13
سيٽان ٿيلهي ۾ ڏينهن ٻن جا ڪپڙا وجهي ريل ۾ اچي چڙهيو. شمودا
شهر ۾ هڪ جشن وارو ماحول برپا ٿيل هو. ماڻهو
پنهنجن ٻارن سميت رنگين ڪپڙن ۾ هيڏانهن هوڏانهن
ڦري رهيا هئا. گهوريئڙا مختلف شين وڪڻڻ جا هوڪا
ڏئي رهيا هئا. هن شهر جي ڪنهن گهٽيءَ جي ڪنهن گهر
۾ پڪ ماسايو به هوندي. هو هڪ مسافرخاني ۾ اچي ٽڪيو
جنهن قسم جي رهائشگاهن ۾ هو پهرين به رهي چڪو هو.
ٻئي ڏينهن هو ڪاٺ جون چاکڙيون ۽ يوڪاتا پائي ميلي ۾ گهمڻ لاءِ
نڪتو. ٿوري دير بعد رستن تان جلوس لنگهڻ وارا هئا.
ماڻهو رستن جي پاسن تي قطارون ٺاهي انهن کي ڏسڻ
لاءِ آتا هئا. سيٽان به ڪلها پاسا هڻي پنهنجي بيهڻ
لاءِ جاءِ ٺاهي.
ٿوري دير بعد جپاني نقارن ۽ دهلن جي سٽ سٽ سان پريڊ جو هڪ جٿو
اچي لنگهيو. ساڻن گڏ وڏا جهنڊا ۽ بيرقون هيون جن
تي مختلف جپاني لفظن جون شڪليون ٺهيل هيون.
ان بعد هڪ ٻيو جٿو ساز سروندن تي نچندو اچي لنگهيو. انهن جي هٿن
۾ بانسن جا لڙها هئا جن جي مٿان پني جا تابوت ۽
مندر ٺهيل هئا.
ان کان پوءِ ڪجهه دير بعد هڪ ٻيو جٿو آيو جنهن ۾ سڀني ماڻهن
شوگن واريون پراڻي زماني جون پوشاڪون پهريون هيون.
ڪجهه نوجوان پنهنجن مٿن تي گڏين جي گهر جهڙيون
ٺهيل عمارتون کڻي لنگهي رهيا هئا.
اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو جلوس نڪتو جنهن ۾ سڀ ڪمونو پهريل ڇوڪريون
هيون. هو گلن سان جهنجهيل فلوٽ کڻي لنگهي رهيون
هيون. پاسن کان هنن سان گڏ سازندا ساز وڄائي هلي
رهيا هئا. رستي جي ڪپرن تي بيٺل ماڻهو جلوس ۾
لنگهندڙ مردن توڙي عورتن ۽ ڇوڪرين سان چرچا ڪندا
رهيا. هو به کين گل يا پنين جي ڪاتر اڇلي هڻي
رهيون هيون.
اهڙيءَ طرح ڪيترا جلوس لنگهڻ بعد هڪ جلوس خوبصورت عورتن جو
خوبصورت پوشاڪ ۾ پري کان ايندو نظر آيو. ويجهو اچڻ
تي خبر پيئي ته اهي ڇهن قطارن ۾ هڪ ئي جهڙا ڪمونا
پائي نچي رهيون هيون. اهي ڪمونا اهڙي ڊيزائين جا
ٺهيل هئا جو هنن نچندي جڏهن سامهون ٿي نهاريو ته
ڳاڙهاڻ ئي ڳاڙهاڻ ٿي ٿي ويئي ۽ جڏهن هنن پٺ ٿي ڏني
ته ڪاري ۽ اڇي رنگ جا پٽا ٺهي ٿي ويا ۽ نچڻ وقت
سندن قدم قدم سان ائين ته ملي ٿي آيو جو ڏسڻ وارن
کي تعجب ٿي لڳو.
“ پوءِ سيٽان جي نظر هن تي وڃي پيئي.
هوءَ ٻي قطار ۾ هئي، ۽ وڏي مانُ ۽ شانُ سان نچي رهي هئي. مڙڻ
وقت هن به ٻين وانگر گوڏا ٿي موڙيا.
جيتوڻيڪ چرڻ جي جاءِ مور نه هئي، پر سيٽان جيئن تيئن ڪري جاءِ
ٺاهيندو جلوس جي سامهون گڏوگڏ هلڻ لڳو. نظر سندس
مس ڪانوماسايو ۾ ئي هئي. جلوس اڳيان هلندو ويو ۽
ماڻهن جو سمنڊ پٺيان ٿيندو ويو. اڳيان موڙ اچڻ تي
سڀ ڇوڪريون مڙيون. جيڪي ڇوڪريون مٿي تي ڪاٺ ۽ پني
جو ٺهيل مندر رکي هلي رهيون هيون تن ان کي هيٺ
لاٿو ۽ ساهه پٽڻ لڳيون. سيٽان ڳاڙهي ڪاري رنگ جي
ڪمونن اندر گهڙي ويو ۽ کيس ٻانهن کان جهلي ٻاهر
وٺي آيو.
گوڙ گهمسان کان ٿورو پاسيرو پهچي سيٽان ڏانهنس نهاريو، ”ڪان بان
وا“ (سلامي خير).
هوءَ هن کي ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي. آخر وڏي مشڪل سان هن انگريزيءَ جا
ٻه چار لفظ ڳالهايا: ”هائو يو فائينڊ؟“ (تو مون کي
ڪيئن ڳولي لڌو.)
”تمام سولائيءَ سان.“ سيٽان وراڻيو، ”مون جپان اچي توکي ڳولڻ
شروع ڪيو.“
ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ سندس چپ ٿوري دير لاءِ ٿڙڪڻ لڳا: ”ڇو؟“
”توکي ان جي خبر آهي، مون توکي ٻڌايو هو- ياد اٿئي نه؟”
هن ٻانهن مٿي کڻي سيٽان جي چيلهه جي چوڌاري ورايون. ڪجهه دير
لاءِ پنڊ پهڻ ٿي بيٺي رهي. پوءِ ٻانهون هيٺ ڪيرائي
هڪ قدم پٺتي هٽي. ”مون کي وڃڻ کپي.“ هن چيو، ”هي
ڪمونو منهنجو ناهي.“
سيٽان سندس هٿ اڃا تائين نه ڇڏيو. ”ڪيتري دير لاءِ وڃڻ ٿي
چاهين. پهرين اهو ٻڌاءِ؟“
هن ڪنڌ ڌوڻي اهو اشارو ڪيو ته هن سندس ڳالهه نه سمجهي.
”آئون چوان ٿو،“ سيٽان ڌيرج سان انگريزيءَ جو لفظ لفظ ڌار ڌار
ڪري ڳالهايو، ”ته تون موٽي اچ.“
”پر مون لاءِ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن.“ مس سدا بهار چنبيليءَ
چيو.
”بس جان، ڪمونو بدلائي، موٽي اچ. سمجهئه؟“ سيٽان چيس.
سيٽان اڳيان هن کي آڻ مڃڻي پيئي.
پني جو وڃڻو کولي هن سامهون سمنڊ ڏي اشارو ڪيو. ”جيڪڏهن تون
چئين ٿو ته آئون ڪلاڪ اندر موٽي اچان. پاڻيءَ جي
ڀرسان ويهي ڪجهه دير پاڻ ڳالهائينداسين.“
سيٽان ٻانهن موڙي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ”پوري ڪلاڪ اندر موٽي
ايندينءَ نه؟ پڪ؟ وعدو؟“
”آئون وعدو ٿي ڪريان، ڊڪ.“
سيٽان هن کي ڇڏيو ۽ هوءَ ڊانس ڪندڙ ڇوڪرين جي ميڙ ۾ گم ٿي ويئي.
هي پوءِ ماڻهن جي ميڙ مان رستو ٺاهيندڙ سمنڊ ڏي
وڌيو. رستي تي ڪيترائي جپاني آواز هن جي ڪنن ۾
ٻرڪندا رهيا. ڪاٺ جي چاکڙين جي ٺڙڪ ٺڙڪ، جپاني
ساز- ساميسين جي شرنائيءَ وانگر تکو سر، ڪنهن نوڊل
وڪڻندڙ پوڙهي ماڻهوءَ جو هوڪو. سامهون 'توري - ئي'
دروازو نظر اچي رهيو هو جنهن جي چوڌاري پٿر جا
چونجها ڏيا ٽمڪي رهيا هئا. اهي ڏيا انهن ماڻهن کي
سڏي رهيا هئا جن ان پاڪ در جي هيٺان لنگهي پنهنجي
جسم ۽ روح کي پاڪ پوتر بنائڻ ٿي چاهيو. ڪجهه ڏاڪا
مٿڀرو شنتو ڌرم جو ٻائو بيٺل هو جيڪو پني جي
وڃڻيءَ سان پاڻ کي هوا هڻي رهيو هو. شادي شده جوڙا
هن کان دعا وٺي رهيا هئا.
ڪلاڪ گذرڻ ۾ اڃا پنجويهه منٽ بچيا ٿي، شڪ جو شيطان سندس دماغ ۾
ديرو ڄمائي کيس آگاهه ڪرڻ لڳو ته تون اجايو هتي
ويٺو ڪلاڪ وڃائين، تيسين هوءَ سامان ٻڌي ڪنهن ٻي
پاسي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هونداءِ. پر پوءِ
جڏهن هن کي ٻي گهڙيءَ ياد آيو ته هوءَ هن سان وعدو
ڪري ويئي آهي ته شيطان کي ڄڻ اماڙي لڳي ويئي.
سيٽان سمنڊ جي ويجهو پهچي هڪ پرڀري جاءِ ڀور تي قبضو ڪري ويهي
رهيو جو چوڌاري ڪيترائي جوڙا جوڙا جايون والاري
ويٺا هئا. هن جي پٺ سمنڊ ڏي هئي ۽ صبر سان وقت
گذارڻ جي انتظار ۾ هو. پر جڏهن پورو ڪلاڪ گذري ويو
ته هڪ هڪ منٽ هن جي اندر ۾ هڪ دفعو وري نئين
سنئينءَ وسوسا ۽ شڪ شبها جاڳائڻ لڳو. پر هن انهن
کي دل سان هرگز قبول نه ڪيو. سندس دير سان پهچڻ جا
ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. هن سوچيو.
هن پٺ ورائي سمنڊ ڏي ڏٺو جيئن سمنڊ کان ڪجهه صبر سکي سگهي، جيڪو
صبر جي ئي علامت آهي. پري بلڪل پري سمنڊ جي ڪناري
تي، چانڊوڪيءَ ۾ سامهون ڪا عورت، خاموشيءَ سان
پاڻيءَ کي ڏسي رهي هئي. هي يڪدم سڃاڻي پيرن تي
اُٿي بيٺو ۽ تعجب کائڻ لڳو ته خبر ناهي ته هوءَ
ويچاري ڪيتري دير کان انتظار ڪري رهي آهي. تکيون
تکيون ٻرانگون کڻي ٻين جوڙن جي وچ مان رستو
ٺاهيندو ان عورت ڏي وڌيو. ايتري ۾ هوءَ جهڙو پٺيان
مڙي ته هن تي نظر پيس ۽ هن خوشيءَ مان هٿ لوڏي
پنهنجي هجڻ جو اطلاع ڪيو.
دراصل سمنڊ جي ڪناري وٽ وڌيڪ اڪيلائي ڏسي هوءَ اتي بيهي انتظار
ڪري رهي هئي. پوءِ هو ٻئي گڏ ٿي ويٺا منهن سان
منهن ملائي، هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي- جيئن سندن
ڳالهيون رڳو پاڻ ئي ٻڌي سگهن، ٻيو ڪوبه نه.
”پيگيءَ مون کي نياپو ڪيو هو ته تون ضرور ايندين.“ هن نماڻائيءَ
مان چيو، ”پيگيءَ مون کي اهو به اطلاع ڪيو هو ته
'ماما سان' چاهي ٿي ته آئون جهٽ شادي ڪريان. هوءَ
مون لاءِ ڪو سرپرست ڳولي رهي آهي جيڪو مون کي
'زال' ڪري رکي.“
”ٻي زال“ سيٽان ڌيرج سان چرچي طور پڇيو.
”منهنجي خيال ۾ ته بلڪل ائين.“
ڪجهه لمحا گهري ماٺ بعد هن چپ چوريا. ”هو گيشا مس سدا بهار
چنبيليءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي.“ هن چيو، ”پر آئون
هرگز نٿي چاهيان.“ اهو چئي هن سيٽان ڏي پنهنجائپ
وارين نگاهن سان ڏٺو.
”مون کي نه ته مس سدا بهار چنبيليءَ لاءِ وقت آهي ۽ نه وري ڪنهن
ٻيءَ گيشا لاءِ“ سيٽان چيو، ”فقط هڪ ڇوڪريءَ-
ڪانوماسايو ڪارڻ سڄي زندگي ڏيئي سگهان ٿو. تون ان
ڇوڪريءَ کي سڃاڻين؟“
هوءَ مرڪي چوڻ لڳي: ”ڪڏهن ڪڏهن.“ ۽ پوءِ پنهنجو مٿو سيٽان جي
جوٽ تي رکي کيس غور سان ڏسڻ لڳي.
”ماسايو“ سيٽان پڇيو، ”تون منهنجي زال ٿي رهندينءَ؟“
هن سيٽان کي چيرائيندي چيو: ”پهرين زال؟“
”زال - فقط زال.“
پوءِ هن سنجيدي ٿيندي چيس: ”ڊڪ تون ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اهو
سوچ ته اهو ڪم ڪيڏو ڏکيو آهي. گيشا گهر منهنجي
لاءِ مسئلا کڻي پيدا ڪندو جو هو مون کي خريد فروخت
جي شيءِ سمجهن ٿا.“
”منهنجو هڪ دوست آهي، اهو ان مسئلي کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هو
تمام اهم ماڻهو آهي ۽ پڪ اٿم ته هو ان ۾ ضرور
ڪامياب ٿيندو ۽ توکي ان گيشا جي چڪر مان ڪڍي
وٺندو. ڀلي ٻي ڪا وڃي مس سدا بهار چنبيلي ٿئي، هنن
وٽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون ويٺيون آهن.“
”تنهنجو اهو دوست ساڪاموتو ته نه آهي؟“ ڪانوماسايو پڇيو.
”ها.“ سيٽان وراڻيو.
هن سيٽان جي سيني تي ڳل رکي چيو: ”جيڪڏهن هو چوندو ته گيشا گهر
وارا ڪڏهن به هن جو چيو نه ٽاريندا.“
”آئون به ائين ٿو سمجهان. پر تو منهنجي سوال جو ته جواب ڏنو ئي
ڪونه.“
هوءَ اڃا به ٿورڙو اڳيان رڙهي. جيئن هوءَ اڃا به هن جي ويجهو ٿي
سگهي. ”ڊڪ، وچ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. تون نٿو سمجهي
سگهين.“
”آئون بلڪل چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو، ماسايو. مسئلا اهي ئي آهن
نه ته تون ٻڌ آهين. تنهنجي قوميت جپاني آهي. پاڻ
ساڳي زبان نٿا ڳالهايون. تون گيشا گهر وارن وٽ
پئسن جي عيوض ڄڻ گروي رکيل آهين.“ سيٽان چيو، ”پر
آئون انهن مان ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نٿو ڪريان.
جنهن به مندر، مسجد، پگوڊا يا سائنيگاگ ۾ توکي وڻي
تون وڃي سگهين ٿي. جپاني قومي ترانو ڪو وڄائي ٿو
ته تون ڀلي اٿي بيهه، مون کي ڪو اعتراض ڪونهي.
باقي گيشا گهر جي حساب کي آئون پاڻهي منهن ڏيندس.“
”ڊڪ“ هن سيٽان کي زور سان ڀاڪر پائيندي چيو، ”منهنجا ٻار ڏسڻ ۾
ڪيئن لڳندا؟“
سيٽان کيس چمي ڏيندي چيو، ”اهي پاڻ جهڙا ڀاڳ وارا ته نه ٿي
سگهندا.“
هن پنهنجو منهن ڦيرائي مٿي آسمان ڏي ڏٺو. ”ڊڪ، چنڊ ڏي ڏس. ڪن جو
چوڻ آهي ته چنڊ ديوتا زمين ڏي ڏسندو رهي ٿو ۽ هن
کان ڪنهن جو به پيار ڳجهو ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرو
ڇوڪري راضي هوندا آهن پر هنن جا مائٽ سندن شادي
ڪرائڻ نه چاهيندا آهن ته چنڊ ديوتا چوندو آهي ته
گهٻرايو نه، آئون توهان جو ميلاپ ڪرائيندس
سمجهيئه.“
”بلڪل سمجهيم“ سيٽان چيو ۽ آهستي آهستي اُٿي بيٺو ۽ هن ماسايو
ڪانو کي به اُٿڻ ۾ مدد ڪئي. پوءِ سيٽان ڪجهه گهڙين
لاءِ بيٺي بيٺي ماسايو کي ۽ چنڊ کي ڏسڻ لڳو- جنهن
جي رعب ۽ اٿارٽيءَ جي راز جي کيس هاڻ خبر پيئي
هئي. پوءِ ماسايو کي هٿ کان وٺي هلڻ لڳو. ”هل، مون
سان هل، مسز سيٽان.“ هن چيو. |