3
ٻئي ڏينهن صبح جو نو لڳي ڪجهه منٽن تي مسٽر ماتسوموتو جي آفيس ۾
ان ئي عنوان تي بحث هلي رهيو هو، جو ٿوري دير اڳ
ان سلسلي ۾ گيشا گهر کان فون اچي چڪو هو. جپاني
ٻولي سڌي سنواٽي ناهي پر ان ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون
اڻ سڌيءَ طرح ڪيون وڃن ٿيون، ان ڪري ان جو لفظ
بلفظ ترجمو ڪرڻ ته پاڻ کي اوڙاهه ۾ اڇلڻو ٿيو پر
ايترو هو ته جيڪي ڳالهيون هلي رهيون هيون، ان مان
صاف لڳو ٿي ته مٿئين ليول جي آفيسرن جي حالت خراب
آهي. کين سمجهه ۾ نٿي آيو ته اهو گيشا وارو مسئلو
ڪيئن حل ڪجي.
مسٽر فوتابا، جيڪو انگريزي ڳالهائيندي ته هميشه هٻڪيو ٿي، هينئر
پنهنجي مادري زبان جپانيءَ ۾ کليءَ طرح بحث ۾ حصو
وٺي رهيو هو. ”ڪمپنيءَ طرفان مهمانن جي وندر لاءِ
رٿيل بجيٽ ته سڄي خرچ ٿي وئي.“ هن چيو - بلڪل ائين
ئي سڌيءَ طرح، ”منهنجي خيال ۾ ته اسان کي هن
بيوقوف مهمان مان ڪنهن طرح جان ڇڏائڻ کپي، جيڪو
روز بروز مٿي جو سور ٿيندو پيو وڃي. گيشا واري
عياشي پوءِ ڀلي وڃي پنهنجي ڏيهه ۾ ڪري ته خبر پئيس
ته ڪيڏو ٿو بل اچي.“
مسٽر ياماگچي ڪجهه اونهو ئي سوچي رهيو هو. ”هنن وٽ آمريڪا ۾ اڃا
گيشائون نه آهن،“ هن فوتابا کي ٻڌايو، ”آمريڪا هڪ
نئون ملڪ آهي ۽ سماجي طرح آمريڪي اڃا ايترو سڌريل
نه آهن. مون کي پڪ آهي ته سيٽان کي هتي جي حالتن
جي خبر ناهي. اسان جي هن کي هتان ڀڄائي ڪڍنداسين
ته آمريڪا کان مليل آرڊر هٿن مان هليو ويندو ۽ چئن
ڏوڪڙن ڪمائڻ جي اُميد تي پاڻي گهمي ويندو.“
”سيتانو سانَ کي،“ ماتسوموتو بيزاريءَ مان ٻڌايو، ”اسان سان
تيسين گڏ رهڻو آهي جيسين سندن آرڊر ڪيل مشينري جو
نمونو تيار ڪرائي کانئس پاس ڪرايون، ان ڪري ڪا ٻي
راهه ڳولڻ کپي.“
”سندس وندر لاءِ ڇو نه ڪا آمريڪن ڇوڪري هٿ ڪجي.“ مسٽر ياماگچيءَ
صلاح ڏني.
ماتسوموتوءَ اها ڳالهه نه مڃي. ”هڪ اڻ سڌريل آمريڪن ڇوڪريءَ سان
وقت گذارڻ جو ڪنهن کي لاچار پيو آهي جڏهن ته کوڙ
جپاني ڇوڪريون موجود آهن.“
”ڀلا هيستائين ڪيترو بل اچي چڪو آهي؟“ ياماگچيءَ پڇيو.
”خير، پهرين شام جو خرچ ته ڳڻڻ نه گهرجي جو اها ته اسان پاڻ ئي
رٿي هئي ۽ ان ڏينهن جو خرچ اسان تي واجب هو - جيئن
دستور موجب هر نئين آيل پارٽيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ
ڪندا آهيون. پر گذريل شام جي چند گهڙين جو بل به
ڏيڍ لک يين ٿي ويو آهي. ۽ هن اڄ لاءِ وري ساڳي
گيشا کي دعوت ڏني آهي.” (ڏيڍ لک يين اٽڪل ڇهه سؤ
آمريڪن ڊالر وڃي ٿيا.)
”سيٽان سان عورتن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي،“
ياماگچيءَ ان نڪتي ڏي ڌيان ڇڪايو، “هو دراصل هن
خاص عورت جي ڦندي ۾ ڦاسي پيو آهي.“
”حقيقت ۾ اهو منهنجو ڏوهه آهي.“ پوڙهي ماتسوموتوءَ ڪنڌ ڌوڻيندي
چيو، ”پر مون به فقط ان خيال کان مس سدا بهار
چنبيلي جهڙي مهنگي گيشا گهرائي ته هيءُ هڪ وڏيءَ
پارٽيءَ جو نمائندو آهي ۽ ٻيو ته روز روز ته اهو
خرچ نه ڪبو. پر اها ڪل نه هيم ته هي اسان جو مهمان
ان تي اڪن ڇڪن ٿي پوندو ۽ هن جي ٻن مٺن ٻولن کي
محبت نامو سمجهندو. مس ريڪو جو به ان ۾ ڏوهه ناهي
جنهن فون ڪري هن کي ٻئي ڏينهن به ملرايو. هن ته
دراصل اهوئي ڪجهه ڪيو جنهن لاءِ هن کي چيو ويو هو
۽ هوءَ ته هڪدم سربستو احوال اسان کي ڏيندي رهي
آهي.“
هاڻ ڪري ڇا ٿو سگهجي. هرهڪ جي ڌيان ۾ مسٽر ماتسوموتو جهڙو هڪ
ٻيو جپاني ڪارخانيدار - مسٽر ساڪاموتو جارج هو
جيڪو سٺي انگريزي ڳالهائڻ ۽ آمريڪا ۾ گهڻو وقت رهڻ
ڪري اتي جي گهڻي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ هنن مڙني تي حاوي
هو. هن جپان ۾ آيل ٻين جي گراهڪن کي پنهنجين اٽڪلن
سان پنهنجو ڪري ٿي ڇڏيو. سو ساڪاموتو جارج جي
جيڪڏهن سيٽان سان لهه وچڙ ٿي ته هنن لاءِ ٻائيتال
مچي ويندو ۽ آمريڪا کان مليل هن آرڊر جي سڄي ڪمائي
هنن بدران ساڪاموتو جارج جي حوالي ٿي ويندي.
”ڀلا گيشا کي هفتي جي ٻڌي حساب سان ڀاڙي تي رکڻ بابت ڇا خيال
آهي.“ فوتابا پڇيو.
”بس اهائي هڪ ڳالهه آهي جيڪا آئون سوچيا پيو. ٻڌي حساب سان ڪجهه
گهٽ اگهه ٿيڻ ڪري پئسي جي وري به ٿوري بچت ٿي
سگهندي،“ ماتسوموتو وراڻيو، ”اهو به شڪر ڪرڻ گهرجي
جو سيٽان صاحب هم بستري لاءِ گيشا کي نه چيو - نه
ته ايڏي وڏي ڪلاس جي گيشا جي اها 'وهاڻي واري
خذمت' پنهنجي ڪمپنيءَ جو ڳاٽو ڀڃي رکي ها.
”واقعي اهو ڪمال آهي. هڪ فارينر جو ايڏو سلڇڻو هجڻ واقعي عجب
جهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي يقين ته نٿو اچي.“
ياماگچيءَ چيو.
”بهرحال پوءِ اڄ لاءِ ڇا ڪجي-؟“ فوتابا پڇيو، ”ڇا ائين بهتر نه
ٿيندو ته هن کي چئجي ته گيشا اڄ واندي ڪانهي.“
”جي ائين ڪبو ته، “ ياماگچيءَ چيو، ”سيٽان سانُ دلشڪستو ٿي،
بيزاريءَ جي حالت ۾ آفيس کان سڌو هوٽل ڏي سوير ئي
موٽي ويندو جتي پنهنجو رقيب ساڪاموتو جارج هن سان
ضرور ملاقات لاءِ پهچي ويندو.“
ڪارخاني جي مالڪ ۽ صدر مسٽر ماتسوموتو نيٺ آخري فيصلو ڪيو.
”هيئن ٿا ڪريون جو شام جو هن کي گيشان سان گڏ
باغيچي ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ پروگرام رکايون ٿا. پوءِ
رات ڌاري هي همراهه پڪ گيشا کي مانيءَ جي دعوت
ڏيندو جنهن لاءِ گيشا کي چئي ڇڏبو ته اڦٽ انڪار
ڪري ڇڏي. ايتري رپورٽ ملڻ بعد وڌيڪ جو پوءِ
سوچينداسين.“
ڏهين بجي ڌاري سيٽان اچڻ سان ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي رسيپشنسٽ
ڇوڪريءَ کان پڇيو:
”صبح جي کيڪار - گڊ مارننگ کي توهان جپانيءَ ۾ ڇا ٿا چئو-؟“
”او هايو گوذائي ماس“ هن وراڻيس، ”لفظن تي تمام گهڻو زور نه ڏي.
بس آمريڪا جي رياست 'اوهيو' چوڻ کان پوءِ 'گو' ۽
پوءِ 'ذائي ماس'.“
”او - هيو - گو - ذا - ئي - ماس، ريڪو سان“ سيٽان چئي ڏٺو.
ڇوڪريءَ کي اهو ٻڌي مزو آيو. ”اوهيو - گوذائي ماس سيٽان سان.
تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو توهان جپاني سکي رهيا
آهيو.“
اهو چئي هوءَ سيٽان کي گس ڏيکاريندي ڪانفرنس روم ۾ وٺي آئي جتي
چانهه جو بندوبست ٿيل هو. ياماگچي ۽ فوجي هارا اٿي
بيٺا ۽ کيس ادب سان کيڪاريائون. ظاهري طرح ماحول ۾
ڪنهن به قسم جي بيزاري يا پريشانيءَ جو اهڃاڻ نه
هو.
سيٽان ڊگهو ساهه کڻي ڄڻ ٽٻي هنئي: ”اوهيو گوذائي ماس ياماگچي
سان.“ هن دور پڙهڻ شروع ڪيو، ”اوهيو گوذائي ماس
فيوجي هارا سان.“
سڀني تعريف جي نگاهن سان کيس ڏٺو. جپاني جيتوڻيڪ رڳو جهڪي
کيڪارين ۽ هٿ ڪونه ملائين پر ياماگچيءَ ان کيڪار
جي موٽ ۾ پنهنجو هٿ اڳيان وڌايو- اهوئي سوچي ته
جڏهن هڪ آمريڪن ايتري همت ڪري سگهي ٿو ته پاڻ به
ائين ڇو نه ڪري. پوءِ سڀ هڪ دوستاڻي ماحول ۾ چانهه
لاءِ تيار ٿي ويٺا ۽ جيئن ئي مشينري جي نموني ٺاهڻ
جي ڳالهه نڪتي ته سيٽان يڪدم پنهنجي بريف ڪيس
کولي، ان مان ان مشينريءَ جي اسيمبلنگ جو نقشو ڪڍي
سڀني اڳيان رکيو.
ٻن ڪلاڪن جي هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪافي ڪم جون ڳالهيون هليون. دنيا جي
سڀني انجنيئرن جي هڪ ئي زبان ٿئي - سا آهي ڊرائنگ،
ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي انجنيئرن ڊپارٽمينٽ اهي سڀ
ڊرائنگون (نقشا) ڏسڻ سان جهٽ سمجهي ورتا جيڪي
سيٽان آمريڪا جي انجنيئرن کان ٺهرائي کڻي آيو هو
جنهن مطابق جپانين کي مشنيري ٺاهڻي هئي. کوجنا ۽
بناوٽ جي کاتي جي ماڻهن کي به سڏايو ويو ۽ ڪجهه
ريڪو سان جي ترجمي جي مدد سان به مشين جي تفصيل تي
غور ڪيو ويو ۽ ان نموني جي مشنيري پلانٽ ٺاهڻ جي
اوائلي قدمن تي سوچيو ويو. فضا ۾ چوڌاري انجنيئرنگ
جو ماحول ڇانيل هو. سيٽان جي ڳچيءَ ۽ ٻانهن جا
ٻيڙا کليل ۽ ڪف گنجيل هئا. هڪ هٿ ۾ پينسل ۽ ٻئي ۾
سلائيڊ رُول هو. هن کي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي
انجنيئر فيوجي هارا سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪم ڪندي
مزو اچي رهيو هو جيڪو اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجيءَ ۾ هن
جهڙو ۽ ذري گهٽ هن برابر هو، جنهن ڪم لاءِ هي جپان
۾ آيل هو. منجهند تائين اهو شروعات جو مرحلو ٽپي
چڪو هو.
منجهند جي ماني هن جپاني انجنيئر عملي سان گڏ ڪئي ۽ هن دفعي هي
اهو مڃڻ لاءِ تيار هو ته چاپ اسٽڪس (تيلين) سان
کائڻ واقعي سولو ڪم آهي- بشرطيڪ کائڻ واري شيءِ
آئيس ڪريم نه هجي. مانيءَ دوران هن کي انجنيئري ڪم
جو جوش هڪ طرف مزو ڏئي رهيو هو ته ٻئي طرف گيشا
سان ملڻ جي پروگرام جي هورا کورا الڳ منجهائي رهي
هيس. 'جيڪڏهن ڪم ۾ لڳو رهندس ۽ دير ٿي ويئي ته
پوءِ گيشا سان ملڻ مشڪل ٿي پوندو.' هن سوچيو.
پر- پوءِ ڄڻ اوچتو جادو ٿيو- ۽ سندس مسئلو حل ٿي ويو. ٻي بجي
ڌاري جپاني انجنيئر مسٽر فيوجي هارا اچي چيو ته
اڳتي وڌڻ کان اڳ هن کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي جيئن هو
نقشن کي اڃا به غور سان جانچي سگهي. سيٽان نقشن
جون ڪاپيون ويڙهي هن جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ
استقباليه ۾ آيو جتي ريڪو کي چيائين ته هوءَ گيشا
کي فون ڪري معلوم ڪري ته جيڪڏهن هوءَ واندي آهي ته
هي هن سان ملڻ چاهي ٿو. ريڪو چپن تي مرڪ آڻي اقرار
۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ گيشا جي نمبر بنا ڏسڻ جي ئي ڊائل
ڪيو، ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه دير ڀوراٽيل جپاني هلندي
رهي. پوءِ ريڪو فون جهلي سيٽان کي چيو: ”مس سدا
بهار چنبيلي ههڙي جهڙالي ڏينهن تي توهان سان پارڪ
۾ پسار ڪرڻ ٿي چاهي. پوري ساڍي ٽين وڳي هوءَ پارڪ
جي در وٽ بيٺي هوندي. آئون توهان لاءِ ٽئڪسي
گهرائي ان کي اهو هنڌ سمجهائي ٿي ڇڏيان.“
”هڪ ٻي ڳالهه ريڪو.“ هن چيو، ”ڇا سڀاڻي توسان گڏ لنچ ڪرڻ جو شرف
آئون حاصل ڪري سگهان ٿو؟”
ريڪو کي ان قسم جي ڳالهه جي ته ڪابه اميد نه هئي، ڇا جواب ڏئيس.
بهرحال ترت جواب ڏيڻ لاءِ هن کي ڪجهه تڪڙي تڪڙي
سوچ ڪرڻي پيئي. آفيس طرفان هن کي مانيءَ لاءِ هر
روز ڪو اڌ ڪلاڪ مس موڪل ملي ٿي. پر هن اقرار جو
فيصلو ڪري ورتو جو هن کي اِها پڪ هئي ته ڪارخاني
جا مالڪ به اهوئي چاهيندا - جيئن آيل مهمان وندري
۽ خوش رهي. ان کان علاوه هن پاڻ به اهو چاهيو ٿي -
جنهن کي ظاهر آهي ته ڪا خاص اهميت نه هئي. هن
پنهنجو ڪنڌ نمايو: ”مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
مان انتظار ڪنديس.“
سيٽان اهو ٻڌي دل ئي دل ۾ خوش ٿيو ته آمريڪا ۾ ته هن جهڙي
ماڻهوءَ کي ڪا ڇوڪري لفٽ ئي نه ڪرائيندي هئي، پر
هاڻ ته ڀاڳ کلي ويا اٿس. اهو سوچيندي هو ٽئڪسيءَ ۾
وڃي ويٺو.
ٽئڪسي ڊرائيور کيس هڪ پراڻي زماني جي باغ جي دروازي وٽ اچي
لاٿو. کيسي مان هن هن ڀيري پورو ڀاڙو ڪڍي ٽئڪسي
ڊرائيور کي ڏنو جيترو ميٽر ۾ آيو هو. ٽئڪسي
ڊرائيور موٽ ۾ مهرباني چئي روانو ٿيو ۽ هي يار
باغيچي جي در مان جيئن ئي گهڙيو ته سامهون هوءَ
بيٺي هئي جنهن جي اکين ۾ قدرتي چقمقي ڇڪ هئي، جنهن
جي چپن مان ڄڻ ماکيءَ جي لار ٿي ڳڙي، جيڪا سونهن ۽
سوڀيا جي ديوي هئي، جنهن جي حسن ۾ ڪو ڦڏ يا ڦير نه
هو. هوءَ نه فقط اتي موجود هئي پر اڪيلي موجود
هئي.
”گڊ آفٽر نون،“ سيٽان سلام ڪيو ۽ هن ڏانهن پنهنجيون ٻانهون
وڌايون. هن کي ريڪو کان اهو پڇڻ وسري ويو هو ته
منجهند جي وقت واري سلام کي جپانيءَ ۾ ڇا چئجي.
”گڊ آفٽر نون،“ گيشا به انگريزيءَ ۾ سلام جو جواب ڏنو ۽ پوءِ هن
جي وڌايل ٻانهن ڏي ڏسي منجهي پيئي ته کيس ڇا ڪرڻ
کپي. سيٽان هن جو ساڄو هٿ جهلي ڌيرج سان پنهنجي
ٺونٺ مٿان رکيو.
”آ - سو“ (ته ائين) هن جپانيءَ ۾ وراڻيو. پنهنجو هٿ سيٽان جي
ٻانهن تي ائين رکندي هن کي مونجهارو ته ٿيو پئي پر
هن اهوئي ڪرڻ چاهيو ٿي جيڪو سيٽان جي دل وٽان هجي.
هو ٻئي آهستي آهستي واڪ ڪرڻ لڳا. باغيچو چئني طرف صاف سٿرو نظر
اچي رهيو هو. هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ۽
صحيح نموني سان رکيل هئي. ڪيترن ئي وڻن جا ٿڙ ۽
ٽاريون ٿڌي هوا جي بچاءَ ڪارڻ هٿ جي ٺهيل سنهي
تونئريءَ سان ڍڪيل ۽ ٻڌل هيون. ٽڪري ٽڪري تي سرن
جون بينچون هيون. ڪٿي به گندگي ۽ ڪن ڪچرو نه هو.
هي همراهه پسار ڪندي ڪندي باغيچي جي هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ پهتا جتي
مختلف قسمن جا ننڍي قد جا وڻ هئا جپان ان قسم جي
ننڍڙن وڻن کان مشهور آهي جن کي 'بانسائي' سڏجي ٿو.
”بانسائي.“ مس سدا بهار چنبيليءَ انهن وڻن ڏي
اشارو ڪندي چيو. سيٽان کي اهي ڄامڙا وڻ بيحد وڻيا
جيڪي قدبت ۾ جيتوڻيڪ ننڍن ٻوٽن جيڏا هئا پر هر
لحاظ کان مڪمل وڻ هئا. انهن وڻن جو نظارو ڪندا
ڪندا هو هڪ سوڙهي لنگهه وٽان ٽپي هڪ ننڍڙيءَ ڍنڍ
جي ڪناري تي اچي نڪتا.
جيتوڻيڪ گيشا قد ۾ هن کان گرانٺ ڏيڍ کن ننڍي هئي پر سيٽان محسوس
ڪيو ته هوءَ هن سان وک ۾ وک ملائي نهايت آرام سان
هلي رهي هئي. ڍنڍ جي چوڌاري ٿورو پنڌ ڪرڻ بعد هڪ
ننڍڙي ٻيٽاري نظر آين جتي وڻن جي جهنڊ هيٺ
خاموشيءَ ۾ ويهي هو ڳالهائي سگهيا ٿي. هو ڪاٺين جي
پل ٽپي اتي پهتا ۽ هڪ هنڌ ڇٻر تي ويهي ڳالهائڻ
لڳا. چوڌاري ماٺ ئي ماٺ هئي. رکي رکي فقط ڪنهن
ننڍڙي پکيءَ لات ٿي لنوي يا ڪنهن جيت چرپر ٿي ڪئي.
سيٽان ڪنڌ هيٺ ڪري دل ئي دل ۾ اهو گهريو ته جيڪر رب کيس سهڻو
ٺاهي ها. پر پوءِ هن رب جي رضا تي راضي رهي ايندڙ
حالتن جو هر حال ۾ مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
'مس ڪانو' هن مس سدا بهار چنبيليءَ کي سندس اصلي ۽ ذاتي نالي
'ڪانو ماسايو' سان سڏيو.
”هئه ئي“ (جيءُ). هن جپانيءَ ۾ وراڻيو.
”مس ڪانو - آئون توکي فقط 'ماسايو' چئي مخاطب ٿيان؟” سيٽان
پڇيس.
گيشا سندس هٿ کي پنهنجي نازڪ هٿ سان ٿورو مهٽي جپانيءَ ۾ چيو:
”دوزو (ڀلي)، ري - ڪا - دو“ هن آخري لفظن جو هڪ هڪ
آواز ڌار ڌار اچاريو.
”ري - ڪادو نه پر ري - چرڊ - رچرڊ“، سيٽان پنهنجي نالي جي درستي
ڪئي، ”منهنجو نالو رچرڊ سيٽان
Richard - Seaton
آهي. پر دوست مون کي پيار مان ڊِڪ
Dick
سڏين.“
”ڊي - ڪو - سانَ“ (ڊِڪ - سائين) هن سندس نالو جپاني اسٽائيل ۾
چئي پوءِ ڪجهه دير لاءِ سوچيو. جڏهن سندس دماغ ۾
انگريزيءَ جا ڪافي لفظ گڏ ٿيا ته هڪ هڪ لفظ آهستي
آهستي ڪري چيو: ”يو هئو بيبيز؟“ (ڇا توکي ٻار
آهن؟)
”مون کي زال ئي نه آهي.“ هن سنجيدگيءَ سان چيو.
همدرديءَجا جذبا گيشا جي چهري تي تري آيا ۽ پڇيائين: ”شي ڊاءِ؟“
(هوءَ مري ويئي؟)
سيٽان ڪنڌ ڌوڻيو ۽ هٿ جون تريون کولي دکدائڪ حقيقت جو اظهار
ڪيو. ”ناٽ وانٽ؟“ (توکي ڪابه پسند نٿي ڪري) گيشا
وري انگريزيءَ ۾ پڇيو.
سيٽان کان هاڻ ان بابت وڌيڪ ڳالهايو نٿي ٿيو سو اٿي بيٺو. هو
جپاني عورت جي ڀيٽ ۾ گهڻو قداور لڳي رهيو هو. هن
جي ائين اوچتي اُٿڻ تي مس سدا بهار چنبيلي سمجهي
وئي ته سندس انگريزي سادي هجڻ ڪري شايد هوءَ ڪا
اهڙي ڳالهه ڪري وئي آهي جيڪا هن دل ۾ ڪئي آهي.
هوءَ به اٿي بيٺي ۽ هن کي پرچائڻ جي ڪرڻ لڳي. هن
کي ننڍي هوندي ئي اهو سبق سيکاريو ويو هو ته ڪنهن
به ماڻهوءَ جي ذاتي ڳالهه ۾ دخل انداز نه ٿيڻ کپي.
هوءَ پنهنجي بيوقوفيءَ تي شرمسار ٿي خطرناڪ انجام
بابت سوچڻ لڳي.
”آئون ڪنهن بهتر کان بهتر ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان.” سيٽان چيو.
آخرڪار گيشا کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به
ڇوڪريءَ هن ماڻهوءَ کي پسند نه ڪيو آهي ۽ نه وري
هي دل وندرائي سگهيو آهي جو ڪن سببن ڪري آمريڪا ۾
شايد ڪوبه گيشا گهر يا چڪلو نه آهي. هن پنهنجي دل
۾ سيٽان لاءِ همدردي محسوس ڪئي ۽ هن معصوم ۽ پيار
جي بکايل انسان جي ڏک جو سوچيندي هن جي اک مان
ڳوڙهو تري اچي ڳل تي ڪريو.
سيٽان اهو ڏسي پنهنجو ورمال ڪڍيو. پنهنجي کاٻي هٿ سان سندس کاڏي
مٿي ڪري اهو ڳوڙهو اگهيو ۽ پوءِ بنا ڪنهن سوچ
ويچار جي سيٽان هن جو منهن پاڻ ڏي نمائي کيس کڻي
چمي ڏني. مس سدا بهار چنبيليءَ جي چپن جو ڇهاءُ
اليڪٽرڪ جي ڪرنٽ کان گهٽ نه هو. هن هڪ دفعو وري هن
کي پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ ڀاڪر ۾ سوگهو جهلي کيس ٻيهر چمي
ڏني ۽ پوءِ اوچتو هن ڀاڪر کڻي ڍرو ڪيو. ۽ پنهنجي
ڪئي تي شرمساري ۽ گناهه محسوس ڪرڻ لڳو. هن گيشا کي
سندس اجازت بنا چمي ڏني - هن سوچيو، سندس اندر کڻي
ڪيترو به اجرو هجي ۽ ڀلي کڻي هن اهو سڀ ڪجهه نيڪ
نيتيءَ سان ڪيو هجي ته به اهو گناهه معافيءَ جوڳو
نه هو. هن کي لڳو ته هاڻ هوءَ پڪ ڪاوڙ ڪندي. هو هڪ
قدم پٺتي رڙهي پنهنجي ڀاڳ جو فيصلو هن جي اکين مان
پڙهڻ لڳو.
گيشا پنهنجو هٿ آهستگيءَ سان مٿي کنيو ۽ پنهنجن چپن کي ڇيهو:
”يو ڪس مي،“ (تو مونکي چمي ڏني) هن چيو. پوءِ
سيٽان جو چهرو ڪجهه سيڪنڊن لاءِ غور سان ڏسندي
رهي.
”فرسٽ ٽائيم.“ (پهريون دفعو مون کي ڪنهن چمي ڏني آهي.) هن سيٽان
کي ٻڌايو.
سيٽان کي هن جي ان ڳالهه تي يقين ئي نه آيو ۽ پوءِ بنا ڪنهن سوچ
سمجهه جي چئي ڏنائين: ”ڇو ڀلا، ائين ڪيئن ٿو ٿي
سگهي. تون ته هڪ گيشا آهين؟“
اهو ٻڌي هوءَ چپ ٿي وئي. ڄڻ کيس ڪو نانگ سونگهي ويو. ڪجهه
گهڙيون اڳ جيڪا هن جي اکين ۾ اونهائي هئي سا غائب
ٿي وئي ۽ پوءِ هن جي اکين ڏي نهاري ٽوڪ طور
وراڻيائين: ”هائو. آئون هڪ گيشا ئي آهيان.“ ۽ پوءِ
پنهنجي واچ ڏي ڏٺو.
سيٽان کي عورتن متعلق تمام گهٽ تجربو هو پر هو ايترو سمجهي ويو
ته هن جيڪا ڳالهه ڪئي سا هن جي محبوبا کي خراب لڳي
۽ هن غلط ڳالهه ڪئي آهي.
گيشا ڪا رنڊي نه آهي جنهن بابت ڌاريان ماڻهو اڪثر غلط سوچين ٿا.
پر بهرحال هو هڪ اهڙي اڻوڻندڙ ڳالهه ڪري ويٺو جنهن
جي تلافي ايڏي سولي نٿي لڳي.
في الحال هي اهڙو ڏيکاءُ ڏيندو رهيو ڄڻ ڪا ڳالهه نه ٿي آهي ۽ سڀ
ڪجهه ٺيڪ آهي. موڪلائڻ وقت هو مس سدا بهار
چنبيليءَ سان گڏ باغ جي در تائين آيو ۽ پوءِ
ٽئڪسيءَ ۾ هن کي ويهاري پوري ڌيان ۽ دل جوئيءَ سان
کانئس موڪلايو ۽ ياد ڪري ڊرائيور جي هٿ تي رستي جي
ڀاڙي لاءِ سؤ سؤ يين جا ٽي نوٽ رکيائين. پوءِ ڪار
جي دريءَ وٽ جهڪي، اندر ويٺل گيشا کي هٿ لوڏي
”تنهنجي وڏي مهرباني“ چيائين. گيشا ورنديءَ ۾ ڪنڌ
ڌوڻي مرڪيو. سندس مرڪ ڪاروباري هئي. هن يج رواني
ٿيڻ کان پوءِ سيٽان ٻيءَ ٽئڪسيءَ ذريعي هوٽل ۾
پهتو، سڄي واٽ کيس ڪو هوش نه هو. سندس ضمير کيس
شرمسار ڪري رهيو هو ته هن ائين ڇو چيو. هوٽل وٽ
پهچي هن هاٽسي باٿ (گرم غسل خاني) جو رُخ ڪيو. جتي
هن کي پهرين ڏينهن مسٽر ياماگچي ۽ فوتابا وارا وٺي
هليا هئا.
لابيءَ ۾ پهچڻ سان استقباليه ۾ ويٺل همراهه هن کي يڪدم سڃاڻي
ورتو ۽ پيرن تي اُڀو ٿي هن جي آجيان ڪيائين.
”توهان جي خدمت لاءِ پهرين ڏينهن واري ساڳي ڇوڪري
مس سميڪو کي موڪليان؟“ هن پڇيو.
”جيڪڏهن اها واندي هجي ته واهه نه ته ڀلي ڪابه هجي.“ سيٽان
وراڻيو.
هي ٿوري دير ويٺو رهيو تان جو اها ڇوڪري پهرين آيل گراهڪ کي
روانو ڪرڻ لاءِ جهڪي موڪلائي. پوءِ هن ڏي منهن
ورائي مرڪي: ”ڪوني چي وا،“ چيو. ظاهر آهي ته ان جو
مطلب گڊ آفٽر نون (منجهند وارو سلام) ٿيو. سيٽان
پاڻ به ساڳيا لفظ دهرايا ۽ ان پتڪڙي ڇوڪريءَ پٺيان
هلڻ لڳو جيڪا کيس ساڳي ڪمري ۾ وٺي آئي.
ڪلاڪ کن بعد جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن پاڻ ۾ عجيب تازگي محسوس
ڪئي. مس سدا بهار چنبيليءَ سان هن جيڪو اڻ سونهندڙ
گفتگو ڳالهايو هو ان جو احساس ڪجهه ڪجهه ڌوپي ويل
محسوس ڪيائين. واپس وري پنڌ ڪري هوٽل تي پهتو.
ڪمري ڏي وڃڻ کان اڳ 'استقباليه' تان چاٻيون کڻڻ
مهل ٽپال جو پڇيائين. ڪو خط يا تار ته نه آيل هئي
البت هن لاءِ نياپو ڇڏيل هو. مسٽر جارج ساڪاموتو
نالي ڪو همراهه آيو هو ۽ نياپو ڇڏي ويو هو ته مسٽر
سيٽان جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻو ناهي ته هو کيس
ستين بجي پاڻ سان ڊنر تي وٺي وڃڻ ۾ خوشي محسوس
ڪندو.
سيٽان ڪنهن به جارج ساڪاموتو نالي ماڻهوءَ کان واقف نه هو. پڪ
هن جو واسطو به ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارن سان ئي
هوندو. هن ڪلارڪ کي چيو ته فون ڪري کيس سندس دعوت
قبولڻ جو اطلاع ڪري.
هن اهوئي بهتر سمجهيو ته ڪاروباري قسم جي گفتگو سان سندس من جي
مونجهه ڪجهه هلڪي ٿي ويندي. |