سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(زندگي - هڪ سفر)

 

صفحو : 8

۽ اهو سميلن ناگراڻيءَ سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج ۽ ڪن سيٺين کان ڪرارايو هو . هُو سميلن ۾ مفت کاڌو کارائڻ لاءِ تيار نه ٿيا . هنن تهمت ڌري ته سڀا وارن ڊيليگيٽن کان کاڌي جا پيسا وصول ڪري آجيان سڀا کي نه پياريا هئا.  هنن پيسي کائڻ جي تهمت مون تي نه، منهنجي ليکڪ دوستن تي ڌري. سميلن پوري ٿيڻ بعد ڊيلگيٽن کي مئسور گهمائڻ جو پروگرام هو . مون مذڪور ليکڪ کي چيو، ”تون وڃ، مان سيٺين کي پاڻهي منهن ڏيندس .“ سيٺين کي چيو، ”سڀا جو آفيس سيڪريٽري نانڪ لالا اوهان سان وهي ٿو ۽ حساب ڪري ٿو . جي حساب ۾ گهوٻي نڪتي ته مان کليو کلايو ڊيليگيٽن کان اخبارن ذريعي معافي وٺندس . نانڪ چيو، ”مالهي صاحب اوهان جون مون ۾ ايترو اعتبار؟“ مون چيو، ”اِنسان اِنسان ۾ ڀروسو نه ڪندو ته ڪنهن ۾ ڪندو؟“ نانگراڻي به ويٺو . مان ۽ منهنجو ڌيئر ۽ تولو – تولا رام ورانڊي ۾ بيٺا هئاسين جو بجاج جو پٽ هيٺ لٿو ۽ مون کي چڱو گهٽ وڌ ڳالهايائين . منهنجون ڌيئر رئڻ لڳيون . مون تولي کي چيو ، ” بنگلي جي باغ ۾ ٽلهڻ لاءِ وٺي وڃين ، جڏهن مان سڏ ڪريانوَ تڏهن اچجو .“ مون بجاج جي پٽ کي واتان ورائي ڪجهه نه چيو . ٻن ڪلاڪن بعد حساب ڪتاب پورو ٿيو . سڀا جا پيسا آجيان سڀا طرف نڪتا جو اسان بمبئيءَ مان آچار جا دٻا ۽ ٻيو سامان آندو هو . سيٺيون مون وٽ آيا. مون ڌيئرن کي گهرايو . سيٺين سچ پچ ڪڙتن جا پلئه مٿي جهلي مون کان معافي ورتي . بجاج جي پٽ به هٿ جوڙي چيو، ”مالهي صاحب، آءِ ائم ساري ائمڊ اَشيمنڊ .“ ڌيئرن سامهون منهنجي عزت اڃا به وڌي ويئي! مون نانڪ کي چيو، ”دل ئي دل ۾ ڏڪي پهرين مان به ويو هوس، پبلڪ لائيف ۾ پيسن جي گهوٻيءَ جهڙو الزام ٻيو ڪو ڪونهي.“

بمبئي سميلن کان جلد ئي پوءِ بمبئي جي شنمکانند هال ۾ اکل ڀارت ڪانگريس ڪاميٽي جي بئٺڪ ٿي . اُن جي گرين روم ۾ اڳواٽ وقت وٺي سڀا جي سفارت ۾ ناگراڻي ، پنجواڻي ، رام ڄيٺملاڻي ۽ مان هڪ ئي وقت اندرا گانڌيءَ ۽ ڪانگريس جي پريزيڊنٽ  ڪامراج سان گڏياسين . ڄيٺملاڻي اسان جو عريضو اندرا گانڌيءَ کي ڏنو ئي مس ته هن پاڻ ڪامراج کي چيو، ”سنڌين سان بي انصافي دور ٿيڻ کپي، نه؟“ ڪامراج هڪ ئي لفظ چيو ”ييس.“ ٻاهر ”هندستان“ جي عيوضي ٻلرام موٽواڻيءَ کي جڏهن چيم ته ” اندرا جيءَ سنڌيءَ کي اٺين شيڊول ۾ آڻارائڻ لاءِ اوڌان ۾ درستي ڪرائڻ جي اپيل قبول ڪئي آهي،“ تڏهن کليو ۽ چيو، ”ستن منٽن ۾ اهو فيصلو ڪيئن ٿيو هوندو جنهن لاءِ جاتيءَ کي سورنهن سال جدوجهد ڪرڻي پيئي آهي؟“ پارليامينٽ جي بجيٽ اجلاس وقت ناگراڻي، ڪيرت، ٽهلرام آزاد ۽ مان ٻه هفتا کن دهليءَ ۾ ڊابو کوڙي ويٺاسين . جئرامداس سچ پچ چڱي جفاڪشي ڪئي . هُو روز اسان لاءِ پارليامينٽ جي دروازي وٽ پاسيون جهلي بيهندو هو ، پوءِ وزيرن ۽ مخالفتي اڳواڻن سان گڏرائيندو هو ، اسان سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيدول ۾ آڻارائڻ لاءِ هنن اڳيان پنهنجو ڪيس رکندا هئاسين. نيٺ ڏهين اپريل 1967ع تي اُهو اُتهساڪ ڏينهن آيو ئي جڏهن پارليامينٽ جي ٻنهي سڀائن سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ درج ڪرڻ جو بل بحال ڪيو ئِي . ڀارتي پارليامينٽ جي تواريخ ۾ اهو پهريون مثالو هو جو وئڌانڪ درستي ٻنهي سڀائن ۾ يڪراءِ بحال ٿي هئي .

منهنجي ” زندگي – هڪ سفر “ بمبئيءَ ۾ به رهندي آئي. ورهين جا ورهيه اتفاق سان ڪو هڪ ڏينهن گهر ۾ رهيو هوندس . نه ته لوڪل گاڏين جا سفر ۽ هل هلان جي زندگي . منهنجي زندگي جو اهو به دستور رهيو آهي ته ٻن ڪارين / مشغولين وچ ۾ مان نڀائڻ جي اڳرائي اُن کي ڏيندو آهيان جا وڌيڪ اهم ۽ تڪڙي هوندي آهي . هاڻي مان ”سنڌوءَ جي ڪناري“ فلم کي مڪمل ڪرڻ طرف متوج ٿي ويس . دستاويز ٽائيپ فيچر فلم لاءِ بئنگلور سميلن جي دوران ۾ مهورتي اجلاس ۽ ڊيليگيٽن جي ميڙن جا شاٽس به ورتا هئم . اُن سال بمبئيءَ ۾ چيٽي چنڊ جي موقعي تي وڏي پئماني تي نڪتل سرگس جا شاٽس به ورتا هئم . سنمکانند هال وٽ اها سرگس پوري ٿي هئي ۽ هال اِن جي پهچڻ کان اڳ ئي اڌ کان وڌيڪ ڀرجي چڪو هو تڏهن به منهنجي من جي درڍتا جي آزمائش ٿي هئي . هال وارن هال وارن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا  هئا ۽ ٻاهر درشڪن شورمچايو هو . ناري گرسهاڻيءَ چيو هو،” گوبند ، تون ٻاهرنه وڃج . ماڻهو گهڻي ۾ گهڻو توتي بگڙيل آهن .“ پوءِ به مان ماڻهن جي وچ ۾ ويو هوس ۽ هٿ جوڙي چيو هوم ” گنهگار مان آهيان . اڄ سنڌيت ڏينهن لاءِ جو اتساهه آهي ، ڪنهن به وڏي هال ۾ درشڪ ماپجڻ جا نه آهن ، ايندڙ سال کان سنڌيت ڏينهن کليل ميدانن / اسٽيڊيمن ۾ ملهائبو . هاڻ جيڪي ويهي بيهي سگهن سي اچن ٻيا معاف ڪن .“ ۽ سچ پچ بکيڙو ٽري ويو . البت هال وارن کي شيشن ٽٽڻ جو عيوضو ڀري ڏيڻو پيو هو .

مون لڇمڻداس پمناڻيءَ کان سنڌ جي ساڌ ٻيلي جي اٺن ايم. ايم ۾ تيار ٿيل فلم جو هڪ ريل به ”سنڌوءَ جي ڪناري“ گيت جي پسمنظر جتائڻ لاءِ پنجٽيهن ايم . ايم ۾ آندو . فلم جي مڪمل ڪرڻ جي دوران ۾ ٻه پروگرام منهنجي مٿان زوريءَ مڙهجي ويا – هڪ احمدآباد ۾ چاليهي جو پروگرام ۽ ٻيون ڀاونگر جو پروگرام . احمد آباد ، ناگپور بعد ڪلاڪار منڊل جي پروگرامن جو ٻيون نمبر شهر رهيو هو. سال ۾ هڪ ٻه پروگرام ٿيندا ئي رهيا هئا، هر پروگرام ۾ اسان جو ميزبان ساڳيو ئي رهيو هو، تولا رام هريرام. هن ئي اِهو چاليهي جو پروگرام اسان پاران کنيو هو . مون دوستيءَ جو ننگ نباهيو - ۽ ان لاءِ ڪارآمد ٿيو ٽيڪچند مست . داس موٽواڻيءَ انڊور پروگرام بعد الڳ ٿي ويو هو، مست مون کي هارمونيم پليئر جگديش ڀڳتاڻي ، سريندڙ بولاڪاڻي ۽ سانول اداسي هٿ ڪري ڏنا . چاليهي جي پروگرام ۾ پنجواڻي صاحب به آيو هو، هڪ ئي وقت جي پروگرام ۾ پنجواڻي صاحب به آيو هو ، هڪ ئي وقت پنجواڻيءَ ۽ ڪڪيءَ جي ڪنهن ميلي ۾ اچڻ تي جا پيهه ٿي ، گوڙ ٿيو تنهن پنجواڻي صاحب کي منجهائي ڇڏيو . اسان جي پروگرام جي دوران ۾ ماڻهو ماڻهن مٿان اچي پيا . مون پروگرام بند ڪيو ، جئن تئن ڪڪيءَ ۽ ٻين ڪلاڪارن کي تولارام جي گهر آندو . اِن وچ ۾ مکيه آرگنائيزر هيمن ۽ پمن پڌري پٽ اسٽيج تان ڪن پڪڙي اُٿ ويهه ڪئي : ” ناحق ٻه چوٽيءَ جا ڪلاڪار گڏ آنداسين .“  اڌ ڪلاڪ بعد انتظام موٽي آيو ۽ اسان ٻڌندڙن جي عيوضين جي زور بار تي پروگرام وري شروع ڪيو . پنجواڻي صاحب ته هوائي جهاز ۾ بمبئي موٽي ويو . اسان ٻئي ڏينهن ٻٽو پروگرام ڏنو ، هن طرفان به . ۽ انهن پروگرامن کان ٻه مهينا پوءِ ڪي سڄڻ شوٽنگ جي دوران ۾ پرڪاش اسٽوڊيو ۾ اچي سهڙيا. چيائون، ” اسان ڪنور رام جي ورسيءَ جي شروعات ٿا ڪريون – سدائين سهڙي کان اڳ ڪنداسين، جئن مکيه ڪلاڪار سولائي سان ملي سگهن، اسان شروعات اوهان جي پروگرام سان ڪنداسين .“  مون نٽائڻ سانگي چيو، ”جي اوهان چاهيو ٿا ته اسين هلون ته مان شوٽنگ مان ٻه ٽي ڏينهن مس ڪڍي سگهندس، ان ڪري اينداسين وينداسين هوائي جهاز ۾. هڪ سڄڻ چيو، ”اسان کي منظور آهي، شوق جي ڪا بها ڪانهي .“ مان پوءِ به آنا ڪاني ڪرڻ لڳس.  سِي. ارجن  ڪنهن شوٽنگ ۾ نه ايندو آهي ، اُن ڏينهن ديپڪ آشا سان گڏ آيو هو. چيائين، ”مالهي، ٻن ڏينهن جو ئي ته سوال آهي  سنڌيت ڦهلائڻ جو هيءُ موقعو نه ڇڏ .“ مون به ’ ها ‘ ڪئي . سوراشٽر ۾ ڪرم يوگيءَ سنت ليلا شاهه جي چست رهبريءَ هيٺ سنڌي تعليم جو سنڌي لپيءَ ۾ چڱو ڦهلاءِ اڳ ئي جاري هو . سنت پنهنجي ” جئه جئه رام “ جي سهڻي تڪيه ڪلام سان سنڌيت کي سلامت رکيو هو ، ڪلاڪار منڊل سنگيت معرفت اُن ڪاريه ۾ پنهنجو يوگدان ڏنو . مون کي اِهو به فائدو پهتو جو وڏي ڀاءُ سان گڏيس جو پنهنجي نوڪري جي دوري ڪري ڀاوگر جي گيسٽ هائوس ۾ رهيل هو . هن پنهنجو گشت جو پروگرام منهنجي پروگرام مطابق ٺاهيو هو . هن جي ڪري گيسٽ هائوس ۾ به سهوليتون پڙ پيون . ڪرانتي ڪرپالاڻي منهنجي احمد آباد جي دائمي ميزبان تولا رام کي به وٺي آيو . هن کي  ”سنڌوءَ جي ڪناري“ جي گجرات ۾ ڊسٽريبيوشن ۾ حصي طور ارڙهن هزار ڏيڻ  به مڃارايائين . مان هوند تولا رام کي پيسن ڏيڻ لاءِ چوڻ کان هٻڪان ها . اهي ارڙهن هزار جو مليا ته مون کي فلم پوري ڪرڻ ۾ چڱي هٿي آهي. آر آر ڪاپي تيار ڪري جن کي به ڏيکاريم تن کي پسند آئي . هڪ ٽرائيل ۾ ته سنجيو ڪمار به ، پنهنجي فلم جي رش پرنٽس ڏسڻ بعد ميڪ سائي ويٺو، ڪڪيءَ جي فلم ۾ ڪم کي چڱو ساراهيائين. هوا اُها هلي جو ” اَباڻا “ جي پروڊيوسر ٽي . ايم بهاريءَ ڀارت ۽ ٻاهر جي رائٽس لاءِ ٽن لکن جي آفر ڏني . ساڳئي وقت موهٽا مارڪيٽ واري جئرام هيمراجاڻي مهاراشٽريه لاءِ ڊسٽريبويشن جي اڌ حصي بلي پنجويهه هزار ڏنا ، جنهن مان لئبارٽريءَ جو بل به ڀري ٿي سگهيس ۽ پبلسٽي به ڪري ٿي سگهيس . منهنجي ٽيڪنيشنس جي راءِ به اُها هئي ته جي مان ڊسٽريبويشن ڪندس ته وڌيڪ ڪمائيندس . مون ٽي . ايم بهاريءَ آڇ نه قبولي . فلم گجرات ۾ پهرين رليز ٿي . تولا رام ۽ هن جي همراهن جو فلم جي ڪاميابي ۾ ايڏو وشواس هو جو هنن النڪار هفتي لاءِ بڪ ڪيو، ريگيولر روز ٽي شوز هلائڻ لاءِ . پريمير شوز هڪ ئي وقت ٻن ٿئيٽرن ۾ ٿيا . آگري جي پرمانند رائسنگهاڻي جنهن کي به يو . پِي ، دهلي ڀائيواريءَ ۾ ڏني هئم ، اُن به آگري ۾ هفتو ريگيولر شوز ۾ ۽ دهليءَ ڀائيواريءَ ۾ هر آرتوار تي هلائي . پر فلم جي قسمت جو فيصلو اُلهاسنگهر ۾ ٿيو – عجيب نموني . ٿئيٽر وارا بلئڪ ڪندڙن جي چڪر ۾ اچي ويا . هنن ٽڪيٽون صبوح جو ڏيڻ شروع ڪيون .ٽنهي شوز جون ٽڪيٽون اڌ مني ڪلاڪ اندر وڪامي ويون . بلئڪ مارڪيٽ وارن جي هٿن ۾ هليون ويون. مان، جئرام ، ايشور ناواني ۽ تولا رام لبرٽيءَ وارو شو پورو ڪري اُلهاسنگر ۾ ٿئيٽر تي پهتاسين ته ”هائوس فل“ جو بورڊ سامهون . ڏسڻ لاءِ آيل الاهي ماڻهو مون کي گهيرائو ڪري ويا . ”مالهي صاحب، تنهنجي فلم جون ٽڪيٽون بلئڪ ۾ وٺون؟“ پوءِ ته نعرا لڳڻ لڳا، ”بلئڪ ۾ فلم نه ڏسنداسين .“ ”نه ڏسنداسين، نه ڏسنداسين“ ٻاهر ”هائوس فل“ جو بورڊ ۽ اندر هال اڌ خالي! مٿان هل پئجي ويئي . فلم ناڪامياب آهي – فلاپ. ويتر ٿي ڪٽنگ. منهنجي ڀائيوار جئرام هيمراجاڻيءَ ٻيون هفتو فلم هلائڻ نه ڏني؛ ڪٽنگ( هڪ ٽڪيٽ تي ڊور ڪيپر جي چالاڪيءَ سان ماڻهو اندر گهڻا، ونڊو سيل گهٽ ) جي ڪري جئرام جو اُتساهه مري ويو. مون ته فلم تان موهه ئي هٽائي ڇڏيو . مهاراشٽريه ۾ ٻئي ڪٿي رليز ٿي، جنهن جتي ڪمايو ، اُهو ان کي اُتي ڦٻيو، ”ڀارتواسي“ ۽ ٻين اخبارن / مخزنن ۾ سٺيءَ سمالوچنا جي باوجود فلاپ ( ناڪاميابي ) جو لفظ حاوي رهيو . فلم نقصان جو باعث بڻجي پئي. ڪن کي منهنجي صحت ۽ زندگيءَ جي فڪر ستايو. جهوني جوڳيءَ ميلهو مائيداساڻي اخبار معرفت انديشو ظاهرڪيو ته ڪٿي مان خودڪشي نه ڪريان. مون هن کي اُن اخبار معرفت ئي يقين ڏياريون ته مان مڙس ماڻهو آهيان، مان فلم جي ناڪاميابيءَ ۽ نقصان جو صدمو سهائي ويندس . فلم ۾ سٺ هزارن جو گهاٽو پيو. ڪن سڄڻن قرض معاف ڪري ڇڏيو جن ۾ مکيه رهيو  مرليڌر آسواڻي . هن منهنجي سامهون هنڊي ڦاڙي چيو،“ تو تان ۽ سنڌيت تان قربان “ ڪن قرضدارن ڪافي گهڻو ستايو ، ڪن ٽي سيڪڙو وياج ورتو ، خير ....

سترام چيو، ”پروگرامن جا پيسا وٺو، انهن مان قرض لاهيو، ڪڪيءَ ۽ مون تي گهڻي ۾ گهڻو حق اوهان جو آهي“ مون چيو، ”مون کي سوچڻ ڏي“ ڪڪيءَ جي ڀاءُ ايشور ناواڻيءَ گويا مون کي مڃارائڻ لاءِ ڪلاڪار منڊل جا ڪي پروگرام پيسن سان ڏنا به ۽ منهنجي پاران انائونسمينٽ پاڻ ڪيائين . ڪڪيءَ فون تي چيو،  ”اوهان کانسواءِ پروگرام ٻسا ٻسا ٿا لڳن .“ مون چيو، ”مان سوچي رهيو آهيان ، جلد ئي فيصلو ڪندس ته ڪلاڪار منڊل کي پروفيشل ڪجي نه ڪجي .“

۽ اِن وچ ۾ بلو سِي . راڻي ۽ ايشو جاگيردار سان ڪڪي ۽ سترام پروگرامن ڏيڻ لاءِ دهليءَ هليا ويا. سترام ته وڃڻ کان اڳ ڪانديوليءَ مون کان موڪلائڻ آيو ؛ ڪڪيءَ منهنجي ناراض ٿيڻ جي ڀئو وچان مون کي فون به نه ڪئي، تيرنهن ڏينهن بعد سترام ستن پروگرامن جو اُجورو ساڍا ٽي سئو آڻي مون کي ڏنا . ڪڪيءَ ان کان اڳ فون ڪئي، ”محنت اوهان جي، ميدان اوهان گهڙيو، ڦل اوهان کي نه ملي، اِن تي غور سان سوچيو ۽ تڪڙو فيصلو ڪيو .“ مون سترام کي ئي چيو ، ” اوهان کٽيو ، مون هارايو ، اچو ته نئين آزمائش ڪريون،“ مون ايشور ۽ سترام سان ڪلاڪار منڊل ۾ پروگرامن جي رقم جي ورهاست جي حصه رسي طئه ڪئي، منهنجو ۽ سترام جو حصو هڪجيترو ، ڪڪيءَ جو ٿورو وڌيڪ ۽  طبلچي – هارمونيم پليئر کي ٻه حصا - گهٽ ئي سهين . ڪلاڪار منڊل کي هڪ قسم جي ڪو – آپريٽو سوسائٽي بڻايو . ڪئيسين الهه تهار . ” زندگي – هڪ سفر “ جو تهائين اوکو پر وڌيڪ اهم دور شروع ٿيو ...

اِها مئي – جون 1969ع جي ڳالهه آهي، منهنجي فلم ڊسمبر 1968ع ۾ مار کاڌي هئي .

فلم جي ناڪاميابيءَ جو ڌڪ ساٽائي، مان سڀا ۽ سميلن طرف متوجهه ٿيس . سميلن ڪوٺائڻ جون ڳالهيون، پهرين ويجهن همراهن سان ڪيم، ڪيرت مون کي ، راهيءَ ۽ مان ڀانيان ٿو موتيءَ کي پنهنجي گهر گهرايو . چيو، ”ٻولي جي اٺين شيڊول ۾ اچڻ سان سڀا جو تحريڪي درو ختم ٿيو ، جوڙجڪي ڪاريه لاءِ چون چون جي مربي، جدا جدا ويچارن وارن اڳواڻن جي روزمرهه جي ويڙهه سڀا طرفان ڪو جوڙجڪي ڪاريه ممڪن نه آهي، تنهن کان ساهتڪارن جي الڳ اکل ڀارت سنسٿا جوڙڻ کپي. سميلن في الحال نه ڪوٺائجي.“ راهي هن سان سهمت ٿيو. ڪيرت دهليءَ جي همراهن تي پنهنجو اثر هلائي اکل ڀارت سطح تي مئي 1969ع ۾ ليکڪن جو ميڙ ڪوٺايو . فلم جي نقصان جي جهنجهٽ ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري مان اِن ميڙ ۾ نه ويس ۽ ان ئي ميڙ جي پهرئين ڏينهن ئي ڪن غير ترقي پسند ليکڪن ڪماري پوپٽي هيراننداڻيءَ جو هڪ خانگي خط پڌرو ڪيو . جنهن ۾ لکيل هو جئرامداس دولترام کي گولي کارائڻ کپي . گولي پستول جي يا کٽمٺڙي جي ”معاملو هڪ ڏينهن ۾ گنڀير ٿي ويو . لڳو پئي، پوپٽي اِن ميڙ ۾ ٻئي ڏينهن گرفتار ٿيندي . ڪي سڄڻن جي چست سهائتا سان پوپٽي نرملا نالو اختيار ڪري اُن ئي ڏينهن اڪيلي بمبئي لاءِ گاڏي ۾ رواني ٿي . ليکڪنجي سنسٿا ته ڪور روپ اختيار نه ڪيو ، چڱو مانڌاڻ مچي ويو . ”هندستان“ اخبار ان کي ويتر سنسني خيز روپ ۾ ڏنو، ليکڪ ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي ويا. پوپٽيءَ ذهني سطح تي ڪي مهينا ڪافي ڀوڳيو . معاملو سي . آءِ . ڊيءَ تائين وڃي پهتو . ” سنڌو ڌارا “ ۾ رد عمل طور ليکڪن جا پوپٽيءَ جي فائدي ۾ ليک ۽ بيان ڇپيا. ڌرمداس کشتريا ، ڀوڄراڄ ناگراڻي ، رام هنگوراڻي ۽ ڪيرت پوپٽيءَ جي حمايت ڪئي، هر طرح، اُن مخالفتين کي ئي نه، سي . آءِ . ڊي وارن کي به بي همت ڪري ڇڏيو  پوپٽي اندر ئي اندر ڀوڳيندي به ٻاهران نڊر ۽ بي باڪ رهي . احمد آباد مان نڪرندڙ ” جهولي لعل “ به پوپٽيءَ جي حمايت ڪئي ، اُن جي سمپادڪ ديالداس موٽواڻيءَ پوپٽيءَ لاءِ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ احمد آباد جي اٽڪل ٽيهارو کن سنسناٿن طرفان احمد آباد ۾ عوامي سنمان ڪرايو. اهڙو سنمان سنڌو نگر جي سنسٿائن طرفان به ٿيو ۽ ان ئي وقت رام ڄيٺملاڻيءَ به پوپٽيءَ جي مخالفتين کي للڪار ڪئي : ” گهڻو ٿيو ، بکيڙو بند ڪريو .“ آڪٽوبر – نومبر ڌاري طوفان ٿمجي ، ٿمجي شانت ٿي ويو ، دهليءَ ۾ جتي گوپيچند آڏواڻي ان خانگي خط کي پڌرو ڪرڻ ۾ اڳرو رهيو . تتي گنگو آسناڻي ۽ جيون گرسهاڻي پوپٽيءَ جي حمايت  ۾ چست رهيا .

۽ ان دوران ۾ ئي ڪن غير ترقي پسند اديب دوستن مون کي به عجيب نموني هلاک ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . هنن هڪ منجهند جو بمبئيءَ ۾ هڪ ليکڪ مترجي گهر مون کي بيئر پارٽي ڏني. هنن تي اثرويٺل هو ته بيئر جي نشي ۾ مان سندن مسلسل آڏي پڇا اڳيان پنهنجي ترقي پسند همراهن جا وکا پڌرا ڪندس . اسان وچ ۾ چڱو بحث مباحثو ٿيو جو هنن لڪائي رکيل ٽيپ رڪارڊر تي ٽيپ ڪيو . هنن ظاهر ڪيو ته هنن مون وٽان منهنجي دوستن خلاف چڱو مصالحو هٿ ڪيو آهي . مون چيو ، ” ٺيڪ آهي، جي مان دوستن خلاف ’بهڪيو‘ آهيان ته باندرا جي نارائڻ هال ۾ سڀني ليکڪن اڳيان ، اِها ٽيپ هلايو ، اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا .“ ڪجهه وقت بعد هڪ متر چيو ، ” مون کي توتي قياس اچي ويو تنهنڪري مون اها ٽيپ ڊاهي ڇڏي .“

ڪن همراهن جو رايو بيٺو ته سڀا جي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻي ان کي مکيه ريت ساهتڪار، ڪلاڪارن ۽ تعليمدانن جي سنسٿا بنائڻ لاءِ هڪ ڪنوينشن ڪوٺائي وڃي. مون اِها ڪنوينشن آگسٽ 1970ع ۾ چاندي ٻائي ڪاليج، سنڌو نگر ۾ ڪوٺائي، ان ڪنوينشن کان اڳ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميٽنگ ٿي، اِن ۾ پهريون اُتم ويچار ظاهر ڪيو ته هُو تعليمي سيڪريٽري شپ جي استعفا ٿو ڏئي. ڪاروائي هلندي سجهاءُ آيو ته عربي لپيءَ کي واحد لپي مڃڻ ۽ ديوناگري لپي خارج ڪرڻ جو هڪ ٺهراءُ بحال ڪجي ۽ صرف عربيءَ لپيءَ جي حمايتين کي ايندڙ سميلن ۾ ڊيليگيٽ ڪري گهرايو وڃي، مون اِن سجهاءُ جي مخالفت ڪندي چيو، ”سڀا کي لپيءَ جي واد و وداد کان پري رکڻ کپي، خاص طور جڏهن عزيز صاحب جي پرڌانپڻي هيٺ عربي لپي ڪاميٽي اڳ ئي موجود آهي، جنهن جا امين سڀ ميمبر آهيون.“ حاضر ميمبرن جي گهڻائيءَ منهنجي حجت قبول نه ڪئي. مون ۽ سلامتراءِ برسواڻيءَ سڀا تان استعفا ڏني جا قبول ڪئي وئي ، اُتم جنرل سيڪريٽري چونڊيوويو ۽ هن ٽن مهينن ۾ الور ۾ سميلن ڪوٺائڻ جي پرٻنڌ ڪرڻ جي خاطري ڏني . مون تي اِهو زور به آندو ويو ته مان سڀا ۾ يڪو جودگي قائم ڪرڻ ۽ جوڙجڪي تبديلين کي آسانيءَ سان قبولجڻ سانگي ڪنوينشن هلندي پنهنجي استعفا جو خانگي ريت به ذڪر نه ڪريان . ڪنوينشن ۾ سڀا جي ڪاريه / ڪاروبارين تي ڪڙي نڪتيچيني ٿي . مون سڀ ڪجهه سهندي به استعفا بابت ٻڙڪ نه ٻولي .

لڳ ڀڳ ساڳين تاريخن تي نومبر 1970ع ۾ ٻه سميلن ٿيا. عربيءَ جي حمايتين جو الور ۾ به ديوناگريءَ جي سمرٿڪن جو دهليءَ ۾. دهليءَ وڃڻ جو مون لاءِ ته ڪو سوال ئي نٿي اُٿيو. استعفا ۽ اختلافن ڪري الور به نه ويس . الور ۾ ڪيرت سڀا جو پريزيڊنٽ ۽ موتي پرڪاش جنرل سيڪريٽري چونڊيو. اُتم سڀا جي ڪاريه کان الڳ ٿيندي ٿيندي، الُهاسنگر سميلن کانپوءِ سڀا جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تان استعفا ڏني جا قبول ڪئي ويئي ، اُلهاسنگهر سميلن ڀيري آجيان سڀا کي اِها خاطري ڏني ويئي ته لپيءَ جا متڀيد نه آندا ويندا. اِن ڪري سلامتراءِ پرسواڻي سميلن ۽ سڀا جي ڪاريه ۾ وري چست بڻيو . مون الور سميلن بعد ئي ايم . ڪملپ جي گهر گهرايل ميٽنگ ۾ پنهنجي سڀا سان ناتو جوڙيو هو؛ هڪ ته ديوناگريءَ وارن پنهنجي ڌار سميلن ڪيو هو ۽ جدا جماعت جوڙي هئي . ان ڪري اسان واري سڀا عربيءَ وارن جي بڻجي پيئي . منهنجي ٻي طرفداري بي معنيٰ هئي . ان ئي ميٽنگ ۾ راهيءَ مون کان سڌو سوال ڪيو ،” تون جو الور نه آئين ، ڪٿي تو پنهنجيءَ فلم لاءِ گوبند رام ڀمڀي مل کان پيسا ته نه ورتا هئا ۽ ان ڪري تون زوربار هيٺ هئين؟“ مون چيو ، ”  هڪ ته مون گوبند کان پيسا نه ورتا آهن، گوبند منهجو پڦاٽ آهي ،ننڍپڻ جو يار آهي ، پوءِ به مون شخصي ناتن مٿان اُصولي سڌانتن کي ئي عمر ڀر ترجيح ڏني آهي . شخصي سطح تي ڪمزور سهين اصولي سطح تي مضبوط ۽ محڪم آهيان . مون الُهاسنگر سميلن ۾ سنگيت پروگرام ئي نه ڏنو ، ڪارروائي ۾ به بهرو ورتو . اُلهاسنگر سميلن جي خصوصيت رهي ، ” هنرن ، ڪاريگريءَ ۽ واپاري وستن جو نماءُ “

اجواڻي  1968ع تائين ساهتيه اڪادميءَ جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ڪنوينر ٿي رهيو ، انهن يارنهن سال ۾ ٽي انعام مليا . پنجواڻي صاحب جي انعام تي 1964ع ۾ ممڻ مچڻ ڪري 1965ع ۾ ڪنهن سنڌي اديب کي انعام نه مليو . اِن وچ ۾ ليکراج عزيز جي شعرن جو مجموعو ”صراحي “ ظاهر ٿيو ، ڪنهن جي للي چپي نه رکڻ واري، رعبدار ۽ ڦاٽوڙي دهل اديب کي اجواڻي به نظر انداز نه ڪري سگهيو . 1966ع ۾ عزيز کي ساهتيه اڪادمي انعام مليو ئي. 1968ع ۾ ايڇ آءِ سدارنگاڻي نئين صلاحڪار بورڊ جو ڪنوينر ٿيو . مان اجواڻيءَ جي ٻنهي ٽرمن ۽ سدارنگاڻيءَ جي هڪ ٽرم يعني ڪل سورهن سال صلاحڪار بورڊ جو ميمبر ٿي رهيس . سدارنگاڻيءَ سال بسال انعام ڏيارڻ جي ڄڻ روايت ٺاهي ڇڏي . نمبر وارڪلياڻ آڏواڻي ، منگها رام ملڪاڻي، نارائڻ شيام ، ڪرشن راهيءَ ۽ گندي سامتاڻيءَ کي اڪادمي انعام مليا . شيام کي به انعام لاءِ چڱو انتطار ڪرڻو پيو ۽ هن جا بهتر ڪتاب، ” پنکڙيو “ ۽ ”رنگ رتي لهر “ انعام کان وانجهجي ويا . راهي ڀاڳوان رهيو جو هن کي هڪ شايع ٿيل شعرن جي مجموعي ” ڪماچ “ تي انعام مليو . گنو به ڪيترن بزرگن ۽ همراهن کان بازي جيتي ويو . مون کي اِن دوران شڪايت ڪرڻ جو گهڻو سبب نه رهيو . منهنجو هڪ ناول ، ”هڪ انسان سئو طوفان “ ٽي سال ساندهه انعام لاءِ دروازو کٽکٽايو پر دروازي اندر گهڙڻ کان رهجي ويو . انعامن جي سلسلي ۾ مان گهڻو خوشنصيب نه رهيو آهيان، وري به شڪر آهي ته ”پيار جي پياس“  ناول ٻنهي ججن جو نور نظر بڻيو ۽ سدارنگاڻيءَ کي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻو نه پيو . ان زماني ۾ ججن جا نالا مخفي رکيا ويندا هئا ۽ اهي انعام ظاهر ٿيڻ بعد به ظاهر نه ڪيا ويندا هئا، مون کي اڄ توڻي هڪ جج، منگها رام ملڪاڻيءَ جي ئي سڌ پئجي سگهي آهي، ڪيئن به اڪادمي انعام مليو، ليڪو لنگهيس .

ساهتيه اڪادمي انعام جي رقم هن وقت ته پنجويهه هزار آهي، منهنجي اڪادمي انعام جي رقم پنج هزار هئي ۽ اهي پنج هزار، اڄ جي پنجويهن هزارن کان وڌيڪ ملهائتا هئا، گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ . مان چال ٽائيپ گهر ڇڏي، فلئٽ ۾ آيس مکيه ريت انهن پنجن هزارن جي ٻل ڪري ۽ فلئٽ مون پراپرٽي ٺاهڻ يا مرتبي وڌائڻ يا رهائش جي معيار وڌائڻ لاءِ نه ورتو. مجبور ڪيو ويو هوس ته گهر ڇڏڻ لاءِ، منهنجي فلم پوري ٿيڻ جي دور ۾ هئي ۽ هٿ تنگ هو منهنجو، گهر به ڏکيو پئي  هليو، ڀيڻ جي نوڪري ڪرڻ ڪري. حد جو حساب ان حقيقت مان پروڙي سگهجي ٿو ته کير واري چانهه صرف مون کي ملندي هئي ۽ مهمان مڙي لاءِ ٻه ڀاڄيون، پاڙي وارن سان ڀاڄيءَ جي اوٽ موٽ سان ميسر ٿي سگهنديون هيون! مون چال جي مالڪ کي چيو، ”جي مان ٿورا مهينا مسواڙ نه ڏيان ته هلندو ؟“ چيائين ”بلاشڪ فلم جي رليز ٿيڻ تائين نه ڏج.“ فلم رليز ٿي، هٿ تهائين تنگ ٿي ويو، قرضين جي ڇڪ ڪري. جڳهه مالڪ وڪيل کان نوٽيس ڏياريو  ته مهيني اندر بقايا پيار يا جڳهه ڇڏ.“ نوٽيس جي معياد ۾ ٽي ڏينهن پيا هئا جو هٿ پير هڻي، بقايا جي رقم کڻي هن وٽ ويس . چيائين ، ” وڪيل اجائي اُٻهرائي ڪئي آهي، رقم کڻي وڃ ، مان ويٺو آهيان نه .“ ۽ هفتي اندر ڪورٽ جو سمن آيو، ڇهين مهين کان مٿي وقت لاءِ مسواڙ پياري نه اٿئي، ڇو ڪين تنهنجي خلاف اجيڪشن، جڳهه خالي ڪرڻ جو آرڊر پاس ڪجي؟ مان ڀڳس پنهنجي ليکڪ – متر چندو لال جئسنگهاڻيءَ وٽ. هُو مفت ۾ منهنجو هڪ ڪيس اڳ ئي لڙي رهيو هو، مون هڪ سنڌي سڄڻ کي حيدرآباد ۾ صرف ٽن شوز هلائڻ لاءِ فلم ڏني هئي، هن آنڌرا ۽ مدراس ۾ نوَ شوز هلايا ۽ مون کي ٽن شوز لاءِ طئه ڪيل رقم به نه ڏني. مٿان پرنٽ موڪلي ئي نه، گهر خالي ڪرائڻ واري سمن بابت چندو لال چيو، ”مالهي، تون فڪر نه ڪر. مان ڏهه سال ڪيس اينگهائيندس، تون بقايا ۽ مهيني سر مهيني مسواڙ جي رقم ڪورٽ ۾ پياريندو اچ.“ مان هڪ دفعو به ڪورٽ ۾ نه ويس. چندو لال پنهنجي اسسٽنٽ معرفت تاريخون رکائيندو آيو . اڪادمي انعام جي رقم ملي، پرڪاش اسٽوڊيو مان آفيس بلي  ڪامپنسيشن مليو ۽ اُن وقت مالڪ مون کي منهنجي جڳهه بلي ملندڙ پڳڙيءَ جو اڌ آڇيو. مون فلئٽ ڳولهڻ شروع ڪيو ۽ ورتو به. عين موقعي تي لئنڊ لارڊ پڳڙي جو اڌ نه، چوٿون حصو ڏنو ؛ مهل تي هڪ متر فلئٽ لاءِ کٽل رقم اُڌاري ڏني. چندو لال ان وچ ۾ ويساهه گهات ڪندڙ ڊسٽريبيوٽر کان فلم جي پرنٽ ۽ بقايا قسطن ۾ پيارڻ جو ڪورٽ ۾ واعدو وٺرائي ڏنو. بقايا نه ملي، پوءِ به چندو لال جو ٿورو مڃڻ مراد آهي. هن جڳهه وقت به چيو، ” جڳهه رک پيسا مان ٿو ڏيانءِ . مالڪ کي مان ڪورٽ ۾ پنائيندو رهندس “ مون نه لئنڊ لارڊ کي پريشان ڪرڻ باسيو، نه سڄڻ جي آڇيل سڄي ٻانهن ورتي .

جتي ويساهه گهاتين جو وستار فراموش ڪيو اٿم، هيءُ ذڪر صرف سڄڻ جا شڪرانا مڃڻ سانگي ڪيو اٿم. ۽ بس .

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org