8
ڇنڇر جو ڏينهن سيٽان لاءِ خوبصورت ڏينهن هو. ڪاماڪورا جي جابلو
شهر مان هڪ ايئرڪنڊيشن ٽوئرسٽ بس مسافرن کي کڻي
لنگهي رهي هئي. ويٺل مسافر درين مان شهر جو
خوبصورت نظارو ڪري رهيا هئا. بس ڊرائيور هٿ ۾
مائيڪرو فون کڻي، شهر جي خاص خاص جاين وٽان لنگهڻ
وقت انهن بابت ٻڌائي رهيو هو.
سيٽان سيٽ تي ٽيڪ ڏيئي ٿوري دير لاءِ اکيون پوري وري پٽيون ۽ پڪ
ڪئي ته اها هڪ حقيقت آهي يا خواب. جمعي جي ڏينهن
تائين جپاني انجنيئر فيوجي هارا سان گڏ سيٽان ڪم ۾
سخت رڌل هو. منجهند ڌاري فيوجي هارا ڊيزائين مان
مطمئن ٿي سيٽان کي چيو هوته کيس ڇڏيو وڃي ته موڪل
جا ٻه ڏينهن ان ڊيزائين کي گهر ۾ کڻي وڃي آخري
دفعو آرام سان ٽيسٽ ڪري ۽ پاڻ به اهي ٻه ڏينهن
فرحت ڪري.
واندڪائيءَ جو سوچي سيٽان هڪدم مس سدا بهار چنبيليءَ کي فون ڪيو
هو. ايتري ۾ ريڪو به اچي ڀر ۾ بيٺي ۽ ڪم ڪار جو
پڇڻ لڳي هئي. سيٽان ريڪو جي مدد سان هن سان
ڳالهايو ۽ ڇنڇر آچر موڪل جا ڏينهن ڪٿي گڏ گذارڻ
لاءِ چيو هو.
جواب ۾ هن پڇيو ته هن کي ڪٿي ويندي خوشي ٿيندي. ريڪو سامونڊي
ڪناري واري هنڌ 'اُتامي' ڏي وڃڻ لاءِ کين صلاح ڏني
جيڪا هن جهٽ پٽ قبول ڪئي.
پوءِ ريڪو سندن لنچ لاءِ بندوبست خوبصورت هوٽل هاڪونيءَ ۾ ۽ رات
جي ماني ۽ ٽڪڻ جو بندوبست اونويا مسافرخاني ۾
ڪرايو.
بس جبلن جي وچ ۾ هلي رهي هئي جتي هوا ايڏي ته صاف ۽ تازي هئي جو
ڄڻ ته هر ڪنهن شيءِ دنيا ۾ هاڻ جنم ورتو هجي. ڪوبه
دونهون، ڌوڙ ۽ غلاظت جهڙي شيءِ ته منجهس بلڪل
موجود نه هئي. ڀر ۾ ويٺل گيشا- ماسايو جو پاسيرو
پوز سيٽان غور سان ڏٺو. سندس نڪ نه گهڻو اندر پيٺل
هو ۽ نه وري گهڻو اُڀ هو. نرڙ کليل ۽ ڪشادو جنهن
تي سندس وارن جو نمونو وڻيو پئي. بس اکين ۾ جي
ٿورو فرق نه هجي ها ته هوءَ هڪ حسين يورپين عورت
سمجهي وڃي ها.
ٽوئر جي انچارج مائڪرو فون تي اعلان ڪيو ته اسين فيوجي - هاڪوئي
- ايزو نالي هڪ قومي پارڪ ۾ گهڙي رهيا آهيون.
گهمندڙن جي هن پارٽيءَ کي ٻيڙي ذريعي هيءَ ڍنڍ پار
ڪرائبي. ان بعد ڪيبل ڪار ذريعي ٻرندڙ جبلن جو
نظارو ڪرايو ويندو. ڀر ۾ جيڪا هوٽل آهي اتي لنچ
کارائي ويندي.
ٻيڙيءَ جو سفر ڏاڍو مزيدار رهيو، باقي ڪيبل ڪار جو سفر - هڪ جبل
جي چوٽيءَ کان ٻي جبل جي چوٽيءَ تائين - رت
سڪائيندڙ هو. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ هڪ ڪار
انتظار ۾ بيٺي هئي جيڪا هنن ٻنهي کي اُتامي شهر ۾
وٺي آئي. اڌ رستي تي کين فيوجي ياما (جبل) نظر
آيو- جنهن کي ڏسي سيٽان ٿڌو ساهه کنيو. لازمي طور
ڊرائيور ڪار بيهاري جيئن هي چڱيءَ طرح هن پربت کي
ڏسي سگهن.
”فيوجي - سانُ (فيوجي سائين) جپان لاءِ فخر آهي.“ ماسايو چيو،
”منهنجو گيشا وارو نالو به ان جي پويان رکيل آهي.
وَڪارِي ماسڪا (سمجهين ٿو؟)“
سيٽان ماسايو جو هٿ جهلي چيو: ”تون واقعي ان جي لائق آهين.“
ڪيترن منٽن تائين هو جبل جي سونهن ۽ سحر جو جائزو وٺندا رهيا.
پوءِ ڪار اُتامي ڏي رواني ٿي. سندن رهائش لاءِ اتي
سمنڊ جي ڪناري تي اونويا نالي مسافرخانو هو جنهن
جي رجسٽر تي هنن پنهنجا نالا اچي لکيا. ڪلارڪ کين
ٻڌايو، ”توهان جي آرام ڪرڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ اسان
وڏي ۾ وڏو ڪمرو رکيو آهي جتي ويهي توهان سامهون
سمنڊ جو نظارو ڪري سگهو ٿا. ڀرسان سمهڻ جو ڪمرو
آهي جيڪو البته ٿورو ننڍو آهي.“
ڪمرو واقعي واهه جو هو. سامهون حد نگاهه تائين سمنڊ جو نظارو ٿي
سگهيو ٿي، پاسي کان سرسبز ٽڪريون ۽ باغيچا هئا.
ڪمري جو فرش سنهي پيس جي تؤنئريءَ سان ڍڪيل هو،
ڪنڊ ۾ رکيل ريفريجريٽر - فقط هلڪي ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو
هو. دريءَ اڳيان روايتي ڪرسيون ۽ ٽيبل رکيل هئا.
هو اڪيلا ٿيا ته سيٽان ماسايو جو جائزو ورتو. هن
کيس پيئندو ڏسي سندس سونهن ۽ پنهنجي زندگيءَ تي
غور ڪيو- جنهن ۾ عجيب تبديلي اچي چڪي هئي. هن دل
ئي دل ۾ ڌڻيءَ جا ٿورا مڃيا.
ماسايو ٽيبل تي رکيل ٻه يوڪاتا کڻي هڪ سيٽان کي پائڻ لاءِ ڏنو.
”اچي سائين، هي پايو. دوزو!“ هن چيو ۽ ٻيو کڻي باٿ
روم ۾ هلي ويئي. هن کي خوش ڪرڻ لاءِ سيٽان يوڪاتا
پاتو ۽ ان ۾ لڙڪيل اڳٺ چيلهه جي چوڌاري چڱيءَ طرح
ٻڌو. هوءَ پڻ اهو سنهو چوغي جهڙو يوڪاتا پائي ٻاهر
نڪتي ۽ پنهنجن وارن کي کولي اچي هن جي ڀرسان بيٺي
۽ هن اڳٺ کي مختلف نموني سان ٻڌو. ”سائين، ان تي
جوراب نه پائبا آهن.“ هن چيو ۽ جهڪي سيٽان جا
جوراب لاهڻ لڳي. سيٽان کي ان وقت شديد خواهش ٿي
رهي هئي ته هن کي کڻي چمي ڏئي، پر هن ان عمل کي
فقط لفظي ويس پهرايو: ”تون ايڏي ته سهڻي آهين جو
مون کي ته يقين ئي نٿو اچي.“
”تون منهنجو 'يو ئي - تومو داچي' (تمام سٺو دوست) آهين.“ هن
نرميءَ سان چيو. ”هلو ته ٻاهر چڪر تي هلون.“
”هنن ڪپڙن ۾-؟“ سيٽان پڇيو.
جواب ۾ هوءَ کلڻ لڳي: ”تون جپان ۾ آهين، ۽ جپان جا اهي ئي ڪپڙا
آهن.“ خوشيءَ وچان هوءَ سيٽان جو هٿ جهلي کيس در
کان ٻاهر ڇڪي آئي.
لابيءَ ۾ ويٺل ڪنهن به ماڻهوءَ سندس يوڪاتا ڏي ڌيان نه ڌريو،
مسافرخاني جي ٻاهرين در وٽ خدمتگار ڇوڪري ڪاٺ جون
چاکڙيون (گيٽا) سندن پيرن ۾ وڌا. ڪاٺ جون چاکڙيون
جن جي ترن ۾ ٻه ٻه پٽيون لڳل هيون تن سان سيٽان کي
پهرين ته هلڻ جو ڏانءُ نه آيو. هلڻ وقت هر هر
اڳيان جهڪي ٿي ويو. پر پوءِ ٺهي ويو ۽ چاکڙين جو
آواز پڻ وڻڻ لڳس. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو به
ڪنهن طرح جپاني لڳي رهيو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ۾ کڻي نه
پر ڪپڙن ۾ ته ساڻس گڏ هلندڙ ڇوڪريءَ- مس سدا بهار
چنبيليءَ- سان مئچ ڪري رهيو هو. بهرحال ڪجهه دير
چڪر ڏئي واپس هوٽل ڏي ورڻ لڳا. هو هڪ اهڙو مرد لڳي
رهيو هو جنهن ڄڻ هڪ خوبصورت عورت جو پيار کٽي ورتو
هجي. ڀلا زندگيءَ ۾ ٻيو هن کي کتو به ڇا ٿي.
هوٽل جي لابيءَ ۾ پهچي گيشا- ماسايو فرنٽ ڊيسڪ (استقباليه) جي
ڪلارڪ کان ڪجهه پڇيو جنهن ساڄي پاسي ڏي اشارو ڪيو.
هوءَ سيٽان کي اوڏانهن وٺي هلڻ لڳي. ”ڊِڪِ هن
مسافرخاني ۾ وهنجڻ لاءِ زبردست حوض آهي. توکي ضرور
پسند ايندو.” زمان مستقبل جو جملو ٺاهيندي هوءَ
هٻڪڻ لڳي.
ٻئي ڄڻا ڪجهه وکون اڳيان هلي پوءِ هيٺ لٿا ۽ دروازو کوليو. در
جي اندرئين پاسي هڪ پوڙهو انچارج ويٺو هو جنهن کين
ٻه ٽوال ڏنا ۽ پاسي کان رکيل تارن جي ٽوڪرين ڏي
اشارو ڪيو. سامهون واري در کان هڪ جپاني بلڪل
اُگهاڙو وهنجي سهنجي پئي آيو. گيشا هن ڏي ڪوبه
ڌيان نه ڌريو ۽ نه وري هن ئي هن عورت ڏي توجهه
ڏنو. هن تارن واري ٽوڪريءَ مان يوڪاتا ڪڍي پاتو.
پوءِ سيٽان کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي.
”ماسايو سانَ هي ڪميونٽي- باٿ (عوامي تالاب) ته نه آهي؟“
”ها. ۽ هتي جي سٺن حوضن مان هڪ آهي. هن حوض کان ئي هي مسافرخانو
مشهور آهي. اچ مون سان گڏ اچ.” هن سيٽان کي ٽوڪري
ڏني، ”دوزو.“ (اچي وٺ). سيٽان چيو، “ماسايو، آئون
ڪڏهن به ائين اُگهاڙو ٿي نه وهنتو آهيان ۽ نه ئي
ڪنهن ڇوڪريءَ جي اوگهڙ ڏٺي اٿم.“
هن ٿورو مرڪندي ۽ چرچي مان جهڪي چيس:
”ته پوءِ اها عزت افزائي مون کي ئي نصيب ٿيندي.“
هن ٻي ٽوڪري پاڻ ڏي ڇڪي ۽ جڏهن هن ڏٺو ته هوءَ پنهنجي يوڪاتا
(چوغي) جو اڳٺ کولي رهي آهي ته کيس به پڪ ٿي ويئي
ته هاڻ بچڻ جي ڪابه واهه ناهي. لاچار پٺڀرو ٿي
پهرين جاکڙيون، پوءِ ڪڇو ۽ پوءِ يوڪاتا لاهي
ٽوڪريءَ ۾ وڌائين.
”ٽوال ياد ڪري کڻجان”.“ ماسايو چيس.
ڀلارو ٽوال- جڏهن بدن تي ڪجهه به نه هجي ته ٽوال واقعي وڏي
ڳالهه ٿيو پوي. جيڪڏهن هو ان کي ٻانهن تي رکي کڻي
هلي ته به...
هو ٽوال کڻڻ لاءِ مڙيو ته سامهون ماسايو نظر آيس، سندس پٺ هن ڏي
هئي، ۽ پنهنجن ڪپڙن جي ٽوڪري تختي تي رکي رهي هئي.
سيٽان ڏٺو ته هوءَ بلڪل الف اُگهاڙي هئي پر ڏاڍي
سڪون سان بيٺي هئي- ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه هجي. سيٽان
پنهنجي ٽوڪري هن جي ٽوڪريءَ جي ڀر ۾ رکي.
ماسايو ڏاڍي آرام سان پنهنجو ٽوال کنيو ۽ اندرين دروازي ڏي هلڻ
لڳي. سيٽان وڌي دروازو کوليو ۽ پوءِ وڏي خبرداريءَ
سان هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
اندر هڪ گول وڏو حوض هو جيڪو ڪنهن زماني ۾ اٽليءَ جي شهر روم ۾
هوندو. منجهس پاڻي هڪ پاسي کان ڦوهاري وانگر ٿي
هيٺ وچ تي ڪريو. ٻاهر سخت سيءَ هوندي به هتي اندر
گرمائش هئي. ڪيترائي اُگهاڙا ماڻهو- مرد، عورتون ۽
ٻار حوض ۾ وهنجي رهيا هئا يا حوض جي ٻاهران، ان جي
چوڌاري آند تي ليٽي آرام ڪري رهيا هئا. ائين ٿي
لڳو ڄڻ پراڻي زماني جي وحشي ماڻهن جي عياشيءَ جي
محلات هجي.
گيشا ماسايو هن کي هڪڙي پاسي اچي بيهاريو جتي ڪيترائي گرم ۽ ٿڌي
پاڻيءَ جا نل هئا. انهن جي ڀرسان صابڻ دانيون،
اسٽول ۽ پلاسٽڪ جون بارديون رکيون هيون. مس سدا
بهار چنبيليءَ گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي نلن کي هڪ
جيترو کولي ٻه بارديون ڀريون. پوءِ سيٽان ڏي منهن
ڪري بيٺي. سيٽان کي پهريون دفعو هن جي سڄي اوگهڙ
جو جهٽڪو اکين ذريعي محسوس ٿيو.
”پهرين پاڻ کي، هن پاڻيءَ سان صاف ڪرڻو پوندو.“ هن سيٽان کي
سمجهايو ۽ پوءِ ائين مرڪڻ لڳي ڄڻ چئي رهي هجيس ته
هي سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ تو لاءِ نئين ڳالهه آهي - پر
آهستي آهستي سکي ويندين.
هن پاڻيءَ جي هڪ باردي سندس حوالي ڪئي. ”دوزو“ (اچي وٺ) هن چيو.
پوءِ هوءَ اسٽول تي ٿي ويٺي. هن پنهنجن وارن جون
چڳون جهلي مٿي جي مٿان وچ تي رکيون ۽ ٿورو اڳيان
جهڪي. چئيوان ٻار وانگر سيٽان هن جي مٿان پاڻي
نائيو. موٽ ۾ هن مرڪي مهرباني چئي، ۽ صابڻ کڻي پاڻ
کي هڻڻ لڳي. سيٽان باردين کي پاڻيءَ سان وري ڀري
هاڻ پنهنجي مٿان نائڻ لڳو. پوءِ ڀت ڏي منهن ڪري
صابڻ هڻڻ لڳو. صابڻ هڻي هن پاڻيءَ لاءِ جهڙو پٺيان
نهاريو ته هوءِ پاڻيءَ جي باردي ڀري بيٺي هئي.
سيٽان کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ هو اٿندي اٿندي
ويهي رهيو. گوڏا ڇاتيءَ ۾ ۽ هٿ ٽنگن جي چوڌاري
ويڙهي ائين ٿي ويٺو ڄڻ بند ٿيل جئڪ نائيف (ڪئنچي،
ڪٽر، اوپنر ۽ ڇريءَ وارو چاقو) هجي.، هن مٿانس
باردي اونڌي ڪئي ۽ گرم پاڻيءَ جي لار پٺيءَ تي لڳل
صابڻ کي صاف ڪندي وئي. پوءِ ٻي باردي ڇاتي تي
وڌي. جيئن ئي سيٽان اکيون صاف ڪري مٿي نهاريوته
هوءَ خالي باردي ۽ جادوءَ ڀريل نگاهن سان هن ڏي
ڏسي مرڪي رهي هئي. سندس جسم جيتوڻيڪ صابڻ جي گجيءَ
سان ڍڪيل هو ته به سهڻو لڳي رهيو هو. بدن جا ونگ ۽
ور وڪڙ لڀائيندڙ هئس. چيلهه پوري پني ۽ ڇاتيون
ڀريل. سيٽان ڊگهو ساهه کڻي پنهنجو پاڻ کي هوش ۾
رکيو. پئرس وارن سونهن جي مقابلي ۾ وينس کي سونو
صوف انعام ۾ ان ڪري ڏنو جو هيءَ مس سدا بهار
چنبيلي نه اتي موجود هئي ۽ نه مقابلي ۾ حصو ورتو
هئائين. نه ته صحيح معنيٰ ۾ سونهن جي ديويءَ هيءَ
آهي.
هوءَ هيٺ ٿي ويٺي ۽ سيٽان ڏي مٿي نهاريائين. ”پاڻي وجهندئو؟“ هن
پڇيو. سيٽان ٽي بارديون هڪ ٻئي پويان ڀري هن مٿان
نائيون ۽ صابڻ جي سڄي گجي پاڻيءَ سان گڏ هلي ويئي.
هاڻ سندس جسم جي لسي ۽ کير جهڙي اڇي چمڙي چمڪڻ
لڳي. پوءِ هوءَ اُٿي بيٺي- عاج جي هڪ مڪمل مورتيءَ
جيان، سيٽان کي هٿ کان جهلي حوض ڏي وڌڻ لڳي، جتي
ٻيا به هئا.
”واٽر وارم“ (پاڻي ڪوسو اٿئي.) هن سيٽان کي چتاءُ ڏيندي ٻڌايو.
”پاڻ کي آهستي آهستي ٿي حوض ۾ گهڙڻ کپي.“
اهو چتاءُ ضروري هو جو حوض جو پاڻي واقعي گرم هو ۽ نه سهڻ کان
ٿورو ڪو گهٽ. پاڻ کي جهلڻ لاءِ پسي کان لوهي پائيپ
هئا. سيٽان جيسين پاڻ کي سنڀالي تيسين انهن کي
جهلي بيٺو. حوض جي چوڌاري ٻين ماڻهن جا مٿا ۽ ڪلها
نظر اچي رهيا هئا. ٿوري دير کان پوءِ سامهون در
کليو ته هن ڀيري هڪ سڄو ڪٽنب- ماءُ پيءُ ۽ مختلف
ڄمارن جا پنج ٻار گهڙيا- سڀئي الف اُگهاڙا هئا، پر
ڪنهن کي به پنهنجي اوگهڙ جو ذرو به احساس نه هو.
ٽي ننڍا ٻار ته پاسي کان ٺهيل هڪ ننڍي حوض ۾ هليا
ويا جتي ٻارن جا رانديڪا به پيا هئا. باقي جوان پٽ
۽ ڌيءَ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ نل تان وهنجي
سهنجي وچ واري وڏي حوض ۾ اچي گهڙيا جتي سيٽان وارا
به هئا.
”توکي ڪميونٽي باٿ (عوامي تلاءُ) وڻي ٿو؟“
”تمام گهڻو وڻي ٿو،“ سيٽان وراڻيو، ”پر ايتري گرم پاڻيءَ ۾ ته
ڄڻ بيهوش ٿو ٿجي.“
هن حوض جي ڪپر وٽ وڃي ٽوال کنيو ۽ ٿڌي پاڻيءَ مان ٻوڙي سيٽان جي
منهن کي اگهيو. ان بعد ٻئي ٻاهر نڪري آيا. نلن وٽ
وڃي ٿڌي پاڻيءَ جون ٻه ٽي بارديون مٿان هاري
پنهنجي بدن کي اگهي ٻاهر نڪتا ۽ ٽوڪريءَ مان ڪپڙا
کڻي پاتا.
”هاڻ گهر هلجي.“ ماسايو صلاح ڏني.
هوءَ واپسيءَ جو رستو وٺي پنهنجي وڏي ڪمري ۾ آيا. ماسايو دريءَ
وٽ ويهي پنهنجن وارن کي برش سان لسو ڪيو. سيٽان
ريفريجريٽر کولي ڏٺو:
”ماسايو، هن ۾ ته بيئر، ڪوڪ ۽ ٻيا شربت به پيا آهن. تون ڇا پيئڻ
پسند ڪندينءَ؟“
”ڪوڪا ڪورا“ (ڪوا ڪولا) هن جواب ڏنو.
سيٽان ڪوڪا ڪولا کولي هن کي ڏني ۽ بيئر پاڻ لاءِ کولي اچي ويٺو.
مس سدا بهار چنبيليءَ وارن کي برش ڏيندي دريءَ مان
سامهون ڏٺو: ”بيوٽيفل جپان“ هن چيو.
سيٽان پنهنجن هٿن سان هن جو منهن آهستي آهستي مٿي ڪري هن جي
اکين ۾ نهاريو: بيوٽيفل جپان“ هن ورجايو.
هوءَ رڙهي اڃا به سندس ڀر ۾ ٿي ويٺي ۽ هن پنهنجا ڪلها هن جي جسم
سان گسايا.
سيٽان جي دل ٿڙڻ لڳي پر سڄي زندگي احتياط سان هلڻ واري عادت هن
وقت به آڏو اچي ويس ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي
ورتائين. اڃا هن سان واقفيت ٿئي ڪي ٻه هفتا به مس
ٿيا آهن- هن سوچيو ۽ آهستي آهستي ڪري هٿ ڍرا ڪري
ڇڏيائين ۽ رڙهي پري ڪرسيءَ تي اڪيلو وڃي ويٺو.
جيئن ئي هن بيئر پيئڻ شروع ڪيو ته در تي ڪنهن آهستي کڙڪو ڪيو.
ماسايو بنا چرڻ پرڻ جي جپانيءَ ۾ جواب ڏنو ۽ موٽ ۾
ڪمونو ۾ هڪ ڇوڪري اندر گهڙي، جهڪي ۽ مانيءَ جي
لاءِ ننڍي ٽيبل ٺاهڻ لڳي. پوءِ گاديلا ٺاهي ٻاهر
هلي ويئي. ٿوري دير بعد مانيءَ جا ٻه خومچا کڻي
آئي ۽ ٽيبل تي سجائي رکيائين ۽ پوءِ ٻاهر هلي
ويئي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن مسافرخاني جي ماني به واهه جي هئي. ماني
کائڻ بعد ماسايو ٻاهر نڪري واڪ ڪرڻ جو خيال
ڏيکاريو. سمنڊ جي ڪناري تي شام جي لڳندڙ ٿڌي هير ۾
عجيب نشو هو. واپس موٽڻ تي هو ٿوري دير باغ ۾ لڳل
پينگهن ۾ اچي ويٺا. سيٽان سڪون محسوس ڪري رهيو هو.
سندس آمريڪا جي دنيا کان هيءَ دنيا نرالي هئي. هو
ماسايو کي ڏسي هن بابت سوچڻ لڳو- جيڪا کيس گيشا
گهٽ هڪ عورت وڌيڪ لڳي ٿي- هن به اهوئي ٿي چاهيو.
چوڌاري اوندهه ڇانئجڻ تي باغيچي جون هلڪيون بتيون ٻريون. هاڻ هڪ
هڪ منٽ قيمتي هو. ٿورن ئي ڏينهن بعد هي جپان ڇڏي
رهيو هو، ٿي سگهي ٿو هن کي ماسايو جو وري ديدار
نصيب نه ٿئي.
هوءَ پنهنجي پينگهي مان لهي هن وٽ آئي ۽ هٿ کان جهلي پڇڻ لڳي:
”ڪمري تي هلون؟“ هن سيٽان جي نظرن سان نظرون
ملائيندي چيو. سندس نظرن ۾ کليل پيغام هو.
جڏهن هو ڪمري تي پهتا، ته ان ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي هئي.
نوڪرياڻيءَ ماني کائڻ واري ٽيبل ۽ ڪرسيون ڪڍي
ڇڏيون هيون. پٽ تي ٽيبل لئمپ ٻري رهيو هو جنهن جي
هلڪي روشني ڪمري جي فقط ٿوري حصي ۾ اچي رهي هئي.
تڏي جي وچ تي ٻه هنڌ هڪ ٻئي جي ڀرسان وڇايل هئا.
سيٽان اندر گهڙندي ٿورو هٻڪيو ته آيا هن کي رات جي وقت ڪمري ۾
اندر اچڻ گهرجي يا نه. ماسايو ان مسئلي جو حل ڪنڌ
جي ڌوڻ ۽ هڪڙو ئي جپاني لفظ 'دوزو' چوڻ سان حل ڪري
ڇڏيو. 'دوزو' هڪ اهڙو جپاني لفظ آهي جيڪو توهان کي
هر ڳالهه جو لائسنس ڏيو ڇڏي ته جيڪي ڪرڻ چاهيو ٿا
ڀلي ڪريو- اکين تي، يا جيڪي ڪري رهيا آهيو ڀلي
ڪندا رهو.
جيئن ته اڃا رات جا نو به نه ٿيا هئا ان ڪري سيٽان هن جي اجازت
قبول ڪئي ۽ اندر آيو. گيشا فرج مان ٻه ٿڌيون بيئر
جون بوتلون ڪڍي گلاس ۾ اوتيون. هڪ سيٽان جي اڳيان
۽ هڪ پنهنجي اڳيان رکي سامهون شهر جون بتيون،
ٽڪريون ۽ مٿي تارا ڏسڻ لڳي، جن لامحدوديت جو احساس
ٿي ڏنو. ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. سيٽان ته
گيشا کي فقط ڏسي پئي ٺريو. هوءَ صحيح معنيٰ ۾
سونهن جو مجمسمو هئي. سندس صورت ۽ سيرت، ڪردار ۽
بذات خود پاڻ سڀ مڪمل هجڻ جو مثال هئا.
”انگريزي ڳالهائيندي مون کي ڏاڍي ڏکيائي ٿي ٿئي.“ هن ڳالهائڻ
شروع ڪيو. ”تون پهريون ڌاريون آهين جنهن سان مون
انگريزي ڳالهائي آهي.“
سيٽان ڪنڌ ڌوڻي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو اها ڳالهه محسوس
ڪري ٿو. ”تون ڪيترين ئي سٺاين جو مالڪ آهين. تون
عظيم انسان آهين، سيٽان. ان ڪري مان توکي هڪ ڳالهه
ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته تون مون کي وساري ڇڏ. آئون
ڇوڪري نه آهيان. آئون گيشا آهيان. تولاءِ، ڪنهن
ڇوڪريءَ جو ساٿ ضروري آهي- مس نارما جهڙيءَ جو.“
انهن جملن هن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. هن ته اهو به ڪونه سوچيو هو ته
نارما جي هجڻ جي به ڪا هن کي خبر هوندي. هو ٺونٺ
جي زور تي ٿورو اڀو ٿي ويٺو. ”تون هن کي سومو- مئچ
تي وٺي ويو هئين جتي ڪيترين ئي گيشائن توکي ڏٺو
هو.“ هن ٻڌايس، ۽ پٽ تي وڇايل تونئريءَ تي پنهنجي
چيچ ڦيرڻ لڳي، ڄڻ ڪا شڪل ٺاهي رهي هجي. ”تون اتان
سوير ئي اُٿي ويو هئين.“ هن وڌيڪ چيو،“ ”نهنجي
خيال ۾ ته شايد پوءِ تون هن جي ڪمري تي به ويو
هئين.“
” جي ها. آئون ويو هوس.“
”ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي. مرد مختلف زندگي گذارين ٿا، سيٽان
سائين.“ پوءِ هن تونئريءَ تي آڱر ڦيرڻ بند ڪري
پنهنجو مٿو مٿي کنيو، ۽ اکيون هن ۾ کپايون. ”آئون
گيشا آهيان، پر مون اهائي ڪوشش ڪئي آهي ته توسان
دوستي نڀايان. ريتون رسمون جيتوڻيڪ اجازت نٿيون
ڏين، پر آئون ان هوندي به ڪوشش جاري رکندي اچان.
پر هاڻ سوچيان پئي ته اهي ريتون صحيح آهن.“ هوءَ
ڪنڌ هيٺ ڪري ماٺ ٿي ويئي.
سيٽان پنهنجي سڄي همت گڏ ڪري کانئس اها ڳالهه پڇي جنهن جو هن کي
سڀ کان گهڻو ڊپ هو.
”تنهنجي معنيٰ تون هاڻ مون سان نه ملندينءَ؟“
هن پنهنجو ڪنڌ ساڄي کاٻي ڌوڻي نهڪار ڪئي.
”ڇو ڀلا؟“ سيٽان پڇيو.
جواب ۾ مس سدا بهار چنبيليءَ فقط سيٽان ڏي نهاريو.
سيٽان وري کانئس پڇيو: ”ڇو ڀلا؟“
هن منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيو جيئن کيس سيٽان ڏي ڏسڻو نه پوي.
”ڪميونٽي باٿ تي،“ هوءَ چوڻ لڳي، ”تو مون سان سچ
نه ڳالهايو.“ هن اهي لفظ جيڪي ڳالهائڻ نٿي چاهيا
سي نيٺ چئي ڏنا ۽ ان سان گڏ سندس اکين مان ڳوڙها
ڳڙڻ لڳا.
”تو چيو هو... ته... تو ڪنهن به ڇوڪريءَ کي... مون کان اڳ
اُگهاڙو ڏٺو ناهي.“
”اها حقيقت آهي،“ هن اعتماد سان چيو.
پر هوءَ اهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي ڄڻ صفا ڪانه پئي ٻڌي. ”منهنجي خيال ۾
ته آئون ڪير ٿيندي آهيان پڇڻ واري. پر توهان کي
گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪوڙ ڳالهائڻ نه کپي.“ اهو چئي
هن پنهنجو منهن کڻي هٿن سان ڍڪيو.
”ماسايو، اها حقيقت آهي...“
هن پنهنجا هٿ پري ڪيا ۽ ڌيرج سان چيو: ”تو هينئر مون کي ٻڌايو
ته تون نارما سانِ جي گهر ويو هئين. آئون نارما
سانِ کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. هوءَ ساڪاموتو سانِ
جي رکيل آهي ۽ تون ان جي گهر وئين.“
”ها، بس رڳو گهر ئي ته ويو هوس. باقي نارما سَان سان گڏ ستو
هرگز نه هوس.“
”ڇو؟ اهو ڪيئن؟!“ هن جواب جي طلب ڪئي.
”ڇو جو منهنجو پيار توسان آهي.!”
سيٽان هاڻ وڃي اهي لفظ چيا جيڪي جيتوڻيڪ سڄو ڏينهن سندس چپن تي
هئا، پر چوندي لڄ ٿي ٿيس.
”ڇا واقعي توکي مون سان پيار آهي.“
”ها. ها. منهنجي جان، مون کي توسان پيار آهي. تون سمجهين ڇو
نٿي، ته مون نارما کي به ان ڪري ڇڏي ڏنو جو مون کي
توسان پيار آهي. مون کي تون ٿي گهرجين.“
ان ئي مهل سيٽان کي محسوس ٿيو ته هو ڇا جو ڇا چوندو وڃي. مس سدا
بهار چنبيليءَ جي حساس طبيعت جو ته کيس ان ڏينهن
کان احساس هو جڏهن سندس چمي واري ڳالهه تان دل ۾
ڪيو هئائين. ٿي سگهي ٿو هينئر هوءَ وري چڙي پئي
هجي. هاڻ هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ماٺڙي ڪري اُٿي وڃي
يا وڃڻ کان اڳ کيس ڪجهه چوڻ به کپي؟
ايتري ۾ هن کي پنهنجي ڳل تي هن جي نازڪ آڱرين جو ڇهاءُ محسوس
ٿيو. هن منهن ڦيرائي ڏٺو، هوءَ ڀرسان بيٺي هئي-
ٻئي ٻانهون کولي، ڀاڪر پائڻ لاءِ آتي. هن به اڳتي
وڌي کيس کڻي پنهنجين ٻانهن ۾ سوگهو ڪيو. هن کڙين
تي بيهي پنهنجا چپ سيٽان جي چپن تي رکيا. نفساني
خواهشون سيٽان کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ورائي ويون. هن
مس سدا بهار چنبيليءَ کي چرين وانگر ڳچي، ڳلن ۽
اکين تي چميون ڏيئي ڳوڙها اُگهيا.
“ پوءِ هن سڄي همت ۽ بردباريءَ سان پنهنجو پاڻ ضابطي ۾ ڪيو.
ٻانهون هڪدم ڍريون ڪري ڇڏيائين جيئن هوءَ کانئس
پري هلي وڃي. ”ماسايو، آئون...“
هوءَ آهستي آهستي ٿي پري وڃي بيٺي. هن سيٽان جو نالو وٺي کيس
سڏيو، پر هن کي ڪجهه ڪندي ڊپ ٿي لڳو. هن هاڻ نهارڻ
به نٿي چاهيو ته متان سندس همت جواب ڏئي وڃي ۽ اهو
ڪي ڪجهه ڪري وجهي جنهن لاءِ هن کي ننڍپڻ کان سبق
مليل آهي ته اهو اخلاقي پاپ آهي. ايتري ۾ هن وري
مس سدا بهار چنبيليءَ جي جسم جو هلڪو ڇهاءُ
پنهنجين ٻانهن تي محسوس ڪيو جيڪو آهستي آهستي،
تمام آهستي آهستي وڌندو ويو ۽ نيٺ هوءَ اچي هن جي
ڀاڪر ۾ پئي.
هن کيس پيار ۽ نفاست سان ائين جهليو جهڙي نازڪ ۽ قيمتي شيءِ،
هوءَ واقعي هئي ۽ هن هاڻ محسوس ڪيو ته هوءَ پاڻ هن
وٽ هلي آئي آهي ۽ هن سمجهيو ٿي ته ان جو مطلب ڇا
آهي ۽ هوءَ ڇا ٿي چاهي. ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا
سسي ڄڻ هنن تائين محدود ٿي وئي ۽ مٿي آسمان تيزيءَ
سان ڦرڻ لڳو. سيٽان کيس کڻي زور سان ڀاڪر ۾ جهليو. |