5
ٻئي ڏينهن صبح جو ٽاءِ ٻڌندي سيٽان پاڻ بابت سوچيو ته جيتوڻيڪ
هو ڇوڪرين سان سنگت رکڻ جي معاملي ۾ ناتجربيڪار
آهي، پر منجهس سٺيون عادتون ۽ دل جي صاف گوئي ٻه
اهڙيون شيون آهن جن جي ڪري سندس محبوبه به پڪ هن
تي فدا ٿيندي هوندي. نئين ائڊوينچر جي شوق ۾ هو
بئگ کڻي ٽوڪيو جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن ڏي روانو
ٿيو.
هن اڳ ڪڏهن به ماڻهن کي ايڏو تڪڙو تڪڙو هلندي نه ڏٺو هو- انسانن
جو هڪ سمنڊ هو، جيڪو هزارين مختلف منزلن ڏي وڃي
رهيو هو. نيو ٽوڪئڊو ريلوي لائين جا پليٽ فارم
ماڻهن جي هشامن سان سٿيا پيا هئا. ڊگهيون اليڪٽرڪ
جون ريل گاڏيون نانگڻين وانگر اسٽيشن اندر مقرر
وقت تي اچي وڃي رهيون هيون. جپان دنيا ۾ هڪ اهڙو
ملڪ آهي جتي ريل گاڏيون مقرر ڪلاڪ ته ڇا پر پورن
منٽن ۽ سيڪنڊن تي پهچن ۽ ڇٽن ٿيون. اهو هتي وقت جي
پابنديءَ جو ڪمال آهي. پليٽ فارم تي ننڍا ننڍا انگ
لکيل هئا جن جي سامهون مقرر گاڏا اچي ٿي بيٺا.
سيٽان پنهنجي گاڏي نمبر پنجين ۾ چڙهڻ لاءِ
سولائيءَ سان جاءِ ڳولي ورتي.
ٿوري دير بعد گاڏي ترندي آئي ۽ بنا ڪنهن لوڏي جي پنهنجي مقرر
هنڌ تي بيهي رهي. پليٽ فارم تي لکيل انگن جي بلڪل
سامهون انهن انگن جا گاڏا هئا. دروازا کليا ۽
ماڻهو اندر گهڙڻ لڳا. سيٽان پنهنجي فرسٽ ڪلاس جي
دٻي ۾ مليل نمبر واري سيٽ تي اچي ويٺو. هن واچ ۾
وقت ڏٺو. گاڏي ڇٽڻ ۾ اٺ منٽ باقي هئا. هن کي
پريشان وڪوڙي وئي ته سندس محبوبا خبر ناهي ايندي
به يا نه. ٽن منٽن تائين ته هو پاڻ کي گهٽ وڌ
چوندو رهيو ته اجايو ٻاهر مسافريءَ جو پروگرام
رٿيوسين. هتي نه هڪ گاڏي آهي ۽ نه هڪ پليٽ فارم. ۽
وري ساڳي پليٽ فارم تان چوويهن ڪلاڪن ۾ ڪيئي
گاڏيون پيون ڇٽن. ٿوري ڀل چڪ به پروگرام ۾ رولو
وجهي سگهي ٿي. ان کان ته فلم ڏسڻ جو پروگرام رکجي
ها ته غلط فهميءَ جو ڪو انديشو ته نه رهي ها. هي
پريشانيءَ ۽ مونجهاري جي عالم ۾ انتظار ڪرڻ لڳو ۽
اهو ارادو ڪيائين ته آخري منٽ تائين هو سندس
انتظار ڪندو پوءِ به جيڪڏهن هوءَ نه آئي ته پاڻ
لهي ويندو. انهيءَ ٻڏتر ۾ هو ته ڪنهن نازڪ هٿ جو
ڇهاءُ هن پنهنجي ڪلهي تي محسوس ڪيو ۽ ڪنڌ مٿي کڻي
ڏٺائين ته هوءَ بيٺي هئي.
مس سدا بهار چنبيليءَ کي ڏسڻ شرط پاڻ پيرن تي اُٿي بيٺو. هن
کانئس ٿيلهو وٺي مٿي تختي تي رکيو ۽ کيس پنهنجي ڀر
۾ دريءَ واري پاسي کان ويهڻ لاءِ جاءِ ڏني ۽ اکين
ئي اکين ۾ هن جا ٿورا مڃيائين جو هوءَ مٿس ڀروسو
رکي گڏ گهمڻ لاءِ هلي آئي هئي. هن کي گهٽيءَ يا
گهر ۾ پائڻ وارا ڪپڙا پاتل هئا ۽ واقعي بلائوز ۽
اسڪرٽ ۾ بيحد وڻندڙ لڳي رهي هئي.
”اوهيو گو ذائي ماس“ هن جپانيءَ ۾ صبح جي کيڪار ڪئي.
”اوهيو گو ذائي ماس، ماسايو سانَ“
سيٽان به جپانيءَ ۾ ئي ورندي ڏني، جنهن جي عيوض مس ڪانو ماسايو
دل لڀائيندڙ مرڪ چپن تي آندي. سيٽان کي ڄڻ خاطري
ملي ته گذريل دفعي پارڪ ۾ جيڪا هن کان غلطي ٿي هئي
تنهن کي هن درگذر ڪري ڇڏيو آهي.
پوءِ ريل جي سفر جا پورا ٽي ڪلاڪ هن کي هڪ حسين ترين عورت سان
گڏ ويهڻ جو ڀرپور مزو نصيب ٿيو. مزي جي ڳالهه اها
جو سمورو وقت هوءَ به هن جي ڳالهين مان محفوظ رهي.
جيئن ئي هو هڪ ٻئي سان بي حجاب ٿي ويا ته سيٽان
محسوس ڪيو ته هن جيترو سمجهيو ٿي هوءَ ان کان گهڻو
وڌيڪ انگريزي ڳالهائي سگهي ٿي.
سفر دوران هن منجهند جي ماني ريل گاڏيءَ جي ڊائيننگ ڪار ۾ وڃي
کاڌي. ٻئي ٽيبل جي هڪ طرف ٿي ويٺا ۽ سامهون دريءَ
مان نه کٽندڙ نظارا هئا جن مان هڪ ڪڏهن به نه
وسرندڙ فيوجي جبل جو هو. هڪ سؤ پنجويهه ميل في
ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي سيٽان دل ئي دل ۾
جپاني انجنيئرن جي اعليٰ ذهن جي تعريف ڪرڻ کان رهي
نه سگهيو جن هن قسم جي ريل گاڏي ٺاهي آهي. آمريڪا
جي ڪابه شيءِ هن ريل سان ڀيٽي نٿي سگهي.
شام ڌاري هو ڪيوٽو شهر ۾ داخل ٿيا ۽ پوري وقت تي- ويندي سيڪنڊن
جي حساب سان، گاڏي ڪيوٽو اسٽيشن تي اچي بيٺي. جيئن
ئي هو ٻاهر پليٽ فارم تي نڪتا ته سامهون ايندڙ هڪ
جوان مڙس کانئن اچي سامان ورتو.
”سائين ڪيوٽو ۾ ڀلي ڪري آيائو. اچو، توهان لاءِ ٻاهر ڪار بيٺي
آهي جيڪا توهان کي توهان جي رهائش واري مسافرخاني
تائين پهچائيندي.“ ٻاهر نڪري هن سامان هڪ ڪار جي
ڊڪيءَ ۾ وڌو. اها ڪار عام قسم جي ٽئڪسي نه هئي، پر
سڄي ڏينهن لاءِ مسواڙ تي جهليل پرائيويٽ نموني جي
ڪار هئي. اهو ماڻهو جيڪو پورن ٻن ڏينهن لاءِ ملڪ
جي خوبصورت ترين گيشا جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو
سو هڪ عام ٽئڪسيءَ ڪيئن موڪليندو. اسٽيشن تي آيل
همراهه هن کي ڪار ۾ ويهاري ڊرائيور کي جپانيءَ ۾
سمجهايو. سيٽان دل ئي دل ۾ ريڪو جي تعريف ڪئي جنهن
هنن لاءِ هي بندوبست ڪرايو هو.
ڪار شهر جي ٽرئفڪ کي چيريندي آخر هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ هڪ بنا نالي
واري عمارت اڳيان اچي بيٺي. هڪ مرڪندڙ جپانيءَ
ٻاهر نڪري سامان کنيو ۽ کين دروازي وٽ وٺي آيو.
جيئن ئي هنن بوٽ لاٿا ته هو مرڪيو ۽ کين اندر وٺي
آيو. ڪاٺ جو ٺهيل هي مسافرخانو اندران تمام سهڻو
هو. مسافرخاني جي سادي ٺهيل استقباليه وٽ ڪمونو ۾
ملبوس ٻن عورتن ۽ ڪمپليٽ سوٽ پهريل هڪ مرد سيٽان
جي اڌ جپاني اڌ انگريزيءَ ۾ کيڪار ڪري آڌر ڀاءُ
ڪيو.
”سيٽان سان-! ها - ئي؟ (توهان سيٽان آهيو؟) اِراس - شائي - ماسي
(ڀلي ڪري آيا) ويلڪم“ مرد چيو.
”توهانجي مسافرخاني ۾ اسان جي رهائش لاءِ ريزرويشن ته ٿيل آهي
يا نه؟” سيٽان پڪ ڪئي.
”ريزرويشن - ها - ئي - دوزو“ جپاني همراهه سيٽان کي هٿ ۾ پين
ڏيندي ٻڌايو ته ريزرويشن بلڪل ٿيل آهي.
سيٽان رجسٽر تي پين سان پنهنجو نالو- ”رچرڊ سيٽان“ وڏي اي بي
سيءَ ۾ لکيو. پوءِ پين مس سدا بهار چنبيليءَ جي
حوالي ڪئي. جنهن سڌيون ڦڏيون ليڪون پائي شڪلين
واري جپاني (ڪانجيءَ) ۾ پنهنجو اصلي نالو ڪانو
ماسايو لکيو. سيٽان ڪلارڪ کي ٻڌايو: ”اسان کي ٻه
ڪمرا ڏجان”.“ ۽ ان سان گڏ کيس پنهنجيون ٻه آڱريون
ڏيکاري رهيو هو ته ايتري ۾ سندس ڌيان هڪ ننڍڙي قد
جي نوڪر ڏي ڇڪجي ويو جيڪو سندس پيرن ۾ انهن جي ماپ
کان گهڻو ننڍو چمپل پارائڻ جي ڪوشش ڪي رهيو هو.
عورتن مان هڪ کين رستو ڏيکاريندي ورانڊي ۾ وٺي آئي جتان هڪ ڪمري
وٽ پهچي هن ڪمري جو گهڙڪندڙ دروازو کين اندر گهڙڻ
جو اشارو ڪيو.
ڪمرو چڱو وڻندڙ هو. سنهي پيس جي تڏي مٿان جپاني قسم جو ننڍڙين
ٽنگن وارو ٽيبل رکيل هو. پر ان ڪمري ۾ هڪ بخاري ۽
ٻه مغربي طرز جون ڪرسيون پڻ هيون جن جي وچ ۾ هڪ
وڌيڪ ننڍڙو ٽيبل هو. هڪڙي ڀت ۾ تصوير جيڏي ننڍڙي
دري هئي جنهن مان مسافرخاني جو سهڻو ۽ ننڍڙو ذاتي
باغيچو نظر آيو ٿي. باغيچي جي وچ ۾ بانس جي لڪڻ
مان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو وهي هيٺ ڪري رهيو هو. عورت
ڪمرو هنن جي حوالي ڪري ٻاهر نڪتي ته پٺيان نوڪر
سندس سامان کڻي آيو ۽ وڏي خيال سان ڪمري جي ڪنڊ ۾
هڪ هڪ شيءَ لاهي رکي.
سيٽان سوچڻ لڳو: ڪنهن سبب ڪري ريڪو غلط فهميءَ جو شڪار بنجي هنن
لاءِ ٻن الڳ ڪمرن جو بندوبست نه ڪرائي سگهي آهي ۽
ماسايو (مس سدا بهار چنبيلي) هن بابت ڪيڏو ته خراب
تاثر وٺيو ويٺي هوندي. هن پنهنجو ٿيلهو کنيو ۽ هٿ
جي اشاري سان اهو اظهار ڪندي ته هي ڪمرو هن لاءِ
ئي آهي. پاڻ پنهنجي لاءِ ٻئي ڪمري جو بندوبست ۾
نڪتو.
ٻاهر لابيءَ ۾ مسافرخاني جو مئنيجر مليس جنهن کي ڳالهه سمجهائڻ
تي هو وائڙو ٿي ويو ته هي آمريڪن همراهه پنهنجي
زبان ۾ چوي ڇا پيو. هن ته پنهنجي حساب سان سڀ کان
بهتر ڪمرو هنن جي حوالي ڪيو آهي، پر ان هوندي به
سيٽان صاحب خوش نه آهي. سيٽان جڏهن زبان سان
سمجهائي نه سگهيو ته اشارن واري زبان کان ڪم
ورتائين. مئنيجر ڪافي ذهين ٿي لڳو. سيٽان وڏي
خبرداريءَ سان هڪ هٿ جي شاهد آڱر اڀي ڪري ٻئي هٿ
سان ان ڏي اشارو ڪري چيو ”ون“ (هڪ). يعني اسان ته
هن کي 'ون' ٿا چئون توهان جپانيءَ ۾ ڇا ٿا چئو.
”يوبي“ (آڱر) جپانيءَ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٺهه پهه وراڻيس. هن اهوئي
سوچيو ته مهمان جي اهو معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته
جپانيءَ ۾ آڱر کي ڇا ٿو سڏجي ته هن کي ٻڌائيندي
ڪهڙو غم!
سيٽان پوءِ ٻي آڱر به اُڀي ڪئي ۽ هاڻ ٻنهي آڱرين ڏي اشارو ڪيو:
”يوبي“ جپاني هڪدم ساڳيو جواب ڏنو. ڇو جو جپانيءَ ۾ واحد جمع جو
چڪر ته آهي ئي ڪونه. سو هڪ آڱر به 'يوبي' ته ٻه
آڱريون به 'يوبي'.
سيٽان سمجهي ويو ته ائين ڪرڻ سان به ڪم نه هلندو. سامهون مس سدا
بهار چنبيليءَ کي ايندو ڏسي هن کي خوشي ٿي. هوءَ
وائڙي ٿي ويئي ته سندس معزز گراهڪ سان ڪهڙي قسم جي
ويڌن ٿي پئي آهي.
”آئون ٻن ڪمرن لاءِ گهر ڪري رهيو آهيان، پر هي منهنجي ڳالهه
سمجهن ئي ڪونه پيا.” سيٽان هن کي ٻڌايو. پريشانيءَ
جي عالم ۾ هو ايترو ته تکو تکو ڳالهائي ويو جو
گيشا کي به سمجهه ۾ نه آيو. نئڙت سان هن هوٽل جي
انچارج سان جپانيءَ ۾ ڳالهايو. هن سيٽان کي ترسڻ
جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ ٽيليفون نمبر گهمائي ڪٿي فون
ڪرڻ لڳو. ٿوري دير ڳالهائڻ کان پوءِ هن فون مهمان
جي حوالي ڪيو.
”هي جپان ٽريول سروس آهي.“ زبردست قسم جي انگريزيءَ ۾ ڪنهن ٻئي
پاسي کان ڳالهايو، ”مهرباني ڪري پنهنجو مسئلو
ٻڌايو ته ان جو ترجمو ڪريون.“
”مهرباني سائين،“ سيٽان گرمجوشيءَ مان چيو: ”آئون هينئر هينئر
هن مسافرخاني ۾ پهتو آهيان. مون سان گڏ هڪ عورت به
آهي جيڪا منهنجي مهمان آهي. اسان شادي شده نه
آهيون.“
”سائين مڙيئي خير آهي. توهان ڪوبه فڪر نه ڪريو. هوٽل وارا توهان
جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو رخنو پيدا نه ڪندا.“
”شايد توهان منهنجي ڳالهه چڱيءَ طرح نه سمجهي. دراصل منهنجي نيت
صاف آهي ۽ دل ۾ هن عورت لاءِ عزت آهي. آئون هن سان
گڏ سمهڻ نٿو چاهيان.“
”جيڪا توهان جي مرضي، سائين.“
سيٽان وري ورجايو: ”آئون ٻه ڌار ڌار ڪمرا چاهيان ٿو. هڪ هن جي
لاءِ ۽ هڪ پنهنجي لاءِ.“
”ڌار ڌار ڪمرا-؟ ائين نه؟ سائين!“ مئنيجر ڪجهه تعجب مان پڪ ڪرڻ
چاهي.
”مهرباني جو توهان ڳالهه سمجهي. دراصل ڪيترائي آمريڪن بلڪل
نرالا آهن. پر آئون انهن مان نه آهيان. آئون ڪنهن
عورت سان سمهڻ کان اڳ هن سان شادي ڪرڻ چاهيندس.“
”سائين توهان بلڪل صحيح ٿا چئو، سيٽان صاحب. توهان جا نيڪ خيال
قابلِ داد آهن. بهرحال آئون ان بابت مسافرخاني جي
مئنيجر کي سمجهايان ٿو.“
سيٽان ٽيليفون مئنيجر حوالي ڪيو. جنهن فون تي ڳالهه ٻڌي پهرين
تعجب جو اظهار ڪيو، ان بعد سندس چهري تي سڪون ۽
اطمينان جا تاثر نظر آيا. آخرڪار هن فون رکيو ۽ مس
سدا بهار چنبيليءَ کي ان ڳالهه جي مبارڪ ڏني ته هي
آمريڪن همراهه توسان جهٽ پٽ شادي ڪرڻ وارو آهي. ان
مطابق دعوت جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.
اهو ٻڌي ڪانو ماسايو کي ماٺ وٺي ويئي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
آمريڪن ان ڳالهه کان بدنام آهن ته جپان ۾ هنن کي
جنهن وقت به پور پوندو آهي ته بنا ڪنهن سوچ سمجهه
جي شاديءَ لاءِ ڇوڪري ڊوڙائي اچي شنتو مندر ۾ ٻائي
اڳيان بيهاريندا آهن ڄڻ شادي نه ٿي راند ٿي. ۽
ڪيوٽو ته ان قسم جي شادين ۽ مندرن کان مشهور آهي.
هن اتان هڪدم ڀڄي وڃڻ جو سوچيو پر ٻي گهڙيءَ سيٽان
تي نظر پوڻ سان اُن نتيجي تي پهتي ته جيڪڏهن هن کي
مرد جي طبيعت جي ٿوري به پروڙ آهي (جيڪا هن کي
تمام گهڻي هئي) ته سيٽان اهڙن ماڻهن مان هرگز ڪونه
ٿو لڳي. ضرور ڪٿي ڪا ڳالهه هيٺ مٿي ٿي ويئي آهي.
سو هڪ دفعو وري جپان ٽريول سروس وارن سان رابطو رکيو ويو جنهن
بعد ڳالهه وڃي سڀني جي سمجهه ۾ ويٺي ۽ مئنيجر صاحب
- جيڪو شاديءَ جي دعوت جو سوچي رهيو هو تنهن کانئن
معافي وٺي نوڪر کي ٽئڪسي آڻڻ لاءِ چيو جيئن سندس
مسافرخاني جا مهمان ڪيوٽو شهر گهمڻ لاءِ روانا
ٿين.
تيستائين گيشا ماسايو ڪانو هن ماڻهوءَ - سيٽان بابت سوچڻ لڳي
جنهن کي وندرائڻ سندس فرض هو. هو جيتوڻيڪ ڪو سهڻو
نه هو، پر نيت جو صاف ۽ ايماندار ٿي لڳو جيڪا
خاصيت مس سدا بهار چنبيليءَ (ماسايوڪانو) دل سان
قبول ڪئي ٿي ۽ جنهن ڪري کيس سيٽان لاءِ عزت پڻ
هئي. جنهن نموني سان هي گيشا سان گڏ هلي رهيو هو
ان مان اهو اندازو صاف ٿي لڳو ته هن ويچاري کي اها
خبر ناهي ته جيڪو وقت ڪانو ماسايو ساڻس گذاري پئي
ان جي هڪ هڪ منٽ جو ڳرو ملهه ڪو ٻيو ادا ڪري رهيو
آهي. جنهن وقت هوءَ ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي “۽ ڊرائيور کي
ائڊريس ٻڌائي رهي هئي ته هن کي خيال آيو ته سيٽان
لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته هو ڪا اهڙي سٺي ڇوڪري ڳولي
جيڪا گيشائپي ڌنڌي ۾ نه هجي.
ٽئڪسي شهر مان نڪري ٻهراڙيءَ جي علائقي مان هلندي هلندي هڪ باغ
وٽ اچي بيٺي. ٻئي ڄڻا اتي لٿا ۽ باغ ۾ چڪر هڻڻ
لڳا. باغ ڇا هو جنت جو ٽڪرو هو. زمان ۽ مڪان جو ته
ڄڻ مٿس اثر ئي نه ٿيو هو. ڊگها ڊگها وڻ جن جا
گهاٽا ڇانورا. پري پري تائين ور وڪڙ کائيندڙ ڍنڍ
جو ڪنارو. گلن، پنن، پراڻن وڻن جي ڇوڏن ۽ ڍنڍ جي
پاڻيءَ جو مليل جليل هڳاءُ- ڇا ته پرسڪون جڳهه
هئي. ڄڻ خلقڻهار پاڻ پنهنجن هٿن سان واندڪائيءَ ۾
ويهي ٺاهي هجي.
هڪ پوڄاريءَ جيان، سيٽان سرن سان ٺهيل رستي تان هلندو اڳتي
وڌيو، گيشا به پٺيان پٺيان هلندي رهي پوءِ هو هڪ
وڏي پٿر وٽ ترسي ان تي ويهي رهيو. ڪانو ماسايو
ويجهو پهچي پنهنجي ٿيلهي مان هڪ ننڍڙي ڪئميرا ڪڍي
۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ اک تي رکي. سيٽان عينڪ کي نڪ تي
ٺاهي فوٽي لاءِ ڪئميرا جي شيشي ڏي نهاريو. جيئن ئي
ڪانو ماسايو ڪئميرا جو بٽڻ دٻايو ته هو اُٿي کڙو
ٿيو ۽ کانئس ڪئميرا وٺي کيس ان پٿر تي ويهڻ جو
اشارو ڪيو.
حڪم جي تعميل ڪندي گيشا پٿر تي ٿي ويٺي ۽ سيٽان فوٽو ڪڍيو. ان
بعد سيٽان جيئن ئي اچي هن جي ڀر ۾ ويٺو ته هن کيس
پاڻ ڏي وڌيڪ ويجهو ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو. سيٽان
ائين ئي ڪيو. ان بعد گيشا پنهنجو منهن هنجي منهن
جي اڃا به ويجهو آڻي سندس عينڪ لاٿي ۽ عينڪ بنا
سندس منهن کي غور سان ڏسڻ لڳي. ايتري قدر جو هڪ هٿ
سندس کاڏيءَ تي رکي منهن ٻنهي پاسي ڦيرائي به
ڏٺائين.
”توکي هي باغيچو وڻي ٿو؟ سهڻو آهي نه؟“ مس سدا بهار چنبيليءَ
پڇيو.
”هائو، خاص ڪري جڏهن تون ان ۾ موجود آهين.“ سيٽان وراڻيو.
هن سندس جملي جو مطلب سمجهيو ۽ جذباتي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجو
پاڻ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيٽان فقط هڪ
گراهڪ جي حيثيت رکي ٿو. هڪ گهڙيءَ لاءِ ته هوءَ
ايڏو بي اختيار ٿي پيئي جو آئيندي لاءِ گيشا ٿيڻ
کان انڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتائين. هن چاهيو ٿي
ته هوءَ به هڪ عام انسان ٿي رهي ۽ نه هڪ ويڪائو
مال. هن اهو چاهيو ٿي ته پاڻ تي لڳل گيشا مس سدا
بهار چنبيليءَ جو ٺپو ڊاهي هڪ عام ڇوڪري ٿي وڃي
جنهن کي هر قسم جي آزادي هوندي آهي ته جيڏانهن
وڻيس تيڏانهن وڃي. جنهن سان وڻيس تنهن سان ملي.
شايد باغ جي سونهن ۽ رومانيت هن جي دل ۽ دماغ تي
ايڏو ته گهرو اثر ڪيو جو هوءَ سالن جي ورتل سکيا
جا اصول به في الحال وساري ويٺي هئي. آخرڪار هوءَ
به هڪ انسان هئي جنهن جي رت ۾ پڻ جذبات هئا ۽
سونهن لاءِ ڇڪ هئي.
”هي پهريون دفعو هو جو هن ڪنهن کان پنهنجي لاءِ تعريف ڀريل ٻول
هڪ گيشا جي ناتي سا نه، پر پنهنجو پاڻ- يعني مس
ڪانو ماسايو لاءِ ٻڌا هئا. هن اهو به محسوس ڪيو ته
سيٽان جي هن ۾ ڪابه لالچ ناهي ۽ ان کان علاوه
سيٽان ۾ اها مڙيئي سٺائي آهي جيڪا ٻئي ڪنهن فارينر
۾ هجڻ جو هوءَ سوچي به نٿي سگهي. عينڪ بنا هن جو
مهانڊو جيتوڻيڪ مشرقي نموني جو نه هو پر ان هوندي
به سندس ڪي ڪي نقش تکا ۽ چٽا پٽا ٿي لڳا. ”يو آر
اي هئنڊسم“ (تون سهڻو آهين) هن مڙيئي ٿورو ڪوڙ کان
ڪم وٺي سيٽان جي تعريف ڪئي.
سيٽان جون اکيون پورجي ويون ۽ پوءِ هن آهستي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي
ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو ته ڪو سهڻو ناهي. ڀلا
اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جي سهڻو هجي ها ته سندس ملڪ
۾ ڪا ته ڇوڪري مٿس ضرور موهت ٿئي ها. گيشا هن جي
من جي ـــــــــــــــ ريت پروڙي ورتي. سندس عينڪ
هٿن ۾ جهليندي، هن آهستي پيار وچان پنهنجيون
آڱريون سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ڦيرائي کيس پاڻ ڏي
ڇڪيو ۽ اهو سوچڻ سواءِ ته جپان ۾ کلئي عام رستن ۽
پارڪن ۾ چمي ڏيڻ خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هن
سيٽان جي چپن تي چپ رکي چمي ڏني. پوءِ ٿوري ساعت
لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي پڪ ڪئي ته اوسي
پاسي ۾ ڪو ماڻهو ته نه آهي. پري پري تائين ڪير به
نه هو. اڪيلائي ۽ خاموشي ڇانيل ڏسي هن وري سيٽان
کي پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ پنهنجا چپ هن جي چپن سان چنبڙائي
ڇڏيا. سيٽان ماٺ ئي ماٺ ڀت بڻيو بيٺو رهيو. انهيءَ
ڊپ کان ڳالهايائين به نٿي ته متان بي خبريءَ ۾ هو
ڪو اهڙو جملو چئي وجهي جيڪو سندس محبوبه کي خراب
لڳي.
”منهنجي خيال ۾،“ ڪانو ماسايو انگريزيءَ ۾ ايترو چئي وري وڌيڪ
لفظ سوچڻ لاءِ ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳي، ”تون عينڪ
کڻي نه پا”.“
”افسوس جو آئون پاڻ به پائڻ نٿو چاهيان، پر مون لاءِ پائڻ ضروري
آهي.” سيٽان چيو.
بنا عينڪ جي جيتوڻيڪ هن کي چٽو ته ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، پر ان
هوندي به هو ايترو ڏسي سگهيو پئي ته سندس اڳيان
بيٺل ڇوڪري ڪنڌ ڌوڻي رهي آهي. مس سدا بهار چنبيلي
هڪ دفعو وري ٻوليءَ جي مسئلي سان ويڙهه ڪندي
ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جيڪي ڪجهه هن چاهيو ٿي ان جا
انگريزي لفظ سندس ڌيان ۾ اچي ويا:
“Contact Lenses”
(ڪانٽئڪٽ لينسز - عينڪ بدران اکين جي ماڻڪيءَ مٿان
رکڻ جا ننڍڙا شيشا).
ٿوري دير وڌيڪ باغ ۾ گهمڻ ڦرڻ بعد مس سدا بهار چنبيليءَ ٽئڪسي
گهرائي ۽ هو اتان روانا ٿي هڪ ٻي عمارت وٽ پهتا
جيڪا سڄي ڪاٺ جي هئي ۽ صاف لڳي رهيو هو ته ڪو
عبادت گهر آهي. اندر گهڙڻ لاءِ سيٽان در وٽ ڪجهه
سڪا ڏنا ۽ بوٽ لاٿو. مندر جي اندر کاٻي پاسي سنهو
فٽ پاٿ هو ۽ ساڄي پاسي ڏاڪن تي قطار ۾ رکيل پٿر
جون مورتيون ائين ٿي لڳيون ڄڻ ڪنهن بادشاهه جي
درٻار ۾ خدمتگار قطار ۾ ويٺل هئا ۽ اوچتو سندن
ساهه نڪري ويو هجي ۽ هاڻ ايامن کان ائين پنڊ پهڻ
ٿي پيا هجن.
”هزار ديوتائن جون مورتيون“ مس سدا بهار چنبيليءَ معلومات طور
ڳالهه ڪئي، ۽ هن جي منهن ۾ نهاريو. سيٽان ماٺ ۾
سڀڪجهه ڏسندو هليو. اڳيان اڳيان هوءَ هئي ۽ پٺيان
هي. اڌ قطار مورتن جي ختم ٿيڻ بعد هڪ وڏو ڪمرو آيو
جتي گوتم ٻڌ جي هڪ وڏي مورتيءَ کي ڏسي هن عقيدت ۽
عزت وچان پنهنجون مٺيون ڀيڙيون ۽ پوڄا خاطر اڳيان
ڪنڌ جهڪايو.
سيٽان لاءِ اها ڳالهه نرالي ۽ نئين هئي ته هوءَ هڪ اهڙي پٿر جي
ديوتا اڳيان جهڪي رهي هئي، جنهن کان هو بلڪل اڻ
واقف هو. هن گوتم ٻڌ بابت ٿورو گهڻو ٻڌو ضرور هو
پر هن ان گيان ڪندڙ بابت پڙهيو بلڪل نه هو- جيڪو
هندستان جو شهزادو سڌارٿا گوتم هو، جنهن حضرت
عيسيٰ عه جي ڄمڻ کان به پنج ڇهه صديون اڳ سچ ۽
اندر جي روشني حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجيون محل ماڙيون
۽ تخت تاج ڇڏي ڏنا هئا، جنهن جي اثر هيٺ دنيا جا
جيترا گهڻا ماڻهو آيا اوترا ڪنهن ٻئي فاني مخلوق
جي اثر ۾ نه آيا. چين، برما، سريلنڪا جيان جپان تي
به ٻڌ ڌرم جو اثر آهي ۽ اهو سوچي سيٽان پريشان ٿي
ويو ته سندس ساٿڻ مذهبي طرح هن کان مختلف آهي.
بهرحال گوتم ٻڌ جي مورتيءَ کان پوءِ باقي بيٺل پنج
سؤ بتن وٽان لنگهي هي مندر کان ٻاهر نڪتا.
ٻاهر نڪري ڪانو ماسايو واچ ۾ وقت ڏٺو ۽ پوءِ سيٽان ڏي منهن ڪندي
هن کان پڇيو:
”هڪ ٻي به جاءِ ڏسڻ لاءِ هلون؟“
جاءِ کڻي ڪهڙي به هجي. اهڙي سهڻي ساٿيءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ لاءِ
انڪار ڪير ٿو ڪري سگهي.
”ها ڀلي وٺي هل.“
هڪ دفعو وري هنن ٽئڪسي ڪئي ۽ شهر ڏي روانا ٿيا. ٽئڪسي جتي اچي
بيٺي اهو هڪ باغ هو. دروازي وٽ پهچي اندر گهڙڻ
لاءِ هن ٽڪيٽ ورتي. باغ بيحد پراڻو، پر تمام صاف
سٿرو هو. منجهس گلن ڦلن کان وڌيڪ گول پٿر جا رستا
۽ پاڻيءَ جون شاخون ۽ واٽر ڪورس هئا. هو ٻئي هڪ
وڏي پٿر تي اچي ويٺا ۽ ڪا دير هڪ ٻئي کي غور سان
ڏسندا رهيا. ان بعد هو پنهنجي مسافرخاني ڏي روانا
ٿيا.
مسافرخاني ۾ گهڙڻ سان بندري قد جي جپاني نوڪر هن دفعي نوان آندل
وڏي سائيز جا چمپل سيٽان اڳيان رکي هن جي پيرن ۾
پائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هن ڏٺو ته اهي چمپل سندس
مهمان جي پيرن ۾ بلڪل صحيح اچي ويا ته ڏاڍو خوش
ٿيو.
مئنيجر سيٽان جي رُکي ۽ عجيب طبيعت کي ڌيان ۾ رکندي کيس ورانڊي
۾ وٺي آيو ۽ کيس ٻئي ڪمري ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين
ته سائين هي ڪمرو توهان لاءِ آهي. در وٽ سندس
سامان به رکيو هو جيڪو هن کڻي اندر ڪيو. مئنيجر جي
هلئي وڃڻ کان پوءِ اڪيلائيءَ ۾ هو ڪمري جو جائزو
وٺڻ لڳو. باٿ روم مغربي نموني جو هو جنهن ۾ هڪ ڪاٺ
جو چورس ٽب به رکيل هو. قميص جا ٻيڙا کولي جهڙي هن
قميص لاٿي ته در تي ٺڙڪو ٻڌائين. گنجيءَ ۾ ئي اڳتي
وڌي هن در کوليو. هن سمجهيو شايد مئنيجر آيو آهي
پر هي اهو ڏسي وائڙو ٿي ويو ته ٻاهر مس سدا بهار
چنبيلي پاڻ بيٺي آهي. هن کي ڪاٽن جو پلين آسماني ۽
اڇي رنگ جو ڪمونو پهريل هو، جيڪو تازو ڌوٻيءَ وٽان
آيل ۽ ڪلف ڏنل ٿي لڳو. هوءَ بيحد پياري لڳي رهي
هئي.
بنا پڇڻ چوڻ جي هوءَ اندر گهڙي آئي ۽ ڪمري کي ڏسڻ لڳي. ڪمري جي
هڪ ڪنڊ ۾ هن کي اها شيءِ ملي ويئي جيڪا هن ڳولڻ
چاهي ٿي - ڪاٽن جو اڇي ڪاري رنگ جو ڪمونو - يوڪاتا
- ويڙهيو سيڙهيو خومچي ۾ رکيو هو. هن ان کي کڻي
کوليو جيڪو گائون وانگر هو ۽ سيٽان کي اهو پائڻ
لاءِ چيائين: ”هي مردانو ڪمونو آهي ۽ ان کي
جپانيءَ ۾ يوڪاتا سڏجي ٿو.“
سيٽان يوڪاتا پائڻ لڳو ته هن سندس پتلون کي ڇڪي چيو: ”يوڪاتا هن
جي مٿان نه پائبو آهي. شاباش! ان کي لاهي ڇڏ.“
هاٽسي باٿ ۾ ڪپڙا لاهيندي هن جو ايترو حجاب ڀڄي
چڪو هو سو پٺيرو ٿي هن پتلون لاٿي. ۽ پوءِ هيٺ
جهڪي يوڪاتا کي پيرن تائين ڏٺائين. هن کي هيءَ
عجيب ڊريس پسند آئي جيڪا هيٺ مرن تائين ٿي آئي.
يوڪاتا جي وچ ۾ ڪپڙي جون پٽيون لڳل هيون جن کي ڇڪي
هن اڳٺ وانگر بڌو.
گيشا هن کي پسند جي نگاهه سان ڏسي واهه واهه ڪئي ۽ پوءِ کيس هٿ
کان وٺي پنهنجي پهرين واري ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪنڊ ۾
رکيل هڪ ننڍين ٽنگن واري ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو
ڪري پاڻ سامهون رکيل ٻي ڪرسيءَ تي هن ڏي منهن ڪري
ويٺي. سندس چپن تي دل لڀائيندڙ مرڪ کيڏي رهي هئي.
پوءِ وارن جي پويان هٿ وجهي پنهنجن ٻڌل وارن مان
بڪل ڪڍي مٿي کي جهٽڪو ڏنو ته سندس وارن جون ڊگهيون
چڳون ڪلهن تي پکڙجي ويون. هن پنهنجين آڱرين سان
وارن کي ڦڻي ڏيندي پٺيان ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي اسپيشل
گراهڪ ڏي جادو ڀريل نگاهن سان ڏٺو.
کليل وارن سان هن جي سونهن ۽ شخصيت وڌيڪ نکري پيئي. سيٽان هن کي
دل و جان سان چاهيو ٿي ۽ کيس سندس سخت ضرورت محسوس
ٿي رهي هئي ۽ هو هن کي ذري گهٽ زور سان ڀاڪر پائڻ
وارو ئي هو ته در تي کڙڪو ٿيو ۽ ڪم واري ڇوڪري
بيئر جون ٻه ٿڌيون بولتون ٽري ۾ رکي اچي حاضر ٿي.
وڏي اندروني ڇڪتاڻ بعد سيٽان پنهنجو پاڻ سنڀاليو ۽ بيئر جو گلاس
کڻي پيئڻ لڳو. نوڪرياڻي وچئين ٽيبل تي ڊنر لاءِ
کاڌي جا پيالا ۽ پليٽون لڳائي هلي ويئي.
پٽ تي پلٿ ماري ويهي کائڻ جو ڏانءُ اڃا به سيٽان کي نٿي آيو پر
هاڻ مڙيئي گذارو ڪرڻ جهڙو سکي ويو هو.
مس سدا بهار چنبيليءَ کي سنهي وڳي ۽ کليل وارن ۾ ڏسي هن جي دل
اڌما کائي رهي هئي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن جي دل ۾ اهو
نفساني خيال به آيو ته اجايو هن ڌار ڌار ڪمرن ۾
رهڻ لاءِ ضد ڪيو، جيڪر هو هڪ ئي ڪمري ۾ رهن ها، هن
اخلاقيات جي اصولن کي دل ئي دل ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو
جن ڪارڻ اڄ هو ان مزي کان محروم رهجي ويو نه ته اڄ
جي رات سندس زندگيءَ جي سنهري رات هجي ها.
رات جي مانيءَ کان پوءِ هو ٻاهر مسافرخاني جي ڀرسان هڪ ننڍڙي
باغيچي ۾ پسار لاءِ نڪتا. قسمين قسمين ۽ رنگين شين
جا دڪان چوڌاري بلاڪن وانگر پکڙيا پيا هئا. هن هڪ
دڪان تان پنهنجي محبوبه کي کارائڻ لاءِ مٺائي ورتي
جا ٻنهي کاڌي. ڪمري تي واپس پهچڻ تي هنن جا ڪمرا
سمهڻ لاءِ تيار هئا. ٽيبل ۽ ڪرسيون وغيره هٽائي
جپاني نموني جا نرم هنڌ 'فوتان' ٻن ٻن وهاڻن سان
گڏ هڪ ٻئي جي ڀر ۾ وڇايل هئا. ننڍڙي بلب وارو ٽيبل
لئمپ ٻري رهيو هو جنهن جي تمام هلڪي روشني ڪمري ۾
پکڙيل هئي.
سيٽان کي اها خبر نه پئي پيئي ته هن جي ساٿيءَ کي اهو محسوس ٿي
رهيو آهي يا نه ته سندس دل ۾ ڪهڙي آنڌ مانڌ متل
آهي ۽ گيشا کي اها پڪ نه پئي ٿي ته آيا هو ساڻس
سچي محبت ڪري ٿو يا نه. پر کيس اها پڪ ضرور هئي ته
هن شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن عورت سان اڃا
همبستري نه ڪئي آهي. جڏهن هو اُٿي بيٺو ۽ در کان
باهر نڪري، اکين ۾ ڳوڙها آڻي کانئس موڪلايو ته هن
پنهنجيون جپاني ريتون رسمون ۽ اخلاقي حدون نظر
انداز ڪري کيس کڻي پاڻ ڏي ڇڪيو. ڪن گهڙين لاءِ
هوءَ کيس ڀاڪر ۾ جهلي بيٺي رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي
چميءَ لاءِ حاضر ڪري ڇڏيائين ۽ جيڪي ڪجهه هن کي
مليو ان کان وڌيڪ پاڻ ڏنائين، ۽ پوءِ ڪمري جو
دروازو گهرڪائي بند ڪرڻ وقت هن کي اهو لڳو ته
آمريڪن ماڻهن بابت جيڪي ڪجهه هن ڳالهيون ٻڌيون
هيون، گهٽ ۾ گهٽ اهي سيٽان سان لاڳو نه هيون. |