سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل

الطاف شيخ

صفحو :4

 

4

”مسٽر سيٽان ڪريو خبرچار ڪيئن آهيو. توهان سان واقفيت ڪري مونکي خوشي ٿي آهي.“ جارج ساڪاموتو هوٽل جي لابيءَ ۾ ٻانهه لوڏيندي چيو، ”اميد ته جپان ۾ تنهنجو سٺو وقت پيو گذري.“

سيٽان پنهنجو چشمو نڪ تي مٿي ڇڪي، هن آيل ماڻهوءَ جو غور سان جائزو ورتو. ”ڇا توهان آمريڪن آهيو؟“

قداور ۽ جانٺي جوان مرڪيو: ”نه، آئون ته جپاني آهيان، پر مون ڪافي عرصو توهان جي ملڪ آمريڪا ۾ واپار وڙي جي سلسلي ۾ گذاريو آهي.“ هن پنهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ پرڪشش ڇوڪريءَ ڏي مڙندي چيو: ”نارما، هي آهي مسٽر سيٽان. مس نارما، منهنجي انگريزيءَ جي سيڪريٽري آهي. هوءَ هتي تعليمي دوري تي آيل آهي. ڏينهن جو ڪافي حصو هوءَ واندي گذاري ٿي. ان ڪري مون کيس به هن دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو.“

سيٽان يڪدم ڄاڻي ورتو ته نارما انهن تيز ترار ڇوڪرين مان آهي جن عام زندگيءَ ۾ هن کي ڪڏهن به وٺ نه ڏنو ۽ جن کي حاصل ڪرڻ هن لاءِ ناممڪن ڪم هو. آمريڪا ڇڏڻ وقت سندس آفيس جي ڪئنٽين ۾ هن جون هڪ اهڙيءَ ئي ڇوڪريءَ سان نظرون چار ٿيون هيون، پر ٻين ڇوڪرين وانگر هوءَ به ساڻس پيچ پائڻ بدران کيس گهائل ڪري هلي وئي هئي. ۽ هاڻ سندس سامهون نارما بيٺي هئي جيڪا ان آمريڪن ڇوڪريءَ جي بنيادي ڊيزائين جي ٿوري ڪا ڦيرڦار هئي. بهرحال اصل پئٽنٽ شيءِ ته ملين ڊالر ملهه جي هئي.

”توهان جي اها مهرباني چئبي جو مون کي دعوت ڏني اٿوَ، مسٽر ساڪاموتو،“ سيٽان چيو، “ڇا توهان جو ماتسوموتو ڪمپنيءَ سان ئي واسطو آهي؟“

ساڪاموتو ٿورو کليو، “نه اڄڪلهه منهنجو هنن سان واسطو ناهي. جيتوڻيڪ مسٽر ماتسوموتو منهنجن پراڻن دوستن مان آهي. بهرحال، آئون هڪ بلڪل نرالي هوٽل ڄاڻان ٿو، مسٽر سيٽان، جيڪڏهن توهان جاپاني کاڌو کائڻ چاهيو ٿا ته ان هوٽل ۾ کائڻ سان توهان کي جاپان جو سٺو تجربو ٿي سگهي ٿو. ڇا خيال آهي، سائين اتي نه هلي کائجي؟“

سيٽان منجهي پيو. ”توهان ته تمام گهڻو سخي ٿا ڏسجو، پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته...“

ساڪاموتو ڳالهه کي درگذر ڪندي، وڏي ادا سان سيٽان کي پنهنجي ڪار ڏي وٺي آيو جيڪا ذري گهٽ مسٽر ماتسوموتو جي ڪار جي ڪاربن ڪاپي هئي. سيٽان اهو سوچي ئي سوچي ته هو ڇا پيو ڪري ان کان اڳ هو پٺينءَ سيٽ تي ساڪاموتو سان گڏ ويهي چڪو هو. نارما اڳيون در کولي اڳئين سيٽ تي ڊرائيور جي ڀر ۾ ٿي ويٺي.

هوٽل جي در وٽ پهچڻ تائين ساڪاموتو جپان بابت سيٽان کان سندس خيال پڇندو هليو. جارج ساڪاموتو هوٽل جي استقباليه وٽ پنهنجي واقفيت ڪرائي، سيٽان کي هوٽل جي سوڙهن ورانڊن مان لنگهائي اندر وٺي آيو. ڪجهه گهڙين لاءِ سيٽان کي ائين لڳو ته هي همراهه کيس ڪنهن ڦندي ۾ ڦاسائي رهيو آهي. سندس ميزبان کيس هڪ ننڍڙي بورچيخاني جي ڀر ۾ هڪ ٽيبل تي اچي ويهاريو. بورچيءَ جهڪي جهڪي کين سلام ڪيا.

”هيءَ هوٽل کاڌي جي شوقينن لاءِ آهي.“ ساڪاموتو سمجهايس. ”۽ هتي هر روز فقط چند خاص ماڻهن جي خدمت چاڪري ڪئي وڃي ٿي. بورچي پنهنجي مرضيءَ تي مهمانن لاءِ اهو ڪجهه رڌيندو آهي جيڪو کيس بهتر لڳندو آهي ۽ مهمانن کي پنهنجو پاڻ هن جو حوالي ڪري ڇڏڻو پوندو آهي.“

پاسي کان بورچي تکو تکو گل گوبيءَ جي پنن جهڙي ڀاڄي ڇريءَ سان وڍڻ لڳو. هن ٽن پيالن ۾ مهمانن موجب، اها ڀاڄي سينگاري. پوءِ هڪ مڇي کڻي پهرين ان جا ڇلر لاٿا ۽ ڪنڊا ڪڍيا. ان کان پوءِ ان جا سنها ڳڀا ڪيا ۽ پوءِ سهڻي نموني سان پيالن ۾ ڀاڄيءَ مٿان اهي مڇيءَ جا ٽڪرا سينگاري اچي هنن اڳيان پيش ڪيا.

”شا شي مي.“ جارج ساڪاموتو ان مڇيءَ بابت ٻڌايو.

”مون کي خبر آهي.“ سيٽان پنهنجيون کائڻ جون تيليون کنيون ۽ همت کان ڪم وٺي ان ڪچي مڇي (شا شي مي) جو هڪڙو ٽڪرو وات ۾ وڌو. بورچي تيسين ٻي کاڌي جي شيءِ تيار ڪرڻ ۾ جنبي ويو. هو عجيب غريب ڀاڄين کي صاف ڪري پوءِ اٺن پيرن واري آڪٽوپس مڇيءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لڳو.

”جپان هڪ نرالو ملڪ آهي،“ جارج ساڪاموتو ڳالهائڻ شروع ڪيو، پر ائين ڄڻ تقرير پيو ڪري، ”اسان وڏي خبرداري ۽ خيال سان پراڻيون ريتون رسمون ۽ رواج سانڍيندا اچون ته ساڳي وقت اسان ڪيترن ئي ڪارخانن ۽ مشنيريءَ ۾ دنيا کان اڳرا به آهيون. جپان جهاز سازي، دوربينن ۽ ڪئميرائن ٺاهڻ توڙي ڪارخاني سازيءَ ۾ ته سڀني ملڪن جي اڳواڻي ٿو ڪري. اسان اليڪٽرانڪس ۾ به سڀ کان ڀڙ ۽ مٿڀرا آهيون.“

خذمتگار ڇوڪريءَ گرم ساڪي (شراب) جو گلاس سيٽان جي ساڄي پاسي کان اچي رکيو.

”مون کي خبر آهي،“ سيٽان اعتراف ڪيو، ”ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ماڻهن جو کڻي مثال وٺو. زبان جي مشڪلات هوندي به هو اسان جون گهرجون چڱيءَ طرح سمجهن ٿا.“

جارج ساڪاموتو ڪنڌ ڌوڻيو. ”اهي تمام سٺا آهن. مونکي خوشي آهي ته توهان هنن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيو ڇو جو هنن سان ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه مسئلا ٿي پيا هئا. توهان جي خريداريءَ سان هنن جي مدد ٿي سگهندي.“

”ڪهڙي قسم جا مسئلا؟“ سيٽان پڇيو.

ساڪاموتو هٿ کي جهٽڪو ڏئي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڪا اهڙي وڏي ڳالهه يا وڏو مسئلو نه آهي. ”فلپين ۾ هنن جا کنيل ڪيترائي وڏا وڏا ٺيڪا هنن جي هٿن مان نڪري ويا آهن. هنن نين شين جي ترقي ۽ کوجنا پٺيان ڪافي ملڪيت لڳائي، پر ڪجهه به هڙ حاصل ٿي نه سگهين.“

هوٽل جي بورچيءَ جيڪو هنن جي ڳالهين جو هڪڙو اکر به ڪونه ٿي سمجهيو، تنهن ٻه ٻيا ڊش اچي سندن اڳيان رکيا.

”حقيقت ۾“ ساڪاموتو ٻڌائيندو هليو، ”جپان ۾ رهڻ دوران توهان کي کپي ته ان ساڳي مشينريءَ جي نموني لاءِ ڪنهن ٻئي ڪارخانيدار کي به چئي ڇڏيو. جيئن متان ماتسوموتو ڪمپني اڳتي هلي توهان جي گهرجن جو پورائو نه ڪري سگهي يا ڪن سببن ڪري جي ڏيوالي ۾ هلي وڃي، ته ٻي ڪمپني يڪدم توهان جي غرض ته پوري ڪري وٺي.“

”ڇا تنهنجي خيال ۾ ته ماتسوموتو ڪمپني تمام گهڻي مصيبت ۾ آهي؟“

”هرگز نه. مون ٻڌو آهي ته هنن اڳئين پوئين کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هر شيءِ جي قيمت ۽ مزوريءَ جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي. منهنجو فقط اهو رايو ۽ صلاح آهي ته احتياط طور توهان ڪنهن ٻيءَ ڪمپنيءَ سان به ڳالهائي ڇڏيو، جيئن پسِ پيش ضرورت وقت توهان کي مال جي گهرج لاءِ ٻيو طريقو ۽ هنڌ ته موجود هجي، جنهن سان پوءِ اتان آمريڪا ۾ ئي ويٺي ويٺي ڳالهائي سگهو. جيڪڏهن توهان ائين مناسب سمجهو ته آئون ان سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو.“

سيٽان ان بابت وڌيڪ بحث ڪري نه سگهيو. ان بدران هن هڪ نئون آيل ڊش چکي ڏٺو جيڪو هن کي بيحد لذيذ لڳو. ”مون کي هتي وٺي اچڻ لاءِ آئون سچ پچ ته توهان جو ٿورائتو آهيان،“ هن ساڪاموتو کي چيو ۽ پوءِ ڇوڪريءَ ڏي مهڙ ڪري پڇيو: ”نارما، توهان هتي ڇا پڙهي رهيون آهيو؟“

”آئون جوڊوڪا آهيان“ (آئون جوڊو جي رانديگر آهيان.)- نارما وراڻيو.

”چئبو ته تون مردن سان ملهون وڙهي کين دسيو رکين.“

هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”ڪڏهن کان اهو ڪم ڪندي اچين-؟“ سيٽان پڇيو.

هن ساڪيءَ جو ڪوپ خالي ڪندي چيو. ”ڇهن سالن کان آئون ڏهه هزار ملهون ماري چڪي آهيان ۽ هن وقت تائين آئون ”شوڊان“- ڪارو پٽو پڻ حاصل ڪري چڪي آهيان، جيڪو دنيا ۾ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. پر ان هوندي به آئون پنهنجو پاڻ کي سيکڙاٽ ئي سمجهان ٿي. آئون ان کان به وڌيڪ بنجڻ چاهيان ٿي.“

بورچي ڪجهه ٻيا کاڌي جا ڊش کڻي آيو. جن مان ڪيترن جو لذت ۽ سواد سيٽان لاءِ نئون هو، پر هي سڀ مان ڪجهه نه ڪجهه چکندو ويو جيئن جپان ۾ رهڻ دوران اهو تجربو به حاصل ڪري وٺي. رکي رکي هن جي ڌيان ۾ اهو پڙاڏو گونجيو ٿي: ”ها آئون هڪ گيشا ئي ته آهيان.“ ۽ هو پنهنجو پاڻ کي سمجهائيندو رهيو ته ان جپاني گيشا بابت اجايو سجايو سوچي پاڻ کي پريشان ڪرڻ بدران هن سهڻيءَ آمريڪن ڇوڪريءَ ڏي ڌيان ڌريان. پر پوءِ سگهوئي ساڪاموتو هن کي انجنيئرنگ جي ڳالهين ۾ لڳائي ڇڏيو. ساڪاموتو کي اليڪٽرانڪس جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. ڊايوڊ، ٽرائيوڊ، سيمي ڪنڊڪٽر، ڪئپيسيٽر، ائنڊ گيٽ، نئنڊ گيٽ، ٽي. وي، ريڊيو، ڪمپيوٽر- هر شيءِ تي هو چڱيءَ طرح ڳالهائيندو رهيو ۽ سيٽان کي هڪ واريءَ دل ۾ احساس ٿيو ته ڪاش هن جو واسطو هن ڏيڏر جهڙي ماتسوموتو بدران ساڪاموتو سان هجي ها جيڪو جپاني ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين کان ته چڱي طرح واقف آهي- ۽ هوڏانهن اسان واري همراهه ماتسوموتوءَ انگريزيءَ جي هڪ لفظ سکڻ جي به تڪليف نه ورتي آهي. بهرحال ان هوندي به ماتسوموتو ڪمپنيءَ جا ماڻهو وڏي محنت ۽ جوش جذبي سان ڪم ۾ لڳا پيا آهن. هنن ڪڏهن به کيس ڪنهن شڪايت جو موقعو نه ڏنو آهي.

بورچي اندر گهڙيو ۽ سامهون اچي بيٺو. هن دفعي هن پهرين دفعي کان گهڻو مرڪيو- معنيٰ مانيءَ ۾ جيڪي ڪجهه هن کي پيش ڪرڻو هو سو ڪري چڪو. سندس سٺي ماني پچائڻ جي شان ۾ تعريف ڪئي ويئي جنهن جي جواب ۾ بورچي وري وري جهڪيو ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا. مانيءَ جو ڪوبه بل، چيڪ يا پئسا ان وقت ادا نه ڪيا ويا.

هوٽل کان ٻاهر نڪرڻ تي هو ساڳي گهٽيءَ ۾ اچي نڪتا. جتي هينئر هڪ بدران ٻه ڪارون بيٺيون هيون. آئون نٿو چاهيان ته اوهان مونکي خراب ميزبان سمجهو،“ ساڪاموتو چيو، ”پر فلپائن کان ڪجهه ڪاروباري نمائندا آيل آهن جن سان هن وقت منهنجي هڪ واپاري نوعيت جي ڪانفرنس آهي سو آئون اها اٽينڊ ڪرڻ لاءِ توهان کان اجازت گهرندس، هي ٻي ڪار توهان کي هوٽل تائين پڄائيندي. توهان کي جيڪڏهن اعتراض نه هجي ته هوٽل تائين نارما به توهان سان گڏ هلي جيئن رستي تي جيڪڏهن توهان ڪجهه ڏسڻ وائسڻ چاهيو ته هوءَ مدد ڪري سگهي.“

”اهو ته تمام سٺو.“

”چڱو ته پوءِ آئون موڪلايان ٿو ۽ اُميد ته پنهنجي وري سگهوئي گڏجاڻي ٿيندي. نارما! هن کي پنهنجو ڪري سمجهجانءِ ۽ پارت هجنئي.”

”بهتر.“ ڇوڪريءَ وراڻيو.

ڪجهه گهڙين بعد سيٽان پنهنجي جسم تي پگهر جون بوندون محسوس ڪيون. هو وڏي آرام سان ڪار جي پوئينءَ سيٽ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو جنهن تي کير جهڙا اڇا پوش چڙهيل هئا. نارما سرڪي سندس ڀرسان لڳي اچي ويٺي. ان ڪري هن جي نبض جي رفتار وڌي ويئي ۽ هن کي پنهنجا هوش حواس سندس وس کان ٻاهر لڳي رهيا هئا. اڳتي هلي ڪار رستي تان تکو موڙ کاڌو ۽ نارما ٿوري پري ٿي وري اڇلجي اچي هن تي پيئي. سيٽان کيس جهلي ورتو. سندس کاٻو هٿ تڪڙ ۾ نارما جي ڇاتين ۾ وڃي پيو.

”واهه واهه-“ نارما چيو.

”آئون...“ سيٽان جي زبان هڪ دفعو وري جهڙي گونگي ٿي پيئي. هو ڳالهائي نه سگهيو.

پوءِ نارما مرڪي رهي هئي. ”توکي ته جوڊو جو رانديگر ٿيڻ کپندو هو.” پوءِ نارما ڄاڻي واڻي سيٽان جي ٻانهن مٿي ڪري پنهنجن ڪلهن پويان ورائي ڇڏي. ”مڙيئي خير آهي. مون کي ڌڪو کائڻ کان بچائڻ لاءِ مهرباني.”

ڪار هڪ ڪاٺائين عمارت جي در وٽ اچي بيٺي. اها عمارت هڪ پراڻو مندر هئي. نارما کيس هيٺ لهڻ لاءِ چيو. ”اچو ته مندر گهمون.”

هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلڻ لڳا. پهرين هڪ ڊگهو ورانڊو آيو جنهن جو پٽ ۽ ڇت ٻئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. ان ورانڊي جي آخر ۾ گوتم جو بت رکيل هو. ان اڳيان هڪ ڪاٺ جي پيتي نذراني وجهڻ لاءِ هئي. جنهن جي ڀرسان ڪجهه ماڻهو پوڄا پاٺ ڪري رهيا هئا. ڪي ماڻهو مذهبي قسم جو راڳ وڏي سر ۾ ڳائي رهيا هئا. اوسي پاسي ۾ بيٺلن کان هو بلڪ بي نياز خاموشيءَ سان عبادت ۾ محو هو. هن کي تعجب لڳو ته جپان جيتوڻيڪ هڪ طرف ته ايڏي ترقي ڪئي آهي جو اڄ دنيا جي ماڊرن ملڪن مان آهي ٻئي طرف منجهس صديون اڳ جون ريتون رسمون اڃا هلنديون اچن. هو ڪيڏو سڪون محسوس ڪري رهيو هو. واپس ورڻ تي دل نٿي چيس. آخر نارما موٽڻ لاءِ اشارو ڪيس ۽ هي سندس ڪلهن مٿان ٻانهن ورائي مندر کان ٻاهر نڪتو.

ڪار ۾ پهچڻ تي نارما چيس، ”ٽوڪيو شهر سرڪاري طرح ڏهين بجي رات جو بند ٿيو وڃي. پر گنزا ۾ سڄي رات پرهه ڦٽيءَ تائين رونق رهي ٿي. توهان ڪافي پيئڻ لاءِ اتي هلندئو؟ مان اتي جي هڪ سٺي هوٽل کان واقف آهيان.”

”ڇو نه هلندس.“ سيٽان وراڻيو. ايندي وقت ڪار ۾ سندس هٿ چراند کي نارما بلڪل دل ۾ نه ڪيو ۽ ان مان ئي هن ڪجهه پرائي ورتو هو.

ڊرائيور ٽوڪيو جي خاموش ڳلين مان ڦيرائيندو کين گنزا ۾ وٺي آيو جتي ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون هوٽلون کليون پيون هيون. هوٽل جي ٻاهر شيشي جي ڪٻٽن ۾ اهي سڀ شيون ميڻ مان ٺهيون رکيون هيون جيڪي اندر گراهڪن کي وڪيون ويون ٿي. شين مٿان انهن جي قيمت به لکيل هئي. نارما ڊرائيور کي اڇت جپانيءَ ۾ سمجهايو ته هو ڀلي هاڻ موڪل ڪري. سيٽان کي هوءَ پاڻهي گهر تائين پهچائيندي.

ڊرائيور جي رواني ٿيڻ تي هو ڪافي پيئڻ لاءِ گنزا جي هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ آيا. ان جو ڊائنگ روم مغربي نموني جو هو، جنهن ۾ ٽيبل ڪرسيون رکيل هيون. ڪافي ۽ ڪيڪ تي هو چڱي دير ڪچهري ڪندا رهيا. سيٽان پنهنجو پاڻ کي ذهني طرح اها ئي ڏک ڏني ته هو دراصل هن وقت هڪ ٻيءَ خوبصورت ڇوڪريءَ سان ملاقات ڪري پيو. کيس پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ ته ڪا ڇوڪري کنگهندي به ڪانه هئي. هن دل ئي دل ۾ سوچيو ته ڪاش سندس آمريڪن آفيس جا دوست يار هوند هن وقت اچي کيس ڏسي سگهن. هنن کي يقين ئي نه ايندو. هي خود به وائڙو هو ته نارما ساڻس ڪيترو ته آرام سان ڳالهائي رهي هئي ۽ پاڻ به بنا ڪنهن مونجهه، خوف ۽ احساس ڪمتريءَ جي هن سان لس ئي لس ڳالهائي رهيو هو. اها هڪ نئين زندگي هئي جنهن هن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو.

”آئون ٽئڪسي گهرائي توکي گهر تائين ڇڏي ٿو اچان.“ نارما جهڙو ئي اٿي بيٺي ته هن چيس.

”تون فڪر نه ڪر سيٽان، منهنجو رستو تنهنجي هوٽل کان ٻئي طرف آهي، ان ڪري آئون پاڻهي هلي وينديس.“

”مڙيئي خير آهي. مونکي ڪا تڪليف نه ٿيندي.“ سيٽان چيو.

هن سيٽان جي ڳل تي هلڪي ٿڦڪي هڻندي چيو، ”آئون سمجهان ٿي سيٽان، پر توکي اجائي تڪليف نٿي ڏيڻ چاهيان. تنهنجي وڏي مهرباني.“ هن لمحي لاءِ ماٺ ڪئي. وري اوچتو ڪجهه سوچي، شايد چيڙائڻ جي خيال کان سيٽان کي چيو. ”ڇا خيال آهي جيڪڏهن آئون توسان تنهنجي هوٽل تائين هلان ته-؟“

سيٽان ان جو خلوص ڀريو جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه وچڙيو ۽ پوءِ چيائين، ”ڀلي هل. آئون توکي شراب پيئڻ جي دعوت ٿو ڏيان.“ نارما هن جي اها دعوت قبول ڪرڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.

”منهنجي خيال ۾ اها سٺي شروعات ٿيندي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو شيو ڪرڻ مهل سيٽان سوچيو ته ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري ڪڏهن هن کي هتي ڪنهن به ڇوڪريءَ سان سنگت رکڻ ۽ نباهڻ ۾ دقت پيش نه آئي. ويندي آمريڪن ڇوڪري نارما به شراب پي وڃڻ وقت چئي رهي هئي: ”آئون وري تو وٽ اينديس. مون کي وسارجانءِ نه.“

ٻئي ڏينهن سيٽان 'ماتسوموتو ڪمپنيءَ' جي فئڪٽريءَ ۾ پهتو. صبح جون گهڙيون جلدي گذري ويون. ماتسوموتو ڪمپنيءَ کي جيڪو آمريڪا وارن لاءِ مشينريءَ جو نمونو ٺاهڻو هو ان جو ڪجهه حصو ڊولپمينٽ سيڪشن وارن تيار ڪري ورتو هو. ننڍڙيون ننڍڙيون قيمتي پٿرن جهڙيون شيون ان ۾ ڳتيل هيون. انهن مان ڪي ذرڙا پلاسٽڪ جا هئا، ڪي تارن جا، ڪي سيمي ڪنڊڪٽر مواد مان ٺهيل، ته ڪي وري ٽامي جي چادرن مان ٺهيل هئا. بهرحال جيڪي ڪجهه تيار ڪيو هئائون ان مان هنن جي اعليٰ دماغ جي ثابتي ملي ٿي. سيٽان هرهڪ کي پيار مان کڻي ڏٺو ۽ تعريف ڪئي ته اهي ذرڙا ڪيئن هڪ ٻئي سان لڳي هڪ اعليٰ مشين ٺاهيندا، جيئن ٽي وي، وي سي آر ۽ ٻيون شيون، انهن ذرڙن مان، هي جپاني ٺاهي رهيا آهن. هي بلو پرنٽن (نقشن) ۽ مشيني دماغن جي دنيا آهن جنهن جو هو پاڻ به هڪ فرد هو.

ٻارهين لڳي پنڌرهن منٽن تي هن ٻين کان معافي وٺي موڪلايو، هٿ منهن ڌوتو، ۽ لنچ (منجهند جي مانيءَ) لاءِ رٿيل پروگرام موجب سڌو ريڪو جي ٽيبل تي آيو. هوءَ سيٽان کي سامهون ايندو ڏسي پرس هٿ ۾ ڪري اُٿي بيٺي ۽ ٻئي ڄڻا ڏهن منٽن اندر هڪ مغربي نموني جي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا.

سيٽان لاءِ گذريل چوويهن ڪلاڪن اندر هيءَ ٽين ڇوڪري هئي جنهن جو هو ويجهڙائيءَ کان جائزو وٺي رهيو هو. کيس انهن مڙني ۾ ريڪو، پنهنجي پر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪشش واري لڳي. ريڪو پاڻ ته هن آفت جيڏي فارينر اڳيان ويهندي عجيب مونجهاري واري ڪيفيت محسوس ڪري رهي هئي، پر کيس اهو به احساس هو ته هن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ تي سندس ڪمپنيءَ جي مالڪ کي وڏو فائدو رسي سگهي ٿو. مينو جپانيءَ ۾ لکيل هو ان ڪري ريڪو کي ئي پڙهڻو پيو ۽ ظاهر آهي کاڌي جي چونڊ به هن کي ئي ڪرڻي پيئي. هونءَ ته جپان ۾ رواج موجب عورتن جي صلاح مشوري کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي پر ريڪو کي تعجب لڳو ته سيٽان هڪدم سندس ڏنل صلاح قبول ڪئي ۽ هن جي چونڊيل کاڌي کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.

”تون مسٽر جارج ساڪاموتو کي سڃاڻين؟“ جيئن ئي بئري سيوين جهڙين نوڊل جا پيالا سندن اڳيان رکيا ته سيٽان پڇيو.

غريب ريڪو منجهي پئي ته ڪهڙي ورندي ڏجي، پر جيئن تيئن ڪري هن وراڻيو: ”ساڪاموتو مشهور ماڻهو آهي، هو ڪيترين ئي ڪمپنين جو مالڪ آهي.“ مونجهاري ۾ ريڪو صحيح انگريزي به ڳالهائي نه سگهي.

بهرحال سيٽان جو مونجهاري ڏانهن ڪو ڌيان نه ويو.

”گذريل رات مون هن سان ماني کاڌي هئي. مون ته پهرين اهو سمجهيو ته شايد هن جو توهان جي ڪمپنيءَ سان سندس واسطو آهي.“

”نه.“ ريڪو نرميءَ سان وراڻيو.

”هن سان گڏ سيڪريٽري به هئي.“ سيٽان ٻڌائيندو هليو، ”تمام سٺي ڇوڪري ٿي لڳي. سندس نالو نارما اسڪاٽ آهي. شايد تون هن کي سڃاڻندي هجين.“

ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ريڪو دل ئي دل ۾ پنهنجن ڏاڏن، پڙڏاڏن کي مدد لاءِ ٻاڏائڻ لڳي، ”نه منهنجي هن سان واقفيت ناهي. باقي فوتابا- سانُ شايد نارما کي سڃاڻندو هجي. هو نارما سان جوڊو ڪراٽي جي پرئڪٽس ڪندو آهي ۽ اڪثر موچڙا کائي موٽندو آهي پوءِ سڄو هفتو گڪو ٿي هلندو آهي.“ ريڪو ڳالهه بدلائڻ خاطر چيو: ”ڀلا مس سدا بهار چنبيليءَ سان پارڪ ۾ ڪيئن وقت گذريو؟”

سيٽان هن کي دوست ۽ همدرد ئي سمجهيو ۽ پنهنجي اندر جو حال اوريو. ”ريڪو، آئون هڪ غلطي ڪري ويٺو آهيان. مون هن کي کڻي چمي ڏني هئي.“

”هن توکي ان جي اجازت ڏني؟“ ريڪو پڇيو. هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ”پوءِ ته مڙيئي خير آهي.“

ريڪو جي ننڍي لاڪون طبيعت عاشقاڻي هئي. جيتوڻيڪ غمگين جپاني فلمون ڏسي ڏسي هاڻ اڌ به نه رهي هئي.

”نه ريڪو، مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. هوءَ هاڻ مون سان ماڳهين ملڻ نٿي چاهي. هن مونکي اهو چيو ته اهو پهريون دفعو آهي جو ڪنهن مرد کيس چمي ڏني هجي.”

ريڪو ان ڳالهه جي صدارت ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ”جپاني ڇوڪريون گهڻو ڪري چمي ڪونه ڏيڻ ڏين.“

سيٽان جون اکيون ڏک سان ڀرجي ويون. ”پر ريڪو، مون هن کي چيو، 'پر تون ته هڪ گيشا آهين' بلڪل ائين چيومانس.“

”توکي ائين چوڻ نه کپندو هو. اها تو هن جي بي عزتي ڪئي،” ريڪو چيو، ”هوءَ هڪ اعليٰ قسم جي گيشا آهي. سيٽان سائين تون به هڪ جينٽلمئن آهين، پر تون جپاني عورت کي سمجهي نه سگهيو آهين.“

”آئون ڪنهن به عورت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“ هن تلخ حقيقت بيان ڪئي.

ريڪو کي اهو ٻڌي ڏک سان گڏ دل ۾ سيٽان لاءِ همدردي پڻ پيدا ٿي. سوچڻ لڳي ته ڪاش هن جي هٿ وس هجي ته هن کي ڪنهن طرح سان دلداري ڏئي سگهي. هن سيٽان جي اکين ۾ نهاريو ۽ همت کان ڪم وٺي چيو: ”توهان جيڪر چئو ته آئون اوهان جو پرچاءُ ڪرائي وٺان.“

”ڇا تون اهو ڪم ڪري سگهين ٿي؟“

”آئون ڪوشش ڪنديس.“

ماتسوموتو جيڪو ظاهري طرح هڪ اميراڻي شان شوڪت ۽ دٻدٻي واري ماحول جو مالڪ هو، پر اندروني طرح حساس، جذباتي ۽ مذهبي فطرت وارو هو. ڪاروباري زندگيءَ جي گوڙ گهمسان ۾ ته هو پنهنجا اهي نازڪ احساسات لڪائي رکندو هو، پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿي پوندو هو. وقت ملڻ تي فرصت جا لمحا زين (ٻڌ) ڌرم بابت ويهي سوچيندو هو يا شاعري ڪندو هو. هن جي نظرن ۾ مغربي واپار جا طريقا هڪ چلڪندڙ چادر جيان هئا، جيڪا دراصل جپاني تهذيب جي هنڌ مٿان وڇائي وڃي ٿي. ماتسوموتو کي جيتوڻيڪ پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ ريڪو کي اڪيلائيءَ ۾ سڏائيندي خراب لڳو ٿي، پر ڪاروباري هوشياري ۽ جاسوسي به ضروري شيون آهن.

جنهن وقت ريڪو آفيس ۾ گهڙي ته سندس لٿل منهن ڏسي ماتسوموتو ڊڄي ويو ته شايد ڪا گڙٻڙ ٿي آهي ۽ يڪدم ياماگچي ۽ فوتابا کي سڏائڻ پڻ مناسب سمجهائين. پوءِ هن ريڪو ڏي مهاڙ ڪري اٽڪل سان پڇيو: ”آمريڪن مهمان سيٽان سان ماني کائڻ دوران تنهنجي ڪا ساڻس اهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي جيڪا تون سمجهين ٿي ته اسان جي لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجي سگهي ٿي؟“

ريڪو جنهن انگريزيءَ جي ڏکي گرامر ۽ ترجمي ڪري سيٽان سان هٻڪي هٻڪي ٿي ڳالهايو تنهن هاڻ جڏهن جپانيءَ ۾ لس ئي لس ڳالهايو ته ائين لڳو ڄڻ ڳالهين جو ڳوٺ هجي. هوءَ يڪدم اصل ۽ اهم ڳالهه تي آئي. ”سيٽانو - سانَ جي رات ساڪاموتو جارج ماني ڪئي هئي. هن سان گڏ نارما ڇوڪري به هئي. بعد ۾ ساڪاموتو ڇوڪريءَ کي سيٽان جي حوالي ڪري پاڻ هليو ويو. جن پوءِ هڪ هوٽل ۾ اچي ڪافي پيتي هئي.”

”ڪمال آهي...“ ماتسوموتو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر وري ماٺ ٿي ويو.

”بيشڪ.“ مسٽر فوتابا ڳالهه کي ٽيڪو وٺرايو، “منهنجي هن ڇوڪريءَ سان جوڊو سکڻ وارن ڏينهن کان وٺي وافقيت آهي، پر مونکي ته هن ڪڏهن ڏينهن جو به ڪافي ڪانه پياري آهي.“

ماتسوموتو ڪرسيءَ تي وڌيڪ اڀو ٿي ويٺو. ”تنهنجي معنيٰ ته ساڪاموتو اسان کي پهرين ملهه ماري ويو، يا گهٽ ۾ گهٽ پهرين اننگ ۾ وڌيڪ اسڪور ڪري ويو.“

ريڪو ٿورو وڌيڪ جهڪي پنهنجي ڪمپنيءَ جي صدر صاحب جو ڌيان ڇڪايو: ”آئون نٿي سمجهان ته ڪو هن وڌيڪ رنس ڪيون آهن،“ هن چيو، ”سيٽان صاحب کي ڇوڪريون وڻن ضرور ٿيون، پر کيس اها خبر ناهي ته هنن سان ڪرڻ ڇا کپي. جيئن ته گيشا جو خرچ پکو سڀ توهان ڪري رهيا آهيون ان ڪري آئون توهان کي ايترو ضرور ٻڌائينديس ته ڪالهه پارڪ ۾ سيٽان سانَ جو گيشا مس سدا بهار چنبيليءَ سان گڏ ڪو سٺو وقت نه گذريو.“

ماتسوموتوءَ تعجب مان نهاريندي پڇيو: ”ڇو ڇوڪريءَ ڪهڙو ڀڏو ڪم ڪيو؟“

ريڪو پهرين ٿورو گهٻرائجي وئي ته ڪٿي ٻئي جو ٻڌايل راز ظاهر ڪري ڪا اخلاقي غلطي ته نه پئي ڪري. پر پوءِ هن کي ڪمپنيءَ جو پڙ هر ڳالهه کان ڳرو نظر آيو. هن رومانوي انداز سان سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. جڏهن ڳالهه پوري ٿي ته هن کي تعجب لڳو ته سندس مالڪ ماتسوموتو جي منهن تي ڪجهه جذباتي تاثرات نمودار ٿي رهيا آهن.

”اها ڳالهه ته 'سيٽان سانَ' جي سٺين ڳالهين ۾ ڳڻڻ کپي،“ ماتسوموتو چيو، ”تنهنجي معنيٰ ته هن ٿوري ئي عرصي ۾ جپاني عورت جي اهميت کي قبول ڪري ورتو آهي.”

”اهو پڻ ظاهر آهي،“ ياماگچيءَ چيو، ”ته سيٽان گيشا جي ڌنڌي کان بلڪل اڻ واقف آهي.“

”نارما جهڙي سهڻي ڇوڪري هڏيءَ طور کڻي، ساڪاموتو جهڙي استاد شاڪريءَ جو سيٽان جهڙي سڻڀي شڪار پٺيان لڳڻ پاڻ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.” ماتسوموتو آخري فيصلو ٻڌايو. پوءِ ريڪو ڏي منهن ڪري چيو، ”مهرباني ڪري مس سدا بهار چنبيليءَ سان جلد لهه وچڙ ۾ اچي هن کي هفتي جي حساب سان جيترو جلد ٿي سگهي ته پگهار تي رکڻ جو بندوبست ڪر. هن کي اڻ مقرر مدي تائين اجوري تي رکينس ۽ چئينس ته سيٽان سانَ سان هڪدم فون تي ڳالهائي، جيڪو هينئر فئڪٽريءَ ۾ ويٺو هوندو. مس سدا بهار چنبيليءَ وٽان فون اچڻ تي سيٽان جو ڌيان ان ڏي ٿي ويندو ۽ نارما کي في الحال وساري ڇڏيندو جيڪا هن کي ساڪاموتو لاءِ پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي رهي آهي.”

ريڪو ادب وچان جهڪي. ”سائين ڳالهه ته بلڪل عقلمنديءَ جي ٿا ڪريو،“ هن داد ڏيڻ لاءِ آهستي ڀڻڪيو. ياماگچي ۽ فوتابا به ريڪو جي داد جي پوئواري ڪئي. پوءِ ريڪو اُٿي کڙي ٿي ۽ در کولي ٻاهر فون ڪرڻ لاءِ ويئي. جمعي جو ڏينهن هو، ايندڙ ڏينهن: ڇنڇر ۽ آچر موڪل هئڻ ڪري انهن ڏينهن تي شهر جون سڀ سٺيون سٺيون گيشائون، ڳائڻيون ۽ رنڊيون وغيره بڪ هجڻ جو انديشو هو. هن فون جو نمبر گهمايو، جلدي جلدي ڪجهه ڳالهايو ۽ ٻاهر نڪري آئي.

ان مهل ٽائيم چئن ۾ ڪجهه منٽ هئا جو ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي چيف انجنيئر فيوجي هارا سيٽان جي ڪلهي تي هٿ رکي فون ڏي سندس ڌيان ڇڪايو، جيڪو ڪنڍيءَ ۾ لڙڪي رهيو هو. سيٽان تعجب مان سوچيندو فون ڏي وڌيو ته ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو.

هڪ صاف سٿرو ۽ پاڻيءَ وانگر وهندڙ لسو آواز ڪن تي پيس. ”سيٽان سانَ، آئون ڪانوماسايو آهيان - گيشا، مس سدا بهار چنبيلي.”

هڪ لمحي لاءِ سيٽان جو جسم ڄڻ کيرو ويرو ٿي پيو، پر پوءِ هوش جاءِ ڪري ڌيرج سان وراڻيائين. ”آئي ائم گلئڊ” (آئون خوش ٿيو آهيان.)

پر گيشا فون تي هن جي آمريڪن نموني جي انگريزي نه سمجهي، وائڙي ٿي وئي. ”يو مئڊ؟” هن ڊڄندي پڇيو.

”نه نه. مئڊ نه پر گلئڊ” هاڻ سيٽان لفظ لفظ ڌار ڌار ڪري اڃا به ڌيرج سان ڳالهايو، ”تنهنجو آواز ٻڌي مون کي خوشي ٿي آهي. آئون توسان ملڻ ٿو چاهيان.”

ڪرشمو چئجي يا عجيب اتفاق جو ان ئي وقت ريڪو سهڪندي اتان اچي لنگهي. سيٽان هن جي حوالي فون ڪندي چيو: ”فون تي مس سدا بهار چنبيلي پئي ڳالهائي. مهرباني ڪري پڇينس ته آئون ساڻس ملي سگهان ٿو.“

آفيس کان فئڪٽريءَ تائين ڊوڙي پهچڻ ڪري ريڪو اڃا تائين سهڪي رهي هئي، تنهن سيٽان جو نياپو پهچايو. گيشا نئڙت مان پڇيو ته کين سندس ڪڏهن گهرج ٿيندي ۽ ڪيتري وقت لا”، ريڪو جيڪا اڃا تائين صحيح طرح پاڻ سنڀالي نه سگهي هئي تنهن بنا سوچڻ جي گيشا جا چيل لفظ هوبهو ترجمو ڪري سيٽان کي ٻڌايا، سيٽان اهو ٻڌي ڪجهه وائڙو ضرور ٿيو ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيو: ”پڇينس ته سڀاڻي پهرين موڪل آهي جي واندي هجين ته ٻئي ڏينهن گڏ گذاريون.“

سيٽان جو اهو عرض ٻڌڻ سان ريڪو کي ڄڻ ميڄالي ۾ ڪنهن مترڪا وهائي ڪڍيا. مس سدا بهار چنبيليءَ جهڙي ٽاپ ڪلاس گيشا جو ٻن ڏينهن جو بل آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ جيترو ٿو ٿئي. جنهن جي سهڻ جي سگهه هن جي غريب ڪمپنيءَ کي ته نه هئي پر چڱين خاصين امير ڪمپنين کي به اهو بل ڌونڌاڙي رکڻ لاءِ ڪافي هو. ريڪو سيٽان کي هڪ اهڙو فضيلت وارو انسان سمجهيو ٿي جنهن کي پنهنجين حيواني خواهشن تي پورو پورو ضابطو هو. پر سندس قائم ڪيل اهو اميج هاڻ هن اڳيان ڀور ڀور ٿي پيو. وائڙن وانگر هن سيٽان جو اهو نياپو لفظ بلفظ ترجمو ڪري اڳتي ٻڌايو ۽ اهو ٻڌي ٻي پاسي کان گيشا جي به ڊگهي ساهه کڻڻ جو آواز هن کي فون تي چٽو ٻڌڻ ۾ آيو.

جواب لاءِ سيٽان کي تڪڙ لڳي پيئي هئي ۽ هن ريڪو جي پٺي ٺپريندي جلدي ڪرڻ لاءِ چيس. ”ريڪو هن کي چئه ته هوءَ ڪجهه غلط نه سمجهي. مون لاءِ هروڀرو به وقت نه ڪڍي. جيڪڏهن واندي هجي ته واهه واهه، آئون ساڻس گڏ اهي ٻه ڏينهن جپان گهمندي خوشي محسوس ڪندس.“

ريڪو جهٽ پٽ ترجمو ڪري ٻڌايس. هن پنهنجي طرفان به تصبرو ڪندي چيس، منهنجي خيال مطابق سيٽان جي نيت صاف آهي ۽ ڪابه خراب ڳالهه ڌيان ۾ نه اٿس.

گيشا سيٽان سان سنئون سڌو ڳالهائڻ چاهيو. ريڪو فون سيٽان جي حوالي ڪيو جنهن کي هن پنهنجي ڀاڳ جو فيصلو ٻڌڻ لاءِ ڏڪندي ڪنن تي رکيو: ”سيٽان سانَ، يو وانٽ سي ڪيوٽو؟” (سيٽان سائين، توهان ڪيوٽو شهر ڏسندائو؟)

سيٽان کي ڪيوٽو بابت ڪا خبر نه هئي، پر هي ته ههڙي پياري معشوق سان گڏ جهنم ۾ وڃڻ لاءِ به تيار هو. ”هائو.“ هن وراڻيو.

هن فون ريڪو کي واپس ڏنو، جنهن وعدو ڪيو ته جيئن ئي ڪيوٽو وڃڻ جو پروگرام پڪو ٿيندو ته هوءَ وري مس سدا بهار چنبيليءَ کي فون ڪري ٻڌائيندي.

پوءِ فون رستي ريڪو ٻه ٽڪيٽون نيو ٽوڪئڊو ريل گاڏيءَ جو، ٽوڪيو کان ڪيوٽو تائين رزرو ڪرايون ۽ جيڪي ڪجهه ٿي گذريو سا سڄي ڪارروائي مسٽر ماتسوموتو کي ٻڌائڻ لاءِ رواني ٿي.

غريب ماتسوموتو جيڪو اُميد رکيو ويٺو هو ته آمريڪا مان مليل هن ٺيڪي مان ڪجهه ڪمائي پنهنجي ڪمپنيءَ جي ساک بچائي تنهن مس سدا بهار چنبيليءَ جي ٻن ڏينهن جي بل جو اڳواٽ اڳواٽ ويهي حساب ڪيو ته وايون بتال ٿي ويس. آمريڪا طرفان مليل آرڊر وارو مشينري پلانٽ جيسين ٺهي، چڪاس ٿئي، آمريڪا پهچي ۽ ان جا پئسا ملن تيسين ته سندس ڪمپنيءَ جو ڏيوالو ئي نڪري ويندو. اهو سوچي هن کي روئڻ ٿي آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org