان آڳاٽو رهيو آهي، جنهن اوائلي زماني کان وٺي ڪم ڀلارن انسانن جي جذباتي جهلڪ مان حاصل ڪيل علم، ٺهيل ٺڪيل اعتقادن جي صورت ۾ ماڻهن کي ٿي ڏنو ۽ هر هڪ پوئلڳ بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي ان ڀلاري شخص جي ڀروسي تي اهي عقيدا مڃي اکين تي رکيا. ائين به ڪين هو ته ڪو مذهبي مامرن تي ٿورو ٿي ڪيائون. اڙيال ته پاڻ هئا. اهي آزار، سندن پورن سببن جي غير واقفيءَ هوندي، هميشه ڪنهن زبردست هستي طرفان سمجهيا ٿي ويا ۽ مذهبي عقيدن انهيءَ طاقت هستيءَ سان سلوڪ پيدا ڪرڻ جي واٽ ٿي ڏسي ته ڪيئن ان کي راضي رکجي ۽ سندس ڏمر کان بچجي. اهڙيءَ حالت ۾ مڃوتيءَ کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو.

وقت گذرندي جڏهن ماڻهو پنهنجن عقيدن تي هلي هلي نراس ٿي ٿيا، تڏهن وري ڪو ٻيو روشن ضمير پيدا ٿي ٿيو، جنهن ڪجهه انهيءَ طاقتور هستيءَ جو روپ ٿي بدلايو ۽ ڪجهه اصولي ۽ اعتقادي ڦير گهير پيدا ڪري وري ماڻهن کي نيون اميدون ۽ آسرا ڏئي ڳچ وقت ڪڍي اڳڀرو ٿي ڪيو. اهڙي تسڪين ڏيڻ واري اها طاقت ويس بدلائيندي رهي ۽ وڻ جي سائي ٽاريءَ کان وٺي پاڻيءَ جا وهڪرا، جبل، سج، چنڊ، تارا، گوڙ، کنوڻ، پنهنجا هٿن سان ٺاهيل طرحين طرحين بت، نانگ، بلائون، چريا سنوان ماڻهو آزمائيندي، نيٺ اچي انهيءَ طاقت تي بيٺا جنهن سارو جهان اپايو هو. پوءِ ته خود خالق خلقڻهار بنسبت به ڪئين رايا نڪري پيا، پر هر ڪو چوي ته سالم سچ جو ڌڻي رڳو مان، ٻين وٽ رڳو ڪچ ۽ ڪوڙ. ماڻهو به پنهنجي وقت جي خيال موجب هندو، مسلمان، يهودي، ڪرستان وغيره ٿي ويا. جي موروثي خيالن تي صدين کان هلندا اچن. مذهب ته سوين ٿي پيا پر سوال اهو پيدا ٿيو ته سڀني ۾ سچو ڪهڙو؟ وڏن اختلافن هوندي سڀ ته سچا ٿي نٿي سگهيا. نه رڳو مذهب گهڻا ٿي پيا پر هرهڪ مذهب اندر فرقا پيدا ٿيندا رهيا، جن انهيءَ مذهب جي پوئلڳن ۾ اتحاد جي عيوض  مورڳو ناسازي ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري عداوت ۽ خانه جنگيءَ  جي ٻارڻ ٻاري سڪون جي بدران مورڳو بيچيني پيدا ڪري وڌي.ويتر جو ڪيترن صداقت ڀريلن پوئلڳن به پنهنجون دعائون ۽ عبادتون نه سڦل ٿينديون ڏٺيون ته انهن جو ايمان به ٿڌو ٿيڻ لڳو ۽ ائين مونجهارو وڌندو رهيو.

ظاهر ثابتين جي عدم موجودگيءَ هوندي، مذهب پنهنجي سلامتي ان ۾ ڏٺي ته ڪو به ڏانهن انگشت نمائي نه ڪري انڪري مذهب هميشه ٽانڊي تپڻو رهيو آهي. مجال جو ڪو ڏانهن آڱر ئي کڻي ته فتوائي هڪڙي ڪافر. هاڻي ڪافر ڪير چوائي؟ انڪري جي دعائون قبول نه پيون ته ضرور اسان جي نيت ۾ خلل هوندو. مٺي به ماٺ، مـُـٺي به ماٺ، مذهب ۾ خيال کي جاءِ ئي ڪانهي. پر دنيا ڊڄڻن جي ته ڪانه رهي آهي. ڪي خيال دلير به پيدا ٿي پيا، جن مذهب جي جذباتي اصولن  تي عقل هلائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جلد ئي ڪي ويچاروان فلاسفر نڪري نروار ٿيا، جن جو ڌندوئي هو خيال ڪرڻ، ته من عقل سان ڪا دنيا جي راز جي ڳنڍ کلي ۽ سندس آزارن کان آزادي ملي. پر مذهبي دنيا، جا هزارن ورهين کان پنهنجن عقيدن کي پختو ڪندي جذباتي رنگ ۾ رڱجي چڪي هئي، سا ڪٿي ٿي فيلسوفن جي عقلي آزاد خيالي ۽ راءِ زني قبول ڪري. پوءِ ته ڪثرت راءِ جي خلاف هئڻ سبب ويچارا فيلسوف اچي ويا ٽاپين ۾. ڪي زهر سان پورا ٿيا ڪي جيئري جلايا ويا، جي جلاوطن ٿيا ته ڪي سوريءَ چڙهيا. ڪي اهڙا به ٿيا جن پنهنجي خيال کي مروٽي سروٽي مذهب سان ملائي ٿڌو ساهه کنيو. مذهبي يورپ جيڪي سانتيڪن مفڪرن سان تعديون ڪيون، سي به ڏسڻ وٽان آهن. البت هنن به پاڻ کي سچ تي سمجهي ائين ٿي ڪيو، پر ان ۾ ڪا سندن فراخدلي يا بزرگيءَ جي ته بوءِ به ڪانه ٿي ڏسجي. ڀلا، جي ڪو کڻي رڳو ايترڙو خيال ڪري ته جيئن جو مذهب ٿو چوي ته آدم عرش تي پيدا ڪيو ويو، باغ ارم ۾ سندس پرورش ٿي پوءِ انحرافيءَ ڪري زمين تي موٽايو ويو، سو نيٺ ته ڪنهن هڪڙي زمين جي ٽڪر تي اچي پيو هوندو. قبول ڪجي ته باغ ارم ۾ کيتيءَ جو ڪم سکيل هو، سو زمين  تي به آبادي ڪري ڪٽنب پاليائين، پر پنهنجن ٻارن کي مهاساگرن تان اڏائي ٻين کنڊن تائين  پهچايائين، جو آدم ٻجڙا ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ والاري ويا. افسوس آهي جو ايتري عقل هلائڻ تي به ڪو ڪافر سڏجي ۽ دربدر بلڪ بيجان ڪيو وڃي ته حد تنگدلي چئبي. قادر ته خيال جي طاقت ڏني پر جي ماڻهو خيال ڪرڻ ڏينس. اهو عقل جنهن جي زور تي اشرف المخلوق ٿيو، ان تي زور وارا ماڻهو قفل هنيون ڇڏين ته خبردار! ڀلا جي عقل عام جام ٿي پوي ته جيڪو بيعقلن جو بار، هينئر مذهب جي آڙ ۾ تقدير جا ڪلها کنيو بيٺا آهن، سو ته چالاڪن جي مٿي تي اچي ڪڙڪي پوءِ جاوا ڪٿان ڪن؟ انڪري عقل جي واٽ ئي بند. حقيقت ۾ هر هڪ انسان عقل هلائڻ لاءِ ايترو مجبور آهي، جيترو اڇليل پٿر ڪرڻ لاءِ“ پر ڪنهن اٻوجهه کي عقل ڏيکارجي ڇو؟ سيکارجي ڇو؟ جي سڀ عاقل ٿين ته رئيسي ته وئي. ساڳيءَ طرح جي سڀ قومون سجاڳ ٿين ته رئيس قوم لاءِ ته ڪڙمي به ڪو نه ملي. اٻوجهن جي تقدير ٺاهڻ وارا به ته عاقل ئي آهن. بازي کيڏارين جي ڏوهه تقدير جو. سچ چيو آهي ڪنهن مغربي مفڪر ته دنيا ۾ ڪي ٿورا آهن جي ڪم ڪن ۽ ڪي اهڙا جي اهي ڪم سمجهن پر ڪثرت انهن جي آهي جن کي خبر به ڪانه آهي ته ڪي ڪم به هلن پيا.

نفسيات جو يوناني نالو: روحانيت

يونان کي علم جو گهر سڏڻ وڌاءُ نه آهي. اهڙو علم ڪو ورلي هوندو، جنهن جو ڳولائو يوناني علمي دفتر ورق اٿلائيندي. سندس حرفيات جي گوناگون گنج مان دامن مراد نه ڀري. نفسيات به انهي علمي مرڪز مان پنهنجي معصوم زيبائي جي ضوفشاني ڪئي. افلاطون ۽ ارسطو جهڙن ناميارن جي نور نظر بني. جن کيس هيج مان سيڪالاجي يعني روحانيت جي نالي سان نوازيو. ڇاڪاڻ ته ان سمي هر ڪنهن طاقت جو نالو روح ئي هو ۽ هر ڪا شيءِ پٿر سميت روح واري سمجهي ٿي ويئي (ائنيمزم). ماڻهو به جسم ۽ روح، ٻن نرالين شين جو ٺهيل ٿي سمجهيو ويو. جسم خاڪي ۽ روح انهيءَ خاڪ جي پتلي کي چورڻ واري طاقت. انهيءَ زماني ۾ نه رڳو زمين آسمان جي شين بلڪ نظارن ۾ به روح سمجهيو ويندو هو. نه رڳو جانور ۾، پر ٻوٽن ۾، تارن ۾، جبلن ۾، ڪڪرن ۾، گوڙ ۾، کنوڻ ۾. روح جي خيرباد چوڻ ڪري ماڻهو مري ٿي ويو، بلڪ ننڊ لاءِ به ائين سمجهو ٿي ويو. روح جسم کان سواءِ به جالي ٿي سگهيو . روح جي شراڪت دل،رت، نسلي عضون وغيره سان لاڳو ڪئي ٿي وئي. پر مغز ته ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو. نشي کي روح جو ڀٽڪڻ ۽ چريائپ کي ڏانئڻن ۽ ڀوتن جو اثر سمجهيو ٿي ويو. جادوءَ جو ڪم اهو هو ته روح کي شيطان جي اثر کان آجو ڪري.

يوناني روح کي ڳوليندي  اچي هوا، باهه ۽ پاڻيءَ تي بيٺا، جن سان پوءِ مٽي به شامل ڪيائون، افلاطون روح کي لافاني  قرار ڏنو. انڪري روح ائٽم سان منسوب ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته ان وقت هر ڪا شيءِ فاني سمجهي ٿي وئي سواءِ ائٽم جي، جنهن کي ٽوڙڻ واري شيءِ ڪا به ڪانه ٿي ڏٺي. ارسطاطاليس روح کي زندگانيءَ جو بنيادي عنصر سمجهي، روحانيات کي حياتيات سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ روح جا درجا مقرر ڪيا، ته ٻوٽن ۾ روح کي فقط وڌڻ ويجهڻ جي طاقت هئي، جانورن ۾ احساس ۽ هلڻ چلڻ جي ۽ ماڻهوءَ ۾ سوچ ۽ خيال ڪرڻ جي خيال جا ٻه درجا رٿيائين. هڪڙو خيال هوش ڏيڻ وارو ۽ ٻيو شعور ڏيڻ وارو. هوش فاني شعور لافاني.

اسٽوئڪس روح ۾ هڪ رهنما طاقت محسوس ڪندي جذبن ۽ جوش کي عقل جو ويري سمجهي، ائين ته قابوءَ ۾ رکيو جو مجال هئي ڪنهن ننڍي يا وڏي جي جو ڪنهن جذبي جو اظهار ڪري. سندس فلسفين اخلاق بنسبت اهڙا سخت ضابطا مقرر ڪيا ۽ ادب کي انهيءَ عروج تي آندو جو ٽهڪ ڏيڻ ته حد بدافعالي سمجهڻ ۾ آئي، پر ٺلهو مرڪڻ به بد فضيلتيءَ ۾ داخل هو. مطلب ته ماڻهوءَ جو جوهر جو سندس شعور ۾ ڏٺو ٿي ويو، سو هاڻي سندس ادبيت يعني لڇڻن ۾ نظر اچڻ لڳو. جنهن تان مذهبن بشر جي ڪرمن جا ڦل مدنظر رکي ٻي جوڻي تائين سندن انعام ۽ الزام مقرر ڪيا.

عيسائيت جو روح متعلق اهو رايو هو ته روح خدا جي جلوه جو لافاني جزو هو جو خاطيءَ بندي جي جسم ۾ قيد ٿي رهڻ تي هرگز راضي نه هو، پر امر الاهيءَ ڪري مجبور هو ۽ هر وقت پنهنجي آزاد اصليت ڏانهن موٽڻ لاءِ منتظر واجهائيندو ٿي رهيو ته من ڪي بند خلاص ٿين. عيسائيت جو اهو به خيال هو ته ماڻهو سڀ ڄمڻ سان ئي گنهگار ٿي ڄاوا، ڇاڪاڻ ته حضرت آدم گناهه ڪرڻ ڪري ساري اولاد کي ڪارو ڪري ڇڏيو هو. الله تعاليٰ  آدم عليه السلام جي اولاد کي اڇي ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي قرباني ڏني.

هاڻي جيڪو به عيسائيت جي پاڪ پاڻيءَ سان بئپٽائيز ٿيو سو انهيءِ اصلوڪي گنهگاريءَ کان آجو ٿيو. باقي رهيا سندس شخصي عمل، جي انهن کي اُجرو رکيائين ته وري وڃي پنهنجي اصلوڪي جاءِ بهشت ۾ ماڻيندو.

روحانيات جو اسلامي نالو: نفسيات

ايتري ۾ اسلامي درس جو دور به دنيا ۾ زور شور سان ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ مسلم جن کي پهريون قرآني ارشاد قلم ۾ لکڻ جو عطا ٿيو هو، سي يوناني علمي دفتر ۾ ته ايترو محو ٿي ويا جو نه ڇڏيائون ڪو يوناني حرفيات جو اهڙو ڪو اکر جو عربي زبان جي حوالي نه ڪيائون. البت روحانيات کي ڦيري نفسيات چوڻو پين. ڇاڪاڻ ته قرآن ڪريم روح کي امر ربيءَ  جي شان سان جلوه گر ڪيو هو جو ساري ڪائنات لاءِ هڪڙو ئي هو ۽ تقسيم کان پاڪ، انڪري هر هڪ جيوَ پنهنجي نفس سان وابسته ڪيو ويو، جنهن کي سندس ڪردار لاءِ جوابدار ۽ الاهي عتاب لاءِ سزاوار ٺهرايو ويو، ڇاڪاڻ ته نفس هر هڪ جيوَ کي پنهنجو هو ۽ پڇاڻو شخصي.

مسلم قومون به قدرت جي اسباب بينيءَ ۾ ايترو محو ڪين ٿيون جيترو صرف، نحو ۽ منطق ۾. فقط اسان جي ڪارنامن کي سو نفس سان اٽڪائي ڇڏيائون، باقي اهڙي ڪا کوجنا ڪانه ڪيائون، جنهن مان پتو پوي ته ويچاري وياڪل انسان کي پنهنجي همدم نفس زوريءَ گمراهه ڇو ٿي ڪيو. اهو نفس ڪير جنهن رب العالمين جي اشرف المخلوق کي دوزخ جا در ٿي ڏيکاريا. آخر انسان به ته قدرت ڪامله جي ايجاد هئي، جنهن کي ڌرتيءَ جي خلافت سپرد ٿيل هئي. ڪو لاهه لڙهندو اڙيو ٿڙيو ٿورو ئي هو جنهن ڄمڻ سان ٿي گناهن ۾ گيسيون پاتيون. جنهن کي قادر مطلق اشرف المخلوق جو لقب عنايت ڪري ان کي دائمي گنهگار، گمراهه، ڀليل، ڪـُڌو، شيطان جو غلام، الائي ڪهڙن ناپاڪ ۽ جگر سوز لفظن سان بوڇاڙ ڪرڻ، خلقڻهار جي ڪاريگريءَ سان گستاخي بلڪ خنده زني نه آهي ته ڇا آهي؟ رڳو ڪنهن مصور جي ڪڍيل تصوير تي ته تنقيد ڪري ڏسو ته ڪيڏي نه مَٺيان ٿي لڳيس. جي ڪنهن ڪنڀر جا ڳچ دلا آويءَ مان اهڙا نڪرن جن جون ڳچيون چٻيون ٿي پيون هجن ته به پنهنجي بي هنري محسوس ڪندي دل ئي سڙي ويندس. هتي ته هڙ اشرف المخلوق چٻي! عجب ڪاريگري چئبي! پر قدرت کان بهتر به ڪا ڪاريگري ٿي سگهي ٿي؟ يقيناً اها غلطي اسان جي سمجهه جي ٿي ڏسجي نه قدرت جي هنر جي. قدرت ماڻهوءَ کي هڪ ڪمال ڪاريگريءَ جو نمونو بنايو نه عيبن جي ڳٺڙي. پر سچ چيو  آهي ڪنهن مغربي عالم ته ماڻهوءَ، ماڻهوءَ سان ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟

گناهه جا مرتڪب ٻه آهن. هڪڙو لاچار ٻي لالـچ. جي ڪنهن کي بک کڻي ۽ پنئي به پيٽ نه ڀرجيس ته چوري نه ڪندو ته ٻيو ڇا. لاچار بڇڙي شيءِ آهي. اهو لاچار به ته لالچين جو پيدا ڪيل آهي، جن جي سانڍ سهيڙ شروع انهيءَ خيال سان ٿئي، ته آئي ويل لاءِ بچت ٿا ڪريون پر پڄاڻيءَ ۾ وڃيو هٻڇ ۾ پون، ايترو جو ڪٿي ان جا انبار ته ڪٿي ڪوري بک. پوءِ اٽل قدرت جي بڇيل بک کي بکيا پورو ڪيئن ڪن؟ سماج جي سزا کان ڊڄن يا قدرت جي آزار کي منهن ڏين. بک بڇڙو ٽول داناء، ديوانا ڪري. گذريل بنگال جي ڏڪر ۾ زالن پنهنجا ٻار به کاڌا. بکين کان به ڪا فضيلت جي اميد رکي سگهجي ٿي. پهرين ته مغز کي گهرجي خورش جنهن سان سالم رهي، نه ته سماجي قانونن جي ساڃهه ڪٿان ايندس؟ بکئي لاءِ بهترين ته آهي پيٽ کي ڪجهه ڏيڻ جي ضرورت. مطلب ته هرڪو گناهه ماڻهو ڪنهن ماڻهوءَ جي خلاف ٿو ڪري. ڪن مجبورين هيٺ. باقي مخلوق خالق جي خلاف گناهه ڪري ۽ اتي جو اتي سزا نه ڀوڳي اها ڳالهه قياس کان ٻاهر آهي. ست زمينون ست آسمان ته پراڻو خيال هو، سائنس ته ڪروڙين زمينون ڪروڙين آسمان ڪڍي رکيا آهن، اهڙي عظمت واري خالق جي خلاف، سندس هڪ خس جي برابر مخلوق گناهه ڪري، هي سندس شان سان ٻي گستاخي چئبي.

فلسفي جا ڪارناما

فلسفو به پلٽا کائي طرحين طرحين دليل دلائل هلائي، اٿلائي پٿلائي بعضي روحانيات جي حدن اندر ٿي رهيو، ته بعضي دل کي ڏاڍو ڪري ڪجهه عقل کان به ڪم ٿي ورتو. پر حقيقتن کان سواءِ دليل ڇا تي هلن. حقيقتون ته هر شيءِ بابت حواس گڏ ڪن، ذرو ذرو ٿي گڏ ٿين، ڪجهه ڪٿان، ڪجهه ڪٿان، ڪجهه اڄ ڪجهه جڏهن ملين. ورهيه کپن، پر جا چوڻي آهي ته بکئي کي بٺ به ڏور، سو هر ڪو منتظر حقيقت جو متلاشي ائين پيو ڀانئي ته جي علم جي اٿاهه خزاني جي ڪا ٺهه پهه وچين واٽ لڀي پوي ته واهه. ڪا ڪيميا ملي! سو ملان جي ڊوڙ مسيت تائين جي چوڻيءَ موجب هر ڪو بوعلي سينا وانگر مراقبي ۾ وڃو واجهائي ۽ رب کي ٻاڏائي ته ٻاجهارا مون کي روشني ڏي. منهنجو خيال وڌڻ کان ويهي ويو.

قادر قدرت کي به حيرت هوندي ته هي ڇا؟ آدم اڃا پاڻ کي اڌين ڪمزور ڪوچڙ، بي وسيلي سمجهو ويٺو آهي! اڃا انهيءَ ڪڙيءَ ڪو نه آيو آهي جو منهنجن وسيع عطيئن جو قدر سڃاڻي، پنهنجا بي بها حواس ڪم آڻي، پنهنجي املهه ماڻڪ عقل کان ڪم وٺي سوچي سمجهي پيرين سيرين ٿئي ۽ پنڻ جي عادت ڇڏي همت سان واٽ لڳي. منهنجي لاڏلي اشرف المخلوق کي اڃا پنهنجن طاقتن جي وسعت  ۽ عظمت جو احساس نه ٿيو آهي. هن کي وهو ڪجي ته من عقل کي ساڻي ڪري.

هيڏانهن قدرت کي غيرت آئي، هوڏانهن فرئنسز بيڪن دانهن ڪئي ته خوابن لهڻ مان ڪجهه نه ورندو، اٿي لوچيو، ڳوليو، ڦولهيو، بر بحر، جهنگ جبل، جهاڳيو، حقيقتون هٿ ڪريو. ويٺي ويٺي گهوتن کائڻ مان به ڪجهه حاصل ٿيو آهي؟ سمجهه حقيقتن کان سواءِ ڇا تي کلي ڇا تي هلي . آرام ڪرسيءَ ۾ ويٺي دليل بازين مان نه وريو آ نه ورندو.

فلسفي جي ڪلابازين جا به ڪم ته ڏسو. برڪلي جهڙو جديد فلاسفر (1685-1753ع) تائين. مغز ۽ بت کي ٻه ڌار شيون سمجهيو ويٺو هو. مغز سڀ ڪجهه بت هڪڙي شيءِ. هونئن ته اسين ائين ٿا سمجهون ته ڪرسي، ميز يا ٻين شين کي پنهنجو وجود آهي، جو ڏسين يا نه ڏسين. پر برڪلي جي قياس ۾ ائين آئڙيو ته شين کي ڪا ذاتي هستي ئي ڪانهي ۽ جيسين مغز جي احساس ۾ نه ٿيون اچن، تيسين آهن ئي ڪين. ڪنهن پڇيس ته ڪنهن جي ڏسڻ يا نه ڏسڻ ڪري ڪو جبل يا سمنڊ ڪيئن ٿو ٺهي يا ڦـِـٽي؟ سمنڊ  ضرور آهي ڪو ڏسي يا نه ڏسي. چيائين ته اهو ان ڪري جو ڌڻيءَ جي نظرن ۾ ته هميشه آهي نه.

فلاسفر ڊيسڪارٽ وٽ به جسم کي ڪا وقعت ڪانه هئي. ايتريقدر جو ڳمي ڳمي مڙس انهيءَ فيصلي تي پهتو ته آءٌ خيال هلايان ٿو انڪري مان آهيان. پڇيائونس ته ڇو نه ائين چئجي ته تون هلين ٿو، کائين ٿو، انڪري تون آهين. چيائين ته اهي ڪم ته منهنجي جسم جا آهن ۽ جسم ته هڪ شيءِ جي حيثيت ٿو رکي. شين کي فقط  مقدار آهي، جنهن ڪري جاءِ سا والارين ٿيون، باقي ڪا ذاتي طاقت اٿن ئي ڪانه جا مون کي چوائي ته آءٌ آهيان. پر خيال ته خود شڪتي آهي، جنهن کي پنهنجي هوشناڪي، پنهنجو حوصلو، پنهنجي بينائي، پنهنجو زور آهي. حواس ته کيس محسوس ڪرڻ کان ئي عاجز آهن.

ڏسجي ٿو ته هن وقت تائين به مغز، فهم ۾ آڻڻ واري شڪتي يعني فاعل ۽ شيءِ،  فهم ۾ اچڻ واري وٿ يعني مفعول ٻه الڳ حقيقتون ٿي سمجهيون ويون جيئن شيءِ ۽ شڪتي.

هتي ٻن فلاسافرن جي نظرين پيش ڪرڻ جو مطلب فلسفي جي صحت يا سندس پيچيدگين جي پروڙڻ جو نه آهي، پر فقط هن حقيقت کي پڌري ڪرڻ جو ته نفسيات جو علم جنهن جا پلوَ اڃا فلسفي سان ڳنڍيل هئا، نه سندس مرڪز مقرر هو نه ميدان صاف، بعضي ماڻهوءَ جي اردگرد وارين شين کي جاچڻ ۾ ٿي اٽڪي ته بعضي خود جاچيندڙ بشر جي خيالي گهوارين کي جاچڻ ۾، مگر ٻنهي جي وچ وارو سلسلو محسوس نه ڪيو ويو هو، انڪري نفسيات فاعليه ۽ نفسيات مفعوليه ٻه عليحديون حقيقتون ٿي ڏسڻ ۾ آيون. حالانڪ اڄ صرفِ نحَو جو سيکڙاٽ به هنڊائي فهم ۾ آڻي چڪو آهي ته فاعل ۽ مفعول ٻه لازم ملزوم شيون آهن، جيئن ٻار يا ماءُ جا لفظ. هرڪو ٻئي جي شاهدي ٿو ڏئي. نه ماءُ سواءِ ٻار  ٿئي نه ٻار ماءُ سواءِ. ساڳيءَ طرح مغز ۽ ماحول کي به جدا ڪري نٿو سگهجي. مغز جي ترقيءَ جو اسباب ۽ سبب شيون ئي آهن. جي ٻار ڪجهه نه ڏسي نه ٻڌي يا جي ڪو به حواس ڪم نه آڻي ته مغز ڇا تي وڌندس، ڪيئن هوش پيدا ٿيندس. مغز جو اسباب آهن شيون. شين کان سواءِ مغز کوکي جو کوکو.

سائنس جو دور

شيءِ ۽ شڪتي: يورپ جي سترهين صديءَ جي سائنس عاجز انسان کي اياڻپ جي عميق مان ڪڍي اميد جي ڪناري تي لاتو ۽ اشرف المخلوق جو تفسير ذري پرزي ظاهر ٿيڻ لڳو. هونئن جو قدرت جي ڀيانڪ ڪارواين جي ستم آراين کان ڪنبي، ويچارو انسان ڪنڌ جهڪائي گذر بسر ڪندو هو، سو هاڻي منهن مٿي کڻي نظر جي دائري کي گهڻو وسيع ڪري همت سان نه رڳو پير کوڙڻ پر زمين تي زور لڳائڻ لڳو. پنهنجي گرمي پوري رکڻ لاءِ جو پگهر ڳاڙي ڳاڙي ماندو ٿيندو هو يا سيءَ ۾ ڪرو مرو ٿي ڄمي پوندو هو، ان لاءِ ايئر ڪنڊيشنر به گهڙي رکيائين ۽ ڇا ڇا نه ! جس آهي مغرب کي.

برڪليءَ جي انهيءَ قياس ته ڪنهن شيءِ کي وجود ئي ڪونهي، جيسين مغز  جي حواسن جي زد ۾ نه آيو آهي. ايترو ته سائنس جي محققن  کي مڇرايو، جو شيءِ جو ماڻهوءَ جي حواسن کان سواءِ هئڻ ته بيٺي بيٺي ثابت ڪري ويا، پر آئينسٽائين اتي به وڃي پهتو ته شيءِ مان ائٽم ۽ ائٽم مان شڪتي، وري شڪتي  جي رهيل جزن مان ائٽم ۽ ائٽم مان شيءِ جي مٽا سٽا هلندي رهي ٿي. مطلب ته شيءِ ۽ شڪتي ڳالهه ئي هڪڙي آهي نه ٻه.

هاڻي شيءِ ۽ شڪتيءَ جي هيڪڙائيءَ هڪ پاسي جسم ۽ روح کي هڪ ڪري ڇڏيو، ته ٻئي پاسي نفسيات فاعليه ۽ نفسيات مفعوليه به يڪ وجود ٿي ويون. ڀلا پنڌ ۽ پير به ڪي ڌار شيون آهن؟ جي آسپاس جون شيون نه هجن ته مغز جي ترقيءَ جو باقي سبب ڪهڙو؟ ماڻهو ته مغز ۽ ماحول جو هڪ ڳتيل مجسمو آهي.

پوءِ ته جيئن جيئن سائنس جي سلسلي ۾ بدني ڪاروبار جا راز کلندا ويا، تيئن اهو ڳجهه به کلي پيو ته هيل تائين جيڪي ڪم روح ۽ نفس جا سمجهيا ٿي ويا، تن کي نباهڻ وارو اسان جو مغز ئي آهي. جنهن هڪ جسم جي ذاتي اندروني ڪاروبار کي منهن ٿي ڏنو ته ٻئي طرف بدن کي ٻاهرين بلائن کان بچائي کيس آسپاس تي برتري ٿي بخشي. انهن اهم ڪمن جي شروعات حواسن رستي احساسن ملڻ سان ٿي ٿي (مفعوليت) جن تي مغز سرسري سوچ ڪري، ڪو مطلب مقرر ٿي ڪيو، (فاعليت) ۽ پڄاڻيءَ ۾ انهيءَ مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ٿي ڪيو. اهو ڪم صاف صاف اختياري هو ۽ جسم جي فائدي لاءِ (اختياري هلت)  انهيءَ طرف نفسيات فاعليه ۽ مفعوليه جي گڏيل اثر هيٺ نفسيا روشيه پيدا ٿي. انڪري هاڻي نفسيات جي ماهرن جو سارو ڌيان ماڻهوءَ جي هلت ۾ کتل آهي. سندس فعل، عمل، ڪرم، هلت، روش، جيڪي به چئو، آهن نچوڙ سندس احساسات ۽ خيالات جو. اهي ماڻهوءَ جا عمل آهن جي سندس اندروني ذهنيت کان واقف ڪن ٿا. ماڻهوءَ جا پارکو ڪنهن جي هلت مان سندس خيال به تاڙيو وڃن.

مٿئين مباحثي مان ظاهر ٿيو ته اسان جي هلت جا جزا يعني اسان جا ڪم اسان جي مطلبن پوري ڪرڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن بدني تحرڪ ۾ ظاهر ٿا ٿين. بدن ۾ اهڙو تحرڪ پيدا ڪرڻ واري طاقت آهي خيال ۽ خيال کي اڀارڻ وارا آهن احساس ۽ جذبا، جن سڀني جون پوريون جايون مغز ۾ ملي چڪيون آهن. مطلب ته ڪنهن به ڪم ٿيڻ لاءِ جيڪي به گهرجي، سو سڀ اسان جي جسم جي اندر موجود آهي، نڪا ڪنهن ٻاهرئين شيطان جي گهرج آهي. نڪا ڪنهن ملائڪ جي ضرورت. قدرت ڪامله هر هڪ جيو جي ڪل خودرو بنائي ڇڏي آهي، جاڳائي به پاڻ وڄائي به پاڻ، کائي به پاڻ، سنڀالي به پاڻ، جيسين پراڻي ٿي گسي پيسي ڪم کان خارج ٿي وڃي يا اوچتو ڪنهن ويريءَ جي هٿان پوري ٿئي.

هاڻي ته اهو پتو به پئجي ويو ته اهو ڪير آهي جو آءٌ ٿو چوي. اهو مغز آهي جو ساري بدني ڪل جو مالڪ آهي ۽ سندس هلائڻ وارو، جو مان مان ٿو چوي. اهو مغز آهي جو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، پري پري کان شيون تاڙي ويچار ٿو ڪري، ته هيءَ منهنجي لاءِ چڱي يا مٺي يا ماڳهين خطرناڪ. انهيءَ تميز ۽ تفريق لاءِ قادر مطلق کيس ٻه طاقتون اهڙيون سونپي ڇڏيون آهن جي هردم کيس پنهنجي بچاءَ جي واٽ ڏسينديون ٿيون رهن. اهي آهن ايذاءُ ۽ مزو، جن جي توهه تي هلندو ٿو هلي. مزو آيس ته موج، ايذاءُ رسيس ته ڀڄ پري. پوءِ جي ڪنهن ۾ پنهنجو ڀلو ٿو ڏسي ته پنهنجي بدني ڪل کي اوڏانهين هلڻ لاءِ هڪليو وڃي ۽ ان کي وڃيو هٿن سان کڻي پر جي سمجهيائين ته هي شيءِ ڏک ڏيندي ته ڇڏيو ڏئيس، ويتر جي خبر پيس ته جان جو اتي جوکو آهي، ته مورڳو ڪل جو منهن ئي ڦيريو ان کان پري ڀڄيو وڃي. ڪل جو جسمي ٺاٺ وري مغز لاءِ خورش ٺاهي کيس پهچائي تازو توانو رکيس ۽ سندس صفائي رکي. مطلب ته مغز کي پنهنجي ڪل ڪيڏانهن به هڪلي وڃڻ جو پورو اختيار آهي. جيئن وڻيس تيئن سوچي سمجهي قدم کڻي. ڪابه ڳجهي طاقت مٿس روڪ ڪانه ٿي وجهي. البت ظاهري حالتن کي منهن ضرور ڏيڻو اٿس، پر جي سندس احساس ايترو نفيس نه آهي جو حالتن جي نزاڪت محسوس ڪري سگهي يا صحيح خيال نه آهيس، جو سندس مطلب ۽ مقصد چٽا ڪري سگهي، يا بازن ۽ زبان ۾ طاقت پوري نه آهيس جو پورو تحرڪ پوري وقت تي وٺي سگهي ته مغز ڪٿي نه ڪٿي کاٻار جي آزار ۾ اچي ويندو. هن ڪشمڪش جي زماني ۾ دوستيءَ تي به ڪو ڀروسو ڪونهي. خود گهر جا ڀاتي به ويري ٿيو پون. هر وقت هوشناڪي کپي البت ڪيترا بزرگ دم هڻندي چوندا آهن ته اسان ايذاءَ ۽ مزي جي منزل گهڻو پري ڇڏي آيا آهيون، پر اها سندن طرز بيان آهي نه حقيقت.

ڏسجي ٿو ته نفسيات جو علم ڪو فقط ماڻهوءَ جي نفس سان تعلق ڪو نه ٿو رکي، پر سندس مغز جي سڀني شعبن يعني احساس، خيال، ارادي سان ۽ سندس افعالن سان، جن جي اظهارڪرڻ وارو ماڻهوءَ جو سارو بدن آهي. خاص طرح سندس زبان، ٻانهون ۽ ٽنگون. نفس ته فقط ماڻهوءَ جي غرضي خواهشن ۾ محدود آهي، جو کلم کلا فقط جانورن ۾ ۽ ڪنهن قدر اڻڪڙيل ٻار ۾ ۽ بعضي ڪنهن نابالغ وڏي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ته ڪيئن نه هو پنهنجون نفسي گهرجون بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پورين ڪرڻ ۾ محو ٿيو وڃن. ٻار کي جي بک کنيو يا ڪنهن ضد تي چڙهيو ته ٻئي کي سڃاڻي به ڪو نه. جيسين نفسي ضرورتن کي روڪي ضابطي ۾ آڻڻ سکي. بعضي ته وڏن جو هوش به هٿن مان نڪري ويندو آهي ۽ بيوس ٿي ڪو نه ڪو ناشائستو ڪم ڪري ويهندا آهن پر ويل وئي هٿ نه اچي. نفسيات جي نالي مان ماڻهوءَ جي ذهني يا بدني  تحرڪ جو ته ڪو پتو به ڪونه ٿو لڳي، انڪري هن علم لاءِ پورو نالو بشريت ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن ۾ بشر جي هر هڪ حـصي جي مشغولي سمايل آهي، مناسب ٿيندو ته آئينده هن علم کي بشرت جو نالو ڏجي.

اسلامي مفڪرن نفس جا جزا هن طرح بيان ڪيا آهن:

نفس اماره - جيوَ جو بنيادي جان ڏيندڙ نفس، حيواني.

نفس بهيمي- بي انتها خواهش ۽ رغبتن جو ڀنڊار، لوڀي.

نفس لوامـه- تيز ۽ تند زوردار جذبا اڀاريندڙ: جهڙوڪ: ڪاوڙ، حسد ۽ انتقام، شهوت ۽ غرور.

نفس متنبه- تنبيهه ڪرڻ وارو نفس، سڌاريندڙ چئي تو هي ڇا ڪيو؟ ڇوڪيو؟

نفس مطمئنه: نيڪيءَ ڏانهن مائل نفس. انساني صفتن وارو. نفس مـَـلڪي، جو تسڪين ڏئي.

هاڻي جو سائنس سيکاريو آهي ته اسان جي نفس، هوش، حوصلي ۽ لڇڻن جو والي اسان جو مغز ئي آهي، انڪري مناسب ٿيندو ته ڪجهه مغز جي جوڙجڪ ۽ سندس ڪارڪرت کان به ڪنهن قدر واقف ٿيون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org