11
سيٽان آمريڪا پهچي ٻئي ڏينهن پنهنجي آمريڪن
ڪمپنيءَ جي ڄاتل سڃاتل آفيس ۾ آيو جتي هن پنهنجي
زندگيءَ جو بي رونق وقت گذاريو هو. ڪمپنيءَ جي
ڊزائين انجنيئر مسٽر هرب پنهنجو ڪنڌ ڊرائنگ بورڊ
جي مٿان کڻي هن ڏي نهاريو. ”هيلو ڊڪ سيٽان!“ هن
کيڪاريس، ”تنهنجي عينڪ کي ڇا ٿيو؟“
”بس يار جپان پهچي ڪانٽئڪٽ لينس لڳائڻ شروع ڪري
ڏنم.“ سيٽان پنهنجي آفيس جي هن نقشا ٺاهيندڙ دوست
جي ڀر ۾ ٿي ويٺو. ”هرب، توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي اٿم
جنهن جي توکي ڄاڻ نه هوندي. تو جيڪا ماتسوموتو
ڪمپنيءَ لاءِ ڊيزائين ٺاهي هئي ان نقشي ۾ تمام وڏي
غلطي هئي. بهرحال تنهنجي نقشي مطابق هنن جپانين
اليڪٽرونڪ مشين ته ٺاهي ورتي، پر پوءِ کڻي جو چڪاس
ڪريون ته ڪم صفا نه ڪري.“
”نه يار. ائين وري ڪيئن؟“ هرب چيو.
”سچي، يقين ڪر. اهو ته شڪر ڪر جو ماتسوموتو وٽ هڪ
تمام ذهين انجنيئر فيوجي هارا نالي هو جنهن ان مان
چڪون ڪڍي نين سر نقشو ٺاهيو پوءِ ان مطابق جڏهن
مشين ٺاهي ويئي ته سمورا گهربل ڪم صحيح طرح ڪرڻ
لڳي، بلڪ هڪ اڌ وڌيڪ پڻ. بهرحال تون فڪر نه ڪر،
آئون تنهنجو اهو ڍڪ ڍڪي ڇڏيندس. پنهنجي ڪمپنيءَ جي
مالڪ کي اهو ٻڌائيندس ته جپاني ڪمپنيءَ وارن ان کي
وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ٿوري تبديلي آندي آهي.“
”ڊڪ! تنهنجي مهرباني جو منهنجي کل بچائي ورتي
اٿئي.“
”مڙيئي خير آهي. ڪڏهن تنهنجو به جپان وڃڻ ٿئي ته
ان انجنيئر فيوجي هارا جا ٿورا مڃي ڇڏجان”. في
الحال ان نقشي جا هتي پيل نقل ڪڍي گم ڪري ڇڏ.“
”ان جو فڪر نه ڪر. هاڻ تون اهو ٻڌاءِ ته جپان جي
گيشائن سان ڪا دل پشوري ڪئي يا نه؟“ هن سيٽان جي
پاسراٽين ۾ ٺونٺ هڻندي پڇيو.
”هائو بلڪل.“ سيٽان وراڻيو، ۽ ان ئي وقت فون جي
گهنٽي وڳي. هرب فون کنيو ۽ سيٽان وڌيڪ قصو ٻڌائڻ
کان بچي ويو. صاحب توهان سان ملڻ ٿو چاهي.
مشينريءَ جو آندل پرزو پاڻ سان کڻي وڃو.“
”چڱو.“ سيٽان پنهنجي بريف ڪيس کڻي روانو ٿيو.
آمريڪن ڪمپنيءَ جو مالڪ- جناب مرسر آفيس ۾ اندر
پنهنجي گول ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. ان
حال ۾ هو نوي سيڪڙو انسان لڳو ٿي ۽ ڏهه سيڪڙو
ڏنبرو مڇي. ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ وليم سن- قد
۾ ڊينڊو شيطان ته ڳالهائڻ ۾ ان کان به وڌيڪ. هن جي
ڀر ۾ ويٺو هو.
”توکي چاق چڱو ڀلو موٽندو ڏسي خوشي ٿي اٿم.“ مرسر
چيو، ”پڪ اٿم ته ڌڪو کائي پنهنجي عينڪ نه ڀڳي
هوندءِ.“
”نه سائين. جپان پهچڻ سان ڪانٽئڪٽ لينس وڃي
لڳرايم.“
”واهه! مون نٿي سمجهيو ته جپاني ڪو ان حد تائين
ترقي يافته ٿي ويا آهن جو ڪانٽئيڪٽ لينس به ٺاهڻ
لڳا آهن.“
”منهنجي خيال ۾ ته جپاني پهريان ماڻهو آهن جن اهي
ايجاد ڪيا.“ مرسر جي ڳالهه کي رد ڪد ڏيڻ خطرناڪ
غلطي هئي، پر سيٽان کي اها سمڪ ان وقت آئي جڏهن
ڳالهه ڪري ويٺو. بچاءَ لاءِ هن کي هلڪي واٽ نظر
آئي: ”سائين منهنجي خيال ۾ توهان ئي مون کي اها
ڳالهه ٻڌائي هئي.“
خطرناڪ جوس جيڪو مرسر جي طبيعت ۾ پيدا ٿيڻ لڳو اهو
گهٽجي ويو.
”ڀلا ماتسوموتو وارن کي ڳولڻ ۾ توکي ڪا تڪليف ته
درپيش نه آئي؟“
”نه سائين هن جي ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ مون کي
وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ کي آيو هو.“
مرسر عينڪ کي هيٺ مٿي ڪندي چيو: ”مون کي سمجهه ۾
نٿو اچي ماتسوموتو پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي جو
توکي وٺڻ لاءِ نه آيو؟“
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سيٽان مزي سان ڪوڙ ڳالهايو:
”سائين هو ان وقت آمريڪن ايئر فورس کان آيل وڏن
عهدن وارن عملدارن سان ڪانفرنس ۾ مشغول هو.“
”چڱو. اچو ته مشينريءَ جو نمونو ڏسون جيڪو
ماتسوموتو وارن ٺاهي موڪليو آهي.“ وليم سن چيو.
سيٽان بريف ڪيس کولي ان مان ماتسوموتو وارن جو
نمونو ڪڍي ٽيبل تي سهڻي نموني سان سينگاري رکيو.
ٻئي ڄڻا جهڪي ان کي غور سان ڏسڻ لڳا. ” هن ۾ هڪ
دلچسپ ڳالهه توهان کي ٻڌائڻ جي آهي.“ سيٽان چيو.
”ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو انجنيئر مسٽر فيوجي هارا
وڏي قابليت ۽ ذهانت جو مالڪ آهي. جڏهن اسان جي
نقشي مطابق مشينريءَ جو نمونو ٺهي رهيو هو ته هن
ان ۾ ٿوري ڦيرڦار آڻڻ جي رٿ ڏني. مون ان کي غور
سان جانچڻ بعد ان جي موڪل ڏئي ڇڏي.“
سيٽان جي ان ڳالهه جو اثر کنوڻ وانگر ترت نڪتو.
”ان جي موڪل 'تو' ڏيئي ڇڏي“ وليم سن چڙ مان جواب
طلب ڪيو.
”جي هائو، سائين! مسٽر فيوجي هارا جي ان رٿ ڪري
هاڻ اها ساڳي مشينري هڪ ٻه ٻيا ڪم به وڌيڪ ڪري
سگهندي ۽ ساڳي وقت هرهڪ نگ تي اسان کي ٻه ڊالر
يارهن سينٽ گهٽ ڀرڻا پوندا.“
وليم سن جي منهن ۾ هڪدم تبديلي اچي وئي ۽ هو
پنهنجي وڏي اختياري واري صاحب ڏي ڏسڻ لڳو. ”انهن
حالتن ۾، منهنجي خيال ۾ تنهنجو اهم قدم ٿورو گهڻو
صحيح هو.“
”مهرباني سائين. آئون هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان
ٿو: توهان جي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي چونڊ واقعي
لاجواب آهي. هو اليڪٽرانڪ جي سامان جا بهترين
ڪاريگر آهن ۽ ان سان گڏ بااخلاق پڻ. ان ۾ ڪو شڪ
ناهي پر سائين جپان ڌرتيءَ جو اهو حصو آهي جتي هر
وقت زلزلا ايندا رهن ٿا. وڏيون وڏيون عمارتون،
ڪارخانا، جايون ڏسندي ئي ڏسندي تباهه ٿيو وڃن ۽
خدا نه ڪري جو ماتسوموتو سيٺ جي ڪمپني اچي ٿي پٽ
پوي ته پاڻ ڪيڏانهن وينداسين. ان ڪري آئون هڪ ٻي
ڪمپني به جانچي آيو آهيان جيئن پاڻ کي مال جي
سپلاءِ لڳاتار پهچندي رهي ۽ هي انهن طرفان ٺاهي
ڏنل مشين جو نمونو آهي.“ سيٽان بريف ڪيس مان هڪ ٻي
اليڪٽرانڪ مشين جو نمونو ڪڍي ٽيبل تي رکيو. جيڪو
ساڪاموتو وارن ٺاهي ڏنو هوس.
”ان نموني لاءِ تو ڪيتري رقم خرچ ڪئي؟“ وليم سن
هڪدم پڇيو.
”ڪجهه به نه. ان ڪمپنيءَ پنهنجي مرضيءَ ۽ مشهوريءَ
ڪارڻ اهو مفت ٺاهي ڏنو. باقي اگهه جي لهه وچڙ لاءِ
وڌيڪ ٽي ڏينهن لڳي وڃن ها جيڪي مون في الحال وڃائڻ
نٿي چاهيا. پر ايترو آهي ته قيمت جي لحاظ سان هو
ماتسوموتو وارن جو سخت مقابلو ڪن ٿا.“
”ٿي سگهي ٿو- بلڪ ممڪن هجي ته هنن جون قيمتون گهٽ
هجن؟“ وليم سن چيو.
سيٽان چئلينج قبول ڪيو. ”بلڪل ممڪن آهي. پر مون کي
في الحال رڳو اهو فڪر هو ته ڪنهن ٻئي ذريعي جو به
بندوبست ڪجي جو ڪاروبار جي نقطي نظر کان اها ڳالهه
سمجهيم.“
”تو بلڪل عقل کان صحيح ڪم ورتو.“ مرسر چيو، ”هاڻ،
وليم سن منهنجي خيال ۾ ته سيٽان سان ڪالاهان واري
ڳالهه چوري وڃي.“
”هتي هڪ آمريڪن ڪمپني- ڪالاهان نالي آهي،“ وليم سن
ڳالهه شروع ڪئي، “اهي ڪنهن جپاني ڪمپنيءَ سان
رابطو رکڻ چاهين ٿا جيئن هن کان هو پنهنجي ضرورت
جو سامان ٺهرائي سگهن. جيئن ته هو اسان جا سڄڻ آهن
۽ اسان جي واپار سان ڪو مقابلو نه اٿن ان ڪري اسان
هنن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا. هنن اسان کان پڇيو پئي
ته جپان ۾ اسان جي ڪمپنيءَ جو ڪم ڪار ڪهڙو ماڻهو
پيو ڪري جيئن ساڳي ماڻهوءَ کي هو به جپان موڪلي
سگهن.“
”ڪالاهان ڪمپنيءَ جي ماڻهن سان آئون مختلف ميٽنگ ۾
ملي چڪو آهيان ۽ هنن کي سڃاڻان ٿو،“ سيٽان چيو،
”مون کي سندن مدد ڪندي خوشي ٿيندي.“
وليم سن هڪ نظر مرسر ڏي وجهي بعد ۾ سيٽان کي چيو،
”توکي اسان هڪ دفعو جپان موڪليو ته ان جو مطلب اهو
ناهي ته ڪو تون پاڻ کي وڏو هوشيار سمجهڻ لڳين.
ڪالاهان ڪمپنيءَ طرفان جيڪڏهن ڪو ماڻهو جپان جي
سلسلي ۾ لهه وچڙ ۾ ايندو ته اهو آئون هوندس.
منهنجي ڳالهه توکي سمجهه ۾ آئي.“
”بلڪل سمجهه ۾ آئي،“ سيٽان چيو، ”آئون مڃيان ٿو ته
منهنجي هن ڪمپنيءَ ۾ ڪا حيثيت ناهي.“ اهو چئي هو
اتي بيٺو. ”هاڻ جيئن ته جنهن ڪم لاءِ آئون جپان
ويو هوس، سو مڪمل ٿي چڪو آهي، سو آئون توهان جو
ٿورو ٿو مڃيان، جو توهان مونکي جپان موڪليو ۽ ان
سان گڏ مان توهان جي ڪمپنيءَ مان نوڪري ڇڏڻ جي
استعيفيٰ پيش ٿو ڪريان. ڪمپنيءَ جي قانون موجب بنا
اطلاع نوڪري ڇڏڻ ۾ ٻن هفتن جي پگهار جو چيڪ مون
پاران ٻاهران اچي پيو. مون کي جپان ۾ هڪ نوڪري ملي
هئي جا مون في الحال قبول نه پئي ڪئي. پر هاڻ
سمجهان ٿو ائين نه ڪيم ته اها وڏي بيوقوفي ٿيندي.“
مرسر هن ڏي ڪي گهڙيون نهاريندي پڇيو: ”ڇا تون اهو
ٻڌائڻ پسند ڪندين ته توکي هو ڪهڙي پوسٽ ڏئي رهيا
آهن؟“ هن ٽوڪ جي نموني ۾ پڇيو.
”جي هائو سائين. مون کي ماتسو ڪمپنيءَ ۾ وائيس
پريزيڊنٽ بنائي رهيا آهن.“
وليم سن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪي گهڙيون دريءَ
مان ٻاهر هڪ هنڌ بيٺل ٽڪريون ۽ وڻراهه ڏسندو رهيو
۽ پوءِ وري سيٽان ڏي نهاري پڇڻ لڳو: ”پگهار ڇا
ڏيندؤ؟“
”اٽڪل ٻيڻو.“
جيئن ته سيٽان دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هن کي
هيءَ ڪمپني ڇڏڻي آهي، ته هن هاڻ ان تي عمل ڪرڻ ئي
بهتر سمجهيو. جيتوڻيڪ عادت موجب رکي رکي سندس اندر
جو آواز اهوئي چئي رهيو هو ته چريائي ته نه پيو
ڪرين. هن پنهنجي ٽيبل جا سڀ ڪاغذ پٽ پنهنجي انچارج
حوالي ڪيا ۽ آفيس جي دوستن کي الوداع چئي گهر ڏي
روانو ٿيو. گهر پهچي هن فون کنيو ۽ جپان ۾
ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي نمبر تي ڪال بڪ ڪرايو ۽
آپريٽر کي پي پي ۾ ريڪو جو نالو ڏنو. ڏهن منٽن
اندر فون ملي ويو ۽ ٻئي پاسي ريڪو منتظر هئي.
”اوهيو گو ذائي ماس (صبح جو سلام) ريڪو چان (ريڪو
جان)“. سيٽان چيو.
جواب ۾ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي هن جي دل خوش ٿيڻ لڳي.
”ڊڪ چان (پيارا ڊڪ) تون ڪٿان پيو ڳالهائين؟“
”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا مان،“ سيٽان وراڻيس.
”ريڪو مهرباني ڪري سيٺ ماتسوموتو کي ٻڌاءِ ته مون
کي هن جي نوڪريءَ واري آڇ قبول آهي.“
”واهه واهه! ڊڪ جان. دوزو (ڏاڍو سٺو). ماتسوموتو
ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو. هڪ لمحي لاءِ ترس ته آئون کيس
اندر ڪمري ۾ ٻڌائي وٺان.“ ذري گهٽ هڪ سڄو منٽ
آمريڪا کان جپان تائين پئسفڪ سمنڊ ۾ وڇايل فون جي
تار تي ماٺ ڇانيل رهي، ان بعد ريڪو جو آواز آيو.
ڊوڙڻ ڪري سهڪي رهي هئي. ”ڊڪ چان، هن وقت مان سيٺ
ماتسوموتوءَ جي ئي آفيس مان پئي ڳالهايان. هو
توهان جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهي. تون بس
هليو اچ. اهو ٻڌاءِ ته ڪيترن ڏينهن اندر پهچي
ويندين؟“
”مون کي تياريءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، مڙيئي ٽي هفتا
کن.“
ٿوري ماٺ ٿي ويئي. پوءِ ريڪو چيو: ”سيٺ چئي پيو ته
تنهنجي مدد کان پوءِ ڪافي نئون ڌنڌو ملڻ شروع ٿي
ويو آهي. جيترو ٿي سگهي سگهوئي اچ. هو چئي پيو
توکي اچڻ جي ٽڪيٽ به ڪمپني ئي ڏيندي.“
سيٽان وراڻيو، ”توهان جي سخاوت لاءِ ٿورائتو
آهيان.“ ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي هن هڪ ذاتي سوال
پڇيو: ”ڀلا ريڪو مون لاءِ ڪو فون ته نه آيو؟“
”شي نو ڪال. آءِ ساري. (افسوس جو تنهنجي ساهيڙي
گيشا جو فون نه آيو) ڊڪ تون چئين ته آئون تو پاران
ڪجهه ڪريان؟“
”منهنجي خيال ۾ ته في الحال ڪجهه نه ڪر. بس جي هن
جو فون اچي وڃي ته ڇڙو چئجانس ته آئون جپان اچي
رهيو آهيان.“
”پيارا ڊڪ دلجاءِ ڪر. ايترو ته آئون به سمجهان
ٿي.“
ان بعد سيٽان 'سايونارا' (الوداع) چئي موڪلايو ۽
فون رکيو.
هن جلدي جلدي ڪم ڪاريون لاٿيون ۽ جپان رواني ٿيڻ
لاءِ ضروري سامان پئڪ ڪيو. جهاز ۾ چڙهڻ وقت هن کي
ائين لڳو ڄڻ ڪا طاقت هن کي وڃڻ کان جهلي رهي هجي ۽
چئي رهي هجي ته ڇو پيو وڃين، اتي ئي پنهنجن ۾ ئي
ترسي پئه جتي جو تون رهواسي آهين ۽ شاديءَ لاءِ به
پنهنجن مان ئي ڪا ڇوڪري ڳولي وٺ. پر هن انهن مڙني
خيالن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو. آمريڪا ۾ رهي سڄي عمر ان
ئي ڪمري ۾ نوڪريءَ بعد ڇا هڙ حاصل ٿي سگهي ٿو؟ ڪي
چند هزار ڊالرن جي بچت ۽ پنجويهه سال نوڪري ڪرڻ تي
ڪمپنيءَ طرفان هڪ تمغو- سو ڪهڙو پيٽ ڀري سگهي ٿو.
اڃا هو پنجٽيهن سالن جو به نه ٿيو آهي ته اهڙي
ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو آهي جنهن جي
وڌڻ ويجهڻ ۽ بين الاقوامي ٿيڻ جون ڪيئي اُميدون
آهن.
سئن فرانسسڪو ڇڏڻ وقت هن کي جيتوڻيڪ ڏک ٿيو، پر
اهوئي سوچيائين ته واپار جي سلسلي ۾ هن جو وري وري
پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ٿيندو رهندو ۽ پنهنجن سان پيون
روبرو ۽ فون تي ملاقاتون ٿينديون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي
ته هن کي پنهنجي ملڪ سان به پيار آهي.
ٽوڪيو جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي فيوجي هارا ۽ ريڪو
سندس آڌر پاءُ ڪيو ۽ کيس کلي کيڪاريو. ڪسٽم مان
آجو ٿيڻ بعد هنن کيس سيٺ ماتسوموتو جي ڪار ۾ اچي
ويهاريو. ريڪو کيس ٻڌايو: ”فيوجي هارا توهان جي
رهائش لاءِ جاءِ به هٿ ڪري ورتي آهي ۽ مهيني کن جي
مسواڙ به ڏئي ڇڏي آهي. ان جاءِ ۾ پهرين آمريڪن
ايئر فورس جو ڪمانڊر رهيو ٿي جيڪو هاڻ الاسڪا بدلي
ٿي ويو آهي. جيڪڏهن توکي اها جاءِ پسند آئي ته ان
۾ ئي رهجانءِ نه ته مهيني بعد ٻي جاءِ ڳولي
وٺنداسين. اها جاءِ ايڏي ڪا وڏي ناهي پر آفيس کي
ايترو ويجهي آهي جو فقط هڪ سؤ يين ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو
لڳي ٿو. ڪم ڪار لاءِ جيڪا نوڪرياڻي رکي اٿئون اها
تنهنجي پسند جو رڌ پچاءُ به ڪندي.“
اها جاءِ ڪاٺ جي هڪ ٻماڙ عمارت جي پهرين منزل تي
هئي، جنهن کي ٿورو گهڻو مغربي طرز جو بنايو ويو
هو. گهر ۾ گهڙڻ سان ڪم واري مائي، جنهن کي غور سان
ڏسڻ سان به سندس عمر جي ڪا صحيح پروڙ نٿي پيئي،
ذري ذري جهڪي، گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڊزن دفعا مانائتي
انگريزيءَ ۾ چيو: ”ويلڪم، نيو ماسٽر“ (ڀلي ڪري
آيئو نوان مالڪ.)
”هيءَ جاءِ بلڪل صحيح آهي.“ سيٽان پنهنجن دوستن کي
دلداري ڏني.
”تون هينئر ٿڪل هوندي. ڪجهه دير ننڊ ڪري وٺ ۽
وهنجي سهنجي تازو ٿيءُ،“ ريڪو صلاح ڏنيس ۽ پوءِ
آهستي چيس: ”هن جو ٽيليفون اڃا نه آيو آهي، پر پڪ
ڪنهن نه ڪنهن وقت اچي ويندو.“
نرم بستري کي ڏسي سيٽان جي سمهڻ تي هيڪاندي دل ٿي.
هن فيوجي هارا سان هٿ ملائي موڪلايو ۽ بنا ڪنهن
هٻڪ جي ريڪو کي چمي ڏئي روانو ڪيو. پوءِ ڪم واريءَ
مائيءَ کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ سمهڻ
ٿو چاهي سو کيس اُٿاريو نه وڃي. قدرت خدا جي هوءَ
اها ڳالهه بلڪل سمجهي ويئي ۽ پوءِ جڏهن ننڊ ڪري
اُٿيو ته نوڪرياڻيءَ رات جي ماني آڻي ڏنس. هن کي
ائين محسوس ٿيو ڄڻ صحيح معنيٰ ۾ سندس زندگي ئي هاڻ
شروع ٿي آهي.
صبح جو، هو فئڪٽريءَ روانو ٿيو. ماتسوموتو پاڻ هلي
اچي هن سان لابيءَ ۾ مليو ۽ جوش خروش سان کيڪاري
کيس آفيس تائين وٺي آيو جيڪا ڪا گهڻي وڏي ته نه
هئي، پر جپاني معيار کان تمام گهڻي وڏي هئي. پوءِ
ياماگچيءَ اچي هٿ ملايس. هو پاڻ سان گڏ هڪ نوجوان
عورت به وٺي آيو هو. ”مهرباني ڪري هن سان ملو.
هيءَ آهي مسز ايلن يامادا.“
”گڊ مارننگ، مسٽر سيٽان،“ مسز ايلن صاف انگريزي
لهجي ۾ ڳالهايو، ”آئون توهان جي سيڪريٽري ٿيڻ واري
آهيان- منهنجو مطلب آهي جيڪڏهن توهان قبول ڪيو
ته.“
سيٽان پنهنجا هوش جاءِ ڪندي چيو: ”مون کي توهان
سان ملي خوشي ٿي، مسز يامادا. توهان جي انگريزي ته
واهه جي آهي.“
هن وڻندڙ نموني سان کلندي چيو، ”آئون دراصل آمريڪن
ئي آهيان. منهنجا ماءُ پيءُ هتي جپان ۾ ئي ڄاوا.
منهنجو مڙس جپاني آهي ۽ آرميءَ ۾ ڪم ٿو ڪري، ان
ڪري آئون انگريزي به ڳالهائي سگهان ٿي ته جپاني
پڻ.”
”آهي نه واقعي ڪمال؟“ ياماگچيءَ لفظن جو انسرشن
ڪيو.
”هئه“ سيٽان جپانيءَ ۾ هائوڪار ڪئي.
مسز يامادا پيشيورانه انداز ۾ ڪم جي ڳالهه شروع
ڪئي.
”سر- جپان ۾ آمريڪن هوائي بيس جو ڪرنل هاورڊ توهان
سان ملي نئين راڊار جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ چاهي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه، سيٺ ماتسوموتوءَ پنهنجي آفيس جي
ڪارخاني ۾ هڪ نئون کاتو کوليو آهي جنهن کي توهان
”انگلش اسپيڪنگ ڊپارٽمينٽ“ چئي سگهو ٿا جيڪو توهان
جي صلاح مشوري سان مس ريڪو هلائيندي. في الحال
جيڪا شي”/ آرڊر انگريزيءَ ۾ ايندو اهو اسان وٽان
ٿيندو ويندو.“
سيٽان پنهنجي مضبوط ڪرسيءَ تي ويهي اڳيان رکيل
نئين ٽيبل کي ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو: ڪاش وليم سن
هن وقت کيس ڏسي سگهي. پوءِ هن کي دل ئي دل ۾ آيو
ته هاڻ هن کي هڪ منو ٿي ڪم ۾ جنبي وڃڻ کپي ۽ اهو
ثابت ڪري ڏيکارڻ کپي ته هو واقعي ان نوڪريءَ جي
لائق آهي. جيڪا کيس جپانين ڏني آهي. پوءِ هن ٽيبل
تي رکيل فون ڏي نهاريو ۽ ان نمبر جو سوچيو جيڪو هن
لڳائڻ ٿي چاهيو. پر ٻي گهڙيءَ پاڻ کي اهو سمجهائي
ڌتاري ڇڏيو ته مس سدا بهار چنبيليءَ رات جو دير
تائين ڪم ٿي ڪري ۽ هينئر صبح ساڻ کيس فون ڪري ننڊ
مان اُٿارڻ سٺو نه ٿيندو. پوءِ هن جي نظر ٽيڪ جي
ٺهيل ٽري ۾ رکيل ٽپال ڏي ويئي. هو ڪم ڪار جا آيل
خط ۽ تارون ڪڍي پڙهڻ ۾ لڳي ويو.
آخرڪار ساڍي ٽي وڳي ڌاري جيئن ئي ايلن هيڏانهن
هوڏانهن پاسيري ٿي ته هن ڏڪندڙ آڱرين سان ماسايو
جو نمبر گهمايو. پهرين ئي گهنٽيءَ بعد ڪنهن ڳري
آواز واري ماڻهوءَ کيس جپانيءَ ۾ ڪجهه چيو. هن
يڪدم فون بند ڪري وري ٻيهر نمبر گهمايو. پر نتيجو
ساڳيو نڪتو. هن مٿي نهاريو ته آفيس جي در وٽ ريڪو
باادب بيٺي هئي. هن کيس اندر سڏيو. ”مون کان نمبر
لڳي نٿو، ريڪو.“
ريڪو سمجهي ويئي. هن ڪنڌ جهڪائي چيو: ”ڊڪ چان
ماسايو سان جو فون ڪٽجي ويو آهي ۽ هوءَ اڄڪلهه
گيشا گهر ۾ ڪانهي. مون پاڻ به ڪالهه هن کي توهان
خاطر فون ڪرڻ چاهيو ٿي، پر خبر پيئي ته هوءَ اتي
ڪانهي. مون پڇا ڪئي ته هوءَ اڄڪلهه ڪٿي آهي ته هنن
اهو به نه ٻڌايو. منهنجي معلوم ڪرڻ تي جڏهن خبر
نه پيئي ته پوءِ ماتسوموتوءَ به ڪوشش ڪئي، پر
گيشا گهر وارا بهانا ڪندا رهيا. جڏهن هو
ماتسوموتوءَ کي به نٿا ٻڌائين ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي
به نه ٻڌائيندا. هونءَ اهو واقعي سٺو نه ٿيو، ڊڪ-
چان.
هن کي اهو ٻڌي ٿورو صدمو ضرور پهتو. في الحال هن
اهوئي سوچيو ته ڪجهه وقت لاءِ کيس فون نه ڪندو.
ان ڏينهن شام جو هن ريڪو ۽ فيوجي هارا سان گڏ ماني
کاڌي جنهن ۾ هو ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندا رهيا.
ويندي اهو به تو هو هڪ ٻئي جون زبانون سکڻ جي ڪوشش
ڪندا.ان بعد سيٽان سڪون سان اچي ستو.
ٻئي ڏينهن منجهند جو نقشا جاچيندي هن مسز ايلن کي
مسٽر ساڪاموتو جو فون ملائڻ لاءِ چيو.
”گڊ آفٽر نون.“ سيٽان فون تي ساڪاموتو کي کيڪاريو.
”مون توهان کي فون ڪري اهوئي معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو
ته توهان جي صحبت آئون ڪيترو جلد ماڻي سگهان ٿو؟“
”مون کي پڻ توسان ملي خوشي ٿيندي. نئين نوڪريءَ
لاءِ مون طرفان دلي مبارڪون قبول ڪريو. مون کي پڪ
آهي ته توکي ان نئين قدم کڻڻ جو افسوس نه ٿيندو.
ترس ته ڏسان ته مون کي ڪڏهن واندڪائي ٿي سگهي ٿي-
هي هفتو ته سڄو مشغول آهيان بلڪ ٻئي هفتي ۾ به ڪا
شايد ئي واندڪائي نڪري سگهي. ان کان پوءِ آئون
مهيني لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهيان. بس جيڪا ڪا
فرصت اٿم- سا به ٿوري دير لاءِ اڄ شام جو ئي آهي.
ايترو جلد خبر ناهي توهان واندڪائي ڪڍي سگهندئو يا
نه.“
”بلڪل واندڪائي آهي.“ سيٽان کيس خاطري ڏني،
”مهرباني ڪري توهان ڪا ملڻ لاءِ جاءِ سوچي منهنجي
سيڪريٽريءَ کي ٻڌائيندا ته آئون اتي پهچي ويندس.“
”ها بلڪل. هن کي فون ڏيو ته سمجهايانس.“
باقي وقت هو آفيس ۾ مختلف نقشن تي ڪم ڪندو رهيو ۽
جتي جتي ضرورت هئي اتي هو تبديلي ۽ درستي ڪندو
رهيو. ان بعد مطمئن ٿي گهر پهتو. وهنجي سهنجي،
ڪپڙا مٽائي ۽ پوءِ ريل رستي شهر پهتو.
دستور موجب ساڪاموتو پوري وقت تي پهچي چڪو هو جنهن
جهڙي پابندي جپان ۾ ايترو عام ناهي- سواءِ ريل
گاڏين جي. رسمي کيڪار کڙيءَ کان پوءِ هو مانيءَ
لاءِ ويٺا.
”مون تنهنجو ڏنل مشينريءَ وارو نمونو پنهنجي
آمريڪن ڪمپنيءَ کي ڏنو،“ سيٽان ٻڌايس. ”هو تنهنجي
قابليت مان تمام گهڻو متاثر آهن ۽ جي کين ضرورت
پيئي ته ٻي نمبر تي توهان کي ئي آرڊر ڏيندا.“
”تنهنجي وڏي مهرباني جو اسان جو خيال ڪرين ٿو.“
جارج ساڪاموتو چيو.
”ٻي ڳالهه: آمريڪا جي هڪ ٻي ڪمپني 'ڪالاهان ڪمپني'
اليڪٽرانڪ وغيره جو ڪجهه سامان جپان مان ٺهرائڻ
چاهي ٿي ۽ کين ڪنهن جپاني ڪمپنيءَ جي ان ڪم لاءِ
ڳولا آهي. مون وٽ سندس هن وقت ائڊريس ناهي. پر اها
آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ آهي. آئون هنن کان توهان
لاءِ آرڊر وٺڻ چاهيان ٿو پر ڪن مجبورين ڪري آئون
ساڻن سڌي طرح نه ڳالهائيندس. توهان پاڻ هنن سان
لهه وچڙ ۾ اچو.“
ساڪاموتو کيسي مان هڪ ننڍڙي چوپڙي ڪڍي ان تي
ڪمپنيءَ جو نالو درج ڪيو. ”آئون ساڻن سڀاڻي ئي فون
تي ڳالهائيندس. هونءَ اسان کي اها ڄاڻ ڏيڻ لاءِ
وڏي مهرباني.“
”“ هاڻ هڪ بلڪل الڳ ذاتي ڳالهه.“ سيٽان شروع ٿيو،
”پاڻ پهرين به مس سدا بهار چنبيليءَ بابت ڳالهائي
چڪا آهيون. هن کي آئون اڃا به دوست سمجهان ٿو
جيتوڻيڪ وچ ۾ اسان جي ڪافي عرصو جدائي ٿي ويئي ان
ڪري هاڻ سندس پتو نٿو پوي ته هوءَ ڪٿي آهي. ٿي
سگهي ٿو توکي ڪا ان بابت معلومات هجي؟“
ڪجهه دير ماٺ اختيار ڪرڻ بعد ساڪاموتو چيو:
”مسٽر سيٽان، آئون توکي ڪجهه گيشا جي طور طريقن
بابت ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. جپان جو اهو هڪ تمام
پراڻو پيشو، رسم، ادارو ۽ وهنوار هلندو اچي. جڏهن
ڪا ڇوڪري ڪنهن گيشا گهر ۾ داخل ٿئي ٿي ته هن کي
اتي ڪيتريون ئي شيون سيکاريون وڃن ٿيون. جيئن ته
ڳائڻ وڄائڻ، هار سينگار، چرچو ڀوڳ، مختلف قسم جي
ماڻهن سان ڳالهائڻ جا طريقا، اُٿڻي ويهڻي، لکڻ
پڙهڻ، مختلف رانديون، ادب، شعر و شاعري وغيره
وغيره. پوءِ ڪافي سالن بعد هوءَ مڙني ۾ جڏهن ڀڙ
ٿيو وڃي ته پوءِ هوءَ مائيڪو ليکي وڃي ٿي ۽ پوءِ
اڃا به ڪجهه سال رکي هن تي گيشائڪو نالو رکيو وڃي
ٿو ۽ اڪيلي سر ڪم تي- ماڻهن جي دل وندرائڻ، دعوتن
۾ شرڪت ڪرڻ وغيره وغيره لاءِ موڪليو وڃي ٿو. اهو
سمورو عرصو گيشا گهر وارا مٿس خرچ پکو ڪن ٿا. يعني
جڏهن هوءِ گيشا ٿي ڪمائڻ لائق ٿيندي آهي ته ان
درجي تي پهچندي پهچندي هوءَ گيشا گهر جي تمام گهڻي
مقروض ٿي چڪي هوندي آهي- جو ظاهر آهي ننڍي هوندي
کان سندس کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪهڻ ۽ ڪپڙي گنديءَ جو خرچ
گيشا گهر جي مالڪڻ پئي ڏنو. ايترو ڪافي آهي يا اڃا
ٻڌايان، ٿڪجي ته نه پيا آهيو نه؟“
”نه. نه.“ سيٽان چيو. ”آئون تمام گهڻي چاهه سان
ٻڌي رهيو آهيان، مهرباني ڪري ٻڌايو.“
”ڪڏهن ڪڏهن ڪي غريب گهراڻا پنهنجيون ڌيئر گيشا گهر
۾ اچي وڪڻي ويندا آهن. ڪڏهن ته وري سکئي ستابي گهر
جون ڇوڪريون پنهنجي شوق سان اچي گيشا گهر ۾
رهنديون آهن. ان ڪري جو هو ان گليمر، رنگيني ۽
رونق واري جيون کي پسند ڪن ٿيون يا وري پنهنجي
ڪنهن مائٽياڻي گيشا کي ڪامياب ۽ خوشيءَ جي زندگي
گهاريندو ڏسي، هر کجي اچن ٿيون. هاڻ، منهنجي خيال
۾ ته تون اهو معلوم ڪرڻ چاهين ٿو ته آيا گيشا شادي
ڪري سگهي ٿي يا نه. اهو ڪم ايترو عام ناهي، يا ان
صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جو سندس مڙس ان گيشا جو سمورو
قرض گيشا گهر کي ادا ڪري واڌو ڪجهه مٿان ٻي به
رقم. ۽ پوءِ ڇوڪريءَ کي اهڙي نموني سان رکي سگهي
جنهن جي هوءَ عادي ٿي چڪي آهي. عام طرح گهڻو تڻو
ائين ٿيندو آهي جو گيشا پنهنجو ڪو سرپرست ڳولي/
چونڊي وٺندي آهي- جو اهو سمورو خرچ ادا ڪرڻ لاءِ
تيار هوندو آهي جيڪو هن تي گيشا ٿيڻ تائين آيو ۽
پوءِ هو هن کي ٻي زال ڪري رکندو آهي.“
”منهنجي خيال ۾ ته اها سريت ئي ٿي.“ سيٽان چيو.
”ذري گهٽ، ها. ائين ئي چئي سگهين ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته
اهي نوجوان گيشا عورتون گيشائون ٿي ڪم جاري
رکنديون آهن، پر پنهنجي سرپرست جي سڏ تي ٻين
گراهڪن کي ڇڏي پهرين هن وٽ وينديون آهن. گيشائن جو
وڏو تعداد اهو طريقو اختيار ڪري ٿو. گيشا گهر ته
بلڪل هر صورت ۾ اها ڪوشش ڪندو ته مس سدا بهار
چنبيلي گيشا واري ڌنڌي سان ئي لڳي رهي جو هوءَ هنن
لاءِ ڄڻ بئنڪ ۾ رکيل دولت ٿي.“
”بهرحال في الحال ته هوءَ هتان ڪنهن ٻي طرف هلي
ويئي آهي ۽ گيشا گهر سندس پار پتا ڏيڻ کان انڪار
ڪري ٿو. ڇا تون، پنهنجي هيتري اثر رسوخ هوندي
ايترو ڪجهه ڪري سگهين ٿو جو هن کي ڳولڻ ۾ منهنجي
مدد ڪري سگهين؟“
ساڪاموتو ڪافيءَ جو خالي ٿيل ڪوپ پاسي تي رکي ڊگهو
ساهه کنيو. ”مسٽر سيٽان، ڪيڏو نه اڀاڳ آهي جو تو
گيشا کي ئي پنهنجي پسند جي ڇوڪري چونڊيو. هونءَ
جيڪڏهن دل ۾ نه ڪريو ته آئون توهان کان اهو پڇي
سگهان ٿو ته ڇا توهان مس سدا بهار چنبيليءَ کي ان
ڪري چونڊيو آهي جو توهان جي نظرن ۾ هوءَ جپان جي
هڪ بافضيلت ڌيءَ آهي؟ جپاني سڀ ڇوڪريون هونءَ به
دنيا ۾ اُتم سمجهيون وڃن ٿيون. ٿوري ئي ڄاڻ سڃاڻ
پيدا ڪرڻ سان توهان کي ان کان به وڌيڪ فضيلت
واريون ڇوڪريون ڪيترن ئي جپاني گهرن ۾ ملي سگهن
ٿيون.“
”منهنجي دلچسپي هڪ- ۽ فقط هڪ ماسايوڪانو ۾ آهي.
جيڪڏهن هوءَ پل تان ڪري پوي ۽ کيس سڄي عمر ڦيٿن
واري ڪرسيءَ تي رهڻو پوي ته به هوءَ مون لاءِ ساڳي
ماسايوڪانو آهي.“
”ڇا ان حد تائين تون هن کي چاهين ٿو، مسٽر سيٽان؟“
”جي ها. بلڪل، ۽ توهان مون کي پنهنجو سمجهي
'سيٽان' بدران فقط 'ڊڪ' چئي سگهو ٿا.“
”چڱو ڊڪ، جيتري ٿي سگهندي آئون ڪوشش ڪندس.“
ساڪاموتو سيٽان کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي پوءِ گهر
تائين ايندي وقت هو ان منجهيل مسئلي کي سلجهائڻ
بابت سوچيندو رهيو. ڇوڪريءَ کي ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم
ناهي، پر هي اخلاقي پهلوءَ کان سوچي رهيو هو ته
آيا هي ان ڪم ۾ هٿ وجهي يا نه. سيٽان لاءِ
ڪانوماسايو جي ڳولا ڪري يا نه. هن کي هڪ پراڻي
جپاني چوڻي ياد اچي ويئي: ”ماڻهوءَ کي پنهنجي زال
ڳولڻ لاءِ پنهنجو گهر ئي جانچڻ کپي.“
جيڪڏهن هو شادي ٿا ڪن ته هنن کي انگريزي يا
جپانيءَ ۾ چڱيءَ طرح هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ سالن جا
سال لڳندا. هن جي ڌيان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مکيه
ڳالهيون هيون جن آمريڪا ۽ جپاني تهذيبن کي ڌار ڌار
ڪيو ٿي. ان کان علاوه ذات پات جو به سوال هو-
بهرحال انهن کي ته هن ڪابه اهميت نٿي ڏني. ماڻهن
جا فقط ٻه قسم آهن- هن دل ئي دل ۾ سوچيو- سڌريل ۽
اڻ سڌريل.
هاڻ سيٽان جيئن ته جپان جو ذري گهٽ مستقل شهري ٿي
رهڻ لڳو هو، ان ڪري گيشا گهر هن کان سنئون سڌو
احتياط ڪيو ٿي. ساڪاموتو کي مليل اطلاع مطابق مس
سدا بهار چنبيليءَ وارو گيشا گهر ان بندوبست ۾ لڳو
پيو هو ته بنا ڪنهن دير جي ڪو سرپرست ڳولي کيس ان
جو پابند بنايو وڃي.
هوڏانهن سيٽان ماتسوموتو ڪمپينءَ جي پراڻي گراهڪ
سان ملڻ لاءِ ٻئي هفتي جي شروع وارن ڏينهن ۾
فلپائين روانو ٿي ويو. اتي پهچڻ سان جڏهن هن واپار
ٽٽڻ جو جائزو ورتو ته خبر پيس ته اهو سڀ ڪجهه ان
ڪري ٿيو جو هڪ ته ٻئي جي زبان سمجهڻ لاءِ ڪو رابطو
نه هو ۽ ٻيو ته فلپائين وارن تي اهو غلط اثر ويهي
ويو هو ته ماتسوموتو ڪمپني ڏيوالي ۾ هلي ويئي آهي.
اهي سڀ ڳالهيون دور ڪرڻ لاءِ سيٽان سٺو پارٽ ادا
ڪيو.
ماتسوموتو وڏي پگهار تي پاڻ وٽ جو هي آمريڪن وائيس
پريزيڊنٽ رکيو هو، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته جيئن
هو نه فقط انجنيئرنگ جا مسئلا حل ڪري پر ماڻهن سان
لهه وچڙ ۾ اچي پراڻا وڃايل گراهڪ پڻ هٿ ڪري. ٽي
ڏينهن فلپائين ۾ رهي سيٽان ٽوڪيو واپس وريو.
واپسيءَ تي هوائي جهاز ۾ ويٺي هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ
آئي. هن کيسي مان ننڍڙي چوپڙي ڪڍي ان تي ڪو نالو
لکيو. بس ڀاڳ خراب نه نڪري باقي هن کي يقين هو ته
هو هاڻ مس ڪانوماسايو جو پتو لهي وٺندو. |