تمهيد
نفس معنيٰ ساهه، ۽ نفسيات معنيٰ ساهه بابت علم، پر
ڇاڪاڻ ته نـِـلو (خالص) ساهه اڃا ڪنهن ڏٺو به ڪونه
آهي جو ڪو ان جي اپٽار ڪري سگهي، ان ڪري نفسيات کي
ساهه وارن جو علم ئي سمجهڻو پوندو. حقيقت ۾
ساهوارن بابت علم جا به گهڻائي ڀاڱا آهن، جيئن ته
سندس پيدائش، بدني نظام ۽ ان جو انتظام، بيماريون
وغيره. پر نفسيات جي مدنظر جيون جي علم جو فقط اهو
پاسو رهندو، جيڪو ٻين جيون ۽ شين سان تعلقات ۾ اچڻ
ڪري، منجهن سامائجي ٿو. يعني ته پنهنجن ضرورتن کي
پوري ڪرڻ ۾ دنيا سان ڏي وٺ جو مٿن اثر. جيئن ته
خوشي، رنج، فتح، شڪست وغيره ۽ انهن جا نتيجا.
هر هڪ جيوَ
کي سندس خصوصي ماحول موجب، پنهنجي جان بچائڻ ۽ پاڻ
کي تڳائڻ لاءِ،
قدرت مهربان ڪي مقرر ٽلون سپرد ڪريو ڇڏي، جن جي
وسيلي هو پنهنجن ضرورتن کي پورو ڪندو جيئرو جڙيو
هلندو هلي، اها به ضرورت آهي ته جيوَ
جي پسگردائي پڻ اهڙي هجي جا سندس ضرورتن کي منهن
ڏئي سگهندي هجي، پر جي اها جاءِ سندس گهرجن کي
پوري ڪرڻ جي لائق نه آهي، ته جيوت جو جٽاءُ ڏکيو
ٿي پوندس ۽ جلد ئي حيات موت سان مٽجي ويندي. هاڻي
جي جيوَ
جي جسم ۾ ايتري لياقت آهي جو هو پنهنجون گهرجون
ڦيرائي موجود حالتن موافق ڪري سگهي يا جي منجهس
ايتري طاقت آهي جو پنهنجي جيوت منڊل جون حالتون
مٽائي پنهنجي ڀيت تي آڻي سگهي ته پوءِ حياتيءَ کي
نڪا لهر نڪو لوڏو.
’زمانه
با تو نه سازد تو با زمانه بساز‘
پسگردائيءَ جو اثر جيوَ
تي ته بلڪل جلد ظاهر ٿيو پوي پر وڻن ٽڻن جي حالت
۾، جي به ساهه وارا ئي آهن، اُس، پاڻي ۽ مٽيءَ جو
اثر ايترو ته ٿئي ٿو جو ڪٿي ڪو ٻوٽو ته بنهه اڀري
ئي ڪونه، ڪٿي وڌي ته اڌو کارو، ڪٿي وڏو به ٿئي ته
ڦر نه جهلي. ڇانهين ڪٿي پنج سير ته ڪٿي پنجويهه
سيري. گلاب ڪٿي نڪري ئي ڪو نه،
ته ڪٿي ٻـُڪ
جيڏو، وري رنگ به طرحين طرحين. نيلگري جبل جي نيلي
پٿرائين زمين ته نباتات ۾ ايترا رنگ ٿي ڪڍي جو
هڪڙي ئي پارڪ ۾ 20-25 رنگن جو گلاب ڏسڻ ڪا تعجب
خيز ڳالهه ڪا نه آهي. اتي ته ڪڻڪ به نيلي ٿئي.
مطلب ته هر ڪا جنس پنهنجي پيدائشي هنڌ جي حالتن
موجب ٿي ٿئي ۽ وڌي ويجهي
ٿي.
ماڻهوءَ جي جسم جي ترتيب ته اهڙي ملائم ۽ مڙڻي
جڙڻي ٿي ٿئي جو پنهنجي جيوت منڊل سان جاگرافيءَ جي
هر طبقي ۾ پوري راسپاس ٿيو وڃي. سندس پيچيدو ۽
بيدار مغز ۽ ان جا لڳ لاڳاپا ايترو ته وسيع ۽
برجستا ٿا ٿين جن جو پورو وستار
ته
ٺهيو پر مختصر ويچار ئي موجودهه معلومات جي حدن
کان ٻاهر آهي. سردي، گرمي ته بجاءِ خود، پر رڳي
ٽيٽ سا پويس ته هتي هي دونهون ٿو دکي، ته سندس
سچيت مغز گهڻي قدر تاڙي ويندو ته ان حالت کي منهن
ڪيئن ڏجي جو جان جوکي کان بچي. ائين ڪندي هو
ڪيترين قدرتي مصيبتن تي فتح پائي چڪو آهي ۽ زماني
جي ناساز حالتن ۾ دوستين دشمنين کي منهن ڏيندو
هلندو هلي.
هتي نفسيات جي علم جو مقصد انهيءَ راز کولڻ جو آهي
ته آدم ٻچڙو پنهنجي ماحول کان پنهنجون ضرورتون
ڪهڙي طريقي پوريون ڪرائيندو ٿو رهي يا بيڪار ثابت
ٿو ٿئي. ۽ انهيءَ جستجو جي ڪشمڪش ۾ ماحول جو مٿس
ڪيترو اثر ٿو پوي ۽ پاڻ انهيءَ دنيا جي ڇڪ ڌڪ ۾
ترقي ڪرڻ جيتري سگهه ٿو ساري ۽ ڪيتري سمجهه ۽
حوصلي رکڻ جو ثبوت ٿو ڏئي.
ٻار جي هن دنيا جي سفر جي ڪشالن ۽ سوڀ ۽ شڪست يعني
سندس خوشي يا رنج به ٻن ڳالهين تي منحصر ٿو رهي:
(1) ته کيس مائٽن کان ورثي ۾ مليل موڙي ڪيتري هئي
يعني ته سندس جسمي ۽ ذهني طاقت ۽ توانائي، (2) ته
کيس ڄمڻ کان پوءِ ڪهڙي تعليم ۽ تربيت ملي، جا هن
جي جسم ۽ ذهن کي ڦوهه ۾ آڻي.
هڪڙو تاثير تخم، ٻيو صحبت جو اثر
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هر هڪ ٻار کي پنهنجي موروثي
موڙيءَ موجب ڪي مقرر طبعي لاڙا ٿا ٿين. ڪي ٻار
سگها، سمجهو ۽ کلڻا جي مائٽن کان ته کلندي پنهنجون
ضرورتون پوريون ڪرايو وٺن پر ٻيا به کين چاهه سان
کڻن ۽ پيار ڪن، پر ڪي وري اگها، ڪـُـند تيسر،
مائٽن لاءِ ته آزار پر پاڙي جو به آرام ڦٽائين.
جيئن جيڪو جڙيو! ٻار جا اوائلي مطلب به سندس طبعي
لاڙن انوسار ٿا ٿين جي سندس اندر مان ئي ٿا اڀرن.
هي آهي ٻار جو ورثو.
ٻار تي نيپاڄ به اڪسير جو اثر ٿو رکي. جي ماءُ
فهميدي آهي ته تيسر ٻار کي به توانو ڪري وجهي،
نه ته تندرست ٻار به ڪک ٿي وڃي. مائٽن جو صحبتي
اثر به ٻار کي موڙي ۽ جوڙي ٿو،
مائٽن جي گفتار، ڪردار، نشست برخواست ۽ گهرو
انتظام جو نمونو به ٻار تي ذري پرزي اثر رکندو هلي
۽ پوءِ ٻين مٽن مائٽن، دوستن، واقفن، اسڪول وارن ۽
ٻين اڪيچار لاڳاپي ۾ ايندڙ ماڻهن جي ساڻس هلت،
رفاقت ۽ بيرخي، بافضيلت يا بيجا روش، هر هڪ طبقي ۾
ٻار جي ملائم طبع کي موڙيندي ٿي رهي.
اڃا اسان جي سمجهه انهيءَ ڪڙيءَ تي نه رسي آهي جو
ڪنهن ٻار جي موروثي ميراث جي پوري ڪٿ ڪري سگهون ته
ڪيتري قدر آهي، پر تعليم ۽ تربيت جو ته مٿس اهڙو
نمايان اثر ٿو ٿئي جو جيئن نه ڪو نفيس قسم جو ٻوٽو
غير موزون حالتن ۾ اچي اُجڙ ٿي وڃي، تيئن ڪو اعليٰ
نسل جو ٻار به مائٽن کان وڇڙڻ ڪري يا ٻين سببن ڪري
بيگانو ٿي، ڌارين هٿن ۾ اچڻ ڪري ايترو ته ڏتڙجي
سگهي ٿو جو سڃاڻپ ۾ ئي نه اچي ته هي ڪو فلاڻن
مائٽن جو اولاد آهي!
ساڳي طرح جي خوش قسمتيءَ سببان ڪو ڄٽڪو ٻار به
ڪنهن همدرد، سليقه شعار ۽ باوقار استاد جي هٿ اچي
وڃي ته ٽامي مان سون ڪري ڇڏيس. ڪارو وهي ڪمري وٽ،
جي رنگ نه مٽائي ته عادت مٽائي ئي مٽائي. ان ۾ ڪو
شڪ ڪونهي ته ٻار جي دنيا سان سودمند رشته دارين
ٺاهڻ لاءِ صحيح تعليم گهڻي دسترس رکي ٿي. اها
تعليم اها آهي جا ملان جي ٻار کي فوجي جنرل ڪري ۽
عالم جي ٻار کي نشئي. سچ چيو اٿن ته بيوقوف دوست
کان داناءُ دشمن جي رفاقت گهڻي بهتر آهي. ٻار کي
حوصلي افزائيءَ لاءِ آٿت کپي. ٽيڪ ۽ همدردي کپي،
خوشگوار رهائش ۽ پيار، نه مار. پر جي انگلي ٿي پيو
هجي ته دڙڪو به ضروري ٿيو پوي.
ٻار جي ناچارگيءَ جي اوستا ته ايتري ڊگهي ٿي ٿئي،
جا ڪنهن به جانور جي نه آهي. ڇيلو ڄمڻ سان پنهنجي
پيرن تي بيهو رهي ۽ هلي چلي، پر ٻار جي تات ته ڪي
سال وٺي جو پنهنجي بازن تي تڳي ۽ سمجهه کان ڪم
وٺي، دنيا جي آزمودگار چالاڪن، پنهنجي پراين کي
منهن ڏيڻ جهڙو ٿئي. اهو سارو وقت ٻار پنهنجي گهرو
شفقت ۽ تربيت جي فضا ۾ وڌندو ٿو رهي، پر ڪهڙو عجب
ته گهر ۾ به سندس مناسب ترقيءَ لاءِ ضروري حالتون
موجود آهن يا نه، پوءِ ته ٻار جي ڪوتاهي گهر ۾ به
اچي وڃي. سڀڪجهه تعليم جي وس آهي ۽ تعليم وڏن جي
وس. جي ٻار کي دنيا جي لڳ لاڳاپن کان ڪڍي چئبو ته
هن نجس دنيا ۾ فقط پرهيزگاري ۽ پاڪائيءَ سان رهڻ
ئي نهايت ضروري آهي ته ٻار به سڄو ڏينهن ويٺو پاڻ
کي ڌوئندو ۽ پاڪ ڪندو يا پنهنجي اندر کي اجارڻ
لاءِ منهن ويڙهيو ويٺو گهوگهو ڪندو. پوءِ هن
آسمان تي اڏامندڙ دنيا ۾ ڪيترو ڪارگر ٿيندو، اهو
ويچار وڏن کي جڳائي. زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پاسي
تي زور ڏيڻ سان زندگاني جو توازن ٽٽي پوندو.
پهرين ضرورت آهي ته ٻار کي قدرتي آزارن کان پناهه
ملي، جيئن ته گرمي، سردي، مينهن، مرض وغيره. ٻيو
ته زماني سارو صحيح خيالات سندس ذهن نشين ٿين، نه
ته جي پرينديئي منجهس بيسود ۽ غلط خيال گهر ڪري
ويا ته پوءِ وڏي عمر ۾ به انهن کان آجو مشڪل ٿئي.
ٽيون ته جي گهر ۾ پيار ۽ سلوڪ جي عيوض جهيڙا جهٽا
ڏٺائين ته وڏي هوندي دنيا وارن لاءِ به هن کي
نفرت رهندي ۽ ماڻهن سان مڙي جڙي ڪم سان لڳڻ جو
خيال به ڪونه ايندس. جيسين وري ڪو استاد ڪامل
مليس، جو انهيءَ موڙ کان ڪڍي دڳ لائيس يا ڪنهن
اعليٰ مصنف جي تصنيف سندس رهبري ڪري.
ڇهن ستن ورهين تائين جيئن ٻار بنيو تيئن بنيو،
پوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. ڏار به اهو ئي رخ
رکندو جيڏنهن
ٽاري مڙي. انهيءَ عرصي ۾ ٻار کي پنهنجي جيوت منڊل
جي لڳ لاڳاپن کي سمجهڻ سوچڻ جي ايتري ته اڻتڻ ٿي
ٿئي،
جنهن جي حد ئي ڪانهي. اها اهڙي اثرائتي وهي آهي،
جنهن ۾ جيڪي خيال ذهن نشين ٿيا،
سي نهايت پڪا ۽ پائدار ٿا ٿين. ٻار جي مغز جي واڌ
جي رفتار سندس پهرين سال ۾ ايتري ته ٿئي ٿي جيتري
ڦوهه جوانيءَ ۾ اچڻ تي وري حاصل ٿئيس. ڇهن ورهين
کان پوءِ انسان جي روش جون پيڙهيون پڪيون پئجي
رهيون، عمارت جي ڊول ۽ بيهڪ جي رٿ ٿي چڪي ته ڪهڙي
پاسي ڪيتري ڊگهي، ڪٿي ويڪري، ڪٿي گول، ڪيڏهن
مهاڙ، ڪيڏي پٺ، البت ديوار جي بلندي پوءِ به ٿي
سگهي ٿي ۽ چٽ گل. پر پکيڙ محدود ٿي چڪي، نقشو نڪري
چڪو، جنهن ۾ ڦير گهير وري ڪو استاد ڪري. استاد جي
هر وقت ضرورت آهي.
ماڻهوءَ جي پنهنجي ماحول يعني جيوت منڊل سان سهڻو
سلوڪ ضروري آهي، پر جي ڪن اڙٻنگن جي پاڙي اچي پيو
آهي ته چڪ چهڙ به ڪرڻي پوي. جيسين اسان جي
جهنگلپڻي جو اثر باقي آهي، تيسين لتر کي پڄي چڪر.
ٻيا وري ڪي سڄاڻ ماڻهو ته اياڻن تي اٽڪل سان اهڙا
اثر وجهندا رهندا آهن جو هو بنهه اسرن ئي نه. هنن
جي مت ڪجهه زور، ڪجهه عقل سان عقيدن جي آڙ ۾ هميشه
اهڙي هنڌ روڪي ڇڏيندا آهن جو ڀل ته ويٺا واهڻ
ولوڙين ۽ خاڪ ڇاڻين، عمر ئي اجائي، نڪو زور وٺن نه
لڙڻو پوي. هٿ سان ڇڄي ته ڪاتيءَ جو ڪهڙو ضرور. آخر
گهوڙي جهلائو به ته هر ڪنهن عقل واري کي کپن. وري
جي ٻئي پاسي کان نظر ٿي ڪجي ته سڀ ريس به ٿي نٿا
سگهن، پوءِ يا مڙس ٿجي يا مڙس جي پاڙي ۾ وهجي به
چڱو. مڙيو سو جڙيو. پر روز مره جي لڙائيءَ ۾ ڪيترو
جالي سگهبو. نيٺ انسانيت تي وڃو هٿ کپن. ويچارو
حيوان! جي زورآور ڪمزورن کي سمجهن ته هنن کي به
انسانن جي دل آهي ته دنيا رهڻ لائق ٿي پوي.
ماڻهو گهڻو ئي پنهنجي وقتي زور يا مخول تي پاڻ کي
پنهنجي قدرتي سطح کان بلند سمجهي، ملائڪ يا
نعوذبالله خود خدا چوائي ۽ پوءِ جڏهن ريح اچي آنڊي
۾ ڦاسيس ته دانهون ڪري دم به ڏئي. پر اڃا انسانيت
جو درجو به حاصل ته فقط ڪن ٿورن خدا تعاليٰ جي
صالحن ٻانهن کي ٿيو آهي. باقي ماڻهوءَ جي اصليت ته
ظاهر پئي آهي،
اها سندس ڳالهائڻ جي طاقت آهي جنهن کان لکڻ پڙهڻ
سکي، سمجهه ۽ سياڻپ سان پاڻ کي پنهنجي بنواسي
برادريءَ کان ايترو ته ڇڪي ڌار ڪري پري ڪڍي ويو
آهي، جو هاڻي وسهڻ ۾ نٿو اچي ته آدم ٻچڙو به ڪو
دراصل جهنگ جو رهواسي هو. البت اهو ته ظاهر پيو
آهي ته گهرگهاٽ، محل، ماڙيون، باغ باغيچا به
ماڻهوءَ ٺاهيا ۽ ويرانا وسايا، نه قدرت. ائين به
نه آهي ته ڪو بدني طاقت ۾ سڀني کان مٿي آهي، نڪي
اڏامڻ لاءِ پر مليس، نڪي پاڻيءَ ۾ رهڻ لاءِ مڇيءَ
جو ساز سامان، پر نه ڇڏيائين آسمان نه سمنڊ جو
ترو. اتي ٿو اڏامي جتي ذات پرندي پر نه هنيو. وري
ڇا سندس سمجهه! جنهن جي پالوٽ کي ڏسي پاڻ ئي بعضي
ڀلجو وڃي ته هي ته ڪو آسماني آواز آهي نه مون عاجز
جو عقل، ته وري ڇا سندس ڪلون! جن دنيا کي ته آسودو
ڪيو پر چنڊ تي پهچي سندس خبرون ڌرتيءَ کي ويٺيون
ڏين!
حيرت آهي ته ڇو ارتقا اڃا سوڌو سندس حيوالي لکڻ به
نه بدليا ٿا ڏسجن! شايد ڪا ڪسر باقي رهيل ٿي ڏسجي!
ڪڪڙ جي کل لاهي کڻي جو سسيءَ کان جهليوس ته ساڳيو
سينو ساڳيون بازون، ٽنگون ته پيرن تائين ۽ اندريان
ٽپڙ به دل، جيرو، ڦڦڙ، بڪيون، آنڊا هڙ ساڳيا، آدم
ٻچڙي جي پڙد پڌرا ڪيو وجهن. وري ڪي سندس خصلتون
جانور واريون نه آهن ڇا؟ ڀل ته طرحين طرحين
پوشاڪون پهري، وهنجي سهنجي، مجلسي مور بنجي،
اخلاقي اشاعتون ڪري، پر خلوتخاني ۾ پهتو نه آهي ته
ڪم ئي اصلوڪي عزازت وارا. ظاهري طرح به پنهنجي
بنواسي برادريءَ واريون جهلڪون اڇلون ڏيو، سندس
نفيس پوشاڪ مان ڏيکاري ڏيو ڪڍن، پر ويتر اڳڀرو.
گگدام ٿئي ته گهٽڙي کي شهه ڏئي جي پيار تي پاريهل
کي سيکاري، ڏنگڻ لڳي ته وڇون کي گهر ويهاريا جي
اصل هڙپ ته واڳون ويچارو لڳي، توڙي جي ڍنگ ۽
حرفتبازيءَ کي ڇڏي، خونخوار ٿي کلم کلا لڙائيءَ ۾
بيهي ته به جي باز جي چهنب ۽ بگهڙ جا ڏند رت ۾
رڱيل آهن ته ماڻهوءَ واري ڪهڙي مهر ڪئي آهي، تير،
ترار، توب، تفنگ ۽ بڙڇن، ڀالن جي اڳيان ته شير به
ششدر ٿيو وڃي. شل نه ڪري ڪو ائٽم بم ڌڙم، ته کن ۾
کيل ختم. ماڻهو مرون ته هضم، پر جايون جڳهيون سڀ
ڀسم. باقي جن پيا کلن ته واهه ڙي سپاتر انسان! جي
ماڻهو ماڻهوءَ کي کائي پورو ڪري ته اسين ته ماڻهن
کي مارڻ جي الزام کان ڇٽون، پاڻ ۾ ڄاڻو. ارتقا به
آرام ۾ آهي جيسين ماڻهو حيوانيت کان نڪري. ڀلا
حيوانيت جو حامي ڪير؟
اها لالـچ آهي جا ماڻهوءَ کي حيوانيت کان نڪرڻ نٿي
ڏئي. تاريخ شاهد آهي ته ڪيئن لالـچ هر وقت ۽ هر
ملڪ ۾ طبعي ۽ ذهني زور تي ضعيفن سان ظلم ڪندي رهي
آهي. هيڻي کي نه هڻي سو هٿن ۾ لهي. اها لالـچ آهي
جا ماڻهوءَ جي ضمير کي ضعيف ڪريو کانئس انسانيت جو
مقصد غائب ڪيو ڇڏي ۽ ماڻهو پنهنجي پاڻ، پنهنجي
قوم، پنهنجو وطن وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو بيهي. ماڻهو
جيترو عيش پرست اوترو لالچي. پر جيڪي پاڻ کي پاڪ
پاڪيزه سمجهندا هجن تن کي به جڳائي ته پنهنجي اندر
۾ لياڪو پائي پاڻ کي هن فطرتي نشي کان آجي رکڻ جي
هر وقت ڪوشش ڪندا رهن. هي آفت هر بني بشر تي حاوي
آهي جنهن سمجهيو ته مان ان کان پري آهيان، ڦاٿو ئي
اهو.
نفسيات جو علم سيکاري ٿو ته پنهنجن ڪمزورين کان
واقف ٿي انهن تي غالب پؤ صحيح طاقت جو مالڪ بڻجين
۽ پنهنجي معاشري سان متفق ٿي سچو سک حاصل ڪرين. من
جيت ته جڳ جيت. اها لالـچ آهي جا ماڻهوءَ کي صراط
المستقيم کان موڙيو ڇڏي. لالـچ مزيدار ٿي موهيو
ڇڏي ۽ ڪوتاهه نظر ان جي چشڪي ۾ چڪناچور ٿي دل جو
سچو سک وڃايو ويهي. هر روز اسان کي اهڙا مسئلا
منهن پون ٿا جن لاءِ فيصلو ڪرڻو ٿو پوي ته هيئن
ڪريان يا هونءَ ڪريان. نفسيات چوي ته جڏهن به اهڙي
ٻه واٽي تي پهچين ۽ فيصلو ڪرڻو پويئي ته ڪهڙي واٽ
وٺان ته سمجهه ته لالـچ جي حدن اندر آهين ۽ پوءِ
هڪدم انهيءَ راهه لڳ جا تنهنجي خودغرضيءَ کان ٻاهر
هجي، جي هڻتڻ ڪيئي ۽ مٿس غالب نه پئين ته لالـچ
توکي هڪدم وڪوڙي ويندي ۽ تون سهڻي نانگڻ جي وڪڙ ۾
آهين.
نفسيات جو اهو مطلب نه آهي ته تون جاه جلال جو
مالڪ نه ٿين يا پنهنجو زندگانيءَ جو مقصد نه رکين.
پر هائو هائو ڪري ٻين جو ڀاڱو نه کائي ڇڏ، جو هو
سڪندا وتن ۽ تون غير واجبي موجون ڪندو وتين، ونڊ
کاءُ سک پاءُ.پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري ڪجهه
ضعيفن جو به حصو ڪڍ، ته تنهنجو
سماج قائم رهي. تنهنجي قوم قائم رهي، نه ته نه
سماج قائم رهندو
نه قوم نه تون. لالـچ هميشه شخصي هوندي آهي نه
مجموعي، هميشه قوم کي اڳ ڦرندي آهي. ان ڪري سنڀال
انهيءَ قوم ڪش ڏائڻ کي، جيءَ ۾ جاءِ ئي نه ڏي جا
تنهنجي به بڻ بڻياد جو ٿڏو پٽي. ڀلا جي هندن سان
لڙائيءَ وقت اسان ۾ قومي احساس نه هجي ها ته اسين
هينئر هندن جي ڪانسينٽريشن ڪئمپ ۾ نه هجون ها! ۽
هو اسان جي مال ۽ عزت جا مالڪ! وينڃايو ته سهي ته
ڇا ڇا اسان سان نه ٿئي ها! توبهه! توبهه!
ڪير به ائين نه سمجهي ته مان لالچي نه آهيان. کڻي
هو پيسي جي يا پري پيڪر جي لالـچ کان پري به هجي.
آهي ته اهو به گهڻو ڏکيو. سچ چيو آهي ڪنهن ته:
نعزش مستانه در رفتار جام مي بکف
رخصت اي تقويٰ که يار آمد به سامان دگر
پر لالچ جا سؤ ويس ۽ مزو به تڙي کڙي ۽ ترت اتي جو
اتي. پوءِ ڀل ته ويٺو مٿو کنهي ته ڇا ڪيم. پر ٺونٺ
لڳي ساهيڙي ڀڳي. هڪڙي اکر جي مزي وٺڻ لاءِ ورهين
جي دوستي ختم. هاڻي ويهندو دل کي دلاسا ڏيڻ ته هر
ڪو ائين پيو ڪري. اها وري پاڻ کي ٺڳڻ جي لالـچ.
پنهنجي سهڻي ضمير جي چونگن کي چپ ڪرائڻ جي لالچ.
پر ڪنهن سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ مان جيڪا روح کي راحت
ٿي اچي، انهيءَ جو ته اندازو ڪيو. پاڻ به خوش،
اڳلو به خوش. عيب ثواب ته هر ڪنهن ۾ آهن، بي عيب
ته رب ئي آهي. پوءِ عيب جوئي ڇو؟
هن مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن جو واجبي مطلب
به لالـچ ۾ داخل آهي. مطلب هر ڪنهن کي آهي ۽ هئڻ
ضروري آهي،
نه ته جيئڻ جو ئي مطلب ڪهڙو. ڪا نه ڪا ضرورت هر ڪو
محسوس ڪري ٿو ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ هٿ پير هلائي
ٿو. ڪو پڙهي ٿو، ڪو پني ٿو، ڪو صلح پسند ته ڪو
جنگجو. هر ڪنهن جي مشغوليءَ جو راز سندس ڪو نه ڪو
اندريون مطلب آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو
پنهنجي ورتل روش بهترين سمجهي ٿو.
هر ڪا گهرج بدني يا بيروني ڪو نه ڪو احساس يا اُڌمو
پيدا ڪري ٿي، جو مغز کي خيال ۾ آڻيو، مطلب کي چٽو
ڪري ٿو ۽ مغز ان کي ويچار ۾ آڻي ڪو نه ڪو طريقو ان
جي حاصلات جو ڪڍيو ڏئي ۽ ماڻهو ان تي اکيون پوريو
هليو ڏئي، جيسين ڪو اٽڪاءُ سندس اکيون کولي ۽ هو
روڪجي ويچاري ته ڇا ٿيو ڇو ٿيو اڳتي ڇا. اها روڪ
ٻين جون ضرورتون ٿيون پيدا ڪن. آخر ٻيا به ته آهن
۽ انهن کي پنهنجا مطلب به آهن. جيڪڏهن ڪو اڙٻنگ
ٻين جي مطلبن کي لتاڙي، پنهنجو مطلب هٿ ڪرڻ
چاهيندو ته ٿيندو جهيڙو. اتي آهي افراديت ۽ سماجيت
جو ٽڪر، ته بابا هوش ڪر،
هتي ٻيا به آهن رڳو تون ڪو نه آهين.
فرد چوي ته سڀ مان کڻان، سماج چوي ته ٻين کي به
کپي . گناهه ۽ ثواب هتي ٿو اڀري.
حيرت نه آهي ته هر ڪو ٻار اڙٻنگ جي حالت ۾ ٿو ڄمي
۽ وڏي هوندي به ساڳيو ائين هلندو هلي،
جنهن کي فقط پنهنجو ئي مطلب مدنظر ٿو رهي ۽ نپائڻ
واريءَ جو مٿي جو سور. وڻيس ته رڙي، مٽي يا سمهي
پوي. رفته رفته مائٽ هن کي سماجي گهرجن سان آشنا
ڪندا ٿا رهن. وري جو سماج سان لهه وچڙ ۾ اچي ته به
مطلب پنهنجو ئي رکندو، هلندو جيسين ٻنهي جي وچ ۾،
ڪو سمجهوتو ٿئي يا نوبت وڃي زور آزمائي تي رسي.
اها زور آزمائي افرادي ٿئي، ڪٽنبي
يا قومي، ۽ تيسين قائم ضرور رهندي، جيسين ماڻهوءَ
۾ ٻين جي ضرورتن ويچارڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ۽ سندس
احساس جذبا ۽ سور پاڻ سان اورڻ سکي. هاڻي حيواني
ڪـُـل جو اڙٻنگ ماڻهو انسانيت جي دائري ۾ ٿو اچي ۽
ان ۾ ئي سندس برتري آهي ۽ اشرف المخلوقيت جو درجو
جتي کيس سچ ته ملائڪ به سجدو ڪن ته جڳائي.
اها اسان جي سهڻي سماج آهي جا اڙٻنگ کي ڍنگ ٿي
سيکاري. عقل هوندي نامعقول الڙ کي دڳ ٿي لائي.
سماج اسان جي کوٽن عملن تي انگشت نمائي ڪري. روڪ
ٽوڪ سان برو ڀلو سمجهائي، اسان جي رهبري ٿي ڪري،
اسان جي هدايت ٿي ڪري، سماج اسان جي صلاحڪار آهي،
رهنما آهي، مداين ميٽڻ واري آهي، اخلاق سيکارڻ
واري آهي ته ٻين سان ڪيئن هلجي. سماجي واٽ،
پيغمبري واٽ آهي. قربان انهيءَ تان جنهن سمجهايو
ته اوهان ۾ شرف وارو اهو آهي جو اخلاق وارو آهي جو
ڪنهن کي ڏکوئي ته نٿو، پر ڏک ۾ هن جي دسترسي ٿو
ڪري، پراوا سور پنهنجا ٿو سمجهي ۽ انهن جو دارون
ٿو بڻجي. پراوا حق غصب نٿو ڪري ۽ يتيمن جي آڌر ٿو
ٿئي.
اخلاق ته سارو ٻين سان هلت چلت ٿو سيکاري. يعني ته
ٻين سان نيڪيءَ جو سلوڪ ۽ اهو ئي آهي ثواب جو ڪم.
جو اسان کي رب جي راهه ٿو ڏيکاري ۽ بهشت ۾ ٿو
پهچائي. ساڳي طرح ٻين سان بد هلت کي بداخلاقي يا
گناهه ٿا چئون، جا شيطاني راهه آهي ۽ دوزخ جا در
ٿي ڏيکاري. اهي اسان جي هڪ ٻئي سان فعل آهن جي
ثواب آهن يا گناهه آهن. الله تعاليٰ جي خلاف وڃڻ
جي ته اسان کي قدرت ئي ڪانهي. هو قانون ڪل آهي، ان
جي قانون کي ڀڃڻ معنيٰ تباهي. اهي ئي ڪم جي قوم کي
برباد ڪن، گناهه ٿا ليکجن ۽ ثواب اهي جي قوم جي
شيرازي کي ثابت ٿا رکن،
ڪوبه ڪم چڱو آهي يا مَٺو، گهڻي قدر هن طرح پرکي
سگهبو ته جي سڀ قوم جا فرد انهيءَ ڪم ڪرڻ کي لڳي
وڃن ته ان جو نتيجو قوم لاءِ سٺو نڪرندو يا خراب.
مثال لاءِ وٺو ڪوڙ ڳالهائڻ، چوري يا ٺڳي ڪرڻ. ڏسجي
ته ائين پيو ته فقط جي اسان مان ڏهين پتي به ڪوڙا،
چور يا ٺڳ هجن ته اسان جو وهنوارئي ڪيئن هلي، جيڪر
جيئڻ ئي جنجل ٿي پويي، پر جي سڀئي ائين ڪرڻ کي
لڳي وڃن ته قوم ته ٺهي، پر گهر به ڪو نه هلي سگهن.
ماڻهو ماڻهو کي کائي مارين. ان ڪري اهڙا فعل گناهه
سمجها ٿا وڃن. وري وٺو سخاوت، نيڪ نيتي ۽ همدردي
کي. جيڪڏهن اهي لياقتون ڪنهن قوم ۾ عام جام ٿي پون
ته پراهين بهشت جي جيڪر گهرج ئي ڪا نه رهي. ته
اهڙا ڪم بهشتي سمجها ٿا وڃن. مطلب ته گناهه ثواب
سماج سان تعلق ٿو رکي، نه الله سان. ان ۾ قومن جي
ڊهڻ يا ٺهڻ جو راز رکيل آهي. الله ته بي نياز
بادشاهه آهي،
ان کي ڪهڙي پرواهه! هو پنهنجي اشرف المخلوق جو سک
ٿو طلبي.
ڪير آهي جو سک جو طلبگار نه آهي؟ ۽ اهڙو به ڪو
مشڪل ملي جنهن ڏک ڏٺو ئي نه هجي. ان جو مطلب ته
اسين سک چاهيون به ٿا، پر سک نه ٿي سگهيو اٿئون.
سبب فقط ٻه ٿي سگهن ٿا. هڪڙو ته سک جي واٽ کان بي
خبر آهيون، ٻيو ته خبر هوندي انهيءَ راهه تي هلون
نٿا. نفسياتي فلسفي کي ته اسان جي سک ڏک گناهه
ثواب ۽ فنا بقا جي واٽ جي ته هاڻي خبر پئي. پر ڪو
به صاحب،
دل تي هٿ رکي وري وري ويچاري فتويٰ ڏئي ته هيٺ
ڏيکاريل راهه ۾ مڪمل سک جي واٽ آهي يا نه، جا اسان
کي صديون اڳي ملي:
"چؤ ته منهنجي نماز منهنجي قرباني، منهنجي زندگي ۽
منهنجو موت، سڀ الله خاطر آهن جو سڀني جهانن جو
پالڻهار آهي."
برعڪس ان جي اسان جي سمجهه موجب ته هتي جي ڪا به
شيءِ جا منهنجي خود غرضيءَ ۾ آهي سا منهنجي آهي ۽
جيڪا مون پنهنجي خودغرضيءَ کان جدا رکي آهي سا
الله خاطر يعني ته ٻين لاءِ آهي. جيڪي نفس کي
کارايان، پياريان ۽ ڍڪايان ٿو، سو منهنجو،
جيڪي ٻين مخلوقن کي ڏيان ٿو، سو الله خاطر. جيڪا
نماز ٿو پڙهان،
سا ٻي دنيا ۾ بهشت ملڻ جي خاطر ۽ ساڳي طرح ڪا
قرباني. اهڙي خيالي صورت ۾ موت ته بنهه هڪ عذاب
پيو ڏيکارجي. هاڻي اهڙي سمجهه هوندي به ملي ته
ڪيئن ملي؟ ارشاد آهي ته تون پاڻ کي وساري ڇڏ ته ڪو
آهين، تون ائين سمجهه ته تنهنجو جيئڻ، مرڻ، کڻڻ،
ڪمائڻ، کائڻ ۽ سمهڻ سڀ الله جي لاءِ،
يعني ٻين جي لاءِ آهن. هاڻي اهڙي ماڻهو کي ڏک ڪٿان
ڏسڻ ۾ ايندو؟ جنهن جو کائڻ ۽ سمهڻ به خودغرضيءَ ۾
نه آهي، ڇو ته رب جي راهه ۾ ڪمائتي ٿيڻ لاءِ کائڻ
۽ سمهڻ به نهايت ضروري آهن. جن کان سواءِ هو بيڪار
ٿي پوندو. حڪم آهي ته بيشڪ کٽ ڪماءِ ، کاءُ، پيءُ
۽ آرام ڪر، پر الله جي لاءِ،
۽ نه پنهنجي لاءِ.
پڇاڙيءَ تائين گهرجائن لاءِ،
قوم لاءِ،
وطن لاءِ لوچيندو رهه. مطلب ته جيسين ڪنهن دائم
قائم
”اعليٰ
مقصد“
کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏبي، تيسين فاني شيون ته ويندي
موڪلائينديون به ڪو نه ۽ ڏک ڇڏينديون وينديون نه
دل جي خوشي. ان ڪري ضروري آهي ته ڪنهن پائدار
شيءِ سان دل لائجي ته ڏک ڇاجو! جي اسين ٻين لاءِ
جيون ته اسان جي خوشي ته اٿلي اٿلي پئي.
انفرادي زندگي ته بلڪل مختصر آهي، پر سماجي زندگي
تيسين هلي هلندي، جيسين سندس فرد بي محابا ٿين ۽
انسانيت کان منهن ڦيري هڪ ٻئي سان بدفضيلت ۽
بداخلاق روش روا رکن. پوءِ اها نيات ٽٽي پوندي ۽
سندس ڀاتي ڇڙوڇڙ ٿي، زماني جي خورد برد جا نوالا
ٿي ختم ٿي ويندا. قوم کي قائم رکڻ لاءِ مساواتي
همدردي ضروري آهي. جيتريقدر قوم زيادهه طاقتور،
اوتريقدر سلامتي گهڻي ۽ خوف گهٽ. وطن لاءِ ته سر
به سٽڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي انفرادي ڪٽنبي،
نياتي، سماجي، قومي خوشي خورمي، بهتري ۽ بقا جو
ضامن آهي. جي ملڪ آهي ته مان به آهيان، مانُ به
آهي، نه ته بيخانه مانَ کي پڇي به ڪير ڪونه.
يهودي، دولت جي ميڙڻ ۾ ايترو ته مست ٿي ويا جو
ڪروڙپتي ته ٿيا پر جان ۽ مال جي قرباني نه ڏيڻ ڪري
ايترو ته ڇڙوڇڙ ٿي ويا جو ساري دنيا ۾ اهڙو ڪو
زمين ٽڪرو ڪو نه رهين، جنهن کي وطن چون. عالمي
لڙاين جي وقت به ڪو به پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نه پيو
ڏئين، جيسين مسلمانن هٿان حڪومت ڇڏائجي وئي ۽ پوءِ
مسلمانن کان هٿ ڪيل فلسطين ۾ آباد ڪيا ويا.
نفسيات جو تعلق انسان جي فعل سان آهي، فعل جو مدار
خيال تي ۽ خيال جذبي سان ٻڌل، هر هڪ مذهب جي
تنبيهه، ماڻهوءَ ۾ نيڪ جذبن اُڀارڻ لاءِ پئي رهي
آهي ته منجهس نيڪ خيال ۽ نيڪ اعمال پيدا ٿين، جن
تي قومي تعمير جو بنياد آهي. اها ذهني ڪيڙ آهي جا
بنيادي ڳالهه آهي جنهن کي ڪلچر ٿو چئجي ۽ ذهني ڪيڙ
مان تمدن ٿو پيدا ٿئي. تمدن مادي آهي جيئن ته شهر
جو نمونو، گهرن جو نمونو، هٽ بازريون، باغ، اسڪول،
اسپتالون، رستا، سواريون، وغيره جنهن کي
”سولزيشن“
ٿو چئجي. تمدن، دولت، علم ۽ تهذيب جو اظهار آهي پر
قومي پختگي يعني قومي قوام، جنهن مان همٿ، دليري،
مشڪل کي منهن ڏيڻ جي طاقت پيدا ٿئي يعني ايمان
”مولا“
فقط الله تي ڀروسي رکڻ مان حاصل ٿو
ٿئي.
”عز
من تشاء وتذل من تشاء“
مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته لڙائي جو
سامان به هجي. خوب هجي، پر جي ايمان ضعيف آهي ته
سامان هوندي به پير ڪين کپندا، جيسين ياد اچي ته
”تنهنجو
جيئڻ مرڻ الله جي خاطر آهي.“
ڪا به قوم تڏهن بڻبي جڏهن پهرين ته ڪو صحيح اصول
هجي،
جنهن سان فرد ٻڌجن پوءِ کپن چست پوئلڳ جي انهيءَ
اصول جو وقار برقرار رکن. قوم جي ترقيءَ لاءِ صحيح
تعليم، تهذيب ۽ اخلاق ضروري آهن. پاڙي وارين قومن
سان سچائي ۽ نيڪ نيتي پنهنجي ملڪ سان دلچسپي ۽
اڻٿڪ لاڳيتي ڪوشش ان کي ڪارائتي ڪرڻ جي. ملڪ ته
مانُ، نه ته ڪونهي ڪو جهان. وري شل نه ڄمن پر جي
پيدا ٿيا بي خيال عيشي شيطان ته پوءِ رب امان ڏئي.
بي حيا غاصبن غدارن جي موجودگيءَ ۾ ڪو به ملڪ سائو
ڪو نه ٿيندو. خود غرضي گـِـهڙي ته ملڪ ويران ٿيو،
قومي تباهي آئي.
قرآني تعليم ته سموري اخلاق ۽ اخلاص تي ٻڌل آهي،
جي مجموعي خصلتون آهن جن جو مقصد آهي قومي پائداري
۽ تعمير. الله اخلاق سان محسوس ڪبو ۽ بداخلاقيءَ
سان شيطان، پر
”فلاطينو
(Plotinus)
رومي فلاسفر (203-270ع) جو خيال هو ته خوشي يعني
خدا جي حاصلات فقط ڳجهيءَ طرح سان، انفرادي حالت ۾
ئي ٿي سگهندي ۽ اهو آهي روح جو خدا سان تعلق (نه
خلق الله سان) هن فلسفيءَ نيڪ
۽
بد انسان جو اخلاق ۽ سماجي ضرورتون، بلڪ عدل انصاف
يا هن جهان ۾ ٻي ڪنهن به خوشنوديءَ جي ڪا به ضرورت
ڪانه سمجهي. سندس خيال هو ته
”زمين
جي ظاهري خوشين کان منهن موڙجي ۽ عرش جي باطني
اسرارن سان تعلق جوڙجي. جن جو حظ فقط تصوري
گهرائيءَ ۾ وجد يعني هڪ جوشيلي جولاني مسرت جي
حالت پيدا ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهندو“.
اڪيلو ويهي جولان ته کائي پر ٽڪر کارائڻ وارو به
ته ڪو هجيس نه! دشمن کان ڪيئن بچي؟ هو ته جهلي
چوندس، پهرين ته بوٽ پالش ڪر پوءِ ڏٺو ويندو.
ارسطاطاليس انساني مسرت جي انتهائي لذت ان ۾ محسوس
ڪئي، ته قدرت ڪامله جي تخليقي راز کي هٿ ڪجي. ۽
انهيءَ راز کي ڳولڻ ڦولهڻ ۽ کولڻ لاءِ ضروري هو،
ته هر هڪ قدرتي شيءِ کي جنس به جنس ترتيبوار
پوريءَ طرح جاچجي، ۽ سندس لڳ لاڳاپا ذهن نشين ڪري،
عقل ۾ آڻي سندس پيدائشي سبب هٿ ڪجن ته انهيءَ ئي
ڏاڪي تان ڪو مسبب الاسباب جو پرو پيو ته پتو پئجي
ويندو. هن جي جستجو جا ذريعا هئا ظاهري شيون، حواس
۽ سمجهه يعني سائنس، پر فلاطينو بنهه برعڪس هو ته
ظاهري طرح عقل هلائي هن اسرار جو راز ڪڏهن به هٿ
ڪري ڪين
سگهبو.
هي ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي فقط تصوري سطح تي، خيالي
ذوق ۽ شوق جي نگاهن سان موج ۽ مستيءَ ۾ مجذوبي
ڪيفيت پيدا ڪرڻ سان ئي باطنيءَ طرح محسوس ڪري
سگهبي، ۽ هر هڪ ڌار ڌار يعني ته نيات، سماج، قوم
سڀ غير ضروري.
حقيقت ڪيئن به هجي، هـِـن پاسي، هـُـن پاسي يا
ڪجهه هيڏنهن ڪجهه هوڏنهن
يا ڪو ٽيون پهلو به هجيس. پر ڏسجي ائين پيو ته
ماڻهوءَ جو ايمان جي ڪنهن هنڌ ٻڌو ته ٻڌو، پوءِ
اهو خيال مٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳيس، ڀل ته ڪيڏو به
ڪو عالم هجي ۽ سندس مقرر خيال ڪيترو به ضعيف. حضرت
موسيٰ عليه
السلام جي قوم ۾ جڏهن حضرت عيسيٰ عليه
السلام پنهنجو پيغام پڌرو ڪيو ته ڪنهن کنگهيو به
ڪو نه. وري جو مير محمد صلي الله عليه
وسلم مدنيءَ جو وارو آيو ته پنهنجا چاچا به پِڙُ
ڪڍي بيٺا. هيءَ ماجرا نه رڳو اعتقادي دنيا ۾ ڏسبي،
پر رواجي مسئلن ۾ به. ڇا لڳي فرئنسز بيڪن جهڙو
مفڪر ۽ مدبر جو علم جي درياء کي ڪوزي ۾ ٻڌي رکندو
هو ۽ ڇا لڳي وليم هاروي جي رت جي دؤري بنسبت
انڪشاف سان سندس مخالفت، جنهن جانور ذات جي جياپي
جو راز کولي رکيو هو. هاروي جو خود بيڪن جو ڊاڪٽر
هو ۽ بيڪن جيمس پهرئين جو لارڊ چانسيلر. بيڪن جي
روش تي ڏاڍو پريشان ٿيو، پر پنهنجي خار ڪڍي
ڇڏيائين، چي، اها مفڪري ته لارڊ چانسيلر جي ٿي لڳي
۽ سندس سائنسداني نسورو مڪر.
حيرت اڃا به اڳڀري آهي جو هيل تائين اهوخيال موجود
هو ته زمين کتل هئي ۽ سج، چنڊ، تارا مٿس لٿا اڀريا
ٿي. اهو رايو نه رڳو عام جي مشاهدي تي بيٺل هو، پر
مذهب جي راءِ به ساڳي هئي، جنهن سان ارسطاطاليس ۽
هڪ ٽاليمي تارن جي علم جو ماهر به متفق هئا. جڏهن
1492ع ۾ دريا دل ڪولمبس دليريءَ سان مهاساگر پار
ڪري وڃي نئين دنيا لڌي، تڏهن يورپ جي اک کلي ته
مار! هي جو اسين سمجهي ويٺا هئاسين ته يورپ جي
اولهه وارو پاڻي ڌرتيءَ جي حد هئي سو ته صحيح ڪو
نه نڪتو. پوءِ ته گهڙي پيا اجهاڳ ۾ ۽ دنيا جو افق
تصور ۾ گهڻو وڌي ويو ۽ هر هڪ قدم اڳتي حوصلو
وڌائيندو رهين.
1543ع ۾ پولنڊ جي علم هيئت
جي ماهر ڪوپرنيڪس ظاهر ڪيو ته زمين کتل نه آهي، پر
سج جي چؤڦير خلا ۾ آزاد ڦرندي ٿي وتي. ان جي
تائيد اٽليءَ جي گئليلو ڪئي،
جنهن ٽيليسڪوپ سان پوري تحقيقات ڪئي هئي ۽ بيڪن جو
همعصر هو پر بيڪن مڇ ئي نه ڇنڊيس، حالانڪ موجوده
راءِ موجب کانئس اڳڀرو هو. بيڪن ڪوپرنيڪس جي نظريي
کي ٿڏيو ته سندس هڪ ٻئي همعصر برونو اکين تي رکيس.
ڇاڪاڻ جو هاڻي ڌرتي ڌڪاڻيل ۽ عرش کان هيٺ ڪيريل
ڪانه هئي پر آزاد ۽ عرش واسي هئي ۽ سندس رهواسي
ڪنهن به مخلوق کان گهٽ نه هئا پر زور ته هميشه پاڻ
کي سچو سمجهي ڪري گذرندو آهي، جيسين سچ زور پڪڙي،
کيس ڏوهاري ٺهرائي. سو ويچارو برونو به ڪفر جي
فتويٰ هيٺ مذهبي بانيڪارن روم ۾ جيئري جلائي ڇڏيو
(1600). 1633ع ۾ گئليلو به ساڳي عدالت جي گرفت ۾
ڪافر ثابت ٿيو. پر توبهه تائب ٿي جان بچايائين.
چون ٿا ته توبهه ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گوڏا زمين تان
کنيائين ٿي ته وري به دل ۾ آيس ته ڌرتي ته اها ئي
پئي ڦري.
اڄ ته ڪو اڻ پڙهيل به ائين ڪو نه چوندو ته زمين
کتل آهي، جو ڪيترا ته سندس چؤڦير چڪر به ڦري آيا
آهن. پر هاءِ ڙي اسان جي عيد اڃا به يڪجهتي ڪانهي!
ڏسجي ائين پيو ته شل نه ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي
پريشان ڪرڻ جو وجهه ملي. پوءِ ڏسوس ته ڪيئن نه ٿو
جهل جي ديوار تي سٽي ڇيڇاڙيس. واقعي ماڻهوءَ جو
دشمن ماڻهو ئي آهي. رب العالمين ته هميشه ٻاجهارو
۽ رحم ڪرم ڏانهن مائل، ضد ۽ هوڏکان پاڪ. اهو ٽرڙو
ڪروڌي ماڻهو ئي آهي جو پنهنجي زور ڏيکارڻ ۽ جهل کي
چمڪائي ڪثرت راءِ سان پنهنجي مڃائڻ لاءِ پاڻ جهڙا،
ڪنهن نه ڪنهن نموني آڙ ۾ اٽڪايو چيچلايو ڇڏي. اها
آهي انسان جي جگرسوز سماج.
”ٽڪو
ڏئي به پرائو پٽ کارجي“
جهڙا اڦٽ مار پهاڪا الائي ڪڏهن نڪرندا.
وري جو دنيا سازيءَ جي بازيءَ ۾ ڪو ڪٿي هارائي ته
لڳي ماديات سان چڪري، پوءِ ته روحانيات جي صاحبن
کي خبر به ڪانه رهي ته چون ڇا ٿا ۽ ڪن ڇا ٿا. کين
حق ڪهڙو جو رب جي خلقيل زمين ۽ سندس اسباب کي
ڌڪارين! بک ۾ ڇتا ٿي مادي شين کي ڇو ٿا رڙڪين. ڇو
ٿا پوشاڪون پهرين ۽ ٻار ڄڻين، بازي کيڏڻ کين ڪين
آئي، ڏوهه دنيا جو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته جنهن زمين
ڪيترا سال بار کنيو، طرحين طرحين شين سان اسان کي
کارايو، پياريو، نپايو، وندرايو، وڏو ڪيو، ورسايو،
ويجهايو، ان سان ايڏي اڻبڻت ڇو! يقيناً اسان جي
سمجهه انهيءَ منزل تي پهتل نٿي ڏسجي، جتي خالق جا
ڪارناما ۽ ڪمال ڏسي خوشنودي حاصل ڪريون ۽ قدرت جي
راز سان هم آواز ٿي رقص ۾ ا چي لؤن لؤن مان سندس
لات جا سر آلاپيون. حالانڪ اسان کي پنهنجي رهبر
متوجهه به ڪيو ته:
تتفکروا في خلق الله ولا تتفکروا في الله
(ويچاريو الله جي خلقت کي ۽ الله بابت فڪر نه
ڪريو)
پر اسان به ڏٺو ته سندس اٿاهه خلقت تي فڪر ڪرڻ
لاءِ جو صديون ويٺا ڪشالا ڪريون، سو ڇو نه آسانيءَ
سان سندس فڪر ۾ ويٺي ويٺي تڙئي کڙئي مست ٿي
ڏيکاريون. حضرت جي حڪم جي بنهه ابتڙ، ۽ حاصل ڇا؟
پوءِ ڇو نه اهي کٽن جن صديون صبر سان خلقت تي فڪر
ڪري بربحر ڀيٽي، واهڻ ولوڙي دنيا ۾ برتري حاصل ڪئي
۽ اسان اهيئي بي هنر ۽ بي خبر ۽ محتاج. الله به
انهن کي ٿو نوازي جيڪي سندس زمين کي سنوارين ۽
سينگارين ٿا ۽ نه انهن کي جيڪي ان کان منهن موڙي
بي رخيءَ جي واٽ ٿا وٺن. رب شال اسان کي به مَتِ
ڏئي جو صحيح تعليم پرائي دنيا سان به راسپاس ٿيون
۽ خالق جا ٿورا مڃندي ۽ سندس ڳڻ ڳائيندي چوندا
وڃون:
”سير
کي خوب پهري پهول چني شاد رهي
باغبان جاتي هين گلشن تيرا آباد رهي“
اسان به هن شائسته ۽ شانائتي شڪر گذاريءَ ۾ شامل
ٿيندي انهن بيمثل ۽ باڪمال بستانين، مشرقين ۽ گهڻي
قدر مغربين جي تهدل سان شڪر گذار ٿا ٿيون جن جي
سدابهار ۽ رنگين ذهني گلدستن جي سونهن ۽ سرهاڻ سان
وقت بوقت موثر ۽ معطر ٿيندي، هن ناچيز جدوجهد ۽
جستجو جو جنون جاڳيو، انهي ئي آسري تي ته جي خوش
نصيباً اسان جي شريف النفس فياض بلند حوصله بزرگ
عالمن جي هٿن تائين پهچڻ جو موقعو مليس ته سندس
اڪيچار خاميون اکلنديون ئي ڪين ۽ ڇو نه؟ نيڪن کان
نيڪيءَ جي اميد ئي رهي ٿي.
خيرانديش
علي احمد
|