6
سومر جي صبح جو رچرڊ سيٽان جرڪندڙ چهري سان ماتسوموتو ڪمپنيءَ
جي آفيس ۾ جيئن ئي گهڙيو ته ريڪو پري کان ئي سندس
خوشيءَ کان ٻهڪندڙ منهن ڏسي سمجهي ويئي ته سيٽان
جا گذريل ٻه ڏينهن تمام سٺا گذاريا آهن ۽ پڪ
ماڪورا گاني - وهاڻي واري عياشي پڻ ڪئي اٿس.
تازين جنگين ڪري جپان ۾ ڇوڪرين جو تعداد تمام گهڻو ۽ مردن جو
گهٽ ٿي وڃڻ ڪري ڪنهن خوش نصيب ڇوڪريءَ کي ڪو بواءِ
فرينڊ يا مڙس مليو ٿي ۽ سندس جواني سجائي ٿي ٿي.
”ڪالهوڪيون ٻه راتيون مس سدا بهار چنبيليءَ ڪنهن
مرد سان گذاريون - ڪمپنيءَ کي ان لاءِ چٽي ڀرڻي سا
پيئي.“ مس ريڪو اهو سوچيندي هي به سوچڻ لڳي ته
اهڙيون راتيون ڪڏهن سندس زندگيءَ ۾ اڃا نه آيون
آهن. ڪنهن ڪنهن وقت هن ڪيڏي ته ملولائي محسوس ڪئي
ٿي. هن پنهنجو گهر چاهيو ٿي، ان سان گڏ ٻار پڻ.
اهو ڏسي ريڪو کي تعجب لڳو ته سيٽان اڳيان لنگهي هن وٽ ائين اچي
بيٺو ڄڻ هو ڪا اهم شخصيت هجي.
”اوهيو گوذائي ماس، ريڪو - سان“ (صبح خير، ريڪو صاحبه)
”اوهيو گو ذائي ماس، سيٽان - سان.“ (صبح خير، سيٽان سائين)
اُميد ته موڪل جا ڏينهن سٺيءَ طرح گذريا هوندا.“
جيتوڻيڪ هن کي اهو پڇندي شرم پئي آيو، پر هن بنا
هٻڪ جي پڇي ورتو.
”جي ها، ريڪو، مون کي ڏاڍو مزو آيو. ڀلا ريڪو ٿوري دير لاءِ
اندر ڪانفرنس روم ۾ هلندينءَ؟“ سيٽان پڇيو.
ڪانفرنس روم ۾ گهڙي سيٽان اندران ڪنڍو ڏنو ته ريڪو گهٻرائجي
ويئي.
”پهرين ته ريڪو تنهنجي تمام وڏي مهرباني جو تو مون لاءِ ههڙي
سٺي پروگرام جو بندوبست ڪيو. اري گاتو گو ذائي ماس
(مهرباني). اهو ٻڌي ريڪو سڪون جو ساهه کنيو نه ته
هن ته سمجهيو ته سيٽان الائي ڇا ٿو ڪري.
”مون کي مسافرخانو ڏاڍو پسند آيو. پر هنن اسان لاءِ فقط هڪ ڪمري
جي ريزرويشن ڪئي هئي. مون کي کين اهو سمجهائڻ ۾
چڱي دقت پيش آئي ته اسان کي هڪ نه پر ٻه ڪمرا
گهرجن.“
”ٻه ڪمرا؟” ريڪو تعجب مان پڇيو، ”ڇو توکي فوتان (جپاني هنڌ
بسترو - جيڪو پٽ تي وڇايو ويندو آهي) پسند نه آيو
ڇا؟” هن جي دماغ ۾ ته اهائي ڳالهه اچي سگهي ٿي.
”نه اها ڳالهه ناهي. مون کي فوتان ته تمام گهڻو پسند آيو. اهو
پهريون بسترو مون کي هتي جپان ۾ ئي نصيب ٿيو جنهن
تي آئون چيلهه سڌي ڪري آرام سان سمهي سگهيس.“ ريڪو
جي اکين ۾ سوال جا نشان ڏسي، سيٽان کي سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪئي: ”ڳالهه هيءَ آهي ريڪو، ته مون کي مس سدا
بهار چنبيليءَ لاءِ دل ۾ عزت آهي...“
ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ريڪو پڇيس: ”توهان جو مطلب آهي ته توهان کي
هوءَ وڻي ٿي.“
”جي ها. مون کي هوءَ بلڪل وڻي ٿي، پر هن دنيا ۾ اڃا ڪيترائي
انسان پيا آهن جيڪي ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته
شاديءَ بعد ئي ڇوڪريءَ سان گڏ سمهڻ کپي.“
ريڪو اهو ٻڌي واقعي حيرت ۾ پئجي ويئي. فارينرن کي سمجهڻ واقعي
هن جي وس جي ڳالهه نه هئي، سو هن وڌيڪ ڳالهائڻ کان
پرهيز ئي ڪئي.
ساڳي ئي وقت ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو به اهائي
خبر ٻڌي رهيو هو جنهن تي واقعي اعتبار ڪرڻ ڏکيو ٿي
لڳو. گيشا هائوس وارن فون ڪري کيس ٻن ڏينهن جي خرچ
جو حساب ٻڌايو ته مس سدا بهار چنبيلي جنهن جي ڪلاڪ
جو اگهه هيترو آهي سا هيترا ڪلاڪ توهان جي مهمان
سان گڏ رهي ۽ ٽوٽل هيترو بل توهان جي بلي ٿيو.
جيتوڻيڪ اهو خرچ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ جيترو هو، پر ان هوندي
به اهو ان خطرناڪ بل کان گهڻو گهٽ هو جنهن بابت هو
سوچي رهيو هو. ڇاڪاڻ جو سيٽان مس سدا بهار
چنبيليءَ کان ماڪورا گاني- وهاڻي واري عياشيءَ
(همبستري) جي گهر نه ڪئي هئي - جيڪا انڊو پاڪستان
جي بوليءَ واري رسم کان به ڳري اگهه واري ٿي ٿئي.
گيشا گهر کان کيس اهو به ٻڌايو ويو ته جيئن ته
سيٽان صاحب هڪ سٺي گراهڪ وانگر هن قيمتي ملڪيت -
مس سدا بهار چنبيليءَ سان، تمام گهڻي خيال ۽
خبرداريءَ سان پيش آيو آهي، ان ڪري آئيندي لاءِ مس
سدا بهار چنبيليءَ جي مڙني گراهڪن ۾ کيس وڌيڪ
ترجيح ۽ اهميت ڏني ويندي.
سيٺ ماتسوموتو ڳالهه ٻڌي فون رکيو. هن ڪيترا دفعا پنهنجن وڏن کي
ياد ڪري دعا گهري هوندي ته ان گيشا جي شل ڪا ٽنگ
ٻانهن ڀڄي ته اسان جي جان ڇٽي. پر ائين ٿيڻ اڻ
ٿيڻو هو سو هاڻ هن کي ٻيو ئي ڪجهه سوچڻو پيو. هن
اڳهين فوتابا کي چئي ڇڏيو هو ته اڄ رات لاءِ سيٽان
کي ماني ۽ ٿيٽر ۾ ڊرامي ڏسڻ جي دعوت ڏجان”- جيئن
گهٽ ۾ گهٽ گيشا تي ٿيندڙ اڄ جي خرچ کان ته بچت ٿي
وڃي.
ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ سيڪشن ۾ سيٽان ڪمپنيءَ جي جپاني انجنيئر
فيوجي هارا سان پروجيڪٽ تي ڳالهائي رهيو هو جو
فوتابا اچي نڪتو ۽ ڊنر لاءِ دعوت ڏنائينس جيڪا هن
خوشيءَ سان قبول ڪئي.
سيٽان اڄ ڪم ۾ ايڏو ته رڌل رهيو جو وقت گذرڻ جو به هوش نه رهيس.
منجهند جي مانيءَ تي به دير ٿي ويس. جنهن بعد
فئڪٽري بند ٿيڻ جو وقت ٿي ويو. اڄ گهربل اليڪٽرانڪ
مشين جي اسيمبليءَ ۾ ڪم ايندڙ سڀ پرزا ٺهي راس ٿيا
هئا. انهن کي ٻئي ڏينهن صبح جو ڳنڍي گهربل ٽيسٽنگ
مشين ٺاهڻي هئي. سيٽان رات جي ماني فوتابا سان گڏ
ٽوڪيو جي مشهور امپيريل هوٽل ۾ کاڌي. فوتابا کي
انگريزي گهٽ ٿي آئي. ان ڪري ڪچهري گهڻي ٿي نه سگهي
۽ ماٺ ۾ پيٽ ڀري کائڻ جو سٺو موقعو ملي ويس.
بهرحال سيٽان اهو ضرور اندازو لڳائي ورتو ته
فوتابا جي بيحد دلچسپ شخصيت ٻوليءَ جي قيد ۾ ڦاسيو
ڇيتيون ڇيتيون ٿيو پوي.
جپاني ٻوليءَ ۾ لام جو اُچار نه هجڻ ڪري ڪيترائي جپاني لام
اُچاري نٿا سگهن. پوءِ انگريزي ڳالهائڻ وقت جتي
ايل
(L)
اچي اتي آر
(R)
اُچارين. سو فوتابا جي انگريزي به گرامر جي چڪن
سان گڏوگڏ اُچارڻ ۾ به اهڙي ئي هئي. جڏهن ماني ختم
ٿي ته فوتابا مڙيئي هڪ انگريزي جملو ڳالهائڻ جو
بندوبست ڪيو:
(You liking beautiful girls? Seeing plenty
tonight no clothes. Nichi geki Music hall one
block obly. Walking okay?)
(”نيچي گيڪي ميوزڪ هال ۾ هلندئو. تمام سهڻيون
ڇوڪريون اُگهاڙيون ٿي ڊانس ٿيون ڪن. فقط هڪ بلاڪ
پري آهي. پنڌ ئي هلون؟“ هن جو مطلب هو)
”ها ڀلي پنڌ ئي سهي.“ سيٽان مڃيو.
اسٽيج تي پهرين جپاني ڇوڪرين بنا انگين جي ڊانس ڪئي. جيتوڻيڪ
ناچ ۾ آمريڪا ان کان به وڌيڪ مشهور آهي، پر سيٽان
ڪڏهن به اتي اهڙين ڳالهين ۾ دلچسپي نه ورتي هئي.
سو هتي هي پهريون دفعو ان قسم جو ناچ ڏسي پهرين ته
هن کي عجيب لڳو پر پوءِ جپاني ڇوڪرين جون ننڍڙيون
پر سوٽُ ڇاتيون جانچي ڏسڻ ۾ لڳي ويو. آخر ۾ هڪ
آمريڪن ڇوڪريءَ پنهنجي ناچ جو مظاهرو ڪيو ۽ نچندي
نچندي پنهنجي جسم جا جڏهن ڪپڙا لاٿا ته ماڻهن ان
کي سڀ کان گهڻو داد ڏنو.
”آل ويز ون فارينر“ (هر ڀيري هڪ فارينر جو ناچ ضرور ڏيکاريندا
آهن.) فوتابا تار واري زبان ۾ چيو، ”هتي جپان ۾
آمريڪن عورتن کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.“
سيٽان اهو سوچي فرحت محسوس ڪئي ته چڱو جو سندس ماءُ جو دور
لنگهي ويو ۽ وڃي قبر ۾ آسودي ٿي ۽ هي اُگهاڙا ناچ
سڀ پوءِ شروع ٿيا، جن واهيات ڳالهين جي هوءَ سخت
خلاف هئي. سندس پيءُ جي وفات بعد کيس ماءُ نپائي
وڏو ڪيو هو ۽ تمام گهڻو مذهب سان لاڙو هجڻ ڪري هن
سيٽان جو نيپاج به ڪجهه اهڙو ئي ڪيو ۽ کيس سخت
اخلاقي حدن اندر رکيو. سندس وفات کان پوءِ جيتوڻيڪ
هر ڳالهه سيٽان جي مرضيءَ تي ڇڏيل هئي، پر ته به
هو ڪافي حد تائين اخلاقيات جو ساٿ قائم رکندو
هليو. ٿيٽر ختم ٿيڻ کان اڳ جڏهن آخري دفعو سڀني
سهڻين ڇوڪرين کي هڪ ئي قطار ۾ بيهاري پيش ڪيو ويو
ته سيٽان پهريون دفعو دل کولي تاڙيون وڄايون ۽ ناچ
جي تعريف ڪئي.
هوٽل تي موٽڻ وقت هن کي جارج ساڪاموتو طرفان ملايل ڇوڪري نارما
جو نياپو مليو ته آڌي رات کان اڳ، ڪنهن وقت هوءَ
وري فون ڪندي. فوتابا کان موڪلائي سيٽان پنهنجي
ڪمري ۾ آيو ۽ جيمس بانڊ جي اسٽائيل سان فون کڻي
نارما سان ملايائين.
نارما جي آواز ۾ ساڳي پنهنجائپ هئي: ”ڊِڪ! مون تو لاءِ هڪ
پروگرام رٿيو آهي. تو ڪڏهن سومو (جپاني ملهن جو
ملاکڙو) ڏٺو آهي؟ جپان جي پراڻي ثقافت آهي ۽ اهو
ملاکڙو صدين کان هلندو اچي. سڀاڻ رات لاءِ مون وٽ
ان جون ٻه ٽڪيٽون آهن. تون اوڏانهن هلڻ وقت مون کي
به کڻندو هلجان“.
”بلڪل. مون طرفان پڪ ئي سمجهجان.“ سيٽان گرمجوشيءَ سان وراڻيو.
”تمام سٺو. آئون جوڊو ڪراٽي جي آکاڙي تي هونديس جتان مون کي
ڇهين بجي ڌاري کنيو هلجان”. چڱو ڊڪ، وڌيڪ سڀاڻي،
في الحال شب خير.“
”شب خير“ سيٽان کي پنهنجا ڳالهايل لفظ وات مان نه پر نڙيءَ مان
نڪرندا محسوس ٿيا ۽ نارما جي فون رکڻ بعد به ڪا
دير هو فون هٿ ۾ جهلي سوچيندو رهيو. نارما قهر جي
سهڻي ڇوڪري آهي. هونءَ هن جو ارادو مس سدا بهار
چنبيليءَ کي دعوت ڏيڻ ۽ ان سان گڏ شام ملهائڻ جو
هو. پر هن صبر کان ڪم وٺڻ ۾ پنهنجو فائدو سمجهي في
الحال نارما سان انڪار به نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ نه وري
مس سدا بهار چنبيليءَ سان پروگرام پڪو ٿي ڪيو.
ٻئي ڏينهن منجهند جو ٽي بجي ڌاري ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي پوڙهي
مالڪ ماتسوموتو سڪون جو ساهه کنيو ۽ خوشي محسوس
ڪئي جو ٻه ڏينهن گذري چڪا هئا ۽ سندس آمريڪن مهمان
- سيٽان ٽوڪيو جي مهنگي گيشا جو نالو نه کنيو هو ۽
ظاهر آهي في الحال ڪمپنيءَ جو ڪجهه ته خرچ بچيو.
ماتسوموتو ڪو مهمان نوازيءَ کان ڀڳو نٿي، پر اکين
اڳيان نظر ايندڙ ڏيوالپڻي هن کي منجهائي رکيو هو.
ياماگچيءَ کي گهرائي حالات جو جائزو وٺڻ لاءِ
چيائين:
”آئون پنهنجن وڏن کان دعائون گهري رهيو هوس،“ هن چيو، ”ته ڪنهن
پر سيٽان جي هن گيشا مان جان ڇٽي، پر اهي دعائون
اگهامڻ بدران ماڳهين نارما اچي نازل ٿي آهي جيڪا
اسان لاءِ ويتر نقصانڪار ثابت ٿيندي، جنهن جو
مقالو اسان مس سدا بهار چنبيلي جهڙي گيشا سان ڪيئن
ٿا ڪرائي سگهون. نارما انگريزي سٺي ڳالهائي ٿي ۽
ساڪاماتو جارج جي ڪمپنيءَ سان هن جو پڪو ۽ يڪو
واسطو آهي، جيڪو اڄڪلهه فلپائن پڻ روانو ٿيڻ وارو
آهي ۽ آئون نٿو سمجهان ته فلپائين وارا اسان کي
ٺيڪو ڏيڻ لاءِ هاڻ ڪا نظرثاني ڪندا.“
ان ئي ويل ماتسوموتو جي فون جي گهنٽي وڳي. فون گيشا گهر کان هو
۽ پوڙهي انچارج ماماسان چئي رهي هئي ته مس سدا
بهار چنبيليءَ جي اڄ شام لاءِ هڪ ٻئي گراهڪ گهر
ڪئي آهي. پر جيڪڏهن هنن کي پنهنجي مهمان سيٽان
لاءِ اڄ ضرورت هجي ته پوءِ هوءَ ان خاطر ٻئي گراهڪ
کي جواب ڏئي ڇڏين. ماتسوموتو خوشيءَ وچان کيس
ٻڌايو ته هو ڀلي مس سدا بهار چنبيلي ڪنهن ٻئي
گراهڪ لاءِ بڪ ڪري ڇڏي.
”هڪ ڳالهه منهنجي ڌيان ۾ هينئر هينئر آئي آهي،“ ياماگچيءَ چيو:
”سيٽان - سانَ کي ڪيوٽو شهر گهمڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو
هو. ڇو نه اسان هن کي جپان جا ٻيا شهر گهمائڻ جي
پڻ آڇ ڪريون. گيشا جي هڪ يا ٻن ڪلاڪن لاءِ جيترا
اسان کي پئسا ڏيڻا ٿا پون ان کان وري به گهٽ خرچ
ايندو.“
ماتسوموتو کي اها ڳالهه وڻي. ”واهه واهه. هينئر ئي وڃي سيٽان کي
دعوت ڏئي اچ. سندس ملڪ وڃڻ ۾ باقي ڪو هفتو کن مس
آهي ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي ڪجهه مڙيئي کل بچي
پوندي.“
ياماگچي جڏهن سيٽان وٽ پهتو ته هو ٻانهن جا ڪف مٿي کنجي پنهنجي
تيار ڪيل مشنيري جي نموني کي ڪنهن خاص اوزار ذريعي
چڪاسي رهيو هو. اهو عجيب قسم جو اوزار آمريڪا کان
هن پاڻ سان آندو هو. ان کي ڏسي مسٽر ياماگچيءَ جي
دل ۾ آمريڪن لاءِ عزت پيدا ٿي جن اهو اوزار ايجاد
ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪن اهي ماڻهو آهن
جيڪي ڪنهن ٻي شيءِ جي کڻي نه پر اعليٰ ٽيڪنيڪل
تهذيب جي هام هڻي سگهن ٿا.
ان ئي وقت ريڪو به رڙهي اچي اتي بيٺي ته متان ياماگچيءَ ۽ سيٽان
کي ترجمي جي ضرورت پوي ياما گچيءَ ڪجهه پنهنجي
انگريزي ۾ ۽ گهڻو تڻو ريڪو جي ترجمي ذريعي سيٽان
اڳيان جپان گهمڻ جي دعوت پيش ڪئي ”اها ته منهنجي
دل وٽان ڳالهه آهي، مسز ياما گچي!“ سيٽان شوق
منجهان چيو. ”پر مون کي اهو خيال ٿو ٿئي ته ائين
ڪرڻ سان ڪمپنيءَ تي خرچ جو بار نه پوي.“
ياماگچيءَ هن کي دلداري ڏني ته خرچ جو هو بلڪل نه سوچي، بلڪ
ڪمپنيءَ کي ان قسم جي مهمان نوازي ڪري خوشي ٿيندي.
پوءِ اوچتو ياماگچيءَ شام جي مانيءَ لاءِ پڻ سيٽان
کي چيو.
”مون کي افسوس آهي،“ سيٽان وراڻيو، ”اڄ منهنجي هڪ آمريڪن
ڇوڪريءَ سان ملاقات رٿيل آهي جنهن کي ساڻ وٺي سومو
ملاکڙي تي ويندس.“
اهو ٻڌڻ سان ياماگچيءَ کي يڪدم مونجهه ورائي وئي ۽ دل سست ٿيڻ
لڳيس. هن کي خبر هئي ته اها آمريڪن ڇوڪري ڪير ٿي
سگهي ٿي. حالات کي منهن ڏيڻ لاءِ فقط هڪ ئي طريقو
هو- مس سدا بهار چنبيليءَ جون خدمتون وري حاصل
ڪرڻ. جيتوڻيڪ اڄ لاءِ ته هوءَ هٿن مان نڪري ويئي ۽
ٿي سگهي ٿو ته سندس اڄ جو گراهڪ ٻيو ڪونه، پر
ساڪاموتو ئي هجي، جنهن سيٽان کي گيشا کان ٽارڻ ۽
نارما جي ڦندي ۾ ڦاسائڻ لاءِ اها سٽ سٽي هجي.
سيٽان پوري وقت تي جوڊي ڪراٽي جي آکاڙي - ڪوڊوڪان ۾ پهتو. ڏاڪڻ
تان چڙهي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. جوڊي جا سڀ رانديگر
اڇي رنگ جي ڪاٽن واري وڳي ۾ هئا، جن جي چيليهين تي
سائو، ڀورو يا ڪارو بيلٽ ٻڌل هو.
بيل وڄڻ تي هڪڙي مئچ ختم ۽ ٻي شروع ٿي ٿي. سيٽان جي نظر سگهو ئي
نارما تي پيئي جيڪا گوتم ٻڌ جي مورتيءَ وانگر بنا
چرپر جي سيٽيو بيٺي هئي. انچارج ٻن ڄڻن جا نالا
ورتا. ٻه رانديگر پنهنجين جاين تان اٿيا هڪڙو
هڪڙيءَ ڌر جو هو ۽ ٻيو ٻيءَ جو. هڪ ٻئي ڏي منهن
ڪري پرتڪلف انداز ۾ نوڙيا پوءِ حڪم ملڻ سان ٻنهي
هڪڙي وک وڌائي هڪ ٻئي تي حملو ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي
ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. آخرڪار هڪڙو ڄڻو ٻئي جي دڏ
سان وڃي لڳو. پير نڪري ويس ۽ ”ايپان“ ريفريءَ
اعلان ڪري کٽندڙ ڏي هٿ جو اشارو ڪيو. هارائيندڙ
پنهنجي جاءِ وٺڻ کان اڳ وري وري جهڪيو.
”نارما.“ انچارج هاڻ نارما کي مقابلي لاءِ سڏيو.
نارما اڳتي وڌي آئي ۽ اڳئين راند جي کٽيندڙ - جيڪو قدبت ۾
ڇوڪريءَ کان مضبوط ٿي لڳو تنهن جي سامهون مقابلو
لاءِ اچي بيٺي. هڪ دفعو وري رسم موجب جهڪڻ ٿيو. ان
بعد ويڙهه شروع ٿي ويئي. نارما سان مقابلو ڪرڻ
وارو جيتوڻيڪ کانئس پهلوان هو پر هن کي نارما مٿي
کڻي پٺيان هيٺ ڦهڪو ڪرايو ۽ ان ئي وقت ريفريءَ
نارما جي کٽڻ لاءِ ”ايپان“ چيو.
ان بعد نارما جو جنهن سان مقابلو ٿي رهيو هو اهو نارما کان عمر
۾ ٿورو وڏو ۽ تجربيڪار ٿي لڳو. اڌ منٽ تائين نارما
پنهنجن پيرن تي بيٺي رهي پر پوءِ حملي ڪندڙ هن کي
مٿان ڦيرائي کڻي هيٺ تڏي تي ڦهڪو ڪرايو. ريفريءَ
”ايپان“ چئي مقابلي جو نتيجو ٻڌايو. سيٽان جو خوف
مان وات پٽجي ويو، پر نارما تي ڄڻ اثر ئي نه ٿيو.
هڪدم اُٿي بيٺي ۽ پنهنجي سگهاري کٽيندڙ همراهه سان
کلي ڳالهائڻ لڳي.
ان بعد نارما سيٽان سان اچي ملي ۽ ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري آيا.
”ڪهڙو حال آهي؟ بچي ته وئينءَ؟” سيٽان پڇيو، ”آئون سامهون
بالڪنيءَ مان ڏسي رهيو هوس. منهنجو ته...“
نارما کليو. ”اهڙا ته مون هزارين ڌڪ کاڌا هوندا. ان کان پوءِ ئي
مون کي ڪارو بيلٽ مليو آهي. ڌڪ ڪيئن پچائي وڃجي -
اهو پڻ هتي سيکارين ٿا.“
اتان نڪري هو پهرين شهر کان ٻاهر هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا،
جنهن ۾ مغربي نموني جون ٽيبل ڪرسيون رکيل هيون -
جيئن فارينر اچڻ جي ڪشش محسوس ڪن.
”اچو ته ٽئمپورا کائون - مکڻ ۾ تريل سامونڊي کاڌو ۽ ڀاڄيون.“
نارما چيو. ”شهر جي سٺين جاين مان هيءَ به هڪ
آهي.“ هن بئري کي آرڊر ڏنو.
”مسٽر ساڪاموتو ڪيئن آهي.“ سيٽان پڇيو.
”خوش آهي. توکي ڏاڍو چاهي ٿو. هو تنهنجي لاءِ چوندو رهي ٿو ته
تون تمام قابل ماڻهو آهين.“
سيٽان حجاب کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”توهان کي جپان ۾ رهندي ڪيئن محسوس ٿو ٿئي؟“ سيٽان پڇيو.
جيتوڻيڪ کيس خود عجيب لڳي رهيو هو اهو سوال ڪندي.
پر هن مڙيئي ڪجهه ڳالهائڻ خاطر کڻي پڇيو.
”تمام سٺو لڳي ٿو. مون کي آمريڪا سان به پيار آهي، پر اتي جلدي
ٿڪجيو ٿو پوان.”
”توهان کي ڀلا جپان ڪيئن ٿو لڳي؟“ نارما هن کان ٻيو سوال ڪيو.
ان وقت هن جي ڌيان ۾ مس سدا بهار چنبيلي ڦرڻ لڳي ۽ ان سان گڏ
اهو باغيچو پڻ، جتي هن کي پهريون دفعو چمي ڏني
هئائين.
”آئون ڪڏهن به ايترو خوش نه هوس جيترو هتي جپان ۾ اچي ٿيو
آهيان.“ هن دل جي گهراين مان چيو.
نارما ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجو هٿ هن جي مٿان رکندي چيو: ”ڊِڪ!
ڳالهه هيءَ آهي ته زندگيءَ جا ڪي ڪي پهلو ڀرپور
نموني گذاريندي توکي خوف ٿو ٿئي.“
بئرو ٽئمپورا ۽ ٻين شين جا ڊش کڻي حاضر ٿيو. سيٽان کي کائڻ جو
طريقو سمجهه ۾ نه آيو، پر پوءِ نارما کي ڏسي پاڻ
به ائين ٽئمپورا جا ذرا کڻي ناسي رنگ جي چٽڻيءَ
مان ٻوڙي کائڻ لڳو - اهو واهه جو کاڌو هو. هن
پنهنجو پاڻ کي چيو، “هڪ اها بور زندگي هئي جيڪا
آئون آمريڪا ۾ گذاري رهيو هوس...“ پر هاڻ هن ان
زندگيءَ کي ڄڻ طلاق ڏئي ڇڏي هجي.
ماني کائڻ بعد هو ٽئڪسي ڪري ملاکڙو ڏسڻ لاءِ سومو هال ۾ آيا
جيڪو ماڻهن سان ڀريو پيو هو. وچ تي ننڍڙو آکاڙو
هو. هنن کي آکاڙي جي ڀر ۾ پٽ تي وڇايل تڏي تي ويهڻ
لاءِ جاءِ ملي. نارما جپاني نموني سان کڙين تي ٿي
ويٺي، پر سيٽان پلٿ ماري ڪڏهن هڪ پاسي پير تي ته
ڪڏهن ٻئي پير تي پنهنجو بار ٿي رکيو. ملاکڙي لاءِ
پهرين ريفري هٿ ۾ ڪاغذ جو پکو لوڏيندو آيو ان کان
پوءِ ٻه سومو پهلوان، جن کي مقالو ڪرڻو هو، اهي
آيا. ڳري جسامت وارن هنن همراهن کي فقط سنهڙا ڪڇا
پيل هئا.
جيستائين ملهه جو سوال آهي، سيٽنا محسوس ڪيو ته، سومو سخت بور
قسم جي راند آهي. ملهه بذات خود ته سيڪنڊن جي به
نه پر ان کان اڳ جا ساٺ سوڻ، ٻائي جو پرارٿنائون،
پاڪ لوڻ جي ڇڻڪار - ڏسڻ واري جو ڄڻ مٿو ئي ڦيرائي
ٿا ڇڏين ۽ پوءِ وڃي اصلي ملهه شروع ٿئي ٿي - جيڪا
ڪي چند سيڪنڊ ئي هلي ٿي. هڪ پهلوان ٻئي کي ٿيلهو
ڏيندو ۽ هو دائري کان ٻاهر وڃي ڪرندو يا جي هو
ٿيلهو بچائي ويو ته ٿونو هڻندڙ پهلوان پاڻ ترڪي
وڃي ٻاهر ڦهڪو ڪندو ۽ ملهه ختم. هڪڙا پهلوان هلن
وري ٻيا اچن. وري ساڳيا ساٺ سوڻ. ساڳي کٽراڳ. هڪ
يا ٻه ملهون مزو ڏين ٿيون باقي مقرر ٽائيم تائين
ويهي ملهه زوريءَ زهر ڳهڻ جي برابر ٿيو.
آخرڪار، نارما پنهنجو هٿ سيٽان جي ٻانهن تي رکي چيو: ”جيڪڏهن
ملهن ڏسڻ مان دل ڀرجي وئي هجئي ته ٻڌاءِ ته هليا
هلون. دراصل ساشي ميءَ (جپاني ڪچي مڇيءَ) وانگر هي
سومو ملهه به جيسين ڪجهه دفعا کائجي يا ڏسجي نه
تيسين مزو مور نٿو ڏئي. چڱو هل ته هلي منهنجي فليٽ
تي ڪجهه شراب پيئون.“
نارما جو فليٽ جيتوڻيڪ ننڍو هو، پر تمام سهڻي نموني سان
سينگاريل ٿي لڳو. منجهس جيڪي آرٽ جون شيون رکيل
هيون سي جيتوڻيڪ مغربي نموني جون هيون، پر سندن
ڊيزائين مشرقي هئي. اندر گهڙڻ تي نارما سيٽان جي
بريف ڪيس وٺي پاسي تي رکي ۽ کيس بوٽ ۽ ڪوٽ لاهي
هلڪو ٿي آرام سان ويهڻ لاءِ چيو.
سيٽان به اهو بهتر ۽ صحيح سمجهي سندس صلاح جي پوئواري ڪئي ۽
سولو ٿي ڪوچ تي ويٺو. تيسين نارما بيڊروم جي
گهرڪندڙ دروازي مان اندر ويئي ۽ ٿوري دير بعد سلڪ
جي اڇي ۽ سنهي وڳي ۾ ٻاهر نڪتي جنهن جون ٻانهون
ڪمونو وانگر ويڪريون هيون. جيئن ئي سيٽان جي ڀر
مان لنگهي ننڍڙي بار ڏي ويئي ته سيٽان کي محسوس
ٿيو ته يڪي چوغي جهڙي چولي هيٺان نارما کي نه انگي
آهي نه ڪڇو. سيٽان کان سندس پسند جو شراب پڇڻ بنا
هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڊبل سائيز جا ٻه گلاس ٺاهي
آئي ۽ اچي ڪوچ تي هن جي ڀرسان ويٺي.
”ٿڪُ محسوس ڪري رهيو آهين؟“ نارما پنهنجي گلاس مان ڍُڪ ڀري
سيٽان کان پڇيو.
”هائو.“ هن قبول ڪيو. ”پر اسان هر روز ڪافي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽
جنهن رفتار سان ڪم هلي رهيو آهي، مون کي لڳي ٿو ته
پنهنجي گهر هفتي کن اندر پهچي ويندس.“
نارما پنهنجو گلاس هيٺ رکي هن سان وڌيڪ لڳي ويٺي ۽ چيو:
”پنهنجون اکيون بند ته ڪجو.“ سيٽان چيو مڃيو ۽
اکيون بند ڪرڻ سان نارما جو جسم پنهنجي جسم سان
لڳندي محسوس ڪيو. نارما پنهنجا گرم چپ سندس چپن تي
پورن ٽن سيڪنڊن لاءِ رکيا، ۽ پوءِ پري ٿي ويٺي.
”مون کي پنهنجي ان مشينريءَ بابت ته ٻڌاءِ جنهن جي
لاءِ تون آمريڪا کان آيو آهين.“ هن هڪدم چيو، پر
سندس لهجي مان صاف بکي رهيو هو ته هن اها ڳالهه
پڇڻ لاءِ وَٽُ کاڌو آهي.
سيٽان پنهنجي عينڪ اکين تي صحيح ڪندي سولو ويهڻ لاءِ هيڏانهن
هوڏانهن پاسا ورايا ۽ چيو: ”اها هڪ نين ۽ پيچيده
قسم جي اليڪٽرانڪ مشين آهي، جنهن ذريعي ٻيون
مشينون ٽيسٽ ڪري سگهبيون. ماتسوموتو ڪمپينءَ جا
ماڻهو اها شيءِ اسان لاءِ ٺاهي رهيا آهن.“
نارما پنهنجو گلاس کڻي هڪ ڍڪ وري ڀريو.
”ڊڪ! تون ساڪاموتو کان به کڻي ان جو اگهه پڇ ته هن جي ڪمپني اها
مشين گهڻي ۾ ٺاهي سگهندي. پڇڻ ۾ ڇاهي.“
سيٽان پنهنجي گلاس مان ڍڪ ڀري چيو: ”آئون پاڻ به اهوئي چاهيان
ٿو، پر اسان ان ڪاروبار جو وعدو ماتسوموتو وارن
سان ڪري چڪا آهيون.“
نارما بيحد آرام سان ڳالهايو: ”ساڪاموتو، ماتسوموتو جي گراهڪن
پويان ناهي، پر آئون هڪڙي ڳالهه ٿي ڪريان ته
ماتسوموتو جي فئڪٽريءَ ۾ باهه ٿي لڳيو وڃي يا ڪو
ٻيو ڪجهه اهڙو اتفاقي حادثو پيش اچي، ته توهان
لاءِ ساڪاموتو جهڙو ماڻهو ساڳي وقت هڪ وڏي مدد
ثابت ٿي پوندو.”
سيٽان ٿورو پٺيان جهڪي پنهنجي ٿڪل دماغ کي آرام ڏنو. ”جيڪڏهن
آئون توکي ان مشين جا نقشا ڏيان ته تون ساڪاموتو
تائين پهچائيندينءَ.“
”ڇو نه. جيڪڏهن تون چوندين ته.“
”چڱو ڀلا.“ هن بريف ڪيس ڇڪي ان مان هڪ لفافو ڪڍيو. ”هي ان مشين
جو نقشو آهي. مون کي حساب ڪري ٻڌائجو ته هن مشين
جهڙيون سؤ سو توهان ڪيتري ۾ ٺاهي ڏيندا؟“
نارما لفافو وٺي کڻي پاسي تي رکيو. ڄڻ ڪا اهم ڳالهه نه هجي.
”سيٽان تون بيحد ٿڪو پيو آهين آئون تنهنجي وهنجڻ
لاءِ ڪوسو پاڻي ٺاهي ٿي وٺان.“ هن سيٽان جي اکين ۾
گهوري ڏٺو. ”وهنجي تازو ٿي وٺ جيئن پوءِ اڄ جي رات
پاڻ سٺي نموني ملهائي سگهون. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟“
جيئن رستي تي حادثي مهل هڪ ئي وقت تي چار گاڏيون ٽڪرائبيون آهن
تيئن سيٽان جي دماغ ۾ به هڪ ئي وقت ڪيترين ئي
ڳالهين اچي واسو ڪيو. پهرين ته اها هئي ته نارما
پنهنجي پاڻ سونپي رهي آهي جيڪا ڳالهه جيتوڻيڪ يقين
جوڳي نٿي لڳي، پر پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت هئي.
ٻيو لفظ ”اخلاق“ سندس سامهون هو جيڪو بئنر وانگر
ڦڙڪي رهيو هو ۽ ٽين سڀ کان زبردست ڳالهه ان حساس
گهڙيءَ جي ياد هئي جڏهن مسافرخاني ۾ مس سدا بهار
چنبيليءَ کيس چمي ڏئي موڪلايو هو، شايد جيڪر هو
چاهي ها ته ان اولمپڪ راند ۾ هو سڀ کان مٿانهون
هجي ها. پر هن کي ننڍي لاڪون گهر ۾ ڪجهه اهڙي سکيا
ڏني وئي هئي جو هن اڳيان اخلاق کان مٿي ڪابه شيءِ
نه هئي ۽ هينئر به ان شروعاتي سکيا ۽ مذهبي ماحول
جي اثر تي ڪرڪندي هن فيصلو ڪيو ته هن کي هتي نارما
وٽ رهڻو ناهي ۽ هڪدم اُٿڻ کپي. پنجن منٽن بعد هي
اُٿي کڙو ٿيو ۽ نارما وڏي پيار، سڪ ۽ دوستاني
نموني سان کيس چمي ڏئي کانئس موڪلايو.
هوٽل تي پهچي هن مشين وانگر ڪپڙا لاٿا ۽ سمهڻ جا ڪپڙا پائي پلنگ
تي ڊگهو ٿي سمهي پيو. نفساني خواهشن کي هو ڪيڏي
عرصي کان دٻائي رهيو هو. هو ”اخلاقي“ زندگي گذاري
رهيو هو فقط ان ڪري جو هن زنا جهڙو گناهه نٿي ڪرڻ
چاهيو ۽ هن کي رنڊين سان حد درجي جي نفرت هئي پر
نارما جي ڇا ڳالهه ڪجي، جنهن ۾ هرڪا سونهن ۽ ڪشش
موجود هئي...! هن پنهنجو پاڻ کي مرد ثابت ڪري
ڏيکارڻ ٿي چاهيو پر ساڳي وقت هو مرد ٿيندي به ڊنو
ٿي. |